سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :2

1-  باطل بازي (ع+ف):- ]باطل (ع) = ڪوڙ، ٺڳي+بازي (ف)- مصدر باختن= کيڏڻ، راند ڪرڻ[ ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ سان کيڏڻ يعني ڪوڙو يا نقلي کيل.

2- بالادست (ف):- ]بالا=مٿانهون +دست=هٿ[ مٿانهون هٿ، مٿان حڪم هلائيندڙ يعني آفيسر، حاڪم، حڪمران.

3-  بالله (ع):- ]ب=سان+الله=خدا تعاليٰ[ خدا تعاليٰ ساڻ يعني الله جوقسم.

4-  باليقين (ع):- ]ب=سان+يقين=ڀروسو، خاطري، پڪ[ ڀروسي يا خاطريءَ سان، پڪيءَ طرح.

5-  بانيڪار (ع+ف):- ]باني (ع) =بنياد وجهندڙ+ڪار (ف) =ڪم[ ڪم جو بنياد وجهندڙ يعني اڳواڻ.

6- بت پرست (ف):- ]بُت= جسم، بدن، هٿ جي ٺهيل مورت+ پرست- مصدر پرستيدن= پوٺڻ[ هٿ جي ٺهيل جسم يا مورت کي پوڄيندڙ يعني مشرڪ، ڪافر.

7- بت شڪن (ف):- ]بُت= جسم، بدن+ شڪن- مصدر شڪستن= ڀڃڻ[ هٿرادو ٺهيل بت يا جسم کي ڀڃندڙ يعني بهادر، دلير؛ افغان قوم جي مشهور بادشاهه محمود غزنويءَ جو لقب.

8- بجا آوري (ف):- ]بجا= درست،‎ٺيڪ، پورو+آور-مصدر آوردن=آڻڻ[ پوريءَ طرح آندل يعني پورائو، تڪميل، تعميل.

9- بختاررو (ف):- ]بخت=نصيب، ڀاڳ+ آور- مصدر آوردن= آڻڻ[ نصيب يا ڀاڳ آڻيندڙ يعني ڀاڳ وارو، نصيب وارو، خوش نصيب.

10-   بخت ياوري (ف):- ]بخت= نصيب، ڀاڳ+ ياور-مصدر آوردن= آڻڻ، اچڻ[ ڀاڳ يا نصيب جو اچڻ يعني سٺو ڀاڳ ٿيڻ.

11-        بد حواس:- (ف+ع):- ]بد (ف) =خراب، بڇڙو، برو+ حواس (ع) =عقل، سمجهه، هوش[ خراب سمجهه رکندڙ، يعني بيهوش، پريشان، حيران.

12-        بد خواهه:- (ف):- ]بد=خراب، بڇڙو، بُرو+خواهه-مصدر خواستن= گهرڻ[ بڇڙائي گهرندڙ يعني بڇڙو.

13-        بد ظن:- (ف+ع):-] بد (ف) = خراب، بڇڙو، برو+ظن (ع) = شڪ، گمان، وهم، خيال[ خراب يا بڇڙو خيال رکندڙ يعني شڪي حالت ۾.

14-        بد ڪلامي (ف+ع):- ]بد (ف) =خراب، بڇڙو، برو+ ڪلم= ڳالهائڻ[ خراب ڳالهائڻ يعني بڇڙو گفتگو ڪرڻ.

15-        بد معاش (ف+ع):- ]بد (ف) =خراب، بڇڙي، بُري+معاش (ع) = زندگي گذارڻ جو ذريعو[ خراب زندگي گذارڻ وارو يعني شرير، لُچو.

16-        بديع الجمال (ع):- ]بدع=ٺاهڻ، بديع=ٺاهيندڙ+ال=جو+ جمال=حسن، سونهن[ حسن جو ٺاهيندڙ يعني موجد، الله تعاليٰ.

17-                      برآمد (ف):- بر=ٻاهر+ آمد-مصدر آمدن=اچڻ، آڻڻ] ملڪ کان شيون ٻاهر آڻڻ يعني مال جي روانگي.

18-         برجستو (ف):- ]بر=سينو، آغوش، ڀاڪر+جست مصدر جستن= کيڏڻ، راند ڪرڻ[ سيني يا ڀاڪر ۾ کيڏندڙ يعني چست، مضبوط، بهادر، پهلوان.

19-         بردبار (ف):- ]برد- مصدر بردن =نيڻ، کڻي وڃڻ+بار=وزن[ وزن کڻي ويندڙ يعني برداشت ڪندڙ، صبر وارو، تحمل وارو، ڳورو ڳوڙهو.

20-        برطرف (ف+ع):- ]بر (ف) =تي، مٿي، ٻاهر+طرف (ع) = ڪنارو[ ڪناري تي، ڪناري کان ٻاهر يعني خارج ڪيل، نڪتل.

21-                       برعڪس (ف+ع):- ]بر (ف) =تي، مٿي+عڪس (ع) = پاڇو، پرتوو[ پاڇي تي يعني اُلٽو.

22-       برگزيده (ف):- ]برگزيد- مصدر برگزيدن=قبول ڪرڻ، پسند ڪرڻ، چونڊڻ[چونڊيل يا پسند ڪيل شخص يعني سٺو ۽ نيڪ انسان.

23-                      بزدل (ف):- ]بز=ٻڪر+دل=هنياءُ[ ٻڪريءَ جهڙي دل رکندڙ يعني ڊڄڻو.

24-        بستان (ف):- ]بو=سرهاڻ، خوشبوءِ+ستان- آستان= جاءِ، هنڌ[ خوشبوءِ واري جاءِ، سرهاڻ جو هنڌ، گلن جي جاءِ يعني باغ، چمن.

25-        بغداد (ف):- ]باغ داد-باغ=ميويدار وڻن جي جاءِ +داد=عدل، انصاف[ انصاف جو باغ. عراق ملڪ ۾ هڪ شهر جو نالو، جتي دستگير بادشاهه پير جو روضو مبارڪ آهي. هن باغ ۾ نوشيروان بادشاهه، هفتي ۾ هڪ دفعو اچي مظلومن جي داد رسي ڪندو هو، جنهن ڪري مٿس ”باغ داد“ نالو پيو. پوءِ هلاڪو تاتاري جيئن ته هن هنڌ قتل عام ڪرايو هو تنهن ڪري ماڻهن جي زبان مان ان وقت بغداد (يعني ظلم) جو آواز پئي نڪتو؛ جنهن کان پوءِ انهيءَ نالي پٺيان شهر ٻڌجي ويو.

26-        بغل گير (ف):- ]بغل=ڪلهي جو هيٺيون حصو، ڪڇ+گير-مصدر گرفتن=وٺڻ[ ڪڇ ۾ وٺڻ، ڀاڪر ۾ اچڻ يعني ڀاڪر پائڻ.

27-        بقادار (ع+ف):- ]بقا (ع) =هميشه جي زندگي+ دار-مصدر داشتن رکڻ[ هميشہ جي زندگي رکندڙ، هميشہ قائم رهندڙ يعني خدا تعاليٰ.

28-        بلاشڪ (ع):- ]ب=ساڻ+ لا= نه+شڪ=گمان، شبهو[ ڪنهن شڪ يا گمان کان سواءِ يعني خاطريءَ سان، بيشڪ، پڪ سان، يقيني طور.

29-        بلوچستان (ف):- ]بلوچ= هڪ قوم جو نالو+ستان. آستان=جاءِ، هنڌ[ بلوچ قوم جي رهڻ جو هنڌ، پاڪستان ملڪ ۾ هڪ پرڳڻي جو نالو.

30-        بندوبست (ف):- ]بند=خيال، فڪر، تدبير+بست-مصدر بستن= ٻَڌڻ[ خيال ۾ ٻڌل، تدبير هيٺ آيل يعني انتظام.

31-  بندي خانو (ف):- ]بند= مصدر بستن= ٻڌڻ+ خانه=جاءِ گهر، هنڌ[ اها جاءِ جتي ٻڌڻ جو ڪم ٿئي يا ٻَڌي ويهارجي يعني قيد، جيل.

32-  بني اسرائيل (ع):- ]ابن=پُٽ، جمع+ بني= اولاد+اسرائيل=خدا جو چونڊيل، خدا جي بر گزيدي پيغمبر حضرت يعقوب عليہ السلام جو عبراني نالو[ اسرائيل جي اولاد يعني يهودي قوم.

33-  بوالفضولي (ع):- ]ب=ساڻ+فضل=ضرورت کان وڌيڪ هئڻ، فالتو هئڻ- فَضول=بيڪار، اڍنگو، اجايو، نڪمو، وڌيڪ[ اجايو خرچ ڪرڻ، بيهوده هلت هلڻ يعني زيادتي، بيوقوفي، بيهودائي.

34-  بي باڪ (ف):- ]بي=بغير، کان سواءِ+باڪ= ڊپ، ڀؤ، خوف، انديشو[ ڊپ کان سواءِ بي خوف يعني دلير، بهادر.

35-  بيتاب (ف):- ]بي=بغير، کان سواءِ+تاب=طاقت، رونق، روشني[ طاقت يا روشنيءَ کان سواءِ يعني منجهيل، بيقرار، اٻاڻڪو.

36-  بيت الحرام (ع):- ]بيت=جاءِ، گهر+حّرم=پاڪ بنائڻ-حرام = پاڪ، مقدس[ پاڪ ۽ مقدس گهر، الله تعاليٰ جو گهر يعني ڪعبت الله، جو مڪي شريف ۾ آهي.

37-  بيت الخلا (ع):- ]بيت=گهر، جاءِ، هنڌ+ال=جو+ خلا= خالي جڳهه[ خالي ڪرڻ جي جاءِ يعني ضرورت وارو هنڌ، ڪاڪوس.

38-    بيت الله (ع):- ]بيت=گهر، جاءِ+الله=پاڪ هستي، ڌڻي تعاليٰ[ ڌڻي تعاليٰ جو گهر، يعني ڪعبت الله.

39-  بيت المال (ع):- ]بيت=گهر، جاءِ؛ هنڌ+ال=جو، جي+مال=ڌن دولت، ملڪيت[ ملڪيت جي گڏ ڪرڻ جي جاءِ يعني شاهي خزانو، سرڪاري خزانو، بئنڪ.

40-    بيت المقدس (ع):- ]بيت=گهر، جاءِ+مقدس=پاڪ[ پاڪ جاءِ، مسلمانن جو پهريون قبلو.

41-     بيپر واهه (ف):- ]بي=بغير، کان سواءِ+پرواهه=ڀؤ، ڊپ، خوف، غرض[ ڊپ يا خوف کان سواءِ يعني لاغرض.

42-    بي پناهه (ف):- ]بي=بغير، کان سواءِ، پناهه=امن، اجهو[ امن يا اجهي کان سواءِ يعني قبضي کان ٻاهر، تمام گهڻو.

43-  بيحساب (ف+ع):- ]بي (ف) =بغير، کان سواءِ+حساب (ع) = ڳڻپ يا شمار ڪرڻ جو علم[ ڳڻپ يا شمار کان سواءِ، ڳڻپ کان ٻاهر يعني بي انتها، تمام گهڻو.

44-    بيداد (ف):- ]بي=بغير، کان سواءِ+داد=انصاف[ انصاف کان سواءِ يعني ظلم.

45-    بيدل (ف):- ]بي=کان سواءِ+دل=هنياءُ[ جنهن کي هنياءُ نه هجي يعني بزدل، نا اميد، ديوانو.

46-    بيسود (ف):- ]بي=بغير، کان سواءِ+سود=فائدو، نفعو[ فائدي يا نفعي کان سواءِ يعني اجايو، بيڪار.

47-    بيشمار (ف):- ]بي=بغير، سواءِ+شمار=تعداد، ڳڻپ[ ڳڻپ کان سواءِ يعني گهڻي انداز ۾، تمام گهڻو.

48-  بيقرار (ف+ع):- ]بي (ف) =بغير، سواءِ+قرار (ع) =سڪون، آرام[ آرام يا سڪون کان سواءِ يعني ماندو، بي چين.

49-    بيڪار (ف):- ]بي=بغير، سواءِ+ڪار=ڪم[ ڪم کان سواءِ يعني واندو.

50-    بيگناهه (ف):- ]بي=بغير، سواءِ+گاهه=وقت[ وقت کان سواءِ، بغير وقت جي يعني اويرو، تمام دير سان.

51-     بيماري (ف):- ]بيم=خوف، ڊپ+آور- مصدر آوردن =آڻڻ[ خوف يا ڊپ آڻيندڙ يعني مرض.

52-  بيمثال (ف):- ]بي= بغير، سواءِ+ مثال= وافقت، نمونو[ موافقت کان سواءِ، جنهن جهڙو ڪو نمونوئي نه هجي يعني بي نظير، خوبصورت.

53-  بينظير (ف+ع):- ]بي (ف) =بغير، سواءِ+نظير(ع) =نمونو، وانگر، مثل، مثال[، مثال کان سواءِ، جنهن جهڙو ڪوبه نه هجي يعني لاثاني.

54-  بين الاقوامي (ع):- ]بين= وچ ۾+ ال= جي+ قوم-جمع اقوام=مختلف قومون[ مختلف قومن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو گروهه، مختلف قومن جي وچ ۾.

55-  بيوس (ف+س):- ]بي (ف) =بغير، سواءِ+وس (س) =اختيار، مرضي[ اختياريا مرضيءَ کان سواءِ يعني مجبور، لاچار.

56-  بيواهه (ف+س):- ]بي (ف) =بغير، سواءِ،+واهه (س) = رستو، چارو، سهارو[ سهاري کان سواءِ يعني اُها عورت جنهن جو مڙس مري ويل هجي يعني رن زال.

57-    ٻاجهارو (س):- ]ٻاجهه=ڪهل، رحم، قياس+وارو[ ڪهل يا رحم وارو، مهربان يعني خدا تعاليٰ.

58-  ٻولهاڙي (هه):- ]بول=چوڻي، سخن، ڪلام+هاري =واري[ سخن ڪلام واري، ڳالهائيندڙ، ناز نخرو ڪندڙ يعني گهڻگهري يا چلولي عورت. ڪوٽڙي جي ڀرسان هڪ ريلوي اسٽيشن جو نالو.

59-    ٻيائي (س):- ]ٻيو=مختلف، جدا مقصد[ ٻيو مقصد رکڻ يعني منافقي، ڌوڪيبازي.

60-  ڀاڳوند (س):- ]ڀاڳ=نصيب، بخت، قسمت+ونت= وارو، مالڪ، صاحب[ بخت يا نصيب جو مالڪ يعني بخت وارو، خوش نصيب.

61-  ڀيڄ ڀني (س):- ]ڀيڄ=پرهه، پرڀات، صبح+ڀڄڻ=ڦٽڻ، ظاهر ٿيڻ، نڪرڻ[ صبح جي اڇاڻ ظاهر ٿيڻ، يعني پرهه ڦٽي.

62-    تاجدار (ف):- ]تاج= ڇٽُ+دار-مصدر داشتن=رکڻ[ ڇٽ مٿي تي رکندڙ يعني حاڪم، بادشاهه.

63-  تجربيڪار (ع+ ف):- ]تجربه (ع) =آزمائش، آزمودو+ ڪار (ف) =ڪم، مصروفيت[ آزمائش ۾ مصروف، آزمودو رکندڙ يعني آزمودگار، ماهر، واقف ڪار، هوشيار.

64-    تجمل (ع):- ]جمّل= خوبصورت ڪرڻ، سهڻو بڻائڻ[ خوبصورتي، سجاوٽ، سونهن، حُسن.

65-  تحت الثريٰ (ع):- ]تحت=هيٺان+ال=جي+ثريٰ= زمين[ زمين جي هيٺان يعني زمين جو سڀ کان هيٺيون حصو، ترو.

66-  تخت گاهه (ف):- ]تخت=بادشاهه جي ويهڻ لاءِ مسند يا گدي+گاهه=جاءِ، هنڌ[ اُهو هنڌ يا جاءِ جتي ملڪ جو حاڪم ويهي حڪم هلائي يعني گاديءَ جو هنڌ، دارالحڪومت.

67-    تراشيل (ف):- ]تراش- مصدر تراشيدن=گهڙڻ، ٽُڪڻ[ ٽڪيل، گهڙيل.

68-    ترتيبوار (ع+ف):- ]ترتيب (ع) =سلسلو+وار (ف) = وانگر، مثل[ سلسلي وانگر يعني سلسليوار.

69-    ترجيح (ع):- ]رجح= اهميت ڏيڻ[ اهميت، اوليت، مٿانهون درجو.

70-  ترقي پذير (ف):- ]ترقي=اضافو، واڌ، فائدو+پذير-مصدر پذيرفتن=مڃڻ، قبول ڪرڻ[ اضافو يا واڌ قبول ڪندڙ يعني وڌندڙ، ترقي ڪندڙ.

71-  ترقي يافته (ف):- ]ترقي=اضافو، واڌ، فائدو+يافت مصدر يافتن= لهڻ[ فائدو لهندڙ، يعني ترقيءَ تي پهتل، ترقي ڪيل.

72-    تسبيح (ع):- ]سبح=پاڪائي بيان ڪرڻ[ الله جل جلالہ جي پاڪائيءَ جو بيان.

73-    تعليم (ع):- ]عِلمَ=ڄاڻ رکڻ، علم پرائڻ، سکڻ[ علم جي ڄاڻ.

74-    تعمير (ع):- ]عمر=جوڙڻ، ٺاهڻ، ڏڻ[ ڪنهن عمارت يا جڳهه جي جوڙ يا اڏاوت.

75-    تفصيل (ع):- ]فصل=بيان ڪرڻ، ذڪر ڪرڻ[بيان ڪيل، ذڪر ڪيل، کولي سمجهايل.

76-    تڪميل (ع):- ]ڪمل=پورائو ڪرڻ[ پورت، مڪمل.

77-  تماشبين (ع+ ف):- ]تماشا (ع) =کيل، بازي+ بين (ف)- مصدر ديدن= ڏيڻ[ کيل ڏسندڙ، رونشي ڪوڏيو.

78-    تن آرامي (ف):- تن=بدن، جسم+ آرام-مصدر آرميدن= آرام ڪرڻ، فرحت وٺائڻ يعني آسائش.

79-  تنخواهه (ف):- ]تن=بدن، جسم+خواهه-مصدر خواستن =گهرڻ[ جسم ڪم آڻڻ لاءِ اُجورو گهرڻ يعني پگهار.

80-  تندرستي (ف):- ]تن=بدن، جسم+درست=ٺيڪ، برابر[ جسم ٺيڪ هجڻ، صحت برقرار هئڻ، يعني جان جي چڱڀلائي.

81-     تنگدستي (ف):- ]تنگ=سوڙهو+دست=هٿ[ هٿ جي سوڙهائي يعني سُڃائي، غريبي، مسڪيني.

82-  تهدل (ف):- ]تهه=ترو، هيٺانهين+دل=هنياءَ[ هنياءَ جي هيٺاهينءَ سان، دل جي گهرائيءَ مان يعني سچي دل سان، بيحد، گهڻو.

83-  تيراندازي (ف):- ]تِيرُ=هڪ ڊگهي ڪاٺي جنهن تي لوهه جي نوڪ لڳل هوندي آهي ۽ ڪمان ۾ وجهي اُڇلائبي آهي+انداز- مصدر انداختن=اُڇلڻ، ڦٽي ڪرڻ[ تِير اُڇلڻ، تير هڻڻ.

84-  تيمارداري (ف):- ]تيمار=پر گهور، مُڌ، خيال، غور، همدردي، خدمت+دار- مصدر داشتن= رکڻ، ڪرڻ[ خدمت ڪرڻ، مريضن جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ يعني خدمت چاڪري ڪرڻ.

85-  ٿرپارڪر (س):- ]ٿر=وارياسو پَٽ، ريگستان، پار= طرف، پاسو، ڪنارو+کاري=سمنڊ[ وارياسي پٽ مان نڪري ۽ سمنڊ پار ڪري ٻئي طرف وڃڻ. سنڌ ۾ هڪ پرڳڻي جو نالو جو هينئر سنڌ جو هڪ ضلع آهي.

86-  ٽيڪنالاجي (انگ):- ]ٽيڪنڪ-= Technic هنر ، ڪاريگري+ لاجڪ- Logic =سبب اسباب جو علم[ هنر ۽ ڪاريگريءَ کي سبب اسباب جي علم ذريعي پيش ڪرڻ؛ هنري علم.

87-  پابند (ف):- ]پا (ف) = پير+ بند مصدر بستن= ٻڌَڻ] پير ٻڌل، قابو، ضابطي هيٺ، قبضي ۾ يعني قيد، گرفتان، مضبوط، قائم، بنياد، هيٺيون حصو تال (هه) = چشمو، حوض[ چشمي يا حوض جو هيٺيون حصو يعني ترو.

88-  پاتال (ف+هه):- ]پا (ف) =پير بنياد، هيٺيون حصو +تال (هه) =چشمو، حوض[ چشمي يا حوض جو هيٺيون حصو يعني ترو.

89-  پاٺشالا (هه):- ]پاٺ= سبق، درس+شاله= جاءِ، هنڌ[ سبق وٺڻ جي جاءِ، درس ڏيڻ جو هنڌ يعني هندو قوم جي ٻارن لاءِ اسڪول يا تعليمي ادارو.

90-  پاسپورٽ (انگ):- پاس-Pass =اجازت نامو، سند +پورٽ- Port =بندر، ڦاٽڪ[ ڦاٽڪ يا بندر جي لنگهڻ جي سند يعني راهداري.

91-  پاڪباز (ف):- ]پاڪ=صاف+باز- مصدر باختن= کيڏڻ[ صفائي ۽ پاڪائي سان کيڏندڙ يعني صاف دل، نيڪ، سچو.

92-  پاڪستان (ف):- ]پاڪ= صاف+ستان- آستان= رهڻ جو هنڌ[ پاڪ ۽ صاف ماڻهن جي رهڻ جو هنڌ يعني مسلمانن جي هڪ ملڪ جو نالو، جنهن ۾ اسين رهون ٿا.

93-    پاڻياري (س):- ]پاڻ= پاڻي+ياري=واري[ پاڻيءَ واري يعني پاڻي ڀريندڙ عورت.

94-    پائدار (ف):- ]پا=پير، بنياد، جڙ+دار- مصدر داشتن =رکڻ[ پير تي رکيل، بنياد تي بيٺل يعني مضبوط.

95-    پر آب (ف):- ]پر=ڀريل، ٽمٽار+آب=پاڻي، رونق[ پاڻيءَ سان ٽمٽار[ رونق وارو، عزت ڀريو، عزت وارو.

96-    پرده پوش (ف):- ]پرده=پڙدو، ڍڪ+پوش مصدر پوشيدن=ڍڪڻ، پائڻ[ پردو ڍڪيندڙ، پردو ڪندڙ.

97-  پرده نشين (ف):- ]پرده=پڙدو، ڍڪ+نشين- مصدر نشستن= ويهڻ[ ڍڪ ۾ ويهندڙ، پڙدو ڍڪيندڙ يعني معتبر، باعزت، پاڪدامن.

98-    پرڏيهه (سن):- ]پر= پراڻو، ڌاريو+ڏيهه=ديس، ملڪ[ پرائو ديس؛ ڌاريو ملڪ.

99-  پرستار (ف):- ]پرستن= پوڄڻ، پوڄا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ[ پوڄا ڪندڙ، عبادت ڪندڙ يعني خدمتگار، غلام، نوڪر.

100-      پرستان (ف):- ]پري = پرن واري حسين (عورت)، جن قوم جي عورت- مصدر پريدن= اُڏامڻ+ ستان- آستان=جاءِ، رهڻ جو هنڌ[ پرن سان حسين ۽ خوبصورت عورتن جي رهڻ جو هنڌ يعني پرين جو ملڪ.

101- پروردگار (ف):- ]پرورد- مصدر پروردن= پالڻ، تاتڻ، نپائڻ+گار= وارو[ پالڻ وارو يعني الله تعاليٰ.

102-    پرهيزگار (ف):- ]پرهيز=بچاءِ، احتياط، احترام+گار= وارو[ احترام وارو، پرهيز وارو يعني نيڪ، مُتقي.

103-      پريو مڙس (س):- ]پريو= ڪراڙو، پوڙهو، ٻڍو+ مڙس=مرد[ ڪراڙو مڙد يعني سڀ جو وڏو، محفل جو مور.

104-      پسگردائي (ف):- ]پس= پُٺ، پوءِ، پويان+ گرد- مصدر گرديدن=ڦرڻ [پويان ڦرڻ يعني چوڌاري، آس پاس، چئني طرفن کان ويجهڙائيءَ وارو حصو.

105-پس و پيش (ف):- ]پس= پٺ، پوءِ پويان+و=۽+ پش=اڳ، اڳيان[ اڳ ۽ پٺ، يعني گهٽ وڌائي.

106-      پليٽ فارم (انگ):- پليٽ- Plate =ٿالهي، رڪابي+فارم- Form =شڪل، صورت، نمونو[ ٿالهيءَ جي شڪل جهڙو تراکڙو ۽ سنئون سڌو ٿلهو يا ميدان. اُهو ٿلهو جنهن سا لڳ ريل گاڏي اچي بيهندي آهي.

107-      پناهگير (ف):- ]پناهه=اَمن، اَجهو+گير- مصدر گرفتن= وٺڻ[ اَجهو وٺندڙ، اَمن هيٺ رهندڙ، حفاظت ۾ آيل.

108-      پنجاب (ف):- ]پنج+اَب=پاڻي[ پنج پاڻي، اُهو هنڌ جتي پنج پاڻي هجن. هندستان ۽ پاڪستان ۾ هڪ پرڳڻي جو نالو، جنهن مان پاڻيءَ جون پنج وڏيون نديون (ستلج، بياس، راوي، چناب، ۽ جهلم) وهن ٿيون.

109-                 پيچرو (ف):- ]پا=پير+چاره=رستو[ پير جو رستو يعني سنهو چارو، گس.

110- پيرسن (ف+ع):- ]پير (ف) = ڪراڙو، ٻڍو+سِن (ع) =عمر[ ڪراڙن جي عمر جو يعني پوڙهو.

111- پيشنگوئي (ف):- ]پيش=اڳ، اڳ ۾+گو- مصدر گفتن= چوڻ، ڳالهائڻ[ اڳ ۾ ڳالهائڻ، اڳواٽ چوڻ، اڳڪٿي.

112- پيغمبر (ف):- ]پيغام= نياپو؛ سنهيو؛+بر- مصدربردن= نيڻ، کڻي وڃڻ[ الله جل جلالہ جو نياپو کڻي ويندڙ يعني خدا تعاليٰ جو رسول؛ نبي.

113- پيلبان (ف):- پيل- فيل=هاٿي+بان=مالڪ؛ نگهبان) هاٿيءَ جو نگهبان يا مالڪ؛ هاٿيءَ کي هلائيندڙ.

114- جاگير (ف):- ]جاءِ=جڳهه، هنڌ+گير-مصدر گرفتن =وٺڻ[ جاءِ يا جڳهه ورتل. اُها جڳهه يا زمين جا بادشاهه يا حڪمران طرفان انعام ۾ ڏنل هجي يعني ملڪيت.

115- جانباز (ف):- ]جان= روح، زندگي، حياتي، جسم+باز- مصدر باختن= کيڏڻ[ زندگي يا جسم سان کيڏڙ يعني دلير، بهادر.

116- جانشين (ف):- ]جا= جڳهه، هنڌ+نشين- مصدر نشستن= ويهڻ[ جڳهه تي ويهندڙ يعني وارث.

117- جان نثار (ف+ع):- ]جان (ف) = روح، زندگي، حياتي، جسم+ نثار (ع) =قربان ٿيندڙ، گهوريندڙ[ پنهنجي جان گهوريندڙ يعني وفادار، جانباز.

118- جاندار (ف):- ]جان= روح، ساهه، جسم، بدن+دار- مصدر داشتن= رکڻ[ ساهه ۽ جسم رکندڙ يعني ساهه وارو.

119- جانور (ف):- ]جان= روح، ساهه، جسم، بدن+ آور- مصدر آوردن= آڻڻ[ ساهه ۽ بدن آڻيندڙ يعني ساهوارو، حيوان.

120-      جائداد (ف):- ]جاءِ=جڳهه+داد- مصدر دادن= ڏيڻ[ ڏنل جاءِ، بخشش ٿيل زمين يا جڳهه يعني ملڪيت.

121- جدوجهد (ف):- ]جّد=ڪوشش، سعيو+و=۽ +جَهد= ڪوشش، محنت[ ڪوشش ۽ ڪوشش، ڪوشش مٿان ڪوشش يعني تمام گهڻي ڪوشش، سخت محنت.

122-                 جستجو (ف):- ]جُست- مصدر جُستن= تلاش ڪرڻ، ڳولا ڪرڻ[ ڳولا، تلاش، ڦولها، جاچ.

123-      جلوه گاهه (ع+ف):- ]جلوه (ع) = ديدار، تجلي، نُور + گاهه (ف) = وقت، جڳهه هنڌ[ اُها جڳهه يا هنڌ جتي ديدار ڪرايو وڃي، تجلي ڏيکارڻ واري جاءِ.

124-      جلوه نما (ع+ف):- ]جلوه (ع) = ديدار، تجلي، نُور +نُما (ف)- مصدر نمودن=ڏيکارڻ[ تجلي ڏيکارڻ جهڙو، نُور جهڙو چمڪندڙ، روشن.

125-جمعة الوداع (ع):- ](جمعة=مسلمانن جو ستون ڏينهن+ال=جو+وداع= رخصت[ موڪلاڻيءَ وارو جمع يعني رسول ﷺ جن جي آخري حج وارو ڏينهن جو رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ آخري جمع آهي.

126-      جوڌپور (هه+ف):- ]جوڌو (هه) =بهادر سپاهي+ پور (ف) = ڀريل، بستي، آبادي[ بهادر سپاهي جي بستي؛ هندوستان ۾ هڪ شهر جو نالو.

127-      جهان آرا (ف):- ]جهان=دنيا، سنسار، عالم+آرا- مصدر آراستن=سينگارڻ[ ساري جهان کي سينگاريندڙ يعني تمام سهڻي عورت؛ عورت جو نالو.

128-      جهانديدو (ف):- ]جهان=دنيا، سنسار +ديد- مصدر ديدن==ڏسڻ[ دنيا يا سنسار کي ڏسندڙ يعني تجربيڪار ماڻهو، آزمودگار.

129-      جهانگير (ف):- ]جهان=دنيا، سنسار+گير- مصدر گرفتڻ=وٺڻ، قابو ڪرڻ[ دنيا کي وٺندڙ، جهان کي قابو ڪندڙ يعني سڄي ملڪ تي قبضو ڪندڙ؛ مغل گهراڻي ۾ اڪبر بادشاهه جي پٽ شهنشاهه نورالدين جو لقب، ماڻهوءَ جو نالو.

130-      جيڪب آباد (رن+ف):- ]جيڪب (انگ)- =Jecobهڪ انگريز جو نالو، جو سنڌ ۾ انگريزن طرفان فوج جو ڪمانڊر هو+ آباد (ف) = وسيل، آباد ٿيل[ جان جيڪب جو آباد ڪيل يا وسايل شهر، جتي فوج کي رهايو ويو هو؛ سنڌ جي اُترئين حصي ۾ هڪ شهر ۽ ضلعي جو نالو.

131- چار سو (ف):- ]چار+سُو=طرف[ چارئي طرف (اوڀر“ اولهه، ڏکڻ، اُنر)ل يعني هر جڳهه هر هنڌ، چوراهو، چوسول.

132-      چالبازي (هه+ف):- ]چال (هه) =روش، هلت +بازي- مصدر باختن= کيڏڻ[ چال جي کيڏ يعني چالاڪي، ٺڳي.

133-      چشم پوشي (ف):- ]چشم= اک+پوش- مصدر پوشيدن=ڍڪڻ، لڪائڻ[ اک کي لڪائڻ يعني ڪنهن جا عيب ۽ اوڻايون لڪائڻ يا ڍڪي ڇڏڻ.

134-      چوبدار (ف):- ]چوب=لڪڙي، لڪڻ+دار- مصدر داشتن=رکڻ[ لڪڙي يا لڪڻ رکندڙ يعني دروازي جو نوڪر، چوڪيدار.

135-چورس (هه+ف):- ]چو (هه) = چار+رس (ف) =پاسا[ جنهن جا چارئي پاسا هڪ جيترا هجن يعني چئن پاسن واري شڪل.

136-      چوڪديدار (هه+ف):- ]چوڪي (هه) =پهرو+دار (ف)- مصدر داشتن=رکڻ[ پهرو رکندڙ؛ نظر رکندڙ يعني پهريدار.

137-      چوماسو (هه+سن):- ]چو (هه) =چار+ماس (سن) =مهينو[ چئن مهينن واري هوا؛ هندستان ۾ چار مهينا لڳاتار مينهن آڻيندڙ هوا.

138-      چهل قدمي (ف+ع):- ]جهل (ف) = چاليهه+ قدم (ع) =پير[ چاليهه پير هلڻ؛ چاليهه قدم کڻڻ. مسلمان ۾ هڪ رس جنهن مطابق جنازو آڻڻ وقت قبر کان چالهه قدم پوئتي فاتح يا قرآن شريف جي ڪا صورت پڙهي ويندي آهي.

139-      چهلم (ف):- ]چِهل= چاليهه[ چاليهون ڏينهن؛ يعني مرڻ کان پوءِ چاليهين ڏينهن جي فاتح يا ختمو. ڪربلا معليٰ ۾ شعيد ٿيل امامن سڳورن جو چاليهو.

140-      حالڀائي (ع+هه):- حال (ع) =حالت، ڪيفيت+ ڀائي (هه) =دوست، ساٿي، ڪيفيت جو ساٿي، ڏک سک۾ شريڪ ٿيندڙ يعني همدرد.

141- حُباب (ع+ف):- ]حُب (ع) =محبت، سِڪ، اُنس؛ پيار+اَب (ف) =پاڻي[ محبت ۽ پيار وارو پاڻي؛ پاڻيءَ جي مٿان ٺهندڙ بڙبڙو يا ڦوٽو، جنهن کي ڏسي دل کي فرحت ايندي آهي.

142-      حج اڪبر (ع):- ]حج=ارادو ڪرڻ، بيت الله جي زيارت ڪرڻ ۽ ٻيا عبادت جا فرض پورا ڪرڻ+ اڪبر= وڏو[ وڏو حج، جو جمع جي ڏينهن تي ٿئي. هن حج جو وڏو ثواب ملي ٿو؛ اڪبري حج.

143-      حرامخوري (ع+ف):- ]حرام (ع) =نا جائز يا منع ٿيل شئي+خور (ف)- مصدر خوردن=کائڻ[ ناجائز يا منع ٿيل شئي کائڻ.

144-      حرم خانو (ع+ف):- ]حرم (ع) = نڪاح ۾ ٻڌل عورت+خانه (ف) =گهر، جاءِ، مڪان[ نڪاح ٻڌل عورتن جي جي جاءِ، پاڪدامن عورتن جو گهر؛ نبي ڪريم صلعم جن جي گهر جي جاءِ ڏانهن منسوب ٿيل.

145-حرم سراءِ (ع+ف):- ]حرم (ع) =نڪاح ۾ ٻڌل عورت، زال+سراءِ (ف) = جاءِ، گهر، مڪان[ نڪاح ٻڌل عورت جي رهڻ جي جاءِ، يعني رهائش گاهه.

146-      حزب الله (ع):- ]حزب=گروهه، ٽولو، جٿو، هٿيار+ الله[ الله جل جلالہ جو لشڪر يعني ملائڪ. ماڻهوءَ جو نالو.

147-      حسام الدين (ع):- حسام=تکي ترار+ال=جي+دين= مذهب) مذهب جي تکي ترار؛ ماڻهوءِ جو نالو.

148-       حفاظت (ع):- ]حفظ+ سنڀالڻ، قابو ڪرڻ[ قابو سنڀال.

149-     حقدار (ع+ف):- ]حق (ع) =سچ، واسطو+دار- مصدر داشتن= رکڻ[ سچ رکندڙ، واسطو رکندڙ.

150-حق اليقين (ع):- ]حق =سچ+ال=جي+يقين= خاطري، پڪ[ سچ جي خاطر يعني پوري پڪ سان؛ الله تعاليٰ تي پورو ڀروسو ۽ يقين رکڻ.

151- حيرت انگيز (ع+ف):- ]حيرت (ع) = عجب، حيراني+انگيز- مصدر انگيختن= کڙو ڪرڻ، اُٿارڻ[ عجب کڙو ڪرڻ، حيراني اُٿارڻ يعني حيران ڪندڙ شئي يا ڳالهه.

152-حيرتناڪ (ع+هه):- ]حيرت (ع) = عجب، حيراني+ ناڪ (هه) =وارو[ عجب وارو، حيراني ۾ وجهندڙ.

153-خاطر جمع (ع):- ]خاطر=دل جو خيال، پيار+جمع=گڏ ٿيل، گهڻو[ دل جا گڏيل خيال يعني اطمينان، تسڪين، تسلي.

154-خاڪسار (ف):- ]خاڪ=مٽي+سار=مثل، وانگر[ مٽيءَ وانگر يعني عاجزي ڪندڙ، انڪساري ڪندڙ، نهٺائي ڪندڙ، عاجز.

155- خانه بدوش (ف):- ]خانه=جاءِ، گهر+بَه=ساڻ+دوش= ڪُلهو[گهر ڪلهي ساڻ، جنهن جو گهر گهاٽ نه هجي يعني لاڏائو.

156-خاندان (ت+ف):- ]خان (ت) = امير، سردار، وڏو+دان (ف)- مصدر داشتن=ڄاڻڻ، سڃاڻڻ[ پنهنجي امير يا سردار جي ڄاڻ، وڏي جي سڃاڻپ، شريف گهراڻي جو ، اشراف ماڻهو.

157-خانسامان (ت+ف):- ]خان (ت) =امير، سردار، وڏو + سامان (ف) = ضروري شيون[ ضروري يعني کاڌي جي شين جو امير يا سردار، صاحب لوڪن کي کاڌي کارائڻ وارو يعني بورچيءَ، خدمت گار، بيرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: