سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:13 

تنوير عباسي

روشن

]منظوم ڀيٽا[

 

بادلن جيان مان ڀٽڪندي ئي رهيس،
ٿڪ کان ڪڏهن چور ڪين ٿيس.
روشنيءَ جي تلاش ۾ ئي رهيس،
ڪنهن جي اکين جو نور ڪين ٿيس.
تنهنجي دل ۾ رهيس ٿي غم جي خلش،
توکان ڪڏهن به دور ڪين ٿيس.
لڙڪ ٿي، پلڪ تي ئي ٿي جهلڪيس،
ڪنهن جي دل جو سرور ڪين ٿيس.
جي سراپا نياز ٿي نه سگهيس،
مان سراپا غرور ڪين ٿيس.
ٿي سگهيس جي نه ڪنهن جي دل جو سرور،
ڪنهن جي ڀي دل جو سور ڪين ٿيس.
دونهي جيان ٿيس دل کي دکي پوري،
باهه ظاهر ظهور ڪين ٿيس.
ساري جڳ لاءِ مان هيس ”روشن“
هڪ جي اکين جو نور ڪين ٿيس.

 

روشن جي شاعري

او ساٿي

 

هن دنيا جي ويراني ۾ منزل ملندي يا نه؟

ڀلندا ڀلندا  اوسي  پاسي،

رلندا رلندا جي ٿڪياسي،

هلنداسي ائين واجهائيندا،

آخر جاءِ به ساهه پٽڻ جي قابل ملندي يا نه؟

چئو مرضي ڇا ٿي؟

او ساٿي!

-----

کن پل جي لئي هن دنيا جي بستيءَ ۾ آياسي،

حيرت ۾ ٿي واجهايوسي،

ڌاريو سمجهي ڳالهايوسي:

رستو منزل جو ساڳيو هو،

هٿ هٿ ۾ ڏئي نڪري وياسي هڪ جو ٻئي پاسي،

ڪائي پرواهه ٿي؟

او ساٿي!

------

سج ڪڪرن جي سونهري ڌارن کي چيريندو،

پنهنجي منزل تي آيو آهه،

دور پهاڙين تي ڇايو آهه،

بس رات به هاڻي ڇائيندي،

۽ ڪارا پر ڦهلائيندي:

توکي مونکي ويراني ۾ ڪير اجهو ڏيندو؟

مشڪل پيدا ٿي!

او ساٿي!

او سا...... ٿي.!

احساس

 

آءٌ ته مان توکي ڀلايان
نغمي جو جادو ڦهلايان
هلڪا هلڪا شيرين شرين،
توکي ڪيئي گيت سڻايان
خاموشيءَ جون لهرون چيري،
تن جي سيني تي لهرايان
ڳايان ڳايان تيسين ڳايان،
جيسين پنهنجي دل ۾ ڀانيان
دنيا ساري خواب!
ساٿي!
دنيا ساري خواب!

اونداهيءَ ۾ جيڪا دهڪي،
تاري جيئن دل منهنجي آهي،
پنهنجيءَ هستيءَ کان گهٻرائي،
چانڊوڪيءَ کي هر دم چاهي،
تارو اوندهه ۾ هوندو آهه،
چانڊوڪيءَ ۾ هوندو ناهي،
دوريءَ کان ۽ مجبوريءَ کان،
گڏجي پنهنجي دنيا ٺاهي

تارو ۽ مهتاب،

ساٿي!

دنيا ساري خواب!

 

 

 


 

رُت آئي،

مکڙي ڇا کان شرمائي؟
ڪرڻا آيا،

هرجا ڇايا،

چپي چپي گل چشمن ڇايا،
مکڙي ڇا کان شرمائي
رُت آئي!

ڀونرن ڳاتو،

پل ۾ پاتو،

ڪنول ڪنول سان نازڪ ناتو،

هيءَ ڇو تنهن تي مرجهائي؟

مکڙي ڇا کان شرمائي؟

رات آئي!

 


 

 

خواب زندگي

 

قدرت جو ڇا نظارو
ڇا ناز نازبو جو

 

 

 

 

 

صحن چمن گلابي،
نرگس جي نيم خوابي،

 

 

دلڪش حسين مناظر،
آ چوطرف سرار.

 

 

سوسن سمن جي بيهڪ
بلبل جو گيت ڳائڻ

 

 

آ دلپزير بيشڪ،
آ بي نظير بيشڪ،

 

 

آيو بهار اي دوست!
در لاله زار اي دوست!

 

 

نازڪ نسيم کڻندي
بلبل چيو مرحبا مان

 

 

ڦولن جا هار آئي،
وه جو بهار آئي،

 

 

ڇا مهڪ آ گلن ۾!
ڇا رنگ آ چمن ۾!

 

 

ڏس چشم خوب واري
ڏس بي نياز ملڪ،

 

 

سا نازنين نرگس،
ڏس مهه جبين نرگس،

 

 

ٽانگر ۾ زندگي ڏس
لاله جي سرڪشي ڏس.

 

 

چشمو وهي رهيو آ
قدرت جي ڪار سازي

 

 

ڏس آبشار اي دوست!
ڏس ڪوهساري دوست!

 

 

پاڻي جا بدبدا ڏس،
ٿيا موج سان فنا ڏس.

 

 

هيڪر مٿي نظر ڪر
هڪ ٻئي کي ڪيئن ڪرن ٿا

 

ڇا پيارا پيارا تارا،
سي عشق جا اشارا،

 

 

بجلي ته ڪيئن ٿي چمڪي،
بادل به ڪيئن ٿو گرجي.

 

 

ڪيئن ٿو ڪڍي تجلو
تارن سان راتڙي جو

 

 

مهتاب آسمان ۾،
ڇا آب آسمان ۾،

 

 

قدر جا ڪارناما
قدرت جا ڪارمانا.

 

 

هي خواب زندگي آ!
جوش و خروش دل جو

 

 

پر ناهه زندگاني
آهي نه جاوداني

 

 

لحضي جو هڪ لقا آ،
انسان بي بقا آ.

 

 

او ساز زندگي جا

سر ٿو سوين سهڻائين
ڪنهن وقت ٿو روئارين

 



 

هر تار ٿو وڄائين
ڪنهن وقت ٿو کلائين

 

 

کولي نٿو ٻڌائين
پر راز زندگي جا
او ساز زندگي جا!

 

ڪنهن وقت ڏس ته ڳوڙها
ڪنهن وقت کل خوشي جا

 

 

منهن زرد، دل دکي آ
ڇيڙين پيو ترانا

 

 

سمجهيا نه مون نرالا
آواز زندگي جا
او ساز زندگي جا!

 

يا عيد هئي وطن ۾
يا دور دي کان هان

 

 

۽ چاندني چمن ۾
۽ آ اُماس من ۾

 

 

ڄڻ ٿي ڏسان سپنن ۾
انداز زندگي جا
او ساز زندگي جا!

 

اڳ پوءِ ڏي نهاريون
ڪلهه کي نه جي وساريون

 

 

اميد تي گذاريون
ٻئي ڏينهن کي به ساريون

 

 

کن ۾ سوين مڪاريون
لک ناز زندگي جا
او ساز زندگي جا
او ووسا! از زن ....دگي جا!

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org