سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :28

 

واڍن جي پڙ وارا مشاعرا

حيدرآباد ۾ نهائين ۽ واڍن جي پڙن ۾ به مشاعرا ٿيندا هئا. ليکيراج عزيز انهن جو هيئن ذڪر ڪيو آهي انهيءَ ٽاڻي (ننڍپڻ ۾) مان حيدرآباد ۾ ميرچنداڻي گهٽيءَ ۾ رهندو هوس جنهن جي منهن تي سانول شاهه جو پڙ ۽ ٿورو  پرڀرو واڍن جو پڙ هو. نهائين ۽ واڍن جي پڙن جي مسجدن ۾ شعر و سخن جو چرچو جاري هو. قاسم، شاهه (فاضل شاهه)، عاجز، حافظ، (حافظ حيات شاهه) سڀ صاحب  ديوان شاعر اتيئي مقيم هئا. مذڪوره صاحبن مان فاضل شاهه ۽ قاسم اڳيئي آنجهاني ٿي چڪا هئا. مان ڪڏهن ڪنهن مهل مٿين صاحب جي مجلس ۾ وڃي مهر بلب ٿي ويهندو هوس. هو صاحب متانت ۽ فضيلت وارا هئا ڪنهن جي ڇا مجال جو سندن ڪچهري ۾ گستاخي ڪري يا اجائي آجپائي هلي. هو سخن چوندي ۽ ٻڌندي وقتي هڪ ٻئي تي چوٽون به ڪندا هئا ته داد  به ڏيندا  هئا مگر اهڙي سليقي سان جو اڳلو خوش ٿئي نه رنجيندو. (1)

 

انهن ڏينهن ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا تن ۾ جيڪڏهن ڪنهن شاعر کان ڪا سهو يا غلطي شعر ۾ ٿي ويندي هئي ته مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعر يا سامعين ان تي يڪدم گرفت ڪندا هئا. اهڙو بيان عزيز واڍن جي پڙ جي مشاعري جي سلسلي ۾ ٻڌايو آهي، ”مشاعري ۾ اڪثر شاعر هڪٻئي جي سخن تي نڪتچيني به ڪندا هئا. نموني طور هڪ واقعي جو ذڪر ڪريان ٿو. واڍن جي پڙ ۾ مشاعرو هو ۽ مان صدارت ڪري رهيو هوس، واصف مرحوم پنهنجو ڪلام ترنم سان پئي پڙهيو ۽ سامعين داد پئي ڏنو. شعر عرض ڪندي واصف صاحب ’هزارين لفظ جو اکر’ا‘ وزن ۾ مخدومف (هضم) ڪيو. مون اعتراض اٿاري چيو مانس ته واصف صاحب! ڪڏهن کان وڃين الف کي کائڻ جا عادي ٿيا آهيو؟.“ (2)

بزم مشاعره ميرپور ٺل

1922ع ۾ قادر بخش بشير پنهنجي ڳوٺ ميرپور ٻرڙي تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ مشاعره جو بنياد وڌو. عبدالڪريم گدائي جي چوڻ مطابق ”تقريباً سال 1933ع ميرپور تعلقي ٺل ۾ هڪ محفل بزم ادب مرحوم قادر بخش ’حقير‘ (بشير) جي ڪوشش سان قائم ٿي. جنهن ۾ پنڌرهن روزه مشاعرا ٿيڻ لڳا، جنهن ۾ راقم الحروف ۽ ٺل جا ڪيترا ان وقت جا نوان شاعر حصو وٺڻ لڳا. (1)

عبدالحي لوڌي جو چوڻ آهي ته ”ٺل جهڙي ننڍڙي شهر ۾ شاعري جي سوجهه ٻوجهه پيدا ٿي وئي ۽ مشاعرا منعقد ٿيڻ لڳا جنهن ۾ پهريون مشاعرون 15 مئي 1926ع ۾ ٿيو. (2)

 

سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته گدائي ۽ لوڌي ٻنهي کان صحيح سال ڏيڻ ۾ ڀل ٿي آهي.”ديوان بشير“ (قلمي) جي مٿان ڏنل حوالا ۽ تاريخون انهن سالن جي خلاف آهن. مثال طور آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 1925ع جون طرحون هن ريت هيون.ٿي سگهي ٿو ته مشاعرن جي ڪجهه سرد ٿيڻ کانپوءِ انهن سالن ۾ وري نئين طرح مشاعرا شروع ٿيا هجن.:

 

1-   مائل رهين سدائين بيداد جي طرف
2-   ارمان؛ ٿيو نه جانان جو ديدار ڪنهن طرح
(3)
15- مئي 1926ع واري مشاعري جي طرح هئي-

محفل اغيار جي ڪيئن تو کي الفت ٿي وئي

بزم مشاعره ميرپور ٺل جو هڪڙو مشاعرو جيڪو جناب سهران خان سرڪيءَ جي صدارت هيٺ 1933ع ۾ ٿيو هو ان جو انتخاب پيش آهي:

مصرح طرح:

سدا سرسبز هي رهندو عزيزو بوستان منهنجو.

انتخاب مشاعره (4)

عبدالڪريم ’گدائي‘:

 

ڦليو ڦوليو چمن پنهنجو ڏٺم تان هيءَ دعا نڪتي
سدا سرسبز هي رهندو عزيزو بوستان منهنجو.

 

’گدائي‘ جي دعاءِ نيم شب ۾ شل اثر ٿيندو
علاج دردِ دل پيدا ڪندو شل هي بيان منهنجو

 

غلام قادر ’قيس‘:

 

نه محتاج بيان آهي عزيزو داستان منهنجو
ٻڌايان خلق عالم کي مان ڇا درد نهان پنهنجو.

 

جي تنهنجي دل ۾ آهي ’قيس‘ خواهش وصل ليليٰ جي
ته ڪر ذوق طالب کي ۽ جنون کي  رازدان پنهنجو.

 

قادر بخش ’حقير‘ (بشير) :

 

عرب ايران ترڪي مصر ڪابل هند آفريڪا
ڏسو جاچي بحر بر ۾ ته هوندو آشيان منهنجو

 

خدايا همت و طاقت عطا ڪر جو حقير آهيان
دعا ڪيو اهل محفل شل خدا ٿئي نگهبان منهنجو.

 

حڪيم فتح محمد ’عزيز‘:

 

ڪئي آ پرورش پنهنجي پياري پاڪ پيغمبر
سدا سرسبز  هي رهندو عزيزو بوستان پنهنجو.

 

عزيزا عرض هي شب و روز مولا کي ڪر ويٺو
ته پهچي منزل مقصود تي هيءُ ڪاروان پنهنجو.

 

قاضي قادر بخش ’حڪيم‘:

 

نه مخفي آ ٿيل ساري جهان کان داستان منهنجو
آهي مشهور عالم ۾ اڃا نام و نشان منهنجو.

 

نه ساڙيندي  خزان ڪڏهن علم جو باغ دنيا ۾
سدا سرسبز  هي رهندو عزيزو بوستان پنهنجو.

 

عبدالرحمان ’شاد‘:

 

اکين مان اي عزيزو سور سارو آعيان منهنجو
پيارن ري ٿيو ويران آهي آشيان منهنجو.

 

پيا اڄ ’شاد‘ جي سيني اندر هيءُ داغ فرقت جا
ڪڏهن سرسبز هي ٿيندو خدايا بوستان منهنجو.

 

بزم ادب ڪراچي

1923ع ۾ غلام احمد نظامي جي ڪوشش سان اخوان هال شڪارپوري محلي ۾ سنڌي بزم ادب قائم ٿي (1). هن ڪم ۾ اوستو محمد رمضان اولادي، اوستو سليمان ’ڇتن‘، عبدالحليم ’عاجز‘، ڊاڪٽر محمد صديق ’خاڪي‘، اوستو حاجي، سيٺ محمد رمضان ’مشفق‘، عبدالرزاق سليمان، عبدالرحيم’غمگين‘ ۽ حبيب الله ’فڪري‘ سندس ساٿ ڏنو. ڪراچيءَ ۾ اهو پهريون ادبي ادارو هو جنهن پنهنجي بزم ۾ مشاعري جي شمع روشن ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي شاعرن کي مشاعرن کان واقف ڪيو ۽ غزل چوڻ جي ترغيب ڏني. هن بزم ۾ مشاعرن کان سواءِ ٻيون علمي ۽ ادبي مجلسون به ٿينديون هيون.

 

هن بزم جا سرگرم شاعر هئا- غلام احمد نظامي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شيخ عبدالله ’عبد‘، نور محمد ’نماڻو‘، ماستر هارون ’امير‘ ۽ علي محمد  ’مسڪين‘:

 بزم ادب ڪراچي جو بنياد غلام احمد نظاميءَ وڌو هو. سندس زندگيءَ ۾ هيءَ بزم ڪافي سرگرم رهي پر سندس وفات کانپوءِ جلد ئي هن بزم جون سرگرميون ختم ٿي ويون.

بزم ادب جا مشاعره پنڌرهين پنڌرهين ڏينهن ٿيندا هئا، جن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان شاعر پنهنجو ڪلام موڪليندا هئا. ڪن مشاعرن جون طرحون هي هيون (2):

 

1- مزو انگور جو ميخوار کان پڇ

2- يا الاهي شل هميشہ يار محفل ۾ رهي

3- زمانو سڄو بيوفا ٿي ويو

4- دامنِ صبر تار تار نه ڪر

5- دل جي دنيا ۾ محبت جو چمن آباد ڪر

(21 آڪٽوبر 1933ع

(16 ڊسمبر 1933ع

(20 جنوري 1934ع

(4 فيبروري 1934ع

(4 مئي 1945ع

 

بزم ادب جو هڪ مشاعرو 18 نومبر 1933ع تي ٿيو  هو، جنهن جي مصرع طرح هئي-

هي زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي

انتخاب مشاعر.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي:

هر دل پسند آهي هر  دل عزيز جاني
آهي نقاب اندر ته به بي نقاب آهي.

 

عمرِ عزيز گهاريان منجهه عشق ان جي ليڪن
هي زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي.
(1)

 

لعلچند ’مجروح‘:

 

زاهد  نه روڪ مي کان مستن ۽ ميڪشن لئه
ڇا جو گناهه آهي  ڇا جو ثواب آهي.

 

مي نوش زنده رهه تون، خوش راز عاشقانه
هي زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي.
(2)

 

هدايت علي ’نجفي‘:

 

تعبير جنهن جو ناهي، هي اهڙو خواب آهي
هي زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي.

 

هن ڪشمڪش جي جڳ ۾ غمگين منهنجي دل کي
ڏيندو قرار فرحت جامِ شراب آهي.
(3)

 

قادر بخش ’حقيقر‘ (بشير):

تو کي ڇو مرد مسلم غفلت جو خواب آهي
اغيار ڏس ته ڪهڙو ڪم تي شتاب آهي.

 

مولا تون رک معطر هردم حقير کي تيئن
دنيا ۾ مشڪ عنبر ۽ جيئن گلاب آهي.
(1)

 

حاجي محمود ’خادم‘:

هيءَ حب جا حبيبن هي ناز نازنين
هي خال خط سان چهرو هي حسن پڻ حسينن.

 

هي عشق عاشقن جو، ماڻو هي مہ جبين
هي هوس همنشينن هي ساز سوز سينن.

 

مطلب ته جو ڏسين ٿو خادم سو خواب آهي
هيءَ زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي.
(2)

 

غلام احمد  ’نظامي‘:

دنيا جو دؤر سارو، اي يار خواب آهي
ڏينهن چار عيش عشرت رنگ و رباب آهي
هي زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي.
(3)

 

محمد بخش ’واصف‘:

ويٺا پٽن تي آهن جي ها ڇٽن جا صاحب
دنيا ۾ پيو اچي اڄ سو انقلاب آهي.

 

لهرين کان حادثن جي بحر جهان ۾ ئي
هي زندگي اسان جي مثلِ حباب آهي.
(4)

 

بزم مشاعره ناري

دادو ضلعي ۾ باليشاهه اسٽيشن کان اٽڪل ٽي ميل درياه طرف ڪچي ۾ هڪڙو ننڍڙو پر سهڻو ڳوٺ ناري جي نالي سان آباد آهي. درياهه جي چاڙهه سبب هر سال ٻوڏ جو پاڻي هن ڳوٺ کي وڪوڙي ويندو آهي تنهن ڪري ٻوڏ کان بچاءُ خاطر ڳوٺ مٿاهن دڙن تي آباد آهي ۽ ڳوٺ جي چوگرد بند ٻڌل آهي- 25- 1924ع ۾ جمع خان غريب هن ڳوٺ ۾ هيڊ ماستر هو. سندس شوق سبب هن ڳوٺ جي نوجوانن ۾ شعر سان چاهه پيدا ٿيو ۽ هو لاڙڪاڻي جي مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. جتي ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور فقير جي صبحت انهن ۾ بزم قائم ڪرڻ جو چاهه پيدا ڪيو. 1924ع ۾ ماستر جمع خان غريب جي ڪوشش سان بزم ناري (شريف) جو بنياد وڌو ويو جنهن جو صدر ماستر جمع خان غريب ۽ سيڪريٽري سيد محمد تقي حنفي ٿيو. جلد ئي هن بزم چڱي مقبوليت حاصل ڪري ورتي جو لاڙڪاڻي، دادو ۽ حيدرآباد جا وڏا شاعر هن بزم جي مشاعرن ۾ پاڻ اچي شريڪ ٿيندا هئا يا شعر ڏياري موڪليندا هئا. سيد محمد تقي ٻڌايو ته هڪڙي مشاعري ۾ محمد بخش واصف هي شعر پڙهيو.

 

ڪوچئي يار مان ڇا تو کي ٿيو حاصل واصف
دل ڦرائي ميان ناموس وڃائي ويٺين.

 

ان تي هدايت علي نجفي  چيو، واصف صاحب ماجرا گهٽ بيان ڪيل آهي پوءِ هي شعر پڙهيائين:

 

ڪوچئه يار مان ڇا تو کي ٿيو حاصل نجفي
پٽڪو لهرائي ميان ڏاڙهي پٽائي ويٺين.

 

سيد محمد تقي شاهه ٻڌايو ته هڪ دفعي هڪ انعامي مشاعرو ڪيو ويو هو مصرع طرح هئي:

ري خدا ڄاڻي نه ڪوئي عظمت حضرت رسول

 

هن مشاعري ۾ حاجي محمود خادم به شريڪ ٿيو هو. ججن پهريون نمبر سندس شعر کي ڏنو ۽ کيس انعام مليو.

 

بزم ناري (شريف) جو ٽيون مشاعره 19 آڪٽوبر 1924ع تي ٿيو هو. مشاعره لاءِ طرح هئي:

تنهن جي درڪار سدا مهر عنايت مولا.

 

بزم ناري جو هڪ مشاعرو ڊسمبر 1924ع ۾ ٿيو هو مصرع طرح هئي:


علم ري خانن ۾  اڄڪلهه خانداني ڪا نه آهي


انتخاب پيش ڪجي ٿو:

انتخاب مشاعره (1)

غريب (جمع خان):

علم ري خانن ۾ اڄڪلهه خانداني ڪا نه آهي
تن ۾ ڪا  گفتارِ حق شيرين بياني ڪا نه آهي.

 

گهر دعا حق کان غريبا مومنن جي دل ٿي شاد
شڪر حق اڄ نا اميدي جي نشاني ڪا نه آهي.

 

حافظ محمد ’احسن‘:

 

علم ري خانن ۾ اڄ ڪلهه خانداني ڪا نه آهي
علم ڌاران ڪنهن به ڪم ۾ ڪامراني ڪا نه آهي.

 

شعر احسن هي ڏسي ۽ آفرين چوند و غريب
ملڪ ۾ اڄ شعر جي ڪا قدرداني ڪا نه آهي.

 

محسن(ماستر جان محمد ڳڙهي ياسين):

 

سود خورن جي چنبي ۾ جهل کان جيڪي پيا
تن جي دولت جيءَ سنڌ ۾ ڪا نشاني ڪا نه آهي.

 

قوم جي ماتم تي محسن ڪريان ها دفتر سياه
پر عزيزو منهنجي اڄ طبع رواني ڪا نه آهي.

 

ثاقب (محمد رمضان):

 

روم ۽ چين جي مٿان اڳ حڪم پنهنجو ٿي هليو
ٿي چيو غيرن ته هڪڙي حڪمراني ڪا نه آهي.

 

پر نصيحت شعر چو جو تا قيامت ٿي رهي.
تنهنجي ثاقب زندگاني  جاوداني ڪا نه آهي

 

صوفي  (شاهه محمد):

 

اڄ ڪرم ڪنهن ۾ الفت مهرباني ڪا نه آهي
مان ۽ ايمان جي ڪائي نشاني ڪا نه آهي.

 

دين جا دفتر ڇڏي تعليم کان تڙيا وتن
مان ۽ ايمان جي ڪائي نشاني  ڪا نه آهي.

 

حافظ (عبدالله وڳڻ):

 

علم ري خانن ۾ اڄ ڪلهه  خانداني ڪا نه آهي
علم ري تن جي ته زيبا زندگاني ڪا نه آهي.

 

دوستن ۾ مهر جيڪا ۽ محبت ٿا ڏسون
مائٽن ۾ حافظا سا مهرباني ڪا نه آهي.

 

حقير (قادر بخش):

 

هر برادر ۾ ويو آ جن جهيڙي جو لڳي
قرب الفت ۽ مروت مهرباني ڪا نه آهي.

 

عمر ڪلئي برباد تو حرص و هوا ۾ اي حقير
ڪا خدا جي  ورد تنهنجي ورد خاني ڪا نه آهي.

 

’حنفي‘ سيد محمد تقي:

 

چرخ ظالم جي اسان تي مهرباني ڪا نه آهي
هاءِ فرحت ۾ اسان جي زندگاني ڪا نه آهي.

 

باغث لا علمي عزت ڪا نه ٿي ڪائي  ملي
علم ري خانن ۾ اڄڪلهه خانداني ڪا نه آهي.

 

بزم مشاعره صوفي

شاهه محمد صوفي پنهنجي وقت جو چڱو  شاعر ٿي گذريو آهي. هن کي شعر و شاعري سان گهڻي دلچسپي هئي. هن جا تعلقات بزم مشاعره لاڙڪاڻو ۽ بزم مشاعره ناري جي بانين سان گهرا ۽ گهاٽا هئا. صوفي شاهه محمد انهن بزمن جي اثر هيٺ 1924ع ڌاري بزم مشاعره صوفي جو ميهڙ ۾ بنياد رکيو. بزم مشاعره صوفي جي ڪارروائي مان معلوم ٿو ٿئي ته 1924ع ۾ بزم جا هيٺان عهديدار هئا. (1)

رئيس قادر بخش

رئيس عبدالفتاح  (ولد شمس الدين بلبل

شاهه، محمد صوفي

ماستر عبدالقادر

حاجي حافظ علي اڪبر شاهه

صدر

نائب صدر

سيڪريٽري

خزانچي

آڊيٽر

 

بزم مشاعره صوفي گهڻن سالن تائين نهايت سرگرم رهي ۽ باقاعده ماهوار مشاعره ڪوٺائيندي رهي، جي گهڻو ڪري ميهڙ ۾ شوڪت پرنٽنگ پريس جي ايوان ۾ ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مشاعره باليشاهه ۽ ناري ۾ به ٿيندا هئا.ڪجهه وقت لاءِ بزم مشاعره ناري ۽ بزم مشاعره صوفي کي ملائي هڪ ڪيو ويو ويو پر پوءِ ٻئي وري جدا ٿي ويا، اهڙو اطلاع سيد محمد تقي شاهه اخبارن ۾ شايع ڪرايو هو. “ ڪو وقت هو جو ناري شريف ۾ بزم مشاعره قائم ڪيو ويو هو اهو مشاعرو ’صوفي سنڌ‘ مشاعري سان گڏ ميهڙ منتقل ٿيو.......... ارادو ڪيو آهي ته ناري شريف ۾ وري مشاعره قائم ڪيو وڃي.“ (1)

 

بزم مشاعره صوفي جي طرفان جيڪي مشاعره ڪيا ويا انهن مان ڪن مشاعرن جون طرحون هي هيون- (2)

ڇو  ڪيو آ تيز هن خنجر جفا جي واسطي (جنوري 1927)

هر گز مريض عشق کي ٿيڻي شفا نه آ (اپريل 1927ع)

خدا وه جا بنائي نور مان صورت محمد جي (آگسٽ 1927)

آه ٻيهر عشق جو دل ۾ اثر پيدا ٿيو (ڊسمبر 1927)

پريشان حال ڇا مون کان زياده هوندوسوسن جو (آگسٽ 1928ع)

ساڻ منهنجي رهن پيارا تاقفس گلزار آ (مارچ 1929))

ڪري هن درد قومي جو عزيزو ڪو طباعت اڄ (آڪٽوبر 1930ع)

اوهان جي لب هلائڻ ۾ منهنجي مشڪل ڪشائي آ (جولاءِ 1932ع)

زهي گلزار عالم بهارِ بي خزان آيو (اپريل 1938ع)

بزم مشاعره صوفي جي هڪڙي مشاعري جو انتخاب ڏجي ٿو جيڪو 19 سيپٽمبر 1926ع تي منعقد ٿيو هو. مصرع طرح هئي.

 

خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي

 

انتخاب مشاعره (1)

جمع خان ’غريب‘:

 

موهجي پيو ملڪ سارو، تنهنجي شوڪت شان تي
ناز تي انداز تي گفتار تي رفتار تي.

 

هن بت ڪافر جي الفت جو ٿيو آخر اثر
زهد تي ايمان تي تو به تي استغفار تي.

 

حافظ عبدالوهاب ڪنڀار:

 

حسن تنهنجي دلبر آڻي اندر گلشن وڌو
شرم  نرگس جي مٿان ۽ داغ لاله زار تي.

 

سڀ اميدون ڪين لاٿم وصل جون دلبر منجهان
نيٺ رکندو مهر جا محبوب ڪٿ ڪنڀار تي.

 

حافظ محمد ’احسن‘:

 

رشڪ يوسف ناهي تنهنجو ڪوئي ثاني درجهان
خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي.

 

دلربا جي هجر جو غم، عيش عشرت کان وڌيڪ
وصل جا صد روز قربان، هجر جي هڪ وار تي.

 

محمد بخش ’واصف‘:

 

هي قسم سڀ تنهنجي اک جو جرم پنبڻين جو نه آهي
ظلم لشڪر جو، اچي الزام ٿو سردار ٿي.

 

ريس کان زلفن جي سنبل ڏسجي ٿو منجهه پيچ تاب
خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي.

 

علي حيدر ’حيدري‘ ملڪاڻي:

 

وصل جي اميد تي عاشق ٽڙن ٿا اڄ ائين
جيئن ٽڙي ٿي باغ ۾ بلبل پئي گلزار تي.

 

پاند پائي، ڪنڌ نوائي، عرض آزيون مون ڪيون
پر سڄڻ هر دم آ  ويٺو تيار ٿيو انڪار تي.

 

تاج محمد ولد مولوي محمد صديق ٻٽڙا:

 

خار گل  کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي
لک ٿيا عاشق ديوانا تو سندي سينگار تي.

 

ڪر نظر تاج محمد تي مٺا شفقت سندي
سر جهڪائي ٿو صنم سهڻا سندءِ پيزار تي.

 

 

شاهه محمد ’صوفي‘:

 

بلبلا ڀلجي پيا تنهنجي سڄڻ سينگار تي
خار گل کائن ٿا گلشن ۾ تنهنجي رخسار تي.

 

راز تنهنجو جن  تي آيو مست ۽ مخمور ٿيا
شمس تي منصور تي صوفي مٿي عطار تي.

 

بزم بلبل مشاعره

 

بزم بلبل مشاعره سنڌ جي مشهور شاعر شمس الدين ’بلبل‘ جي ياد ۾ 1925ع ۾ ميهڙ ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن بزم جو پهريون صدر رئيس عبدالفتاح (ابن بلبل) هو. ان جي وفات کانپوءِ صدر رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘ ٿيو ۽ سيڪريٽري صوفي شاهه محمد هو. شاهه محمد صوفي جو چوڻ آهي ته ”مون 1925ع کان صوفي ۽ بلبل مشاعرا ميهڙ ۾ ڪيا هئا جو اڄ تائين جاري آهن. جنهن ۾ مون رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘ بلبل ثاني سان گڌ ڪم هلايو ۽ مان سيڪريٽري رهيس. (1)

ڪڏهن ڪڏهن بزم بلبل ۽ بزم صوفي جا گڏيل مشاعرا به ٿيندا هئا. اهڙو هڪڙو مشاعرو 29 سيپٽمبر 1946ع تي ٿيو هو. طرح هئي. (2)

”اڄ فقط بلبل نه پر خود باغبان چڪر ۾ آهه“
بزم بلبل جي مشاعرن جون ڪي  طرحون هيون-

 

آهه لطف ڪهڙو غريب الوطني ۾ (جون 19389 )

تون پڇڻ ڀي ڪين آئين عاشق بيمار وٽ

 

بزم بلبل طرفان 1949ع ۾ ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنس ميهڙ  ڪوٺائي وئي هئي، جنهن جي صدارت وزير تعليم پيرالاهي بخش ڪئي هئي، 

1950ع ۾ بزم بلبل طرفان منعقد ڪيل شاعرن جي ياد قائم رکڻ لاءِ ”بوستان بلبل“ نالي ننڍڙو رسالو جاري ڪيو ويو هو. جنهن ۾ بزم بلبل جي مشاعرن ۾ پڙهيل شعرن جو انتخاب ڏنو ويندو هو. رسالي جو سرپرست ضياءُ الدين ۽ ترتيب ڏيندڙ جمع خان ’غريب‘ هو. اهڙي هڪڙي رسالي ۾ هيٺين ٻن طرحن جا مشاعرا ڏنل آهن.

 

بهار آيو چمن ۾ بلبل تازا ترانا ڪيا
2-   ٿيو چوٻول چوڌاري هي دور خوبتر آيو

 


 


(1)  ليکراج ’عزيز‘ ماهنوار نئين دنيا 6 سيپٽمبر  1971، بمبئي ڀارت مضمون ”ڪلهه جي ياد . ص 8-9.

(2)  ليکيراج عزيز- ”نئين دنيا – سيپٽمبر 1971ع- بمبئي، ڀارت مضمون ڪلهه جي ياد- ص 15.

(1)  عبدالڪريم گدائي- ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“- پاڪستان اليڪٽرڪ پريس جيڪب آباد 1965ع- ص 69.

(2 عبدالحي- اي- لوڌي- ”مرحوم قادر بخش جي شاعري“ (قلمي)- سنڌالاجي مونو 1962ع- ص 14.

(3)  ”ديوان بشير“ (قلمي)- (ملڪيت اظهر شاهه گيلاني- گهوٽڪي، ص 42.

(4)  ”الوحيد”“ تاريخ 30 1933ع- ص 4.

(1)  حبيب الله فڪري- ”تحفہ ڪراچي“ –الوحيد پرنٽنگ پريس ڪراچي 1955ع ص 6.

(2)  بزم ادب جي مشاعرن جون طرحون ”الحقيقت“ اخبار ۾ شايع ٿيل مختلف ڪاررواين مان ورتل آهن.

(1)  ”نئين زندگي“ ڪراچي- ڊسمبر 1957- (تصويرون وارو صفحو)

(2)  لعلچند مجروح ”ديوان مجروح“ (قلمي) ملڪيت غلام نبي شيخ لاڙڪاڻو

(3)  ”ذوالفقار“ (هفتيوار گهوٽڪي) 12- آگسٽ 1963ع- ص 4.

(1)  عبدالحي. اي- لوڌي ’مرحوم  قادر بخش جي شاعري‘ (قلمي)- سنڌالاجي 1961ع ص 18.

(2)  محمود خادم ”ڪليات خادم“ (قلمي)- ملڪيت محمد علي قريشي لاڙڪاڻو- ص 98.

(3)  ”بياض نظامي“ (ٻيو ايڊيشن)- ڇاپائيندڙ جميعت الشعراءِ سنڌ- ص 54.

(4)  محمد بخش واصف ”ڪليات واصف“- (قلمي) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ- ص 221.

(1)  الوحيد ڪراچي تاريخ 4 جنوري 1925ع، ص 4.

(1)  بزم مشاعره صوفي (ڪار گذاريون قلمي) ملڪيت  اياز حسين قادري لاڙڪاڻو

(1)  الوحيد ڪراچي تاريخ  12 نومبر 1932ع ، ص 6.

(2)  بزم مشاعره صوفي (ڪر گذاريون قلمي) ملڪيت اياز حسين قادري لاڙڪاڻو

(1)  بزم مشاعره صوفي (ڪار گذاريون) سنڌالاجي.

(1)  شاهه محمد صوفي- ’رئيس شمس الدين بلبل‘- ”نئين زندگي“ آڪٽوبر 1965ع- ص 28.

(2)  بزم صوفي (ڪار گذاريون قلمي) سنڌالاجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org