سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :15

عروضي شعر:

حمد

”حمد“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”ساراهه، تعريف، ثنا، واکاڻ“. اصطلاحي معنيٰ موجب ”حمد“ انهيءَ نظم کي چئجي ٿو، جنهن ۾ ساري ڪائنات جي مالڪ ۽ خالق، الله تعاليٰ جل جلالہ، وحده لاشريڪ لہ جي تعريف ۽ ثنا پيش ڪئي ويندي آهي. هيءَ صنف رڳو ان لافاني هستيءَ لاءِ ئي مخصوص آهي ۽ ٻئي ڪنهن کي به انهيءَ ۾ آڻي نه ٿو سگهجي.

شاعريءَ جي هيءَ صنف عربستان ۾ ڄائي ۽ ترقي ڪيائين، جنهن کان پوءِ ايران ۾ آئي ۽ اتان وري آهستي آهستي اسان جي سنڌي شاعرن وٽ پهتي. اوائلي سنڌي بزرگن ۽ خدا تعاليءِ جي صالح ٻانهن اڳ جيڪي به اصلاحي ڪتاب نظم جي صورت ۾ پيش ڪيا آهن، تن جي شروعات ”حمد“ سان ئي ٿيل آهي، جهڙوڪ، ”نور نامون“؛ ”جنگ نامون امام ابو حنيفه“، ”حڪايات الصالحين“، وغيره وغيره، اهڙو مثال نظم واري تشريح بعد صفحي نمبر 194 تي اڳ ۾ ئي ڏنو ويو آهي. اڄ به شاعر هيءَ صنف قائم رکيو پيا اچن.

هت مان پنهنجو ”حمد“ مثال طور پيش ڪيان ٿو، جو عروضي سٽاءِ تي جوڙيل آهي:-

يا خدا! تون بي مثال وبا ڪمال ويا جمال،

تنهنجو دنيا جي مٿان آ، دٻدٻو جاهه و جلال.

1-                               تون آن ملڪ، تون آن خالق، تون آن رازق، تون رحيم،

تون ئي والي وحده، تون لا شريڪ و لا زوال.

2-              تو ڪيا پيدا زمين و آسمان، سج چنڊ آهه،

۽ ڪيو روشن سدائين، آهه تو روه هلال.

3-              گل ٽڙي گلزار ڪن، ٿي چوطرف هٻڪار ٿي،

رنگ بُو تن ۾ ڀري، تو آ ڪيو ڪيڏو ڪمال!

4-              تو ڪيا پيدا ملڪ، حوران، پريون، جن و بشر،

جي ڪرن حمد و ثنا، هر وقت تنهن جي آل جال.

5-              پر سڀن کان آهه افضل، تو بڻايو هي بشر،

جہ اچي ڌاڪو ڄمايو، آ زمين تي بي مثال.

6-              تو جهان ۾ پڻ بڻايا، پاڪ پيغمبر ولي،

جي ڪري ويا خلق جي خدمت، رکي خاص و خيال.

7-              تو رڳو مانڊاڻ ڪيو، ناهي مٿي ساري زمين،

پر زمين اندر به تو، آهن، لڪايا ڪئي لعل.

8-              بارگاهه ايزدي ۾، ٿو ڪيان نئڙت ”نياز“،

ڇو نه سڀ شئي ۾ پسان ٿو، تنهنجوئي جلوو جمال.

نعت

”نعت“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”مدح، صفت، تعريف“. اصلاحي معنيٰ موجب ”نعت“ اهو شعر آهي، جنهن ۾ حضور پُرنور سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليہ و آلہ و اصحابہ وسلم جن جي تعريف ۽ ثنا ڳائي ويندي آهي. هيءَ صنف رڳو خدا تعاليٰ جي محبوب ۽ پياري پيغمبر (رحمت اللعالمين) جن جي لاءِ ئي مخصوص آهي ۽ ٻئي ڪنهن جو به ذڪر هن ۾ آڻي نه ٿو سگهجي.

شاعريءَ ۾ هن صنف جي شروعات عرب جي باشندن کان ٿي. اُن کان پوءِ ايران وارن هن کي اَپنايو ۽ بعد ۾ سنڌ ۾ داخل ٿي. سنڌي شاعر به هن صنف کي ساڳي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪندا رهيا آهن ۽ اڃا تائين انهيءَ کي زور ۽ شور سان ڳائيندا پيا اچن. البت سنڌي ۽ اُردو شاعرن هن صنف کي پنهنجا نالا به ڏنا آهن؛ جهڙوڪ؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ ”مولود“ ۽ اردو ۾ ”قوالي“. باقي مضمون ۽ سٽاءِ جي لحاظ کان منجهن ڪا به ڦير گهير نه ڪئي اٿن.

هت هڪ نعت ”انور“ عباسي جي نموني طور ڏجي ٿي:

سهڻي عربيءَ تي پئي پڙهجي؛ پدم پدم صلوات؛

پدم پدم صلوات- سدا.......

اول اول الله سائينءَ، چئي ڏنس لو لاڪ لما،

ظاهر ظاهر خالق خلقي. ان خاطر افلاڪ ڪيا،

اول ما خلق الله نُوري، باريءَ ڪئي برڪات،

باريءَ ڪئي برڪات- سدا..........

رحمت رحمت طلبي آيو. عربي اُمت ڪارڻ؛

مرده مرده جسم جيارڻ، آيو دليون اُجارڻ،

ڪيرڻ قيصر ڪسريٰ وارا، آيو سڄڻ محلات،

آيو سڄڻ محلات- سدا.........

خيبر خيبر بدر حنين ۽ مڪو پاڪ مدينو

ڪربل ڪربل چمڪايو جنهن سيرت جو ته نگينو

عظمت جون هي هونديون شاهد، دجله، نيل، فرات،

دجله نيل فرات- سدا...............

ڪعبو ڪعبو اهوئي هو پر، مرڪز هو بتخانن جو،

آيو آيو جيئن ئي عربي، شان ٿيو انسانن جو،

ڪير هيو جو ڪيرائي ها تن جا لات منات- سدا....

نفسي نفسي نبي ڪندا جت، هادي اُت هٿ ويندو،

اُمت اُمت پنهنجي پڪاري، نال نماڻي ٿيندو،

”انور“ ان جي هڪئي نِگهه سان، وڌي وڃن درجات،

وڌي وڃن درجات- سدا.........

سهڻي عربيءَ تي پئي پڙهجي، پدم پدم صلوات.

 

قصيدو

”قصيدو“ عربي لفظ ”قصد“ مان نڪتو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ارادو ڪرڻ،، اصطلاحي معنيٰ موجب، اهي ڳچ جيترا هم وزن بيت، جن مان پهرئين بيت جون ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجن ۽ ٻين بيتن جي فقط پوئين سٽ پهرئين بيت جي ٻنهي سٽن سان هم قافيه هجي. هن ۾ ٿوري ۾ ٿورا ته به ٻارهن کان وڌيڪ بيت ٿيندا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ ڪيترا به بيت آڻي سگهجن ٿا.

قصيدي جو بنياد چئن شين تي ٻڌل هوندو آهي. جهڙوڪ؛

(1)       تشبيب. (2) گريز. (3) مدح. (4) دعائيه.

قصيدي جي شروع ۾ شاعر پهريائين ڪجهه بيتن ۾ تمهيد طور هڪ مضمون آڻيندو آهي، جنهن ۾ هو اڪثر قدرت جي خلقيل شين، فطرتي مناظرن ۽ واقع نگاريءَ جو عڪس چٽيندو آهي. هي انهيءَ ۾ خوشنما ۽ وڻندڙ تشبيهون استعمال ڪري، پنهنجي ڪلام کي نهايت رنگين بڻائيندو آهي. قصيدي جي انهيءَ ڀاڱي کي ”تشبيب“ چئبو آهي. قصيدي جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاعر ڪنهن بلند مرتبي واري انسان جو تعارف پيش ڪندو آهي، جنهن ۾ سندس شان شوڪت ۽ دٻدٻي کان واقف ڪندو آهي. انهيءَ حصي کي ”گريز“ سڏبو آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ ان انسان جي عظمت، سندس اخلاق ۽ عادتن کي ساراهيو ويندو آهي. انهيءَ حصي کي ”مدح“ چئبو آهي، ۽ چوٿين ۽ آخري ڀاڱي ۾ ان شخص بابت دعا پڙهي قصيدي جو اختتام ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ”دعائيه“ ڪوٺيو ويندو آهي.

قصيدي ۾ هميشهه زندهه حاڪمن، اميرن ۽ بلند مرتبي ۽ اخلاق وارن انسانن جي شان ۾ تعريف ڪئي ويندي آهي.

هت مرحوم ميان غلام سرور قادري ”فقير، جو قصيدو نموني طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ مٿيون چارئي شيون موجود آهن، هيءَ قصيدو فقير صاحب خيرپور رياست جي والي، مير فيض محمد خان جي تاجپوشيءَ وقت چيو هو.

هن قصيدي ۾ ڪل 34 بيت آهن.

(قصيدو)

1- تشبيب:

مرحبا ايام عشرت و عيش و اقبال و ڪمال،

حبذا وقت نڪو دوران خوش و فرخنده فال.

رنگ قدرت جا ڪري اظهار ٿي فصل بهار،

۽ صبا جادو ڀري گلشن ۾ ڏيکاري ٿي چال.

خوش ڍڪي پوشاڪ آهي سبرهء پامال ڀي،

۽ عروس گل عجب رخ ته ڪڍيا هن خط و خال.

آبر رحمت ايزدي ڀي آيو آهي جوش ۾،

ٿو وسائي گلشن عالم مٿي آب زلال.

شاخ گل تي عندليب خوشنوا حسرت ڪري،

نغمه خواني ساڻ گل کي ٿو ٻڌائي دل جو حال.

محفل عشرت بپا آهي خوشي آ جا بجا،

صفحه هستيءَ منجهان نڪري ويو رنج و ملال،

ساقي وئي ناب مطرب و ساغر آهي دور ۾،

زاهد و ناصح جو هتڙي بند آهي قل قال.

اهتشام اهڙي سان آهي جلوه گر هي بزم جو،

ڪين ڪڏهين آ ڏٺو چشم نلڪ اهڙو مثال.

2ـ گريز:

هن خوشيءَ ۽ شادماني جو عزيزو ڇا سبب،

خيرپور ۾ جو ڏٺو ڄڻ عيد جو آهي هلال.

والي ملڪ رياست مير صاحب نامور،

جهنجو بحر جود کان پڻ سنڌ جو آ نيڪ حال.

نيڪ سيرت نيڪ صورت صاف طبع و صاف دل،

صاحب فهم و ذڪا ۽ صاحب حلم و خيال.

گلشن اخلاق جنهنجي مان عروسان بهشت،

گل چُڻي سينگار ڪن ٿيون واسطي حسن و جمال.

مثل خوشبوءِ معطر آهي جنهنجو چار سو،

نيڪ نامي و سخا و شوڪت و جاه و جلال.

3ـ مدح:

روشن طبع ۽ هن جي شعاع فيض کان،

آبر ۾ سج ٿو ڇپي جئن پرده ۾ صاحب ڪمال.

بدر دل کائي ٿو پنهنجي تا ٿئي هنجو رڪاب،

پاءِ بوسي جو دماغ انجي ۾ آ پخته خيال،

گر هجي حاتم ها اڄ نام سخا هنجو ٻڌي،

ٿي گداگر در تي آڻي ها بلاشڪ ڪو سوال.

هنجو صاحبزاده جو فيض محمد آه مير،

ٿيو ولي عهد رياست هي اميد افزا نهال.

هي مبارڪ باد ۾ مجلس ٿي آهي منعقد،

جو صداقت نذر ڪن ٿا تنهن تان صدقو جان و مال.

4ـ دعا:

صد مبارڪ صد مبارڪ صاحب عزّ و حشم،

بخت تنهنجو عمر جان وڌندو رهي شل سال سال.

تنهنجي عزت جو ستارو اوج جي افلاڪ تي،

چمڪندو دائم رهي، جنهنکي نه ٿئي ڪنهن پر زوال.

تنهنجي در گردن بلندن جي جهڪيل هر دم هجي،

۽ نميل عالم هجي تنهنجي اڳيان مثلِ هلال.

چرخ خدمت تنهنجي ۾ دائم هجي بسته ڪمر،

جو ڦري تنهنجي حفاظت ۾ رکي تنهنجي سنڀال.

بخت توسان هم رڪاب اقبال توسان هم رفيق،

تنهنجي ٻانهي زر هجي نوڪر هجي پڻ تنهنجو مال.

عمر خضري توکي بخشي حق رهين تون شاد مان؛

شل هجين دائم سلامت آه جيسين ماه و سال.

شان تنهنجو دوست جي دل ۾ خوشيءَ وانگر رهي،

۽ وهي دل ۾ حسودن جي ڪٽاري جي مثال.

تنهنجي گهوڙن جي سنبن هيٺان هجي دشمن جو سر،

مثل خاڪ ره گذر ٿيندو رهي نت پائمال.

تو سان راضي آه محبوب خدا ۽ خود خدا.

تنهنجو حامي آ علي المرتضيٰ ۽ ان جي آل،

جئن ٿو بخشي روشنائي ساهه کي مهر مبين،

تنهنجي نظر فيض کان ناقص کي تئن پهچي ڪمال.

گلستان، مملڪت جي تون آهين رونق ۽ زيب،

شل وڌين شاخون ڪڍين سائو هجين اي نونهال.

شل رهين منجهه حفظ هن حافظ حقيقي جي سدا،

واءُ ڪوسو پڻ لڳي پاڇي به تنهنجي کي نه شال.

شيخ قادر صاحب علم و فضيلت آ وزير،

آه جو حڪمت ۽ درشن ۾ ارسطوءَ جي مثال.

خير خواهه مير آ ۽ دوست آهي ملڪ جو،

جهنکي اصلاح رياست جو گهڻو آهي خيال.

ايم – اي کهڙو ڀي آهي صادقان مير مان،

ٿو رهي تعظيم ۽ تڪريم ۾ جئن شڪل دال.

ٿو ڪري پورو قصيدو هي دعائن سان ”فقير“،

حرمت آل عبا پورو ڪندو شل رب سوال.

مرثيو

”مرثيي“ جي صنف قصيدي سان تعلق رکي ٿي. فرق رڳو اهو آهي ته قصيدي ۾ زنده انسانن جي تعريف ڪئي ويندي آهي، پر مرثيي ۾ ڪنهن عزيز يا دوست، امير يا حاڪم جي وفات جو واقعو ڏک ڀريل لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ سندس وصفن ۽ ڪردارن جو اهڙو ته نقش چٽيو ويندو آهي، جو ٻڌندڙن جون دليون ڀڄي نرم ٿيو پون ۽ سندن زبانن مان ازخود ئي درد ڀريا آواز اُڌمو کائي ٻاهر نڪرندا آهن. عام طرح مرثيو اُهو آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ سندن ساٿين جي شهادت جو احوال ۽ ڪربلا جو دردناڪ واقعو، ڏک ڀريل لفظن ۾ بيان ڪيل هجي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون مرثيا گو شاعر سيد ثابت علي شاهه ٿي گذريو آهي، جنهن جا مرثيا سڀني خصوصيتن سان مالا مال آهن. ان کانپوءِ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن مرثيا چيا آهن ۽ اڄ به چوندا رهن ٿا.

هت پنهنجو جوڙيل مرثيو نموني طور پيش ڪيان ٿو:

مرثيو

اي دلاور، دادلا، دلدار، دلبر يا حسين!

لاڏلا خيرالبشر جا، روح پرور يا حسين!

اي عليءَ جا دلربا ۽ فاطمہ جا نُور عين،

قوم مسلم جي مڻيا ۽ نور انور يا حسين!

دين حق جا پيشوا، تون اي امام اِبن امام،

پاڪ سيد آهه تنهنجي، ذات اطهر يا حسين!

ڪوفين توکي گهرائي، پاڻ وٽ مهمان طور،

ٿي هلايا زور زبرا، تير، خنجر يا حسين!

مومنن اُت ڪيترا دشمن ڪيا دوزخ رسيد،

ويا فدا ٿي پاڻ ڀي، الله اڪبر يا حسين!

باغين بازو ڪٽي، عباس کي ڪيڙو شهيد،

جنهن کنئي هئي مشق پاڻيءَ جي ته يڪسريا حسين!

ڪٿ بچو تن کان علي اڪبر به سهڻو نوجوان،

هو بهو ۽ هم نوا، سردار سرور يا حسين!

اُت علي اصغر پياسي کي لڳو اهڙو ته تير،

گود تنهنجي ۾ ڏنائي ساهه دلبر يا حسين!

گهوٽ قاسم ڀي لٿو، ميدان ۾ ڦيري ترار،

ٿي شهادت ان جي کان، ڪربل ۾ ٿر ٿر يا حسين!

پاڪ تن جنهن تي نبيءَ، بوسا ڏنا ٿي باربار،

تنهن مٿان ظالم وسايا، تير هر هر يا حسين!

دشمنن ٿي تير اُڇليا ۽ پڙهي ٿي تو نماز،

واهه! هو تنهنجي عبادت جو ته منظريا حسين!

سِر قلم تنهنجو ٿيو، سجدي اندر شمشير ساڻ،

ويو مچي سنسار ۾، ماتم ته اِن پر يا حسين!

تنهنجي قرباني کي ڪوٺي، ٿو جهان ذبح عظيم،

ڪو به تنهنجو ڪونه جڳ ۾، آهه همسريا حسين!

هن لڙائيءَ ۾ هئا، ماڻهو سڀئي مانجهي مٿير،

فيصلو هو حق، باطل، جو منور يا حسين!

دين کان وڌ ٻيو مٺو، توکي نه هو ڪوئي عزيز،

راهه حق ۾ تو ڪيو، قربان گهر تر يا حسين!

جن پڙهيو ڪلمو نبيءَ تي، تن ڪُٺي آل رسول،

تي ويو ڪربل ۾ قائم، روز محشر يا حسين!

اُن گهراڻي کي ڪٺائون، هاءِ بيدرديءَ منجهان،

ها ملائڪ ازل کان، جنهن جا ته نوڪر يا حسين!

ظلم جو تن ظالمن، ڪيڏو ڪيو انڌير هاءِ،

پاڪ حرمن کي ڇڏيئون، سرَ تي نه چادر يا حسين!

اُت بچو باقي هيو، بيمار زين العابدين،

تنهن کي پڻ بار سلاسل، هو ڪيو تر يا حسين!

هن شهادت سان ٿيو، ماتم مديني شهر ۾

ٿي ويو پڻ زلزلو، ڪعبي ۾ اظهر يا حسين!

ڪين تنهنجي لئه محض، ماڻهن ڪيو ماتام هوءِ،

جاندارن پڻ ڪئي ٿي، خاڪ بر سر يا حسين!

بس رڳو ماتام تنهنجو، هت زمين تي ڪونه هو،

آسمان ۾ پڻ بپا، تنهنجو هو محشر يا حسين!

ڪانه ٿئي منڪر کي طاقت ها، وڙهڻ جي اي حسين!

پر هئي رب جي رضا، اهڙي ته اڪثر يا حسين!

ڪاميابي ڏاڍ سان جي، ٿي آ دشمن کي نصيب،

ٿي حقيقي سوڀ تنهنجي، آهه ظاهر يا حسين!

جي ڏنو جابر نه توکي، هِت هيو آب فرات،

هُت هميشهه لئه مليو ٿي، آب ڪوثر يا حسين!

آ محرم جو ڏهو، ڀرپور غم سان ٿيو مدام،

ٿو اچي آواز ماتم جو ته، گهر گهر يا حسين!

جئن وسائي وڏڦڙو، اڀ ۾ ڪڪر ٿو آل جال،

نئن رئي مومن جي اک ٿي، يار ياور ياحسين!

واقعي هن کان آ غم جي لهر، دل ۾ اي ”نياز“،

جنهن سبب آ ئي وئي، ڳوڙهن ۾ اک تر يا حسين!

آ اها ئي التجا، ساڻي ٿجان محشر ۾ مير،

جونه عاجز کي سجهي ٿي، ڪابه واهر يا حسين!

غزل

”غزل“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”عورت سان گفتگو ڪرڻ“ يا ”سهڻن سان ڳالهيون ڪرڻ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، غزل انهيءَ کي چئجي، جنهن ۾ حسن ۽ عشق، پيار ۽ محبت جو بيان پيش ڪيو وڃي. هن ۾ هڪ ئي وزن جا ڪجهه بيت يا شعر هوندا آهن.

غزل جو هر هڪ بيت يا شعر ٻن مصرعن جو ٿيندو آهي، جنهن ۾ پورو خيال يا مڪمل مضمون سمايل هوندو آهي. هن ۾ عام طرح هڪ بيت جو ٻئي بيت سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي.

غزل جي پهرئين بيت کي ”مطلع“ ۽ پوئين بيت کي ”مقطع“ چئبو آهي. مطلع جون ٻئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ باقي هر هڪ بيت جو ٻيو نمبر مصرع مطلع سان ساڳئي قافيي ۾ ايندي آهي.

ڪي غزل رديف تي به جوڙيا ويندا آهن؛ يعني هر هڪ قافيي جي پٺيان هڪ ئي حرف ساڳيو استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي ’رديف‘ چئبو آهي. اهڙي طرح الف- ب جي 52 حرفن جي رديف تي جوڙيل غزلن جي مجموعي کي ”ديوان“ چئبو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل جي شروعات پهريائين سچل سرمست ڪئي، جنهن کان پوءِ اها صنف عام رواج هيٺ آئي. خليفو گل محمد هالائي پهريون شاعر هو، جنهن غزلن ۾ رديف استعمال ڪرڻ جو رواج وڌو ۽ آهستي آهستي الف- ب جي سڀني (يعني 52) حرفن تي رديف جوڙي، پنهنجن غزلن ۾ شامل ڪيا. آخوند صاحب اهڙو غزلن جو مجموعو تيار ڪري ”ديوان گل“ جي نالي سا ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻين شاعرن به پنهنجا ديوان جوڙڻ شروع ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: