سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :4

1-    قلمبند (ع+ف):- ]قلم (ع) =لکڻ جو اوزار+بند (ف)- مصدر بستن=ٻُڌڻ[ قلم سان ٻڌل، يعني قلم سان لکيل، تحرير ٿيل، داخل ٿيل، درج ڪيل.

2-   قيامت (ع):- ]قام- قيام= بيهڻ[ الله تعاليٰ جي سامهون بيهڻ وارو ڏينهن، يعني مرڻ کان پوءِ حساب وارو ڏينهن محشر.

3-   قيدالماءِ (ع):- ]قيد= جيل، بندي خانو+ ال= جو+ ماءُ= پاڻي[ پاڻيءَ جو جيل، داڻي پاڻيءَ جو قيد يعني لکيو، قسمت، مقدر ڀاڳ.

4-   ڪاٺڪٽو (سن):- ]ڪاٺ= لڪڙي+ڪُٽ= ڪُترڻ، وڍڻ، ڪپڻ[ ڪاٺ کي ڪُتريندڙ؛ هڪ پکيءَ جو نالو، هُد هُد.

5-   ڪارزار (ف):- ]ڪار= ڪم، مقصد، مراد+ زار-مصدر زاريدن=روئڻ[ اهو هنڌ جتي روڄ ۽ راڙو هجي يعني جنگ جو ميدان.

6-   ڪارساز (ف):- ]ڪار=ڪم، مقصد، مراد+ساز- مصدر ساختن=جوڙڻ، ٺاهڻ[ ڪم ٺاهيندڙ، ڪم جوڙيندڙ يعني الله تعاليٰ.

7-         ڪارخانو (ف):- ]ڪار= ڪم+خانه= جاءِ، هنڌ[ ڪم جي جاءِ، ڪم جو هنڌ يعني فيڪٽري.

8-         ڪاريگر (ف):- ]ڪار= ڪم+ گر= وارو[ ڪم وارو يعني هنرمند، پورهيت.

9-   ڪاسبي (ع):- ]ڪسب= ڌنڌو ڪرڻ، پورهيو ڪرڻ محنت سان ڪمائڻ[ ڌنڌو ڪندڙ، پورهيو ڪندڙ، ڪمائيندڙ يعني هنر مند، پورهيت.

10-  ڪاشتگاري (ف):- ]ڪِشت= کيتي، زراعت+ گار-ڪار- مصدر ڪردن= ڪرڻ[ کيتي ڪرڻ، زمين آباد ڪرڻ يعني زراعت جو ڌنڌو.

11-  ڪافر (ع):- ]ڪفر= لڪائڻ[ لڪائيندڙ، حق يا سچ کي لڪائيندڙ يعين مُشرڪ، خدا تعاليٰ کي نه مڃيندڙ، انڪار ڪندڙ.

12-  ڪامياب (هه+ف):- ]ڪام (هه) =خواهش، مراد+ باب (ف)- مصدر يافتن= لهڻ[ خواهش يا مراد لهندڙ يعني سوڀارو.

13-  ڪاڻيارو (س):- ]ڪاڻ= گهٽتائي، ڪوتاهي+ يارو= وارو[ گهٽتائيءَ وارو، ڪوتاهيءَ وارو يعني محتاج، ڳيجهو.

14-     ڪبرسني (ع):- ] ڪبر= وڏو، ٻُڍاپڻ، پِيري+سِن= عُمر[ ٻڍاپڻ واري عمر يعني ڪُراڙپ، پوڙهائپ، وڏي عمر.

15-  ڪپتيو (سن):- ]ڪُ= خراب، بڇڙو+ پت= اعتبار، ڀروسو[ خراب ڀروسي وارو بڇڙي اعتبار وارو يعني جنهن کي ڀروسو ۽ اعتبار نه هجي.

16-  ڪپوت (سن):- ]ڪُ= خراب، بڇڙو+ پوت- پُتر= پُٽ[ خراب پُٽ يعني خراب لڇڻن وارو ڇوڪرو، بداخلاق ڇوڪرو.

17-     ڪڌاتورو (سن):- ]ڪُ= خراب+ ڌاتو= بنياد، پيڙهه+ رو= وارو[ خراب بنياد وارو يعني بدچال، ڪميڻو.

18-  ڪربلا (ع):- ]ڪرب وبلا-ڪرب= ڏک، رنج، غم، مصيبت+ بلا= ڏاڍائي، آفت، سختي[ اهو هنڌ جتي ڏک ۽ غم جي سختي هجي؛ عراق ملڪ ۾ اهو ميدان جتي حضرت امام حسين عيلہ السلام جن شهادت پاتي.

19-  ڪشتيبان (ف):- ]ڪشتي=ٻيڙي+بان=نگهبان، محافظ، مالڪ[ ٻيڙيءَ جو نگهبان يا محافظ يعني ٻيڙي هلائيندڙ، ملاح.

20-    ڪشش (ف):- ]ڪش- مصدر ڪشيدن=ڇڪڻ] ڇِڪَ، ڊوُهه.

21-  ڪشڪول (ف):- ]ڪش= بغل، سينو، چيلهه+ ڪول= تالاب، وڏو پيالو[ بغل يا چيلهه جو وڏو پيالو يعني ڪِستو جو فقير کڻي پنندا آهن.

22-  ڪشمڪش (ف):- ]ڪش- مصدر ڪشيدن= ڇڪڻ+ مَ= نه+ ڪش- مصدر ڪشيدن= ڇڪڻ[ ڇڪڻ ۽ نه ڇڪڻ يعني ڇڪڇڪان، ڇڪتاڻ، وٺ پڪڙ.

23-  ڪفايت شعاري (ع):- ]ڪَفيٰ= بچت ڪرڻ، گهٽ خرچ ڪرڻ+ شعار= طريقو، هلت[ بچت جو طريقو، قناعت واري هلت.

24-  ڪفگير (ف):- ]ڪف= هٿ جي تِري هٿ، چنبو+گير-مصدر گرفتن= وٺڻ[ هٿ يا چنبي ۾ وٺڻ جي شئي يعني چانورن رڌڻ جو وڏو چمچو، خاص طرح وڏي ديڳ رڌڻ ۾ استعمال ڪبو آهي.

25-  ڪلکڻ (هه):- ]ڪِلک-ڪِلڪِ= رڙ، واڪ، چيخ، پُڪار[ باندر جي واڪ ڪرڻ جو آواز يعني باندر جي چيهاٽ.

26-    ڪمربند (ف):- ]ڪمر=چيلهه+بند- مصدر بستن=ٻڌڻ[ چيلهه کي ٻڌڻ واري شئي يعني چيلهه جو پٽو.

27-  ڪمرڪش (ف):- ]ڪمر= چيلهه+ ڪش-مصدر ڪشيدن =ڇڪڻ[ چالهه کي ڇڪيندڙ يعني پهلوان، بهادر، طاقتور.

28-    ڪمزور (ف):- ]ڪم=گهٽ، ٿورو+زور طاقت] گهٽ طاقت وارو يعني هيڻو، ڏٻرو.

29-  ڪمهري (سن+ف):- ]ڪُ (سن) = خراب، بڇڙو، بڇڙي+مهر (ف) =مهرباني، احسان، ڀلائي[ خراب احسان يعني مصيبت، آفت، نحوست.

30-    ڪنگالپڻ (هه):- ]ڪنگال=سُڃو، مفلس[ مفلسي، سڃائي، غريبي.

31-     ڪنياءِ (سن):- ]ڪُ=خراب، بڇڙو+نياءُ-نيايه=برتاءُ، هلت[ خراب برتاءُ، بڇڙي هلت يعني ظلم، ڏاڍائي.

32-    ڪوشان (ف):- ]ڪوش- مصدر ڪوشيدن= ڪوشش ڪرڻ[ ڪوشش ڪندڙ يعني محنتي.

33-  ڪوهسار (ف):- ]ڪوهه=جبل+سار=هنڌ، جڳهه، چوٽي[ جبلن جو هنڌ، جبلن جي جاءِ، يعني اهو هنڌ جتي رڳو جبل ئي جبل هجن.

34-  ڪوهستان (ف):- ]ڪوهه=جبل+ستان-آستان=جاءِ، هنڌ[ جبلن جي جاءِ، جبلن جو هنڌ يعني ملڪ جو اهو حصو جتي رڳو جبل ئي جبل هجي، جابلو ڀاڱو، سنڌ ملڪ جو الهندو حصو.

35-  ڪوهيارو (ف+س):- ]ڪوهه (ف) =جبل، ٽَڪر+يارو=وارو[ جبل وارو، ٽڪر جو رهاڪو يعني سسئيءَ جو مڙس پنهون، جو ڪيچ مڪران جو هاڪو هو.

36-  ڪهڪشان (ف):- ]ڪِهه=تارا+ڪَشان- مصد ڪشادن= کلڻ، کولڻ[ تارن جو کلڻ يعني رات جي اونداهيءَ ۾، آسمان ۾ تارن جو اهڙو مانداڻ نظر اچي جنهن مان دل کي فرحت پئي محسوس ٿئي؛ يعني چهچٽو، تارن جي جهرمر.

37-  ڪيمخواب (ف):- ]ڪَم=گهٽ، ٿوري+خواب- مصدر خوابيدن=ننڊ ڪرڻ، سمهڻ[ گهٽ ننڊ ڪرائيندڙ، هڪ قسم جو ريشمي ڪپڙو، جو زربفت (سون جي تارن سان آڻيل) جي ملاوٽ سان ٺاهيو ويندو آهي. هن ڪپڙي ۾ تمام ڊگهيون تارون ۽ ڌاڳا هوندا آهن، جي بت کي لڳڻ سان چُڀ چُڀ ڪن ٿا، جنهن ڪري ان ڪپڙي پهرڻ سان ماڻهوءَ کي ننڊ گهٽ اچي ٿي.

38-  گرانمايه (ف):- ]گران=وڌيڪ، مهانگو+مايه=سرمايو، دولت، پونجي، رقم[ وڌيڪ رقم وارو، مهانگو، قيمتي، عمدو.

39-  گرداب (ف):- ]گرد=گول گهيرو، گول ڦيرو+آب=پاڻي[ گول ڦيرو ڏيندڙ پاڻي يعني پاڻيءَ جو ڪُن، جنهن مان ڪوبه بچي نه سگهي.

40-          گردونواح (ف+ع):- ]گِرد (ف) =گول گهيرو، چوڌاري ڦيرو+و=۽+نواح (ع ) =طرف[ طرفن کي گهيرو يعني چوڌاري، ڦير.

41-  گرمجوشي (ف):- ]گرم=ڪوسو، تيز+جوش- مصدر جوشيدن=ٽهڪڻ[ تير ٽهڪندڙ جذبو يعني نهايت گهڻي اُڪير ۽ سڪ.

42-  گريبان (ف):- ]گري-گردن، ڳچي+بان، وان=مالڪ، محافظ، نگهبان، وارو، وانگر[ گردن جو محافظ، ڳچيءَ وارو ڪپڙو يعني قميص جي ڪالر ۾ ڳچي، اندر.

43-    گفتگو (ف):- ]گفت-مصدر گفتن=چوڻ[ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون چوڻ يعني ڳالهائڻ ٻولهائڻ.

44-  گلاب (ف):- ]گل= گلاب جو گل+ آب= پاڻي[ گلاب جي گل جو پاڻي، گلاب جي گل جو عرق (عرق گلاب).

45-    گل اندام (ف):- ]گل+اندام= بدن، جسم، عضوا[ گل جهڙو نازڪ جسم رکندڙ يعني محبوب، معشوق.

46-  گلبدن (ف):- ]گل+بدن= جسم، تن[ گل جهڙو نازڪ جسم رکندڙ يعني محبوب، معشوق؛ هڪ قسم جو ڌاريدار ڪپڙو.

47-  گلبرگ (ف):- ]گل+برگ= پن، پنکڙي[ گل جو پن يا پنکڙي يعني نازڪ شئي؛ نازڪ مزاج محبوب يا معشوق؛ لاهور شهر ۾ هڪ ڪالونيءَ جو نالو.

48-    گلبوءِ (ف):- ]گل+بُو=هوا، سرهاڻ[ گل جي سرهاڻ، دل کي فرحت ڏيندڙ گل جي هوا يعني خوشبوءِ.

49-    گلدستو (ف):- ]گل+دست=هٿ[ هٿ ۾ گڏ ڪيل گل، گلن جي مُٺ يعني گلن جو جهڳٽو.

50-    گلزاري (ف):- ]گل+زار=جاءِ، هنڌ[ گلن سان ڀريل جاءِ يعني گلن جو چهچٽو.

51-     گلستان (ف):- ]گل+ستان-آستان=جاءِ، هنڌ[ گلن جي جاءِ يعني باغ، بستان.

52-    گلشن (ف):- ]گل+شن=ڪرشمو، ناز نخري، جي جاءِ[ گلن جي ناز نخري جي جاءِ يعني باغ، باغيچو، چمن.

53-    گلفام (ف):- ]گل+فام=رنگ، شڪل[ گل جي شڪل جهڙو خوبصورت يعني سهڻو، حسين.

54-    گلقند (ف): ]گل+قند=کنڊ[ گلن ۽ کنڊ جي چاش مان ٺهيل دوا.

55-  گمراهه (ف):- ]گم=غائب، لڪل، وڃايل+راهه=واٽ، رستو[ جنهن کان رستو وڃائجي وڃي يعني رُليل، ڀٽڪيل.

56-  گنج بخش (ف):- ]گنج=خزانو+بخش- مصدر بخشيدن =ڏيڻ، عطا ڪرڻ [ وڏو خزانو عطا ڪندڙ، وڏي رقم ڏيندڙ يعني وڏو سخي.

57-    گنهگار (ف):- ]گناهه =ڏوهه، خطا+گار=ڪار- مصدر ڪردن= ڪرڻ[ ڏوهه ڪرڻ وارو خطا ڪندڙ يعني ڏوهي.

58-    گوشمالي (ف):- ]گوش=ڪن+مال- مصدر ماليدن= مهٽڻ[ ڪن کي مهٽ يعني سزا.

59-  گوشه نشين (ف):- ]گوشه=ڪُنڊ، پاسو+نشين- مصدر نشستن=ويهڻ[ ڪنڊ يا پاسي ۾ ويهندڙ يعني الله لوڪ، پرهيزگار.

60-  گونا گون (ف):- ]گون=رنگ+گون=رنگ[ رنگ ئي رنگ، طرح طرح جي رنگ واري شيءَ يعني رنگا رنگي.

61-  گوهر افشاني (ف):- ]گُهَر= موتي، مرواريد+افشان- مصدر افشاندن= ڇنڊڻ[ موتيءَ کي ڇنڊڻ موتيءَ جي ڇنڊ يعني خوش بياني، سهڻو گفتگو.

62-  گوهر شناس (ف):- ]گُهَر= موتي، مرواريد+ شناس- مصدر شناختن= ڄاڻڻ[ موتيءَ جو ڄاڻندڙ، موتيءَ کي سڃاڻيندڙ يعني پارکو.

63-  ڳڻائتا (س):- ]گُڻ= ڀلائي، خاصيت، لياقت+آيل- مصدر آڻڻ[ گڻ ۽ خاصيتون آڻيندڙ يعني گڻن سان ٽمٽمار، ڀلاين سان ڀرپور، لياقتن وارا، سٻاجها، سلڇڻا.

64-  ڳور پَٽ (ف+ س):- ]ڳور- گور (ف) =قبر+پٽ= پٽڻ، کوٽڻ[ قبر کي پٽيندڙ، قبر کوٽيندڙ. هڪ قسم جو جانور جو قبر کوٽي ان مان مڙدو ڪڍي کائيندو آهي.

65-  لابقا (ع):- ]لا= نه+بقا= جٽاءُ[ جٽاءُ نه ڪندڙ شئي يعني فاني، نابود. الله تعاليٰ کان سواءِ هر شئي فاني آهي.

66-    لاچار (ف):- ]لا= نه+چاره =رستو[ ڪوبه رستو نه هجي، رستو هٿ نه اچي يعني مجبور، بيوس.

67-  لازوال (ع):- ]لا= نه+زوال= تباهي، بربادي[ جنهن شيءَ جي تباهي يا بربادي نه ٿئي، برباد نه ٿيندڙ شيءَ، جٽادار يعني الله تعاليٰ جي ذات بابرڪات.

68-    لاشڪ (ع):- ]لا= نه+شڪ= شبهو؛ گمان[ شبهو يا گمان نه هئڻ يعني بيشڪ.

69-    لاطمع (ع):- ]لا= نه+ طمع=لالچ، حرس[ جنهن حرص يا لالچ نه هجي؛ لالچ نه رکندڙ.

70-  لاغرضي (ع):- ]لا=نه+غرض=حاجت، مقصد، پرواهه، مطلب[ ڪنهن به شيءَ جي پرواهه نه ڪرڻ يعني بي پرواهي.

71-  لامڪاني (ع):- ]لا=نه+مڪان=رهڻ جو هنڌ، جاءِ[ جنهن کي رهڻ جي جڳهه نه هجي يعني بي گهر؛ جنه کي رهڻ واسطي ڪو مقرر هنڌ نه هجي. يعني الله تعاليٰ جو هر هنڌ حاضر آهي.

72-  لاوارث (ع):- ]لا=نه+وارث=ملڪيت جو حقدار[ فوتي، جنهن جي ملڪيت جو ڪوبه وارث نه هجي، بيواهو، نڌڻڪو.

73-  لبريز (ف):- ] لب=چپ، ساحل، ڪنارو+ريز- مصدر ريختن=هارڻ[ ڪناري کان اُٿلڻ يا هارجڻ يعني ڀرپور، ٽمٽار. ڀريل.

74-    لڪڙياريون (هه):- ]لڪڙ=ڪاٺي+هاريون=واريون، جهڙيون[ ڪاٺيءَ جهڙيون سنهيون.

75-  لنگر انداز (ف):- ]لنگر=لوهه جو زنجير يا رَسو، ڪِلو، جنهن سان ٻيڙِي يا جهاز ٻڌجي+انداز- مصدر انداختن=اڇلڻ، ڦٽي ڪرڻ[ رسو يا زنجير اڇلڻ يعني ترسڻ، قيام ڪرڻ، ڊاٻو ڪرڻ، منزل ڪرڻ.

76-    لوهار (سن):- ]لوهڪار- لوهه= هڪ ڌاتوءَ جو قسم=ڪار=ڪم[ لوهه جو ڪم ڪندڙ يعني لوهر.

77-  ليلہ القدر (ع):- ]ليل=رات+ال=جي+قدر=عزت، بزرگي، قسمت، مرتبو[ بزرگيءَ واري رات يعني رمضان مهيني جي ستاويهين تاريخ واري رات، جنهن ۾ هر ڪنهن انسان جي تقدير ڦرڻ جو امڪان ٿئي ٿو.

78-  مالدار (ع+ف):- ]مال(ع) = ڌن، دولت، ملڪيت +دار (ف)- مصدر داشتن=رکڻ[ ڌن رکندڙ، دولت وارو، ملڪيت وارو يعني شاهوڪار.

79-  مائيدار (ف):- ]مايه=پونجي، رقم، سرمايو، دولت+دار- مصدر داشتن=رکڻ[ پونجي يا سرمايو رکندڙ يعني دولتمند، مالدار، شاهوڪار.

80-  مايه ناز (ف):- ]مايه=پونجي، رقم، سرمايو، ملڪيت+ناز-مصدر نازيدن=نٽ نخرو ڪرڻ، فخر ڪرڻ[ سرمائي تي فخر ڪندڙ، ملڪيت تي ناز ڪندڙ يعني مغرور.

81-  مٺگهرو (سن):- ]مَٺ=بُرائي، نقصان، ڇيهو+ گهرو=گهرندڙ، خواهش ڪندڙ[ ٻئي جي لاءِ نقصان جي خواهش ڪندڙ، برائي سوچيندڙ يعني ويري، دشمن.

82-  مِٺ لوڻو (س):- ]مِٺَ=مِٺو، شيرين+لوڻو=لوڻياٺو، لوڻ وارو[ مٺو ۽ لوڻياٺو، مٺو ۽ چهرو يعني نمڪين، گهٽ لوڻ وارو.

83-    مجاهد (ع):- ]جِهد=ڪوشش ڪرڻ[ ڪوشش ڪندڙ، خدا جي راهه ۾ وڙهندڙ، غازي.

84-  محاذ آرائي (ع+ف):- ]مُحاذ (ع) = آمهون سامهون روبرو=آرا- مصدر آراستن=سنوارڻ، سينگارڻ[ آمهون سامهون ٿيڻ لاءِ سينگار ڪرڻ يعني مقابلي جي تياري، ويڙهه.

85-    محبوب (ع):- ]حُّب=سڪ، پيار[ جنهن سان سڪ رکجي يعني پيارو.

86-    محتاج (ع):- ]حتج=گهرج پوڻ[ جنهن کي گهرج پوي يعني گهرجائو؛ ضرورتمند.

87-    محفوظ (ع):- ]حفظ=ياد ڪرڻ، سنڀال ڪرڻ[ سنڀاليل؛ قابو، صحيح سلامت.

88-  محلسراءِ (ف):- ]محل=محلات+سراءِ=جاءِ، جڳهه[ محلات واري جاءِ يعني بادشاهه جو گهر، ٻارن جي رهڻ جي جاءِ.

89-  محمد (ع):- ]حمد=ساراهه، تعريف[ تعريف ڪيل، ساراهيل، الله تعاليٰ جو محبوب، نبي آخرزمان جو اسم مبارڪ.

90-  محي الدين (ع):- ]حيّ=حيات، زنده- محي=زنده ڪرڻ وارو+ ال= جو، جي+ دين= مذهب] دين اسلام جي زنده ڪرڻ وارو. حضرت پيران پير دستگير بادشاهه جو لقب.

91-  مخدوم (ع):- ]خدم =چاڪري ڪرڻ، خدمت ڪرڻ[ جنهن جي جلي خدمت چاڪري ڪئي وڃي يعني بزرگ، حاڪم.

92-    مددگار (ف):- ]مدد=سهارو،ٽيڪ+گار=وارو[ سهارو ڏيڻ وارو، ٽيڪ ڏيندڙ، يعني حامي، ساٿي.

93-  مدنظر (ف+ع):- ]مدّ (ف) =اڳيان، پيشاني+نظر(ع) ڏسڻ، نگاهه، اکين جي روشني[ اکين جي روشنيءَ اڳيان يعني سامهون، خيال، ارادو.

94-    مردانه وار (ف):- ]مرد+وار=وانگر، مثل[ مرد وانگر يعني بهادريءَ سان، دليريءَ سان.

95-  مَرغ زار (ع+ف):- ]مرغ (ع) =سائو گاهه+زار (ف) =جاءِ، هنڌ، گهڻائي[ اها جاءِ جتي سائو گاهه گهڻو هجي يعني ساوڪ واري جاءِ، ساوڪ واري زمين.

96-  مُرغ زار (ع+ف):- ]مُرغ(ع) =پکي+زار(ف) =گهڻائي، جاءِ، هنڌ[ اها جاءِ جتي پکين جي گهڻائي هجي، پکي جي رهڻ جو هنڌ يعني ڍنڍ، تلاءُ.

97-  مرغوب (ع):- (رغب=لاڙو ڪرڻ، توجهه ڏيڻ) جنهن ڏانهن لاڙو ڪجي، جنهن ڏانهن توجهه ڏجي يعني پسند، مقبول.

98-  مُشرڪ (ع):- ]شرڪ=شامل ڪرڻ[ شامل ڪندڙ، خدا تعاليٰ سان ٻيءَ شيءَ کي شامل ڪندڙ يعني ڪافر، منڪر.

99-    مشغول (ع):- ]شغل=ڪم ۾ رڌل رهڻ[ ڪم ۾ رڌل ڌنڌي ۾ لڳل.

100-      مشڪلڪشا (ع+ف):- ]مشڪل (ع)=  ڏکيو، ڳورو+ڪُشا (ف)- مصدر ڪشادن= کُلڻ کولڻ[ ڏکيائيءَ کي کوليندڙ، مشڪل آسان ڪندڙ؛ حضرت علي سائينءَ جو لقب.

101- مصنف (ع):- ]صنف=ٺاهڻ، جوڙڻ[ ٺاهيندڙ، جوڙيندڙ، ڪتاب جوڙيندڙ يا ڪتاب لکندڙ يعني ليکڪ.

102-                 مطلب (ع):- ]طلب=گُهر ڪرڻ، گهرڻ[ گُهر، غرض، مراد، تمنا.

103-                 مطيع (ع):- ]طاعت=تابع ٿيڻ، هٿ هيٺ ٿيڻ[ هٿ هيٺ، تابع، فرمانبردار.

104-                 مضبوط (ع):- ]ضبط=قابو ڪرڻ، سوگهو ڪرڻ[ قابو، سوگهو.

105-معذور (ع):- ]عذر=بهانو ڪرڻ[ بهانو ڪرڻ وارو يعني لاچار، مجبور.

106-      معراج (ع):- ]عروج=چڙهڻ، مٿي وڃڻ[ مٿي چڙهڻ جي شيءَ، ڏاڪڻ يعني عرش تي وڃي خدا تعاليٰ سان ملڻ جو مرتبو، جو حضرت محمد ﷺ جن کي حاصل ٿيو.

107-   معمولي (ع):- ]عمل=ڪم[ عام ڪم ۾ ايندڙ، رواجي.

108-                 مقابلو (ع):- ]قبل=اڳيان، سامهون[ سامهون ٿيڻ، مُنهن ڏيڻ، وڙهڻ، ويڙهه.

109-                 مقبرو (ع):- ]قبر=بُٺي، تُربت[ قبر يا تربت جي مٿان ٺهيل جاءِ يعني قبو، گنبذ.

110- مقدار (ع):- ]قدر=اندازو ڪرڻ[ انداز، وزن.

111-  مقرب (ع):- ]قرب=ويجهڙائي[ ويجهڙائي رکندڙ، ويجهو ٿيندڙ يعني خاص ماڻهو، خاص دوست.

112- مقروض (ع):- ]قرض=قرض ڏيڻ، اُڌارو ڏيڻ[ اهو شخص جنهن کي قرض ڏنو وڃي يعني قرضدار.

113- مقصد (ع):- ]قصد=ارادو ڪرڻ، خيال ڪرڻ، پڪو پهه ڪرڻ[ خيال، ارادو، مراد، مطلب.

114- مقصود (ع):- ]قصد= ارادو ڪرڻ، خيال ڪرڻ، پڪو پهه ڪرڻ[ ارادو ڪيل.

115- مقيّد (ع):- ]قيد=بنديخانو، جيل[ قيد ۾، بند ۾، يعني قيدي.

116- ملاقات (ع):- ]لقا=ديدار ڪرڻ، ڏسڻ[ ميلاپ، ديدار، صحبت.

117- مملڪتون (ع):- ]ملڪ- مملڪت (جمع مملڪتون) =حڪومت، بادشاهت[ حڪومتون، سلطنتون، بادشاهنون.

118- منزل (ع):- ]نزل=نازل ٿيڻ، لهڻ [ نازل ٿيڻ جي جاءِ، لهڻ جي جاءِ يعني جتي ٿورو وقت ترسجي يا منزل ڪجي يا ڊاٻو ڪجي.

119- منصف (ع):- ]نِصف=اڌو اڌ ڪرڻ[ اڌو اڌ ڪندڙ، پوري ورهاست ڪندڙ يعني انصاف ڪندڙ، قاضي، جج.

120-                 منصوبو (ع):- ]نصب=خيال برپا ڪرڻ، رٿ ڪرڻ[ رٿ، خيال.

121- من گهڙٽ (هه):- ]من=دل، هنياءُ+گهڙڻ= ٺاهڻ[ پنهنجي دل مان ٺاهيل يعني خيالي، ڪوڙي، اجائي، بي بنياد.

122-      مهاڀاري (سن):- ]مَها=بزرگ، وڏو، سردار+ڀاري=ڳورو، وزندار، ڏکي، مشڪل[ وڏو ۽ مشڪل ڪم يعني تمام وڏي جنگ جا سڀني ملڪن کي گهيري ۾ آڻي يعني وڏي، عالمگير لڙائي.

123-                 مهاتما (سن):- ]مَها=بزرگ، وڏو، سردار+آتما=روح، ساهه[ وڏو روح يعني بزرگ، سردار، مرشد.

124-                 مهتاب (ف):- ]ماهه=چند+تاب=چمڪ، روشني[ چنڊ جهڙو روشن يعني سهڻو خوبصورت.

125-مهڪار (هه):- ]مَهڪَ=خوشبوءِ، گلن جي تيز بُو- مهڪڻ=خوشبوءِ پکيڙڻ[ سرهي بوءِ، سرهاڻ.

126-      مهمان نوازي (سن+ف):- ]مهه- مَها (سن) =بزرگ، وڏو، سردار+مان (ف) =عزت، مرتبو، شان+نواز (ف)- مصدر نواختن=خاطر خواهي ڪرڻ، خدمت چاڪري ڪرڻ[ بزرگ جي خاطر خواهي، گهر آيل مهمان جي خدمت چاڪري.

127-                 مؤرخ (ع):- ]اُرخ=تواريخ لکڻ[ تاريخ لکندڙ، تواريخ ٺاهيندڙ.

128-                 مؤلف (ع):- ]اُلف=گڏ ڪرڻ[ گڏ ڪندڙ، جيڪو ادبي شيون هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪري، ليکڪ.

129-      مهاجر (ع):- ]هجر=جدائي ڪرڻ[ جدائي ڪندڙ يعني جو شخص هڪڙي شهر يا ملڪ کي ڇڏي ڪنهن ٻئي شهر يا ملڪ ۾ وڃي رهي يعني لاڏئو.

130-                 مهاراجا (سن):- ]مها=وڏو+راجا=حاڪم[ وڏو حاڪم يعني بادشاهه، حڪمران.

131- مهارائي (س):- ]مها=وڏي+راڻي=ملڪه، راجا جي زال[ وڏي ملڪه، وڏي راڻي؛ انگلنڊ جي بادشاهه شهنشاهه جارج پنجين جي زال وڪٽوريا جو لقب (مها راڻي وڪٽوريا).

132-      مہ رخ (ف):- ]ماهه=چنڊ+رُخ=منهن، چهرو؛ پيشاني[ چنڊ جهڙي پيشاني رکندڙ، چمڪندڙ چهرو يعني سهڻو، خوبصورت، حَسين.

133-                 مير بحر (ع):- ] امير=سردار+بحر=سمنڊ، درياءُ[ سمنڊ يا درياءَ جو سردار يعني مڇي ماريندڙ، مهاڻو.

134-                 ميڙائو (س):- ]ميڙڻ=گڏ ڪرڻ[ گڏ ڪندڙ، گڏ ڪرائيندڙ.

135-ميلادالنبي (ع):- ]ميلاد=پيدائش جو وقت+ ال=جو، جي +نبي=خبر ڏيڻ وارو، پيغبر يا رسول، جو خدا تعاليٰ جي طرفان سندس ٻانهن کي هدايت ڏيڻ آيو هجي[. حصرت محمد صلي الله عليہ وسلم جن جي پيدائش جو وقت يعني تاريخ 12 ربيع الاول واري رات.

136-                 نابڪار (ف):- ]نا=نه+به=ساڻ+ڪار=ڪم[ ڪم سان نه هجڻ، ڪم جو نه هئڻ يعني بيڪار، نالائق.

137-      ناتوان (ف):- ]نا=نه+توان- مصدر توانستن= ڪري سگهڻ، طاقت رکڻ[ جيڪو طاقت رکي نه سگهي يعني ڪمزور هيڻو، ڏٻرو.

138-                 ناپيد (ف): (نا= نه+ پديد = ظاهر کليل) ظاهر نه هئڻ، موجود نه هئڻ يعني گُم، اڻلڀ.

139-      ناخلف (ف+ع):- ]نا (ف) =نه+خلف (ع) = نيڪ فرزند[ اهو فرزند جو نيڪ نه هجي، اهو پٽ جو پنهنجي والدين جي چوڻ ۾ نه هجي يعني نافرمان پٽ، نالائق پٽ، بيهودو فرزند.

140-                 ناداني (ف):- ]نا=نه+دان- مصدر دانستن=ڄاڻڻ[ ڪجهه به نه ڄاڻڻ يعني اڻ ڄاڻائي، اٻوجهائي.

141- نازبوءِ (ف):- ]ناز- مصدر نازيدن=نٽ نخرو ڪرڻ+ بُو=بانس، هوا[ نٽ نخرو ڪندڙ بانس؛ هڪ قسم جو خوشبودار ٻوٽو.

142-      نازنين (ف+هه):- ]ناز (ف)- مصد نازيدن= نٽ نخرو ڪرڻ+نين (هه) =اَک، نظر[ ناز ۽ نخرو ڪندڙ اک؛ نٽ نخرو ڪندڙ عورت يعني خوبصورت محبوب، دلربا.

143-                 ناگزير (ف):- ]نا=نه+گزير=علاج، چارو[ چارو يا علاج نه هئڻ يعني لاعلاج، مجبور، لاچار.

144-                 ناميارو (ف):- ]نام=نالو، لقب، خطاب+يارو=وارو[ نالي وارو، لقب وارو يعني مشهور.

145-ناياب (ف):- ]نا=نه+ياب- مصدر يافتن=لهڻ، لڀڻ[ نه لهڻ واري شيءَ، نه لڀندڙ شيءَ يعني اڻلڀ.

146-      نجم الدين (ع):- ]نجم=ستارو+ال=جو+دين=مذهب[ مذهب جو ستارو يعني بزرگ، ولي. ماڻهوءَ جو نالو.

147-                 نڌر (سن):- ]نِر=سواءِ+آڌار=وسيلو، آسرو، آهر[ آسري کان سواءِ يعني ڪمزور، بي واهو، نٻل.

148-                 نرڄو (سن):- ]نِر=سواءِ+لجا=لڄ، شرم[ لڄ کان سواءِ، شرم کان سواءِ يعني بي شرم، بي حيا، لٿو پٿو.

149-      نستو (هه):- ]نه=نه+ست=سگهه، طاقت[ جنهن کي سگهه يا طاقت نه هجي يعني ڪمزور، هيڻو، ڏٻرو، نٻل.

150-نشست وبرخوست (ف):- ]نشست- مصدر نشستن =ويهڻ+وَ=۽+برخواست- مصدر برخواستن=اُٿڻ[ ويهڻ ۽ اٿڻ، اٿ ويهه جو نمونو، مجلس ۾ اٿڻ ويهڻ جي تميز.

151- نشڪام (ف):- ]نِش=ڇانو وارو هنڌ+ڪام=مراد، مقصد[ مراد يا مقصد وارو هنڌ يعني مقصد.

152-نصب العين (ع):- ]نصب=بيهارڻ، قائم ڪرڻ+ عين =اک[ اک کي بيهارڻ، اک کي قائم ڪرڻ يعني اصول، مقصد، مراد.

153-نظام الدين (ع):- ]نظام=بندوبست، انتظام+ال=جو +دين=مذهب[ مذهب جو بندوبست، دين جو انتظام. ماڻهوءَ جو نالو.

154-نظرانداز (ع+ف):- ]نظر (ع) =نگاهه، اک جي روشني +انداز (ف)- مصدر انداختن= اڇلڻ، ڦٽي ڪرڻ[ نگاهه کان اڇلڻ، ڦٽي ڪرڻ يعني نظر کان پري رکيل، ڇڏي ڏنل، جنهن تي توجهه نه ڏنو وڃي.

155- نظر بند (ع+ف):- ]نظر (ع)ء نگاهه، اک جي روشني+بند- مصدر بستن=ٻڌڻ[ نگاهه ۾ ٻڌل، اک جي روسنيءَ ۾ جڪڙيل يعني قيدي.

156-نقاب پوش (ع+ف):- ]نقاب (ع) =منهن جو پڙدو، ڍَڪ+پوش (ف)- مصدر پوشيدن=ڍڪڻ، پهرڻ[ منهنجو پڙدو ڍڪيندڙ يعني منهن لڪائيندڙ عورت.

157-نقشبندي (ع+ف):- ]نقش (ع) =چِٽَ، صورت، شڪل+بند- مصدر بستن= ٻڌڻ[ چٽ ٻڌڻ، صورت يا شڪل ٺاهڻ يعني چسٽالي، گلڪاري، مُصّورَي، اهلِ، ذڪر وارن جو طريقو، جنهن جو سلسلو حضرت خواجا بهاوالدين ذڪريا کان شروع آهي.

158-نقش ساز (ع+ف):- ]نقش (ع  = چَٽَ، صورت، شڪل+ ساز (ف)- مصدر ساختن= جوڙڻ، ٺاهڻ[ چٽ جوڙيندڙ، شڪل ٺاهيندڙ يعني پينٽر.

159-نڪتچيني (ع+ف):- ]نڪته (ع) =جزو، حصو+چين (ف)- مصدر چيدن= چونڊڻ[ جزن جي چونڊ، عيبن جي ڳولا يعني عيب جوئي، تنقيد.

160-      نڪليس (انگ):- نيڪ-=Neck ڳچي+ليس-=Laceڌاڳو، سڳو[ ڳچيءَ جو سڳو؛ ڳچيءَ ۾ پائڻ جو هار.

161- نڪمو (هه):- ]نِه=نه+ڪم=ڪار، ڌنڌو[ جنهن کي ڪم يا ڌنڌو نه هجي يعني بيڪار، واندو.

162-      نگهباني (ف):- ]نگاهه=نظر، اکين جي روشني+بان=محافظ، مالڪ[ نظر جو محافظ يعني مالڪ جي نظر، چوڪسي، سنڀال.

163-      نگهداشت (ف):- ]نگاهه=نظر، اکين جي روشني+داشت- مصدر داشتن=رکڻ[ نظر ۾ رکيل يعني سنڀال هيٺ.

164-                 نوآموز (ف):- ]نَو=نئون، تازو+آموز- مصدر آموختن=سکڻ[ نئون سکندڙ يعني سيکڙاٽ.

165-نوبهار (ف):- ]نَو=نئون، تازو+بهار=گلن ٽڙڻ جي موسم، خوشي، رونق[ نئين خوشي ڏيندڙ موسم، سياري کان پوءَ ايندڙ موسم، خوش، سرهو.

166-                 نوٽبوڪ (انگ):- ]نوٽ- =Note لکڻ، درج ڪرڻ+بوڪ-=Bookڪتاب[ لکڻ جو ڪتاب يعني بوڪ.

167-                 نورالبصر (ع):- ]نُور=روشنائي+ال=جي، جو+بصر =اک[ اک جي روشنائي يعني نظر.

168-                 ذورالنهار (ع):- ]نور=روشني+ال=جي، جو+نهار=ڏينهن[ ڏينهن جي روشني يعني روشنائي، چمڪ.

169-      نوشيروان (ف):- ]نو=نئون، تازو+شير=شينهن +وان=وانگر[نئين شينهن وانگر، جوان شينهن جهڙي طاقت رکندڙ يعني جوڌو، بهادر، پهلوان.

170-      نونهال (ف):- ]نو=نئون؛ تازو+نهال=خوبصورت ٻوٽو[ تازو ۽ خوبصورت ٻوٽو، جنهن اڃا (ڦر ميوو) نه جهليو هجي؛ نوجوان ٻار.

171- نوکنڊ (ف+پرا):- ]نو (ف) =نئون، تازو+کنڊ (پرا) =ڀاڱو، حصو، ملڪ[ نئون ملڪ.

172-      نيڪٽاءَ (انگ):- ]نيڪ-=Neckڳچي+ٽاءِ- To Tie-Tie ٻَڌڻ[ ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ واري پٽي، جا اڪثر سوٽ ۽ ڪوٽ پائڻ وقت ٻڌبي آهي.

173-                 نيلگون (ف):- ]نِيل=نيروگون=رنگ[ نيري رنگ جو يعني آسمان، فلڪ.

174-      نيم خوابي (ف):- ]نيم=اڌ+خواب- مصدر خوابيدن =ننڊ ڪرڻ[ اڌ ننڊ يعني ننڊ جي نشي ۾ ڀريل، ننڊ جي خمار ۾ رهڻ، پنڪي اچڻ.

175-واسڪوٽ (انگ):- ]ويسٽ- =Waistچيلهه، ڪمر+ڪوٽ-=Coat ڍَڪ، کل، تهه، ڪوٽ[ چيلهه تائين ڍڪ،چيلهه تائين ڪوٽ يعني صدري.

176-                 واقع (ع):- ]وقع=پڌرو ٿيڻ[ پڌرو، ظاهر، مشهور.

177-      وحدت الشهود (ع):- ]واحد=اڪيلو(خدا تعاليٰ)، وحدت=اڪيلائي+شهود=حاضر هجڻ[ خدا تعاليٰ جو هر شئي ۾ حاضر هجڻ. صوفي جن هڪ گروهه جي عقيدي موجب هر شيءَ ۾ خدا تعاليٰ کي موجود سمجهڻ.

178-      وحدت الوجود (ع):- ]واحد=اڪيلو (خدا تعاليٰ)، وحدت = اڪيلائي+وجود=ذات، هستي[ اڪيلي خدا جي هستي. صوفين جي ٻئي گروهه جي عقيدي موجب دنيا ۾ پيدا ڪيل هر شئي کي الله تعاليٰ جي پاڪ هستي سمجهڻ.

179-      ودياليه (سن):- ]وديا= ڄاڻ، علم+آليه=جاءِ، جڳهه، هنڌ[ علم حاضر ڪرڻ جي جڳهه؛ اها جاءِ جنهن ۾ علم پرايو وڃي يعني اسڪول، مدرسو، ڪاليج.

180-      ورڪشاپ (انگ):- ]ورڪ-=Work ڪم+شاپ =Shopدڪان[ اهو دڪان جتي ڪم ڪري ڪجهه مشين جا پرزا وغيره ٺاهجن يعني ڪارخانو.

181- وسڪارو (سن):- ]وسڪڻ=وسڻ، وسي پوڻ، مينهن جو پاڻي هيٺ ڪرڻ+آرو=وارو[ مينهن جو پاڻي مٿان ڪرڻ يعني مينهن جي پلٽ؛ مينهن وسڻ جي موسم.

182-                 وسيع فرش (ع):- ]وسيع= ڪشادو، ويڪرو+ فرش=وڇايل شيءَ، زمين[ ڪشادي زمين، ويڪري ڌرتي.

183-      وضعدار (ف):- ]وضع=ترتيب، ڍنگ، نمونو+دار- مصدر داشتن=رکڻ[ ترتيب سان رکندڙ، نموني سان رکندڙ يعني پنهن جي قابليت ۾ ڀڙ، هوشيار، پنهنجو مٽ پاڻ.

184-      وضع قطع (ع):- ]وضع= ترتيب ڏيڻ، ٺاهڻ+قطع =ڪاٽڻ، ڀڃڻ[ ترتيب سان ڪاٽڻ، ٺاهي ڪاٽڻ، طور طريقو رکڻ، سلسلو قائم ڪرڻ.

185-هاڪارو (س):- ]هاڪ=هڪل، هُل، نالو+آرو=وارو[ هڪل وارو، نالي وارو، دٻدبي ۽ شان وارو، زنده دل مشهور، مرتبي وارو.

186-                 هٿرادو (هه):- ] هٿ+راڌُو (نسبت جي نشاني) = وارو[ هٿ وارو، هٿ جو ٺاهيل يعني جڙتو، بي بنياد.

187-      هردلعزيز (س+ف+ع):- ] هر (س) = هڪ هڪ+دل (ف) = هنياءُ+عزيز (ع) = پيارو[ هڪ هڪ دل کي پيارو، سڀني کي پيارو يعني عام مقبول.

188-      هر نام (هه):- ]هر= هَري (خدا تعاليٰ) نام=نالو[ خدا تعاليٰ جو نالو، خدا تعاليٰ کي ياد ڪرڻ جو ذريعو؛ هندن جو سلام.

189-      هزاري (هه):- ] هزار= ڏهه سؤ جو انگ[ ڏهه سؤ سان واسطو رکندڙ، هزار سپاهين يا ماڻهن جو اڳواڻ؛ هزار جي مِلهه جو يعني درجي وارو. مغلن جي حڪومت ۾ هڪ عهدي جو نالو.

190-      همه ازوست (ف):- ]همه=سڀ+اَز=کان+اُو=اهو (الله)+است=آهي[ سڀ ڪجهه انهيءَ الله تعاليٰ کان ئي آهي. صوفين جي هڪ گروهه جو عقيدو آهي ته ڪابه شئي بذات خود ڪجهه به نه آهي پر هر شئي خدا تعاليٰ جي محتاج آهي.

191- هم آغوش (ف):- ]هم= ساڳيو+آغوش=ڀاڪر، بغل[ ساڳئي ڀاڪر ۾، بغل ۾ ڳچيءَ لڳڻ وارو يعني بغلگير.

192-      هم آواز (ف):- هم= ساڳيو+آواز= ٻول، پڪار[ ساڳئي ٻول ۾ شريڪ، ساڳي پڪار ۾ شامل يعني ساٿي، رفيق، دوست، يار.

193-      همه اوست (ف):- ]همه= سڀ+ اُو= اهو(الله)+است=آهي[ سڀ ڪجهه اهو الله تعاليٰ ئي آهي. صوفين جو ٻيو گروهه انهيءَ عقيدي جو قائل آهي ته خدا تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪنهن به شئي جو وجود ڪونهي. اهو خدا تعاليٰ ئي آهي جو مختلف شڪلين ۾ پاڻ ڏيکاري ٿو.

194-      همت افزائي (ع+ف):- ]همت=جرئت، دليري، بهادري+افزا (ف)- مصدر افزودن= وڌائڻ] جرئت وڌائڻ، دليري پيدا ڪرڻ يعني پٺ ڀرائي.

195-هم چورس (ف+هه+ف):- ]هم (ف) = ساڳيو+چو (هه) =چار+رس (ف) = پهچ وارو[ چارئي پاسا ساڳي پهچ وارا يعني اها شڪل جنهن جا چارئي پاسا هڪ جهڙا ۽ هڪ جيترا هجن.

196-      همدرد (ف):- ]هم=ساڳيو+درد=غم، ڏک، تڪليف[ ساڳيو غم يا ڏک رکندڙ يعني هڏ ڏوکي، ساٿي، دوست.

197-      همدم (ف):- ]هم=ساڳيو+دم=ساهه[ ساڳئي ساهه وارو، ساڳئي خيال وارو يعني نهايت پيارو، دوست، رفيق، ساٿي.

198-      همراز (ف):- ]هم=ساڳيو، هڪ جهڙو+راز=مقصد، لڪل ڳالهه، مراد[ ساڳي لڪل ڳالهه ڄاڻندڙ، هڪجهڙو مقصد رکندڙ يعني جُهٽ.

199-      همراهه (ف):- ]هم=ساڳيو، هڪجهڙو+راهه=رستو[ هڪجهڙي واٽ وٺندڙ، ساڳئي رستي سان هلندڙ يعني ساٿي، رفيق.

200-                همسايه (ف):- ]هم=ساڳيو+سايه=پاڇو[ ساڳيئ پاڇي ۾ ويهندڙ يعني پاڙيسري.

201-      همسفر (ف+ع):- ]هم (ف)= ساڳيو، ساڳي+سفر (ع) =مسافري[ ساڳي مسافري ڪندڙ، مسافريءَ ۾ شامل يعني ساٿي، رفيق.

202-                همشيرہ (ف):- ]هم=ساڳيو+شِير=کير[ ساڳيو کير پيئندڙ عورت يعني ڀيڻ.

203-      همعصر (ف+ع):- ]هم (ف) =ساڳيو+عصر (ع) = زمانو[ ساڳئي زماني جو، ساڳئي دور جو يعني هڪ جيڏو.

204-      همڪنار (ف):- ]هم=ساڳيو+ڪنار=ڪنارو، طرف، ڀاڪر[ ساڳئي ڪناري سان، ساڳئي طرف يعني ڀاڪر ۾.

205-      هوادار (ع+ف):- ]هوا (ع) = واءُ، گُهلندڙ هوا+ دار ­­(ف)- مصدر داشتن=رکڻ[هوا رکندڙ يعني هوا واري جاءِ، کليل، ڪشادي.

206-      هموار (ف):- ]هم=ساڳيو+وار=لائق، مناسب، موافق[ ساڳئي لائق، ساڳي موافقت يعني موزون، برابر، موافق.

207-      هوشيار (ف):- ]هوش=سمجهه، عقل+يار=مددگار، ساٿي، دوست[ سمجهه وارو دوست، عقل وارو ساٿي يعني سياڻو، سمجهو، داناءُ.

208-      هيجان (سن):- ]هيج=خوشي، شوق، محبت، چاهه+مان= سان، وچان[ خوشيءَ سان، محبت وچان، شوق مان.

209-      هيبتناڪ (ع+ف): - ]هيبت (ع) =دهشت، رعب، دٻدٻو، خوف+ناڪ (ف) = ڀريل، ڀرپور[ دهشت سان ڀريل، خوف سان ڀرپور يعني خوفناڪ.

210-      ياداشتنامو (ف):- ]ياد=ذهن ۾،خيال ۾، سمجهه ۾ داشت- مصدر داشتن= رکڻ+نام= خط، چٺي، تحرير[ ذهن ۾ رکڻ لائق خط، خيال ۾ رکڻ واري تحرير يعني يادگيريءَ وارو پنو؛ عريضو.

211- يڪجهتي (ف+ع):- ]يڪ (ف) =هڪ، اڪيلو+جِهت (ع) =طرف[ هڪ طرف کان، هڪ طرفي يعني ٻَڌي، اتحاد، اتفاق، دوستي.

212-                 يڪدم (ف):- ]يڪ =هڪ+دم=ساهه[ هڪ ساهه ۾، يڪي ساهيءَ سان يعني جهٽ پٽ، جلدي.

213-      يڪسان (ف):- ]يڪ=هڪ+سان=رسم، رواج، عادت[ هڪ رسم، هڪ رواج، هڪ عادت يعني هڪجهڙو، برابر.

214-                 يڪسبون (ع):- ]ڪسب=ڪمائڻ[ هو ڪمائن ٿا، ڪمائيندڙ، پورهيت.

215-يڪطرفي (ف+ع):- ]يڪ (ف) =هڪ+طرف (ع) =ڪنارو، پاسو[ هڪ پاسي کان، هڪڙي جوئي پاسو کڻي ڳالهائڻ يعني هڪ جي پٺڀرائي.

216-                 يڪمشت (ف):- ]يڪ=هڪ+مُشت=مُٺِ[ هڪ مُٺ ۾، هڪ هنڌ گڏ يعني متفق، يڪراءِ، گڏ.

217-                 آتشدان (ف):- ]آتش =باهه+دان=جڳهه، هنڌ[ باهه ٻارڻ جي جاءِ يعني بخارو، سگري، چُلهو.

218-      آرام ده (ف):- ]آرام=ننڊ، چين،قرار+دِه-مصدر دادن=ڏيڻ[ آرام ڏيندڙ شيءَ يعني آرام واري، سک واري.

219-                 انگوڇو (سن):- ]انگ=بدن، جسم، جان +اُڇڻ=ٻَڌڻ، ڍڪڻ[ جان تي ٻڌڻ وارو ڪپڙو يعني پوتڙو، گوڏ.

220-      بهاولپور (هه):- ]بهاول=ماڻهوءَ جو نالو+پور=ڀريل، بستي، آبادي، ڳوٺ[ بهاول جو ٻڌايل ڳوٺ؛ پنجاب صوبي ۾ هڪ شهر جو نالو.

221-      بي باقي (ف+ع):- ]بي (ف) =بغير، کان سواءِ+ بقا (ع) =جٽاءُ، هميشه جي زندگي-باقي=هميشہ رهڻ وارو (خدا تعاليٰ)[ هميشہ نه رهڻ وارو يعني الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهڻ؛ حساب ڪتاب صاف هجڻ، يعني چڪتو.

222-                ٻهڪار (سن):- ]ٻهڪڻ=چمڪڻ، خوش ٿيڻ، سرهو ٿيڻ[ خوشي، سرهائي، چمڪ.

223-                خاڪپاءِ (ف):- ]خاڪ= مِٽي، رکَ، زمين +پا=پير[ پير جي مٽي يعني هيٺانهون، مسڪين عاجز.

224-      خوفناڪ (ع+ف):- ]خوف (ع  =دهشت، ڊپ، رعب+ناڪ (ف) =ڀريل، ڀرپور[ ڊپ سان ڀريل يعني خطرناڪ.

225-                سڳر (ع):- ]ثغرَ=سرحد، لنگهه، پيچرو[ غير مسلم ۽ اسلامي ملڪن جي سرحد وارو لنگهه، چارو.

226-      سنڌوندي (س):- ]سنڌ=سنڌي قوم جي رهڻ جو ملڪ، صوبي جو نالو+ندي=درياهه، نهر[ سنڌ صوبي مان وهندڙ درياهه جو نالو، مهراڻ.

227-      سپهه سالار (ف):- ]سپاهه=فوج جو سپاهي+سالار= سردار، اڳواڻ[ فوجي سپاهين جو سردار، لشڪر جو اڳواڻ.

228-      شهري دفاع (ف+ع):- ]شهر (ف) = ماڻهن جي رهڻ جو هن، آبادي+ دفع (ع =پري ڪرڻ، هٽائن، بچاءِ ڪرڻ- دفاع=بچاءُ، حفاظت[ شهري آباديءَ جي حفاظت، شهر جو بچاءُ.

229-      عبدالعباس (ع):- ]عبد=ٻانهو، غلام، نوڪر+ال=جو+عبس=منهن ۾ گُهنڊ وجهڻ، بهادريءَ جو مظاهرو ڪرڻ- عباس=بهادريءَ جو مظاهرو ڪندڙ[ عباس جو غلام يا ٻانهو؛ ماڻهوءَ جو نالو.

230-      عبدالعزيز (ع):- ]عبد=ٻانهو، غلام، نوڪر+ال=جو+عزيز=پيارو، محبوب، لائق، خدا تعاليٰ جو هڪ نالو[ پياري (خدا تعاليٰ( جو ٻانهو يا غلام، ماڻهوءَ جو نالو.

231-      عبداللطيف (ع):- ]عبد=ٻانهو، غلام، نوڪر+ال=جو+لطف=نزاڪت، خوبي، مزو، لذت- لطيف=سهڻو، خوبصورت، نازڪ، سڀني خوبين سان ڀريل، خدا تعاليٰ جو هڪ نالو[ الله جو ٻانهو يا غلام؛ ماڻهوءَ جو نالو.

232-      فيروز پور (ف+هه):- ]پيروز (ف)= ڪامياب، فاتح، ايران ملڪ جي هڪ پهلوان جو نالو+پور (هه) =ڀريل، بستي، آبادي، ڳوٺ[ ڪامياب ۽ فاتح ماڻهن سان ڀريل بستي؛ فيروز پهلوان طرفان آباد ڪيل شهر. پنجاب صوبي ۾ هڪ شهر جو نالو.

233-      محرم (ع):- ]حرم=حرام قرار ڏيڻ، عزت وارو بڻائڻ[ حرام ڪيل، تعظيم وارو بڻايل. قمري سال جو پهريون مهينو. جاهليت واري دور ۾ الله تعاليٰ جي طرفان هن مهيني ۾ جنگ ڪرڻ حرام ڪئي وئي هئي؛ هن ئي مهيني ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جن شهادت پاتي.

234-      مرشد (ع):- ]رُشد= هدايت حاصل ڪرڻ، سڌي رستي تي هلڻ[ هدايت ڪرڻ وارو، سڌو رستو ٻڌائيندڙ، رهنما.

235-      مسجد (ع):- ]سجد=جُهڪڻ، نِوڙڻ، سجدو ڪرڻ[ سجدي ڪرڻ جي جاءِ، عبادت جي جاءِ؛ مسلمانن جي عبادت گاهه.

236-                مصلحت (ع):- ]صلح= نيڪ هجڻ، چڱو هجڻ[ چڱائي، ڀلائي، فائدو.

237-      مظلوم (ع):- ]ظَلمَ= غلط روش اختيار ڪرڻ، ظلم ڪرڻ، زيارتي ڪرڻ[ جنهن تي ظلم ڪيو وڃي، ستم زده.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: