سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:10 

لاابالي دور ريشم جو رهيو

چمڪيا چنڊ زمين تي

او ساز زندگيءَ جا!

روشن-

ماءُ ۽ ماسيءَ سان

روشن جي ڀاڻيجي – ثريه عبدالصمد سومرو

ميمونه سومرو

روشن آرا مغل

مون پنهنجي والده کان پڇيو ته توهان روشن مغل کي سڃاڻو؟ چيائين ته ها! شڪارپور ۾ ڪير نه سڃاڻندو هوندس؟ مائي ساره جي ڌيءَ اديبه بادام ناتوان جي ڀيڻ آه! ويچاريءَ جي عمر بقاء نه ڪيو، سندس ڄمار گل وانگر هئي جيڪا خزان جي سرد جهوٽي لڳڻ سان ختم ٿي ويئي، نه ته اُها سرسبز شاداب گلاب جي گل جيان سنڌي ادب جي گلشن کي سڳنڌ بخشي ها، ۽ سنڌي ڀينرن لاءِ مثال بڻجي ها.

شڪارپور جي شھر ۾ “هاٿي در تي“ هڪ سنڌي مسلم ڪٽنب ۾ پيدا ٿيل نينگري روشن جو جنم 27 جون 1924ع ۾ ٿيو، مائٽن کي ٻه ڌيئرون هيون، روشن ننڍي هئي ۽ وڏي ڀيڻ بادام ناتوان، ٻئي ننڍڙيون هيون ته پيءَ وفات ڪئي کين بيواهه ماءُ جي ھيڻي سهاري اُسرڻو پيو، سندن ماءُ ساره بيگم اسڪول ٽيچر هئي، روشن وچولي گهراڻي جي ڇوڪري هئي.

ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ پوري ڪري سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۾ پرايائين، ڀيڻس حيدرآباد ۾ تعليم وٺي رهي هئي، سو وڃي ڀيڻ سان شامل ٿي- کيس پنج رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي، حيدرآباد گرلس هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿي، ٻئي ڀينر هاسٽل ۾ رهنديون هيون، غريبيءَ سبب سندن زندگي ڏکي گذرندي هئي، پر ڏکن جون هيراڪ هيون سو صبر سان حالتن کي منهن ڏنائون، زندگيءَ جي انھن حقيقتن روشن تي ايتري قدر اثر ڄمائي ڇڏيو جو هوءَ خودداريءَ جي اصولن جي پڪي پوڄارڻ بڻجي چڪي هئي، روشن 1941ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، جنهن کان پوءِ شڪارپور ۾ اچي ڪاليج ۾ داخل ٿي ۽ سائنس ڪورس کنيائين. پهرين سالياني امتحان ۾ ناپاس ٿي. ڪراچي اچي ڊي-جي ڪاليج ۾ داخل ٿي- 1943ع ۾ فرسٽ ايئر سائنس جو امتحان پاس ڪري، انٽر سائنس ۾  آئي انهيءَ سال ڀاڳ نه ڦريس ۽ فيل ٿي پر انهن ناڪامين سبب ڊڄي (دهلي) ڪونه بلڪه همٿ ۽ حوصلي سان منهن ڏنائين، سنه 1947ع ۾ بي-ايس-سي امتحان پاس ڪري بمبئي يونيورسٽي جي سائنس گريجوئيٽ بڻي، سن 1948ع ۾ مسٽر اسحاق سان ڪراچيءَ ۾ شادي ٿيس. سندس جيون ساٿي به خدا اهڙو ملايو جنهن هن جي عزم جو پورو ساٿ ڏنو ۽ هوءَ تعليمي ڏس ۾ جنبي ويئي.

سن 1951ع ۾ بي. ٽي ۽ 1952ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم.ا ي جا امتحان پاس ۽ لاڪاليج ۾ ڪيائين. ايترا امتحان پاس ڪندي به ماٺ ۾ نه رهي ۽ ايل.ايل.بي ڪاليج ۾ داخل ٿي، ايل.ايل.بي جو پهريون سال پاس ڪيائين، ڪجهه عرصو ميونسپل اسڪول بورڊ، شڪارپور جي برک ميمبر هئي.

گرلس اسڪول بورڊ جو عھدو سنڀاليندي هئي. 1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي اسڪول بورڊ جي ڪاروبار ۽ تعليمي ڪوششن ۾ دلچسپي ورتائين. 1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي ميمبر هئي. 1948ع کان ڪراچي ۾ گرلس اسڪول جي اسسٽنٽ انسپيڪٽريس مقرر ٿي ۽ اهو عھدو سنڀاليندي رهي. آڪٽوبر 1952ع ۾ پاڪستان سرڪار جي خرچ تي آمريڪا ويئي ۽ انهيءَ جي زرعي ، تعليم سماجي طريقن ۽ سکيا جي اڀياس ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويئي ۽ انهيءَ ڏس ۾ آمريڪا جي عالمن سان لهه وچڙ ۾ اچي چڱي تربيت پرايائين.

چائيلڊ سائڪالوجي Child Psychology علم جو اڀياس ڪري ڊپلوما حاصل ڪيائين، آمريڪا سان گڏ جاپان ”هانگ ڪانگ“ برما ۽ اوڀر پاڪستان ڏسڻ جا موقعا مليس. روشن امتحانن جي تياريءَ ۾ پوري طرح رڌل رهي، اهوئي سبب آهي جو اُن جو ڪو ڪتاب مارڪيٽ ۾ نه آيو.

سندس مضمون، گيت ۽ ريڊيو تقريرون موجود آهن. سندس مضمونن ۽ تقريرن کي سھڻي نموني ايڊٽ ڪري ڪو ڪتاب ڇپائجي ته سٺو يادگار ٿي سگهندو.

روشن اسان نوجوان نينگرن لاءِ هڪ لاثاني مثال ثابت ٿي آهي. سندس زندگيءَ جي ڪارنامن کي دهرائيندي، مٿس ناز ۽ فخر ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي. سندس قدمن جي پيروي ڪرڻ اسان مان هرهڪ ڀيڻ جو فرض ٿيڻ گهرجي. بيشڪ، روشن هڪ ستارو هئي. روشن هڪ سچي قوم پرست عورت هئي. سنڌ ۽ سنڌين لاءِ کيس بي پناهه محبت هئي. ڀٽائيءَ لاءِ کيس خاص عقيدت هئي. سنڌ مسلم ڪاليج ۾ لطيف سوسائٽي جي پھرين سيڪريٽري هئي.

وفات کان اڳ، اڃان به سال 1955ع ۾ روشن جي طبيعت ۾ عجيب ڦيرو اچي ويو هو، هوءَ حد کان وڌيڪ سٺي ٿي پئي هئي، دوستن ۽ مائٽن ۾ ڪافي Intrest (چاهه) وٺڻ لڳي هئي. مسٽر اسحاق به روشن وانگر رلڻو ملڻو ۽ آزاد خيال هو، روشن جي اسحاق سان شادي پنھنجي پسند تي ٿي هئي. روشن شاديءَ جي مسئلي تي جذباتي ٿي ويندي هئي، ته جيڪڏهن اسحاق اتفاق سان وفات به ڪري وڃي ته ٻي شادي نه ڪندس” پر قليچ سچ چيو آهي ته:

”اهل جي عقل جا آهن،

موت جلدي اچي انهن کي پيش،

احمقن وٽ اچي نه عزرائيل

ڄڻ ته آهي اهو انھن جو خوبش.

چوندا آهن ته سٺن ماڻهن جي زندگي ٿئي ڪجهه ڏينهن، روشن به چڱي هئي سو بي رحم ملڪ الموت هن کي ٽيھن ورھين جي ننڍي ڄمار ۾ ابدي آرام لاءِ وٺي ويو.

روشن جيڪا پنهنجي گهر جي روشني، ڪاليج جي رونق ۽ محفلن جي جان هئي، سا ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن اهو ممڪن آهي ته پوءِ زندگيءَ تي ڪھڙو ڀروسو! ۽ پوءِ مون سوچيو. سڀاڻي آئون به مري ويندس، هر شخص ختم ٿي ويندو ۽ دنيا جو نظام ائين ئي بيقرار رهندو....... زندگي ڪيڏي نه بي رحم بي اعتبار ۽ فاني آهي! ۽ آئون ويچار ۾ پئجي ويس...... روشن..... روشن..... روشن خوش نصيب هُئي. هن جيڪي چاهيو، سو کيس مليو. ڍڳ جيتريون ڊگريون حاصل ڪيائين، اڌ دنيا جو سير ڪيائين ۽ پئسو جيترو گهربو هيس سو مليس. هوءَ اڪثر چوندي هئي ته ”منهنجي هر آرزو پوري ٿي آهي، سواءِ انهيءَ جي ته آئون اسحاق کي هڪ ننڍڙو ٻار تحفي ۾ پيش ڪيان“.

روشن، اسحاق لاءِ سڄي دنيا جا تحفا آندا پر هن تحفي جو ارمان روشن پاڻ سان مڻن مٽيءَ هيٺ کنيو وئي.

هن جهان ۾ جيستائين جدوجهد آهي روشن ٻيھر اٿندي، پورهيا ڪندي، وڙهندي، ۽ وري گهڙي پلڪ لاءِ ننڊاکڙي ۾ پئجي ويندي.

منهنجي ماءُ وانگر ٻيون مائر به پنهنجي سگھڙ نياڻين کي روشن جي ڪهاڻي ٻڌائينديون ۽ اُهي روشن جي نقش قدم تي هلي روشن ٿي پونديون شايد ڪو مون وانگر دڳ ويندي روشن جي گهر وٽان لنگهندي جهٽ پلڪ لاءِ بيهي رهندو ۽ آڱر سان اشارو ڪري چوندو “اجهو هي آهي روشن جو گهر اميءَ ٻڌايو ته بادام ناتوان جي پنهنجي ڀيڻ سان تمام گهڻي دل هُئي، ان کان ڪوئي ان جي باري ۾ پڇندو هيو ته تمام گهڻي دُکي ٿي ويندي هئي.

مٺڙي روشن! مون کي توتي ڪيترو ناز هيو. تنهنجي تعليم ۽ ترقي، علم ۽ عروج، سير سياحت جون ڳالهيون هر ڪنهن سان فخر سان ڪندي هيس. ايڏا پورهيا! ايڏي تعليم! جا اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سنڌي عورت ڪانه حاصل ڪئي سا سڀ ڇا تو قبر ۾ کڻي وڃڻ لاءِ حاصل ڪئي هئي؟

مٺڙي هڪ دفعو وري آئون ۽ اسان جي تاريڪ زندگيءَ کي روشن ڪر!

غلام محمد گرامي

مرحومه روشن آرا مغل

 

سنڌ جي مشهور تعليمي ۽ اصلاحي ڪم ڪندڙ، محترمه روشن آرا مغل، 25 مئي 1955ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. (انالله و انا اليھ راجعون.) مرحومه روشن آرا علم ۽ عمل، ادب ۽ اخلاق جي زيورن سان آراسته هئي. هڪ غريب خاندان ۾ ڄائي ۽ پنهنجي محنت ۽ ڪشالي سان اعليٰ درجي تي پهتي.

مرحومه ”روشن“ جي ابتدائي تربيت پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ٿي، جنهن زناني سڪول ۾ ماستري ڪندي، ۽ بيواهه هوندي به پنهنجي ٻچن کي پاليو ۽ تاتيو. ”روشن“ پرائمري تعليم پوري ڪري، سيڪنڊري تعليم ڪاميابيءَ سان حاصل ڪئي. پاڪستان کان اڳ 1947ع ۾ بمبئي مان بي.ايس.سي پاس ڪيائين، 1951ع ۾ بي.ٽي، 1952ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم.اي ۽ 1954ع ۾ ايل.ايل.بي جو پهريون سال پاس ڪيائين. 1955ع ۾ ٻئي سال جو امتحان ڏيڻو هوس، ۽ اڃا پي-ايڇ-ڊي، ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ڊگرين حاصل ڪرڻ جو خيال هوس، تعليمي مشغولين ۽ امتحان جي ڪاميابين سان گڏ، قومي، وطني ۽ اصلاحي ڪمن ۾ کيس چڱو اعزاز حاصل هو.

1944ع کان 1947ع تائين ميونسپل سڪولبورڊ شڪارپور جي برک ميمبرياڻي ٿي رهي آهي. 1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي  ميمبر هئي. 1947ع کان ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ انسپيڪٽريس گرلس سڪولس جي عهدي تي فائز رهي. آڪٽوبر 1952ع کان اپريل 1953ع تائين آمريڪا ۾ زرعي، تعليمي ۽ سماجي طريقن جي سکيا لاءِ سرڪاري خرچ تي ويئي، ۽ آمريڪا جي وڏن وڏن عالمن کان پنهنجي علم ۽ صلاحيتن جو داد حاصل ڪيائين. ان سان گڏ جپان، هانگ ڪانگ، برما ۽ اوڀر پاڪستان ۽ سيلون جو به سير ڪيائين. ”روشن“ سچ پچ ته هر اعتبار سان ”روشن“ هئي. ۽ سنڌي عورتن لاءِ هڪ ”مثالي عورت“ هئي. علم ۽ ادب ۾ ڀڙ، طبع ۾ سليم ۽ حليم، نياز ۽ نوڙت واري ”روشن“، سنڌ جو روشن تارو هئي.

سندس ڪابه تصنيف ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل ڪانه آهي، البت سندس مضمون آهن، جي رسالن ۽ مخزنن ۾ محفوظ آهن؛ ۽ سندس اٽڪل 150 کن تقريرون موجود آهن جي هن ريڊيو پاڪستان جي ڪراچي اسٽيشن تان نشر ڪيون؛ جن سڀني کي گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي.

هن تعليم يافته ۽ روشن دل خاتونءَ جي بي وقت وفات، نهايت صدمو پهچايو آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جوار رحمت ۾ جاءِ عطا ڪري، ۽ سندس پسماندن، خاص طور سندس ساهه صدقي ڪندڙ ماءُ، غمزده ڀيڻ ”بادام“ ۽ سندس شريف النفس وفادار مڙس مسٽر اسحاق کي صبر جميل عطا ڪري.

”هوءَ هيرَ گهلي، هوءَ رُتِ بدلي،
گل گل جي منهن تي، مُرڪَ ملي،
افسوس انهيءَ مکڙيءَ تي جا،
نه کڙي نه ٽِڙي، نه کُلي نه کِلي!“
 

 ميران محمد شاهه

آهه روشن!!

هن قرهءِ ارض جي سطح تي قادر مطابق جيڪي قوتون خلقي پنهنجي مخلوق کي زندهه رکڻ جي تجويز ڪئي آهي، انهن مان روشني ته هڪ خاص اهميت رکي ٿي. روشنيءَ کان سواءِ نبي نوع انسان جي حياتي ته بلڪل بي ڪار ٿي پوندي. وري انسانن ۾ خالق هڪ گروهه اهڙن جو بنايو آهي جي پنهنجي اعليٰ ۽ معياري خاصيتن سان ٻين لاءِ مشعل راهه ٿي رهن ٿا. دماغي قوتن توڙي روحاني صلاحيتن بخشڻ ۾ قدرت زال ۽ مرد جو ڪوبه امتياز نه رکيو آهي. البته انهن فطرتي صلاحيتن کي عملي نشو و نما ڏيڻ لاءِ حصول علم ضروري ۽ لازمي شرط آهي- دماغي قوت ۽ دلي ارتقا کي زيور زيب تن بنائڻ ذهين ۽ فهيم انسانن جي خاص نشاني آهي جا بني نوع انسانن جي خصوصي گروهن مان به ٿورن ڪن کي ڏاتر ڏئي ٿو- جيئن شاهه لطيف فرمائي ٿو:

ماڻهون سڀ نه ماڻهون- پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ماڻهون منجهه- اچي بوءِ بهار جي.

روشن اسحاق گروهه خصوصيءَ اندر اها شيخ روشن هئي، جنهنجي ميڻ جو ٺهيل جسم ڀلي جلي غائب ٿي ويو هجي مگر ان جو پرتو بزم ادب ۾ سدائين ڪارفرما رهندو. باوجود صنف نازڪ هئڻ جي، ۽ ڪهنه خيال خانداني روايتن اندر پرورش پائڻ جي به بيگم روشن اسحاق اعليٰ علم جون ڪيئي ڊگريون حاصل ڪيون. حتيٰ ڪه هيءَ روشن دماغ عورت ايل-ايل-بي ڊگري حاصل ڪرڻ تي هئي ته اجل جي بي پناهه دستبرد جو شڪار ٿي، راه عدم ڏانهن رحلت ڪئي- انالله و اناليهھ راجعون. مون مرحومه کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليھ جي لاڪاليج ۾ ورسي ملهائيندي، سيڪريٽريءَ جا فرائض انجام ڏيندي ڏٺو هو. ۽ سندس ذهانت، فصاحت ۽ بلاغت کان متاثر ٿيس. اميد هيم ته ههڙي مايه ناز هستي ڪنهن ڏينهن حصول علم کان فارغ ٿي، ميدان عمل ۾ اچي، اسان جي پست پيل عورتن لاءِ شمع راهه بنبي. مگر افسوس جو قدرت کي ائين منظور نه هو ۽ هوءَ راه بقا ڏانهن رواني ٿي وئي. الله جل جلاله شال مرحومه کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. آمين!

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

(شاهه)

ابراهيم- م. جويو

اسان جي ساٿياڻي

 

1942ع جو زمانو هو- بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جون هي ٻيو ڀيرو چونڊون ٿي رهيون هيون. ٿرپارڪر جي ٻن تڪن مان، ٻه ساٿي اميدوار بيٺا هئا. هڪڙو هندو ۽ ٻيو مسلمان. ڪراچيءَ مان هڪڙي لوڊ لاريءَ ۾ ٻه بينچون وجهائي ۽ لائوڊ اسپيڪر فٽ ڪرائي، ڏهاڪو کن مل جا مزور ۽ ڪاليجي نوجوان ٿيا ته هلي ٿا پنهنجن ٻهراڙيءَ جي همراهن-ڪڙمين ۽ ڪاسبين- کي هوشيار ڪريون ته ”ڀائرو، پنهنجن پروان جي هن پرک ۾ اکين تي پٽيون ٻڌي، وڏيرن کي ووٽ ڏيو ته ڀلي ڏيو، باقي ڏسي وائسي اهڙو ڪچو ڪم متان ڪيو اٿو!“ آءٌ به ساڻن شامل ٿي نئين زندگي جو اهو نياپو کڻي، ٿر جي سڪي ٺوٺ ٿي ويل سرزمين تي وڃي حاضر ٿيس. هونءَ ته چوڌاري ڪانگرس ۽ ليگ جون الڳ الڳ ڪئمپون لڳيون پيون هجن. هڪڙي ڀارت ماتا منٿائون ۽ ٻئي پاسي پاڪستان جا پلاند- پر هيڻن هارين جي مقابلي ۾، ٻنهي ڌرين جو جملي زر ۽ زور گڏجي، ميدان ۾ متحد ٿيو بيٺو هجي! پنهنجي طرفان اسين سڄو مهينو، صبح کان شام تائين، هنڊا کڻي، لائوڊ اسپيڪر ۾ منهن وجهي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ نعرا هڻندا رهياسين، انقلاب ڳائيندا رهياسين، تقريرون ڪندا رهياسين- پر سڀ بي سود: زميندارن ۽ شاهوڪارن جي ڪوٽن جا ڪٽيل قلف اڃا ٽٽڻ وارا نه هئا!

موٽندي، شڪارپور جي هڪ ساٿي، دعوت ڏيئي، ڳوٺ وٺي ويو. اُتي هن منهنجي ملاقات هڪڙي ٻئي ساٿيءَ سان ڪرائي، جيڪو هو ته بنهه نئون ۽ اڻ ڏٺل، پر ساڻس پرپٺ منهنجي واقفيت اڳي ئي هن پهرئين ساٿيءَ اهڙي ته ڪرائي ڇڏي هئي، جو جيڪڏهن ڪٿي اڪيلا گڏجون ها، ته رڳو ڏَسيل پتن پارن تي ئي هوند هڪ ٻئي کي سڃاڻي وڃون ها! پهرينءَ ئي ملاقات ۾ چيائي، ”ڀاءُ، هو انقلابي گيت ته ڳائي ٻڌاءِ!“ ٻيو ڪو ايتري اُٻهرائيءَ سان چوي ها ته ضرور ڪجهه حجاب ٿئي هام ڪجهه سوچجي ويچارجي ته ها، پر هن ساهه سان سانڍڻ جهڙي ساٿيءَ جي چوڻ تي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي، ۽ هڪدم ٿر جي چونڊن جا انقلابي گيت ڳائي ٻڌايائين:

”اٿو، اٿي دنيا جي غريبن کي جاڳايو!

ظلم ۽ پاپ جي بنياد کي ڊاهيو!“

انقلاب، انقلاب، انقلاب!

۽

ڳاءِ انقلاب!

جيئن زمين آسمان

جي کلي پوي زبان،

ڳوٺ ڳوٺ، ڪُنڊ ڪُنڊ،

چولڪ، چولڪ،

ڏئي اٿي جواب،

انقلاب، انقلاب، انقلاب!

ڳاءِ انقلاب!“

گيت ڳائي بس ڪيم، ته نهايت ڀريل آواز ۾ چيائين، ”ادا، اهي اوهان جا گيت، ٿر جي مارئيءَ به ٻڌا ڪين نه! شل ٻڌا هجنس! سچ پچ ته سنڌ جو اهو نماڻو ساهه نه جيسين تائين ٻوساٽيو پيو هوندو، تيسين تائين پنهنجي بيماريءَ جي بستري تان سنڌ ڪڏهن به سِسي مٿي کڻي ڪين سگهندي! هزار اوهان انقلاب کي پڪاريو، پر جيسين تائين سنڌي عورت آزاد نه ٿي آهي، تيسين تائين اها اوهان جي پڪار سنڌ جي چئني ڪنڊن کان واپس موٽي، نراس ڀٽڪيل روح وانگر وري وري پيئي بي سود اوهان جي ڪنن سان نڪربي!“

شڪارپوري جي ان ملاقات کي ورهيه گذري ويا اسان جي انهيءَ ساٿيءَ پوءِ ڪاليج پڙهيو، يونيورسٽي جي اعليٰ تعليم ورتي، دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ڏٺي، ڀانت ڀانت جي ملڪن ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون، دنيا جا لاڙها چاڙها ڏٺا ۽ زندگيءَ جا فرض ۽ ذميواريون سنڀاليون- ۽ پوءِ بنهه پوين ڏينهن ۾، جڏهن منهنجي ساڻس ٻي ۽ شايد آخري ملاقات ٿي، تڏهن انهيءَ ئي پهرينءَ ملاقات واريءَ پنهنجائپ واري چاهه سان چيائين: ”ادا، اهي ٿر وارا انقلابي گيت نه ٻڌائيندا!“ چيومانس، ”ڀيڻ! گيت ڳائڻ ته ٺهيو، پر دل ۾ انهن کي جهونگارڻ لاءِ به اڄ جگر کپي! چئني پاسن کان داخلائن رکڻ وارا گڏيا پيا گهمن. پنهنجو پاڻ کي ٻڌائيندي به هانءُ پيو ڪنبي!“ جواب ڏنائين، ”سنڌ جي گگدام مائرن کي جيسين تائين هن نموني نڪ ۾ لوڙي، زبانن تي تالا ۽ اکين تي کوپا چڙهيا پيا رهندا، تيسين تائين ته اوهان ۽ اسان جي اها ئي حالت رهندي! توهان ئي چئو ته سنڌ جا سورهيه ته سنڌ جي منهن مان مرڳو زبان ئي پٽي،  بنهه اُن ۾ ڪو مڱ نه ڀري ڇڏي!“ ائين چئي، گهڙيءَ لاءِ چُپ ٿي ويئي. پوءِ نهايت تحمل ۽ ڳنڀيرتا سان چوڻ لڳي، ”سنڌ جي ماءُ، سنڌ جي گهر گهر ۾ اڄ بيوس، لاچار ۽ بي آبرو آهي! ان جو ڪو بلو ٿيڻ گهرجي- ۽ ترت ٿيڻ گهرجي: پوءِ ئي اسين زندهه رهنداسين- پوءِ ئي اسان جي جيجل ماءُ سنڌ زندهه رهندي!“

ائين چئي، هوءَ تڪڙي مون کان موڪلائي هلي وئي. پنهنجي پاڙي ۾ ڇوڪرين جي اسڪول جي ڪنهن جلسي ۾ وڃڻو هوس.

اهڙي هئي اسان جي انمول ساٿياڻي روشن- سنڌ جي مظلوم نسواني دنيا جي بغاوت جو آواز- ۽ ان جو جاڳيل روح!

 

”اَڄ نه پسان سي، آتڻ ڪتم جن سين،
هاڻي تنين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org