سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: امام انقلاب

 مولانا عبيدالله سنڌي رحه

باب: --

صفحو :1

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رحه

پير علي محمد راشدي

 

امام انقلاب

حضرت مولانا عُبيد الله سنڌي رحه

(1972-1944)

 

        حضرت  مولانا عُبيد الله سنڌي رحه 10 مارچ 1972ع ۾ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. 15 آگست 1987ع ۾ جڏهن پاڻ ڄام پور ضلع ديره غازي خان ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو. تڏهن اظهارِ اسلام لاءِ نڪري پيو ۽ سنڌ ۾ پهچي سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت ڪيائين. 1988ع ۾ ديوبند جي درسگاهه ۾ داخل ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي جماعت جي اندروني حلقي ۾ داخل ٿيو. 1915ع ۾ حضرت شيخ الهند رحه جي حڪم سان ڪابل ڏانهن تشريف فرما ٿيو ۽ اُتي ستن سالن تائين سياسي ڪم ڪندا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾ امير امان الله خان مرحوم هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي. جنهن بعد افغانستان برطانوي اتر کان آزاد ٿيو.

1922ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندا ترڪي ويا. جتي 1924ع ۾ اردو ۾ ۽ 1926ع ۾ انگريزي ۾ پنهنجو اهو شهرهء آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رُخ  بدلائي ڇڏيو. ان ۾ پهريون ڀيرو مطالبو پيش ڪيو ويو ته بر عظيم پاڪ و هند کي ورهايو وڃي. 1927ع ۾ پاڻ مڪه مڪرم پهتو جتي ٻارهن سال رهي ۽ امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. 7 مارچ 1939ع ۾ جلاوطني کان واپس اچي ڪراچيءَ پهتو. ان غرض سان وطن واپس تشريف فرما دٿيا ته بر عظيم ۾ آزادي ملڻ بعد مسلمان فلسفهء ولي الله کي پنهنجي نظام جو بنياد بنائين. حالانڪه پاڻ پنجن سالن تائين امام ولي الله دهلوي رحه جي فلسفي جي تشريح اشاعت ڪندو رهيو. پاڻ ان فلسفي جي تدريس جي لاءِ بيت الحڪمت پڻ قائم ڪيا. بيت الهڪمت لاهور نومبر 1940ع ۾ قائم ڪيائين ۽ 15 مارچ 1944ع تي فلسفهء ولي الله جي اشاعت جي لاءِ ولي الله سوسائٽي لاهور جو بنيات رکيائين. پاڻ 21، آگسٽ 1944ع تي فوت ٿيو ۽ دين پور (بهاولپور) ۾ دفن ٿيو.

تصنيفات:

        ”التمهيد في ائمة التجديد“ شاه ولي الله ۽ اُن جي سياسي تحريڪ، شاه ولي الله ۽ ان جو فلسفهء محموديه، خطبات، اردو شرح حجة الله البالغ جلد اول، مبحث اول و دوئم، سلسله تفسير قرآن وغيره. ان کان علاوه اڪثر مقالات امالي جي صورت ۾ قلم بندا ڪرايا. جيڪي ولي الله سوسائٽي پاڪستان لاهور وٽ محفوظ آهن.

ولي الله سوسائٽي پاڪستان ڇا آهي؟

        هن سوسائٽيءَ جو مقصد وحيد امام ولي الله دهلوي جي فلسفي جي اشاعت آهي. امام انقلاب حضرت مولانا عُبيد الله سنڌي رحه جن هن فلسفي جي خصوصي مطالعي ۾ پنهنجي پوري عمر گذاري ڇڏي ۽ سوسائٽي قائم ڪئي. جنهن تحت هن فلسلفي جي خصوصي مطالعي جي لاءِ ”بيت الحڪمت“ ۽ ان جي تحقيقات ۽ ٻئي گهري فڪر سان گڏ تقابل ڪرڻ لاءِ ”امام ولي الله اڪيڊمي“ قائم آهي ۽ هن فڪر ۽ تشريح ۽ اشاعت جي لاءِ ”مڪتبهء بيت الحڪمت، ڪتاب ۽ رسالا شايع ڪندو رهي ٿو. هيءَ سوسائٽي هڪ غير سياسي ادارو آهي. هن اداري جي اڳيان هيٺيان تعليمي ۽ تبليغي پروگرام آهن.

 

فلسفهء ولي الله جي اشعات ۽ تبليغ ڪرڻ

هن فلسفي جي اشاعت جي لاءِ اشاعتي ادارو قائم ڪرڻ.

هن فلسفي جي تدريس جي لاءِ درسگاهون قائم ڪرڻ.

هن فلسفي جي بيناد تي مثالي اسلامي معاشرن جي تشڪيل ڪرڻ.

آفيس جو پته: 233 ـــ اين، سمن آباد لاهور.

 

عرض حال

 

        سنڌي ادبي بورڊ جي قابل احترام چيئرمين، جناب قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب جن جي خاص ڏنل هدايتن تي سنڌي ادبي بورڊ سال 91-1992ع لاءِ رٿيل پروگرام موجوب بورڊ پراڻن ناياب ٿيل ڪتابن جي اشاعت سان گڏ مختلف موضوعن تي ست کن نوان ڪتاب پڻ شايع ڪرڻ جو جيڪو شيڊول ٺاهيو آهي تنهن موجب هي ڪتاب ”امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي رحه“ ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

        سنڌي ادبي بورڊ جي اها به روايت آهي ته هن اداري پنهنجي سنڌ سونهاري توڙي سندس املهه سپوتن ۽ سرويچ شخصيتن جي ڪارنامن، جن کي دنيا جي مڃتا مليل آهي، تن کان نه رڳو اسان جا نوجوان روشناس رهن بلڪه انهن کان مشعل راهه جو ڪم وٺي پنهنجي سٺي، باعزت ۽ با مقصد زندگي گذاري سگهن.

        زير نظر ڪتاب جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هي حضرت مولانا عبيد الله سنڌي رحه امام انقلاب جي سوانح عمري جنهن کي سنڌ جي هڪ مڃيل ڏات ڌڻي پير علي محمد شاهه راشدي پنهنجي خداداد صلاحيت ۽ پنهنجي مخصوص اندازِ بيان ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ حضرت مولانا جي حقيقي ۽ اصل ايمان افروز  قد آور شخصيت کي نمايان ڪرڻ لاءِ قلمبند ڪيو.

        اميد ٿا ڪريون ته پڙهندڙن کي بورڊ جي هيءَ ڪارائتي ڪوشش ۽ اشاعت پسند ايندي.

 

ڄام شورو سنڌ                                پروفيسر محبوب سروري

11 سوال 1412 هه                                    سيڪريٽري

15 اپريل 1992ع        سنڌي ادبي

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org