سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:5 

شڪارپور جي جڳن ناٿ لائبريري جي ھال ۾ ڊاڪٽر عامر عباس سومري سان ملاقات ٿئي ٿي، عامر عباس، سنڌ جي ھڪ مھان شخص شھيد الله بخش سومري جو پوٽو آھي. ھو صاحب شھيد الله بخش سومري جي فرزند عبدالصمد سومري جو پٽ آھي ۽ سندس امڙ روشن آرا مغل جي ماسات يعني اقبال بيگم جي ڀيڻ ھئي. ھو مون کي پنھنجي آئي فون ۾ سيو ٿيل روشن آرا مغل جا ڪجهه فوٽا ڏيکاري ٿو. مون ھن مھل تائين روشن جو فقط ھڪ فوٽو ڏٺو ھو، جيڪو نئين زندگي ۾ شايع ٿيو ھو. پر روشن جا ھي فوٽا ڏسي آئون دنگ ٿو رھجي وڃان. روشن واقعي ھڪ خوبصورت عورت ھئي، جيڪا جوانيءَ ۾ ھن دنيا کي الوداع ڪري ويئي. عامر عباس پاڻ به ادب دوست آھي.

مون کي خبر آھي ته ڊاڪٽر عامر عباس جي والده محترمه ثريه بيگم زال عبدالصمد سومرو، روشن آرا مغل جي سڳي ماسات ۽ شيخ اياز جي ٻي زال اقبال جي ننڍي ڀيڻ آھي، سندن والده جو نالو خيرالنساء هو. ان ڪري جڏھن آئون ڊاڪٽر صاحب کان روشن بابت سوال ٿو ڪريان ته ”اوھان پنھنجي والده جي واتان روشن جو ڪھڙو ذڪر ٻڌو!“ ته ھو ٻڌائي ٿو، ”امان ٻڌائيندي ھئي ته روشن کي زھر ڏنو ويو ھو، ڇاڪاڻ ته تعليم کاتي ۾ ھوءَ پھرئين سنڌي عورت ھئي، جيڪا تڪڙي ترقي ڪري وڃي انسپيڪٽر اسڪول جي عھدي تي پھتي ھئي، جڏھن ھوءَ سيلون مان واپس آئي ته ھن جي طبيعت خراب ھئي. بلڪ سيلون ۾ ھن جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي ھئي. دراصل ھوءَ پنھنجي مڙس جي طبيعت کان مطمئن ڪونه ھئي. اڪثر پنھنجي مڙس اسحاق خواجي کي چوندي ھئي، ”تون طبيعت ۾ بلڪل رومانٽڪ نه آھين.“ ھوءَ پنھنجي مڙس کان ڏاڍي مايوس ٿي ويئي ھئي. ھن جو پھريون علاج شڪارپور جي مشھور شخصيت ڊاڪٽر ساران صديقي ڪيو ھو، جيڪا پڻ ڪراچيءَ ۾ رھندي ھئي. وڏي اھم ڳالهه ته جڏھن روشن آرا مغل گذاري ويئي ته سندس مڙس اسحاق خواجي ٻي شادي ھڪ اھڙي مائي سان ڪئي، جيڪا ھن جي ڪميونٽي جي ھئي. پر اھا اسحاق سان سدائين پئي وڙھندي ھئي. انھيءَ عورت کارادر جي فليٽ ۾ موجود روشن آرا مغل جا سمورا فوٽا ڦاڙي اڇلائي ڇڏيا ھئا. ويندي ھن جا ڪاغذ پٽ، يادگار شيون سڀ ناس ڪري ڇڏيون. کارادر جي انھي فليٽ جي ھيٺان ھڪ خواجه عورت رھندي ھئي، جنھن اھا ڳالهه ٻڌائي ھئي، ان عورت  ھڪ ڦاٽل فوٽو رستي تان کنيو ھو، جيڪو ڪنھن اخبار ۾ شايع ٿيو ھو.“

ڊاڪٽر عامر عباس مون کي ٻڌائي ٿو، ”اوھين ڪجهه معلومات مونس اياز کان به ڇو نٿا وٺو!“ آئون ھن کي ٻڌايان ٿو ته ”ڊاڪٽر صاحب زندگي به ڏاڍي عجيب آھي، روشن آرا مغل جي وفات کان پوءِ اسحاق ته ٻي شادي ڪئي پر روشن آرا ڪيترا ڀيرا حفيظ شيخ جي اڳيان چيو ھو ته ”جيڪڏھن اسحاق مري ويندو ته آئون ٻي شادي ھرگز نه ڪنديس!“ اھو ھن جو پڪو ۽ پختو ارادو ھو. پر مرد تي ڪھڙو اعتبار آھي، ان بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي“، ۽ پوءِ آئون روشن آرا جي فوٽن ۾ کوئجي ويو ھوس.

*****

ھتي ئي ٿو ياد اچي مون کي پنھنجو ھڪ دوست حميد جعفري، جيڪو اڄ ھن جھان ۾ موجود ڪونھي. دوست حميد جعفري، پڙھيل لکيل اديب ھو. ورھين کان ھن سان دوستي ھئي، مشھور ليکڪا خير النسا جعفريءَ جو مامو ھو. خاص طور تي اردو ادب جو وڏو مطالعو ڪيل ھوس ۽ شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر جو ته عاشق. اڪثر مون وٽ ايندو ھو، نه ته فون تي مون سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھري ڪندي گذرندا ھئس. تلھار جھڙي شھر ۾ رھندي به خبر ناھي ڪيئن ھر نئون سنڌي ۽ اردو ڪتاب خريد ڪري پڙھندو ھو. ڪجهه وقت اڳ شيخ اياز جي آتم ڪٿا جو اردوءَ ۾ ترجمو ”کہیں بھی راہ میں منزل نہ ہوگی‘‘ جي عنوان سان ڪيو ھئائين. اھو ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي جي ادب دوست ڊائريڪٽر جنرل منظور قناصري جي ڪوشش سان شايع ٿيو ھو. انھيءَ ڪتاب کي اڪيڊمي آف ليٽرز طرفان انعام ڏنو ويو. تڏھن حميد جعفري دل جي تڪليف سبب ھوائي جھاز جي سفر ڪرڻ کان لاچار ھو. ان ڪري پنھنجي ڪنھن نوجوان مائٽ سان گڏ انعام وٺڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي رائيٽرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ آيو ھو ۽ اھو سندس آخري سفر ھو. ڇاڪاڻ ته ستت ئي پوءِ دل بيھڻ سبب تلھار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اھا ڪانفرنس سال 2017ع جي 8،7،6،5 ۽ 9 جنوري تي ھالي ڊي ان ھوٽل اسلام آباد ۾ ٿي ھئي. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو اڪيڊميءَ جو چيئرمين ۽ محترم نواز سولنگي ھو، ڊائريڪٽر اڪيڊمي آف ليٽرز. انھن پنجن ڏينھن ۾ مون حميد جعفريءَ سان گهڻو وقت گذاريو. ھو به شيخ اياز جو عاشق ته مون کي به اياز سان محبت ڪا لڪل ڳالهه ڪونھي. ڪانفرنس ۾ ھڪ سيشن شيخ اياز جي حوالي سان رکيو ويو. انھيءَ سيشن ۾ شيخ اياز بابت ڊسڪشن ۾ سنڌ مان مون کي اسٽيج تي ويھاريو ويو. سڄو ھال ماڻهن سان ڀريل ھو. حميد جعفري به ھال ۾ ويٺو ھو، ڪشور ناھيد سميت اردو جا ڪيترا وڏا اديب به ھال ۾ موجود ھئا. سيشن کي قاسم ٻگهيو ڪنڊڪٽ ڪري رھيو ھو.

سيشن ختم ٿيڻ کان پوءِ حميد جعفري ڀاڪر پائي اچي مون سان مليو ۽ پوءِ اسان لائونج ۾ ويھي اياز بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين. چوڻ لڳو، ”توھان اياز بابت تمام زبردست ڳالهايو.“ مون تڏھن اياز تي ھڪ ڪتاب پئي لکيو. ڳالهيون ڪندي شيخ اياز جي پھرئين عشق بابت ڳالهه نڪتي، مون کيس ٻڌايو، ”حميد آئون شڪارپور گهڻو وقت اڳ غالباً سال 1982ع ۾ روشن آرا مغل جو گهر ڏسي آيو ھوس، جنھن تي روشن ريزيڊنسي جي اڇي تختي لڳل ھوندي ھئي. اھا ئي روشن آرا مغل، جيڪا، اياز سان شڪارپور جي سي.ايس ڪاليج ۾ پڙھندڙ انتھائي خوبصورت اڪيلي ڇوڪري ھئي. ان تي حميد ٻڌايو ھو، ”ادا، اھا عورت مون ننڍڙي ھوندي ڏٺي ھئي.“ مون تعجب مان ھن کان سوال ڪيو ته ”حميد، توھان ڪڏھن ڏٺو ھن کي؟ ھوءَ ته سال 1955ع ۾ گذاري ويئي ھئي؟“ ھن آھستي وراڻيو، ”ھا ادا مون ھن کي ڏٺو ھو، تمام ھلڪي يادگيريءَ اٿم. آئون تنھن وقت اٺن سالن جو ھئس ته بابا مرحوم ۽ امڙ سان گڏجي ڪراچي آيا ھئاسين. اتي اسحاق خواجه جيڪو اسان جو مائٽ ھو، پنھنجي خوبصورت زال ريشم سان گڏجي بابا وارن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو ھو، پر تڏھن خبر نه ھئي ته اھا عورت روشن آرا مغل آھي، جنھن کي سڀ ريشم ڪري سڏيندا ھئا. گهڻي وقت کان پوءِ مون کي اھا ھورا کورا رھي ته آئون روشن ۽ اسحاق جو اھو فليٽ وڃي ڏسان، جيڪو ڪراچيءَ جي کارا در واري علائقي ۾ ھو، پر ڪيتري ڳولا ڪرڻ بعد ۾ آئون اھو فليٽ نه ڳولي سگهيس، جنھن جي ھيٺان پريان کان پان جي مانڊليءَ وٽ اياز ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺو ھوندو ھو ته روشن جي ھڪ جهلڪ ڏسي سگهان. مون کي خبر آھي ته اوھان ڪراچيءَ ۾ حشو ڪيولراماڻي جو فليٽ ڳولي لڌو ھو، جيڪو شايد شيخ اياز ئي اوھان کي وڃي ڏيکاريو ھو، اھا عادت مون ۾ به اٿؤ.“

”واقعي حميد صحيح ٿو چوين. منھنجي دل ۾ اھا خواھش سدائين رھي آھي ته آئون انھن ماڻهن جا گهر وڃي ڏسان، جيڪي منھنجا آئيڊيل رھيا آھن، جيئن ڪوٽڙيءَ ۾ موھن ڪلپنا، حيدرآباد ۾ ساڌو ٽي ايل واسواڻي، ڄيٺمل پرسرام، پوپٽي ھيراننداڻي، ايشور چندر، ليکراج عزيز، گني سامتاڻيءَ، واشديو سنڌو ۽ ھيري ٺڪر جا گهر ڳولي لڌا ھيم.“ مون وراڻي ڏني.

”ھا، اوھان جي انھي شوق مون ۾ به اتساھه وڌايو آھي، بھرحال گهڻي وقت کان پوءِ جي ڳالهه آھي، ته منھنجو ھڪ پراڻو ننڍپڻ جو دوست ۽ مائٽ علي رضا، آمريڪا کان ھڪ مھيني لاءِ گهمڻ ڪراچي آيو ۽ کاري در جي ھڪ فليٽ ۾ اچي ترسيو. سندس ٻڌايل ايڊريس تي آئون ھن سان ملڻ ويس. اتي ڳالهين دوران مون کانئس پڇيو، ”يار علي، مرحوم اسحاق خواجه ته تنھنجو سڳو مامو ھو ۽ روشن آرا مغل، جنھن کي ريشم ڪري سڏيندا ھئا، شادي ڪئي ھئي ۽ ڇا توکي خبر آھي ته اھي ٻئي ھتي ڪھڙي فليٽ ۾ رھندا ھئا. ڇا اُھو فليٽ اڃا موجود آھي؟“

ھُن چيو ته، ”اھو فليٽ اڄ به موجود آھي!“ مون کي اھو ٻڌي ڏاڍي تعجب مان ھُن کي چيو، ”يار، اُٿي ھلي مون کي اھو فليٽ ڏيکار!“ ھن مُرڪي چيو، ”ڀائو، ايترو اتاولو نه ٿيءُ... اھو فليٽ ڪيڏانھن ڀڄي ڪونه ٿو وڃي.“ پوءِ ھن پنھنجي سگريٽن جي پاڪيٽ مان ھڪ سگريٽ ڪڍي مون کي ڏنو ۽ ٻيو پاڻ کڻي ماچيس جي تيلي ٻاري منھنجو ۽ پنھنجو سگريٽ دکايو، پوءِ سگريٽ جو ھڪ وڏو ڪش ھڻي چيو، ”حميد، جنھن ڪمري ۾ پاڻ ويٺا آھيون اھو روشن ۽ اسحاق جو بيڊروم ھو ۽ پاسي وارو ڪمرو سندن ڊرائينگ روم ھو. ھي فليٽ اڄ به اسحاق مرحوم جي پٽن جي ملڪيت آھي، جيڪي اسحاق جي ٻي گهر واري مان ھئا، جنھن مائيءَ سان اسحاق روشن جي وفات کان پوءِ شادي ڪئي ھئي.“

مون حميد کان سوال ڪيو، ”ڇا اسحاق کي ٻي شادي مان اولاد به ٿيو ھو“ ھن ٻڌايو، ”ھا ادا، اسحاق جي ٻي شادي ٿي ھئي، جنھن مان ٻه پٽ ٿيا ھئس. پوءِ جڏھن آئون دوست علي رضا کان موڪلائي فليٽ کان ھيٺ لٿو ھوس، ته سامھون فوٽ پاٿ تي بيھي، ڪيتري دير تائين انھيءَ فليٽ کي غور سان ڏسڻ لڳو ھوس، جنھن جي ھيٺان بيھي اياز ڪلاڪن جا ڪلاڪ سگريٽ ڇڪي، روشن کي ڏسڻ لاءِ بيٺو ھوندو ھو.

*****

ڇا روشن آرا به اياز سان پنھنجي محبت ڪا ختم نه ڪري سگهي ھئي؟ مون کي محسوس ٿو ٿئي ته اياز مجبوريءَ سبب ھن سان شادي نه ڪئي ته ھوءَ پنھنجي زندگيءَ کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ۾ مشغول ٿي ويئي. چون ٿا ته شادي کان پوءِ ھوءَ بظاھر اياز جو ذڪر ٻڌڻ ۽ ڪرڻ کان پاسو ڪندي ھئي. اياز جي لکڻ موجب ته ڪراچي جي ميٺارام ھاسٽل ۾ نور الدين سرڪيءَ جي روم ۾ ڪائي ادبي ويھڪ ھئي. ان ۾ غلام رباني آگري شرارت ڪري اياز جو فوٽو ٽنگي ڇڏيو. جڏھن روشن آرا روم ۾ داخل ٿي، سامھون ھن اياز جو فوٽو اونڌو ڪري رکي ڇڏيو ھو. ھڪ پاسي روشن جو ڀاڻيجو گلزار ٿيٻو چوي ٿو ته روشن اياز جو نالو به ٻڌڻ پسند نه ڪندي ھئي، پر ٻئي طرف اياز پنھنجي آتم ڪٿا ۾ تحرير ڪيو آھي ته روشن جي ماسات اقبال بيگم سان سندس پھرئين تڏھن ملاقات ٿي جڏھن اقبال بيگم، روشن آرا جي وفات بعد شڪارپور مان اُھي تحفا پاڻ سان گڏ سندس سکر واري ڪوئنس روڊ جي آفيس ۾ کڻي آئي ھئي، جيڪا روشن اياز لاءِ آمريڪا مان آندا ھئا.

ھڪ ڀيرو غلام رباني آگري مون کي ٻڌايو ھو، ”روشن ۽ اقبال بيگم جي معاملي ۾ ڏوھاري خود اياز آھي!“ ھاڻ رباني صاحب جو جيتريقدر تعلق آھي ته ھُو پڇاڙڪي ڏينھن ۾ اياز تي ڏاڍو ڏمريل ھوندو ھو. ان ڪري ڪيتريون اھڙيون ڳالهيون ڪندو ھو، جن کي تحرير نٿو ڪري سگهجي. ھن اياز تي لکيل خاڪي ۾ وري اھو لکيو آھي ته ”روشن ان ڪري اياز سان شادي نه ڪئي، جو ھُن جا عام ڇوڪرين وانگر وڏا خواب ھئا ۽ اياز تنھن وقت ھڪ غريب ماڻهو ھو.“ ھاڻ وڌيڪ خبر خدا کي. ڇاڪاڻ ته اڌ صدي گذرڻ بعد، ڪيتريون حقيقتون ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. پر بھرحال اھي سموريون ڳالهيون جيڪي شاعر جي حياتي سان تعلق رکن ٿيون، انھن کي لکت ۾ ضرور آڻڻ گهرجي. جيئن عرض ڪيم ته مني صدي اڳ جي دور کي جاچڻ ۽ ان مان ڪجهه حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي، وڏي ڳالهه ته اسان جي سنڌي ادب ۾ اھڙيون روايتون قائم ٿي نه سگهيون آھن، جو اديبن بابت ويھي سڀ ڪجهه ڳولا ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري ادب جو حصو بنائجي!

مشھور اديب نور الدين سرڪي ھڪ ڀيرو، دوست نصير مرزا کي انٽرويو  ۾ ٻڌايو:

”آئون شڪارپور مان ھاير تعليم لاءِ پاڪستان ٺھڻ کان ٻه مھينا اڳ 1947ع ۾ ڪراچي پھتو ھئس. ان زماني ۾ حفيظ شيخ ھتي ڪونه ھو. ھا! شيخ اياز اڳ ئي ھتي موجود ھو ۽ ڊي جي ڪاليج ۾ بي اي ۽ ايل ايل بي پڙھندو ھو. تعليم سانگي احسان بدوي به شڪارپور مان مون سان گڏ آيو ھو. شيخ اياز سان اسان ٻنھين جي شڪارپور واري دور کان دوستي ھوندي ھئي. 47 وارو سڄو سال اسان جو پاليٽيڪس ۾ گذريو. جو آءٌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جوائنٽ سيڪريٽري ھوندو ھئس. 48 ۾ جنوريءَ ڌاري فساد کڙا ٿي ويا. مھاجر اچڻ سان سنڌي ھندن کي ڦرڻ لٽڻ ۾ لڳي ويا. ھي افراتفريءَ جو اُھو زمانو ھو، جڏھن ميٺارام ھاسٽل خالي ٿي چڪو ھو ۽ اسان شڪارپورين ۽ ٻين، ھاسٽل جا دروازا کولي جنھن کي جيڪو ڪمرو ھٿ لڳو، وڃي آڪيو پاءِ ڪيوسين. منھنجي حصي ۾ جيڪو ڪمرو آيو ان جو نمبر ھو 74. ڪمري جي حوالي سان آرٽسٽڪ ڳالهه ھيءَ آھي ته اُن جي ھڪڙي پاسي ڀت ئي ڪانه، اُن جي جاءِ تي ڊانسنگ گرل جو ھڪڙو وڏو پوسٽر لڳل ھوندو ھو. ھي تصوير بلڪل اُھا ئي تصوير ھئي جنھن ۾ عمر خيام جي رباعي جھڙو ماحول ڏيکاريل ھوندو آھي. عربي رقص، شراب جي صَراحي ۽ ساقي. سال1948ع، وارو سڄو سال شيخ اياز منھنجي ان ڪمري ۾ رھيو جو، ھن وٽ رھڻ لاءِ ڪا ٻي چڱي جڳهه ڪانه ھئي. پھرين شايد ھُو ڪنھن ٻئي ھنڌ رھندو ھو ۽ ان وچ ۾ ھن Law ڪري ورتو ھو ۽ جن ڏينھن ۾ مون سان گڏ رھندو ھو، P.W.D ۾ ڪلارڪي ڪندو ھو. ڇاڪاڻ ته اُتي کيس ڪرڻ لاءِ ڪم ڪار ھوندو ئي ڪونه ھو. ان ڪري سڄو ڏينھن ڪتاب پڙھندو ۽ راتين جو گهمندو وتندو ھو. رات جا جيڪي چار پھر گڏبا ھئاسين ته آڌيءَ آڌيءَ تائين ويٺا، چرچا ڀوڳ ڪندا ۽ ھڪ ٻئي کي ويٺا کلائيندا ھئاسين. اھڙي سنگت ۾ احسان بدوي ۽ ڪي ٻيا دوست به گڏ ھوندا ھئا. اُنھيءَ زماني جو واقعو آھي ته صبح جو اٿڻ سان شيخ اياز جي ھٿ تي پٽي ٻڌل ڏٺم. پڇو مانس: ”ھي ڇا؟“ چيائين: ”ڏنڀ ڏنو اٿم پاڻ کي.“

پڇيم: ”ڇو؟“

اياز چيو: ”ڪالهه روشن مغل ملي ھئي بندر روڊ تي.... وڌي وڃي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو مانس. چيائين ھي ڇا ٿو ڪرين....! ڇڏ ڇڏ، اسحاق ساڻ ٿو اچي.“ بس ان انڪار تي صدمي ۾ سگريٽ سان پاڻ کي ڏنڀ ويھي ڏنا اٿم.

چيومانس: ”اياز! روشن سان ايتري محبت ھيئي ته پوءِ ساڻس شادي ڇو نه ٿي ڪيئي؟“ اياز منھنجي ان ڳالهه جو جواب ڏيندي چيو، ”منھنجي سڄي مھيني جي ھڪڙي پگهار ھن جي ھڪڙي ساڙھيءَ جي قيمت کان به گهٽ آھي. اھڙي صورت حال ۾ ھن سان شاديءَ جو ته سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.“

نور الدين سرڪيءَ ٻڌايو، ”سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون 1953ع کان شروع ٿيون. ڪجهه سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڻ ٿيون، انھن ھڪ اڌ سنگتن ۾ روشن آرا مغل به آئي ھئي، بس اتي ئي روشن کي حفيظ شيخ سان واقفيت ٻي وري محبت ٿي ويئي ھئي. ڇاڪاڻ ته حفيظ جون ڳالهيون سٺيون ھونديون ھيون، ھڪ ڀيرو سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ چيائين، ”ھي جيڪي نظارا آھن، سي فطرت جو حُسن آھي، اُھا خدا جي تخليق ڪيل آھي، پر اھا فاني آھي ۽ اسين جيڪي اديب ۽ فنڪار آھيون، انھيءَ ٻاھرئين حُسن کي جهٽي ري ڪرئيٽ ٿا ڪريون ۽ اُھا باقي آھي لافاني آھي، معنيٰ اسين فنڪار وڌيڪ آھيون، خدا جو خلقيل حسن دائم آھي يا اسان جو فن؟“

*****

ياد ٿو اچي ته ھڪ ڀيرو ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي ورانڊي ۾ گهمي رھيو آھيان. ھن ئي ڪاليج ۾ روشن بي. ايس. سي پڙھڻ لاءِ شڪارپور مان آئي ھئي. چون ٿا شڪارپور ڪاليج جو پروفيسر کيجاڻيءَ روشن تي بري نيت رکندو ھو، جنھن روشن کي ڄاڻي واڻي فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ ۾ فيل ڪيو. نتيجي ۾ ھُن ڪاوڙجي شڪارپور مان ڪراچي  اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئي. روشن جي ڪراچي وڃڻ بعد اياز به پنھنجي ٻنيءَ جا ڪجهه جريب شھيد الله بخش سومري جي پٽ احمد ميان سومري کي وڪڻي ڪراچي اچي ساڳي ڪاليج ۾ آرٽس ۾ داخلا ورتي ھئي. جڏھن روشن، ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي ته اياز فرسٽ ايئر آرٽس جو اسٽوڊنٽ ھو، ڪاليج ۾ ھو موڪل ملڻ کان پوءِ ٻئي روز گڏجي ڪيا ماڙي ويندا ھئا، ڪڏھن نيٽي جيٽي ڀرسان مندر وٽ وڃي ويھندا ھئا. اتي روشن مندر وٽان اَکا وٺي سمنڊ جي پاڻي ۾ مڇين کي اڇليندي ھئي ۽ اياز ڏاڪڻ تان لھي سمنڊ جي ٻيٽ تائين تري ويندو ھو. اياز پنھنجي شروعاتي لاابالي وارو دؤر روشن سان گڏ گذاريو.

”اوھان کي ڪنھن سان ملڻو آھي؟“ ھڪ شاگرد مون کي اردو ۾ اچي چوي ٿو، آئون ھن کي چوان ٿو، ”ڪنھن سان به نه. آئون فقط ڪاليج کي ڏسڻ آيو ھوس، جو صحافي آھيان ۽ ڪاليج تي آرٽيڪل لکي رھيو آھيان.“ ھو اھو ٻڌي  اڳتي روانو ٿئي ٿو. آئون ڪاليج جي ورانڊي کي ڏسان ٿو، جتي فقط ڇوڪرا گهمي رھيا آھن، پر ورھاڱي کان اڳ ھن ڪاليج ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي پڙھندا ھئا. وڏي ڳالهه ته شاھه لطيف جو پارکو ۽ شاھه جو رسالو ٽن جلدن ۾ ترتيب ڏيئي شايع ڪرائيندڙ ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي ان وقت ڪاليج جو سينيئر استاد ۽ پوءِ پرنسپل ٿيو ھو. اياز روزانو ڪاليج ۾ رسيس ٿيڻ وقت اچي سائنس ڪاليج ۾ ريشم لاءِ بيھندو ھو. ھن ئي ڪاليج ۾ اياز سان گڏ ھڪ ايراني ڇوڪري قرة العين گڏ پڙھندي ھئي. جڏھن ته مشھور اديب ع. ق. شيخ جي وڏي ڌي ڊيلا، وري ريشم جي ڪلاس فيلو ھوندي ھئي، جنھن جي بعد ۾ شادي شيخ عبدالستار سان ٿي ھئي، شيخ عبدالستار جي ھڪ ڪھاڻي ورھاڱي کان اڳ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ريگستاني ڦول موجود آھي. عبدالستار شيخ پوءِ حيدرآباد جي مشھور وڪيل ٿي ويو ھو. ھُن ٻي شادي ڪئي ھئي ۽ ھو حيدرآباد ۾ صدر جي علائقي ۾ بليئر ڪلينڪ جي سامھون پنھنجي جاءِ ۾ ٻي زال سان گڏ رھندو ھو، جيڪا مشھور ھندوستاني ميوزڪ ڊائريڪٽر او پي نيئر جي ڀيڻ ھئي. مان 1970ع ۾ ھن وٽ اڪثر شام جو ويندو ھوس، جو ھو عوامي ليگ جو صدر ۽ آئون عوامي ليگ ڊويزنل آرگنائيز ھوس.

ڪاليج کي ڏسندي مون کي ڪاليج جو ماضيءَ ٿو ياد اچي. آئون ڪاليج مان آھستي آھستي ٻاھر نڪري، سامھون ايس ايم لا ڪاليج ۾ داخل ٿيان ٿو.

آئون ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي جي اڱڻ ۾ بيٺو آھيان. ھن ئي ڪاليج ۾ شام جو لا جا ڪلاس ٿيندا ھئا ۽ ھتي ڪيترن ئي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان گڏ روشن لا جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ايندي ھئي.... ڪچڙي منجهند جو پھر آھي، پريان برنس گارڊن ۾ واقع نيشنل ميوزيم جي وڻن مان پکين جي اڏامڻ جا آواز پيا اچن، چون ٿا ته لا ڪاليج ۾ روشن پنھنجي مڙس اسحاق سان لا پڙھڻ لاءِ داخل ٿي ھئي، جو اسحاق کي ايل.ايل.بي ڪرڻ جو شوق ھو. ھن ڪاليج مان روشن آرا 1955ع ۾ ايل.ايل.بي جو پھريون سال پاس ڪيو. سال 1955ع ۾ ايل ايل بي جو ٻيو سال پڙھي رھي ھئي. روشن لاءِ چون ٿا ته ھوءَ لاڪاليج جي انتھائي ايڪٽو شاگردياڻي ھئي. ھن جنوري 1955ع ۾ وڏي جاکوڙ ڪري لاڪاليج ۾ لطيف ڊي ملھايو ھو. ان موقعي تي سندس ئي ڪوششن سان شاھه لطيف ڊي جي ھڪ وڏي تقريب ٿي ھئي. وڏي ڳالهه ته لطيف ڊي جي انھي تقريب جي ڪارروائي به روشن پاڻ ھلائي ھئي. تقريب ۾ سيد ميران محمد شاھه، ڊاڪٽر دائود پوٽو، دولت مھتاڻي، موتيرام رامواڻي، سيد غلام مصطفيٰ شاھه، شيخ عبدالحليم جوش، حفيظ، اياز قادري سميت وڏا اديب شريڪ ھئا. ان کان سواءِ مشھور ڪلاڪاره سشيلا مھتاڻي، شاھه جا راڳ ڳائي سڄي محفل کي مچائي ڇڏيو ھو. روشن، ان وقت سشيلا جي مڌر آواز کان ايترو ته متاثر ٿي ھئي، جو سشيلا کي چيو ھئائين، ”ڀيڻ اڳتي آئون تو وٽ اچي شاھه جو ڪلام سکنديس!!!!“ پاڻ ان تقريب ۾ پنھنجي آجياڻي تقرير ”ڀٽائي رحه زندگي جي رازن جو سيکاريندڙ“ جي عنوان سان پڙھي ھئي:

انھيءَ تقرير جي گهڻي ڳولا ڪيم، جيڪا آخرڪار نئين زندگي مخزن جي سال 1955ع جي ھڪ پرچي ۾ ڇپيل ھئي. اھا تقرير ھتي رکان ٿو:

”صدر محترم ۽ حاضرين مجلس! الحمد الله اڄ بيحد خوشي ۽ مسرت جو موقعو آھي، جو اسان ”سنڌ مسلم لاڪاليج“ جي پاران سنڌ جي، سرتاج، بلڪ دنيا جي فلسفي ۽ ماھر سيد شاھه عبداللطيف رح جي ياد ۾ يوم- لطيف ملھائي رھيا آھيون. لاڪاليج جي ڪار پردازن جا ته دل شڪر گذار آھيون، جن اسان جي ھن ڪم ۾ ھمت افزائي ڪئي آھي. انھيءَ ۾ شڪ نه آھي ته ھيءُ ڪاليج اھو آھي، جنھن ۾ فقط قاعدا قانون سي به انگريزي حڪومت جا انگريزي زبان ۾ پڙھيا وڃن ٿا ۽ سڌيءَ طرح ان جو واسطو سنڌي زبان ۽ ان جي شاعرن جي سلطان سان نه سمجهيو وڃي ٿو، پر شاھه لطيف اھو آھي، جو نه فقط ھڪ زبان جو ٺاھيندڙ، جوڙيندڙ ۽ موڙيندڙ آھي، پر خيالن جي دنيا جو، اصولن جو امڪانن جو ڳوليندڙ ۽ ٻوليندڙ پڻ آھي. ھن اسان کي اھي ته زندگي جا راز ۽ اصول سيکاريا آھن جي به ڪنھن ھنڌان مشڪل ملي سگهن. ھن زندگي جي ھر شعبي تي تبصرو ڪيو آھي، حتيٰ جو قاعدي قانون جي ڳالهين کي به نه وساريو اٿس. اڄ جي بليڪ مارڪيٽ ڪن ٿا ۽ لڪائي رکن ٿا ۽ قانون جي نگاهه ۾ ڏوھه ڪن ٿا تن کي تنبيھه ڪندي چوي:

”جن مھانگو ميڙيو سي ٿا ھٿ ھڻن،

پنجن مان پنڌرھن ٿيا ائين ٿا ورق ورن،

ڏڪاريا ڏيھه مان موذي شال مرن.“

(شاھه لطيف)

جيڪي ڪوڙا سڪا ٺاھي ھلائين ٿا ۽ ڪريمنل پروسيجر ڪوڊ (Criminal procedure code) جي قلم ھيٺ ڏوھي آھن، تن کي نه فقط ھن دنيا جي ڪورٽ ۽ عدالت کان آگاھه ڪري ٿو، بلڪ آخرت جي قاضيءَ کان ڪنبائي ٿو:

”تنھن ڪري فرمائي ٿو ته جي شريعت جي شناخت يعني قاعدي جي قدر ڄاڻي حقيقت کي ھيئين سان ھنڊائي، طريقت کي توري معرفت جو ماڳ ماڻين ته پوءِ توکي پرواھه ئي ڪانھي. ساري ”رسالي“ جو تت جوھر روح ۽ اسپرٽ آھي. مفتي منجهه ويھار ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين“ جي اسان جي جيءَ ۾ جج کي جاءِ ڏيون، حق ۽ ناحق جي رکون، حق ڏيون، حق وٺون، حقن (Rights and Duties) جي فرائض جي حدن اندر ھلون ته پوءِ قاضي اڳيان ڪاڻيارائي نه ٿيون. سر رامڪليءَ ۾ چئي ٿو:

”پنن ڪين پٽ کڻي، گهرن ڪين گهران،

مھيسي مخلوق جي اڀن دور دران،

پچن ڪوه شرعان جنءِ اندر عدالت ان جي.“

سر سورٺ جو سارو سر مڱڻھار ڏاتار جي ڏيت ۽ عرض الازم سان ڀريل آھي. ھڪ عرضدار (Petitioner) ۽ ٻيو ڏاتار (The Greatest and Giver)، پر انھن جي وچ ۾ وسيلو اھڙو آھي، جنھن ٻئي پاڻ ۾ ڳالهائين ٿا:

ڏاتار ۽ مڱڻي ڪون وسيلو وچ،

سائي تال نندن جي سائي چارڻ چت،

جي ھتي جي ھت ته ڳالهه ميڙائي ھيڪڙي.

”تنھن ڪري جي عدالت جا راز ۽ انصاف جا اوصاف سکڻا اٿو ته اھي به اچو ته لطيف کان سکون. منھنجو آخرين عرض اوھان سڀني کي اھو آھي ته شاھه عبداللطيف جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪريو ۽ شاھه جي باغِ سخن مان گل چونڊي انھن جو عطر شامل ڪري مغز کي معطر ڪريو ته دنيا اوھان جي جيئڻ جو داد ڏيندي.“

آئون لاڪاليج جي اڱڻ ۾ بيھي 64 ورھيه اڳ ماضي کي پيو ياد ڪريان، ھن اڱڻ ۾ شاھه لطيف ڊي جي موقعي تي روشن جي ڪيل تقرير جو آواز لڳي ٿو ته اڃا ھتي ئي ھن ڪاليج جي ڀتين ۾ گونجندو ھوندو. ڄڻ لائوڊ اسپيڪر تان روشن جو آواز جو پڙلاءَ پيو اچي. ھن ئي ڪاليج ۾ روشن سان گڏ مشھور اديب حفيظ شيخ، عبدالغفور انصاري، لطيفه خانم، ڪماري موھني رامواڻي، قادر صديقي، مس طلعت قريشي به گڏ پڙھندا ھئا، ۽ اُھي سمورا ماڻهو، ڪنھن اونداھي ڌُنڌ ۾ ھميشه ھميشه لاءِ گم ٿي ويا.

*****

روشن آرا مغل بي ايس سي 1947ع ۾ پاس ڪئي ھئي. تنھن وقت بي اي جو امتحان بمبئي يونيورسٽي وٺندي ھئي. ان لاءِ ئي ھوءَ ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ اچي داخل ٿي ھئي. پوءِ ھُن بي ٽي ڪيائين ۽ ان کان پوءِ سال 1952ع ۾ ايم اي سنڌي لٽريچر جو امتحان ڏيئي پاس ٿي. ايم اي جو زباني امتحان کانئس مشھور عالم، اديب ۽ برک تعليمدان ڊاڪٽر ع. م. دائود پوٽي ورتو ھو، جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ سنڌ مدرسي جو پرنسپل، سنڌ جو ڊي پي آءِ، يعني ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن رھي چڪو ھو. ڊاڪٽر صاحب جھڙو سخت گير عالم به ھن جي ذھانت کان متاثر ٿيو. ھو صاحب لکي ٿو ته، ”روشن جي والده صاحبه مائي ساراه ۽ ھمشيره صاحبه بادام بيگم، سان ادبي نقط نگاھه سان چڱي واقفيت ھئي. پھريان جڏھن منھنجي روبرو ٿي، تڏھن مون سندس ايم اي ڊگري لاءِ سنڌي ۾ امتحان ورتو، جنھن ۾ ھوءَ لائق بافضيلت ۽ پنھنجي موضوع ۾ قابل ڏسڻ ۾ آئي. سندس مضمون ۾ نسواني لطامت ۽ نزاڪت ھئي ۽ سندس خيالن جي تعميري طاقت بااعتماد ھئي!“

روشن جي خواھش ھئي ته ايم اي، ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ پي. ايڇ ڊي ڪريان. اھا ڳالهه ويچار ڪري ھوءَ وفات کان اڳ ڊاڪٽر عمر ايم دائود پوٽي وٽ ھلي ويئي، جتي ھن ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته کيس صلاح به ڏيو ۽ گائيڊ به ٿيو. ڊاڪٽر صاحب وڏي خوشيءَ سان اھا ڳالهه قبول ڪندي کيس صلاح ڏني ته مشھور بزرگ مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جي مشھور ڪتاب ”قوت العاشقين“ جا جدا جدا نسخا ڀيٽي ھڪ مستند متن تيار ڪري ۽ پڻ ھن جي سوانح عمريءَ ۽ ٻين ڪتابن تي تفصيل ۽ تمھيد لکي. پر افسوس ته حياتيءَ کيس مھلت نه ڏني ۽ سندس پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي خواھش اڌوري رھجي ويئي.

*****

آچر جي ڏينھن ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ جھڙي آھي ئي ڪونه. ھن شھر جون پراڻيون عمارتون ڏسڻيون ھجن ته آچر جي ڏينھن ٻاھر روڊ تي نڪرجي. اڪثر آچر جي ڏينھن ايئن ئي نڪري پوندو آھيان. ڏينھن اڳ صبح جو پنھنجي دوست ۽ ڪھاڻيڪار عبيد راشديءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ کارادر ڏي نڪتو ھوس، ڇاڪاڻ ته روشن آرا جو فليٽ ڳولڻو ھيم. فليٽ جي لوڪيشن، دوست گلزار ٿيٻي فون تي ٻڌائي ھئي. آئون عبيد کي ڪار کارادر جي چوڪ وٽان ٻاڪڙا ڪوثر ھوٽل کان ساڄي پاسي وارو روڊ طرف موڙڻ لاءِ چيو. جو مون کي کوجه جماعت کاتي وٽ پھچڻو ھو. رستي ۾ اسان جي ساڄي پاسي کارادر جو پراڻو ٽاور نظر ٿو اچي، جنھن جي مٿان لکيل آھي 1904ع. يعني ته اھو ٽاور ھڪ صدي پراڻو آھي. کاٻي پاسي روڊ کي اڳتي ھلي امام بارگاھه آئي. (اصل ۾ اھو کوجه جماعت خانو نه ھو، جو اسان کان ايڊريس جي ڀُل ٿي ھئي.) مون عبيد کي اتي ڪار بيھارڻ لاءِ چيو ڇاڪاڻ ته پراڻن فليٽن جي ھڪ قطار اسان جي آڏو موجود  ھئي. پر سمورا فليٽ خالي، ڇاڪاڻ پاسي ۾ نيون گهڻ ماڙ بلڊنگون ٺھي ويون آھن. منھنجي سامھون اڌ صدي پراڻو زنگ لڳل بورڊ ھڪ بند دڪان تي لڳل، جنھن جي مٿان انگريزيءَ ۾ لکيل آھي ’دي فدائي ميڊيڪل ايسوسيئيشن‘.

گلزار ٿيٻي جي ڏس موجب مون کي وڃڻو ته کارادر کوجا جماعت خاني ڏي ھو، پر نڪتو آھيان اچي ڪراچي کارادر وٽ، امام بارگاھه جي مين گيٽ جي سامھون. اُتي پراڻا فليٽ موجود آھن. ڇا ھن فليٽ مٿئين ماڙ جي فليٽ ۾ اسحاق خواجو ۽ روشن آرا مغل رھندا ھئا. ڇا 1948ع ۾ شادي ڪرڻ کان پوءِ روشن ھتي رھي ھئي. آئون ھن بلڊنگ کي ڏسان ٿو، ٻه ماڙ بلڊنگ ھيٺان دڪان ڪو مٿي ڪيترائي فليٽ، ڏاڍا سھڻا ٺھيل آھن. بلڊنگ جي ھڪ ونگ خالي ڪرائي ڇڏي اٿن. دڪان به ذري گهٽ سمورا بند آھن. پر پڪ ڪونھي، ته اھو فليٽ روشن ۽ اسحاق جو آھي، جتي روشن پنھنجي مڙس اسحاق خواجي سان 5 سال رھي ھئي. ان دوران ئي ھوءَ آمريڪا آڪٽوبر 1952ع ۾ ويئي. اُتي ھوءَ ڪل ڇھه مھينا رھي، مارچ 1953ع ۾ جپان کان ٿيندي وطن موٽي آئي. انھن ڇھن مھينن دوران ھو يورپ به ويئي ھئي، جو سوئيزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ کيس ھڪ ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻي ھئي. پاڪستان جي ٺھڻ کان پنجن سالن بعد ھو پھرئين سنڌي عورت ھئي، جيڪا سرڪاري خرچ تي آمريڪا ويئي ھئي. اصل ۾ ھن جو خواب ھو ته ھوءَ دنيا جي مختلف ملڪن جو سير ڪري. مارچ 1955ع ۾ کيس ٻيھر راندگيرن جي ھڪ وفد سان سيلون موڪليو ويو، جو کيس سيلون ڏسڻ جو به ڏاڍو شوق ھو. اتي ھوءَ ٻه مھينا ترسڻ بعد پھرئين اپريل 1955ع تي ڪراچي موٽي آئي. سيلون جي گادي واري شھر ڪولمبو مان ھن ڪيترا ڪپڙا ورتا ھئا، اھي ڪراچي اچڻ بعد پنھنجي ھڪ دوست لطيفه خاتون کي ڏيکاريندي چيو ھئائين، ”امڙ مون کي شاديءَ جا ايترا وڳا نه ڏيئي سگهي ھئي، ان ڪري آئون ڪيترائي وڳا وٺي آئي آھيان، ڄڻ سمورو ڏاج خريد ڪيو اٿم. توکي جلد ڏيکارينديس.“ پر افسوس ته اھي وڳا به کيس پائڻ جو موقعو نه مليو، روشن جي اھا ساھيڙي لطيفا خانم، جيڪا ھن سان گڏ ايس ايم لا ڪاليج ۾ پڙھندي ھئي، لکي ٿي ته ”روشن اڪثر ڪري مون وٽ پنھنجي موٽر ڪار ۾ ايندي ھئي. پوءِ ڪڏھن مون کي فريئر ھال جي پارڪ ۾ ته اڪثر ڪلفٽن ۾ سمنڊ جي ڪناري وٺي ھلندي ھئي، جو کيس سمنڊ ڏاڍو وڻندو ھو.“

آئون سوچي رھيو آھيان ته خبر نٿي پوي ته اھو فليٽ ڪٿي ھو، جنھن ۾ ھوءَ رمضان ۾ مئي 1955ع ۾ بيمار ٿي ته کيس سول اسپتال ڪراچي جي پرائيويٽ وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھو. اتي عيد الفطر جي ٻئي ڏينھن 25 مئي 1955ع تي اربعا ڏينھن رات جو 11 وڳي، ھميشه لاءِ اکيون پوري ڇڏيون ھيون. رات جو کاري در واري فليٽ تان موٽر ۾ زندھه ويل روشن جو مڙھه انھيءَ رات ھڪ وڳي سندس مڙس اسحاق، ھن جي امڙ مائي ساران سندس ماسات رسول بخش ۽ مشھور ڪھاڻيڪار شيخ حفيظ لاريءَ ۾ کڻائي، سندس فليٽ تي آيا ھئا. روشن جي ڏوليءَ کي مٿي فليٽ تي کڻي وڃڻ وارن ۾ شيخ حفيظ، اسحاق، رسول بخش ۽ ھن جو ڊرائيور ھئا. ٻئي ڏينھن 26 مئي 1955ع تي خميس جي ڏينھن صبح جو روشن کي کارادر جي کوجن واري مقام ۾ مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ روشن جي مٿان رابيل جي گلن جو ڇٽ وجهي ڇڏيائون، ڇاڪاڻ ته روشن کي رابيل جا گل ڏاڍا وڻندا ھئا ۽ ھوءَ رابيل جي گلن سان بيحد پيار ڪندي ھئي. جڏھن سندس قبر ٺھي تيار ٿي ته به ان کي رابيل جي گلن سان جهنجهي ڇڏيو ھئائون. (۽ اھا ڳالهه شيخ حفيظ پنھنجي مضمون ۾ به لکي آھي.) ”مشھور اديب پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، روشن مغل جي وفات جي تاريخ ھن ريت ڪڍي ھئي: ”سنڌ جو روشن ستارو ٿيو غروب 1374- 1955ع.“ ۽ ”سمر جنين ساڻ ھوت حمايتي تن جو 1955ع.“

آئون سامھون فليٽن کي ڏسان ٿو. بلڊنگ جا سمورا فليٽ خالي ٿي چڪا آھن. ٿي سگهي ٿو ته جلد ھن وڏي بلڊنگ کي ڪيرائي گهڻ ماڙ فليٽس جو شھر آباد ٿي وڃي. پريان سمنڊ جي تيز ھوا اچي اسان کي پئي لڳي، انھن فليٽن مان خبر ناھي ڪھڙو فليٽ روشن جو ھوندو يا اڃا به ڪنھن ٻئي ھنڌ ھوندو جو فليٽ. آئون مٿي ڪنڌ کڻي خالي فليٽن کي ڏسان ٿو، جن جون خوبصورت گيلريون پنھنجي اصلوڪن رھواسين جي ذوق جون شاھدي پيون ڏين. ھوا تيز گهلي ۽ تيز ھوا سامھون خالي ھڪ فليٽ جي گيلرين، درين ۽ ان سان ٽڪرائي ٿي، پر ھاڻ نه ھن فليٽ جي گيلري ۾ ويھي، شام جو ٿڌي ھوا کي ڇھڻ وارو ڪوئي باقي بچيو، نه وري ڪوئي درين کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ وارو زندھه باقي بچيو. ۽ جي بچي به ته ڇا فرق ٿو پوي. آئون پير عبيد کي چوان ٿو ”ادا الائي ڇو مون کي محسوس ٿي رھيو آھي ته ھي اُھو فليٽ نه آھي، جتي روشن ۽ اسحاق رھندا ھئا. ڇاڪاڻ ته گلزار ٿيٻي مون کي پراڻي کوجه جماعت خاني جي سامھون وارو ھنڌ ٻُڌايو ھو، پر ھيءَ ته امام بارگاھه آھي، وري ٻئي ڀيري روشن جو فليٽ ضرور ڳولھي لھبو.“ ۽ اسين واپس ٿيون ٿا.

******

روشن آرا عرف ريشم کي ڏسڻ وارن مان ھڪ ٻي شخصيت قمر النسا خاتون، اڃا زندهه آھي. پاڻ کارا در ۾ ساڳئي فليٽ ۾ رھي ٿي، جتي روشن ۽ سندس مڙس اسحاق خواجه رھندا ھئا. ڊاڪٽر عامر عباس سومري جي مھرباني، جو پاڻ نه رڳو مون کي ھن جو ڏس ڏنائون، بلڪ انھيءَ خاتون جي ڏوھٽي حسن جان کي فون ڪري منھنجو سيل نمبر ڏيئي رابطي ڪرڻ لاءِ چيائون. ڪجهه ڏينھن ۾ حسن جان مون کي فون ڪري، پنھنجي نانيءَ سان ڳالهارايو، جيڪا انتھائي شفيق خاتون آھي. پاڻ ڏاڍي سڪ مان فون تي نه رڳو ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر منھنجي درخواست تي چيائين، ”توھين ڀلي اچي مون کان انٽرويو وٺو.“ پوءِ سندس ڏوھٽي حسن جان، مون کي فون تي کارا در جي ايڊريس ڏياري اماڻي. ٻئي ڏينھن، منھنجي فرزند گل حسن کي الله پاڪ وڏي ڄمار ڏي، جو مون کي جيپ ۾ کارا در وٺي ھليو. ڪراچي ۾ ايئن ئي عام طور تي ۽ خصوصي طرح کارا در ۾ ڪنھن به فليٽ کي ڳولڻ وڏو مسئلو آھي. اھم ڳالهه اھا ته حسن جان، فليٽ جي ايڊريس کي موڪلي، پر بلڊنگ جو نالو ڪونه لکيائين. صبح جو 2 ڪلاڪن جي ڳولا کان پوءِ کارا در ۾ منھنجو پٽ گل حسن، مون کي وٺي ھلي، آدمجي روڊ تي بيھاريو، جيڪو خواجه جماعت خاني کارادر جي سامھون آھي، ان مھل حسن جان ستل ھو، ان ڪري سندس فون نور پلائي ھو. بھرحال بلڊنگ نمبر جي ڪي 3/13، ماڙ بلڊنگ جي ڏاڪڻ چڙھي، فورٿ فلور تي وڃي ھڪ فليٽ جو در کڙڪايم ته ھڪ خاتون در کوليو، ھن فورن حسن جان کي ننڊ مان اٿاريو ۽ مون کي فليٽ ۾ وٺي ھلي. حسن جان، بيڊ تي ستل ھو، ھو ننڊ مان اٿي ڏاڍي اُڪير سان ڀاڪر پائي مليو. ته بعد ۾ پاڻي به پئاريائين ته جوس جو گلاس به کڻي آيو. کيس چيم، ”اوھان جي نانيءَ سان ملاقات ڪرڻي آھي.“ چوڻ لڳو، ”ھا، ضرور ناني مٿئين فلور تي رھي ٿي.“ ڪجهه دير ۾ وري ڏاڪڻيون چڙھي، 5 فلور تي پھتاسين، اتي ھڪ فليٽ ۾ ھو مون کي اندر وٺي ھليو. اندر داخل ٿيس ته ھڪ سادي ڪمري ۾ فقط بيڊ ۽ ڪجهه ڪرسون ۽ ميز پيل ھئي. آئون ويٺس ته ان وچ ۾ ھڪ خاتون، جنھن جي ڄمار 80 ورھيه ھئي، ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ ڏاڍي سِڪ سان سنڌيءَ ۾ ڪچھري شروع ڪري ڏنائين. منھنجي ڪيترن سوالن جو جواب ڏيندي ھن ٻڌايو، ”ريشم جو مڙس، اسحاق منھنجي مڙس جو چاچو ھو. ان کان سواءِ روشن جي ماءَ ساران، وري منھنجي پيءَ جي ماسي ھئي. ان ڪري منھنجي مائٽي روشن سان ٻٽي آھي. مون کي ياد آھي ته آئون ڏھن ورھين جي ھيس، جو منھنجي پيءَ، مون کي روشن جي حوالي ڪيو، جنھن مون کي تعليم به ڏياري ۽ مون کي شڪارپور مان ڪراچي وٺي آئي!!“ ھن ٻڌايو ”آئون 15 سالن جي ھيس ته ريشم ڪولمبو ويئي ھئي، پر اتان ڪراچي موٽڻ بعد، سندس طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي ۽ پيٽ ۾ سخت سور جي شڪايت ڪيائين، اھو سُور ايڏو ته سخت ھو، جو ان سور سبب ھو جهڙوڪر ڦٿڪندي پئي ھئي. سندس علاج ڊاڪٽر ساران صديقي ڪيو ھو ۽ کيس سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ھوءَ گذاري ويئي!!“

”ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو، ”ريشم، انتھائي ملنسار، ھمدرد ۽ ھر ماڻهوءَ جي خير خواھه انسان  ھئي. سدائين مرڪندي ۽ کلندي کيس ڏٺم. پاڻ اسسٽنٽ انسپيڪٽريس آف اسڪول ھئي. ان وقت ھن ڪيترين ئي ڇوڪرين کي ماستري جي نوڪري وٺي ڏني، ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي پٽيوالي جي نوڪري تي رکيو، جيڪي سدائين يا کيس دعائون ڏيندا ھئا.“ ھن ٻڌايو ته ”روشن طبيعت جي بي انتھا سخي عورت ھئي ۽ ھتي به سندس سخاوت جو ننگر خانو پيو ھلندو ھو. ھن چيو ته اوھين جيڪا ھيءَ بلڊنگ ڏسو پيا، اھا اڳي پٿر جي ٺھيل ۽ فقط ٻه ماڙ عمارت ھئي، جنھن جي سيڪنڊ فلور تي ٽن ڪمرن جي فليٽ ۾ اسحاق ۽ روشن رھندا ھئا. جڏھن ته ھيٺيون فليٽ اسان جو ھو، ھن بلڊنگ تي به روشن آرا ريزيزيڊنس جي تختي لڳل ھئي. پر جڏھن روشن جي وفات کان پوءِ اسحاق ٻي شادي زاھده سان ڪئي ۽ زاھده وري اسحاق جي وفات بعد پنھنجو حصو وٺي پنھنجي ٻارن سان گڏ ھلي ويئي ته منھنجي مڙس ان بلڊنگ کي ڊھرائي، ھي پنج ماڙ بلڊنگ ٺھرائي، جنھن ۾ ھاڻ منھنجا پٽ، ڏوھٽا ۽ ڌيئرون رھن ٿا. اڄ اوھين جنھن روم ۾ ويٺا آھيو، اھو ئي ڪمرو روشن جو ھو.“ ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن ٻڌايو ته ”اسحاق، جو پيءَ منھنجو سھرو پاڻ ۾ سڳا ڀائر ھئا ۽ اسحاق جي پيءَ جو نالو محمد يعقوب ھو، جيڪي ٽي ڀائر ھئا، انھن جا نالا ھئا، حاجي غلام حسين ۽ اصغر جيڪي اصل ۾ ڪراچي جا رھواسي ھئا.“ ھن ٻڌايو ته ”توھين يقين ڪندا ته روشن جيتوڻيڪ خواجن ۾ پرڻجي آئي پر اسحاق جا مائٽ ھن جي وفات کان پوءِ سندس ڏاڍي واکاڻ ڪندا ھئا، بلڪ اڄ به پراڻا اسان جا مائٽ چوندا آھن ته ھنن ريشم جھڙي عورت وري ڪڏھن به نه ڏٺي.“ ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ”اسحاق جي ٻي زال زاھده ساڻس ڪڏھن به نه ٺھي، بلڪ سدائين پئي ھن سان جهيڙا ڪندي ھئي، بلڪ ريشم جا فوٽا، اڪثر ڦاڙي ھتان ھيٺ اڇلائي ڇڏيندي، جيڪي آئون وڃي روڊ تان کڻي ايندي ھيس.“ ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن ٻڌايو ته ”اسحاق کي ٻي زال مان ٻه ڌيئر ۽ ٻه پٽ ٿيا، انھن پٽن جا نالا ھئا صادق ۽ اصغر.“ ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو، ”اسحاق به ڏاڍي سٺي طبيعت جو ۽ مٺو ماڻهو ھو، بلڪ کيس روشن سان بيحد عشق ھو. جڏھن ريشم گذاري ويئي ته نه رڳو ھر سال ھن جي ياد ۾ مجلس ڪرائيندو ھو، بلڪ ھر جمعي جي رات ريشم جي قبر تي وڃي گل چاڙھيندو ھو. جيڪا ڳالهه شايد ھن جي زال کي اصل نه وڻندي ھئي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ”اسحاق ھڪڙو سکيو ستابو ماڻهو ھو، بلڪ ان وقت ھو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽمس جي نوڪريءَ تي فائز ھو، کيس پنھنجي ڪيڊلڪ موٽرڪار ھوندي ھئي، جنھن ۾ ريشم کي روزانو شام جو پاڻ سان گڏ ڊرائيونگ ڪري گهمائڻ وٺي ويندو ھو.“

ان وچ ۾ منھنجي لاءِ چانھه ۽ بسڪوٽ سندس ڏوھٽو کڻي آيو ته پاڻ اٿي وڃي منھنجي لاءِ فروٽ کڻي آئي، ڪجهه دير کان پوءِ مون ھن کي درخواست ڪئي ته ”توھين روشن جي مزار تي مون کي وٺي ھلندا؟“ ته ھن چيو ”ڇو نه، آئون توھان کي اتي وٺي ھلنديس.“ پوءِ ھُن پنھنجي ڏوھٽي کي چيو ته ”وڃي سندس پوٽي اڪبر کي ننڊ مان اٿار ته پنھنجي ڪار ڪڍي ته اسين قبرستان وڃون.“ پر مون کيس گذارش ڪئي ته ”جيپ مون وٽ آھي“ ان وچ ۾ سندس پوٽو اڪبر آيو، پر ھن ٻڌايو ته کيس آفيس وڃڻو آھي. ان ڪري اسين ھيٺ لھي آياسين. آئون جيپ ۾ پوئين سيٽ تي ويٺس ته ان وچ ۾ ھن جو پُٽ اچي مون سان ھٿ ملايو. سندس امڙ کيس چيو ته تون اسان سان گڏجي ھل، پر ھن مجبوري ڏيکاري جو کيس ڪو ڪم ھو. مجبوراً منھنجي فرزند گل ھنن کان قبرستان جي پڇا ڪئي ته خبر پئي ته ھتي کوجن جا ٽي مقام آھن، جن مان نمبر ھڪ ۾ روشن جي قبر آھي. پر اسين گوگل جي مدد سان اڳتي وڌياسين. بھرحال 25 منٽن جي ڊرائيونگ کان پوءِ کوجن جي مقام نمبر ون تي پھتاسين، جنھن کي چؤطرف پڪي ديوار ڏنل ھئي. قبرستان جو گيٽ بند ھو، پر کڙڪائڻ تي چوڪيدار در کوليو ۽ اسين ھن مھربان خاتون قمر النسا سان گڏ قبرستان ۾ داخل ٿياسين. اُتي قبرون ته سوين ھيون، پر قمر النسا کي روشن جي قبر ياد ھئي، جنھن وٺي ھلي روشن جي قبر وٽ بيھاريو. آئون روشن جي قبر تي نھار وجهان ٿو. ”قبر جي مٿان سنگ مر مر جو ڪتبو لڳل آھي، جنھن جي مٿان سنڌي ۾ لکيل آھي: ”روشن“ روشن لفظ جي ھيٺان ”بسم الله الرحمان الرحيم“، محمد، علي، فاطمه، حسن، حُسين“ لکيل آھي. ان جي ھيٺان انگريزيءَ ۾ لکيل آھي:

SURELY WE ARE ALLAHS,

AND TO HIM WE SHALL

 SURELY RETURN.

 MRS. ROOSHAN ISHAQ.

 25th May 1955.

منھنجي ھٿن ۾ ڪجهه گل ھئا، جيڪي مون جڏھن روشن جي قبر مٿان رکيا، ته مون کي اوچتو ھي فارسي شعر ياد اچي ويو:

آھستہ برگ گل بہ نشان بَر مزار ما،

بس نازک است شیشہ دل در کنار ما.

(اي گل جي پنکڙي، منھنجي قبر تي آھستي ڪِر، جو منھنجي دل شيشي کان به وڌيڪ نازڪ آھي.)

ايتري ۾ چوڪيدار پاڻي بالٽي ۾ کڻي آيو. جيڪو قبر مٿان ڇنڪار ڪري ٿو. آئون ڀنل نيڻن سان دعا لاءِ ھٿ مٿي کڻان ٿو ته ھوءَ شفيق خاتون قمر النسا روشن جي قبر مٿان لڳل ڪتبي تي ھٿ رکي روايتي شيعا طريقي موجب زيارت پڙھڻ شروع ٿي ڪري.

”ھي قبر به اسحاق ٺھرائي ھئي.“ ھن خاتون ٻڌايو، مون روشن جي قبر کي ڏٺو، جيڪا سنگ مرمر جي ٺھيل ھئي ۽ مٿس لکيل ڪتبو به جھڙوڪر نئون پئي لڳو. ڏٺم ته مائي قمر النسا کي به روشن سان ڪا ڏاڍي محبت ھئي. پاڻ ھن جي ڪتبي کي ٿپڪي ڏيئي چوڻ لڳي، ”ريشم، اُٿ، ڏس ته تنھنجا مھمان آيا آھن... ھنن کي دعا ڪر...!“ ھن جا اھي لفظ ٻڌي منھنجي دل ڀرجي آئي. اڄ کان 64 سال اڳ يعني سال 1955ع ۾ روشن جي وفات بعد ھڪ چانڊوڪيءَ رات ۾ شيخ اياز، حفيظ شيخ سان گڏ روشن جي قبر تي آيو ھو ۽ ان کان پوءِ قدرت سان ھڪ ٻيو ليکڪ ھن اوائلي ليکڪا جي قبر تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ اچي پھتو ھو. سچ پچ ته اھو ھڪ وڏو معجزو ھو، جو اڄ روشن جي قبر کي ڳولي لڌو ھيوسين.

بر مزار ما غریباں نے چراغ و نے گل

نے پَرے پروانہ سوزد نے چَراغِ بُلبل

(ھن غريب جي قبر تي نه ڏيئو رکيل آھي، نه گُل

تنھن ڪري ھتي

نه ته پتنگ جا پر ٿا سڙن

نه وري

بلبل جي ڪا صدا

ٻڌڻ ۾ ٿي اچي!)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org