سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: چانڊوڪي چمپا جي مالها

 

صفحو:2 

مدد علي سنڌي

ڪُجهه خواب لِڪائي رک ٻي رات به اچڻي آ

ڪار سکر کان شڪارپور واري روڊ تي ھلڻ لڳي، ته مون سامھون نھاريو، شڪارپور واري شاھراھه جي مٿان اپريل مھيني جو سج تپش ڏيئي رھيو ھو. اھو ڏسندي دوست سليم سولنگي کي چيم، ”اڃا اپريل جو مھينو شروع ٿيو آھي، ته شڪارپور جو آسمان ٽانڊا اڇلائي رھيو آھي، ھتي جون- ۽ جولاءِ ۾ به سخت گرمي ٿيندي آھي.“ ھُن ڪار جي ونڊوز جو شيشو کوليو، ته مون ھٿ ٻاھر ڪڍيو. محسوس ٿيو ته شڪارپور ۾ آرھڙ جي مُند جي شروعات ٿي چڪي آھي. ڪار آھستي آھستي شڪارپور ڏي وڌي رھي ھئي. شھر جي ٻاھران پيٽرول پمپ تي شڪارپور جي انسائيڪلوپيڊيا، خليل مورياڻي اسان جي انتظار ۾ بيٺل ھو، جنھن سان موبائيل فون تي رابطو مسلسل جاري ھو. آئون ڪنھن خيال ۾ گم ٿي ويو ھوس. منھنجي من ۾، شڪارپور جي ھڪ ٻي انسائيڪلوپيڊيا دوست ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”چانڊوڪي چمپا جي مالھا“ جو دستخط ھو. اھو ڪتاب شڪارپور جي ليکڪا روشن آرا مغل جي حياتيءَ بابت لکيل اڻلڀ مضمونن شاعري ۽ ھن جي ٻن ڪھاڻين کان سواءِ چئن نظمن ۽ ٻن مضمونن تي مشتمل آھي. ان ڪتاب جو مھاڳ مون کي تحرير ڪرڻو ھو. پر الائي ڇو ڪتاب جو مھاڳ لکڻ جي ھمت ئي نه پئي ساري سگهيس. اصل ۾ روشن بابت گهڻي وقت کان ٻڌندو پئي آيس ته اھو شيخ اياز جو پھريون عشق ھو ۽ اياز ھن بابت ڪجهه نظم، ھڪ غزل ۽ ھڪ ڪھاڻي ”پنھل کان پوءِ“ سندس ڪھاڻين جي ڪتاب پنھل کان پوءِ ۾ شامل ھئي. ياد ٿو اچيم ته اھو ڪتاب شيخ عبدالرزاق راز سکر مان حبيب پبليڪشن پاران شايع ڪيو ھو. روشن جي فقط ھڪ تصوير مون مخزن نئين زندگي جي ڪنھن پراڻي پرچي ۾ ڏٺي ھئي. اياز جو غزل ”الائي وري رات ايندي نه ايندي، اسان جي ملاقات ٿيندي نه ٿيندي.“- به روشن سان منسوب سمجھيو ويندو ھو. اھو غزل اياز جي پھرئين شاعريءَ جي مجموعي ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ موجود آھي. ان کان سواءِ اياز پنھنجي خطن جي مجموعي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ ۾ شامل ھڪ خط ۾ روشن جي قبر تي وڃڻ جو ذڪر ڪيو ھو، انھيءَ خط موجب ھو پنھنجي دوست ”ح“ سان گڏ ڪراچي جي کارا دروٽ کوجن جي قبرستان ۾ روشن جي قبر تي وڃي ٿو. اھو دوست ”ح“ اصل ۾ حفيظ شيخ ھو، جيڪو پڻ روشن جو فين ھو. پر اھو سڀ ڪجهه معلوم ھوندي به سمجهيم پئي ته روشن تي لکڻ لاءِ شڪارپور کي وڃي ڏسڻ ضروري آھي. پر ان کان اڳ روشن تي ڪجهه لکڻ سولو ڪم نه آھي؟ بھرحال آئون وري به شڪارپور بابت سوچڻ لڳس:

”ياد ٿو اچي ته شيخ اياز لکيو ھو، ”شڪارپور شھر نه پر ھڪ ذھني ڪيفيت آھي، شڪارپوري جتي به ھوندو، ھن تي اھا ڪيفيت طاري ھوندي.“ واقعي ڪنھن سچ چيو آھي ته شڪارپور جو شھر، ھڪ سانچو آھي، جنھن ۾ انسانيت جو روح اھڙو ته پلٽيو ويو آھي، جو ان رنگ ۾ جيڪو به رڱجي ويو، تنھن تان ڪڏھن به لالي لھي نه لھندي.

ڪو وقت ھو جو شڪارپوري ماڻھو واپار سانگي سمر قند، تاشقند، چين، جاپان، ايران، بخارا، ڪابل، قنڌار ۽ ماسڪو تائين وڃي پھتا ھئا. ھنن جبل جھاڳي، ڪشالا ڪاٽي، انھن ڏورانھن ڏيھن ۾ سندن واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون ھيون. روس جي راڄڌاني واري شھر ماسڪو ۾ ھڪ پاڙو شڪارپوري محلي جي نالي سان مشھور ھو. ڏيارام گدومل ھڪ ھنڌ تي لکي ٿو ته، ”جڏھن آئون سال 1858ع ۾ شڪارپور ۾ سيشن جج ھوس، ته مون وٽ ھڪ اھڙو ڪيس به فيصلي لاءِ آيو، جنھن ۾ ٻن سنڌي واپارين جي ڀائيواريءَ روس جي قانون مجب طئه ٿيل ھئي، جنھن جي ڪري ڪيس جي فيصلي لاءِ ھندوستان جي وائسرى کي خط لکي روسي قانون جو انگريزي نقل گھرائڻو پيو ھو. ”چون ٿا ماسڪو ۾ واقع شڪارپوري پاڙو زار جي وقت ۾ جڏھن ماسڪو ۾ باھه لڳي ھئي ته اھو شڪارپوري پاڙو باھه ۾ سڙي ويو.“

شڪارپور جي چؤطرف باغ ھئا. شھر جون خوبصورت ماڙيون حويليون، گهر سڀ ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويا. ياد اٿم شيخ اياز روشن بابت لکيو ھو:

چاندني رات ۾ سُمھي پيا گيت

ڪنھن نه ڄاتو، نه تون مري ويندينءَ.

۽ اياز ۽ روشن جي شھر شڪارپور ۾ ويندي آئون شڪارپور شھر بابت ٻيھر ٿو سوچڻ لڳان. شڪارپور شھر، تاريخ جي ھڪ اھڙي ڪتاب وانگر آھي، جنھن ڪتاب جو پھريون ورق اٿلائيندي ئي لفظن جي ھڪ نئين تصوير/ ھڪ نئون نقش اکين آڏو ٿو اڀري اچي. خود شڪارپور، جيڪو آھستي آھستي اجڙي رھيو آھي، ڀُرندو پيو وڃي/ ماڳ، مڪان، گهر، ماڙيون، حويليون ۽ پاڙا غائب ٿيندا پيا وڃن، اتي اڄ به ڪٿي نه ڪٿي ڪوئي ماڻهو شھر جو ڪنڊ ۽ پاسو يا شڪارپور جي ڇاتيءَ کي کوٽيندؤ ته ھر ڪنڊ مان ھن شھر شڪارپور جي خوبصورت ثقافت ۽ روايتن جا انيڪ رنگ، روپ ۽ داستان نڪري ايندا.

شڪارپور مون کي سچ پچ ته مقناطيس وانگر سدائين پاڻ ڏي ڇڪيندو آھي، شڪارپور جي قديم تاريخ ھتان جي گھٽين جي اڏامندڙ گرد و غبار مان پئي ڏسڻ ۾ ايندي آھي، ان اڏامندڙ ڌوڙ ۾ شڪارپور تي حملي آور افغانن ۽ ڌارين جي يلغار، حملي آورن جي ترارن سان ٿيندڙ قتل ۽ مارجي ويندڙن جي دانھن، ڌارين حملي آورن جي قيد ۾ ڦاٿل خوبصورت سنڌي عورتن جون آھون ۽ الائي ڪيترا منظر شڪارپور جي ٻاھران شاھي باغ ۽ لنگهندڙ شاھراھه ۾ نقش آھن. ۽ خبرناھي ڪالھه جو شڪاپور جو طلسمي شھر جو تابناڪ ماضي ڪنھن جي اندر ۾ اڃان ھوندو سُتل ڪھڙي خبر. شھر شڪارپور جيڪو آھي تاريخ جي ڪنھن اتھاسڪ ڪتاب وانگر کليل. شڪارپور جي عمارتن جي ڪاٺ جي اُڪر جي ڪم جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي. شڪارپوري ماڻهن جي گهرن جي ٻاھران ڪٺ يعني ربنيءَ جي اُڪر جو عاليشان ڪم ٿيل ڏسڻ ۾ ايندو. ھاٿيدر واري پاسي، اندر گهٽين ۾ ماڙين تي يا اندر شھر ڏي نوشھرو در پاسي ھر گهر جي بالڪوني خوبصورت ھوندي ھئي. مطلب ته شھر جون ماڙيون، حويليون ھندن جا شوالا، عمارت سازي جا شاندار شاھڪار ھئا. ھاٿي در کان اندر ساميءَ جي گهر ويجهو ڪاسائي محلو، روشن وارن جو گهر، جتي ڪيترو وقت سندس گهر مٿان روشن ريزيڊنس لکيل ھوندو ھو! اتي ئي ڀرپاسي ۾ کٽ واري ٻائي جو شوالو ڏسڻ وٽان ھو- مندر سمورو اندران سنگ مرمر جو ٺھيل ڀتيون، ٿنڀا، ونگون ۽ فرش به اڇي سنگ مرمر جو ڏٺويونسين. ڪاسائي پاڙي کان اُتر پاسي ڪڙي عطا محمد محلو اڃا به آھي. شڪارپور جو ماضي اعليٰ نسب، بھادري، اڻٿڪ محنت، ديومالائي داستانَ ۽ حملي آور پرڏيھي حاڪمن جون ڪاھون، ھن ڌرتي جي ڌوڙ ۾ پنھان آھي. خاص نموني جون جڙيل جايون، گڏ رھندڙ ھندو ڪٽبن جون حويليون (يعني ڪيترا ڪٽب ھڪ ھنڌ رھندا ھئا) ماڙيون ۽ محل، ماڙين ۽ جاين جي ونڊ ورڇ ٿيل ھوندي، اڱڻ، ورانڊو، صفو، ڪوٺي، خواب گاھه، مھمان خانو، اڱڻ ۽ ڪوٺو (کُڏ) اونھاري ۾ رات جو سمھڻ لاءِ استعمال ٿيندو ھو ۽ وڏو ورانڊو وري آرھڙ جي تپش ۽ اُس کي جهلڻ لاءِ ھوندو، ورانڊي جا وڏا وڏا ونگ سدائين اڱڻ ڏي کليل ھوندا. مٿي کُڏ تي وري ھڪ صفو (ڪمرو) ٺھيل ته جيئن مينھن پوي ته ماڻهو وڃي اتي پناھه وٺي. گهرن جي ڀتين ۾ وڏا پڪي ساڳ جا خوبصورت ڪٻٽ ٺھيل، گهرن جون ڇتيون 15 کان 20 فوٽ اوچيون. ڀتيون ٿلھيون. گهرن جا ڪمرا ڪشادا. بورچي خانو، ۽ غسل خانو پريان يا مٿي ٽوائليٽ ٺھيل، پر جيڪڏھن اھو اڱڻ ۾ ھوندو ته ڀنگي ٻاھران صفائي ڪري ويندا. ڪمرن کي ننڍڙيون دريون پر ماڻهو جي قد کان مٿي ته جيئن اوپرو ماڻهو اندر جهاتي نه پائي سگهي. انھن درين تي طاق لڳل، روشن دان تنھن کان سواءِ، عيد، ڏياري، دسھڙو، ميلا ملاکڙا، شِو راتڙي، شنڪر ڀارتيءَ جو ميلو، سنڌ واھه جا ميلا. ماڻهو ھڪٻئي تي ميلن ۾ عطر ۽ گلاب پيا نچاور ڪندا. دسھڙي ڏينھن ھر سال رات جو ڪينڪرن ۽ ميگهه ناد جا پتلا جڏھن شھر جي ڌرم سڀا جي پوئين ميدان تي ساڙيندا ته باھه جا ڀنڀٽ سڄي شھر جي ڪوٺن تان پيا ڏسڻ ۾ ايندا. مقصد ته شڪارپورين لاءِ سڄي ڪائنات ڄڻ شڪارپور ھو، ان کان ٻاھر ڪجهه به نه. شڪارپور ريلوي اسٽيشن لڳ ڀائي پرمانند جي آشرم ۾ ھر سال لڳندڙ ميلو. سڄي ھندوستان مان سال به سال وڏا وڏن راڳيندڙن کي گهرائي، انھن جا ٿيندڙ ھانڊا- يعني ميوزيڪل ڪانفرنسون. اسٽيشن جي سامھون شڪارپور جي مشھور ديالو سيٺ ھيرانند مينڊيءَ جو باغ ھو. سال 1910ع ۾ ھن اکين جي مشھور سرجن ڊاڪٽر ھالينڊ کي پنھنجي خرچ تي شڪارپور سڏايو ھو ۽ ھتي مفت اکين جي ڪئمپ ھڻائي سوين غريبن جي اکين جي مفت آپريشن ڪرائي ۽ پوءِ سيٺ ھيرانند ھن ئي روڊ تي کاٻي پاسي ڪنڊ تي اکين جي اسپتال ٺھرائي ھئي، جتي ڊاڪٽر ھالينڊ ڪوئيٽا مان اچي ماڻهن جي مفت اکين جي آپريشن ڪندو ھو. اھو سڄو خرچ شڪارپور جا سرندي وارا ماڻهو ڀريندا ھئا. ھاڻ اھا اسپتال برباد حالت ۾ موجود آھي.

شڪارپور ۾ وڏا وڏا مالدار سيٺ به رھندا ھئا، انھن مان ھڪ مشھور ڪٽنب ھندو جا اڄ به دنيا جي مشھور شاھوڪار ڪٽنبن مان ھڪ آھي. ھندوجا ڪٽنب جو باني پرمانند ڏيپ چند ھندوجا شڪارپور جا سال 1910ع ۾ ڄائو. 19 ورھين جو پرمانند ھندوجا سنڌ ورڪي ٿي وڃي، ايران پھتو ۽ اتي واپار ڪري ويو ترقي جا ڏاڪا چڙھندو. سندس ونيءَ جو نالو جمنا ٻائي ھو. مشھور سنڌي اديب بھاري لال ڇاٻڙيا به ھندوجا ڪٽنب سان تعلق رکندو ھو. ھن جي پريس ۽ شاھي بلڊنگ لکيدر وٽ واقع اڃان به موجود آھي. پر ورھاڱي کان پوءِ بھاري لال ڇاٻڙيا انڊيا وڃي ڏتڙجي ويو. اياز جو ذاتي دوست ھو. جڏھن پويون ڀيرو شيخ اياز بمبئي ويو ھو، ته بھاري ڇاٻڙيا بيماري ھوندي به اياز سان ملاقات ڪرڻ آيو ھو. اتي اياز کي چيو ھئائين ته، ”اسان جا مائٽ ھندوجا ڪٿان جو ڪٿان وڃي پھتا، پر اسين ڏتڙجي وياسين. توکي ياد آھي ته شڪارپور ۾ لکيدر وٽ اسان جي ڪيڏي نه شاندار بلڊنگ ھوندي ھئي.“ شيخ اياز پھريون ڀيرو ورھاڱي کان اڳ بھاري ڇاٻڙيا ۽ ھوندراج سان گڏ رسالو سدرشن ڪڍيو ھو.

سچ پچ ته ھن شھر شڪارپور الائي ڪيترا سانوڻ جا مينھن وسندي ڏٺا، بھار ڏٺي، سدا مھڪندڙ شھر جون خوشيون ۽ روشنيون ڏٺيون، جھڙالا ڏينھن ۽ سانجهيون، سياري جا سرد ڏينھن ۽ ڪوئيٽا کان ايندڙ ٿڌيون برف جهڙيون ھوائون. اماوس جون ۽ چوڏھين جي چانڊوڪي واريون راتيون. بسنت جون مندون، سرءُ جون گهلندڙ ھوائون ۽ ان ۾ اڏامندڙ پن، آرھڙ ۾ شڪارپور جي باغن مان ايندڙ مھڪندڙ ھِير ۽ ھن دکياري شھر جي ماڻهن جي من کي خبر ناھي ڪيترين پيڙھين جي دلن دردن جا پڙالاءَ ڇانيل آھن، اڃا تائين.!

مون کي ياد ٿو اچي، ھڪ ڀيرو اتر سنڌ جي دوري دوران آئون جيڪب آباد کان موٽندي شڪارپور آيو ھوس. غالبن سال 1988ع جي ڳالھه آھي، مون سان گڏ عبرت جو ايڊيٽر محترم خير محمد کوکر گڏ ھو. شڪارپور ۾ دوست مرحوم دلدار احمد سنجراڻي، پنھنجي نئين ٺھرايل ھوٽل ۾ اسان جي رھڻ جو بندوبست ڪيو ھو. سينيئر صحافي علاؤ الدين نيازي به موجود ھو. آرھڙ جي مند ھئي. اسين پنڌ ئي پنڌ شڪارپور کي ڏسڻ لاءِ نڪري پيا ھئاسين. چنڊ جي خبر ناھي ڪھڙي تاريخ ھئي. پر لڳو ٿي ته شڪارپور جي جولاءِ جي آڪاس جو چنڊ جهڪي شاھي باغ تي لھي آيو ھو. باغ ڏانھن ايندي منھنجي نظر ھڪ شوالي تي وڃي پئي ھئي. ان مھل مون کي لڳو ھو ته ڄڻ چنڊ شوالي جي ڪلس کي نوڙي ڏسي رھيو ھو (ڇا اھو سڀ خيال ھو؟) آئون شاھي باغ جي سحر ۾ کوئجي ويو ھوس. مون کي ان مھل شيخ اياز ياد آيو ھو. اياز به ھن شھر ۾ پيدا ٿيو. اياز ڪٿي لکيو ھو ته ھو ۽ سندس دوست سترام ھن باغ ۾ روز ايندا ھئا ۽ ھتي اچي ڪنھن وڻ جي ٿڙ تي ويھي ڪوئي ڪتاب پڙھندا ھئا، پر نه رھيو اھو باغ جو اصلوڪو جوڀن ۽ رنگ و روپ ۽ نه رھيو اھو ماضي! سڀ ڪالهه ۾ تبديل ٿي ويو. ڪالھه جيڪو ٻيھر مور نه موٽڻو آھي ۽ وقت ڪنھن بيوفا پاليل پکي وانگر اڏامي ٿو وڃي. ورھاڱي کان پوءِ شڪارپور شھر ھاڻي مرجهايل رابيل جي گل اونگر وڃي بچيو آھي!).

*****

ھن ڀيرو شڪارپور اچڻ جو مکيه مقصد ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”چانڊوڪي چمپا جي مالھا“ جو مھاڳ لکڻ لاءِ شڪارپور کي ڏسڻو ھو. خواھش ھيم، ته اھا ڪاليج وڃي ڏسان، جتي روشن ۽ اياز گڏ پڙھندا ھئا. روشن ۽ اياز جا گهر ڏسان. سي ايس ڪاليج ڏانھن ويندڙ سڙڪ کي پنڌ گهمي ڏسان، شاھي باغ ۾ وڃان ۽ روڊ ۽ رستا ڏسان، جتي ڪڏھن شڪارپور جو عروج آڪاس سان ڳالهايون ڪندو ھو....

”سائين، سامھون مورياڻي صاحب ڪار ۾ وڃي پيو! ”آواز دوست سليم سولنگي جو ھو، مون سامھون نھاريو. مورياڻي صاحب اسان جي ڳولا ۾ پنھنجي ڪار ۾ پيٽرول پمپ تي وڃي رھيو ھو. ڊرائيور سندس پويان پيٽرول پمپ وٽ وڃي ڪار بيھاري. اسان کي ڏسندي ھو وڏي سِڪ سان اچي اسان کي ڀاڪر پائي مليو. پوءِ وڃي پيٽرول پمپ جي ھوٽل ۾ اندر ويٺاسين. ڪجهه دير ۾ ڇوڪرو ماني کڻي آيو، جنھن ۾ ڪڪڙ جي ڪڙھائي سان گڏ دال ڏاڍي مزيدار ٺھيل ھئي، ماني کائي، ورتي سين ته مون چيو، ”مورياڻي صاحب پھرئين سي ايس ڪاليج ھلبو، جنھن لاءِ مون اوھان کي ڪالهه فون ڪري تاڪيد ڪئي ھئي.“ ھو چوڻ لڳو، ”جي ادا، اڄ جيتوڻيڪ ڪاليج کي موڪل آھي، پر مون پرنسپل کي چئي، ڪلارڪ، پٽيوالي ۽ چوڪيدار کي بيھاري ڇڏيو آھي. ھاڻ اٿو ھلون، جو ھو ويچارا اسان جي انتظار ۾ بيٺل ھوندا.“ اسين اٿي بيٺاسين، ۽ ٻاھر اچي ڪار ۾ ويٺاسين. ٻاھر اپريل جي مھيني ۾ به لڪ پئي لڳي، پر مون کي ڪاليج ڏسڻ جو شوق ھو. ان ڪري ڪار جو رخ ڪيوسين، شڪارپور جي جيڪب آباد روڊ تي سي ايس ڪاليج ڏانھن. گهڙيءَ ۾ ڪار روڊ جي ساڄي پاسي واقع ڪاليج جي گيٽ ۾ داخل ٿي ۽ وڃي ڪاليج جي پورچ وٽ بيٺي. اسين ڪار مان ھيٺ لھون ٿا.

آئون سي ايس ڪاليج جي ڳاڙھي بلڊنگ وٽ وڃي بيھان ٿو. سامھون ڪاليج جي منھڙ تي ”سيٺ چيلا سنگھه اينڊ سيتلداس ڪاليج“ اڇي پٿر تي انگريزيءَ ۾ لکيل آھي. ڪاليج جو صحن ويران آھي، ڪنھن وقت خوبصورت پارڪ ھو. ڊوڊينا جون قطارون ھيون. گل ٻوٽا ھئا. آئون اندر داخل ٿيان ٿو. منھنجي آڏو خوبصورت ھال آھي. اڳتي وڌي ھال ۾ داخل ٿيون ٿا. سامھون اسٽيج نظر پيو اچي. ان جي مٿان ھڪ تمام سھڻو پتل جو ٺھيل وڏو مور لڳل آھي. چون ٿا ته ھِن ھال جو نالو ئي ”پيڪاڪ ھال ھو“، جنھن جو فرش به برماٽيگ جو ٺھيل ھو. پر پوءِ اھو قيمتي برماٽيگ جو ڪاٺ ڪڍي وڪڻي ڇڏيائون. ھاڻ معمولي سرن جو فرش لڳل ھو. مون سامھون پتل جي ٺھيل مور کي ڏٺو، جيڪو پنھنجي خوبصورت ماضيءَ جا خبر ناھي ڪيترا داستان ٻڌائي رھيو ھو. آئون پيڪاڪ جي سُونھن ۾ ٿو کوئجي وڃان. مور، ماضيءَ جي انيڪ پراڻن قصن ۽ گذري ويل دور جون ڪھاڻيون ٻڌائي پيو. ڄڻ چئي رھيو ھجي، ”ادا، ڏاڍي دير ڪري آيو آھين، پر منھنجي اڃا قائم خوبصورتي وانگر ورھاڱي کان اڳ جي شڪارپور، مون وانگر ڏاڍي سھڻي ھئي، پر ھاڻ نه رھيا اُھي رنگ، نه اھي شان ۽ مان، سڀ ڪجهه کوئجي ويو. ماضيءَ جي دز ۾ گم ٿي ويو. ھن ئي ڪاليج جي ھال ۾ ڪاليجي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، اسٽيج تي ناٽڪ ڪندا ھئا. ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جا ناٽڪ ٿيندا ھئا ته ھي ھال ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀرجي ويندو ھو. انھن ناٽڪن کي شھر جا مکيه معزز ماڻهو به شوق ۾ ڏسڻ ايندا ھئا. تنھن کان سواءِ ھِن ئي ھال ۾ ڪيترائي مشاعرا به ٿيندا ھئا. ھڪ ڀيرو ڪاليج جو نوجوان شاگرد شيخ مبارڪ علي اياز ھن ئي ھال ۾ تقرير ڪري رھيو ھو. ۽ روشن به ٻين ڪاليجي شاگردياڻين ۽ شاگردن سان گڏ اياز جا ويچار ٻڌي رھي ھئي. تڏھن اڃا اياز جي روشن سان سڃاڻپ نه ٿي ھئي. اھو سمورو خوبصورت ماضي، ھن ھال جي درن، ديوارن ۽ اسٽيج جي مٿان لڳل سامھون مور جي اندر ۾ سمايل ھو. مون خاموش ۽ اُداس ھال تي نظر وڌي، جيڪو پنھنجي اجڙيل حال ۽ سندر ماضيءَ سان موجود ھو. آئون اڳتي وڌي ڪاليج جي پرنسپلس جي تصويرن کي ڏسان ٿو. سي ايس ڪاليج جو پھريون پرنسپل مسٽر ھزار يمل ھو، ۽ ھن ڪاليج جو افتتاح 17 جون 1933ع تي آچر جي ڏينھن ٿيو ھو. ڪاليج جو افتتاح ڪندڙ ھو: شاھه لطيف ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پارکو سکر جو ڪليڪٽر مسٽر ايڇ ٽي سورلي. آئون پوئتي ٻيھر اسٽيج جي مٿان لڳل مور کي ڏسان ٿو، جيڪو مون کي ڏسي رھيو آھي.

اسين ھال کان ٻاھر نڪرون ٿا. ٻاھر ڪاليج جو سنسان اڱڻ آھي. آئون کيسي مان فوٽو اسٽيٽ ڪاغذ ڪڍان ٿو. انھي ڪاغذ کي کولي ڏسان ٿو، جنھن تي شڪارپور ڪاليج جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن جو ھڪ گروپ فوٽو آھي. جيڪو سال 1944ع جو نڪتل آھي. اھا تصوير مون کي دوست ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي ميل ڪئي ھئي. تصوير ۾ ڪاليج جو شاھي ميدان آھي. ان ۾ پويان ڪاليج جي عمارت آڏو 100 کان به مٿي ڇوڪرا، ڇوڪريون ويٺل آھن. اڳين ڪرسين تي وچ ۾ ھڪ ڇوڪري ويٺل آھي، اُھا روشن مغل آھي. سندس ڀر ۾ 15 کن ٻيون ڇوڪريون ويٺيون آھن، جن ۾ شيلا چگھه به شامل آھي. تصوير ۾ ساڄي پاسي سترام ھمدرد، شيخ اياز ۽ استاد کيئلداس فاني ۽ ٻيا ويٺل آھن.

سي ايس ڪاليج جي لائبريري منھنجي سامھون آھي. جنھن ۾ ڪاليج جو ڪلارڪ، لائبريري جو تالو کولي ٿو. اسين ڪاليج جي لائبريريءَ ۾ اندر داخل ٿيون ٿا. لائبريري جي ديوارن ۾ ڪٻٽ لڳل آھن ۽ انھن ۾ ڪتاب به سوين موجود آھن. آئون ڪٻٽ کي ڏسندو، ھڪ ڪٻٽ وٽ وڃي بيھان ٿو. ان ڪٻٽ ۾ انگريزي شاعريءَ ڪيٽس، بائرن، شيلي، ورڊز ورٿ جي شاعريءَ جي بھترين ڪليڪشن موجود آھي، آئون مورياڻي صاحب کي چوان ٿو، ”محسوس ٿي رھيو آھي ته اڃا ھتي ڪتابن جا چور نه پھتا آھن.“ اھو ٻڌي ڪلارڪ مُرڪي مون کي چوي ٿو، ”نه سائين ھنن ڪتابن جي حفاظت ھر پرنسپل ڪئي آھي.“ آئون وري سوچڻ لڳان ٿو ته، ”ھاڻ ھنن ڪتابن کي ڪير پڙھندو ھوندو؟“ سامھون ڪٻٽ ۾ مشھور انگريزي شاعر ڪيٽس جي شاعري وارو ڪتاب موجود آھي. اياز ھن ئي لائبريري مان ڪتاب وٺي پڙھندو ھو، ڪاليج جي استاد پروفيس ھاسانند کيس رابيندر ناٿ ٽئگور جو ڪتاب ”دي گارڊ نر“ اِشو ڪرائي ڏنو ھو. لائبريري ۾ ٽئگور جي شاعريءَ جا ڪتاب انگريزيءَ ۾ موجود ھوندا ھئا. اياز جي عادت ھئي ته اڪثر ڪتابن تي فوٽ نوٽ ضرور لکندو ھو. اتي مون کي ياد ٿو اچي ته روشن آرا مغل کي به ڪيٽس جي شاعري ڏاڍي وڻندي ھئي. آئون لائبريري کي ڏسندي ماضيءَ ۾ ٿو کوئجي وڃان:

شيخ اياز، روشن آرا مغل کي پھريون ڀيرو ھن ئي لائبريريءَ ۾ ڏٺو ھو. تڏھن روشن جي عمر 17 ورھيه ھئي ۽ سال ھو 1942ع. شيخ اياز ھن ئي لائبريريءَ ۾ رابندر ناٿ ٽئگور جو ڪتاب ”گيتا نجلي“ موٽائڻ آيو ھو. لائبريرين کي ڪتاب موٽائي ھن انگريزي اخبار لٽرري سپلمينٽ ويٺي پڙھي. اوچتو ڇوڪرن ۾ ڪجهه سُس پُس ٿي. اياز نگاھه ڦيرائي ڏٺو ته روشن لائبريريءَ ۾ ڪتاب وٺڻ آئي ھئي. سرءُ قد ڇوڪري، ٻرندڙ نيڻ، جنھن جا ناسي مائل وار سندس چيلھه تائين لڙڪي رھيا ھئا،  ھوءَ ان مھل ڪائي ديو مالائي اَپسرا پئي لڳي... اياز ھُن جي سونھن ۾ گم ٿي ويو ھو. ھوءَ به پريان کان ھُن کي ڏسي رھي ھئي. لائبريريءَ ۾ اچي ھوءَ ڪتاب وٺي ٻاھر نڪري وئي.

*****

آئون ٻيھر ھٿ ۾ جهليل تصوير کي ڏسان ٿو: تصوير 1944ع جي آھي. ھيءَ تصوير سي ايس ڪاليج جي عظيم الشان دور جي، اھم نشاني آھي. تصوير تمام ڌنڌلي آھي، انسان جي روشن ماضيءَ وانگر. تصوير ۾ روشن اڪيلي مسلمان ڇوڪري آھي. مني صدي اڳ يعني 86 ورھيه پھريون، ھيءَ تصوير ڏاڍي دلڪش ته آھي، پر اھو ماضي تصويرن ۾ ڏسندي ماڻهو ڏک جي ھڪ عجيب لھر ۾ ٿو لُڙھي وڃي. آئون سامھون ميدان کي ڏسان ٿو، جتي ھي گروپ فوٽو نڪتو ھو، اڄ اھو ميدان به ساڳيو آھي. ڪاليج به آھي. پر فوٽوءَ ۾ ويٺل ۽ بيٺل ھڪ انسان ھاڻ زندھه نه آھي!... آئون مٿي شڪارپور جي آڪاس کي ڏسان ٿو، ڄڻ ھي سمورو ڏينھن انيڪ اڻ ڏٺل ساروڻين ۾ ويڙھيل. ڪاليج جي ٻاھران روڊ سنسان آھي. تتل ڏينھن جي اڏامندڙ ھوا ۾ ڪو ھڳاءُ ضرور آھي. ڪي آواز ضرور ھوندا موجود اسان جي آس پاس. خبر ناھي ته ڪي آواز ھتي صديءَ جا ھتي ڪٿي رھجي ويا ھجن. ڪھڙي خبر! ڄڻ سموريون مندون ھن شھر جون، پنھنجا رستا وڃائي ويھي رھيون. پر يادگيرين جا انيڪ نوحا اڃان به پيا گونجن ھن شھر ۾. ۽ چنڊ جي چھري جھڙي ڇوڪري ٿي ويئي گم. ٿي ويا اوجھل سمورا عڪس ھاءِ منھنجي اکين کان! شڪارپور شھر جون پاڳل ھوائون ۽ مان تنھا، شڪارپور جي ماضيءَ ۾ گم:

شڪارپور جي مٽيءَ ۾ ڪافي قدرتي ڇڪ آھي ضرور موجود. اھا ڪشش ئي آھي. جنھن ڪيترن ٻاھران آيلن کي ھِن ڌرتي جو رھواسي ڪري ڇڏيو. روشن مغل جا وڏا به ھندوستان جي ڪنھن ڏورانھين پاسي کان شڪارپور آيا ھئا ۽ پوءِ ھتان جا ٿي ويا. چون ٿا ته شڪارپور جو انگريز ڪليڪٽر مسٽر جين، ھتي رھيو ته فقط چار مھينا، يعني سيپٽمبر 1900ع کان وٺي ڊسمبر 1900ع تائين، پر انھن چئن مھينن ۾ ھو صاحب سنڌي ٻولي ايتري ته سکي ويو، جو سولائيءَ سان سنڌي ڳالهائي ۽ پڙھي سگھندو ھو. سدائين شڪارپور جي پسگردائي ۾ موجود باغن ۾ پيو ڦرندو ھو. ھڪ ٻيو انگريز ميجر ايل. ڊي. اي. ايل وائيل شڪارپور جو ڪليڪٽر 1870ع کان 1881ع تائين رھيو ۽ انھيءَ ئي سال شڪارپور ۾ ھن جھان کي الوداع ڪري ويو. جنھن کي شڪارپور جي مٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو ھو. شڪارپور ۾ اھو ڪرستانن جو اھو قبرستان به چون ٿا ته مسمار ٿي ويو.

”سائين اڳتي ھلون.“ آواز دوست خليل مورياڻي جو آھي. آئون ڇرڪ ڀري سامھون ڏسان ٿو ۽ اڻڄاڻ يادگيرين جي مني صديءَ اڳ جي چائنٺ تان اپريل 2017ع ۾ ٿو موٽي اچان. منھنجي ڀر ۾ سليم سولنگي به ڪاليج جي عمارت کي تعجب سان ڏسندي چوي ٿو، ”سائين، ڪاليج ڪيڏي نه سھڻي ٺھيل آھي!“ آئون ھن کي ٻڌايان ٿو، ”ڀاءُ ھيءَ ڪاليج تڏھن قائم ٿيو، جڏھن سنڌ ۾ فقط ٻه ڪاليج ھئا: ھڪ ڪراچيءَ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۽ ٻيو حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج. مقصد ته سڄي اتر سنڌ ۾ ڪابه ڪاليج نه ھئي. پر ھتي سال 1926ع ۾ سيٺ سيتلداس تيرٿداس کي شڪارپور ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جو ويچار آيو. پوءِ سال 1927ع ۾ ھن اپر سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن جي نالي سان ھڪ ايسوسيئيشن رجسٽرڊ ڪرائي. ھن مڙد مجاھد کان سواءِ ٺاڪر داس، نارائڻ داس ۽ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ھُن جا سھڪاري ساٿي ھئا، پر ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ھڪ لک رپين جي ضرورت ھئي، ان ڪري سيٺ سيتلداس 25 ھزار رپيا ۽ ھڪ ٻئي نيڪ مرد سيٺ چيلا سنگھه سترامداس 75 ھزار رپيا چندو ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ٻن تجربيڪار پروفيسرن جو وفد شڪارپور موڪلي جائزو وٺي، ڪاليج جو الحاق ممبئي يونيورسٽيءَ سان ڪيو، جنھن کان پوءِ 1933ع تي سکر جي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ ٽي سورلي ھن ڪاليج جو افتتاح ڪيو ھو.“

اسين ڳالهائيندا، ڪاليج جي ورانڊي ۾ گھمي رھيا آھيون. ٻاھر شڪارپور جي آسمان تان سج ٽانڊا پيو اڇلائي. آئون وري ٻاھر ميدان کي ڏسان ٿو ۽ ماضيءَ جو ھڪ ڏيک منھنجي آڏو ٿو اچي بيھي: ”آچر جو ڏينھن آھي، 17 جون 1933ع، ٻاھر اڱڻ ۾ شاميانو لڳل آھي، جنھن ۾ سڄي شھر جا معزز ماڻهو ڪرسين تي ويٺا آھن. ايتري ۾ سکر جو ڪليڪٽر، مسٽر ايچ ٽي سورلي پنڊال ۾ داخل ٿئي ٿو ته سڀ ماڻهو اٿي ٿا بيھي رھن. سورلي صاحب کي انگريزي ڊريس ۽ مٿان ھيٽ پاتل اٿس. ڪاليج جي در تي سيٺ سيتلداس، سيٺ چيلا سنگهه، ديوان ڀوڄسنگهه پھلاجاڻي، پرنسپل ھزاريمل، پروفيسر شيورام ڦيرواڻي، سيٺ ھر ڀاڳونداس ڏنومل، ٺاڪرداس سندن آجيان ڪري کيس وٺي ٿا اچن. افتتاحي تقريب ۾ ديوان ڀوڄسنگهه پھلاجاڻي آجيان تقرير ڪري ٿو. ان کان پوءِ مسٽر سورلي پنھنجي انگريزي تقرير دوران سنڌي ٻوليءَ ۾ دلپسند رايا ٿو ڏي ته سڄو پنڊال خوشيءَ مان ٿو تاڙيون وڄائي ۽ پوءِ سورلي صاحب آخر ۾ گهنڊ وڄائي ڪاليج جو افتتاح ڪري ٿو. منھنجي سامھون ڪاليج جو سُنسان ورانڊو ڀان ڀان پيو ڪري، پنھنجي پاسي ۾ ڪاليج جو ڪلارڪ بيٺو آھي. آئون ھن کي چوان ٿو: ”اوھان جي ڪاليج ۾ شاگردن کي لائبريري جا ڪتاب پڙھڻ جو شوق آھي؟“ ھو وراڻي ڏيئي ٿو، ”نه سائين، البت لائبريري ۾ اخبارون اينديون آھن، اُھي ضرور پڙھيون وڃن ٿيون.“ آئون وري ڪلارڪ کان سوال ڪريان ٿو، ”ادا، ھتي ڪاليج جو پراڻو گهنڊ اڃا باقي بچيو آھي يا نه.“ ھن چوي ٿو ”نه سائين ھتي پراڻو ڪو گهنڊ موجود ڪونھي!“ اسين ورانڊي ۾ اڳتي وڌون ٿا، ۽ منھنجي ذھن تي تري ٿي شيخ اياز ۽ روشن جي پھرين ملاقات جي ھڪ ساروڻي:

”ڪاليج جي ورانڊي ۾ نوجوان مبارڪ علي عرف شيخ اياز بيٺو آھي، اوچتو روشن ھن وٽ ھلي ٿي اچي ۽ ڪجهه رپيا کيس ڏيئي چوڻ لڳي، ”مھرباني ڪري مون کي بازار مان ڪجهه پنسلون آڻي ڏيندا؟“ شيخ اياز ھُن جي حُسن ۾ کوئجي ٿو وڃي، ھوءَ مرڪي وري اھا ڳالهه چوي ٿي ته اياز ڇرڪي ھن کي ڏسي ٿو، پر ھن کان پئسا نٿو وٺي، پوءِ ٻئي ڏينھن اياز ڍڪ بازار مان خوبچند اينڊ سنز جي دڪان تان ھن کي پنسلون آڻي ڏيئي ٿو!

سامھون ورانڊي کي ڏسندي ماضيءَ جو ھڪ ٻيو سين ھلڻ لڳو: ”ورانڊي ۾ ڪاليجي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اچن ۽ وڃن پيا. ڪي ڪلاسن ۾ ته ڪي لائبريري ۽ ڪي وري پيڪاڪ ھال ڏي پيا کلندا، ڳالهائيندا ٿا وڃن. ٻاھر ڪيتريون سائيڪليون موجود آھن. انھن سائيڪلن تي چڙھي شاگرد ۽ شاگردياڻيون سي ايس ڪاليج ۾ صبح جو ايندا آھن ۽ شام جو پنھنجي گهرن ڏي ھليا ويندا آھن. ڪن ڇوڪرين وٽ سائيڪلون نه آھن ته انھن کي ٽانگا ڪاليج کڻي ايندا آھن ۽ وري سانجهيءَ کان پھرين کين واپس گهر وڃي ڇڏيندا آھن. سامھون ھڪ خوبصورت ڇوڪري اچي پئي. ايتري ۾ ٻي ڇوڪري کيس سڏي ٿي، ”روشن، روشن اڄ تنھنجو ڪيڏي مھل پيرڊ آھي؟“ اھا سرءُ قد، نازڪ ۽ سنڊريلا جھڙي ڇوڪري، مُرڪي ھن کي چوي ٿي، ”شيلا، پيرڊ کي ڇڏ. اچ ھلي ٿا لائبريريءَ ۾ انگريزي شاعريءَ جو ڪوئي ڪتاب وٺي ٿا پڙھون!“ سامھون ھڪ سھڻو نوجوان ھنن کي چتائي نھاري رھيو آھي، جنھن جو نالو مبارڪ علي آھي، ھُن سان گڏ سندس دوست سترام، مبارڪ علي کي ٺونٺ ھڻي اشارو ڪري ٿو ته اياز سامھون مرڪندڙ ۽ کلندڙ ڇوڪريءَ کي ٿو ڏسي، جنھن جي نيڻن ۾ شاھي باغ ۾ اڏامندڙ پوپٽن جھڙا نيڻ جرڪي رھيا آھن!“ آئون خيالن جي دنيا مان ٿو موٽي اچان. منھنجي سامھون ڪاليج جي اڱڻ ۾ ڪي به گل، ٻوٽا ۽ وڻ اڳوڻا موجود ڪونھن، گل ته ڪڏھوڪو ڪومائجي ويا، ھر پاسي کان ھڪ عجيب اداسي ۽ وحشت ڇانيل آھي. مون کي محسوس ٿي رھيو آھي ته چپ خالي خالي ڪاليج جي ڀتين مان ڪي اڻڄاتل داستانَ چريندي ڦاڙيندي ڪجهه چئي رھيون آھن. ڪو وقت ايندو ته جڏھن شيخ اياز جي شخصيت تي کوجنا ڪرڻ لاءِ ڪي ماڻھو اڳتي ايندا، جيڪي ھن جي شاعريءَ تي ريسرچ ڪري اھا ڳالهه ضرور ڳوليندا ته اياز جي شاعريءَ ۾ عشق سان گڏ انقلابي سوچ ڪيئن پيدا ٿي. بلڪه ھن جي شاعريءَ ۾ ايڏي سگهه ڪٿان آئي، جو ھن نه فقط سنڌ، بلڪه ھن سموري ننڊي کنڊ جي سياسي، قومي ۽ آزادي واري جدوجھد جو باريڪ بينيءَ سان ويھي مطالعو ڪيو، ۽ ان جو اثر قبول ڪيو.

مون کي ياد ٿو اچي ڊسمبر 1963ع ۾ جڏھن ڀارت ۾ جهانسيءَ جي علائقي مان لنگهي رھيو ھو، تڏھن جهانسيءَ جي مٽي کڻي دعا گهري ھئائين ته سندس شاعريءَ کي جھانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي جھڙي سگهه نصيب ٿئي. اھڙي سگهه جنھن سان ھوءَ 102 ميل سانده پنھنجي گهوڙيءَ تي سوار ٿي جھانسي کان ڪالپي تائين ويئي ھئي. تنھن وقت لڪشمن ٻائي 22 ورھين جي ھئي:

اياز ان کان سواءِ تانتيا ٽوپي کان به ڏاڍو متاثر ھو. جنھن کي انگريزن 35 سالن جي ڄمار ۾ 18 اپريل 1859ع ۾ ڦاھي ڏني ھئي ۽ اياز کي چمبل جي گهاٽي وٽان لنگهندي تانتيا ٽوپي ڇو ياد آيو ھو؟ اھو ساڳيو ھنڌ ھو، جتي چمبل نديءَ جي سامھون تانتيا ٽوپي اچي بيٺو ھو. سندس سامھون انگريز فوج ھئي. پر پاڻ وڏي بھادريءَ سان اھا ندي پار ڪري ھليو ويو ھو، ۽ شيخ اياز انھيءَ تانتيا کان متاثر ھو، تڏھن ته لکيو اٿس، ”لڳندو آھي، جيئن آئون ڪنھن اڳئين جنم ۾ تانيا ٽوپي ھئس.!!“ تا نتيا جو اصل نالو رامچندرا ھو. ھن کي سندس ئي ھڪڙي قابل اعتماد دوست مان سنگهه ان وقت انگريزن جي ھٿان گرفتار ڪرايو، جڏھن ھُو پارون ٻيلي ۾ گهري ننڊ ۾ ستل ھو. اھي اپريل 1859ع جا شروعاتي ڏينھن ھئا، انگريزي فوج کيس گرفتار ڪري شوپوري ۾ اچي جيل ۾ بند ڪيو. چند ڏينھن اندر مليٽري عدالت ۾ ڪيس ھلائي کيس 18 اپريل 1859ع تانتيا کي ڦاسي ڏني وئي. ھن وقت شھر جي ڪليڪٽوريٽ آفيس جي ويجھو تانتيا ٽوپيءَ جو پتلو ھنيو اٿن، جتي کيس ڦاسي تي لڙڪايو ويو ھو. شوپوري شھر اڄ ڪلهه مڌيا پرديش ۾ گواليار ڊويزن جو ھڪ شھر آھي.

اياز جي حياتيءَ جو آسمان، انيڪ رنگن سان ڀريل ھو. انھن رنگن ۾ عشق، محبت، انقلاب مکيه ھئا، پر ڇا ھُو انھن ڪوششن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهيو؟ شاعر جي حياتيءَ جو تجزيو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ دشوار ڪم آھي. تڏھن ته مشھور فارسي شاعر عبدالقادر بيدل چيو آھي:

”جن ھرڻين جي سڀاوَ ۾ رُلڻ ڇُلڻ ۽ ڊڪ ڊوڙ آھي، انھن پٺيان لڳي، پاڻ کي ھلاک نه ڪر. بلڪه ھن جي زلف جي خيال ۾ وڪوڙجي وڃ.“

***

آئون ڪاليج کان ٻاھر نڪري شھر ڏي ويندڙ سڙڪ کي ڏسان ٿو ۽ ٻيھر سوچيان ٿو ته منھنجو شڪارپور اچڻ جو وڏو مقصد شيخ اياز ۽ روشن آرا مغل جا گهر، جنھن ڪاليج ۾ پڙھيا، ان ڪاليج کي ڏسڻ ۽ شاھي باغ سميت اُھي رستا ڏسڻ ھئا، جن تي اياز ۽ روشن جو ماضي لڪل ھو. ۽ اڄ اھا ڪاليج ڏسڻ بعد، اھا سڙڪ ٿو ڏسان، جتان اياز ۽ روشن گڏجي لنگهندا ھئا. مون کي ياد ٿو اچي ته اياز ڪٿي لکيو ھو ته ھڪ ڀيرو ھو رات جو ڪاليج مان پنڌ ئي پنڌ روشن کي گهر ڇڏڻ لاءِ ويو ھو ۽ آئون جنوري 1943ع جي ھڪ ساروڻيءَ ۾ ٿو ٻيھر کوئجي وڃان:

”جنوريءَ جي رات! ٻاھر سخت ٿڌ ھئي. ڪاليج جو مشاعرو رات جو 11 وڳي ختم ٿيو ھو، پر اندر ھال ۾ ته شعر و شاعريءَ جي ڌُن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ايتا ته مگن ھئا جو کين سرديءَ جو احساس ئي نه پئي ٿيو، پر ھو جڏھن ٻئي ڄڻا ٻاھر نڪتا ھئا ته ولھه ٿي وسي. آسمان تي ستارا ڄمي ويا ھئا. لڱ لڱ ۾ ڦرڪڻي ھئي. ھنن ٽانگي جي ڳولا ڪرائي پر ٽانگو کين نه مليو. سو روشن اياز کي چيو ”مون کي گهر تائين پيدل ڇڏي آءُ“ ان مھل سيءُ بدن ۾ سيرون ڪندو ٿي ويو. اياز گرم مفلر پنھنجي ڳلي مان لاھي روشن جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. نھايت پياري رات ھئي اھا! چانڊوڪي ۽ خاموشي گويا ٻه جاڙيون ڀينر ھيون. جي مدت بعد ڳلي ملي سِڪ لاھي رھيون ھيون. سڀ راھگير گويا سايا ھئا. انسان نه ھئا، روح ھئا، جسم نه ھئا. ھونئن ته ھر ڪنھن جي پنھنجي پنھنجي دنيا ھئي. انسان ان دنيا جو مرڪز ھو ۽ ساري ڪائنات ان جي چوڌاري چڪر ۾ ھئي. پر ان وقت انسان ۽ ڪائنات ٻه مختلف چيزون نه ھئا. انسان ڪائنات ھو، ڪائنات انسان ھئي. اياز موجب ان مھل روشن به چاندني رات جي نظاري کان ڪافي متاثر ٿي ھئي. چؤطرف سانت وسي رھي ھئي. قدمن جي ڇاپ ڪنھن دور ديس جو آواز پئي معلوم ٿي. ان وقت اياز جي دل چيو ھو اي ڪاش! ھيءَ راھه ڪڏھن به ختم نه ٿئي. ھيءَ راھه ازل کي ابد سان ملائي ۽ ھوءَ اياز سان ھلندي رھي ۽ چانڊوڪي روشن جي چھري کي چمندي رھي! رستي جي ڀرسان کاھي ھئي ۽ ان ۾ ڪنول جا گل بيٺا ھئا. چانڊوڪيءَ ۾ ڪنول جا گُل نھايت پيارا ٿي لڳا. اياز ڪڏھن ڪنول ٿي ڏٺا، ڪڏھن روشن جا ڪومل ڳل! ان وقت اياز کي سنسڪرت جي شاعر ودياپتيءَ جو شعر ياد آيو ھو:

”اي پرين، تون ته چور آھين!

تنھنجي رخسارن اھا ملائمت ڪٿان آندي؟

ڪنول جو گل توتي گواھه آھي،

تنھنجي چھري اھا چمڪ ڪٿان آندي؟

چنڊ توتي دانھين آھي.

سياري جي سرد رات پڪاريو ٿي ته تو اھي دراز زلف ڪٿان آندا آھن!“

*****

۽ اياز ڪڏھن ڪڏھن روشن کي ڪاليج مان نڪرندي مھل، سندس گهر ڇڏڻ ويندو ھو. ھڪڙي ڀيري سانجهيءَ مھل ھُو ٻئي ڪاليج مان ٻاھر نڪتا ته شھر شڪارپور جي آسمان تي جُهڙ ڇانيل ھو، سڄو آڪاس ڪارن ڪڪرن سان ڍڪيل ھو، پر ڪنھن مھل اوچتو ڪڪرن جي وچ مان شفق جي رنگن ٿي ليئاڪا پاتا، اوچتو برسات پوڻ شروع ٿي وئي. اياز، ساڻس گڏ بيٺل روشن کي ڏٺو ھو، جنھن جي نيڻن ۾ ڪيترا سمجهه ۾ ايندڙ اسرار آڪاس کان به گهڻا گهرا ھئا ۽ پوءِ ھو ٻئي مينھن ۾ ڀڃندا گهر ڏي روانا ٿي ويا ھئا.

آئون انھن پراڻين ساروڻين مان ٻاھر نڪري اچان ٿو، سامھون روڊ سنسان آھي، مون ھتي اچڻ کان پھرين سوچيو ھو ته ڪاليج کان روشن جي گهر ڪھڙو رستو ويندو ھو. ڪاليج شھر جي ڪھڙي طرف آھي! روشن جو گهر ڪنھن پاسي آھي؟ پوءِ اچي ڏٺم ته ڪاليج شڪارپور شھر جي اوڀر طرف جيڪب آباد روڊ تي آھي ۽ ڪاليج کان ٻاھر نڪربو ته سامھون سڙڪ تي ھلندي کاٻي پاسي ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ جي شاندار بلڊنگ، اڳتي موڙ وٽان کاٻي پاسي مڙبو ته شڪارپور شھر ڏانھن ويندڙ رستو ايندو، ان رستي جي کاٻي پاسي ڪُنڊ تي شڪارپور جي مشھور اکين جي ھالينڊ اسپتال موجود آھي. انھيءَ شڪارپور واري روڊ تان ٿورو اڳتي ھلبو ته وچ تي ريلوي ڦاٽڪ ۽ ريلوي پٽڙي، جيڪا ساڄي پاسي شڪارپور ريلوي اسٽيشن کان ٿيندي ڪوئيٽا ۽ کاٻي پاسي سکر ويندي آھي. (چون ٿا ته شڪارپور ريلوي اسٽيشن وٽ ڊاڪٽر عطا محمد شيخ جو وڏو شاھي بنگلو ھوندو ھو. ڊاڪٽر شڪارپور جي چند ماڻهن مان ھو، جن وٽ 90 ورھيه اڳ به پنھنجون موٽر ڪار ھوندي ھئي. سندس انگريز زال، جڏھن شھر ۾ موٽر ته ڪڏھن پنھنجي سائيڪل تي گهمندي ھئي ته ماڻهو تعجب سان ھن کي ڏسندا ھئا ۽ شڪارپور ريلوي اسٽيشن وٽ ڀائي پرمانند جو مشھور شوالو ھو. ڀائي پرمانند جو فوٽو مون کي شيخ اياز ھڪ ڀيرو ڏيکاريو ھو.) ڦاٽڪ پار ڪري اڳتي ھلبو ته کاٻي پاسي شڪارپور جي مشھور رائي بھادر اوڌو داس اسپتال، جنھن جي اڱڻ ۾ سيٺ اوڌو داس جو شاندار سنگ مر مر جو مجسمو چانڊوڪي توڙي اماوس راتين ۾ به پيو چمڪندو ھو، (پر اھو مجسمو ھاڻ اتي ڪونھي، جو اھو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌالاجي ۾ وڃي رکيو اٿن.) اسپتال جي سامھون گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول شڪارپور جي خوبصورت بلڊنگ. اڳتي جڳنٿات چوڪ ۽ روڊ جي کاٻي پاسي مشھور جڳن ناٿ لائبريري، ھاڻ ان جو نالو ڦيرائي بيدل لائبريري رکيو ويو آھي. لائبريري جي سامھون رستو ميراڻي محلي ڏي وڃي ٿو، مکيه روڊ سڌو وڃي لکيدر تي ختم ٿئي ٿو، پر ان کان اڳ جُماڻي چوڪ اچي ٿو، لکي در ڏي ويندڙ روڊ تي ساڄي پاسي جماڻي ھال جتان کاٻي پاسي جو رستو ھاٿي در روڊ سڏجي ٿو، جيڪو ھزاري در چونڪ وٽان سڌو ھاٿي در ويندو آھي ۽ ان ھزاري در جو ھڪ ئي ساڄي پاسي لوھرن جو محلو آھي، جنھن جي اُتر پاسي کان روشن آرا جو گهر واقع ھو.

روشن آرا، اھو رستو وٺي گهر کان ڪاليج ايندي ھئي ۽ شيخ اياز چانڊوڪيءَ رات ۾، ڪاليج کان پنڌ ئي پنڌ روشن کي گهر ڇڏڻ ويو ھو. اُن رات چانڊوڪيءَ ۾ سڄو شھر وھنتل ھو. چانڊوڪي رات ۾ روشن جا ڊگها ناسي مائل وار چمڪي رھيا ھئا. مٿي آڪاس تي ستارا، ھنن کي ڏسي مرڪي رھيا ھئا ۽ اياز، روشن جي خوبصورت ڪنول جي گلن جھڙي ھٿن کي ڏسندي سوچيو ھو ته ھنن ھٿن جي لڪيرن ۾ خبر ناھي، ھن جي تقدير ۾ ڪائي لڪير آھي ڪي الائي نه؟

مون ويچار ڪيو ته اھا رات ڪيڏي نه عجيب ھوندي؟ جڏھن اياز ۽ روشن پنڌ ئي پنڌ، چانڊوڪي رات ۾ وڃي رھيا ھئا. رستي ۾ نه اھا کاھي رھي، جنھن ۾ ڪنول جا گل بيٺل ھوندا ھئا. نه اھا رات باقي رھي. آخر اھا شڪارپور ڪيڏانھن ويئي، جنھن ۾ اھڙي آزادي ھئي، جو ٻه پيار ڪندڙ ائين گهمي سگهندا ھئا؟ ڪاش ڪا اھڙي جادوءَ جي مشين ھجي، يا ڪوئي الف ليلوي گولو ھجي، جنھن ۾ ماڻهو، گذري ويل ماضي جو سمو ڏسي سگهي؟ ڪھڙي خبر، ڪوئي اھڙو زمانو به اچي، جنھن ۾ ان دور جا ماڻهو ماضيءَ جا انيڪ دور ڪنھن سائنسي سگهه سان پسي سگهن! (۽ اسين وڃي جڳن ناٿ لائبريري جي آفيس ۾ ويھون ٿا.)

*****

آئون وري به خيالن ۾ گم آھيان ۽ ٻيھر ڊاڪٽر انور فگار جي ترتيب ڏنل ڪتاب جي مسودي تي پيو ويچار ڪريان. دراصل ڊاڪٽر انور فگار جو ترتيب ڏنل ڪتاب جو دستخط ايترا ڀيرا پڙھيو ھوم، جو انھن جو اکر اکر پئي آڏو ڦريو، شيخ حفيظ جو مضمون ته ڏاڍو اثرائتو آھي. روشن مغل جي حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن کي ھن ڏاڍي دلسوزيءَ سان ويھي تحرير ڪيو آھي. جيڪڏھن ھو اھو احوال نه لکي وڃي ھا ته ھوند اسان کي روشن جي حياتي جي انھن پوين پھرن بابت ڪائي ڄاڻ نه پئجي سگهي ھا. قادر صديقي ته روشن جي شھر شڪارپور جو ھو. ھن جو مضمون به متاثر ڪندڙ آھي، قادر صديقي مون به ڏٺو، سکر ۾ نبي بخش کوسو مون کي ھُن وٽ وٺي ھليو ھو. 1972ع جي پڇاڙيءَ ۾ مون اڳتي قدم مخزن جو شيخ حفيظ نمبر پئي ڪڍيو، ته قادر صديقي کي فون ڪري شيخ حفيظ تي مضمون لکڻ جي درخواست ڪئي ھيم. قادر صديقي، ھڪ بھترين مضمون حفيظ شيخ تي لکي مون کي اماڻيو ھو، جيڪو اڳتي قدم جي حفيظ شيخ نمبر ۾ شامل آھي. عبدالغفور انصاري به پنھنجي وقت جو ھڪ اھم ڪھاڻيڪار ۽ پڙھيل لکيل شخص ھو، سال 1970ع ۾ حيدرآباد ۾ واقع منظور چيمبرز جي ٽئين فلور تي مرڪزي اردو بورڊ لائبريري جي آفيس، مشھور نياز ھمايوني جي ھوندي ھئي. آئون روزانو نياز صاحب وٽ ضرور ويندو ھوس. اتي ئي ھڪ ڏينھن نياز صاحب منھنجي عبدالغفور انصاري سان ملاقات ڪرائي ھئي. انصاري، مون کي ڏسندي چيو ھو، ”ڪڏھن اسان جا جذبا به ھن نوجوان وانگر ھوندا ھئا، ۽ مون به تو وانگر ھڪ رسالو ڪڍيو ھو.“ منھنجي پڇڻ تي ھن ٿڌو ساھه ڀري ٻڌايو ھو ته: ”سال 1955ع ۾ مون ڪراچيءَ مان رسالو ’اٰھلِ قلم‘ جاري ڪيو ھو.“ مون کي اھا خبر ته ھئي، ته عبدالغفور انصاري به اديب آھي. پر ان مھل اھو ضرور محسوس ڪيو ھيم ته بيرحم وقت آخرڪار رائيٽر کي ٿڪائي ٿو وجهي. بھرحال اھو بحث طويل آھي، ڪتاب ۾ شمس العلماء ڊاڪٽر يو. ايم. دائود پوٽي، سيد ميران محمد شاھه، محمد ابراھيم جويي، شيخ اياز، عبدالغفور انصاري، قادر صديقي، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، شيخ حفيظ، مولانا غلام محمد گرامي، ڪماري موھن ايم رامواڻي، لطيفا خانم، مس طلعت قريشي، مس ميمونه سومرو، مادام ڊولنالڊ ڊڪي، تنوير عباسي ۽ بادام ناتوان خاتون جا مضمون، روشن جي شاعري، سندس ڪھاڻيون ۽ ھڪ مضمون شامل آھي. مضمون سمورا دل کي ڇُھندڙ، خاص طرح شيخ حفيظ، جو مضمون ”آخري باب“ روشن جي حياتيءَ جي پڇاڙڪن چئن ڏينھن جو درد ڀريو داستان، ڪيڏو نه دل کي غمگين ڪندڙ تاثرات آھن، شيخ حفيظ جا. ”ڇا شيخ حفيظ به روشن جو خاموش چاھيندڙ ھو.“ آئون سوچڻ لڳان ٿو. ياد ٿو اچي ته اياز ۽ شيخ حفيظ به سڄي زندگي پاڻ ۾ نه ٺھي سگهيا. بلڪ اياز جو سڄو گروپ حفيظ جي خلاف ھو، جو ھن ھڪ ڪھاڻي ”ھز ماسٽرز وائيس“ لکي ھئي، جنھن جا ڪردار شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي ھئا. پر جون 1955ع ۾ جڏھن روشن ڪراچيءَ ۾ ھن جھان کي الوداع ڪري ويئي ته پوءِ حفيظ شيخ ئي شيخ اياز کي رات جو روشن جي قبر تي وٺي ويو ھو، ڇاڪاڻ ته روشن جي قبر جي شيخ حفيظ کي خبر ھئي، جيڪا کوجن جي قبرستان ۾ واقع ھئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org