سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :3

1-    خانگاهه (ت+ف):- ]خان (ت) = امير، سردار، رئيس، بزرگ+گاهه (ف) =جاءِ هنڌ[ سردارن جي جاءِ، بزرگ هستين جي جاءِ، بزرگ جي قبر مٿان ٺاهيل مزار يا مقبرو يعني روضو.

2-   خانڳڙهه (ت+هه):- ]خان (ت) =امير، سردار، رئيس، ترڪستان جي بادشاهن جو لقب+ڳڙهه (هه) = ڪوٽ، قلعو[ اميرن ۽ سردارن جو ڪوٽ يا قلعو. جيڪب آباد شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي ٺهيل هڪ شهر جو نالو.

3-   خدا ترس (ف):- ]خدا=ساري جهان جو مالڪ+ترس- مصدر ترسيدن=ڊڄڻ[ خدا تعاليٰ کان ڊڄندڙ، خدا تعاليٰ جو خوف دل ۾ رکندڙ يعني رحمدل، پرهيزگار، متقي.

4-   خدا پرست (ف):- ]خدا= ساري جهان جو مالڪ پرست – مصدر پرستيدن= پوڄڻ[ خدا تعاليٰ کي پوڄيندڙ، خدا تعاليٰ جي بندگيءَ ڪندڙ يعني مؤمن، متقي، پرهيز گار.

5-   خداداد (ف):- ]خدا=ساري جهان جو مالڪ+ داد= مصدر دادن= ڏيڻ، عطا ڪرڻ[ خدا تعاليٰ جي طرفان ڏنل، عطا ٿيل، خدا تعاليٰ جي بخشش يعني قدرتي شئي، فطرتي شئي.

6-   خدا شناس (ف):- ]خدا=ساري جهان جو مالڪ+ شناس- مصدر شناختن= سڃاڻڻ[ خدا تعاليٰ کي سڃاڻيندڙ يعني ايمان وارو، سچو مسلمان.

7-   خدانخواسته (ف):- ]خدا= ساري جهان جو مالڪ+ نه+خواست- مصدر خواستن=گهرڻ[ خدا نه گهري يا خدا تعاليٰ کي منظور نه هجي يعني خدا نه ڪري.

8-   خرد بيني (ف):- ]خرد= باريڪ، ذرو، ننڍڙي شئي+بين- مصدر ديدن= ڏسڻ[ باريڪ يا ننڍڙي شئي جي ڏسڻ جو اوزار.

9-   خردجال (ف+ع):- ]خر (ف) =گڏهه، بيوقوف ماڻهو+دجل (ع) =سڃائي ۽ حق کي لڪائڻ؛ دجال= حق کي لڪائيندڙ[ ڌوڪو ڏيندڙ، ٺڳيندڙ، دغاباز ماڻهو، هڪ اک وارو ۽ ڪاڻو شخص جو گڏهه تي چڙهيل هوندو ۽ ماڻهن جي عقيدي ڦيرائڻ لاءِ پاڻ کي (نعو ذبالله منها) خدا سڏائڻ جي دعويٰ ڪندو.

10-  خرگوش (ف):- ]خر=گڏهه+گوش=ڪن[ گڏهه جهڙا ڪن؛ اُهو ننڍڙو جانور جنهن کي گڏهه جهڙا ڊگها ڪن هوندا آهن يعني سيهڙ.

11-      مصدر خوابيدن=  [ننڊ ڪرڻ، سمهڻ+ گاهه= جاءِ، هنڌ] ننڊ ڪرڻ ڪرڻ جي جاءِ يعني سمهڻ وارو ڪمرو.

12-  خوبصورت (ف+ع):- ]خوب (ف) = سٺو، سٺي+ صورت (ع) =شڪل[ سٺي شڪل وارو يعني سهڻو، وڻندڙ.

13-  خود پرست (ف):- ]خود= پاڻ، پنهنجو+ پرست- مصدر- پرستيدن=پوڄڻ[ پنهنجو پاڻ کي پوڄيندڙ يعني بيپرواهه، خود غرض.

14-  خود داري (ف):- ]خود=پاڻ+دار- مصدر داشتن= رکڻ[ پاڻ کي مٿانهون رکڻ، ڪنهن جي پرواهه نه ڪڍڻ يعني بي پرواهه، خودغرض.

15-     خود رو (ف):- ]خود= پاڻ+روُ- مصدر رفتن= هلڻ[ پنهنجو پاڻ هلندڙ، پاڻمرادو هلندڙ يعني بيپرواهه.

16-  خود غرض (ف+ع):- ]خود (ف) =پاڻ+غرض=(ع) پرواهه، ڪاڻ، مطلب، ارادو، اونو[ پنهنجي ڪاڻ ڪڍندڙ، پنهنجو مطلب يا اونو رکندڙ يعني مطلبي، بيپرواهه.

17-  خودڪشي (ف):- ]خود= پاڻ+ڪُشي-مصدر ڪُشتن= ڪهڻ[ پاڻ کي ڪهڻ، پنهنجو پاڻ کي مارڻ يعني آپگهات.

18-  خوشامد (ف):- ]خوش= ڀلي، جيءُ+آمد- مصدر آمدن= اچڻ[ ڀلي ڪري آيل، جيءَ جيءُ. ڪري آيل، يعني مرحبا، آجيان، آدرڀاءُ.

19-     خوشبوءِ (ف):- ]خوش=سٺي، چڱي+ بُو=بانس، واس[ سٺي بانس يا واس يعني سُرهاڻ.

20-  خوشحالي (ف+ع):- ]خوش (ف) =سٺو، چڱو=حال (ع) = حالت، ڪيفيت[ سٺي حالت، سٺي ڪيفيت يعني آسودگي، مالداري، بي فڪري.

21-  خوشخبري (ف+ع):- ]خوش (ف) = سٺي، چڱي+ خبر (ع) = اطلاع، احوال[ سٺو احوال، چڱي خبر يعني خوشيءَ جي ڳالهه.

22-    خوش رو (ف):- ]خوش= سٺو، چڱو +رُو=منهن[ سٺي منهن وارو يعني خوشيءَ وارو، سرهو، مرڪندڙ.

23-  خوش طبي (ف+ع):- ]خوش (ف) =سٺو، چڱو+طبع (ع) = مزاج، طبيعت[ سٺي مزاج وارو، سٺي طبيعت وارو يعني چرچائي، مذاقي.

24-  خوشگوار (ف):- ](خوش=سٺو، چڱو+گوار- مصدر گواريدن= پسند هئڻ[ سٺي نموني پسند يعني دل کي فرحت ڏيندڙ، دل بهلائيندڙ.

25-  خوشنما (ف):- ]خوش =سٺو، چڱو+نما- مصدر نمودن =ڏيکارڻ[ سٺو ڏيکارجڻ، چڱي ڏِک ڏَيڻ، دل کي فرحت ڏيڻ يعني وڻندڙ.

26-  خوفزده (ع+ف):- ]خوف (ع) = ڊپ، ڀؤ، دهشت، هراس+زده (ف)- مصدر زدن= مارڻ، کائڻ[ هراس يا دهشت جو کاڌل، خوف جو ماريل.

27-  خيرالانام (ع):- ]خير=ڀلو، چڱو+ انام=پيدا ڪيل شئي، مخلوق[ سڀني شين کان سٺو، ساري مخلوق کان ڀلو؛ حضور صلي الله عليہ وسلم جن لاءِ منسوب ٿيل الفاظ.

28-  خير خواهي (ع+ف):- ]خير (غ) = ڀلائي، چڱائي، نيڪي +خواهه (ف) = مصدر خواستن=گهرڻ[ نيڪيءَ جي خواهش رکندڙ يعني ڀرجهلو، دوست.

29-  خير البشر (ع):- ]خير= سٺو، ڀلو+ بشر= انسان[ سڀني ۾ سٺو انسان يعني حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي ذات بابر ڪات.

30-    خير عافيت (ع):- ]خير= ڀلائي، چڱائي، سٺائي+عافيت= صحت، تندرستي[ صحت جي يعني چڱڀلائي.

31-  دارالامان (ع):- ]دار=گهر+ال=جو+امان=پناهه، حفاظت[ حفاظت جو گهر، امن جي جڳهه يعني مسجد، ڪعبت الله.

32-  دارالبقا (ع):- ]دار= گهر، جاءِ+ال=جو+بقا=جٽادار، باقي رهندڙ، موجود[ باقي رهندڙ گهر، جٽادار گهر، يعني آخرت.

33-  دارالخلد (ع):- ]دار=گهر، جاءِ+ال=جو+ خلد= هميشه =رهندڙ، جٽادار[ هميشهه رهڻ وارو گهر يا هنڌ يعني آخرت، بهشت.

34-  دارالدنيا (ع):- ]دار= گهر+ال=جو+دنيا=دولت، جائداد، ڪائنات، موجوده زندگيءَ[ جائداد جو گهر، موجوده زندگيءَ جو گهر يعني عالم، جهان.

35-    دارالسلام (ع):- ]دار=گهر، جاءِ=ال= جو، جي، سلام=سلامتي[ سلامتيءَ جي جاءِ يعني بهشت.

36-  دارالسلطنت (ع):- ]دار=گهر، جاءِ،+ال=جو، جي+ سلطنت=حڪومت[ حڪومت جي جاءِ، گاديءَ جو هنڌ يعني تخت گاهه.

37-    دارالشفا (ع):- ]دار=گهر+ال=جو+شفا=تندرستي، صحت[ صحت يا تندرستي جو گهر يعني اسپتال.

38-  دارالضرب (ع):- ]دار=گهر، جاءِ+ال=جو، جي +ضرب=سِڪو، مُهرَ[ سِڪي جو گهر يعني اُها جاءِ جتي سِڪو ٺهندو هجي.

39-  دارالعلوم (ع):- ]دار=گهر، جاءِ+ال=جو، جي +علم- جمع علوم=پڙهائي، سبق، واقفيت[ پڙهائي يا سبق جو گهر يعني اسڪول.

40-    دارالفنا (ع):- ]دار=گهر، جاءِ+ال جو، جي+فنا=تباهي، بربادي[ تباهيءَ جو گهر، فنا ٿيندڙ جاءِ يعني دنيا.

41-     دارالقضا (ع):- ]دار=گهر، جاءِ، مڪان+ال=جو، جي+ قضا= فيصلو[ فيصلي جي جاءِ يعني ڪورٽ، عدالت.

42-  دامنگير (ف):- ]دامن=ڪپڙي جي ڪناري، وٽ+گير- مصدر گرفتن=وٺڻ وچڙڻ+چنبڙڻ[ ڪپڙي (چولي يا رئي) جي ڪناري يا وٽ کي چنبڙندڙ يعني مدد گهرندڙ.

43-  دبستان (ع+ف):- ]اَدب (ع) =چڱي هلت، عزت، عقل، عِلم+ستان- آستان (ف) =جاءِ، هنڌ[ چڱي هلت هلڻ وارو هنڌ، عقل ۽ عِلم جي جاءِ يعني اسڪول، مڪتب.

44-  درآمد (ف):- ]در=اندر+آمد-مصدر آمدن=اچڻ، آڻڻ[ اندر اچڻ يعني ٻاهرين ملڪن جون شيون پنهنجي ملڪ اندر اچڻ.

45-    درپيش (ف):- ]دَر= دروازو+پيش=اڳيان، سامهون[ دروازي جي اڳيان يعني سامهون، روبرو.

46-    درسگاهه (ع+ف):- ]درس (ع) =سبق+گاهه(ف) = جاءِ، هنڌ[ سبق جي جاءِ يعني مدرسو مڪتب، اسڪول.

47-  درڪنار (ع):- ]درڪ= دوزخ جو هڪ طبق+ نار=باهه[ دوزخ جي باهه ۾ پوڻ يعني ڇيهي يا نقصان ۾ پوڻ، ڦٽي ڪرڻ، اُڇلڻ.

48-  درويش (ف):- ]دَر=دروازو+ويش- آويز- مصدر آويختن=لٽڪڻ، لٽڪائڻ[ دروازي کي لٽڪندڙ يعني پينو فقير.

49-  درويش (ع+ف):- ]دّره (ع) = موتي+ ويش- آويز (ف)-مصدر آويختن=لٽڪڻ، لٽڪائڻ[ موتيءَ کي لٽڪندڙ يعني الله لوڪ.

50-    دستاربند (ف):- ]دستار=پڳ، پٽڪو، پڳڙي+ بند-مصدر بستن=ٻَڌڻ[ پڳ ٻڌل يعني عالم سڳورو.

51-  دستخط (ف+ع):- ]دست (ف) =هٿ+خط (ع) =تحرير، لکيت[ هٿ جي لکيت، هٿ سان لکيل تحرير، صحيح.

52-    دسترس (ف):- ]دست=هٿ+رس-مصدر رسيدن= پهچڻ[ هٿ جي پهچ، رسائي، هلندي، پڄندي.

53-    دستڪاري (ف):- ]دست=هٿ+ڪار=ڪم[ هٿ جو ڪم يعني هنر، ڪاريگري.

54-    دستگير (ف):- ]دست= هٿ+گير- مصدر- گرفتن=وٺڻ[ هٿ وٺندڙ يعني حامي، مددگار، رهبر.

55-  دستياب (ف):- ]دست= هٿ+ياب- مصدر يافتن=لهڻ، لڀڻ[ هٿ لهڻ، هٿ لڀڻ يعني هٿ لڳڻ، حاصل ٿيڻ، ملڻ.

56-    دشمن (ف):- ]دُش-دُشت= خراب، بڇڙو+من= دل، هنياءَ[ دل جو بڇڙو يا خراب يعني ويري.

57-  دعاباز (ف):- ]دغا = ڌوڪو، فريب، ٺڳي+باز-مصدر باختن=کيڏڻ[ فريب يا ٺڳيءَ سان کيڏيندڙ، ٺڳي ڪندڙ يعني ٺڳ، مڪار، ڌوڪي باز.

58-  دکياري (پرا):- دک=ڏک، غم، تڪليف+ياري= واري ڏک واري، غم واري يعني مصيبت يا تڪليف ۾ ڦاٿل.

59-  دڪاندار (ع):- ]دڪان=هٽ، سودو وڪڻڻ جي جڳهه+دار- مصدر داشتن=رکڻ[ دڪان رکندڙ يعني دڪان جو مالڪ؛ تاجر؛ واپاري.

60-  دلبر (ف):- ]دل=هنياءُ+بر-مصدر بُردن=نيڻ؛ کڻي وڃڻ[ دل کڻي ويندڙ؛ دل کسيندڙ يعني پيارو؛ محبوب؛ معشوق.

61-  دلبند (ف):- ]دل= هنياءُ بند- مصدربستن=ٻڌڻ، جڪڙڻ[ دل کي ٻڌندڙ، دل جڪڙيندڙ، دل کي قابو ڪندڙ يعني محبوب، معشوق.

62-  دلپذير (ف):- ]دل= هنياءُ+ پذير- مصدر پذير فتن= قبول پوڻ منظور ڪرڻ، وڻڻ[ دک کي قبول پوندڙ، دل کي وڻندڙ، پسند.

63-  دلچسپي (ف):- ]دل=هنياءَ، قلب+چسپ- مصدر چسپدن=چنبڙڻ[ دل کي چنبڙڻ، دل کي وڻڻ يعني دل جو ڪاڍو، شوق، لاڙو.

64-    دلدار (ف):- ]دل= هنياءُ+دار- مصدر داشتن= رکڻ[ ٻي جي دل پاڻ وٽ رکندڙ يعني محبوب، پيارو.

65-    دلربا (ف):- ]دل= هنياءُ+ ربا- مصدر ربودن= کسڻ، ڦرڻ[ دل کسيندڙ يعني محبوب، پيارو، معشوق.

66-  دلشڪني (ف):- ]دل=هنياءُ+شڪن- مصدر شڪستن= ڀڃڻ[ دل کي ڀڃڻ يعني دل کي صدمو رسائڻ، دل رنجائڻ.

67-  دلفريب (ف):- ]دل= هنياءُ+فريب- مصدر فريفتن= ٺڳڻ[ دل کي ٺڳيندڙ، دک کي ڇڪيندڙ، يعني وڻندڙ، پيارو.

68-  دلڪش (ف):- ](دل= هنياءُ ڪش- مصدر ڪشيدن= ڇڪڻ[ دل کي ڇڪيندڙ، دل کي ڪشش ڪندڙ يعني وڻندڙ، پيارو، سهڻو.

69-  دلگير (ف):- ]دل=هنياءُ+گير- مصدر گرفتن=وٺڻ[ جنهن جي دل ورتل هجي يا قابو هجي يعني مايوس، ڏکويل، غمگين.

70-  دلنواز (ف):- ]دل= هنياءُ+نواز-مصدر نواختن= وڄائڻ، مراد تي پهچائڻ[ دل کي مراد تي پهچائيندڙ يعني دل کي تسلي ڏيندڙ، يار، دوست.

71-  دنيادار (ع+ف):- ]دنيا (ع) = مايا، دولت+دار (ف)- مصدر داشتن=رکڻ، گڏ ڪرڻ[ دولت رکندڙ، مايا گڏ ڪندڙ يعني شاهوڪار.

72-    دورانديشي (ف):- ]دور=پري+ انديش- مصدرانديشيدن = فڪر ڪرڻ، سوچڻ[ رکڻ يعني ڊگهي نظر.

73-    دوربين (ف):- ]دور= پري+ بين- مصدر ديدن= ڏسڻ[ پري ڏسڻ وارو اوزار يعني دوربيني.

74-  دولتمند (ع+ف):- ]دولت (ع =مايا، دنيا، زر+مند= مالڪ، صاحب[ مايا جو صاحب، زر جو مالڪ يعني شاهوڪار، مالدار.

75-  ديانتداري (ع+ف):- ديانت (ع) = امانت+دار (ف)- مصدر داشتن= رکڻ) امانت رکڻ، يعني ايمانداري، سچائي.

76-  ديندار (ع+ ف):- ]دين (ع) = مذهب+ دار (ف)- مصدر داشتن= رکڻ[ مذهب رکندڙ شريعت جو پابند يعني پرهيزگار، متقي.

77-  ديوان (هه):- ]ديو=ديوتا، بزرگ، مقدس+وان= وانگر، جهڙو[ ديوتا وانگر، بزرگ جهڙو يعني اعليٰ شخصيت رکندڙ هندو قوم جو فرد.

78-  ڌرتتي (هه):- ]ڌر= ڌرتي، زمين+تتل=گرم، ڪوسي[ زمين جو گرم ٿيڻ يعني منجهند جي مهل، جنهن وقت زمين زور گرم ٿي ويندي آهي.

79-    ڏساسول (سن):- ]ڏِس= طرف+سُول=بدسوڻ، خراب سوڻ[ اُهو طرف جنهن ڏانهن وڃڻ خراب يا بدسوڻ هجي.

80-  ڏندڪٿا (سن):- دند=ڏند+ڪٿا=قصو، ڳالهه، چوڻي، ٻول، داستان] ڏندن مان نڪتل ٻول يا چوڻي يعني هٿرادو ٺهيل قصو، بي بنياد ڳالهه.

81-  ڏيساور (هه):- ]ديس= ملڪ، وطن+ آور-اَپر= ٻيو[ ٻيو ملڪ، جتان واپار سانگي مال خريد ڪري اچجي، پرڏيهه.

82-  ڍڪڻهار (س):- ]ڍڪڻ= مٿان پڙدو رکڻ+هار=وارو[ مٿان پڙدو رکڻ وارو، اوڻايون ۽ عيب ڍڪيندڙ يعني خدا تعاليٰ.

83-  ذميداري (ع+ف):- ]ذّمه (ع) = ضمانت+دار- مصدر داشتن= رکڻ[ ڪنهن تي ضمانت جو بار رکڻ يعني جوابدار.

84-  ذوالجلال (ع):- ]ذُو= مالڪ، آقا، صاحب، وارو،+ال=جو+جلال=بزرگي، عظمت، دٻدٻو، شان[ بزرگيءَ جو صاحب، دٻدبي وارو، عظمت جو مالڪ يعني خدا تعاليٰ؛ سندس هڪ نالو.

85-  ذوالجناح (ع):- ]ذُو= مالڪ، آقا، صاحب، وارو+ال=جو+جناح=کنڀ، پَر[ کنڀن جو مالڪ يعني پرن وارو گهوڙو، جنهن تي حضرت رسول ڪريم جن سوار ٿي معراج ماڻبو هو.

86-  ذوالحج (ع):- ]ذُو=مالڪ، آقا، صاحب، وارو+ال=جو+ حج= ارادو ڪرڻ، طواف ڪرڻ[ ارادو ڪرڻ جو وقت، طواف وارو وقت؛ يعني اُهو مقرر وقت جنهن دوران مڪہ معظمہ ۾ وڃي، دنيا جي ٻين ملڪن جي مسلمانن سان گڏجي، بيت الله جي چوڌاري طواف ڪجي ۽ ان سان گڏ عبادت جا ٻيا سڀ فرض پورا ڪجن.

87-  ذوالفقار (ع):- ]ذُو=مالڪ، آقا، صاحب، وارو+فقر=کوٽڻ، ڪاٽڻ، چيرڻ[ چيرڻ واري شئي، يعني تلوار. حضرت علي سائين جي تلوار جو نالو پاڪستان جي وزيراعظم جو نالو ۽ لاڙڪاڻي ضلع جي مشهور ڀٽا خاندان جو هڪ فرد.

88-  ذوالقرنين ]ذُو= مالڪ، صاحب، آقا وارو+ ال= جو+ قرن= هڪ سنڱ، صدي، زمانو، حد= قرنين= ٻه سنڱ ٻه صديون، ٻه حدون[ ٻن حدن جو مالڪ، سڪندر بادشاهه جو لقب جنهن جي قبضي ۾ مشرق کان مغرب تائين ملڪ رهيو.

89-  ذوالنورين (ع):- ]ذُو= مالڪ، آقا، صاحب، وارو+ال=جو+نُور= هڪ روشني-نُورين= ٻه روشنيون يا ٻه نُور[ ٻن نُورن جو مالڪ يا صاحب؛ حضرت عثمان غني رضي الله عنہ جن جو لقب، ڇاڪاڻ ته رسول ڪريم جن جون ٻه نياڻيون سڳوريون سندس عقد يعني نڪاح ۾ آيون هيون.

90-    راٻاڙي (هه):- ]راءُ= راجا، سردار+ ٻاري= دري، جاءِ باغيچو، ڪچهري[ راجا جي جاءِ، راجا جي ڪچهري.

91-     راڄڌاني (س):- ]راڄ=حڪومت+ڌاني= جاءِ، هنڌ[ حڪومت هلائڻ جو هنڌ يا جاءِ يعني گادي، تخت گاه.

92-    راڄڌڻي (س):- ]راڄ=حڪومت، رعيت+ڌڻي=مالڪ[ رعيت جو مالڪ يعني حاڪم، وڏيرو، زميندار.

93-  راجپوت (هه+سن):- ]راجا (هه) =بادشاهه، حاڪم+پُت (سن) =پُٽ، فرزند[ راجا جو فرزند، هڪ قسم جي ذات.

94-  راجڪماري (هه+سن):- ]راجا (هه) =بادشاهه، حاڪم+ڪماري (سن) =ٻارنهن سالن جي ڪنواري ڌيءَ[ راجا جي ڪنواري ڌيءُ؛ شهزادي. هندو ڇوڪريءَ جو نالو.

95-  راحت القلوب (ع):- ]راحت=آرام، قرار، آسائش+ال=جي، جو+قلب=دل، جمع قلوب[ دلين کي قرار ڏيندڙ، دلين کي آرام پهچائيندڙ يعني وڻندڙ.

96-  رازدان (ف):- ]راز=ڳجهه، ڀيد، لڪل ڳالهه+دان-مصدر دانستن=ڄاڻڻ[ ڳجهه ڄاڻندڙ، لڳل ڳالهيون ڄساڻندڙ، دل جو ڳجهه معلوم ڪندڙ يعني اهو شخص جنهن سان پنهنجي دل جو احوال ڪجي يعني دوست، وفادار، ساٿي.

97-    راست باز (ف):- ]راست=سچ+باز- مصدر باختن= کيڏڻ[ سچ سان کيڏندڙ يعني سچ ڳالهائيندڙ، سچار.

98-  راهداري (ف):- ]راهه=رستو+دار- مصدر داشتن= رکڻ[ رستي جي چوڪيدار وٽان گذرڻ لاءِ اجازت نامو. اهڙو اجازت نامو جو ڪنهن چڱي ۽ جوابدار ماڻهوءَ جو لکيل هوندو آهي، ۽ اَڪثر هڪ هنڌ کان ٻئي ڏانهن چوپايو مال ڪاهي وڃڻ لاءِ ماڻهو پاڻ سان کڻندا آهن ته جيئن رستي ۾ کين ڪو روڪي نه سگهي.

99-    رائگان (ف):- ]راءِ=رٿ، تجويز، خيال+گان=لائق، مناسب[ رٿ يا خيال جي لائق يعني مفت، اجايو، فضول.

100-                 رحلت (ع):- ]رحل=ڇڏي هلڻ، مري وڃڻ[ وفات، چالاڻو، لاڏاڻو.

101- رسم الخط (ع):- ]رسم=نشان، نقش+ال=جو+خط= تحرير، لکيل صورت[ لکيت جو نشان يا نقش يعني صورتخطي.

102-      رشڪ خلد (ف+ع):- ]رَشڪ (ف) =خواهش، آرزو+خلد (ع) بقا، جٽاءُ، هڪ بهشت جو نالو[ بقادار شئي جي خواهش يعني بهشت ملڻ جي آرزو.

103-      رضاڪار (ف):- ]رضا=مرضي، خواهش+ڪار=ڪم، مراد، مقصد[ خواهش موجب ڪم ڪندڙ ۽ پاڻ کي قوم جي خدمت لاءِ پيش ڪندڙ.

104-      رفيق حيات (ع):- ]رفيق=دوست، ساٿي+حيات =حياتي، زندگي[ زندگيءَ جو ساٿي، پڪو دوست يعني زال.

105-رقمطراز (ع+ ف):- ]رقم (ع =تحرير، نقش، لکيت+ طراز (ف)-مصدر طرازيدن= چٽسالي ڪڍڻ، نقش و نگار ڪرڻ[ لکت جي چٽسالي ڪڍندڙ، سهڻي نموني ۾ لکندڙ.

106-      رواداري (ف):- ]روا=جائز، درست، ٺيڪ+دار- مصدر داشتن= رکڻ[ ڪنهن ڳالهه کي رعايت سان جائز قرار ڏيڻ يعني ڪنهن جو طرف وٺي ڳالهائڻ، ڪنهن جو پاسو کڻڻ.

107-                 روبرو (ف):- ]رُو=مُنهن=بَه=ساڻ+رُو=مُنهن[ مُنهن ساڻ منهن يعني آمهون سامهون.

108-                 روپوش (ف):- ]رُو =مُنهن+ پوش- مصدر پوشيدن= ڍڪڻ[ منهن ڍڪيندڙ يعني لڪل، ڀڳل.

109-      روشناس (ف):- ]رُو=مُنهن، چهرو+شناس- مصدر شناختن=سڃاڻڻ[ منهن کي سڃاڻڻ، واقف ڪرڻ، واقفيت، سڃاڻپ.

110- روشن ضمير (ف+ع):- ]روشن (ف) = چمڪندر، ٻهڪندڙ+ضمير (ع) =دل جو ارادو[ جنهن جي دل جو ارادو چمڪندڙ يا ٻهڪندڙ هجي يعني نيڪ ماڻهو، بزرگ، ولي الله.

111-  رومال (ف):- ]رُو=مُنهن، چهرو+مال- مصدر ماليدن = مهٽڻ[ منهن مهٽڻ وارو ڪپڙو.

112- روئداد (ف):- ]رُو= مُنهن، چهرو+داد=انصاف[ مُنهن جو انصاف يعني حقيقت، حالت، ڪيفيت.

113- رهبر (ف):- ]راهه= رستو+بَر- مصدر بُردن=نيڻ[ رستي تي نيندڙ يعني رستو ڏيکاريندڙ، سونهون.

114- رهزن (ف):- ]راهه=رستو+زن- مصدر زدن= هڻڻ، مارڻ[ رستو ماريندڙ، رستو روڪيندڙ يعني ڌاڙيل، ڦورو، لٽيرو.

115- رهگذر (ف):- ]راهه=رستو+گذر- مصدر گذشتن= لنگهڻ[ رستي تان لنگهندڙ يعني مسافر، واٽهڙو.

116- رهنما (ف):- ]راهه= رستو+نما- مصدر نمودر=ڏيکارڻ[ رستو ڏيکاريندڙ يعني رهبر، اڳواڻ.

117- ريگستان (ف):- ]ريگ=واري، ريتي+ستان- آستان=جاءِ، هنڌ[ واريءَ جو هنڌ يعني اهو ملڪ جتي رڳو واري ئي واري هجي؛ سنڌ صوبي ۾ ٿر وارو حصو.

118- زبان دراز (ف):- ]زبان= ٻولي+دراز= ڊگهي، ڊگهو[ ڊگهي ٻولي ڳالهائيندڙ يعني گهڻو ڳالهائيندڙ بڪبڪيو.

119- زبردست (ف):- ]زبر= مٿان، طاقت وارو+ دست= هٿ[ مٿانهون يا طاقت وارو هٿ يعني ڏاڍو، سخت، مضبوط، طاقتور.

120-      زربفت (ف):- ]زر=سون ۽ چانديءَ جا زيور، مال متاع، ڌن دولت+بفت- مصدر بافتن= آڻڻ[ سون ۽ چانديءَ سان اُڻيل يعني سون ۽ چانديءَ جي تارن سان اُڻيل ڪپڙو؛ ڪلابات سان آڻيل ڪپڙو؛ ڪيمخواب، بروڪيٽ ڪپڙو.

121- زرگر (ف):- ]زر=سون ۽ چانديءَ جا زيور+گر= ٺاهيندڙ، گهڙيندڙ[ سون ۽ چانديءَ جا زيور ٺاهيندڙ يعني سونارو.

122-      زميندار (ف):- ]زمين= ڌرتي، ٻَني+دار- مصدر داشتن=رکڻ[ ٻني رکندڙ، زمين جو مالڪ، هاري، ڪڙمي.

123-      زود رنج (ف):- ]زود= جلدي، سخت+رنج- مصر رنجيدن= ڏکوئڻ[ جلدي ڏکوئيندڙ سخت ڏکوئيندڙ، جلدي ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويندڙ يعني بخيل، شوم، ڪاوڙيل.

124-      زيب النساءِ (ع):- ]زيب=زينت، نزاڪت، سونهن، سينگار+ال=جو، جي+نساءِ=عورتون[عورتن جو سينگار، عورت جو نالو.

125-زيبور (ف):- ]زير=زينت، نزاڪت، سونهن، رونق+ور- مصدر آوردن=آڻڻ[ سونهن يا نزاڪت آڻيندڙ يعني خوبصورت، سهڻو.

126-                 زيربار (ف):- ]زبر=هيٺيان+بار=وزن، طاقت[ وزن يا طاقت جي هيٺان يعني قبضي ۾، گروي.

127-                 زيردست (ف):- ]زير= هيٺان+دست=هٿ[ هٿ جي هيٺان يعني هٿ هيٺ، محتاج، تابعدار.

128-      سازباز (ف):- ]ساز= وڄائڻ جو اوزار، باجو، تنبورو+باز- مصدر باختن= کيڏڻ[ باجي يا تنبوري سان کيڏندڙ يعني مڪريل، ٺڳ، دغاباز سان ملي هڪ ٿي ويندڙ، شريڪ، ساٿي.

129-      سازگار (ف):- [ساز-مصدر ساختن= جوڙڻ، ٺاهڻ+گار= وارو، لائق[ جُڙڻ يا ٺهڻ لائق يعني بهتر، ٺيڪ، موافق.

130-      سبحان الله (ع):- ]سبح= پاڪائي بيان ڪرڻ- سبحان= پاڪ+الله= ڌڻي تعاليٰ[ الله تعاليءِ سڀني عيبن کان پاڪ آهي.

131- سبز پوش (ف):- ]سبزه=سائو+پوش- مصدر پوشيدن=پهرڻ، ڍڪڻ[ سائو وڳو يا پوشاڪ ڍڪيندڙ يعني ملائڪ، فرشتو.

132-      سبز زار (ف):- ]سبزه= سائو، ساوڪ+زار= جاءِ، هنڌ [ سائو هنڌ، اُهو هنڌ جتي رڳو ساوڪ هجي يعني سائي زمين، ٻني.

133-      سبڪتگين (ف):- ]سُبڪ= هلڪي، چست، تکو+گين=صاحب، مالڪ، چيلهه[ چستيءَ سان ڀريل، هلڪي چيلهه وارو يعني چست ۽ تکو. افغان گهراڻي جي مشهور حاڪم محمود غزنويءَ جي پيءُ جو نالو، جو پاڻ به حاڪم هيو.

134-      سبڪدوش (ف):- ]سُبڪ=هلڪو، چست، تکو+ دوش=ڪُلهو[ هلڪي ڪلهي وارو يعني ذميواري کان آزاد.

135-سٻنڌ (هه):- ]سُ=سُٺيءَ، سُٺو+ٻنڌ=بند[ سٺو بند، يعني مضبوط، سوگهو، قابو، چڱيِءَ طرح ٻڌل.

136-                 سڀاڳو (س):- ]سَ=سٺو، چڱو+ڀاڳ=بخت[ سٺو بخت رکندڙ يعني ڀاڳ وارو، سدورو.

137-                 سڀر (سن):- ]سَ=سٺو، چڱو+ڀَر=ڀريل، سگهارو، مضبوط[ چڱيءَ طرح ڀريل يعني ٿلهو، متارو، طاقتور.

138-                 ستڙ (س):- ]سُ=سٺو، چڱو+تڙ=گهيڙ، گهاٽ[ سٺو يا سولو گهيڙ، پاڻيءَ جو سڻائو گهيڙ.

139-                 ستمگر (ف):- ]سِتم=ظلم+گر=ڪندڙ[ ظلم ڪندڙ، يعني ظالم.

140-      سپاسنامو (ف):- (سِپاس=تعريف، ساراهه، ثنا، شڪريو+نامه=خط، تحرير، لکيت[ ساراهه يا شڪريه جو خط يعني اعمالنامو.

141- سپتاريو (س):- ]سُ =سٺي+پت=اعتبار، ڀروسو+ يارو=وارو[ سٺي اعتبار يا ڀروسي وارو يعني معتبر، معزز، ايماندار.

142-      سپتيو (س):- ]س = سٺي+پت=اعتبار، ڀروسو[ سٺي اعتبار وارو، ڀروسي وارو يعني معتبر، معزز، ايماندار.

143-                 سپرد (ف):- ]سپرد- مصدر سپردن=حوالي ڪرڻ سونپڻ[ حوالي ڪيل، سونپيل.

144-                 سپرين (س):- ]س=سٺو، چڱو+پرين=محبوب دوست[ سٺو محبوب، چڱو دوست، پرين.

145-سپوت (سن):- ]س سٺو+پوت-پتر= پٽ[ سٺو پٽ يعني سٺن لڇڻن وارو ڇوڪرو، بااخلاق ڇوڪرو.

146-                 سخندان (ف):- ]سخن=ڳالهه+دان- مصدر دانستن= ڄاڻڻ[ ڳالهه ڄاڻندڙ يعني اديب، معتبر.

147-                 سڌاتورو (سن):- ]س=سٺو، چڱو+ڌاتو=بنياد، پيڙهه+رو= هلڻ وارو] چڱي بنياد تي هلندڙ يعني نيڪ.

148-      سرانجام (ف):- ]سر=مٿو، چوٽي+انجام- مصدر انجاميدن= پورو ٿيڻ[ مٿي تائين پورو ٿيڻ، چوٽيءَ تائين پورو ٿيڻ يعني پڇاڙي، پڄاڻي، آخر، پورو، مڪمل.

149-      سربستو (ف):- ]سر=مٿوو، خيال، فڪر، طاقت، زور+بست- مصدر بستن= ٻڌڻ[ ٻڌل خيال، لڪل فڪر يعني سمورو، پورو، مڪمل.

150-سربلندي (ف):- ]سر=مٿو، خيال، فڪر، طاقت، زور+بلند=اُوچو، مٿانهون[ مٿانهون فڪر رکڻ، اُوچو خيال ڪرڻ يعني فخر.

151- سرتاج (ف+ع):- ]سر (ف) = مٿو+تاج (ع) = ڇٽ[ مٿي جو ڇٽ يعني سڀني کان مٿي، مٿانهون، اڳواڻ، مالڪ، خاوند، مڙس.

152-سرپرستي (ف):- ]سر=مٿو+پرست- مصدر پرستيدن= پوڄا ڪرڻ، پوڄڻ[ مٿي جي پوڄ ڪرڻ، ٻئي جي حمايت، اڳواڻي.

153-سرخرو (ف):- ]سرخ=ڳاڙهو+رو=منهن[ ڳاڙهي منهن وارو يعني سرهو، خوش، ڪامياب، عزت وارو.

154-سرفراز (ف):- ]سر=مٿو+افراز- مصدر افراختن= کڙو ڪرڻ[ مٿو کڙو ڪندڙ يعني ڪامياب، عزت وارو، مان ۽ مرتبي وارو معزز.

155- سرفروش (ف):- ]سَر= مٿو+فروش- مصدر فروختن= وڪڻڻ[ مٿو وڪڻندڙ يعني سر قربان ڪندڙ، جانباز.

156-    سرڪار (ف):- ]سر=مٿو، خيال، فڪر، طاقت، زور+ڪار=ڪم[ فڪر ۽ طاقت سان ڪم ڪندڙ يعني حڪومت.

157-سرڪش):- ]سر=مٿو+ڪش- مصدر ڪشيدن=ڇڪڻ[ مٿو ڇڪيندڙ يعني خوني، رهزن، نافرمان، باغي.

158-سرگذشت (ف):- ]سر=مٿو+گذشت- مصدر گذشتن= لنگهڻ[ مٿي کان لنگهيل يعني وارڌات، ڪيفيت، ماجرا.

159-سرگردان (ف):- ] سر= مٿو+ گردان- مصدر گردانيدن.، ڦيرائڻ، ڦرڻ[ جنهن جو مٿو ڦرندو هجي يعني پريشان.

160-      سرمائيدار (ف):- ] سرمايه=مال، ڌن، دولت+دار- مصدر داشتن=رکڻ[ مال يا دولت رکندڙ يعني شاهوڪار.

161- سرمست (ف):- ]سُر= مٿو+مست=متوالو، مدهوش[ جنهن جو مٿو متوالو هجي يا جيڪو هوش کان نڪتل هجي يعني ديوانو. مشهور سنڌي شاعر سچل جو لقب.

162-      سرنگون (ف):- ]سَر=مٿو+نگون=اونڌو، ابتو[ اونڌو مٿو يعني جُهڪيل، نميل، لڄي شرمندو، اڌ هيٺ لٿل جهنڊو.

163-                 سروپ (سن):- ]سُ=سٺو=چڱو+روپ=شڪل[ سٺي شڪل وارو يعني سهڻو؛ خوبصورت.

164-                 سڳنڌ (سن):- ]سُ=سٺي+گنڌ=بوءِ، هوا[ سٺي هوا يعني خوشبوءِ، سرهاڻ.

165-سگهڙ (سن):- ]س=سٺو+گهڙ= گهڙڻ، ٺاهڻ[ سٺو گهڙيندڙ يعني سٺا بيت چوندڙ شاعر.

166-                 سلڇڻو (سن):- ]س=سٺو+لڇڻ=عادتون[ سٺين عادتن وارو، سٺن لڇڻن وارو.

167-      سنسڪار (سن):- ]سن- سام= پاڪ، صاف، چڱيءَ طرح سان+ڪر=ڪرڻ[ چڱيءَ طرح سان صاف ۽ پاڪ ڪرڻ، هندن ۾ پاڪ ڪرڻ جو نمونو يا ريت.

168-      سنگتراش (ف):- ]سنگ=پٿر+تراش- مصدر تراشيدن= گهڙڻ[ پٿر کي گهڙيندڙ، پٿر تي چسٽالي رکندڙ.

169-                 سنگدل (ف):- سنگ=پٿر+دل=هنياءُ[ جنهن جو هنياءُ پٿر جهڙو سخت هجي يعني سخت، ڪٺور.

170-      سنگسار (ف):- ]سنگ=پٿر+سار=ڀرپور، ڀريل[ پٿرن سان ڀرپور ڪرڻ، پٿرن سان ڀري ڇڏڻ، اسلام جي قانون ۾ هڪ سزا آهي جنهن مطابق زنا ڪندڙ کي ايترا پٿر هڻجن جو چيلهه تائين پٿرن ۾ ڍڪجي وڃي ۽ پٿرن جي ڌڪن سان مري وڃي.

171- سوڀارو (س):- ]سوڀ=فتح، ڪاميابي+وارو[ ڪاميابيءَ وارو يعني ڪامياب.

172-      سوڀياوان (ف):- ]سوڀيا= سونهن، حسن+وان = وانگر، مثل[ حسن وانگر، سونهن مثل چمڪندڙ يعني فتحياب، ڪامياب.

173-      سيپارو (ف):- ]سي =ٽيهه، ٽيهون+ پارو= حصو ٽڪرو[ ٽيهون حصو، قرآن مجيد جو ٽيهون حصو يعني هڪ سيپارو.

174-                 سيراب (ف):- ]سير=ڀرپور، ڀريل+آب=پاڻي[ پاڻيءَ سان ڀرپور يعني زرخيز، شاداب، تازو.

175-سيف الله (ع):- ]سيف=تلوار+الله=ڌڻي، مالڪ، خدا[ خدا تعاليٰ جي تلوار يعني وڏي طاقت رکندڙ ماڻهو؛ ماڻهوءَ جو نالو.

176-                 سيماب (ف):- ]سم= چاندي+آب=پاڻي[ چانديءَ جو پاڻي يعني پارو.

177-      سيمرغ (ف):- ]سي=ٽيهه+مُرغ=پکي[ ٽيهه پکي لهندڙ، ٽيهن جو مقابلو ڪندڙ پکي، هڪ پکيءَ جو نالو.

178-                 شاباس (ف):- ]شاد=خوش+باش- مصدر بودن=هجڻ[ خوش هج يعني جس، آفرين.

179-                 شاداب (ف):- ]شاد=خوش+آب=پاڻي[ خوشيِءَ جو پاڻي آيل يعني سرهو، خوش.

180-      شاگرد (ف):- ]شاهه=بادشاهه+گرد- مصدر گرديدن=ڦرڻ، سير ڪرڻ[ بادشاهه جي چوڌاري ڦرندڙ يعني خدمتگار، خادم، نوڪر چيلو.

181- شاهراهه (ف):- ]شاهه=وڏو+راهه=رستو[ وڏو رستو يعني شاهي سڙڪ.

182-      شاهڪار (ف):- ]شاهه= وڏو+ڪار=ڪم، مراد، مقصد[ وڏو ڪم، وڏو مقصد يعني سڀ کان وڏو ڪارنامو.

183-                 شائستگي (ف):- ]شائسته=لائق[ لياقت.

184-      شباب (ع+ف):- ]شب (ع) =جواني، طاقت+آب (ف) =پاڻي[ جوانيءَ جو پاڻي، طاقت جو پاڻي يعني ڦوهه جواني، طاقت سان ڀرپور جواني، بلوغت.

185-شب برات (ف):- ]شب=رات+برات=فرمان، حڪم[ فرمان ۽ حڪم واري مقدس رات يعني شعبان مهيني جي پندرهين تاريخ واري رات، مسلمانن جي عقيدي موجب هن رات ۾ ايندڙ سڄي سال لاءِ رزق جي ورهاست ٿئي ٿي ۽ هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ چڱاين ۽ براين جو دفتر ٺهي ٿو.

186-      شبستان (ف):- ]شب= رات+ ستان-آستان= جاءِ، هنڌ[ رات جي جاءِ يا هنڌ يعني بادشاهه جي سمهڻ وارو ڪمرو، جو سهڻو سينگاريل هوندو آهي.

187-      شب قدر (ف+ع):- ]شب(ف) =رات+قدر(ع) = قضا، حڪم الاهي، تقدير، بزرگي، عزت[ قضا يا تقدير واري رات، بزرگيءَ واري رات، مسلمانن جي عقيدي موجب اها متبرڪ رات جنهن ۾ ڪنهن انسان جي تقدير ڦرڻ جو امڪان ٿئي ٿو يعني رمضان مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ ايندڙ هڪ رات، خاص طور 27 تاريخ جي رات.

188-      شب معراج (ف+ع):- ]شب (ف) =رات+ عروج(ع) = چڙهڻ- معراج= مٿي چڙهڻ جي شئي، ڏاڪڻ، بلند مرتبو[ مٿي چڙهڻ واري رات يعني اها بلند مرتبي واري رات جنهن دوران رسول خدا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن زمين کان عرش ڏانهن ويا ۽ اتي الاهي نُور يعني خدا تعاليٰ جو جلوو پسيائون ۽ ساڻن گفتگو ڪيائون؛ رجب مهيني جي27 تاريخ واري رات.

189-      شبنم (ف):- ] شب= رات+نم=آلو، پسيل، تر[ رات جي آلاڻ. يعني ماڪ جا ڦڙا، جي صبح جو سوير وڻن ۽ گاهن تي نظر ايندا آهن.

190-                 شترمرغ (ف):- ]شتر= اُٺ+مُرغ= پکي[ اُٺ جهڙو پکي، اُٺ سان مشابهت رکندڙ پکي.

191- شراباطهورا (ع):- ]شراب=پيئڻ جي شئي+طهور=پاڪ[ پيئڻ جي پاڪ شئي جا مؤمنن کي بهشت ۾ ملندي يعني پاڪ شراب.

192-      شرمسار (ف):- ]شرم- مصدر شرميدن= شرم ڪرڻ، حيا ڪرڻ، لڄ ڪرڻ+ سار= ڀرپور، ڀريل[ لڄ سان ڀرپور، حيا ۾ ڀريل يعني لڄي، شرمندو.

193-                 شرمندگي (ف):- ]شرم- مصدر- شرميدن= لڄ ڪرڻ، حيا ڪرڻ[ لڄ، شرم، حيا.

194-                 ششدر (ف):- ]شش=ڇهه+دَر=۾، اندر[ ڇهن ۾ غلطان يعني سوچ ۾ ويچار ۾، حيران، پريشان.

195-شڪتيوان (سن+ ف):- ]شڪتي(سن) =طاقت، زور+ وان= وانگر، جهڙو، وارو، مالڪ[ طاقت وارو، زور جو مالڪ يعني بهادر، سورهه، پهلوان.

196-      شگفتگي (ف):- ]شگفت- مصدر شگفتن=ٽڙڻ، کُلڻ[ گلن جو ٽڙڻ، گلن جو چهچٽو، گلن جي جهڳ مڳ، رونق، گلڪاري.

197-      شمس العلماءُ (ع):- ]شمس=سج+ عالم، جمع، علماءُ= علم جا ڄاڻو[ عالمن جو سج يعني تمام گهڻو علم ڄاڻندڙ؛ لقب.

198-      شمشير (ف):- ]شم= ننهن+شير=شينهن[ شينهن جي ننهن وانگر وريل يا مڙيل ۽ تکو اوزار يعني تلوار، ترار.

199-      شوم بختي (ع):- ]شوم=ڪنجوس، بخيل؛ منحوس ڪاوڙ ۾ ڀريل+بخت=نصيب، قسمت، ڀاڳ[ منحوس قسمت يعني بدبختي، نڀاڳ.

200-      شهاب الدين (ع):- ]شهاب=روشن ستارو+ال=جو +دين=مذهب، ايمان[ ايمان جو روشن ستارو؛ ماڻهوءَ جو نالو.

201-                 شهتوت (ف):- ]شاهه=وڏو+تُوت=ميوي جو قسم] وڏو توت؛ ميوي جو قسم.

202-      شهسواري (ف):- ]شاهه=وڏو، بادشاهه+سوار=گهوڙي يا ٻئي جانور تي چڙهي هلڻ وارو[ گهوڙي جي وڏي سواري يعني بادشاهي سواري.

203-                شهنشاهه (ف):- ]شاهه=بادشاهه+شاهه=بادشاهه[ بادشاهه جو به بادشاهه يعني وڏو بادشاهه.

204-      شيش محل (ف):- ]شيشه=شيشو، ڪائو، ڪاچ+ محل=جڳهه، مڪان، گهر[ اُها جاءِ يا گهر جو سڄوئي شيشي يا ڪاچ سان جڙيل هجي يعني بادشاهه جي رهڻ واري جاءِ، محلات.

205-      صاحب قرآن (ف):- ]صاحب= مالڪ، آقا+ قرآن= ويجهو هئڻ، ستارن جو هڪڙي برج ۾ هئڻ[ اُهو شخص جنهن جي پيدائش وقت زحل ۽ مشتري ٻئي گرهه هڪ بُرج ۾ هجن يعني سٺي بخت جو مالڪ، بختاور، ڀاڳوند.

206-      صدرالدين (ع): ]صدر= امير، سردار، + ال= جو+دين =مذهب[ مذهب جو سردار، دين جو امير، ماڻهوءَ جو نالو.

207-      صحتياب (ع+ف):- ]صحت (ع) =تندرستي، شفا+ ياب (ف)- مصدر يافتن= لهڻ، حاصل ڪرڻ[ تندرستي يا شفا حاصل ڪندر يعني خوش، نوبنو، تندرست.

208-                صغر سني (ع):- ]صغر= ننڍڙائپ+سِن=عمر[ ننڍڙائپ جي عمر يعني ٻالپڻو.

209-      صلاح الدين (ع):- ]صُلح- نيڪ ٿيڻ، نيڪي ڪرڻ- اصلاح=نيڪي+ال=جي+دين=مذهب[ مذهب جي نيڪي، دين جي ڀلائي، ماڻهوءَ جو نالو.

210-      صلحنامو (ع+ف):- ]صُلح (ع) = نيڪي ڪرڻ، ٺاهه ڪرڻ+نامه (ف) = خط، تحرير، لکيت[ خط يا تحرير رستي نيڪي ڪرڻ، ٻن ڌرين جي وچ ۾ موافقت پيدا ڪرڻ يعني ٺاهه، راضي نامو.

211- ضابطه حيات (ع):- ]ضابطه= قانون، قاعدو، دستور، آئين+حيات=زندگيءَ[ زندگيءَ جو قانون.

212-      ضر بخانو (ع+ ف):- ]ضرب (ع) =سڪو، پيسو ڏوڪڙ+ خانه (ف) = جاءِ، گهر[ سڪي جي جاءِ يعني پيسن ڏوڪڙن ٺهڻ جو هنڌ.

213-      ضرورتمند (ع+ف):- ]ضرورت (ع) = حاجت، گهرج+ مند=صاحب، مالڪ، وارو[ حاجت وارو، گهرج وارو يعني طالب، گهرجائو.

214-   ضعيف (ع):- ]ضعف= ڪمزوري] ڪمزور، ڏٻرو، هيڻو.

215-طاقتور (ع+ف):- ]طاقت (ع) =زور+ور (ف) آور-مصدر آوردن= آڻڻ[ زور آڻيندڙ يعني دلير، بهادر، پهلوان.

216-      طبعزاد (ع+ف):- ]طبع (ع) = طبيعت، مزاج، خصلت+زاد (ف)- مصدر زادن = ڄڻڻ[ طبيعت يا مزاج کي ڄڻيندڙ يعني سٺي طبيعت وارو، مزاقي، چرچائي.

217-      طلبگار (ع+ف):- ]طلب (ع) گهر ڪرڻ، گهرڻ+گار (ف) = وارو[ گهرڻ وارو، گهرج وارو يعني ضرورتمند،گهر جائو.

218-      عالمگير (ع+ف):- ]عالم (ع) =جهان، دنيا+گير (ف)- مصدر گرفتن=قبضي ۾ وٺڻ[ جهان يا دنيا کي قبضي ۾ وٺندڙ يعني بهادر؛ مغل گهراڻي جي بادشاهه اورنگزيب جو لقب.

219-                 عاليشان (ع):- ]اعليٰ=اوچو، بلند، مٿانهون+شان مرتبو، عزت[ بلند مرتبي وارو، عمدو، تمام سٺو.

220-                عبور (ع):- ]عبر=لنگهڻ، پار ڪرڻ[ پار لنگهي وڃڻ، پار ڪري وڃڻ، دست رس.

221-      عجائبخانو (ع+ف):- ]عجب (ع) = حيرت ۾ وجهڻ- عجيب، جمع عجائب+خانه (ف) =جاءِ، هنڌ، جڳهه[ اهڙي جاءِ جتي حيرت ۾ وجهندڙ شيون رکيل هجن يعني ميوزم هال.

222-      عذاب الحريق (ع):- ]عذاب=ڏک، تڪليف، سختي+ ال=جو، جي+حرق=ساڙڻ- حريق=باهه جا شعلا[ باهه جي شعلن جي سختي ۽ تڪليف يعني دوزخ جو ساڙيندڙ عذاب.

223-      عبرستان (ع+ف):- ]عرب (ع) =عربي ٻولي ڳالهائيندڙ+ستان-آستان=جاءِ، هنڌ[ عربي ٻولي ڳالهائيندڙن جو هنڌ يعني عربن جو ملڪ.

224-                عظمت (ع):- ]عظم=بزرگي، وڏائي[ بزرگي؛ وڏائي.

225-                عظيم الشان (ع):- ]عظم=وڏائي-عظيم=وڏو، بلند+شان=مرتبو[ وڏي مرتبي وارو.

226-      عقلمندي (ع+ف):- ]عقل (ع) =دانائي، سياڻپ+مند (ف) =وارو، صاحب[ دانائي رکڻ يعني سياڻپ، ڏاهپ.

227-                عقيدو (ع):- ]عقد= ڳنڍ[ ڪنهن ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيهڻ يعني يقين، ڀروسو، ويساهه.

228-                علمبردار (ع+ف):- ]علم (ع) =جهنڊو+ بردار (ف)- مصدر برداشتن=کڻڻ[ جهنڊو کڻندڙ يعني اڳواڻ.

229-      علم اليقين (ع):- ]علم= ڄاڻ، واقفيت+ال=جو، جي+يقين=خاطري، پڪ[ خاطريءَ جي ڄاڻ يعني ڏسڻ کان سواءِ ئي ڪنهن ڳالهه تي يقين ۽ ڀروسو ڪرڻ.

230-                عملدار (ع+ف):- ]عمل(ع) =ڪم+ دار(ف)- مصدر داشتن=رکڻ[ ڪم رکندڙ يعني حاڪم، آفيسر.

231-                 عميق (ع):- ]عُمق=هيٺيون تهه[ هيٺانهون، اُونهو.

232-      عيدالاضحيٰ (ع):- ]عيد= خوشيءَ جو ڏينهن، وڏو ڏينهن+ال=جو+ضحيٰ=قرباني ڪرڻ[ قربانيءَ وارو وڏو ڏينهن يعني قربانيءَ واري عيد؛ ڏهين ذوالحج واري عيد.

233-      عيدالفطر (ع):- ]عيد=خوشيءَ جو ڏينهن، وڏو ڏينهن+ال=جو، جي+فطر=روز کولڻ[ روزي کولڻ جو وڏو ڏينهن يعني شوال مهيني جي پهرين تاريخ، جنهن تاريخ تي رمضان مهيندي جي روزن رکڻ جو حد ختم ٿئي ٿي ۽ مسلمان، غريبن ۽ مسڪينن ۾ فطرو ورهائي عيد نماز پڙهن ٿا ۽ خوشيون ملهائن ٿا.

234-       عين اليقين (ع):- ]عين=اک+ال=جي+يقين=خاطري، پڪ، ڀروسو[ ڀروسي جي اک يعني پڪي خاطري، پورو ڀروسو.

235-      غمخوار (ع+ف):- ]غم (ع) =ڏک، رنج، فڪر، سختي+خوار (ف)- مصدر خوردن=کائڻ[ ڏک کائڻ وارو يعني ڏک سک ۾ ڀائيوار، مددگار، ساٿي، هڏ ڏوکي.

236-      غمگسار (ع+ف):- ]غم (ع) =ڏک، رنج، فڪر سختي+گسار (ف)- مصدر گساردن=ڇڏڻ، کائڻ[ ڏک ۽ رنج کي ڇڏڻ وارو، سختي کائڻ وارو يعني تسلي ڏيندڙ، همدرد، ساٿي، مددگار، هڏ ڏوکي.

237-      غمگين (ع+ف):- ]غم (ع) =ڏک، رنج، فڪر سختي+گين (ف) =ڀرپور، ڀريل، وريل[ ڏک ۽ رنج سان ڀريل، فڪر وارو يعني ڏکويل، مايوس.

238-      فارغ البال (ع):- ]فارغ=خالي، واندو+بال، =دل، جان، جسم[ جان کان واندو يعني ڪم کان واندو، آزاد، بي ڳڻتيو.

239-      فارغ التحصيل (ع):- ]فارغ=خالي، واندو+حصل-حصول=حاصل ٿيڻ، ملڻ[ واندڪائي حاصل ٿيڻ؛ ڪورس پڙهي پورو ڪري واندڪائي حاصل ڪرڻ، آزاد.

240-      فتنه انگيز (ع+ف):- ]فتنه (ع) =جهيڙو، فساد+انگيز (ف)- مصدر انگيختن=اُٿارڻ[ جهيڙو ۽ فساد اٿاريندڙ يعني جهڳڙالو، فسادي، لُچ.

241-      فرض شناسي (ع+ف):- ]فرض (ع) = خداتعاليٰ جو حڪم، جوابداري+ شناس (ف)- مصدر شُناختن=سڃاڻڻ[ خدا تعاليٰ جي حڪم جي پيروي، جوابداري.

242-      فرقان (ع):- ]فرق=فرق ڪرڻ، جدا ڪرڻ[ فرق ڪندڙ ڪتاب؛ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڏيکاريندڙ سچو ڪتاب يعني قرآن شريف، قرآن مجيد.

243-      فريدالدين (ف+ع):- ]فريد (ف) =اڪيلو، بي مثل، لاثاني+دين=مذهب[ مذهب ۾ بي مثل، لاثاني. ماڻهو جو نالو.

244-      فڪر فردا (ع+ف):- ]فِڪر(ع) =سوچ، ويچار، ڳڻتي+ فردا (ف) =سڀاڻي، آئيندا، ايندڙ وقت، قيامت[ ايندڙ وقت جو فڪر، آئينده جو اونو يعني قيامت جي ڳڻتي.

245-      فلڪ شگاف (ع+ف):- ]فلڪ (ع) =آسمان+ شگاف (ف)- مصدر شگافتن=چيرن، ڏارڻ، ڦاڙڻ[ آسمان کي چيريندڙ يا ڏاريندڙ آواز يعني خوفناڪ آواز، تمام وڏو آواز.

246-      فنڪار (ع+ف):- ]فن (ع) = هنر، ڪاريگري+ڪار (ف)- مصدر ڪردن=ڪرڻ[ هنر ۽ ڪاريگريءَ جو ڪم ڪندڙ، هنر جو ڄاڻو، هنرمند.

247-      قاضي القضاة (ع):- ]قضا=حڪم ڪرڻ، جهڳڙا نبيرڻ-قاضي=جهڳڙا نبيريندڙ+ال= جو قضاة جمع اهي قاضي جو[ قاضين جو قاضي يعني وڏو قاضي يا وڏو جج.

248-      قائداعظم (ع):- ]قائد= اڳواڻ، سردار،حاڪم+اعظم =تمام وڏو سڀ کان وڏو[ سڀ کان وڏو اڳواڻ يعني پاڪستان جي اڳواڻ ۽ پهرئين گورنر جنرل محمد علي جناح جو لقب.

249-      قائد ملت (ع):- ]قائد=اڳواڻ، سردار، حاڪم+ملت=دين، مذهب، قوم، گروهه[ گروهه يا قوم جو اڳواڻ؛ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم خان لياقت علي خان جو لقب.

250-      قائد عوام (ع):- ]قائد=اڳواڻ، سردار، حاڪم+عام- جمع عوام=عام ماڻهو، سڀ ماڻهو[ عام ماڻهن جو اڳواڻ. پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي خان ڀُٽي جو لقب.

251-قائم مزاجي (ع):- ]قام=بيهڻ+مزاج=طبع، طبيعت[ طبيعت تي بيهڻ، طبع مقرر هجڻ يعني ثابت قدمي، مضبوطي، پڪو پهه.

252-      قبضيدار (ع+ف):- ]قبض (ع) =قبضو ڪرڻ، بند ڪرڻ، گرفت ۾ آڻڻ[گرفت ۾ آڻيندڙ، قبضو رکندڙ.

253-      قدمبوسي (ع+ف):- ]قدم (ع) =پير+ بوس (ف)- مصدر بوسيدن=چمڻ، چمي ڏيڻ[ پير کي چمڻ يعني نياز نئڙت ۽ نهٺائي، ڪرڻ يعني گهڻي عزت ڪرڻ.

254-      قرارداد (ع+ف):- ]قرار (ع) =آرام، سڪون+داد (ف)- مصدر دادن=ڏيڻ[ آرام ڏيندڙ، دل کي سڪون ڏيندڙ يعني پاس ڪيل رٿ يا تجويز، فيصلو.

255-      قرآن (ع):- ]قراُ= پڙهڻ[ پڙهڻ جي شئي، پڙهڻ جو ڪتاب، يعني مسلمانن جو پاڪ ۽ الهامي ڪتاب جو رسول مقبول صلي الله عليہ وسلم جن تي نازل ٿيل آهي، قرآن مجيد.

256-      قربانگاهه (ع+ف):- ]قرب (ع)- قربيٰ= ويجهڙائي- قربان= پياري شئي پيش ڪرڻ، ڏيڻ، صدقو ڪرڻ، خدا تعاليٰ جي راهه ۾ پياري شئي پيش ڪري ويجهڙائي حاصل ڪرڻ+ گاهه (ف) = جاءِ، هنڌ[ صدقي جو هنڌ، قربانيءَ جي جاءِ يعني ڪوس گهر.

257-      قربدار (ع+ف):- ]قُرب (ع) =ويجهڙائي، محبت+دار (ف)- مصدر داشتن=رکڻ[ ويجهڙائي يا محبت رکندڙ يعني پيارو، محبوب.

258-      قزلباش (ت):- ]قِزل=لال، ڳاڙهو+باش=مٿو[ ڳاڙهي مٿي وارو، ايراني فوجي سپاهين جو لقب. ايران جي شاهه اسماعيل صفوي پنهنجي فوجي سپاهين کي ڳاڙهي ٽوپي پهرائي هئي ۽ جيئن ته هيءُ بادشاهه ٻارنهن امامن جو شيدائي هو، تنهن ڪري انهن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ انهيءَ ٽوپيءَ کي ٻارنهن ڪُنڊون ڪرايون هئائين. ان ڏينهن کان وٺي ايران جي تمام فوجي سپاهين جو اهو لقب رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: