سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :11

اڳ جيئن ته سنڌي زبان کي پنهنجي الف- ب اصل ڪا نه هئي، تنهن ڪري مولانا ابوالحسن پنهنجي ڪتاب ”مقدمہ الصلواه“ لکڻ کان اڳ ۾ عربي- فارسي لفظن مان ڀڃ گهڙ ڪري، سنڌي الف- ب ٺاهي، جنهن کي ”ابوالحسن جي سنڌي“ سڏجي ٿو. هن پنهنجي جوڙيل- صورتخطيءَ ۾ نج سنڌي آوازن کي جا شڪل ڏني هئي، سا اڄ صوتخطيءَ کان شڪل ۾ بلڪل مختلف هئي.

انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سر بارٽل فريئر سن 1853ع ۾ ان وقت پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس صاحب (جنهن جي هٿ ۾ تعليم کاتي جي سنڀال هئي) جي صدارت هيٺ سنڌ جي پڙهيل ماڻهن جي هڪڙي ڪميٽي مقرر ڪئي، جنهن جي ڪوشش سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ سرڪاري طرح هڪ آئيويٽا ٺاهي وئي، جا اڄ تائين ڪتابن ۾ پڙهائي وڃي ٿي. انهي آئيويٽا جو بنياد به عربي- فارسي ٻولين جي اکرن تي رکي ”عربي- سنڌي صورتخطي“ جي نالي سان ظاهر ڪئي ويئي. سن 1854ع کان وٺي جيڪي به سنڌي نظم ۽ نثر جا ڪتاب لکيا ويا آهن يا اڄ به لکيا وڃن ٿا، سي سڀ انهيءَ موجود آئيويٽا ۾ آهن.

هت مولوي ابوالحسن جي جوڙيل اکرن ۽ موجوده اکرن جي صورتخطي نموني طور پيش ڪجي ٿي:-

ابو الحسن جي سنڌي            هاڻوڪي آئيويٽا

   ب                      -               ٻ

  بهه                      -               ڀ

  تهه                      -               ٿ

  ت، تر                   -               ٽ

   ٽ                      -               ٺ

  پهه                      -               ڦ

    ج                      -               ڄ

    ج                      -               جهه

   نج                      -               ڃ

  چهه                      -               ڇ

  دهه                      -               ڌ

    ڌُ                      -               ڏ

   در                      -               ڊ

    ڊ                      -               ڍ

     ر                      -               ڙ

  کهه                      -               ک

   گ                      -               ڳ

   گ                      -               گهه

نگ               -                       ڱ

ن                  -                       ڻ

 هت اها ڳالهه مان ضروري سمجهان ٿو ته، جهڙيءَ طرح موجود سنڌي آئيويٽا ۾ ٻه مرڪب حروف ”جهه“ ۽ ”گهه“ اڳ ۾ ئي موجود آهن، اهڙيءَ طرح هيٺيان پنج مرڪب حروف (جن جي سنڌي الف- ب ۾ کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي) وڌيڪ شامل ڪري، ان جو تعداد 52 مان ڦيرائي 57 ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي مرڪب حروف به هڪ ئي آواز ڏين ٿا. اهي آهن؛ ڙهه- لهه- مهه- نهه- ڻهه. انهن جو استعمال مختلف لفظن ۾ هن طرح ٿئي ٿو:-

ڳاڙهو- مُلهه- سامهون- سينهون- ماڻهو.

مٿي ڏن هاڻوڪي آئيويٽا (نون اکرن) ۾ ڪيترائي اهڙا حرف آهن، جن کي سنڌي ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به مشڪل سان صحيح نموني اُچاري سگهندو. اهي اکر آهن؛ ٻ ڄ ڃ ڏ ڊ ڙ ڳ ڱ ڻ.

1- انگريزي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ ڪل 26 حروف آهن، جن مان ڪي لئٽن زبان جا آهن ته ڪي وري ٻين ٻولين مان ورتا ويا آهن. اهي هيٺان آهن:-

A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z.

مٿئين مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي الفابيٽ ملاوٽ کان خالي نه آهي.

حروف ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪڙا حروف صحيح (Consonant letters) ۽ ٻيا حروف علت يعني (Vowel letters) عربي، فارسي، اردو توڙي سنڌي ٻولين ۾ اهڙا حروف علت رڳو ٽي آهن، جيئن ته؛ ا- و- ي ۽ باقي سڀ حروف صحيح آهن؛ پر انگريزي زبان ۾ حروف علت پنج آهن؛ جهڙوڪ؛ AEIOU. اهي حروف علت، حروف صحيح سان گڏجي آوازن ڪڍڻ ۾ مدد ڏين ٿا. جيڪڏهن رڳو صحيح حروف پاڻ ۾ ملائي رکبا ته انهن مان نه ته ڪو صحيح لفظ جڙندو ۽ نه وري منجهانئن ڪو پورو آواز ۽ مقصد نڪرندو. پر جيڪڏهن ڪجهه صحيح حروف کڻي، منجهن ملائبا ته انهن مان هڪ يا وڌيڪ يعني ضرورت آهر حروف علت ملائبا ته انهن مان هڪ صحيح لفظ ٺهي پوندو ۽ منجهانئس مقصد به نڪرندو. اهو قاعدو دنيا جي هر هڪ ٻوليءَ سان لاڳو آهي. هت اهڙا مثال پيش ڪجن ٿا:

1-    ”حقيقت“ لفظ ۾ ح ق ق ت حروف صحيح آهن، جن ۾ ”ي“ حرف علت گڏي لفظ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”سچي ڳالهه“.

2-   ”لاڙڪاڻوي“ لفظ ۾ ل ڙ ڪ ڻ صحيح حروف آهن. انهن جي وچ ۾ ا- و- ي ٽئي حروف علت شامل ڪري هڪ لفظ ٺاهيو ويو آهي، جنهنجي معنيٰ ٿيندي ”لاڙڪاڻي جو رهاڪو“.

اهڙيءَ طرح سان انگريزي ٻوليءَ جي لفظ Consequence ۾ CNSQNC حروف صحيح (Consonant letters) آهن. انهن ۾ OEUEE جملي پنج حروف علت (Vowel letters) پورو لفظ ٺاهيو ويو آهي، جنهن ڪري منجهانئس پورو آواز ۽ مطلب نڪري ٿو. انهيءَ لفظ جي معنيٰ آهي ”نتيجو يا ڦل“.

مطلب ته هر زبان جي صوتياتي نظام ۾ حروف صحيح ۽ حروف علت ٻئي موجود هوندا آهن، ٻيءَ حالت ۾ پورو لفظ ٺهي نه سگهندو ۽ منجهانئس مطلب ظاهر نه ٿيندو.

لفظ

لفظ“ عربي ٻوليءَ مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، اهو ٻن يا وڌيڪ حرفن يا آوازن جو مجموعو، جنهن مان ڪو مطلب يا معنيٰ نڪري؛ يا ائين کڻي چئجي ته، ٻه يا وڌيڪ آواز يا اکر گڏجي هڪ معنيٰ خيز لفظ ٺاهن ٿا.

لفظ اڪثر ٻن نمونن جا ٿيندا آهن؛ هڪڙا ابتدائي لفظ ۽ ٻيا ثانوي لفظ. ابتدائي لفظ اهي آهن، جي مختلف آوازن يا حرفن کي پاڻ ۾ ملائڻ سان جڙڻ ٿا. انهن کي ساده لفظ به آهي، جهڙوڪ؛ هه+ٿ=هٿ؛ گهه+ ر= گهر؛ ق+ ل+م=قلم؛ هه+ر+ڻ= هرڻ؛ وغيره.

مٿين لفظن ۾ ڏسبو ته هر هڪ آواز يا حرف معنيٰ ۽ مطلب کان خالي آهي؛ پر جڏهن اهي پاڻ ۾ گڏجي هڪ لفظ ٺاهن ٿا، تڏهن اهو لفط معنيٰ وارو ٿيو پوي. اهڙي لفظن کي سنڌي زبان ۾ ”بنياد يا پيڙهه“ ۽ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ”ڌاتو“ چئبو آهي؛ ڇاڪاڻ ته انهن لفظن مان ئي ٻيا نوان لفظ ڦٽي نڪرن ٿا، جن کي ثانوي لفظ چئجي ٿو.

ثانوي لفظن جا وري ٻه قسم آهن؛ هڪڙا پيچيدا لفظ ۽ ٻيا مرڪب لفظ. پيچيدا لفط اهي آهن، جي ابتدائي يا سادن لفظن کي اڳياڙيون يا پڇاڙيون ڳنڍڻ سان جڙن ٿا. ڪن حالتن ۾ وري هڪ لفظ سان ٻئي (اڳياڙي ۽ پڇاڙي) شامل ڪيون وينديون آهن. اهي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون اڪيلي سر اڪثر بي معنيٰ ٿين ٿيون (يعني انهن کي پنهنجي ڪا به معنيٰ ڪا نه ٿئي)؛ پر سادن لفظن سان ملي، انهن کي پيچيدو يا ڳوڙهو بڻائين ٿيون؛ جنهن ڪري انهن سادن لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ ڪجهه ڦيرو اچيو وڃي. جيئن ته؛ ”ٻار“ لفظ کي ”ڙو“ پڇاڙي گڏڻ سان ”ٻارڙو“ ٿي پوندو، جنهن ڪري ٻنهي لفظن جي ساخت ۾ ڪجهه قدر تفاوت ٿيو پوي. ساڳيءَ طرح ”پورو“ لفظ کي ”اڻ“ اڳياڙي ملائڻ سان ”اڻپورو“ لفظ ٺهي پوندو. خود ”ابتدائي“ لفظ به غور طلب آهي. هن ۾ ”ابتدا“ سادو لفظ آهي، جنهن کي ”ئي“ پڇاڙي ڳنڍي پيچيدو لفظ بڻايو ويو آهي. جنهن ڪري سندس معنيٰ ۾ ڪجهه فرق ٿي پيو آهي. اهڙيءَ طرح سان ”اڻ“ مندائتو“ لفظ ۾ ”مند“ سادو لفظ آهي، جنهن کي اڳياڙي ”اڻ ۽ پڇاڙي ”آئتو“ ملائي لفظ کي پيچيدو بڻايو ويو آهي، جنهن ڪري سندس معنيٰ ۾ البت ڪجهه فرق اچي ويو آهي.

مرڪب لفظ اهي آهن، جن کي جيڪڏهن ٽوڙيو يا ڀاڱن ۾ ورهائبو ته منجهانئن مختلف سادا لفظ ٺهي پوندا ۽ سندن معنيٰ ۾ به ڪجهه فرق ٿيندو. لفظن کي انهيءَ نموني ورهائي، هر هڪ حصي جي جدا معنيٰ ڪڍڻ کي ”اشتقاق“ چئبو آهي. هت اهڙا ڪي مرڪب الفاظ نموني طور ڏجن ٿا، جن کي هن ڪتاب جي منڍ ۾ (يعني اشتقاق واري حصي ۾) جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهائي، سندن مطلب سمجهايو ويو آهي.

تماشبين- دارالسلطنت- محلسراءِ- فارغ التحصيل- نظرانداز، وغيره.

هت اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ”لفظ“ ۾ ”حرف“ ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. هڪڙا اهي، جن تي اعرابون يعني زير، زبر  پيش هوندا آهن؛ انهن کي ”متحرڪ“ حرف چئبو آهي. اهڙن حرفن جو اُچار صاف ۽ چٽو نڪرندو آهي. ٻيا حرف اهي آهن، جن جي مٿان پڙهڻ وقت جزم ايندي آهي؛ جنهن ڪري انهن جو اُچار يا آواز اهڙو صاف نه هوندو آهي. انهن کي ”ساڪن“ حرف چئبو آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ويٺل“.

جملو

جملو“ اصل ۾ عربي لفظ ”جملةُ“ تان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي، ”اهو ٻن يا وڌيڪ لفظن يا ’فقرن جو مجموعو، جنهن مان پورو مقصد يا خيال ظاهر ٿئي‘. مطلب ته، جدا جدا الفاظ پاڻ ۾ ملي، هڪ جملي جي صورت اختيار ڪن ٿا.

جڏهن ٻه يا وڌيڪ الفاظ پاڻ ۾ ملي هڪ گفتگو يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي صورت پيدا ڪن، ته انهن کي لفظن جو ميڙ يا جهڳٽو چئبو. اهو لفظن جو ميڙ، جملو به ٿي سگهي ٿو ۽ جملي جو هڪ ڀاڱو به، جهڙوڪ؛

1-          ڪالهه ڏينهن ڏٺي جو، شهر ۾ ڦُر ٿي آهي.

اهو هڪ مڪمل جملو آهي. انهيءَ جملي مان جيڪڏهن پهريان ڪجهه الفاظ، ”ڪالهه ڏينهن ڏٺي جو“ ڌار ڪبا ته باقي ٽُڪرو ”شهر ۾ ڦر ٿي آهي“ وڃي رهندو، جو جملي جو ڪم ڏيندو ۽ منجهانئس پورو مطلب نڪرندو. پر جدا ڪيل پهرئين حصي کي جملو چئي نه سگهبو؛ ڇاڪاڻ ته ان ڀاڱي ۾ فعل آهي ئي ڪونه ۽ منجهانئس پورو مطلب به ڪو نه ٿو نڪري. انهيءَ ڪري ان ٽڪري کي اسين لفظن جو جهڳٽو يا جملي جو هڪ ڀاڱو چونداسين.

ڪڏهن ته هڪ ئي لفظ جملي جو ڪم ڏيندو آهي. جيئن ته؛ ”اچ“ ”ويهو“، ”هارايم“،”ڊوڙيو“،”ويا“،”پرچائيندو مانس“، ”کاڌائون“، ”ڳالهائيندينس؟“ وغيره. انهيءَ هر هڪ لفظ ۾ پوري جملي جو مطلب سمايل آهي، جهڙوڪ:-

1.      ”اچ“ جو مطلب اهي، ”تون اچ“.

2.     ”ويهو“ مان مراد آهي ”توهين ويهو“.

3.     ”هارايم“ جو مطلب آهي، ”مون هارايو“.

4.     ”ڊوڙيو“ جو مقصد آهي، ”هو ڊوڙيو“.

5.     ”ويا“ جو مطلب آهي، ”هو ويا“.

6.     ”پرچائينداسونس“ جو مقصد آهي، ”اسين هن کي پرچائينداسون“.

7.     ”پڙهائيندو مانس“ جو مطلب آهي، ”مان هن کي پڙهائيندس“.

8.     ”کاڌائون“ جو مطلب آهي، ”هنن کاڌو“.

9.     ڳالهائيندينس؟“ جو مطلب آهي، ”ڇا تون هن کي ڳالهائيندين؟“.

مطلب ته ”جملو“ اهو لفظ يا لفظن جو ميڙ آهي، جو ڳالهائڻ ۾ اچي ته ۽ منجهانئس پورو مطلب نڪري ٿو. اهو جملو هاڪاري (Affirmative) به ٿيندو آهي ته ناڪاري (Negative) به ٿيندو آهي. هاڪاري جملي ۾ ڪنهن ڳالهه جي مڃيل حقيقت بيان ڪئي ويندي آهي، پر ناڪاري جملي ۾ انڪار يا ناڪار ڏيکاريل هوندي آهي.

نحوي لحاظ کان جملا ٽن قسمن جا ٿين ٿا:-

مفرد جملا

مرڪب جملا

مرتب يا مخلوط جملا

مفرد جملا:- ”مفرد“ جي لفظي معنيٰ آهي ”اڪيلو، ڇڙهو، عليحدو“. هن قسم جي جملن ۾ هڪ فعل ٿئي ٿو. هن کي ”سادو جملو“ به چئبو آهي. هت اهڙا ٻه ٽي جملا نموني طور ڏجن ٿا:-

1.      طوطو اُڏامي ٿو.

2.     جانور گاهه کائن ٿا.

3.     منهنجي دوست احمد، اڄ هڪ وڏو ڪارو نانگ ماريو.

مرڪب جملا: ”مرڪب“ جي لفظي معنيٰ آهي، ”ٻٽو، گڏيل، ڳنڍيل“. هن قسم جي جملن ۾ هڪ کان مٿي يعني ٻه يا وڌيڪ مفرد ۽ سادا جملا ٿين ٿا، جي پاڻ ۾ ڪن اکرن يا لفظن جهڙوڪ؛“ ۽- يا- ته- نه ته- پر- ڇاڪاڻ ته- جيئن ته- وغيره“ جي ذريعي مليل ۽ ڳنڍيل هوندا آهن. اهي جملا هڪ ٻئي تي مدار نه رکندا آهن، جنهن ڪري انهن مان هر هڪ جملو جدا ٿيڻ سان پنهنجو خلاصو مطلب ظاهر ڪري ٿو، هت اهڙا ٻه ٽي جملا پيش ڪجن ٿا:-

1.      عليم سائيڪل تي چڙهي ويو ۽ انور پيادل ويو.

2.     نثار ضرور پاس ٿئي ها، پر هو امتحان ۾ ويٺوئي ڪونه.

3.     نماز مرڪزيت سيکاري ٿي، ڇاڪاڻ جو سڀ هڪ قبلي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهن ٿا.

مرتب يا مخلوط جملا: ”مرتب“ جي لفظي معنيٰ آهي ”ترتيب سان رکيل“ ۽ ”مخلوط“ جي لفظي معنيٰ آهي ”گاڏڙ يا مليل جُليل“. هن قسم جي جملن ۾ هڪ کان وڌيڪ جملا ٿيندا آهن ۽ اهي هڪ ٻئي تي مدار رکندا آهن. انهن مان هڪ حصو مکيه جملي جو ڪم ڏيندو آهي ۽ باقي حصا يا ڀاڱا انهيءَ مکيه جملي سان زنجير جي ڪڙين وانگر ائين جڙيل هوندا آهن، جو جيڪڏهن انهي مان ڪو به حصو جدا ڪري رکبو ته ان جو مطلب مڪمل نموني ظاهر نه ٿيندو؛ جنهن ڪري اهو هڪ حصو جملي جو ڪم نه ٿيندو. مرتب جملن جا ٻه ٽي مثال نموني طور پيش ڪجن ٿا:-

1.      ڪالهه توکي جيڪو ڪم چيو هوم، سو ڪري آئين؟

2.     هي اهو ماڻهو آهي، جنهن مون کان ڪتاب ورتو هو.

3.  حضور  جن جي فياضي ۽ دنيا جي مال سان بي تعلقي انهيءَ حد تي پهتل هئي، جو سنڌن گهر ۾ روڪڙ قسم جي ڪا به شيءَ پيل هوندي هئي، اها جيستائين خيرات نه ڪندا هئا؛ تيستائين گهر ۾ آرام نه ڪندا هئا.

معنوي لحاظ کان جملا ڪيترن ئي قسمن جا آهن؛ جهڙوڪ؛ 1- بياني، 2- اَمري، 3- سوالي، 4- تمنائي، 5- ندائي، 6- معطوفي، 7- شرطي، 8- سببي 9- قَسمي، 10- دليلي، 11- تنبيهي، 12- تشبيهي، 13- اعتراضي، 14- استدراڪي، 15- تمثيلي، 16- مندوبي، 17- دعائي، وغيره.

هت جملي جو هر هڪ نمونو مثالن سان پيش ڪجي ٿو:-

1ـ بياني جملا: ”بيان“ جي لفظي معنيٰ آهي، ”تشريح، وصف، وضاحت، تقرير“. هن قسم جي جملن ۾ سڌو سادو بيان ٿيل هوندو آهي. جنهن ۾ ڪا ڳالهه، حقيقت يا ڪو واقعو پيش ڪيو ويندو آهي. هنن کي وصفي ۽ تفصيري جملا به چئبو آهي. هت اهڙا مثال ڏجن ٿا:-

1-     هو افضل کي ڪتاب اصل نه ٿو ڏئي.

2-    مون وٽ اچجانءَ ته گڏجي هلنداسين.

3-    ڪالهه لوڊنگ ۾ بس جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ڪري بس ۾ ويٺل سڀني مسافرن کي سخت ڌڪ لڳا.

امري جملا: ”امر“ جي لفظي معنيٰ آهي ”حڪم“.

هن قسم جي جملن ۾ ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيل هوندو آهي. هت اهڙي قسم جا جملا پيش ڪجن ٿا:-

1-     بازار مان ڪپڙو وٺي اچ.

2-    ڪالهه جيڪو ڪتاب ڏنو هيو مانءِ، سو اڄ قمبر عليءَ کي ڏي.

اهڙي قسم جا ”امري جملا“ به ٿيندا آهن، جن ۾ ڪنهن ڪم ڪرڻ کان ”روڪ يا منع“ ڪئي ويندي آهي. انهن جملن کي ”نهي جملا“ چئبو آهي. انهيءَ جا مثال هي آهن:-

1-     خراب ميوو اصل نه کائيندو ڪر.

2-    اڳتي ننڍڙي ڀاءُ کي پاڻ سان گڏ نه آڻيندو ڪر، ڇاڪاڻ جو هو توکي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏئي.

سوالي جملا: هن قسم جي جملن ۾ ڪنهن شيءَ بابت سوال پڇيو ويندو آهي. جهڙوڪ:-

1-     تون ڪالهه اسڪول ڇو نه آيو هئين؟

2-    هو منهنجي پٽ جي شاديءَ تي ايندو يا نه؟

3-    ڪالهه جن ڇوڪرن توکي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي انهن جا نالا ڇا آهن؟

تمنائي جملا: ”تمنا“ جي معنيٰ آهي، ”خواهش، مرضي“. هن قسم جي جملن ۾ ڪو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آس، اميد يا خواهش ظاهر ڪئي ويندي آهي. جيئن ته:-

1-     شال مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان!

2-    اڄ مون وٽ ڪو ماڻهو نه اچي ته بهتر!

3-    ڪاش، مون وٽ پيسا هجن ها ته مان به حج ڪريان ها!

ندائي جملا: ”ندا“ جي لفظي معنيٰ آهي ”سڏ“ يا ”پڪار“. اهڙا جملا، جن ۾ ”سڏ“ يا ”پڪار“ وارا الفاظ جهڙوڪ؛ ”اڙي، او، اي، يا،“ وغيره استعمال ٿيل هجن.

هن قسم جي جملن ۾ اڪثر سڏ يا پڪار وارن لفظن جي پويان ”حرف ندا“ جي نشاني (!) پيل هوندي آهي. مثلا:-

1-     يا الله! تون دنيا ۾ سُڪر ۽ سڻائي ڪج.

2-    اي بهادرو! دشمن کي پنهنجي مٿان هرگز غالب ٿيڻ نه ڏجو.

3-    اڙي نادان! تنهنجي اها وڏائي سدائين قائم نه هوندي.

معطوفي جملا: ”معطوف“ جي لفظي معنيٰ آهي ”ڳنڍيل“. هن قسم جي جملن ۾ ڪم جو سلسلو ڳنڍيل هوندو اهي. يعني جملن ۾ اهو ڏيکاريل هوندو آهي ته ڪو ماڻهو هڪ ڪم کي پورو ڪري يا جاري رکندي ڪنهن ٻئي ڪم کي پهچي وڃي ٿو. جهڙوڪ:-

1-     عبدالوحيد کير پي سمهي پو.

2-    چوري چوري ڪري، مالڪ جو الهه تلهه کڻي ويا.

3-    ڪالهه اسان گهمندي ڦرندي اسٽيشن کان وڃي نڪتاسين.

شرطي جملا: ”شرط“ جي لفظي معنيٰ آهي ”اقرار“ يا ”پابندي“. هن قسم جي جملن ۾ ڪنهن ڪم جو پوري ڪرڻ لاءِ پابندي يا شرط وڌو ويندو آهي. هن جملي جا ٻه حصا ٿيندا آهن. هڪ حصي ۾ ڪنهن به ڪم جي پورائي لاءِ شرط وارا الفاظ هوندا آهن ۽ ٻئي حصي ۾ ان جو مقصد يا نتيجو ملڻ، جو بيان هوندو آهي. هت اهڙا ٻه ٽي مثال ڏجن ٿا:-

1-     هن سال نثار احمد امتحان ۾ ويهي ها، ته ضرور ڪامياب ٿئي ها.

2-    جيڪڏهن تون گهران سوير نڪرندين ته گاڏيءَ تي پهچي ويندين.

3-    جي هاري زمين سان محنت سٺي ڪن ها، ته جيڪر پيداوار ۾ ڪافي اضافو ٿي وڃي ها.

سببي جملا: هن قسم جي جملن ۾ ڪنهن ڪم جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ لاءِ سبب پيش ڪيو ويندو آهي. هن جملن جا ٻه ڀاڱا ٿيندا آهن. هڪ ڀاڱي ۾ ڪم جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو ٻڌائي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ان جو سبب ڏنو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ هي لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن:-

”تنهن ڪري- ڇاڪاڻ ته- ڇو جو- جو- ته،“ وغيره، هت هڪ ٻه مثال پيش ڪجي ٿو:

1-     ڪالهه مون کي بخار ٿي پيو هو، تنهن ڪري اسڪول ڪو نه آيو هوس.

2-    رمضان اڄ توهان جي گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته هو ڪراچيءَ وڃي رهيو آهي.

3-    خادم کي پوليس انهيءَ ڪري وٺي وئي، جو هن خون ڪيو آهي.

9- قَسمي جملا: هن قسم جي جملن ۾ قسم کڻي ڪا ڳالهه پيش ڪئي ويندي آهي، جنهن لاءِ ”الله ڄاڻي، خدا ڄاڻي، خدا جو قسم، خدا جو سَنهن، والله، بالله،“ وغيره الفاظ استعمال ڪيا ويندا آهن. هت اهڙا مثال ڏجن ٿا:-

1-     خدا ڄاڻي ٿو ته منهنجو انهيءَ ۾ ڪو به هٿ نه آهي.

2-    خدا جو قسم، مان تنهنجي ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي آهي.

3-    والله بالله، مونکي اِن ڳالهه جو پتوئي نه آهي.

10- دليلي جملا: ”دليل“ جي معنيٰ آهي ”ثبوت، حجت“. هن قسم جا جملا ٻن حصن تي مشتمل ٿين ٿا. انهن مان هڪ حصي ۾ ڪا ڳالهه پيش ڪئي ويندي آهي ۽ ٻئي حصي ۾ ان ڳالهه کي سچو ٺهرائڻ يا وزندار بڻائڻ لاءِ ڪو دليل يا ثبوت پيش ڪيو ويندو آهي. هت اهڙا جملا مثال طور ڏجن ٿا:-

1-  پنهنجي ملڪ ۽ مذهب کي بچائڻ لاءِ دشمن سان وڙهڻ لازم آهي، جهڙيءَ طره حضور ڪريم ﷺ جن پنهنجي نبوت جي دور ۾ مخالفن سان جنگيون ڪيون آهن.

2-  انسان کي گهرجي ته هر وقت الله لوڪ ماڻهن جي صحبت ۾ رهي، ڇاڪاڻ ته ايمان قائم رکڻ جو صحيح رستو انهن وٽان ئي حاصل ٿيندو.

11- تنبيهي جملا: هن قسم جي جملن ۾ ڪن اڻ وڻندڙ واقعن يا بڇڙن ڪمن کان روڪڻ لاءِ هدايت يا تنبهه ڪيل هوندي آهي. هنن ۾ اڪثر ”مڇڻ“ يا ”متان“ وارا الفاظ استعمال ڪيا ويندا آهن. جهڙوڪ:-

1-     خبردار! جو ڪنهن جي لوڙهي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي؛ متان تنهنجو نه لوڙهو لتاڙجي وڃي.

2-          غريبن کي ايڏو نه ستاءِ، مڇڻ الله جو قهر نه مٿان نازل ٿيئي.

12- تشبيهي جملا: هن قسم جي جملن ۾ ڪنهن هڪ شيءَ کي ٻيءَ شيءَ سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. مثلا:-

1- جميل جا اکر موتيءَ جهڙا خوبصورت آهن.

2- آفريڪا جا شيدي ڪوئلي جهڙا ڪارا آهن.

3- لڳي اُتر واءُ ته ڪينجهر هندورو ٿئي. (شاهه).

13- اعتراضي جملا: هن قسم جي جملن ۾ ڪي وڌيڪ لفظ جملي جي شڪل ۾، جملي جي وچ ۾ ايندا آهن ۽ اهي اصل مقصد کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪجهه رنڊڪ ۽ تاخير پيدا ڪندا آهن هت اهڙا مثال ڏجن ٿا:

1- ڄام تماچي، جنهن نوري مهاڻيءَ کي پنهنجي پٽ راڻي بڻايو هو، سنڌ جو مشهور سخي حاڪم ٿي گذريو آهي.

2- سعودي عرب جي سر زمين، جتي ڪعبت الله شريف ۽ رسول الله صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن جو روضو پاڪ واقع آهي، هڪ پرسڪون ۽ برڪت ڀري زمين آهي.

14- استدراڪي جملا: ”استدراڪ“ جي لفظي معنيٰ آهي ”سمجهڻ، سمجهه حاصل ڪرڻ، ذهن نشين ڪرڻ، ظاهر ڪرڻ“. هن قسم جي جملن ۾ ڪنهن لڪل حقيقت کي ظاهر ڪري، منظر عام تي آڻجي ٿو، جنهن سبب پيدا ٿيل شڪ ۽ وهم دور ٿي وڃن ٿا. هن جملي جا ٻه حصا ٿيندا آهن، جن مان پهرئين حصي جي بيان ٿيڻ وقت دل ۾ جيڪي شڪ شبها پيدا ٿين ٻئي حصي وارو ٽڪرو اهي گمان دفع ڪري ڇڏي ٿو. هنن جملن ۾ اڪثر ”مگر، پر، سواءِ، بلڪ، ليڪن، ڇاڪاڻ ته،“ وارا الفاظ ڪم ايندا آهن. هت اهڙا به مثال پيش ڪجن ٿا:-

1-     اسان جي سيٺ کي تمام گهڻي دولت آهي، پر هو ڪنجوس ڏاڍو آهي.

2-    پيغمبرن کان خطائون نه ٿينديون آهن، ڇاڪاڻ جو هو پيدائشي معصوم آهن.

15- تمثيلي جملا: هن قسم جي جملن ۾ مختلف شين جي وضاحت مثالن سان پيش ڪئي ويندي آهي. هن جملي ۾ اڪثر ڪري ٻه حصا ٿيندا آهن، جن مان پهرئين حصي ۾ ڪنهن شيءَ يا ساهواري جي اداڪاريءَ جو نمونو ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي پٺيان ٻئي حصي ۾، ان لاءِ هڪ مثال پيش ڪيو ويندو آهي. هت اهڙا ٻه جملا نموني طور ڏجن ٿا:-

1-     چور سپاهيءَ کي ڏسي ڀڳو، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان.

2-    اڄڪلهه بسين ۾ ماڻهو ائين گُوهيا وڃن ٿا، جيئن ٻڪريون ۽ رڍون واڙ ۾ واڙبيون آهن.

16- مندوبي جملا: هن قسم جي جملن ۾ ڪنهن ڳالهه بابت افسوس يا ارمان ظاهر ڪيو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ ”افسوس، ارمان، هاءِ هاءِ، ناحق،“ وغيره الفاظ استعمال ڪيا ويندا آهن. جهڙوڪ:-

1-     افسوس! جن لاءِ هيڏيون تڪليفون سٺم، اهي اڄ نظرئي نه ٿا اچن.

2-    هاءِ هاءِ! اهي ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏهن ڳوٺ جي باغن ۾ وڃي؛ انبن جي وڻن هيٺان آرام ڪندا هئاسين.

17- دعائي جملا: هن قسم جي جملن ۾ دلي خواهش جو اظهار ڪيل هوندو آهي. پوءِ اهي تمائون نيڪ دعائن جي صورت ۾ هجن يا بد دعائن جي صورت ۾. اهڙن جملن ۾ اڪثر ”جيڪر، الا، شال يا شل،“ وغيره الفاظ ڪتب ايندا آهن. هنن کي ”تمنائي جملا“ به چئبو آهي. هت اهڙي قسم جا مثال پيش ڪجن ٿا:-

1-            شال خطا تعاليٰ مرحوم عبدالله ”اثر“ کي بهشت نصيب ڪري!

2-    الا! اهڙا ڏنهن شل دشمن تي به نه اچن.

3-    لطيف، ادا شل جواني ماڻين! منهنجي ننڍڙي عبدالوحيد کي ته روڊ کان هيڏي ڪجانءِ.

4-    نِپٽي آئٽي جهڙي نه منهنجي زندگي زهر ڪئي آهي، تهڙو خدا ڪندو شل پاڻ به دربدر هوندو.

پريوگ

(Construcaion)

پريوگ“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”لاڳاپو“ يا ”ڳانڍاپو“. اهو لاڳاپو، جملي ۾ فعل جو، ڪڏهن فاعل سان هوندو آهي ته ڪڏهن مفعول سان هوندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ وري فعل ٻنهي (فاعل ۽ مفعول) کان بلڪل نيارو هوندو آهي. مطلب ته فعل جنهن نموني سان فاعل ۽ مفعول سان موافقت رکي ان کي ”پريوگ“ چئبو آهي.

پريوگ جا ٽي قسم آهن:-

1-  پريوگ ڪرتري،

2- پريوگ ڪرمڻي،

3- پريوگ ڀاوي.

1ـ پريوگ ڪرتري

(Subjective Construetion)

ڪرتري“ سنسڪرت لفط ”ڪرتر“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”فاعل“. هن پريوگ ۾ فعل پنهنجي فاعل سان، جنس، عدد ۽ ضمير ۾ مٽبو آهي. جهڙوڪ:-

                (1)

           جملو: گهوڙو ڊوڙندو آهي.

جنس ۾:- گهوڙو ڊوڙندو آهي.

           گهوڙي ڊوڙندي آهي.

عدد ۾:- گهوڙو ڊوڙندو آهي.

           گهوڙا ڊوڙندا آهن.

ضمير ۾:- اهو (گهوڙو) ڊوڙندو آهي.

           هيءَ (گهوڙا) ڊوڙندا آهن.

                (2)

جملو:-    ڳيرو اڏامي ٿو.

جنس ۾:- ڳيرو اڏامي ٿو.

           ڳيري اڏامي ٿي.

عدد ۾:- ڳيرو اڏامي ٿو.

           ڳيرا اڏامن ٿا.

ضمير ۾:- اهو (ڳيرو) اڏامي ٿو.

           هيءَ (ڳيري) اڏامي ٿي.

           (3)

فعل:-     ويندو.

جنس ۾:- نوڪر ڪراچيءَ ويندو.

           نوڪرياڻي ڪراچيءَ ويندي.

عدد ۾:- نوڪر ڪراچيءَ ويندو.

           نوڪر ڪراچيءَ ويندا.

ضمير ۾:- هو (نوڪر) ڪراچيءَ ويندو.

           تون (نوڪر) ڪراچيءَ ويندين.

(4)

جملو:-    آفريڪا جا رهاڪو مضبوط ۽ سگهارا آهن.

جنس ۾:-         آفريڪا جو رهاڪو مضبوط ۽ سگهارو آهي.

           آفريڪا جي رهاڪڻ مضبوط ۽ سگهاري آهي.

عدد ۾:- آفريڪا جو رهاڪو مضبوط ۽ سگهارو آهي.

           آفريڪا جا رهاڪو مضبوط ۽ سگهارا آهن.

ضمير ۾:- هو (رهاڪو) مضبوط ۽ سگهارو آهي.

           تون (رهاڪو) مضبوط ۽ سگهارو آهين.

مٿين مثالن ۾ ڏسبو ته فعل پنهنجي فاعل سان، جنس، عدد ۽ ضمير ۾، هر حالت ۾ مٽبو پئي رهيو آهي. انهيءَ ڪري مٿين فعلن جو پريوگ ”ڪرتري“ آهي.

پريوگ ڪرمڻي

(Objective Constructin)

ڪرمڻي“ سنسڪرت لفط ”ڪرم“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”مفعول“. هن پريوڳ ۾ فعل پنهنجي مفعول سان، جنس، عدد ۽ ضمير ۾ مٽبو آهي. جهڙوڪ:-

           (1)

جملو:     ڇوڪر گلاس ڀڳو.

جنس ۾: ڇوڪر گلاس ڀڳو.

           ڇوڪر گلاسڙي ڀڳي.

عدد ۾:   ڇوڪر گلاس ڀڳو.

           ڇوڪر گلاس ڀڳا.

ضمير ۾: ڇوڪر اهو (گلاس) ڀڳو.

           ڇوڪر اهي (گلاس) ڀڳا.

           (2)

فعل: ڏٺو.

جنس ۾: جهانگير ڪڪڙ ڏٺو.

           جهانگير ڪڪڙ ڏٺي.

عدد ۾:   جهانگير ڪڪڙ ڏٺو.

           جهانگير ڪڪڙ ڏٺا.

ضمير ۾: جهانگير اهو (ڪڪڙ ڏٺو.

           جهانگير اهي (ڪڪڙ) ڏٺا.

           (3)

فعل: ماريو.

جنس ۾: خليل هرڻ ماريو.

           خليل هرڻي ماريو.

عدد ۾:   خليل هرڻ ماريو.

           خليل هرڻ ماريا.

ضمير ۾: خليل اهو (هرڻ) ماريو.

           خليل اهي (هرڻ) ماريا.

           (4)

جملو:     اوهان فقيرن کي ڪڏهن خيرات ڏني؟

جنس ۾:  اوهان فقيرن کي ڪڏهن خير ڏنو؟

           اوهان فقيرن کي ڪڏهن خيرات ڏني؟

عدد ۾:   اوهان فقيرن کي ڪڏهن خيرات ڏني؟

           اوهان فقيرن کي ڪڏهن خيراتون ڏنيون؟

ضمير ۾: اوهان فقيرن کي ڪڏهن اها (خيرات) ڏني؟

           اوهان فقيرن کي ڪڏهن اهي (خيراتون) ڏنيون؟

           (5)

جملو:     سنڌ ۾ قديم زماني ۾ جيڪي واهه وهندا هئا.

جنس ۾:  جيڪو واهه وهندو هو.

           جيڪا واهي وهندي هئي.

عدد ۾:   جيڪو واهه وهندو هو.

           جيڪي واهه وهندا هئا.

ضمير ۾: جيڪو اهو (واهه) وهندو هو.

           جيڪي اهي (واهه) وهندا هئا.

مٿين مثالن ۾ ڏسبو ته فعل پنهنجي مفعول سان، جنس، عدد ۽ ضمير ۾، هر حالت ۾ تبديل ٿيندو پئي رهيو آهي، انهيءَ ڪري مٿين فعلن جو پريوگ ”ڪرمڻي“ آهي.

پريوگ ڀاوي

(Neuter Construction)

 

ڀاوي“ سنسڪرت لفظ ”ڀاءَ“ (سڀاءِ) مان نڪتل آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ”ذاتي مرضي“ يا ”نيارو“. هن پريوگ ۾ فعل، نڪي فاعل سان، جنس، عدد ۽ ضمير موجب بدلبو آهي ۽ نڪي مفعول سان، جنس، عدد، ۽ ضمير موافق مٽبو آهي؛ پر فعل سڀني حالتن ۾ ساڳي صورت ۾ رهندو آهي. جهڙوڪ:

                   (1)

جملو: هن انهيءَ عهدي کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان هلايو.

فاعل سان:

جنس ۾: هن (مرد) انهيءَ عهدي کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان هلايو.

هن (عورت) انهيءَ عهدي کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان هلايو.

عدد ۾: هن انهيءَ عهدي کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان هلايو.

هنن انهيءَ عهدي کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان هلايو.

ضمير ۾: هن انهيءَ عهدي کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان هلايو.

تو انهيءَ عهدي کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان هلايو.

نوٽ: هن جملي ۾ مفعول آهي ئي ڪو نه، تنهن ڪري ان سان مٽجڻ جو سوال ئي نه ٿو اُٿي.

           (2)

جملو:     ڇوڪريءَ ڪتي کي ماريو.

جنس ۾: ڇوڪري ڪتي کي ماريو.

           ڇوڪريءَ ڪتي کي ماريو.

عدد ۾:   ڇوڪري ڪتي کي ماريو.

           توهان (ڇوڪرن) ڪتي کي ماريو.

مفعول سان:

جنس ۾: ڇوڪري ڪتي کي ماريو.

           ڇوڪري ڪتيءَ کي ماريو.

عدد ۾:   ڇوڪري ڪتي کي ماريو.

           ڇوڪري ڪتن کي ماريو.

ضمير ۾: ڇوڪري هن (ڪتي) کي ماريو.

           ڇوڪري انهن (ڪتن) کي ماريو.

           (3)


* ڪتاب ”مقدمہ الصلواه“ سال 1700ع ڌاري لکيو ويو، جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڪتاب هو. هن ڪتاب جو مضمون نماز ۽ وضوءَ جي بابت آهي ۽ هيءُ ڪتاب نظم ۾ آهي.

*ڪتاب:- سنڌي ادبي تاريخ، مصنف محمد صديق ميمڻ. ۽ سنڌي صورتخطي، خواجه غلام علي الانا؛ سنڌي زبان پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ، ڇاپو ٽيون جولاءِ 1969ع، صه 29.

* ”سنڌي صرف نحو“، واحد بخش شيخ؛ پبلشر آر- ايڇ احمد برادرس، دفعو 2، سال 55. 1956ع، صفعو نمبر 39. ۽ سنڌي ويا ڪرڻ“ ڀاڱو ٻيو، مرزا قليچ بيگ؛ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: