سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:3 

ياد ٿو اچي شيخ اياز جو ھڪ خط، جيڪو ھن سال 1955ع ۾ محترم محمد ابراھيم جويي کي سکر مان تحرير ڪيو ھو:

”ادا، نھايت افسوس جي ڳالهه آھي، جو تون وعدي مطابق انھيءَ رات نه آئين. اسان، مئلن سان به نباھي آياسين، تو جيئرن سان به نه نباھيو! اچين ته ھا- پوءِ اسان کي اسان جي حال تي ڇڏي، ھليو وڃين ھا! وري ٿو لکين ته اسان جي اھا رات ڪيئن گذري؟ ادا، اڃا تائين اھا ڪ-جي ڪاري رات نٿي وسري. مان ۽ ح- سڙڪ تان چپ وڃي رھيا ھئاسين. اسان ٻنھي جا روح نديءَ جي ٻن لھرين وانگر ھئا، جن ۾ چنڊ جو پاڇو جهلڪي رھيو ھو. ٻنھي جي زندگي ڪنھن نامعلوم ساحل ڏانھن روان دوان ھئي. ٻيئي ھڪ ٻئي جي قريب ھئاسين، ليڪن ھڪٻئي کان بيخبر، ٻنھي چانڊوڪيءَ کي چاھيو ھو- مون چپن سان، ھن اکين سان ۽ اڄ ٻيئي گڏجي وياسين ٿي ته ڏسون ته چانڊوڪي اونداھيءَ جي گود ۾ ڪيئن ستي پيئي آھي. زندگي موت جي آغوش ۾ ڪيئن خاموش ۽ پراسرار آھي!

”چئني طرفن کان مڪانن جون قطارون ھيون ۽ انھن جي وچ ۾ شاھي رستو کپر نانگ وانگر ليٽيو پيو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن اسان جن قدمن جي آواز تي اڇانگ ڏيئي، منھنجي ڏاھه کي ڏنگي رھيو ھو. اھو ساڳيو رستو آھي، جنھن تان مان ھن جي گهر ڏانھن ويندو ھوس، جڏھن ھوءَ زندھه ھئي، اڄ انھيءَ رستي تان مان مزار تي وڃي رھيو ھوس. اھو ساڳيو رستو آھي، جو زندگيءَ جي ٽھڪڙن تائين ٽلندو ھلندو ھو. اڄ اھو موت جي اوڇنگارن تائين ٿاٻڙندو ٿڙندو ٿي ويو. مون چاھيو ته ح- کان پڇان ته سندس آخرين ڏينھڙا ڪيئن ٿي گذريا، پر سوال اُڀري سانت ۾ ٻڏي ويو. مون چاھيو ته ح- کي ٻڌايان ته منھنجي ڪتاب ”پنھل کان پوءِ“ ۾ اھا برساتي نئن جي تيزي ڪيئن آئي- ان ۾ سمنڊ جي گهرائي نه سھين، پر ان جي بيپناھه روانيءَ جو سبب ڇا ھو؟ مون چاھيو ته کيس ٻڌايان ته ھوءَ منھنجي ڪھاڻيءَ ”کلڻيءَ“ جو روح ھئي، ھن ئي ”پنھل کان پوءِ“ جا جوابي خط لکيا ھئا ۽ ھوءَ ئي منھنجي افساني ”ھي شاعر“ ۾ زندگيءَ جي تلخي ۽ شڪسته دلي کڻي آئي ھئي. دراصل ھوءَ افسانن جو اکٽ ذخيرو ھئي. جڏھن ھوءَ ڳالهائيندي ھئي ته ڳالهڙيون مکڙين جي ميڙ وانگر پکڙجي وينديون ھيون، سندس چپن ۽ ڳلن مان موتيا ۽ مگرا وسندا ھئا، سندس زندگيءَ جا حسين، ھلڪڙا تجربا ٽھڪن ۾ ويڙھبا ويندا ھئا ۽ ھوءَ انساني ڪردار تي نھايت پياري طنز ڪندي نظر ايندي ھئي ۽ مان سندس سچا پچا، جيئرا جاڳندا انسان، ڪھاڻين ۾ قيد ڪري، انھن جي روحن کي ادبي زندگي عطا ڪندو ھوس. مون چاھيو ته ح-کي گهڻو ڪجهه ٻڌايان. زندگيءَ جون نھايت پياريون پلڪون، جي مسرت جي پرڙن تي اڏاڻيون ھيون ۽ جن محبت جي بھشت ۾ آکيرو اڏيو ھو، جي ھميشه منھنجي روح ۾ چھڪنديون رھيون ھيون، جن جي لات منھنجيءَ ڏات جو سرچشمو آھي. اھي پلڪون جيڪر لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي، ح- کي ڏيان، ح- جنھن جو وجود ھڪ قفس آھي، جنھن ۾ مختلف اديبن جا تجربا پر ڦڙڪائيندا نظر ايندا آھن. ليڪن جذبات جي بيحد تيز روي منھنجي روح کي لوڙھيندي ٿي ويئي ۽ مان ڪوشش جي باوجود به ساحل تائين نٿي پھتس. لفظ منھنجي زبان تائين نه آيا ۽ مان خاموش ھلندو رھيس.

”آسمان تي ھلڪو جھڙ ھو، ۽ ساري نيري وسعت ھڪ پراسرار پردي وانگر ٿي لڳي. جنھن مان سفيد ڪڪريون محبوبڙين جي منھڙن وانگر ليئا پائي رھيون ھيون. مڪانن جي ڪنھن ڪنھن ڪمري ۾ بتي ٻري رھي ھئي، جنھن جو اجالو درين جي شيشن مان نظر ٿي آيو. ھر ڪمري ۾ ڪيئي ڪھاڻيون ستل ھيون، انسان جا غم غصا، پيار پڇتاءَ، مٺ ميلاپ، ويڻ وڇوڙا ننڊ جي جهوليءَ ۾ آرامي ھئا. ازل کان ابد تائين ھڪ اٿاھه اونھو سمنڊ ڇوليون ماري رھيو ھو، جنھن ۾ ڪروڙين ڪشتيون لڏي لمي رھيون ھيون. منھنجو روح به پنھنجي ننڍڙيءَ ٻيڙي تان، حيرت ۽ افسوس مان، ڇتين ڇولين کي ڏسي رھيو ھو. الا، منھنجو مٺڙو حسين ھمسفر ڪيڏانھن ويو! الا، ھن عميق جي اونھيءَ اوندھه ۾ مان ھن کي ڪٿي ڳوليان! معلوم نه آھي ته ھو ستارن جي سونھن ڏسي سگهندو ھوندو يا نه! ھيءَ خنڪيءَ ڀري ھير سندس ڳلن کي ڇھندي ھوندي يا نه! اي موت، تون زندگيءَ کي ڪيترو نه بي معنيٰ ٿو بڻائي ڇڏين! تنھنجا برف جھڙا ھٿ ڪھڙا نه ڀوائتا آھن! توکي انسانن سڪون جو سرچشمو ڪيئن ڪوٺيو آھي! تنھنجو تصور ئي لڱ لڱ ڪانڊاري ٿو ڇڏي. زندگي ڪيتري نه حسين آھي، ڪيتري نه پياري آھي. امنگن جو جهولو آھي، آرزوئن جي ڦلواڙي آھي! ھي چنڊ، ھي ستارا، ھي بادل، ھي برساتون، ھي گل، ھي غاليچا، ھي مٺڙا ماڻهو، ھي وسندڙ وستيون، ھي سڀ زندگيءَ جون نعمتون آھن! اي موت تون ھڪ تکي تير انداز وانگر ڪمان ڪشيو بيٺو آھين، جنھن سيني ۾ مسرت جو واسو آھي. ان ۾ پنھنجو تير ڇپائي ٿو ڇڏين. اي ڪاش! تنھنجي ڪمان ڪشجي، ڀڄي پوي، ان جي زرھه ٽُٽي پوي!

”منزل قريب اچي ويئي. پريان قبرستان جو دروازو ھو. ح- جا قدم ڍرا ٿي ويا، دل اڇلون ڏنيون. اکين لڙڪن کي پڪاريو ته اچو اھا خاڪ پاڪ اچي ويئي آھي، جنھن ۾ جذب ٿيڻ ابدي نجات آھي! آھستي آھستي وڌندا رھياسين. ناريل جي درختن جا پراسرار پاڇا قبرن سان لائون لھي رھيا ھئا. چنڊ ڪڏھن ڪڏھن ڪڪرن مان جهاتي پائي، کلي رھيو ھو ته، اي نادانو! چانڊوڪي ته منھنجي چيز ھئي، اھا ته آسمانن تي اڏامي آئي، توھان ان کي زمين جي ڇاتيءَ ۾ ڇپيل ٿا سمجهو! چڱو ڳوليو، ڏسو، متان ملي وڃيوَ. درختن مان ھوا جو سرڙاٽ روحن جي بيچينيءَ وانگر ٿي لڳو. اسان قدم قدم ۾ چپ چاپ وڌندا رھياسين.

”ح- اوچتو روڪجي ويو، ڪائنات جون نبضون بيھجي ويون. ھو ڪجهه نازبوءَ ۽ رابيل جا گل ڏسي رھيو ھو، جي قبر جي آسپاس لڏي لمي رھيا ھئا. منھنجيءَ دل کي ڌوڏو آيو، گويا ڪوئي جوالا ڦاٽو ھو ۽ ڪائنات جو ذرڙو ڪنبي رھيو ھو. ھيءَ ھئي سندس قبر! ھوءَ جا خوبين جي کاڻ ھئي، سا ھتي ٻه گز مٽيءَ ۾ سمايل ھئي. ھن جو بيپناھه حسن، رابيل ۽ نازبوءَ جي گلن ۾ لڏي رھيو ھو. مون چپ چاپ رازدارانه سرگوشيءَ سان چيو، مان آيو آھيان، تنھنجو شاعر، منھنجا حسين ترين شعر! اٿي، جاڳ. تنھنجي روح جي مٺڙي موسيقي منھنجي شاعريءَ جي جان ھئي. اٿي، منھنجي ساھه جي ستار تڙڦي رھي آھي. ان جي تارن کي ڇيڙ، ان ۾ ھزارھا سر تنھنجين آڱرين لاءِ مضطرب آھن! مون چتائي ڏٺو، ڪوئي ڪونه ھو. ڪوئي جواب نه آيو. ناريل جي ڇڙين مان لنگهي، چانڊوڪيءَ جا پاڇا قبر تي لڏي لمي رھيا ھئا. آسمان جي چانڊوڪي زمين جي چانڊوڪيءَ کي ڳولي رھي ھئي!“

جان ڀُون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين،

ڌڳ لُٽبي ڌُور ۾، اُڀي ڏٺاسون،

ڏينھن مڙيئي ڏون. اُٿي لوچ لطيف چئي.

شيخ اياز کي روشن جي مرڻ جا اڳ ئي پروڻ پئجي ويا ھئا، ھو پاڻ ان سلسلي ۾ لکي ٿو:

”ڇا، حالات جو اڳ ۾ علم (Pre-cognition of events) ھڪ حقيقت آھي؟ ماديت جو فلسفو ته اِن کان بنھه انڪاري آھي، ڇو ته حالات جو اڳ ۾ علم ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ ماضي، حال، مستقبل ساڳئي وقت موجود آھن ۽ اسين وڃي تصوف جي ڪنھن اوڙاھه ۾ ڪرون ٿا. پر جُنگ (Jung) وانگر ڪيتريون ئي ڳالهيون منھنجي زندگيءَ ۾ آيون آھن، جي حل طلب آھن. مثال طور روشن منھنجي گهري دوست ھئي. ايئن چئجي ته ھوءَ منھنجو پھريون پيار ھئي. ھن جي شادي ڪراچيءَ ۾ ٿي چڪي ھئي، جتي ھوءَ رھندي ھئي ۽ سال ڏيڍ ۾ ھڪ ڀيرو ماءُ وٽ شڪارپور ايندي ھئي. ھڪ ڀيري مان سکر کان جيڪب آباد ڪنھن قتل جي مقدمي ھلائڻ لاءِ ويو ھوس. جڏھن جيڪب آباد کان موٽندي سکر- شڪارپور جي چؤدڳيءَ وٽ پھتس ته مون ڊرائيور کي چيو ته ھو شڪارپور روشن جي گهر ڏانھن ھلي. جيتوڻيڪ ايئن سمجهڻ لاءِ ڪوبه سبب نه ھو، پر مون کي پڪ ھئي ته ھوءَ شڪارپور آئي ھئي. ھوءَ ويجهو آمريڪا مان موٽي ھئي ۽ مون کي ڪجهه تحفا به موڪليا ھئائين، ان ڪري مون ڀانيو ھو ته ھن جو غصو مون تي گهٽجي ويو ھوندو، جو ھن کي منھنجي بي وفائيءَ تي ھو. مان ھن جي گهر ويس ته ھوءَ موجود ھئي، پر ھن کي اڃا تائين مون تي غصو ھو ۽ مون سان رخ ڏيئي نه ڳالهايائين. روشن مون لاءِ ڄڻ شڪارپور ھئي. اُھي باغ جن ۾ ڪيئي ڪرني جا وڻ ھوندا ھئا، جن ۾ تيز خوشبو ھوندي ھئي، اُھي کوھن تي نار ۽ انھن جي ڀرسان توت ۽ شھتوت، جي وڻن تي طوطن ۽ ھيڙھن جون اڏارون، مينھن جي واڙن ۾ تازي کير جا گوھا ۽ انھن جي ھيٺان رکيل ٽامي جون باٽليون، ۽ اُھي رابيل جون ڪنڍيون، جي ھر شام مان ھن لاءِ وٺي ويندو ھوس، جڏھن ھوءَ مون سان گڏ پڙھندي ھئي. روشن وٽان موٽڻ وقت ۽ ان جي ٻئي ۽ ٽئين ڏينھن تي، مون کي ھن جو سوداءُ ھو ۽ ان تي ڏک به ھو ته مان ھُن سان دل کولي ڳالهائي نه سگهيو ھوس. ان ڳالهه جي چوٿين ڏينھن منھنجي ھڪ دوست جي سکر مان ڪراچيءَ بدلي ٿي. اسان اُن رات گڏجي ماني کاڌي ۽ مان ھن کي پنھنجي ڪار ۾ روھڙي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ ويس. مان اڃا پلئٽ فارم تي بيٺو ھوس ته مون روشن کي ويٽنگ روم مان ايندي ڏٺو. ھوءَ ڪراچيءَ واپس وڃي رھي ھئي. جڏھن گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺي ته مان ھن جي ڪڍ ويس ۽ گاڏي جي در ۾ ھٿ وجهي ھن کي سڏ ڪيم، ”روشن!“ ھوءَ مون کي ڏسي لھي آئي ۽ مون کي چيائين، ”تون پيتل آھين. ھتي ريلوي اسٽيشن تي تماشو وجهندين ڇا؟ دراصل مون کي اڃا توتي ڪاوڙ آھي. ھاڻي مان شادي شده آھيان، مون مان ڇا ٿو چاھين؟“ مان شڪي ٿي، ھن جي گاڏي کان ھٽي ويس.

”انھيءَ کان پوءِ روشن کي سنڌ سرڪار سريلنڪا موڪليو ھو، جتان موٽي، ھوءَ پنھنجي آتم ڪھاڻي لکي رھي ھئي. منھنجو دوست ڪھاڻيڪار، شيخ حفيظ، روشن سان اڪثر ملندو رھندو ھو. ٽن چئن مھينن کان پوءِ مان ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪوئي ڪيس ھلائڻ لاءِ ڪراچيءَ ويس، جتي شيخ حفيظ مون کي ٻڌايو ته روشن تمام تيزيءَ سان پنھنجي آتم ڪھاڻي پوري ڪري رھي آھي، جنھن تي مون ھن کي چيو: ”اڃا ته حياتي پئي اٿس، ايڏي تڪڙ ڇا لاءِ؟ پوءِ مون کي ھن روشن لاءِ نياپو ڏنو. ٻئي ڏينھن تي حفيظ چيو ته ھُن کي سخت بخار ھو، ان ڪري ھُن کيس نياپو نه ڏنو ھو. مان ٽئين ڏينھن تي سکر موٽي وڃڻ وارو ھوس. سامان ٽئڪسيءَ ۾ رکائي، مون حفيظ کي چيو ته ”ھل ته کاري در روشن جي گهر ھلون!“ جڏھن ٽئڪسي کاري در وٽ پھتي، تڏھن حفيظ چيو ته ”تون اتي ٽئڪسيءَ ۾ ترس، مان ھن کان پڇان ته توکي مٿي وٺي اچان يا ھوءَ پاڻ توسان گهر جي پٺئين دروازي کان ملندي.“ ٿوريءَ دير ۾ ھو موٽي آيو ۽ چيائين: ”ھن کي ته ھوش ئي ڪونه آھي ۽ ھوءَ بخار ۾ وڦلي ٿي. مون کي مناسب نه ٿو لڳي ته تون مٿي ھلين.“ مون روشن جي گهر کي ايئن ڏٺو، ڄڻ ان کي آخري ڀيرو ڏسي رھيو ھوس. ريل ۾ مون کي ساري رات ننڊ نه آئي ھئي. سکر ۾ ٻئي ۽ ٽئين ڏينھن مان صبح شام پيئندو رھيو ھوس. ٽئين ڏينھن شام جو مون وٽ رشيد ڀٽي ۽ مقبول صديقي آيا ۽ چيائون ته ”رات ڪراچيءَ ٿا وڃون ڪو ڪم ھجيئي ته ٻُڌاءِ.“ مون ھنن کي چيو ته ”مون کي سوداءَ ٿي پيو آھي ته روشن مري ويندي. ڄڻ ته مون کي ان ڳالهه جو علم سابقه آھي. (علم سابقه، اگيات پريرڻا (Pre-Cognition of events) اوھين پھچڻ شرط شيخ حفيظ کي چئجو ته ھو مون کي ھن جي صحت جي باري ۾ تار ڪري.“ ٻئي ڏينھن تي مان پنھنجي آفيس ۾ ويٺو ھوس ته شام جو حفيظ جي تار پھتي:

”گل مرجهائجي چڪو آھي. ڏاڍي دير ٿي وئي آھي.“

”روشن ڦوھه جوانيءَ ۾ مري چڪي ھئي. اُن وقت ته مون لاءِ ڄڻ ڪائنات جو انت ٿي چڪو ھو. پر ڇا، ھڪ ڀورڙي ڇوڪري ڪائنات جو انت ٿي سگهي ٿي؟ رابيل جا گل اُن کان سواءِ به رات جو ٽڙي ٿي پيا ۽ پرھه جو پوپٽ ساڳيءَ ريت اُڏري رھيا ھئا!

”مون ٿڌو ساھه ڀري سعديءَ جي غزل مان ھيٺيون سٽون جهونگاريون:

ای سارباں آھستہ رو کہ آرام جانم می رود

وان دل کہ با خود داشتم با دلستانم می رود

من ماندہ ام مهجور از او بیچارہ و رنجور از او

گویی کہ نیشی دور از او در استخوانم می رود

(اي اوٺار، آھستي ھل، جو منھنجي جان جو آرام وڃي ٿو

جيڪا دل مون وٽ ھئي، اھا دل جي لٽيندڙ سان گڏ وڃي ٿي

مان ھن کان نه رڳو وڇوڙيل رھيو آھيان، پر ويچارو ۽ ڏکارو به رھيو آھيان.

ڄڻ ته ھن کان پري رھي پيڙا منھنجي ھڏن جي مِک تائين پھتي آھي.)

شڪارپور جو ڏينھن سانجهيءَ ۾ تبديل ٿي رھيو آھي. اسين جڳناٿ لائبريري مان ٻاھر نڪري لکيدر ڏانھن روانو ٿيون ٿا. رستي ۾ جماڻي ھال تي نظر پوي ٿي، شڪارپور جو تاريخي جماڻي ھال بربادي جي حالت ۾ سامھون آھي، ھن ھال ماضي ۾ ڪيترائي وڏا وڏا سياسي جلسا ڏٺا. جماڻي ھال کي ٺھرائيندڙ شڪارپور جو مشھور جماڻي ڪٽنب ھو، جنھن جي مائي رامي ٻائي وير ڀانداس جماڻي ڏهه ھزار رپيا ڏيئي اھو ھال ٺھرايو ھو ته جيئن سندس ور جو نالو قائم رھي. ھن جي پُٽن مان سيٺ چئن رائي پڻ ھال کي ٺھرائڻ لاءِ 20 ھزار رپيا دان ڏنو ھو. ورھاڱي کان اڳ 8 فيبروري 1929ع تي جمعي جي ڏينھن ھندستان جي ھڪ وڏي ليڊر سڀاش چندر بوس ھتي تاريخي تقرير ڪئي ھئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1970ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شھيد شيخ مجيب الرحمان پڻ ھتي تاريخي جلسن کي خطاب ڪيو ھو.

اسين پنڌ ھلندا لکي در وٽ اچون ٿا. ديوان جي ھوٽل تي رش تمام گهڻي آھي. اسين لکيدر ٽاور وٽ بيٺا آھيون، ٽاور کي ڏسي آئون مورياڻي صاحب کي چوان ٿو ”ھي ٽاور ڪنھن ٺھرايو ھو“، ھو ٻڌائي ٿو، ”شڪارپور جو ھي گهنٽا گهر سيٺ راجا رام بجاج پنھنجي پيءَ سيٺ ھيرانند بجاج جي ياد ۾ سال 1935ع ۾ ٺھرائڻ شروع ڪيو، جيڪو انگلينڊ جي بادشاھه جارج پنجين جي سلور جوبلي واري تقريب واري موقعي تي کوليو ويو ھو. ان وقت ٽاور جي چئني پاسي ڪي به دڪان ڪونه ھئا.“

اسين سامھون ديوان جي ھوٽل ۾ داخل ٿيون ٿا. ايتري ۾ ھوٽل جو بيرو اسان لاءِ فالودو ٿو کڻي اچي. فالودو، مون 1970ع ۾ به کاڌو ھو. پر وقت سان گڏ شڪارپوري فالودي ۾ اڳوڻو چس ڪونھي. ڪجهه دير کان پوءِ ھوٽل کان ٻاھر نڪرون ٿا، سامھون سنگ مرمر جي ٺھيل ھڪ خوبصورت قُبي آھي، جيڪا گيڻش باغ جي آڏو اڃابه باقي آھي. ”ھن ٺھيل چبوتري ۾ ڪنھن شخص جي مورتي ضرور رکيل ھوندي؟“ آئون خليل مورياڻيءَ کان پڇان ٿو، ھو وراڻي ڏي ٿو، ”چون ٿا ته ھتي پروفيسر شيورام ڦيرواڻي جي مورتي رکيل ھئي، جيڪو پھريون بمبئي ڪاليج ۾ پروفيسر ھو، بعد ۾ اھا نوڪري ڇڏي شڪارپور اچي ڪاليج جي اڏاوت ۾ زور ورتائين.“ آئون سنگ مرمر جي ان خالي چبوتري وٽ بيھان ٿو ۽ چبوتري کي ڏسان ٿو، جتي اھا مورتي ڪونھي، (ھاڻ اھا مورتي به سنڌالاجي ۾ وڃي رکي اٿن) ايتري ۾ ھڪ دوست  فوٽو ڪڍي ٿو، آئون پوئتي نھاريان ٿو. ياد ٿو اچي ته ڪٿي پڙھيو ھيم، ته شڪارپور جي مشھور قلفي موتيءَ جي مشھور ھوندي ھئي. ھن جو دڪان لکي در چوڪ وٽ ھو. موتيءَ جي ھٽ آڏو وڏن وڏن مٽن جي چوڌاري ڳاڙھو ڪپڙو ويڙھيل ھوندو ھو، دڪان تي وڏي ۽ اڇي پڳ ٻڌل موتيرام عرف موتي ويندو ھو، مٽن مان ڪلفيون ڪڍندو ۽ آڏو سندس بيٺا ھوندا ھئا، ڪلفي وٺندڙن جا ميڙا متل. ھونئن به شڪارپور جو جھڙوڪر نڪ به ھوندو ھو، لکيدر. جنھن سامھون شڪارپور اچي لکيدر نه ڏٺو تنھن ڄڻ شڪارپور ئي نه ڏٺي. ڏينھن ٺريو ۽ سانجهي ٿي ته شڪارپورين جي ڊوڙ لکيدر ڏي ۽ ھونئن به شھر جا سمورا رستا ٿا لکيدر وٽ ڦُٽن ۽ اتي ئي اچي ٿا پورا ٿين، پريان ھري ولڀ ٽاڪيز (سئينما) غالباً اڃا به موجود پنھنجي وڃايل جوڀن جا پئي ڏس ڏئي! ڀر ۾ راڌي جي مشھور ھوٽل ھوندي ھئي، جنھن جي ٺاھيل چاپ ۽ ڪوفتا، شڪارپور ۾ مشھور ھئا. ھوٽل جي ٻاھران حقو رکيل ھوندو ھو، جنھن مان ھوٽل مان نڪرندڙ ھر ماڻھو ڇڪ ضرور ڀريندو ھو، لکيدر جو خوبصورت وقت ماضي راڌي جي حقي جي دونھين ۾ گم ٿي ويو. کوئجي ويو سڀ ڪجهه ان ۾.

اسين ھلندا گيڻش باغ ۾ داخل ٿا ٿيون. گڻيش باغ ڪشادو، پر ان جي در ۽ ڀتين ٻاھران قبضي ھيٺ آيل دڪان شڪر جو گڻيش باغ قبضي خورن کان بچي ويو. آئون ويچار ٿو ڪريان ته باغ مان گهمي اسين ٻاھر ٿا اچون. ٻاھر لکيدر مان ٿيندا، ڪار ۾ شيخن جي پاڙي ۾ پھچون ٿا. گهٽيءَ جي مھڙ تي اٿلندڙ نالين جي پاڻيءَ جو ديرو آھي. ناليون اٿلي پيون آھن، گهٽيءَ ۾ اندر وڃڻ لاءِ پاڙيوارن سرون رکيون آھن، ته جيئن انھن تي ھلي ماڻهو اندر گهٽي ۾ داخل ٿي سگهي. دوست خليل مورياڻي انھن سِرن تان گهٽيءَ اندر ھلڻ کان لاچاري ٿو ڏيکاري. ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو مون کي انھن سِرن تان گهٽيءَ ۾ اندر وٺي ھلي ٿو. سامھون ٻه ٽي ماڻهو بيٺا آھن، اسان کي ڏسي چون ٿا، ”ڀاءُ ڏسو، اھو اٿو اسان جي شھر ۾ صفائي جو حال، منھنجي دل چوي ٿي، جيڪر ھنن کي چوان ته ادا، پوءِ اھڙي ايم پي اي کي ووٽ ڇو ٿا ڏيو، جو ھو توھان جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي. پر آئون ڪجهه به نٿو چوان. اسين اڳتي وڌي ان گهر کي ڏسون ٿا، جيڪو اسان جي ساڄي پاسي واقع آھي، ”اھو ھو شيخ اياز جو گهر!“ دوست ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو ٻڌائي ٿو. آئون ھن گهر کي ڏسان ٿو، جتي ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز جو 2 مارچ 1923ع تي جنم ٿيو ھو. آئون سوچڻ لڳان ٿو، شاعر ۽ ليکڪ جو جتي جنم ٿئي ٿو، جتي ھو پنھنجو ننڍپڻ ۽ ڦوھه جواني جا ڏينھن گهاري ٿو، ان جي حياتيءَ جي سرگزشت ڳولڻي ھجي ته اچي ھن گهر، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ سندس شھر جي دو و ديوار، کان احوال وٺجي، ڇاڪاڻ ته ھن جي حياتيءَ جي خوشبو ۽ يادگيريون انھن ديوارن ۾ ساڪت ٿي وينديون آھن، ساروڻين جي شڪل ۾ شھر ۾ گهلندڙ ھوا جي ھر جهوٽي ۾ ماضيءَ جي عظيم بحر جي سرگزشت ھوندي آھي لڪل!

سوچيان ٿو ته دنيا جي ڪيترن شھرن ۾ انھن شاعرن، ليکڪن ۽ فلاسفرن جا گهر محفوظ ڪري اتي ميوزيم قائم ڪيا اٿن. روس ۾ ٽالسٽاءِ، پشڪن، دوستو وسڪي، چيخوف، ۽ مايا ڪاوسڪي جي گهرن کي عجائب گهرن ۾ تبديل ڪيو اٿن. ويندي انھن جي استعمال جي ھڪ ھڪ شيءِ کي محفوظ ڪري رکيو ويو آھي. (خبر اھا ناھي ته اسان وٽ ڪڏھن اھڙو وقت ايندو، جو اسين به پنھنجي قومي ھيروز ۽ رائيٽرز جا گهر محفوظ ڪري انھن کي ايندڙ نسل لاءِ قائم ڪري وڃون؟ ڇا اھڙو وقت به ايندو ڪي الائي نه؟)

اسان جي سامھون اھو گهر آھي، جنھن ۾ اياز جو جنم ٿيو ھو. ھن ئي گهر ۾ مبارڪ علي عرف شيخ اياز پنھنجي ماءُ دادن، پيءَ شيخ غلام حسين ۽ ننڍي ڀيڻ سبحان خاتون سان گڏ رھندو ھو. ھن گهر جي بنھه ڀر ۾ ھڪ وڏو وڻ ھوندو ھو، جنھن جا ڏار اياز جي گهر جي کُڏ تائين اچي ويندا ھئا. گهر جي سامھون مسند واھي ھئي،  ان جي ڀرسان شڪارپور ميونسپالٽي جي آفيس ھئي. گهر جي ڀرسان دمنيتي ديويءَ جو ميران گرلس پرائمري اسڪول ھوندو ھو. اياز جي گهر جي سامھون ٻن ھندن جا گهر ھئا، جن جي پٺ تان سندن حويليون ھيون. اونھاري ۾ گهر جا ڀاتي کُڏ تي وڃي سمھندا ھئا. رات جو شڪاپور جي نيري آڪاس ۾ جڏھن تارا ٽمڪندا ھئا، ته آڌي رات جو اوچتو الوپ پکي جو درد ڀريو آواز ايندو ھو ۽ ننڍڙو ٻار (اياز) جاڳي پوندو ھو. اياز کي سندس ماءُ ٻڌايو ھو ته اھو الوپ پکي ڪائي رولاڪ آتما آھي، جيڪا ڪنھن کي ڳولي رھي آھي، (۽ اياز چوندو ھو، ته آئون پاڻ کي به گهڻي وقت تائين پاڻ کي الوپ پکيءَ وانگر ڀانيو ھو، جيڪو ڪنھن جي ڳولا ۾ ھو، جيڪا ھن کي ھٿ نٿي آئي.) ۽ اياز جي گهر جي وٽان نڪرندڙ گهٽيءَ ۾ ڪاڪڙن جو ٿلهو اڃا باقي آھي يانه؟ ان جي ٻئي پاسي ننڍي بازار، جيڪا وڃي شڪارپور جي ڍڪ بازار ۾ پوندي ھئي، ان رستي تي بيٺل جهونو پپر جو وڻ به اڃا باقي آھي، يا وقت جي طوفانن پراڻن ماڻهن سان گڏ ان وڻ کي به اڏاري ويو ۽ وڻ جي ڀرسان رھندڙ ھندو جو تشيءَ به ورھاڱي جي ڀينٽ چڙھي ويو، جنھن اياز جي پيءَ کي اياز بابت ڪجهه اڳڪٿيون ڪيون ھيون. پر ڪيئن چئجي ته سڀ ڪجهه ساڳيو نٿو رھي. وقت جي بيرحم وھڪري ۾ سڀ ڪجهه لڙھي ڪک پن ٿو ٿي وڃي.

”اياز، پنھنجو گهر پاڻ وڪڻي ويو ھو.“ ڊاڪٽر انور فگار ٻڌائي ٿو، ”اياز، پنھنجي ننڍپڻ بابت گهڻو ڪجهه لکي ويو آھي.“ ھُو ٻڌائي ٿو. آئون جواب ڏيان ٿو، ”ھا واقعي، اياز بابت ڪا دستاويزي فلم ٺاھجي ته ان لاءِ مواد موجود آھي، پر انور صاحب، بدقسمتيءَ سان اسان وٽ جايون اصلوڪي صورت ۾ باقي نٿيون رھن. خبر ناھي ته ڪڏھن ڪو اھڙو زمانو ايندو به الائي نه ته سنڌ جي قومي ھيروز جون جايون محفوظ ڪري، انھن کي ميوزمس ۾ تبديل ڪيو ويندو. روس ۾ ٽالسٽاءِ، چيخوف، دوستووسڪي، ماياڪووسڪي، بورز پيسٽرنڪ سميت سمورن اديبن جا گهر محفوظ ڪري، انھن کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، پر اسان وٽ ائين ڪٿي ٿو ٿئي. ڪلڪتي ۾ رابندر ناٿ ٽئگور ۽ سڀاش چندر بوس جا گهر اڃا باقي آھن، پر سنڌ ۾ اياز جو سکر وارو گهر ۽ ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ واقع پرنس ڪامپليڪس وارو فليٽ، ھن جا ھزارين ڪتاب جن تي ھو ساھه ڇڏيندو ھو، سڀ ويا وڪامجي!“ آئون ڏک ۾ چوان ٿو.

اسين روشن جي گهر کان واپس اچي رھيا آھيون، رستي ۾ نيو ايئرا اسڪول اچي ٿو، مورياڻي صاحب ڪار کي اتي بيھاري ٿو. ھي اسڪول ھو جنھن ۾ شيخ اياز پرائمري تعليم حاصل ڪئي ھئي، مشھور شاعر کئيلداس فاني ھن اسڪول ۾ سندس استاد ھو. اياز سان گڏ سندس ننڍپڻ جو دوست سترام ھمدرد ھن جو ھم ڪلاسي ھو. ھنن ٻنھي اسڪول ۾ ڪشنچند بيوس جو ڪتاب شيرين سُخن پڙھي شاعري سکي ھئي. ۽ اياز سان سَنو نالي ھڪ ڇوڪري به گڏ پڙھندي ھئي. آئون سامھون اسڪول کي ڏسان ٿو، جيڪو اونداھيءَ ۾ ٻڏل آھي، جڏھن اياز ھتي پڙھندو ھو ته ھتي ھڪ کوھه به ھوندو ھو، خبر نه آھي ته اھو کوھه ھتي آھي يا لٽجي ويو. شڪارپور جي روشن ڏينھن ۽ تابناڪ ماضي وانگر.

۽ اسين روانا ٿيون ٿا شاھي باغ ڏانھن.

شاھي باغ آڏو، نالي ماتر شڪارپور جي مٺي ۽ ماٺ جهڙي سانجهي. اسين ڪسيءَ جيڏي واھه وٽ بيٺا آھيون، جتان ڪڏھن بيگاري واھه وھندو ھو. چون ٿا ته بيگاري جي ڪپ ويجهو بڙ جا گهاٽا وڻ لڳل ھئا. انھن وڻن جون لامون، جوڳين جي جٽائن وانگر پيون لڙڪنديون ھيون. شاھي باغ لڳ ھٽ ٺھيل ھئا، جتان دانگيءَ تي پڪل ماني، ڪُني ۾ رڌل ساڳ ۽ دال وٺي ھرڪو کائيندو ھو. ان سان گڏ بصرن ۽ انبڙين جو آچار به ملندو ھو. واھه جي ڪپ تي سرنھن، نم، ۽ بڙ جا وڻ به ھئا. شاھي باغ ۾ وري ڪيسو ڦل جو وڻ بيٺل ھوندو ھو. جڏھن مند ڦرندي ھئي ته ڪيسو گل جي وڻ ۾ ڪيترائي رنگا رنگي گل ٽڙي پوندا ھئا. شاھي باغ ۾ اياز روزانو صبح جو چئين وڳي گهران اٿي ايندو ھو ۽ باغ ۾ کير جهڙا اڇا رابيل جا گل ڏسي ھن کي ريشم ياد ايندي ھئي. باغ ۾ سائي ڇٻر سان ڍڪيل ٻارا قسمين قسمين جا گل ۽ انيڪ وڻ. پريان کان چھچ سائي ڇٻر جا ٻارا مخمل جو ڏيک پيا ڏيندا ھئا. وچ وچ تي ڦوھارن مان نڪتل پاڻيءَ جو سنھڙي ڦوھار سبب ڇٻر جا ٻارا پيا جرڪندا ھئا. باغ جي وچ ۾ ٺھيل ميريويدر پويلين. شاھي باغ جي پٺئين پاسي کان وھندڙ شاھي سنڌ واھه جنھن جي وھڻ شرط شڪارپورين جو ميلو اتي مچي ويندو ھو. سنڌ واھه طرف ويندڙ سڙڪ جي سرنھين ۽ نم جا وڏا وڏا وڻ، رستي جي ٻنھي پاسن کان ونگون ڪيو بيٺا ھوندا ھئا. انھن جون ٽاريون پاڻ ۾ مليل ھونديون ھيون. سنڌ واھه تي عورتن ۽ مردن لاءِ جدا جدا ٺھيل گهاٽ. واھه جي ڪناري ڪيترائي بنگلا ٺھيل ھئا، ان تي ھڪ خوبصورت پل ٺھيل ھئي. جهولي لال جو مندر ھو، ڪيترا دڪان ٺھيل ھوندا ھئا. پر ھاڻ سڀ ڪجهه اُھو ماضي جي ھڪ خوبصورت ياد ۾ بدلجي چڪو آھي.

آئون سنڌ واھه تي بيٺو آھيان، جيڪو ھاڻي بلڪل سُڪل آھي، پاڻي منجهس آھي ڪونه. ڪنھن وقت جا ٺھيل بنگلا ۽ ھٽ موجود ڪونھن، جتي ماڻهن جا ميلا مچندا ھئا، اتي ھاڻي مٽي اڏامي رھي آھي. نه رھيون بازارون ۽ نه رھيا اھي گهاٽ ورھاڱي کان پوءِ ماڻهو بنگلن جون سرون ۽ ڪامون به چورائي ويا. آئون ميري ويدر پويلين کي ڏسان ٿو، سيپٽمبر 1876ع ۾ ٺھيل پويلين جنھن جي ڇت تي اڳي مون برما ٽيگ جي ڇت لڳل ھئي. پر ھاڻ اتي ٽين جي ڇت لڳل ھئي. مورياڻي صاحب ٻڌائي ٿو، ”ڪجهه وقت اڳ مرمت جي نالي ۾ برما ٽيگ ھتان کڻائي ويا، جيڪو وري واپس نه وريو.“ ۽ ھاڻ بدشڪل ٽين جي ڇپرن جي ڇت اسان جي سامھون ھئي.

آئون سامھون شاھي باغ کي ڏسي ويچار ڪريان ٿو، جڏھن ھن شاھي باغ ۾ ڪڏھن رابيل جا کير جھڙا گل ڦٽندا ۽ وڻن ۾ ٻور جهليندو، ڪيترا گل ڦولاربا، تڏھن ڪنھن نه ڪنھن وڻ، ڪنھن نه ڪنھن ارغواني گل ۾ ھي جھان ڇڏي ويل عاشقن جون ڀٽڪيل آتمائون ضرور لڙي اينديون، شايد، اياز ھي شعر به ان لاءِ لکيو ھو:

ڪڙ ساڳيا واٽ تي، ساڳيون وليون،

ڪُوڪ ڪويلڙي به ساڳي ئي ڪندي،

ڪوبه مون کي ساريندو ھتي،

ھا ڪويتا جون سٽون شايد رھن،

ڏيئڙو جي ڪوبه ٻاريندو رھي،

لاٽ ۾ منھنجا به ڪي ليئا ھجن.

”شاھي باغ ھاڻ اجڙي ويو آھي، باغ جو اڌ کان وڌيڪ ڀاڱو ليز تي ڏنو ويو. اُتي گهر ٺھندا. ڪڏھن ته چنڊ ھن باغ جي پنھنجي ڇاٽ ھڻندو ھو، چانڊوڪي ڇڻي ڇڻي ڪري پنھنجا چاندي جھڙا ڪرڻا پنن تي پوندي ھئي.“ آئون شاھي باغ کي ڏسي ويچار ڪريان ٿو. باغ ۾ ڪي به گل ٻوٽا نه آھن. نه وري سرينھن جا وڻ باقي بچيا آھن. شام جا پويان پاڇوان باغ تي گڙڙ پکي وانگر پئجي رھيا آھن. اونداھي ڇائنجي رھي آھي. پر سامھون چوڏھيڻي جو چنڊ جيڪو سويل ئي اڀري آيو ھو، ھيٺ نھاري پيو. ھر پاسي کان شڪارپور جي مخصوص اداسي ڇانيل. ڄڻ ويل وقت اوٻاسيون ڏيئي رھيو آھي ۽ شڪارپور جو شاندار ۽ خوبصورت ماضي، پريان کان چوڏھين جي چنڊ وانگر ڄڻ بيگاري واھه جي بيٺل پاڻي مان اسان کي چتائي نھاري رھيو آھي. شاھي باغ ۾ جُھڙالا ڏينھن ۽ چانڊوڪي راتيون. پاڻ ڏي پاڻمرادو ڇڪندڙ فارسي غزلن جھڙا رنگارنگي گلاب، دائودي، نازبو، زنگيءَ جا پيلا گل، چنبيلي، مگرا، ڇمڪڻي املتاس جي وڻن جا زرد ڇڳا. گل عباسي، گل اشرفي، واڱڻائي، ڪاري، لال تلسي ۽ رام تلسي جا گل، توتن انبن، زيتون ۽ انجيرن جا وڻ ۽ انھن ۾ ٽين ٽين ڪندڙ طوطا ۽ پريان بيگاري ۾ ٽٻڙڪا ڏيندڙ مڇيون، شاھي باغ ڏي ويندڙ سڙڪ تي شوالو، جنھن جو عڪس چانڊوڪي راتين ۾ پيو پريان کان چمڪندو ھو. اياز نه فقط اسرُ جو چئين وڳي روزانو شاھي باغ ايندو ھو، پر موڪلن جي ڏينھن ۾ پاڻ ۽ سترام اڪثر ڪوئي ڪتاب کڻي اچي وڻ تي ويھي پڙھندا ھئا. چوپاسي رابيل ۽ قرني جي گلن جي سڳنڌ ھوندي ھئي ڇانيل، پر اُھو سڀ ڪيڏانھن ويو؟ ۽ اھو سڀ ڪالهه ھو، پر اڄ سامھون اجاڙ باغ ۽ اڄوڪي حقيقت جي روپ ۾ منھنجي آڏو ھو. تصور ۾ ڏٺم، اھو پڻ سپنو ھو، پر حقيقت اھا به ھئي، جيڪا اياز اکين سان ڏٺي، جيڪا مري ويئي، ھاڻ ته سڀ ڪجهه خواب، پريشان وانگر ڪڻو ڪڻو ٿي وکري ويو، (تڏھن ته اياز لکيو آھي ته: ”جيڪڏھن آخري آئون خدا کان گهران ته ھن کي چوان ته مون کي سنڌ واھه موٽائي ڏي!“  شاھي باغ ۾ چوپاسي ڇٻر جا وڇايل ساوا چھچ غاليچا نه ھئا. نه وري وچ وچ ۾ رنگارنگ گل جھڙوڪ گلاب جو گل، تنھن کان سواءِ اڇا، ڳاڙھا، ساوا زرد، نيرا، چٽڪمرا رنگ جا طرحين طرحين جا گل انھن ۾ پوپٽ لامارا ڏيندڙ ھاڻ باقي نه رھيا. شوالن ۾ جهانجهه وڄندي ھئي. اُھي سڀ لعل لولي جي رات جو شڪارپور شھر حويلين ۽ سڀني پاڙن ۾ ٻاھر دڳ تي ٻاريل باھه جي وڏن مچن مان اٿندڙ ستارن ستارن تائين وڃي وسامي ويا.

*****

”ڀارت جي پھرئين سنڌي فلم ”اباڻا“ ٺاھيندڙ ”ٽي. ايم. بھاري مسند به شڪارپور جو رھواسي ھو. آئون جڏھن پھريون ڀيرو ڀارت ويو ھوس ته مسند سان ملاقات لاءِ سندس آفيس ويس، اتي سندس سيڪريٽري ڇوڪريءَ کي ٻڌايو ته توھين ٽائيم وٺي اچو ھا، مسند صاحب ھن وقت به ميٽنگ ۾ ويٺو آھي. اوھان سان نه ملي سگهندو.“ دوست خليل مورياڻي مون کي اھا ڳالهه ٻڌائي رھيو آھي، ھو چوي ٿو، مون سيڪريٽري کي چيو، ”توھان ھن کي پرچيءَ تي لکي موڪليو ته ھُن سان سنڌ جي شھر شڪارپور مان ڪو ماڻهو ملاقات لاءِ آيو آھي.“ ھُن ڇوڪريءَ منھنجي زور ڀرڻ تي آخرڪار مسند کي چٺي ڏياري موڪلي، اڃا ٻه سيڪنڊ مس ٿيا ته بھاري مسند آفيس مان نڪري اچي، مون کي ڀاڪر پاتو. مون کيس ٻڌايو ته: ”آئون خليل مورياڻي آھيان، ھتي بمبئي آيو ھوس، دل ڇڪ کاڌي ته توھان سان ملاقات لاءِ اچي نڪتس.“ پوءِ ھن منھنجو ڏاڍو آڌر ڀاءَ ڪيو ۽ چيو ته تون پنھنجو فون نمبر ڏيئي وڃ. آئون تنھنجي پنھنجي گهر دعوت ڪندس. ٻن ڏينھن بعد ھن مون کي فون ڪئي ۽ شام جو جوھو جي علائقي ۾ واقع سمنڊ جي ڪناري سندس بنگلي تي مون کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني. آئون جڏھن مسند جي ھڪ وڏي ۽ شاندار بنگلي تي پھتس ته ھن جو اھو شاندار بنگلو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويس. اندر ھو منھنجي انتظار ۾ ويٺو ھو. ھن وٽ قسمين قسمين جي انيڪ ولايتي وھسڪي ڪٻٽ ۾ پيل ھئي. مون کي چوڻ لڳو، ”مورياڻي جيڪا وڻئي وھسڪي اھا کڻي ويھه ته ڊرنڪ ڪريون.“ جڏھن مون ھن کي ٻڌايو آئون وھسڪي نه واپرائيندو آھيان ته ڏاڍو حيران ٿيو، پوءِ پنھنجي زال سان ملاقات ڪرايائين. سندس پوٽي جيڪا ھڪ وڏي ڊانسر ھئي، ان سان ڏيٺ ويٺ ڪرايائين ۽ پوءِ سڄو وقت شڪارپور جون ڳالهيون ڪندو رھيو. کيس اڃا به ڏاڍي سڪ ھئي، ھر ھر ٿڌا ساھه پئي ڀريائين شڪارپور لاءِ .“ خليل مورياڻي مون کي آھستي آھستي ٻڌائي رھيو ھو. ”ڪٿي ھو سندس گهر شڪارپور ۾!“ مون سوال ڪيو، ھن ٻڌايو، ”مسند جو گهر شڪارپور جي واڳڻو در ويجهو ھيس. تعجب آھي ته شڪارپور کان وڌيڪ ھو بمبئي ۾ آسودو ھو، پر شڪارپور جو بار بار ذڪر ڪندي ھن جا نيڻ آلا ٿي پئي ويا. آئون جڏھن به بمبئي ويس ته اتي ڳولي ڳولي شڪارپورين سان وڃي ملاقات ڪيم. داد گوبند پنجابي کي ته شڪارپور سان وڏو عشق ھو، پر رائي بھادر اوڌو داس، تارا چند جو پوٽو به شڪارپور تي ساھه پيو ڇڏيندو ھو. ھڪ ڀيرو شڪارپور آيو ته الاھي بخش سومري جو مھمان ھو. ڀارت جو وڏو لکپتي، پر شڪارپور جو وڏو عاشق چوڻ لڳو، ”جيڪڏھن پاڪستان جي سرڪار اجازت ڏي ته وڏن وڏن فلم اسٽارن کي سنڌ وٺي اچي. اُنھن جا فنڪشن ڪرايان، پوءِ ان مان جيڪا اپت ٿئي، اھا سموري شڪارپور جي ترقي لاءِ ھن جي سونھن کي باقي رکڻ لاءِ خرچ ڪجي.!“

آئون سوچيان ٿو ته سچ پچ ته شڪارپورين کي ھن شھر سان عشق ھو، تڏھن ته ولايت مان ڪمائي اچي اھو سڄو ناڻو، جايون ٺھرائڻ، اسپتالون جوڙڻ ۽ اسڪول قائم ڪرڻ تي خرچ ڪيائون. چون ٿا ته شڪارپور جا ڪيترا ھندو، ڪاڪت جي گيارس ڏينھن سڄي شھر جي چوڌاري ائين ڦيرا ڏيندا ھئا، جيئن ڪنھن مندر يا ڪنھن درويش جي قبر کي چوڌاري ڦيرو پائيندا آھن، ورھاڱي کان اڳ لال لوڻي جي رات شڪارپور سڄي شھر کي چوڌاري ڦيرا پائيندڙ شڪارپوري حياتيءَ جي گهمسان رڙ ۾ کوئجي ويا، ڇاڪاڻ ته ھي شھر ھنن لاءِ مقدس ھو ته ڪعبو قبلو ۽ ڪاشي به ھو.“

رابيل رُت مايا نگر

تنھنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون.

ڇا اياز، ھيءَ سِٽون روشن آرا مغل جي ھِن گهر جي گهٽيءَ تي نه لکيون ھيون؟ آئون پنھنجي دوستن خليل مورياڻي ۽ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي سان گڏ، ھزاري در ويجهو ڪاساين واري گهٽيءَ جي آڏو روشن آرا مغل عرف ريشم جي گهر آڏو بيٺا آھيون. اسان جي مٿان شڪارپور جي آڪاس تي ڇانيل رات موجود آھي. پر چوڏھين جو چنڊ به اڀري اچي اسان جي مٿان بيٺو آھي. روشن جو گهر ڊاڪٽر انور فگار اسان کي ڏيکاري ٿو، جيڪو ھاڻ اصلوڪي شڪل ۾ باقي نه رھيو آھي. آئون پنڊ پھڻ ٿيو، سامھون ان ماڙيءَ کي ڏسي رھيو آھيان، جيڪو ڪڏھن روشن آرا مغل جو گهر ھو. بنھه ننڍڙو گهر، چون ٿا ته ٻه ڪمرا ھيٺ ٺھيل ھوندا ھئا. اتان ڏاڪڻ چڙھي مٿي وڃبو ھو، مٿي کُڏ، جنھن کي شڪارپوري ڪوٺو چوند آھن ۽ ان گهر ۾ روشن ڏاڍا غربت جا ڏينھن گذاريا ھئا. سندس امڙ کي ھن جي ذھانت مان ڏاڍيون اميدون ھيون. اڪثر چوندي ھئي ته، ”منھنجي روشن ڏسجو ھڪ ڏينھن ضرور پنھنجو نالو روشن ڪندي!“

ياد رھي ته روشن جو جنم جون 1924ع تي ٿيو، روشن جي ڄمڻ کان ھڪ مھيني بعد آگسٽ 1924ع ۾ شڪارپور ۾ پھريون ڀيرو بجلي آئي. شڪارپور ۾ اليڪٽرڪسٽي اچڻ کان اڳ ۾ شھر جي گهٽين ۾ شمعدان ٻرندا ھئا. پر آگسٽ 1924ع ۾ اليڪٽرڪسٽي آئي ته شھر ۾ جھڙوڪر شادميانا وڄي ويا. پھريون گهر پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي جو ھو، جنھن ۾ بجلي لڳي. ان ڪري روشن جي امڙ ساران ۽ سندس مڙس محمد حسين مغل پنھنجي ڌيءَ جو نالو روشن رکيو، جنھن کي اڪثر ڪري روشني ڪري سڏيندا ھئا. اھا ٻي ڳالهه آھي ته روشن جي جوان ٿيڻ تائين ھو غربت سبب بجلي نه ھڻائي سگهيا ھئا، ان ڪري گهر ۾ گاسليٽ جو لالٽين ٻرندو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org