سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: امام انقلاب

 مولانا عبيدالله سنڌي رحه

باب: --

صفحو : 3

        ان آسري تي لڳي، شروع 1921ع ۾ مهاجرن جا (1) قافلا  افغانستان ڏانهن وڃڻ شروع ٿيا. ٿورن ڏينهن اندر پنجاهه هزار مهاجر افغانستان پهچي ويا.پٺيان قافلن کي رواني ڪرڻ کان اڳ ڪنهن به جاچ ڪانه لڌي هئي ته افغانستان ايترن ماڻهن کي رهائي ۽ پالي  سگهندو يا نه؟ انگريز کي البته حالتن جو صحيح اندازو هو. هن سمجهيو هو ته افغانستان ايترن مهاجرن لاءِ گنجائش پيدا ڪري ڪو نه سگهندو ۽ مهاجرن کي دربدر خاڪ بسر ٿي موٽي پنهنجي وطن اچڻو پوندو ۽ ان ڳالهه تان هندستان جي مسلمانن ۾ افعانن خلاف خاصي نفرت پيدا ٿيندي. ان يقين حي مد نظر انگريز سرحدون کولي ڇڏيون ته  جيئن گهڻي کان گهڻا مسلمان افغانستان وڃي پنهنجو مُنهن ڀِت سان هڻي موٽي اچن.

        آخر ٿيو به ائين. افغانستان ايترن مهمانن لاءِ بندوبست ڪري ڪو نه سگهيو. مهاجر ويچارا سڀڪجهه لٽائي، ملڪيتون وڪڻي، جيڪو پيسو ٽڪو ساڻ کڻي ويا هئا، سو سڀ اُت ڦرائي (ڪن حالتن ۾ زالون ۽ ٻار به کسائي)، ڪنگال ۽ اڌمُئا ٿي، واپس اچي ڳوٺ پهتا. کين ڪابل مان جلد ڀڄائڻ جي نيت سان، هڪ مهاجر ڪيمپ ڏانهن، رات جي وقت پاڻي ڇڏي ٻوڙ ٻوڙا ڪرائي ڇڏيائون. ڪابل جي ٿڌ ۽ اڌ رات جو ٻوڏ! سائين ڏئي، بندو سهي! !

        مولانا ڪابل ۾ ويٺي ان حال تي ارمان ڪندو رهيو؛ قافلن کي موڪلڻ کان(1) اڳ کانئس ڪنهن ڪو نه پڇرايو هو ته امان الله وارن جي نيت ڪهڙي آهي، ورنه مولانا ڪابل جي حالتن کان کين اڳواٽ خبردار ڪري ڇڏي ها.

*                                   *

        ڪابل ۾ مولانا جي رهائش جا پويان ٻه اڍائي سال ڏاڍا ڏکيا گذريا. حبيب الله خان خواه امان الله خان وارن جون ڪار گذاريون ڏسي سندس اميدون مايوسيءَ ۾ تبديل ٿي چڪيون هيون، ان هوندي به هو واندو ڪو نه ويهي رهيو.

پهرين ته روس جي نئين ڪميونسٽ حڪومت جي ڪابل ۾ رهندڙ سفير سان تعلقات پيدا ڪري ورتائين، جيڪي اڳتي هلي سندس ڪم آيا.

        ٻيو وڏو ڪم اهو ڪيائين جو هن پنهنجا ٻه چار ساٿي ڪٺا ڪري آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي ڪابل شاخ ٺاهي ورتي، جنهن جو پاڻ صدر بڻيو ۽ حيدرآباد سنڌ مان ويل نوجوان مهاجر، ڊاڪٽر شيخ(1) نور محمد کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيائين. آل انڊيا ڪانگريس جي گيا واري سالانه اجلاس اِن شاخ کي تسليم ڪري ان جو پاڻ سان الحاق منظور ڪري ڇڏيو.

ان مان فائدو اهو رسيو جو ٻاهرين دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ مولانا کي سياسي حيثيت حاصل ٿي ويئي. ڪانگريس اڳ ۾ ئي بين الاقوامي دنيا ۾ مشهور ٿي چڪي هئي. مولانا کي هنيئر هي حق حاصل ٿيو ته هو ڪانگريس جي نمائندي طور، هندستان جي آزادي ۽ سياست جي باري ۾، ٻاهرين ملڪن سان ڳالهيون ڪري سگهي. ڪانگريس جي اها پهرين شاخ هئي جيڪا باقاعده ڪنهن ٻاهرين ملڪ ۾ قائم ٿي. اُن کان اڳ ڪانگريس پاران صرف پروپيگنڊا ٿيندي رهي هئي.

        انهن ڏينهن ۾ يعني 1921ع ۾، مهاتما گانڌي عدم تعاون جي  تحريڪ هلائڻ واسطي هڪ ڪروڙ چڪڻدي لاءِ اپيل ڪئي هئي جنهن جي وصولي لاءِ آخري عرصو ڊسمبر 1921ع مقرر ڪيو هئائين. مولانا کي خبر پئي ته رقم ۾ اڃان ڪجهه ڪمي رهجي ويئي آهي ۽ اُن جي وقت اندر وصوليءَ ۾ گانڌي جي کي ڏکيائي محسوس ٿي رهي آهي.    

        مولانا هڪدم روس جي سفير سان رابطو قائم ڪري، سندس اڳيان هندستان جي آزاديءَ جو مسئلو اهڙي ڊپلوميٽڪ انداز ۾ پيش ڪيو، جو روسي حڪومت هِر کجي هڪ لک رپيا گانڌي جيءَ جي فند ۾ ڏيڻو ڪيو. مولانا اهڙو اطلاع هندستان موڪليو، پر ان کان اڳ ۾ ئي ڪروڙ رپيو ڪَٺو ٿي ويو هو، جنهنڪري مولانا روسين کي ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي سندن مالي مدد جي ضرورت ڪانه رهي آهي.

        مولانا جي ان ڪوشش جو البته هيءُ نتيجو نڪتو ته روسين ۾ هندستان جي مسئلي جي باري ۾ دلچسپي پيدا ٿي ويئي ۽ هنن مسئلي جي سمجهڻ ۽ هندستان سان مدد ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني.

        ٽيون ڪم مولانا هيءُ ڪيو ته هن ڪابل ۾ ”بين الاسلامي اردو يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ لاءِ امان الله جي حڪومت کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي مقصد سان مولانا سردست هڪ اردو اسڪول به کولي ڇڏيو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن افغانن ۾ اردو زبان جو چرچو هليو ته ممڪن آهي ته هندستان سان سندن ڳوڙهو ۽ سڌو رابطو پيدا ٿي پوي.

        امان الله خان، مولانا کي اردو يونيورسٽي کولڻ لاءِ به اجازت جي چارٽر ڏيڻ کان گهڻي عرصي تائين رلائڻ کان پوءِ، انڪار ڪري ڇڏيو، نه صرف ايترو پر پٺائڻ گوڙ ڪري مولانا وارو اڳ کليل اردو اسڪول به بند ڪرائي ورتو. نعرو هيءُ هنيائون ته؛

        ”مار را آمان، هندستاني را بِکُش“

        (يعني نانگ کي پناهه ڏيو، هندستانيءَ کي ڪُهو!)

        امان الله خان، انگريز کان پنهنجي آزاديءَ جي چٺي وٺڻ کان پوءِ، موج ۾ اچي ويو هو؛ اتاترڪ مصطفيٰ ڪمال انهن ڏينهن ۾ اُڀري رهيو هو؛ امان الله خان سپنا لهڻ لڳو ته هو به اتاترڪ جي جُتيءَ ۾ پير  وجهندو. اها ڳالهه به ياد ڪانه رهيس ته کيس انهن موجن واريءَ منزل تائين پهچائڻ، ۽ سندس ملڪ کي انگريز کان آزاد ڪرائڻ ۾ مولانا عبيدالله جو ڪيترو هٿ هو؟ يا هُن قلندر مڙس، پٺاڻن کي ان مقام معليٰ تائين پهچائڻ خاطر پاڻ ڪيترا سور سٺا هئا”    مولانا جي ڪابل پهچڻ کان اڳ افغانستان جو ڇا حال هو ۽ پوءِ ڪهڙو حال بڻيو؟ مولانا جي ڪابل پهچڻ تائين ته افغانستان وارا سُتل رهيا هئا يا خانه جنگيءَ ۾ مصروف. سندن امير پشت به پشت انگريز جا وظيفه وٺندا هئا ۽ انگريز سان وفاداريءَ جا دم پيا ڀريندا هئا. سندن ملڪ جي حيثيت هندستان جي هڪ معمولي رياست جهڙي هوندي هئي؛ امير صاحب جي پهچ سڌيءَ طرح انگريزن جي بادشاهه (1) تائين به ڪانه هوندي هئي، هو هندستان جي وائسراءِ ڏانهن واجهائيندو رهندو هو، جنهن جي هدايتن تي ئي کيس عمل ڪرڻو پوندو هو؛ خارجه پاليسي ۾ سندن پنهنجو ڪو درڪ ڪو نه هوندو هو، ڪنهن به ڌارئين ملڪ سان تعلقات رکي ڪو نه سگهندا هئا، سفارٿي نمائندن مقرر ڪرڻ يا ٻاهر موڪلڻ جي آزادي ڪو نه هوندي هُوَن. محتاجيءَ، بيوسيءَ ۽ اندروني سالميت جي هيءَ ڪيفيت هئي جو امير صاحب کي پنهنجن عزيزن ۽ رقيبن کان بچائڻ  خاطر انگريز کي اهو بندوبست ڪرڻو پيو ته هو اهڙن ماڻهن کي مورڳو ملڪ مان ڪڍي هندستان ۾ آڻي پنهنجي نظر هيٺ رهائي ۽ سندن فوت گذران جو خرچ خود برداشت ڪري، جيئن امير صاحب پٺيان آرام سان ڪابل ۾ رهي انگريز پاران هندو ڪُش دره جي چوڪيداري ڪندو رهي! ان خدمت عيوض کيس ارڙهن لک روپيا سالانه پگهار ملندو رهندو هو.

پر مولانا جي ڪابل پهچڻ کان پوءِ ڪايا ڪيئن پلٽي؟

اهو نفسياتي ڦيرو ڪيئن آيو ۽ ڪنهن آندو؟

صدين کان سُتلن کي ڪنهن جاڳايو؟

آزاديءَ جو شعور ڪٿان آيو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جا روشن امڪانات ڪنهن کين ڏيکاريا؟

کين اهو نُڪتو ڪنهن ذهن نشين ڪرايو ته عالمي جنگ جو زمانو (جنهن ۾انگريز ٻين هنڌن تي ڦاٿا پيا آهن) انگريز کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ موزون ترين زمانو آهي؟

امير حبيب الله مرحوم جي پنهنجي بخت ڪو نه ڀڙايو، پر کيس ڪنهن هِر کائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو اٿي کڙو ٿيندو ته سندس هڪ پٽ (امان الله) کي هندستان جي آئيني بادشاهت ملي سگهي ٿي؟

ان امڪان جي ڳالهه امان الله خان جي ڪنن تائين ڪنهن پهچرائي؟

امير حبيب الله مان نا اميد ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ”زير زمين“ رهي، ۽ سختيون ۽ بي عزتيون سهي، افغان سردارن، نادر خان، نصرالله خان ۽ ٻين سان تعلقات پيدا ڪري منجهن هيءَ احساس پيدا ڪيو ته حبيب الله جون انگريز نواز پاليسون درست نه آهن ۽ آخر ۾ حبيب الله خان مارجي ويو؟

خود امان الله خان کي ڪنهن اهو مشورو ڏنو ۽ اٿاريو ته عالمي جنگ پوري ٿي وڃڻ جي باوجود اڃان به وقت نه ويو آهي ۽ انگريز خلاف چڙهائي ڪجي؟

انگريز کي ڊيڄارڻ ۽ افغانستان جي اهميت کي وڌائڻ لاءِ ڪنهن پنهنجي ڪابل ۾ موجودگيءَ ۽ سياسي ڪار گذارين جي ذريعي هيءُ تاثر پيدا ڪرايو ته هندستان جي آزادي جي تحريڪ ۽ افغانن جي آزاديءَ جي تحريڪ جي وچ ۾ سِڌو ۽ پختو ڳانڍايو قائم ٿي چڪو آهي، جنهنڪري ٻئي تحريڪون گڏجي هڪ ٿي ويون آهن ۽ هينئر افعانستان طرفان حملي شروع ٿيندي ئي هندستان جا عوام به انگريز جي خلاف اٿي کڙا ٿيندا ۽ هو (يعني انگريز) ان دو طرفيءَ باهه جو مقوبلو ڪري ڪو نه سگهندو؟

ڪنهن جي ”ريشمي رومال“ واريءَ چال انگريزن جي دل تي ايڏي هيبت ويهاري ڇڏي، ۽ کين ايتري قدر بد حواس بنائي وڌو، جو هو رولٽ بل ڪميٽيءَ اڳيان روئڻ لڳا، ۽ بالاخر رولٽ ايڪٽ پاس ڪري، ۽ حواس باختگيءَ جي حالت ۾ جليان والا ۾ ماڻهو ڪُهي، هندستان مان پنهنجين پاڙن پٽائڻ جي شروعات ڪري ويا.

 ڇا مولانا صاحب وارن جيڪو مراسلو، سون جي پليٽ ٿي اُڪرائي روس جي بادشاهه (زار) ڏانهن روانو ڪيو، ۽ زار انگريزن کي ڏيکاريو، تنهن انگريزن جون وايون بتال نه ڪري ڇڏيون؟

ڇا، ڪابل ۾ رهندي، مولانا جي ”حڪومت موقته هند“، جيڪي وفد روس، جاپان ۽ ترڪي ڏانهن روانا ڪيا، تن جو انگريز تي اهو اثر نه پيو ته هندستان جي انقلابي، سندن خلاف ڪابل ۾ رهندي، ڪا موتمار بين الاقوامي سازش سِٽي رهيا آهن؟

ڇا مولانا جي ڪابل ۾ رهندي هندستان جي عارضي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا ڪانگريس جي شاخ ڪابل ۾ کولڻ، انگريز جي ذهني پريشانين ۾ ڪو اضافو ڪو نه ڪيو هوندو؟

ڇا انگريز ان ڳالهه کان بي خبر هو ته امان الله جي فوجن جي سرحد ڏانهن وڌڻ شرط، مولانا هندستان وارن ڏانهن هيءُ اعلان، اشتهار جي صورت ۾ موڪليو هو ته هو حملي ڪندڙ فوجن جي مدد ڪن، انگريزن کي صفا خون ڪن، ۽ سندن مواصلاني نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏين؟

ڇا افغان فوج سان گڏ مولانا ۽ سندس نمائندن جي موجودگيءَ مان انگريز اهو نه سمجهيو ته مڪمل حملي ٿيڻ واريءَ حالت ۾، مولانا جي ساڻن گڏ اچڻ ڪري هندستان وارا به افعان حملي آورن سان شامل ٿي ويندا، ۽ سندس ٿڪل ۽ عالمي جنگ جون پينڃاڙيل فوجون اندرئين انتثار ۽ ٻاهران جي حملن جو، به يڪ وقت، مقابلو ڪري ڪو نه سگهنديون؟

ڇا انگريز جي جاسوسن کين اها خبر ڪانه پهچائي هوندي ته مولانا، ان وچ ۾ روس جي نئين ڪميونسٽ حڪومت سان به رابطو پيدا ڪري ورتو آهي، ۽ اهو رابطو ايتر يقدر وڌي چڪو آهي جو روس جي هندستان جي معاملن ۾ دلچسپي پيدا ٿي چڪي آهي ۽ هن، مولانا جي چوڻ تي، مهاتما گانڌيءَ جي چندي ۾ هڪ لک جي رقم ڏيڻي ڪئي آهي؟

 ڇا ان زبردست ۽ مسلسل نفسياتي(1) جنگ Psychological Warfareجو، جيڪا مولانا صاحب ڪابل ۾ رهي انگريز خلاف لڙندو رهيو هو، مجموعي نتيجو اهو نه نڪتو ته؛

(1) انگريزن جو مورال Morale يا حوصلو هارجي ويو ۽ هو  گهٻرائجي ويا؟

(2)  ان گهٻراهٽ ۾ هنن فيصلو ڪيو ته هندستان کي ان سازش جي چڪر مان ڪڍڻ لاءِ اهو بهتر آهي ته افغانستان جهڙي ننڍڙي ملڪ کي آزاديءَ جو لوڀ ڏئي پاڻ سان ملائي وٺجي جيئن هو ان وڏيءَ سازش مان پاڻ کي علحده ڪري، هندستان جي انقلابين جو تڏو ڪڍي وٺي ۽ هندستان تان دو طرفو خطرو ٽري وڃي (جنت جليان والا کان پوءِ اڳ ۾ ئي گهڻو اندروني انتشار ڦهلجي چڪو هو).

(3) تنهنڪري انگريزن تورخم جي چشمي تي معمولي ٺَڪا ٺُڪي ٻُڌڻ، ۽ جواب ۾ نمائشي ٻن ٽن گولن اڇلائڻ کان پوءِ ڪَن ڇَٻا ڪري، امان الله خان کي آزاد بادشاهه تسليم ڪرڻ قبول ڪري ڇڏيو.

        غور طلب نڪتو هيءُ آهي ته انگريزن ساڳي شيءَ ڇو نه امان الله خان جي ڏاڏي مرحوم امير عبدالرحمٰن خان، يا امان الله خان جي والد امير حبيب الله کي ڏيڻ قبولي هئي؟ حالانڪه امير عبدالرحمٰن ته نسبتاََ زياده طاقتور ۽ بهادر امير هو.

        هٿيارن خواهه لڙائي جي سامان ۾ به امان الله خان کائن وڌ ڪونه هو؛ امان الله خان وٽ به اُهي ئي پراڻيون بندوقون ۽ ٻه چار گِهل گِهلان ٽائپ جون توبون هيون جيڪي عبدالرحمٰن خان ۽ حبيب الله خان ڇڏي ويا هئا.

        پوءِ هُنن جي ناڪامي ۽ امان الله خان جي ڪاميابيءَ جو ڇا سبب هو؟

        سبب هيءَ هو ته انهن مان هڪ جي زماني ۾ مولانا عبيدالله اڃا ڪون هو؛ ٻئي جي زماني ۾ عبيدالله پهچي چڪو هو، پر هن سندس مشورن تي عمل نه ڪيو.

        امان الله جي خوش قسمتي هئي جو هن وٽ عبيدالله موجود هو ۽ ڪجهه وقت تائين هو سندس مشورن تي هلندو رهيو.

        تنهن کان سواءِ اُن زبردست نفسياتي جنگ جو فائدو مليو جيڪا مولانا عبيدالله خود انگريزن خلاف جو ٽي رکي هئي ۽ جنهن انگريزن جا حوصلا پست ڪري رکيا هئا.

        ٻين اکرن ۾ ڪري هيئن چئجي ته مولانا عبيدالله افغانستان کي آزادي ۽ امان الله خان کي بادشاهي وٺي ڏني ۽ ان لحاظ سان گهٽ ۾ گهٽ، هو افغانستان جي آزاديءَ  جو  ذهني طرح معمار هو.

        ظاهر آهي ته امان الله وٽان، هندستان لاءِ کيس ڪابه هڙ حاصل ٿي ڪانه سگهي هئي. پر هو تنهن هوندي به دل ۾ خوش هو ته هُن، گهٽ ۾ گهٽ مسلمانن جي هڪ ملڪ کي ته انگريزن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ورتو.

        پاڻ پڇاڙيءَ تائين افغانن جي شڪايت ڪانه ڪيائين، هڪ حرف به سندن خلاف زبان تي يا تحرير ۾ ڪونه آندائين -- حساب دوستان در دل؟ يا تصوير جو ڪو ٻيو رخ به هو؟

*                         *                            *

        مون هي معلوم ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي ته امان الله خان پنهنجي ڪم ڪرڻ کان پوءِ، هندستان جي مسئلي مان ڇو هٿ ڪڍي ويهي رهيو؟ ڪجهه سبب سمجهه ۾ اچي سگهن ٿا -- مثلاََ؛

        (1) هن پاڻ ۾، ۽ پنهنجي فوج ۾، اهو ڀوتو نه ڀايون ته هو هندستان جيڏي وڏي ملڪ کي، جيڪو هزارن ميلن ۾ مدراس ۽ بنگال تائين ڦهليل هو، فتح ڪري سگهندا. انگريز کي ڊيڄارڻ لاءِ ڏيکاءُ ڪرڻ ٻي ڳالهه هئي؛

        (2) انگريز بيشڪ جنگ ڪري ٿڪل هو پر هو جنگ ۾ نمايان ڪاميابي به حاصل ڪري چڪو هو ۽ سندس ذرايع، افغانستان جي ڀيٽ ۾، اڃان به، گهڻو زيادهه هئا. سندس ايمپائر دنيا جي وڏي حصي ۾ پکڙيل هئي؛ ۽ هو پنهنجن سڀني دشمنن کي اڳ ۾ ئي شڪست ڏئي نيست ونابود ڪري چڪو هو. هينئر ڪو به باهريون ملڪ ڪو نه بچيو هو، جيڪو انگريز خلاف افغانستان جي مدد ۾ ميدان ۾ نڪري اچڻ جي قابل رهيو هجي؛ ترڪي، ايران، جرمن، آسٽريا ختم ٿي چڪا هئا؛ روس جي نئين ڪميونسٽ حڪومت اڃان پنهنجن اندروني جهيڙن ۾ مبتلا هئي. کيس قائم ٿئي مشڪل سان سال ٿيا هئا. پوءِ امان الله خان ڪنهن جي آسري تي انگريزن سان ڇيهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها؟ مجبوريءَ جي حالت ۾ افغانستان جهڙيءَ ننڍڙيء، غير ترقي يافته، ۽ جديد اسلحه جنگ کان محروم، ملڪ سان وڙهڻ جي اڃا به منجهس (انگريز ۾) طاقت هئي. مُهري پراڻي ته به ڀانڊن ڀڃڻ جي قابل رهي ٿي؛

        (3) امان الله خان هندستان جي هندو قوم جي همدرديءَ تي ڀاڙي ڪو نه ٿي سگهيو. هن محسوس ڪيو هوندو ته جنهن وقت به هُن هندستان ۾ قدم رکيو ته هندن جي اکين اڳيان محمود غزنوي، غوري، ابدالي ۽ افغانستان جي رستي سان آيل ٻين مسلمانن فانحن جي تصوير ڦرڻ لڳندي ۽ هو انگريز کي مقابلتاََ، پٺاڻن کان بهتر سمجهي ساڻس شريڪ ٿي بيهندا ۽ پنهنجا ڏک سک وساري ڇڏيندا. هندستان جي پنڊت مالويه، اڳ ۾ ئي، مولانا محمد علي مرحوم ۽ ٻين مسلمان انقلابي ليڊرن جي نيت تي کليءَ طرح حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا ته هو هندستان جي مستقبل جو سودو پنهنجن مسلمان ڀائرن افغانن سان ڪرڻ گهرن ٿا،

راجا مهيندر پرتاب جا ارادا هئا ته هندستان، نيپال جي هندو راجا جي حوالي ٿئي. لاله لاجپت رائي پنهنجي مٿي، مُنهن مٿو پٽيندو ٿي وتيو ته ڪنهن طرح هندستان ۾ مسلمانن جو زور قائم نه ٿئي؛ گانڌي جيءَ خود تي جڏهن هندن ٿوٿرا ٿي ڪئي ته هن ”سوراج“ جي معنٰي ”رام راڄ“ پئي ڪئي؛ اهي حالتون افغانن کان ڳجهيون ڪو نه هيون. غالباََ امير حبيب الله خان کي به اهو خدشو نظر ٿي ايو، جڏهن هُن مولانا عبيدالله سان ملاقات جي وقت کيس چتايو هو ته ”هو جيڪو به ڪم ڪن ان ۾ هندستان جي هندن جي شموليت جو خيال رکن،“

        مولانا عبيدالله جي پنهنجي گهر جا اهي ٽپڙ ڏسي، امان الله غالباََ پاڻ کي حق بجانب ٿي سمجهيو ته هو سَوَڙ ڏسي ان مطابق ئي پنهنجا پير ڊگها ڪري؟

(4) موقعي جو سوال، انهن سڀني ڳالهين کان اڃا به وڌيڪ اهم هو. جنهن زماني ۾ مولانا امير حبيب الله کي چڙهائي ڪرڻ لاءِ چيو هو ان زماني ۾ انگريز عالمي جنگ ۾ ڦاٿل هو، جنگ جي اڃا هاڻ شروعات ٿي هئي جنهن ۾ ان وقت انگريز جي ڪامياب ٿيڻ جو گهٽ امڪان هو؛ جيڪڏهن امير حبيب الله خان مولانا جي مشوري تي عمل ڪري ها ته اُن وقت انگريز جي ساري مستقبل جو نقشو ڦري سگهيو ٿي. مقابلتاََ امان الله خان اهڙي وقت آيو جڏهن اُهي حالتون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ انگريز جي سر تان بَلا ٽري چڪي هئي.

(5) مولانا جي اعلانن ۽ اشتهارن وراهجڻ کان پوءِ به هندستان اندر انگريزن جي خلاف ۽ افغانستان جي حملي جي حمايت ۾، ڪا هلچل پيدا ڪانه ٿي سگهي هئي.

اهڙين حالتن هيٺ امان الله خان،هڪ مد بر وطن پرست وانگر پنهنجي ملڪ جي آزادي تي اڪتفا ڪرڻ تي مجبور هو.

انگريزن کي هوُ ان کان پوءِ به، هندستان جي محرومين جي باري ۾  ٽوڪيندو رهيو.

انگريز اُهي گستاخيون کيس معاف ڪو نه ڪيون ۽ 1929ع ۾ سندس خلاف بغاوت ڪرائي کيس ملڪ بدر ڪرايو.

        البته هيٺيون ڳالهيون پوءِ به امان الله خان جي خلاف وڃن ٿيون؛

        (1) مولانا سان پڇاڙي جي زماني ۾ بي سروتي جو سلوڪ ڇو ڪيائين؟

        (2) کيس اردو يونيورسٽي کولڻ ڇو نه ڏنائين؟

        (3) روس وڃڻ لاءِ اهڙو رستو ڇو مقرر ڪيائين جتان گذرندي مولانا جي لڏي جو لٽجي وڃڻ ۽ سندس مارجڻ يقيني سمجهيو ٿي ويو؟

        (4) سندس وزير خارجه محمود طرزي مولانا سان خطن جي معاملي ۾ ڇو ٺڳي ڪئي ۽ اُهي خط انگريز کي ڏئي مولانا جي هندستاني ساٿين کي ڇو زير بار ڪرايائين؟

*                        *                        *

        افغانستان سان انگريزن جو پڪو معاهدو مسوريءَ ۾ نومبر 1921ع ۾ ٿي چڪو. مولانا سال کن پوءِ به ڪابل ۾ رهي امان الله جو در کڙڪائيندو رهيو. پر هندستان جي معاملي ۾ منجهانئس پڇاڙي تائين ڪو کڙ تيل نه نڪرندو ڏسي، هو نا اميد ٿي ٻئي ڪنهن طرف ڏانهن واجهائڻ لڳو، ڇو ته سندس اصلي مقصد هندستان جي آزاديءَ وارو اڃان پورو ڪونه ٿو سگهيون هو.

        ارادو ڪيائين ته پهريائين روس ۽ ترڪيءَ کي وڃي ٺا ٺوڪي.

        ٻنهي ملڪن ۾ تازو انقلاب اچي چڪا هئا ۽ انهن جي نئين سر تعمير ٿي رهي هئي. مولانا کي وهم هو ته انهن جي ذريعي شايد هندستان جي آزاديءَ لاءِ به ڪو جتن ڪري سگهجي -- افغانستان مان ته ستن سالن جي ڪوشش جي باوجود کٿا ساڙائي ويٺو هو.

        امان الله خان کان روس وڃڻ لاءِ راهداري گهريائين. راهداري ته ڏنائينس، پر وڃڻ لاءِ شاهراهه بدران رستو اهڙو مقرر ڪري ڏنائينس جنهن تي مولانا جو مڙهه به رلي وڃڻو هو. جيڪي مسافر اڳ ۾ اتان گذريا هئا، تن جا لاش برف ۾ ڄمي پنڊ پاهڻ ٿي ويل ملندا هئا.

        سفر؟ ڪابل کان (1) ما سڪو!

        پنڌ پري منزل ڏور -- آڏا ڏونگر، سوڙها لڪ، اونهيون واديون؛ واٽ سڄي ويران، واهڻ وستي ڪانه؛ هيٺان برف مٿان پارو؛ هلڻ لاءِ ڇڙو ”پير چارو“؛ وهٽ يا ماڻهو ترڪيو ته وڃڻ لاءِ ويو؛ هر گَهٽ گهيڙ تي ڦُورن جي آڏو اچڻ جو انديشو؛ رات هجي يا ڏينهن هُل هلان، چل چلان -- ڀڄ ڀڄان!

        سواري؟

        ڪابل جا ٿڪل، پُڇ پيل، باربرادري جا ماريل، ڀاڙي جا ٽٽون. جبل جي چاڙهيءَ تي اڳيان ڇڪيندا ۽ پويان تَڏَ ڏيندا هَلون، لاهيءَ ۾ پڇ سان چنبڙي پوئتي ڇڪيندا رَهون، نه ته تِرڪي پاڻ به گهات سواري به مات! انهن احتياطن جي با وجود به هڪ ڪري ختم ٿي ويو؛ مٿس لڏيل بار اڳتي لاءِ ماڻهن جي مٿن تي هليو ! ! خيال ۾ سواري هئي؛ حقيقت م خالي  خواري هئي! ! !

        سفر جا ساٿي؟

        ڏهه هندستاني مهاجر؛ گهڻاڪابل مان ڪَڪَ ٿي، مولانا سان سُر جهلائي، ساڻس چنبڙي پيا هئا. اڪثر اٽي  تي  چٽي، اڌ مٿي جو سُور ! فقط ٻه - ٽي مخلص ۽ سرويچ انهن ۾ هڪ شيخ نور محمد حيدرآبادي به. هڪ اڌ روس جو جاسوسڙو، هڪ اڌ انگريز جو چانجو سڙو به قافلي ۾ شامل ٿي ويل هو.

        اهو قافلو ستين ڏينهن مزار شريف پهتو، ٻئي ڏينهن افغانستان جي سرحد ٽپي روس جي علاقي ۾ داخل ٿي ترمذ رسيو. نقشي تي ڏٺو هوائون ته ترمذ کان تاشقند تائين ريل وڃي ٿي، پر ات پهچڻ کان پوءِ معلوم ٿين ته ريل جون پٽڙيون ڪي شاهينگ پٽي پاڻ سان کڻي ويا آهن، تنهنڪري ٻيڙيءَ تي چڙهي آمو درياهه  Oxus مان ڪرشيءَ(1) ڏانهن هلايا جتان اڳتي لاءِ ريل گاڏي ملڻي هُون. ٻيڙيءَ جو سفر ست ڏينهن هلين. رستي ۾ ساڻ کنيل ٽن ڏينهن جي خوراڪ ختم ٿيڻ تي آين ڇو نه ٻيڙيءَ ۾ چار  ڏينهن وڌيڪ لڳي ويا هُون؛ پاروٿي ماني راشن ڪري هلايائون ۽ پاڻيءَ ۾ پسائي اڳرندا رهيا. درياهي سفر به (خطري کان خالي ڪو نه هو. هيٺان واڳون، ڪنارن سان گهاٽو ٻيلو جنهن ۾ گوريلن ڦُورن ۽ ڌاڙيلن جا ٿم، روس جي نئين انقلابي حڪومت اڃان انهن علاقن ۾ امن امان آڻي ڪو نه سگهي هئي؛ رات جو ٻيڙي بيهارڻي پوندي هُوَن ته به وچ سير ۾!.

        ستين ڏينهن ڪَر شيءَ پهچي ريل ۾ ويٺا. ٻن راتين ۽ هڪ ڏينهن جي سفر کان پوءِ بخارا پهتا. بخارا مان تاشقند ويا. وري ريل وٺي ماسڪو ورانا ٿيا، جت ٽوٽل ستاويهين ڏينهن جي مٿا ڪُٽ کان پوءِ رسيا. لڪس Lux هوٽل ۾ روس جي سرڪار سندن رهائش لاءِ انتظام رکيو هو. تاريخ هئي 10 نومبر 1922ع.

        روس جي سرڪار کي خبر پيل هئي ته ڪابل ۾ مولانا سان بدسلوڪي ٿي هئي، تنهنڪري هنن کيس ڏيکارڻ گهريو ته ڪميونسٽ سندس ديني ڀائرن کان وڌيڪ مهمان نواز ٿين ٿا. جنهن گهڙيءَ مولانا جي قافلي روس جي سرزمين تي قدم رکيو، ان گهڙيءَ کان روسي سرڪار جي مهمانداري شروع ٿي ويئي. ٽڪٽون، کاڌا، رستي جون آسائشون، ماسڪو جو خرچ، سڀ بار حڪومت تي --توڪل جا ٻيڙا پار!

        پويان ڪابل ۾ امان الله کي غالباََ يقين هو ته مولانا ماسڪو پڄي ڪونه سگهندو؛ رستي ۾ ئي مري يا مارجي ويندو؛ هندستان موٽي سُورن سَلڻ جو موقعو ڪو نه ملندس؛ سڀ ڳالهيون ”شب“ ۾ رهجي وينديون؛ ڄڻ اهو باب ئي ختم ٿي ويو.

        ٻيو مقصد امان الله خان جو هيءُ به هو ته مولانا، ماسڪو ويندي رستي ۾ نادر خان سان ملي نه سگهي. نادر خان جي باري ۾ شڪ جاڳي پيا هوس؛ ان ڪري ئي کيس ڪابل کان پري بدخشان جي صوبي ۾ هڪ معمولي عهدي تي ڦِٽو ڪري ڇڏيو هئائين؛ جيڪڏهن مولانا روس ڏانهن عام شاهراهه سان وڃي ها، ته واٽ تي لارنماََ نادر خان(1) سان ملاقات ٿئيس ها ۽ هو ساڻس نين حالتن هيٺ ڪجهه حال به ضرور اوري ها، جيڪا ڳالهه امان الله خان ڪا نه ٿي گهري. 

        بهرحال امان الله جي نيت جيڪا به هئي سا کيس ڦٻي؛ مولانا خير سان وڃي ماسڪو پهتو.

*                           *                            *

        ماسڪو ۾ پاڻ نومبر 1922ع کان جولائي 1923ع تائين رهيو. اِن دوران ۾ مولانا بين الاقوامي ڊپلوميسي جا اهڙا جوهر ڏيکارايا جيڪي پيشه ور سفارت ڪارن لاءِ به عبرت ۽ سبق جو باعث هئا.

پهريان ته هن ڪميونسٽ حڪمرانن جو اُهو تعصب ۽ بغض ٽوڙيو جيڪو کين مسلمان مذهبي رهنمائن، مولوين ۽ مُلن ڏانهن هو ۽ کين تيان ڪيائين ته هو ساڻس گفتگو ڪن.

        ڪميونسٽ فلسفي جو لوازمو هو ته مذهب جي حوصله شڪني ڪجي ۽ مذهبي ماڻهن کي سياسي ڳالهين ۾ بنهه پير کوڙڻ نه ڏجي. روس جي ڪميونسٽ انقلاب کي پنج سال گذري چڪا هئا ۽ ان عرصي ۾ روسي هاءِ ڪمانڊ ڪنهن به مولانا کي پنهنجي قريب اچڻ ڪا نه ڏنو هو؛ هو مولانائن جي پاڇي کان به پري ڀڄندا هئا.

        پر مولانا سنڌيءَ جي معاملي ۾ کين اهو اصول ڇڏي ساڻس سياسي معاملات طئي ڪئي ڪرڻا پيا ۽ عين مولانا جي مذهبي نظريه ۽ خواهشن جي مطابق.

        مولانا جي ٻي ڪاميابيءَ هئي ته هن روسي حڪمرانن کي مجبور ڪيو ته هو هندستان جي معاملي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي نظرين کي وچ ۾ نه آڻن؛ منجهن جيڪڏهن ڪو سمجهو تو ٿئي ته اُهو روس جي حڪومت ۽ هندستان جي سياسي قيادت جي وچ ۾ هجي، نه ڪميونسٽ پارٽي ۽ هندستان جي قيادت جي مابين.

        ان تدبير جي اهميت جو اندازو هن مان ٿيندو ته ان وقت تائين روس جن به ٻاهرين ملڪن يا پارٽين جي مدد ڪئي هئي ته اها روس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان ۽ ان جي نالي ۾ ڪئي ويندي هئي، جيئن اِن طريقي سان مدد وٺندڙ ملڪن ۾ ڪميونسٽ نظرين کي مروج ٿيڻ جو موقعو ملي. انهن مقصدن جي حصول لاءِ هنن هڪ خاص تنظيم ”ڪميونسٽ انٽرنيشل“ نالي سان قائم ڪري رکي هئي، جنهن جي معرفت ٻاهرين ملڪن جي پارٽين ۽ تحريڪن سان لاڳاپو پيدا ڪيو ويندو هو ۽ انهن جي مدد ڪئي ويندي هئي.

        مولانا، ان ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار ڪو نه هو ڇو ته ان مان کيس اسلامي نظرين تي ضرب پوڻ جا امڪان صاف نظر اچڻ لڳا هئي.

        تعجب روس وارن تي ٿئي ٿو جن مولانا جي اها پوزيشن به قبول ڪئي.

        چار دفعا مولانا روس جي مشهور زمانه وزير خارجه، چيچرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ بحث مباحثا ڪيا. آخر ۾ روسين کي پنهنجين ڳالهين جو قائل بنائي ساڻن معاهده ڪيائين جنهن جو نِچوڙ هيءُ هو؛

        (1) روس جي حڪومت (نه ڪميونسٽ پارٽي يا ڪميونسٽ انٽرنيشنل) هندستان جي ڪانگريس پارٽيءَ جي امداد ڪندي نه هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي)،

        (2) امداد غير مشروط هوندي ۽ ان جو مقصد صرف اهو هوندو ته ڪانگريس پارٽيءَ کي انگريز جي راڄ کي هندستان مان ڪڍڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي قابل بنائجي.

        (3) روس جي حڪومت پهرينءَ سٽَ هڪ ڪروڙ روپيه جي امداد هندستان جي ڪانگريس پارٽيءَ ڏانهن موڪليندي. هندستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ، نئين حڪومت امداد جون رقمون واپس ادا ڪندي.

        (4) هندستان ڏانهن اها رقم افغانستان (1) جي معرفت موڪلي  ويندي، جيئن آئنده هندستان سان روس جي لهه وچڙ افغانستان جي رستي قائم ٿئي.

(5) افغانستان ۾ ان ڪم لاءِ جنرل نادر خان کي ذريعي طور استعمال ڪيو ويندو ۽ کيس افغانستان لاءِ علحده هڪ ڪروڙ رپين جي امداد ڏني ويندي جيئن هو اُن جي مدد سان افغانستان جي حڪومت اندر پنهنجي پوزيشن به مضبوط ڪري سگهي ۽ هندستان ۽ روس جي ڪم اچڻ جي قابل به ٿئي.

        (6) في الحال هندستان لاءِ هٿيارن جي مدد نه گهرجي ڇو ته ڪانگريس تحريڪ، گانڌي جيءَ جي عدم تشدد واري اصول تي عمل پيرا آهي.

(7) مولانا ان عهدنامي جي باري ۾ هندستان جي ڪانگريس ۽ افغانستان جي نادر خان سان رابطه(1) قائم ڪرڻ لاءِ ترڪيءَ ويندو؛ جتان

افغانستان خواه هندستان جا ماڻهو لنگهندا رهن ٿا.

        اِهو عهدنامو هر لحاظ سان اهم هو؛ اُن جي وسيلي روس جي هندستان  جي آزادي واري تحريڪ سان وابستگي پيدا ٿي؛ ان ڪم ۾ افغانستان جي مسلماني ملڪ کي Middleman طور وچ ۾ آندو ويو؛ روس طرفان هندستان تي براه راست نظرياتي حملي جا امڪان گهٽجي ويا؛ مولانا جي پنهنجي اسلامي نظريات لاءِ به ڪو خطرو پيدا ڪو نه ٿيو؛ روس ۽ هندستان يا روس ۽ ڪانگريس جي باهمي تعلقات ۾ خود مولانا  کي ڪليدي حيثيت حاصل ٿي ويئي.

        مولانا ست اٺ مهينا روس ۾ رهيو. اهو سارو وقت هو روس جي نئين سوشلسٽ انقلاب ۽ ڪميونزم جي معنيٰ، مطلب ۽ مستقبل جي امڪانات جو مطالعو به ڪندو رهيو. هو بي انتها ذهين سياستدان هو. هن شروع ۾ ئي محسوس ڪري ورتو ته هو روس جو انقلاب، جنهن جو بنياد نظرياتي آهي، انساني تاريخ جي عظيم ترين واقعن مان هڪ آهي، جنهن جو اثر ساري دنيا صدين تائين محسوس ڪندي رهندي؛ تنهنڪري کيس اهو ڏسڻو ۽ سوچڻو پيو ته ان نظرياتي زلزلي مان اسلام کي ڪيترو خطرو ٿي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ڪو خطرو ٿي سگهي ٿو ته ان کان بچڻ يا ان مان رسندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون تدبيرون پيش بنديءَ طور ٿي سگهن ٿيون؟

        مولانا کي پورو پورو احساس ٿي چڪو هو ته ويهين صديءَ جو انسان، پراڻي زماني جي انسانن کان مختلف ثابت ٿيندو؛ سائنس ۽ جديد تعليم ماڻهوءَ جي مزاج ۾ وڏو ڦيرو آڻي رهيون آهن؛ هُن جو شعور تيز ٿيندو پيو وڃي؛ ان کي پوءِ لازماََ هو خود محسوس ڪندو يا کيس ٻڌايو ويندو ته ساڻس ماٰضيءَ ۾ انصاف ڪو نه ٿيندو رهيو آهي ۽ قديمي ۽ روايتي اقتصادي ۽ معاشي عدم توازن ۽ بي انصافين کي محفوظ رکڻ لاءِ انهن جي چوڌاري وَهمي، جنوني،  خفتاني، دقيانوسي، غير فطري، غير عقلي، ڏند ڪٿائن، من گهڙت، مستقبل جي نقشن، سزائن جزائن جي ڀلڪارن ۽ انعامن اڪرامن جي دم دلاسن جا حفاظتي لوها ڪوٽ ڪڍيا ويا آهن، جيئن ڀريا پيٽ بدستور ڀريا رهن ۽ سکڻا پيٽ، هميشه وانگر خالي سِڪندا ۽ سُڪندا رهن.

        مولانا جي دوربين نگاهه تاڙي ويئي هئي ته اهڙي انداز فڪر کي خاص طرح سان نئين زماني ۾ جڏهن سائنس جي نون انڪشافات (1)، مشينري ۽ اليڪٽرانڪ دؤر جي تعجب انگيز ايجادات، معلومات جي وسعتن ۽ نشر و اشاعت جي عالمگير غير مرئي ۽ لاسلڪي ذريعن جي پٺڀرائي حاصل ٿيندي ته هڪ وير، بُک ۽ محرومين جو ڏکويل انسان، انتهائي نفسياتي ڪشمڪش ۽ ذهني مونجهاري ۾ مبتلا ٿي پوندو ۽ ممڪن آهي ته ان اضطراري ڪيفيت ۾ هو ڪو اهڙو غلط رستو اختيار ڪري وجهي جنهن جو رخ هر قديمي مفڪوري ۽ مفروضي خلاف بغاوت بلڪ نپٽ لا ديني طرف هجي.

        مولانا کي غور ڪرڻو پيو ته اهڙيءَ نئين دنيا ۽ اهڙين نين انقلابي حالتن اندر، اسلامي نظرين جي ابدي فعاليت کي ڪهڙيءَ طرح مسلم سينٽرل ايشيا وانگر اِن ليٽ ۾ لڙهي وڃڻ کان محفوظ رکبو، هو ڊنو پي ته پراڻا طريقا ۽ سوچ جا پراڻا انداز شايد ان مقصد لاءِ ڪارگر ثابت ٿي نه سگهن. هو گهڻو ڪجهه ان ڏس ۾ ڏسي چڪو هو.

        هندستان جون مکيه خانقاهون ۽ تعليمگاهون سندس اکين اڳيان رهيون هيون. افغانستان جي ديدار مان اڃان هاڻ ڍائجي هليو هو. واٽ تي مسلمانن جي قديمي علمي، تهذيبي مذهبي ۽ سياسي مرڪزن، ترمذ، بخارا، سمرقند، خوا، خوقند، تاشقند، (بلڪ ترڪستان جي ساري مسلم سوسائٽي) جو به معائنو ڪندو آيو هو، جتان جا مسلمان اڳ ۾ ئي ان چڪر ۾ ڦاسي چڪا هئا ۽ نظرياتي اعتبار سان سندن پراڻو معاشرو سڪرات جي حالت ۾ هو.

        ڪهري ڳالهه هينئر مولانا کان ڳجهي رهي هئي؟ پنهجن جا حال (مستثنيات کان قطر نظر) بخوبي ڏٺل هوس. سندن تعليم جي سطح، علمي مبلغ ۽ معلومات جي وسعتن جا، جديد علوم ۽ سائنٽيفڪ موضوعات تي سندن عبور جا، سندن دماغي صلاحيت ۽ فڪر جي رسائي جا، سندن اشاعت ۽ تبليغ جي دل نشينين جا، سندن توضيحن، توجيهن ۽ استدلال جي دلپذيرين جا، انهن هيولائي هينئن ۽ ڪِرڀ ايندڙ عملي نمونن جا جيڪي هو ويهين صديءَ جي مُشوش انسان اڳيان آڻيندا رهيا هئا، اُنهن فروعي مسئلن جي سوقيت جو جن جي خاطر پاڻ ۾ ڪفر الحاد ۽ زنديقيت جي مڙدن جي ڏي وٺ ڪندا ٿي رهيا، اُنهن نيچ غرضن ۽ لالچن جا جنجي خاطر بلند ترين انساني اقدار ۽ بنيادي انساني حقوق کي به وقت پئي، خاطر ۾ ڪو نه آندو ٿي ويو، معاشيات ۾ سندن داڦوڙن ۽ سياست ۾ سندن مسخراپڻ جا، بحث جي دوران ۾ منطق، دليل، برهان ۽ حجت بدران هيءَ راه فرار ته ”شعر عرض ڪيان ٿو، مطلع آهي؛ ملاحظه فرمايو“ (1)

ٿي سگهڻو هو، انهن لڇڻن سان، سندس ملڪ ۽ ملت جو ڪو چاڙهو؟

        ٻه معاملا سندس ساڳيان هئا: (1) هندستان آزاد ٿئي ۽ ان ۾  مسلمانن جي هستي قائم رهي ۽ (2) تازيءَ ختم ٿيل جنگ بعد جيڪي نيون انقلابي طاقتون، نظرياتي ۽ سياسي اُڀريون هيون انهن جي يورش کان اسلام ۽ مسلماني ملڪن کي ڪيئن بچائجي؟

        عمل کان اول سوچڻو پيس.

        ماسڪو ۾ رهڻ واري موقعي جو مولانا خوب فائدو ورتو. نه صرف ڪميونسٽ لٽريچر جو مطالعو ڪيائين، پر پنهنجن ٻن شاگردن کي ڪميونسٽ يونيورسٽي ۾ داخل ڪرائي. انهن جي واتان ٻڌندو رهيو ته ڪميونسٽ مفڪر ڇا پيا سوچين ۽ باقي دنيا لاءِ سندن ڪهڙا منصوبا آهن. ساڳئي وقت پاڻ مدافعتي پروگرام جي باري  ۾ پنهنجو فڪر ڊوڙائيندو رهيو. پاڻ لکي ٿو ته:

        ”مان ست مهينا ماسڪو ۾ رهيس. پنهنجي نوجوان رفيقن جي مدد سان سوشلزم جو مطالعو ڪندو رهيس....... منهنجي انهيءَ مطالعي جو نتيجو هيءُ آهي جو آءُ پنهنجي مذهبي تحريڪ کي، جيڪا امام ولي الله جي فلسفي جي هڪ شاخ آهي، لادينيءَ جي حملن کان بچائڻ لاءِ تدبير سوچي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيس....“

                        (خطبات مولانا عبيدالله سنڌي صفحو 69)

        اتفاق سان لينن گراڊ ويو، پر اُتي جي عجائبات ڏسڻ بدران ريل تان لهي سڌو وڃي علامه موسيٰ جار الله (1) وٽ رهيو ۽ ساڻس انهن مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو رهيو. ٻي ڪا شيءَ ڪا نه ڏٺائين. سندس نظرن  ۾ ڄڻ لينن گراڊ  ڪا شيء ئي ڪانه هئي.

      *                          *                        *


(1) سنڌ جي ماڻهن هجرت جي تحريڪ ۾ ڪافي مصيبتون سٺيون. سنڌ اندران تحريڪ   جا باني مباني مولانا تاج محمود امروٽي رحمته الله عليه ۽ سندس ساٿي پير تراب علي شاهه راشدي (مرحوم) ۽ پير علي انور شاهه راشدي (مرحوم) ۽ رئيس جان محمد خان جوڻيجو (مرحوم) هئا. انهن بزرگن مان الله ڪا بد پهچائڻ کان پوءِ امان الله وارن  جي اعلانن تي اعتبار ڪري هزارن سنڌين کي هجرت ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. پهريون قافلو سنڌ مان ويو، جنهن جي اڳواڻي رئيس جان محمد نور ڪئي. رئيس صاحب کي چيو ته وٽن ايترن مهاجرن کي پالڻ جيترو پيسو ڪو نه آهي، تنهنڪري هو واپس هندستان وڃي، اتان چندو ڪري، ڪا رقم کڻي اچي. رئيس واپس اچي هندستان مان چندو گڏ ڪرڻ لڳو ۽ ان ڪوشش جي دوران  بيمار ٿي پيو ۽ اجمير ۾ انتقال ڪري ويو.

            افسوس آهي ته جن ٻاهرين مورخن هجرت جي تحريڪ جي تاريخ لکي آهي تن نه رئيس جان محمد جو نالو کنيو آهي ۽ نه تحريڪ دوران سنڌين جي قربانين جو ڪو ذڪر ڪيو آهي. شڪر اهي ته آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي ڪاغذن ۾ هڪ ٺهراءَ ملي ٿو جنهن ۾ رئيس صاحب جي وفات تي اظهار افسوس ڪندي هي حقيقت صاف اکرن ۾ تسليم ڪئي ويئي آهي ”هجرت تحريڪ جو قائد“ رئيس جان محمد مرحوم هو. اها ڪانفرنس 8 جولاءِ 1921ع جو ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد علي جوهر جي صدارت هيٺ منعقد ٿي هئي (ڏسو انڊين اينيل رجسٽر، سال 1922ع، پارٽ پهريون، صفحو 238 کان 240 تائين). انهيءَ اجلاس ۾ پاس ڪيل هڪ ٺهراءَ جي بنياد تي مولانا محمد علي مرحوم ۽ ٻين تي ڪراچي وارو تاريخي مقدمو به هليو هو. مولانا محمد علي سان گڏ هڪ سنڌيءَ، پير غلام مجدد مرحوم به جيل جي سزا کاڌي!

            سنڌين، هجرت جي عشق ۾ پنهنجا گهر ٻار، زمينون ۽ مال ڍڳا نيلام ڪري ڪروڙين روپين جا نقصان سٺا هئا، پر ڪوڙن تاريخ نويسن صرف  اِن ٻڌائڻ کان به ڪيٻايو آهي ته سنڌ ب هجرت ۾ ڪو حصو ورتو هو!

            ڪنهن ڏينهن شايد ڪو خدا جو بندو هجرت جي سچي تاريخ لکي ۽ ان ۾ سنڌ جي قربانين جو تفصيل ڏئي.

            هجرت جي سلسلي ۾ ساري هندستان اندر سڀني کان پهرين بغاوت جو مقدمو به سنڌ ۾ داخل ٿيو هو؛ رتيديري، ضلع لاڙڪاڻي جي مرحوم علي حسن خان گهانگهيري تي!

 

 

(1) سنڌ ۾ هي ڪوڙا افواه هلايا ويا هئا ته مولانا خود هجرت لاءِ ڪوٺ موڪلي  آهي ۽ هو افغانستان ۾ سندن استقبال لاءِ سڀ انتظام رکيو ويٺو آهي.

(1) ڊاڪٽر شيخ نور محمد حيدرآباد جو نو مسلم، شيخ عبدالرحيم (جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي) جو اڳ ڄائو؛ چند عامل خاندان جو فرد هو. 1953ع ۾ افغانستان کان واپس سنڌ آيو هو. مون کيس سرڪاري نوڪري ۾ رکي سنڌ جي سول اسپتال ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو هو؛ آءُ زماني ۾ سنڌ جو وزير صحت هوس.  – (مصنف)

(1)  انگريز بادشاهه يا لنڊن جي حڪومت سان سڌيءَ خرح لکپڙه ڪرڻ جو به اخيتار ڪو نه هوس.

 

(1) جنگ جي فن جي ماهرن کي معلوم آهي ته جنگين ۽ مقابلن جي دوران ۾، نفسياتي جنگ گولي باروت واريءَ جنگ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي.

(1) سفر خرچ لاءِ مولانا وٽ ڪا موڙي ڪا نه هئي، سواءِ سندس توڪل جي؛ رستي ۾ سندس اهو حال ڏسي سندس هڪ شاگرد ايبڪ پنهنجي پونجي52 سونا پائونڊ سندس حوالي ڪيا.

(1) ڪرشي ريلوي جنگشن هئي، جتان ريل بخارا لاءِ ملڻي هئي.

(1) نادر خان مولانا جي ڪَڍ هڪ قاصد به موڪليو پر هو رستو لهي مولانا تائين پڄي ڪو نه سگهيو.

 

(1) افغانستان کي وچ ۾ آڻڻ جو مقصد هيءُ هو ته ان طريقي سان ”آزاد هندستان“ اندر افغانستان جو اثر ۽ رسوخ قائم رهندو ۽ هندستان جي آزاديءَ م افغانستان به ڀاڱي ڀائيوار ٿي پوندو ۽ اهو جواب ٿيندو هندن جي اُن تحت الشعور اميد جو تهَ انگريز کي ڪڍڻ کان پوءِ هندستان ۾ ”رام راج“ قائم ڪيو ويندو يا به حالت مجبوري، راجه مهندر پرتاب جي اسڪيم موجب، نيپال جي هندو راجا کي اڳ ۾ ڪيو ويندو.انهن امڪانن ۽ خطرن جي سد باب لاءِ مولانا، امان الله خان ۽ حبيب الله خان وارن جون ڪارستانيون وساري به، افغانستان کي هندستان جي مستقبل واريءَ تصوير ۾ موجود رکڻ ٿي گهريو.

            البته سندس اها خواهش ضرور هئي ته سندس خوابن واري افغانستان جو اڳواڻ جنرل نادر خان هجي.

            مولانا جي سوچ جي انهيءَ انداز مان شڪ جاڳي ٿو ته، وچ جي سمورين دل شڪنين جي باوجود نادر خان ۽ سندس وچ ۾ مستقبل جي باري ۾ اڃا به ڪا فڪري هم آهنگي هئي. جنهنڪري مولانا افغانستان ۽ نادر خان کي هندستان جي معاملن ۾ وچ ۾ آڻڻ کان باز نه ٿي آيو.

(1) مولانا هِن خواهش جو اظهار ڪيو ته هو ماسڪو مان هڪدم موٽي وڃي ڪابل ۾ رهي ۽ اُتان اهي رابطا قائم ڪري. پر روس جي وزير خارجه کيس چيو ته ”ڪابل وارن اڳ ۾ جيڪو سلوڪ اوهان سان ڪيو آهي تنهن جو اسان کي پتو آهي؛ اوهان وري موٽي وڃي امان الله جي ڪوڙڪيءَ ۾ نه ڦاسو؛ ترڪيءَ مان وڃي اهو ڪم ڪيو. سفر وغيره جي سهوليتن مهيا ڪرڻ لاءِ اسان تيار اهيون.“ تنهن تي فيصلو ٿيو ته مولانا ڪابل موٽڻ بدران ترڪيءَ وڃي.

(1) ان وقت تائين ته نه اڃا ايٽم بم بڻيو هو، نه پنسلين نڪتي هئي، نه انسان چند تي پير گهمائي آيو هو.

(1) مولانا واپس ڪراچيءَ پهتو ته هڪ مجلس ۾ ”حالات حاصره.“ تي تقرير ڪرڻ لاءِ کيس مدعو ڪيائون. سندس مرجبائي انهن اکرن سان ڪئي ويئي هئي؛ .شعر عرض کرتا هن، مطلع هي، ملاحظه فرمائيي؛

            مسلم هو تو مسلم ليگ ۾ آ.“

مولانا ان ذهنيت کي برداشت ڪري نه سگهيو ۽ اُٿي هليو ويو.

(1) وقت جو وڏو عالم دين، ان وقت تائين اڃا روسين کيس هٿ ڪو نه لاتو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org