سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: امام انقلاب

 مولانا عبيدالله سنڌي رحه

باب:--

صفحو : 4

جولاءِ 1923ع جي وچ ڌاري، مولانا ماسڪو مان مڏي پٽي، وڃي ترڪيءَ پهتو، سندس استقبال لاءِ اُتي به انقلاب موجود هو.

        انقلاب جي مولانا سان ڪا خاص ياراني هئي؛ جيڏانهن ويو ٿي ته انقلاب سندس اڳ ۾ هوندو هو يا پُٺ ۾؛

        مثلاََ افغانستان ويو ته اُتي انقلاب آيو؛ روس رسيو ته انقلاب جو چڪر چالو ٿي چڪو هو؛ هينئر ترڪي ۾ قدم رکيائين ته اُتي به انقلاب جو آڙاهه متل ڏٺائين (2)

        غازي مصطفيٰ ڪمال پاشا پراڻي، ۽ جنگ مان تباهه حال ٿي نڪتل، ترڪي کي دوباره پيرن تي کڙي ڪرڻ ۽ دشمنن جي نرغي کان ڪڍڻ لاءِ مختلف محاذن تي لڙائيون لَڙي رهيو هو.

        اڃا هاڻ استنبول مان انگريزي فوجن کي ڪڍيو هئائين؛ ترڪيءَ جي سلطان وحيدالدين، جيڪو خليفته المسلمين به هو، ڀڄي وڃي انگريزن جي جنگي جهاز ۾ پناهه ورتي هئي، جنهنڪري مصطفيٰ ڪمال کي نئون نظام حڪومت ٺاهڻو پيو؛ ترڪي جي ايمپائر ٽٽي ٽڪر ٽڪر ٿي ويئي هئي؛ ترڪيءَ وٽ باقي اهو ٽُڪرو ملڪ جو وڃي بچيو هو جنهن ۾زياده ته تُرڪ آبادي ويٺل هئي. خلافت جي ترڪيءَ کي عالم اسلام  وٽان ڪا اثرائتي مدد ڪا نه پهچي سگهي هئي؛ پاڻ جن ملڪن ان موقعي جو فائدو وٺي ترڪيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي هئي،  سندس دشمنن جي مدد ڪئي هئي، سي سڀ مسلمان هئا، مثلاَََ حجاز، شام، لبنان، مصر، عراق، فلسطين. افغانستان جو امير صاحب به نفس نفيس ان انتظار ۾ رهيو هو ته ترڪي  ختم ٿئي ته پاڻ خليفته المسلمين بڻجي.

هندستان جي مسلمانن البته تحريڪ هلائي هئي پر هو پاڻ انگريزن جا غلام هئا ۽ سواءِ ٺهرائن پاس ڪرڻ يا انگريزکي منتن ڪرڻ لاءِ وفدن وٺي وڃڻ جي ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهيا ٿي ۽ نه ڪري سگهيا هئا. علاوه ان جي، ترڪيءَ ۾ خلافت جي هجڻ ڪري ترڪيءَ تي اهڙو بار پيو ٿي جنهن جي کڻڻ جي، نين  حالتن هيٺ، ۽ ذڪر ڪيل تجربن بعد، ترڪيءَ ۾ طاقت ڪا نه رهي هئي(يعني فائدو ڪجهه ڪو نه، اٽلندو دشمني ساريءَ غير مسلم دنيا جي؛ ترڪيءَ جو سلطان، بحيثيت خليفته المسلمين، ڄڻ باقي دنيا جي ڪُک ۾ ڪان وانگر رهيو هو).

        مصطفيٰ ڪمال تنهنڪري نئين ترڪيءَ جي تعمير، نون اصولن تي ڪرڻ شروع ڪئي هئي.

        سلطانيءَ کي ختم ڪري جمهوريت قائم ڪئي هئائين جنهن جو پاڻ صدر بنيو هو ۽ عصمت پاشا، وزيراعظم، دار الحڪومت استنبول بدران انگورا (انقره) منتقل ڪري ڇڏيو هئائين.

        وحيد الدين جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ، 6 آڪٽوبر 1923 ع کان 3 مارچ 1924ع تائين، عبدالمجيد خان کي ٺلهو خليفو رهڻ ڏنو هئائين. پر ان کان پوءِ ان کي به جلا وطن ڪري خلافت جو اداروئي ترڪيءَ مان تمام ڪري ڇڏيائين.

        پر انهن معاملن هلندي مولانا عبيدالله ترڪيءَ ۾ پهچي ويو هو. لازم هو ته هاڻي سندس دماغ ۾ ترڪي جا معاملا به اضافي پريشانيءَ جو باعث بڻجن؛ مثلاََ (1) خلافت جي اداري جو مستقبل چا ٿيندو؟ ڇا مسلمانان عالم جي ڪا مرڪزي شخصيت يا قيادت ڪا نه رهندي؟ (2) نئين ترڪيءَ جو اسلام سان ڪيتريقدررشتو رهندو؟ ۽ (3) چالو انقلابي نئين تعمير جي سانحي مان خود ترڪي ڪهڙي صورت اختيار ڪري نڪرندي؟

        جهاز مان لهي سڌو انقره پهتو، مصطفيٰ ڪمال سان ملڻ ذرا مشڪل هو، وزيراعظم عصمت پاشا سان ملاقات ڪيائين. بدقسمتيءَ سا ع - زبان -  يار من ترکي ومن ترکي نميدانم. ٻئي هڪٻئي جون ڳالهيون سمجهي نه سگهيا. اشارن وسيلي منجهين صرف ايترو طئي ٿي سگهيو ته مولانا استنبول ۾ رهي سگهندو ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ محدود ڪم هلائڻ جي اجازت هوندس.

        مولانا جي استنبول ۾ منزل تقريباََ ٽي سال رهي، هڪ طرف ته هو هندستان جي مسئلي جي باري ۾ ميدان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ۽ ٻي طرف خود ترڪيءَ اندر ٿيندڙ اصلاحات جو مطالع ڪندو رهيو، ترڪي به ساڳي مونجهاري مان نڪرڻ لاءِ ڪو شان هئي جنهن مونجهاري ۾ مولانا پاڻ به مبتلا رهيو ٿي، يعني نون عالمي انقلابي رجحانن کي مسلمان سوسائٽي لاءِ ڪيئن متوازن بڻائجي ۽ انهن جي تباهه ڪن پهلوئن کان کيس محفوظ رکجي، جيئن نون دٻائن هيٺ بنهه پر لئي ٿي نه وڃي.

        مصطفيٰ ڪمال پاشا، پاڻ وچ جي رستي ڳولڻ ۾ مشغول هو. هو جيڪي اصلاحات نافذ ڪندو ٿي ويو، تن کي مولانا همدرديءَ جي نظر سان چڪاسيندو رهيو. مختصراََ اصلاحات هي هئا:

        (1) جمهوريت

        (2) انتظاميه مغربي خطوط تي استوار ٿئي جيئن ويهين صديءَ جون انساني ۽ سوشل تقاضائون پوريون ڪري سگهي؛

        (3) مذهب فرد جو ذاتي معاملو رهي. حڪومت محض سياسي جمهوريه هجي. مذهب کي سياست جي جهيڙن کان بالا رکجي، ساڳئي وقت ڪميونسٽ پارٽي به قانوناََ ممنوع هوندي؛

        (4) عورتن  کي پردي ۽ برقعي مان ڪڍي ڪاروباري زندکيءَ ۾ مردن سان همسريءَ جومقام ڏجي، جيئن ملڪ جي اڌ آبادي عضو معطل رهي ٻئي اڌ آباديءَ تي بار بڻجي نه پوي ۽ مجموعي طرح ملڪ ان پسمانده اڌ آباديءَ جي تخليقي قوتن جي فائدي وٺڻ کان محروم نه رهي.

        (5) رومن صورتخطي رائج ڪجي؛   

        (6) تعليم عام ڪجي، جيئن هڪ مقرر عرصي کان پوءِ ڪو به ماڻهو جاهل نه رهي؛

        (7) پرانا قسما قسم جا لباس ڇڏائي، هڪ مغربي لباس عام ڪجي جيئن جديد زندگيءَ جي ضرور تن جي پورائي ۾ سهولت رهي (فوجي زندگيءَ ۾ مغربي لباس ته روزمره جي زندگيءَ ۾ ڇو نه؟)

        (8) صدين کان هلندڙ پراڻي نطام جون نشانيون، لقب، خطاب، جاگيرون، منصب، وغيره منسوخ،

        (9) ڪجهه عائلي قانون.

        مولانا ان پروگرام جي ڪا مخالفت ڪا نه ڪئي. جيڪڏهن مخالف هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ترڪي ته ڇڏي وڃي ها، پر هو اُت ويٺو ويٺو رهيو. پاڻ هندستان موٽي اچڻ کان پوءِ جيڪي پروگرام ملڪ اڳيان پيش ڪندو رهيو، تنهن مان پتو پيو ٿي ته هو ترڪيءَ جي اصلاحاتي سوچ جي مخالف ڪو نه هو.

        ان هوندي به مولانا هڪ ڀيرو هيءُ ڪوشش ضرور ڪئي ته ترڪيءَ جي اصلاحات کي اهڙين حدن اندر رکجي جيئن هو غير متوازن ٿي ترڪ قوم کي اسلامي نظريات کان هميشه لاءِ بيگانو بڻائي نه ڇڏين. ان نيت سان هن اسڪيم پيش ڪئي ته استنبول ۾ هڪ بين الاقوامي مسلم يونيورسٽي International Muslim University قائم ڪئي وڃي، پر ترڪيءَ جي ڪنهن به پارٽي ان جي پٺڀرائي ڪا نه ڪئي.

        ان سلسلي ۾ هن روف بڪ سان به ملاقات ڪئي، جيڪو صاحب اپوزيشن (جمهوريت ترقي پرور پارٽيءَ) جو اڳواڻ هو. روف بڪ کيس صاف چيو ته جيڪڏهن سندس پارٽيءَ اهڙي ڪا ڳالهه کنئي ته مٿس الزام ايندو ته هو وري اسلامي روايتن کي زندهه ڪرڻ گهري ٿي، جيڪا ڳالهه وقت جي حالتن سارو مناسب نه ٿيندي.

        مولانا پوءِ ترڪيءَ جي معاملات کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري پنهنجو سارو توجه هندستان جي تحريڪ آزادي تي ڏيڻ شروع ڪيو.

*                          *                              *

        هندستان مان يورپ ويندي ڪي ماڻهو ترڪي ڏسڻ لاءِ استنبول مان به ٿيندا هئا. مولانا ڪوشش ڪئي ته اهڙن ڪن خاص ماڻهن سان ملي سندن ذريعي هندستان جي سياسي قيادت سان رابطو قائم ڪري، پر نتيجو هميشه الٽو نڪرندو رهيو.

        لاله لاجپت راءِ هندستان جي مشهور ڪانگريسي ليڊر سان ملاقات ٿيس. ساڻس روس سان ڪيل عهدنامي جي خبر ڪيائين ۽ مٿس بار رکيائين ته هو هندستان واپس پهچي ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ کي پيغام پهچائي ته هو ان  عهدنامي تي عمل ڪندي، افغانستان جي رستي سان روسي امداد حاصل ڪرڻ جو بندوبست ڪري.

        لاجپت راءِ ڪانگريس سان گڏ هندو آريه سماج جو به اڳواڻ هو؛ اَريه سماج جو اصول هيءَ هو ته هندستان مان مسلمانن جو نانءَ نشان مٽائي ڇڏجي. مولانا اهڙي ماڻهو تي ڪيئن اعتماد ڪيو، سا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي شايد کيس انهيءَ ڦيري ۽ تغير جي خبر ڪانه هئي جيڪو هندستان جي اندروني حالتن ۾ 1915ع کان 1924ع تائين سندس غير حاصريءَ ۾ اچي ويو هو. هن سمجهيو پي ته 1924ع ۾ به ڪانگريس جا هندو ليڊر انهن ئي نيشلسٽ ۽ غير فرقيوارانه اصولن تي قائم هوندا جن تي هو 1915ع ۾ بيٺل هئا، پر مولانا جو اهو خيال صحيح نه هو.

        لاجپت راءِ هندستان پهچي، پاڻ جهڙي ذهنيت رکندڙ اڳواڻ پنڊت مدن موهن مالويه کي خبردار ڪيو ته عبيدالله هندستان تي دوباره مسلمانن جي قبضي ڪرائڻ افغانستان کي روس جي پٺڀرائي سان هندستان جي معاملن ۾ دخل ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو آهي، جيڪا صورتحال مستقبل جي باري ۾ هندن جي خيالن ۽ منصوبن لاءِ گهاتڪ ثابت ٿيڻي آهي

        مالويه تنهن تي بلڪل اُٿي کڙو تيو. نه فقط ڪانگريس کي روس مان عبيدالله جي ڪيل عهدنامي مطابق فائدو وٺڻ ڪو نه ڏنائين، اٽلندو هندستان اندر هندن کي مسلمانن سان ويڙهائڻ لاءِ اَريه سماج ۽ هندو مهاسڀا جي پُٺي ٺپي کليو کلايو خوني طوفان کڙو ڪرائي ڇڏيائين. اڄ به تاريخ کولي ڏسو؛ سال 1924ع فرقيوارانه ڪشمڪش ۽ خوني فسادن ۽ واقعن جو سال نظر ايندو. انهن ڏينهن جون جدا ٿيل قومون وري ڪڏهن پاڻ ۾ گڏجي ڪو نه سگهيون.

        اهو نتيجو نڪتو لاجپت راءِ سان مولانا جي راز ونڊڻ جو.

        ٻي ڪوشش سندس طرفان هيءَ ٿي ته هو ڪنهن طرح سان عهدنامي جي خبر هندستان ۾ ڪانگريس جي مسلمان اڳواڻ ڊاڪٽر انصاري تائين پهچرائي. ان ڪم لاءِ سندن نظر هڪ ڏٺي وائٺي هندستاني مسلمان قومي ڪارڪن تي پئي، جيڪو يورپ مان موٽندي استنبول مان گذري رهيو هو. مولانا کيس (هندستان پهچڻ کان پوءِ سفر خرچ لاءِ) هڪ سؤ پاؤنڊ ڏئي مٿس اهو بار رکيو ته هو ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملي ساڻس روسي عهدنامي جي ڳالهه ڪري. سال کان پوءِ ڊاڪٽر انصاري خود استنبول آيو، مولانا کي ٻڌايائين ته اُن قاصد نه ساڻس ملاقات ڪئي هئي ۽ نه اهو پيغام کيس پهچايو هو.

        وچان مولانا غريب جا سؤ پاؤنڊ ئي حرام ٿي ويا!

*                            *                            *

        مولانا انهن ڪوششن سان گڏوگڏ آزاد هندستان لاءِ هڪ آئين جو مسودو به جوڙيو ۽ ان آئين جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ هڪ پارٽي جي تنظيم جو خاڪو به ٺاهيائين.

        ان وقت تائين آزاديءَ جي تحريڪن جو سارو زور آزاديءَ حاصل ڪرڻ تي هوندو هو. پر آزادي ملڻ کان پوءِ هندستان جو چرخو ڪيئن هلندو، تنهن جي تفصيل تائين اڃان ڪنهن جو خيال ڪو نه پهتو هو. 

        مولانا ان گهٽتائي کي پوري ڪرڻ جي ۡڪوشس ڪئي ته جيئن مستقبل جي باري ۾ ڪو مونجهارو نه رهي ۽ پوءِ جهيڙا پيدا نه ٿين. هُن جو خيال هو ته جيڪڏهن اوچتو آزادي ملي ويئي ۽ مستقبل جي باري ۾ ماڻهن جا ذهن اڳواٽ صاف نه هوندا ته لازماََ خانه جنگي لڳندي جيڪا آزاديءَ خود کي عام ماڻهن لاءِ سخت نقصانڪار ثابت ڪندي.

        مولانا جي تجويز ڪيل اِن آئيني مسودي جو تفصيل پيش ڪجي ان کان پهريان ضروري آهي ته ان سان واسطو رکندڙ ٻه ٽي ڳالهيون قلمبند ڪري ڇڏجن. مثلاََ:

        (1) مولانا رٿيل پارٽيءَ جو نالو ”سروراجيه پارٽي (1)“ رکيو. ”سرو“ جي معنيٰ هنديءَ ۾ ”سڀ جي“ آهي يعني اها پارٽي سڀ جي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندي؛ ان پارٽي جي ٺاهيندڙ انڊين نيشنل ڪانگريس  جي ڪابل شاخ بڻي، پر پارٽي، عملاََ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي نظام جي ذيلي تنظيم ٿي رهڻي هئي.

(2) آئين جي مسودي جون ڪوپيون استنبول ۾ ڇپارائي هندستان موڪلڻ لاءِ تيار رکيون ويون، ارادو هُون ته ڪو خاص قاصد اهي ڪاپيون هندستان کڻي وڃي دستي وراهيندڙ، قاصد جي خرچ لاءِ هڪ سؤ پاؤنڊ جي بندوبست به ڪيو ويو. پر جڏهن اهي پيسا موصول ٿيا ته ڪو گهر جو چور مولانا جي هڪ رفيق جي پيتيءَ جو ڪُنڍو ڀڃي رقم اُڌائي ويو. مجبوراََ ڪاپيون ٽپال رستي موڪلڻيون پيون، هندستان پهچندي ئي ڪسٽم وارن انهن جي تقسيم روڪي ڇڏي ۽ حڪومت هند 15 مئي 1925 ع جو گزيٽ ڪڍي انهن کي ضبط ڪيو ۽ هندستان اندر انهن جي تقسيم ممنوع ڪري ڇڏي انه وندي به ڪجهه ڪاپيون صحيح ماڻهن تائين پهچي ويون. پر انهن مٿن غور ڪو نه ڪيو ڇو ته الله تعاليٰ ڪانگريس قيادت کي مولانا جيتري ڊگهي نظر عطا ڪا نه ڪئي هئي. منجهائن هر ڪو ”آزادي“ ”آزادي“ پڪارڻ ۾ ته مصروف هو؛ پر ڪنهن اهو خيال ڪو نه ٿي ڪيو ته: ”آزاديءَ کان پوءِ ڇا؟-- نتيجو اهو نڪتو جو مستقبل جي آئين جي باري ۾ مونجهاري باقي رهڻ ڪري آزادي ملندي شرط طوفان کَڙا ٿي ويا؛ لکين بيگناهه انسان مارجي ويا؛ ۽ ڪن علاقن ۾ بي اطميناني پوءِ به رهجي ويئي جنهنڪري زير لب ڀُڻ ڀُڻ ۽ زير زمين جدائي جون تحريڪون وري به جاري رهيون (مثلاََ ميزو، ناگا، مرهٽا“ سِکُ  وغيره)،

*                         *                          *

 

        مولانا جي سوچيل آئيني اسڪيم هن لخاظ سان به تاريخي اهميت ٿي رکي ته اها پهرين آئيني اسڪيم هئي جيڪا ٺهي شايع ٿي هئي. ان کان پهريان(1) آزاد هندستان جي آئيني مسئلن جي باري ۾ اهڙي تعميري انداز ۾، ۽ ايتري تفصيل سان ڪنهن به سياسي مفڪر ڪو نه سوچيو هو.

        آءُ ان اهم تاريخي دستاويز کي ناپيد ٿي وڃڻ کان بچائڻ ۽ مستقبل جي مورخن کي ان کان با خبر رکڻ خاطر حاشيءَ (2) ۾ نقل ڪري ڇڏيان ٿو.

پر آئين جي باري ۾ مولانا صاحب جي سوچ ۽ هندستان جي ليڊرن جي سوچ ۾ وڏو فرق هو.

مولانا جي سوچ هڪ ڊگهي نظر رکندڙ فلاسفر جي سوچ هئي جنهن کي آئين جي اهميت، مستقبل ۾ پيش ايندڙ امڪاني ضرورتن ۽ هندستان جي خاص  حالتن جو صحيح انداز هو. هن جو خيال هو ته آئين هڪ مقدس دستاويز ٿئي ٿو جنهن جو تقدس وري وري تنسيخ يا ترميمن سان پامال نه ٿيو آهي؛ تنهنڪري پهريان ئي اهڙي شيء ٺاهي ڇڏجي جيڪا آئينده جي مڙني ڦرندڙ حالتن ۽ پيدا ٿيندڙ ضرورتن جي ڪفالت بغير ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ يا خوني انقلاب جي ڪندي رهي. ٻيو هيءُ اصول مدنظر هوس ته هندستان اندر مذهبن کي تحفظ ڏجي دنيا اندر پکڙندڙ لاديني رجحان سنٽرل ايشيا وانگر، هن برصغير مان به مورڳو مذهبن کي نيڪالي نه ڏئي ڇڏي؛ ساڳيو وقت مذهبن کي به اهڙيءَ متوازن ۽ Rational پوزيشن ۾ رکجي جو هو جاهلن ۽ متعصب سياسي، سماجي طالع آزما ماڻهن جي قبضي ۾ اچي نه پاڻ ۾ هڪٻئي لاءِ باعث افساد ۽ خانه جنگي بنجڻ، ۽ نه جنوني حد تائين پهچي عوام يا خود پنهنجن پيرون لاءِ  سبب آزار ۽ Nuisance  ٿي پون -- يا وري وٽجي، مروڙجي،مسخ ٿي، اهڙي بگڙيل صورت اختيار ڪن جيڪا اينددڙ نئين زماني جي انقلابي ۽ منطقي تمدني تصورات ۾ کُپي نه سگهي ۽ ايتري قدر رجاعيت ۽ وحشي پڻي تي دلالت ڪرڻ لڳي جو اُن کي مٽائي ڇڏڻ عالمي انساني برادري، پنهنجي تهذيبي ۽ ترقي پسنديءَ جي تقاضائن جي عين مطابق سمجي (جيئن غلاميءَ Slavery ”يا سستيءَ جي رسم( خلاف انساني بنيادن تي عالمي تحريڪ هلي ان کي بنهه ختم ڪرائي ڇڏيو حالانڪ غلامي ڪن مذهبي ۾ به جائز هئي.)

        ٽيون اصول هيءُ سامهون رکڻو پيو هوس ته پراڻو دقيانوسي اقتصاسي ۽ معاشي نظام، هن کان پوءِ، گهڻي وقت تائين، قائم رهي ڪو نه سگهڻو آهي؛ روس اڳ ۾ ئي دنيا کي نئون رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي؛ نئين دنيا جو عوام جيڪا پنهنجي عظيم تعدادي قوت ڪري بي پناهه طاقت، بلڪ ساريءَ سياسي طاقت جو سرچشمو، بنجي چڪو آهي (۽ جنهن ۾ پهرينءَ عالمي جنگ کان پوءِ پنهنجي طاقت جو احساس پيدا ٿيڻ شروع ٿي چڪو آهي). گهڻي وقت تائين روايتي پراڻو سرمايه داري ۽ لُٽ ڦر سان انفرادي تونگري ۽ باقي تائين روايتي پراڻو سرمايه داري ۽ لُٽ ڦر سان انفرادي تونگري ۽ باقي خلق خدا جي اجتماعي محرومي جو محرڪ، نظام(1) برداشت ڪري ڪو نه سگهندو ۽ جيڪڏهن وقت سر اُن جي اصلاح نه ڪئي ويئي ته ممڪن آهي ته جلد يا يه دير، اهڙو شديد خوني تصادم ٿي پوي جيڪو، نُهن کان چوٽيءَ تائين، جملي روايتي، مذهبي ۽ نيم مذهبي معاشر تي نظامن کي ڪاملاََ ساڙي ٻاري خاڪ ڪري ڇڏي. (مولانا جيڪي روس ۾ ڏسي آيو هو تنهن مان ايندڙ زماني جي تصوير جا ڪجهه گوشا سندس اڳيان روشن ٿي چڪا هئا --مثلاََ ساريءَ سنٽرل ايشيا جي مسلماني ملڪن سان روايتي نظام جون پاڙون پٽجي ويون هيون ۽ ان جو اثر مذهبي نظام جون پاڙون پٽجي ويون هوين ۽ ان جو اثر مذهبي نظام تي به پيو هو؛ سنٽرل ايشيا جي مسلمان خواتين اجتماعي پيماني تي محض پردي جي پابنديءَ مان پاڻ ڇڏائڻ ۽ زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ مردن سان همسري حاصل ڪرڻ خاطر، ڪميونزم ۾ ٽپي اِن نئين عتر شرعي نظام جي پکيڙڻ لاءِ Surrogate Proletariat(1) مزدور برادري جو نعم البدل طور ڪم ڪرڻ لڳيون؛ سفيد رشيا ۾ زميندارن کي موروثي زمينن تان بي دخل ڪرائيندي ڪيترن لکن ڪُلڪن (ريسي وڏيرن) کي قتلام ڪيو ويو هو ۽ باقي بچلين ڪيترن لکن کي سائبيريا ڏانهن جلا وطن ڪري کين ٿڌ ۽ بُک وگهي بي موت مرڻ تي مجبور ڪيو ويو هو؛ ان انقلابي نظرياتي نظام جي روس جي ملڪ تائين محدود رهڻ جو به امڪان ڪو نه هو ڇو ته ان کي ساريءَ  دنيا اندر ڦهلائڻ لاءِ روس پنهنجي هر قسم جي ذريعن استعمال ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي چڪـو هــو(2) (هاڻ ته سندس ”ذريعن“ ۾ نيو ڪليئر هٿيار به شامل ٿي چڪا آهن).

اصل ۾ مولانا صاحب ايندڙ زماني ۾ صدين تائين جيڪي ڪجهه اڳواٽ ٿيڻو هو تنهن تي اڳواٽ نظر رکي علاج جو نسخو تيار پئي ڪيو، ۽ هندستان وارن صرف زمانه حال جي حالتن کي ڏسي ستين  (ڙين ۽ ساٺن سِنوڻن جو پئي سوچيو.

*                          *                        *

        مولانا کي استنبول ۾ رهئي ٽي سال پورا ٿي چڪا هئا. سندس لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اُتي گنجائش به ڪانه رهي هئي. مولانا پاڻ لکيو آهي ته ؛ ”(1) مان ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهيو آهيان. مان تحريڪ انحاد اسلام جو تاريخي مطالعو ڪيو  آهي. مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪو مرڪز نظر ڪو نه آيو. تنهنڪري مون ترڪن وانگر پنهنجي اسلامي مذهبي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ داخل ڪرڻ ضروري سمجهيو.“

        1926ع جي شروع ۾ اخباري خبر پڙهيائين ته ايندڙ حج جي موزعي تي، مڪه معطمه ۾ ”موتمر عالم اسلام“ جو اجلاس ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هندستان جا مسلمان ليڊر به اچڻا آهن.

        ان موقعي کي پنهنجن پراڻن ساٿين سان ملڻ ۽ ساڻن رازن ونڊڻ لاءِ غنيمت سمجهي، مولانا او ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. پر استنبول مان ڪو به جهاز حجاز ڏانهن ڪو نه ويندو هو؛ تنهنڪري مولانا پهريان اٽليءَ ويو (2) ۽ اتان  جهاز ۾ سوار ٿي اريٽريا جي مساوا بندر تي وڃي لٿو. پندرهن ڏينهن کان پوءِ اتان جده لاءِ جهاز جو ڪنڪشن مليس. جده پهتو ته موتمر اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويئي هئي ۽ ڊيلگيٽ سڀ موٽي ويل هئا.

        پوءِ ته مولانا لاءِ نه اڳتي وڃڻ جو نه پوئتي ورڻ جو ڪو رستو رهيو. گوڏا کوڙي اُتڙي ئي ويهي رهيو ۽ تعليم ڏيندي ۽ مختلف معاملن تي غور ڪندي پنهنجي زندگيءَ جا پورا ٻارهن سال گذاري ڇڏيائين. هر سال حج تي ويندڙن سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ دربار حبيب صلي الله عليه وسلم جي لطيف ۽ جانفزا هوائن مان مستفيد ٿيندو رهيو. هونءَ به مڪو مڪرمه اسلامي دنيا جو مرڪز هو؛ اُتي ويٺي سندس آڱر ساري عالم اسلام جي نبض تي رهي ٿي سگهي. حجاز جي حڪومت البته کائنس هي وعدو ورتو ته هو اتان ويهي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندو!

        پاڻ پنهنجي خطبات (صفحه 27) ۾ لکي ٿو ته ”مان 13– 14 سال قرآن عظيم ۽ (امام ولي الله جي) حجته الله البالغه جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. تفسير قرآن ۾ جيڪي مقام مشڪل هئا ته جي باري ۾ (مڪي واري زماني ۾) امام ولي الله دهلوي جي اصولن جي روشنيءَ ۾ اطمينان حاصل ڪري سگهيس.“

        مولانا امام موصوف جي ٻين ڪتابن سان گڏ - مولانا اسمعيل شهيد ۽ مولانا محمدقاسم جي تصنيفات جو به مطالعو ڪندو رهيو هو. پاڻ دعويٰ ڪيائين ته: جيڪڏهن مون کي موقعو ڏنو وڃي ته آءُ امام ولي الله کي حڪمت جو مجتهد مستقبل ڪري مڃيان، امام عبدالعزيز دهلوي ۽ مولانا رفيع الدين دهلوي کي ان حڪمت جو منتسب ۽ مولانا اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي رتبي تي تسليم ڪريان ته مان ان حڪمت جو اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو. جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ سنت خلفاع الراشدين ۽ (ج) تاريخ اسلام جي پوري عقلي تشريح  ٿي سگهندي. ان کان پوءِ دنيا جي سڀني مذهبن ۽ آهن جي مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق آسان ٿي پوندي“ (خطبات ص 73).

        جيتريقدر آءُ ان جملي ۾ ڏنل اشارن جي معنيٰ سمجهي سگهيو آهيان، مولانا کي سمورن مذهبن ۾ ڪي هڪجهڙيون ڳالهيون، حقيقتون ۽ حڪمتون نظر اچي رهيون هيون جن جي هن تطبيق (1) ڪرڻ ٿي گهري.

        ان سلسلي ۾ هيءُ به ياد رکڻ گهرجي ته اسان مٿي سندس تحرير جو ھيء جملو به نقل ڪري چڪا آهيون ته: ”مان ٽي سال ترڪيءَ ۾ رهيو آهيان. مون تحريڪ انحاد اسلام جو تاريخي مطالعو ڪيو آهي. تنهنڪري مون ترڪن وانگر پنهنجي اسلامي مذهبي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ داخل ڪرڻ ضروري سمجهيو.“

        ٻنهي جملن کي گڏي پڙهڻ سان پڙهندڙ هن اثر قبول ڪرڻ تي آماده ٿئي ٿو ته مولانا کي مختلف مذهبن  ۾ ڪي شيون غير نزاعي ۽ مشترڪ نظر ٿي آيون ۽ انڪري کيس” پنهنجي اسلامي مذهبي تحريڪ“ کي نيشنل ڪانگريس ۾ (جنهن ۾ هندن جي اڪثريت هئي) داخل ڪندي پنهنجي ان ”اسلامي مذهبي تحريڪ“ لاءِ ڪو خطرو ڪو نه ٿي محسوس ٿيو.

اهو هڪ اهم اصولي نڪتو هو. (ممڪن آهي ته مون غلط سمجهيو هجي. پڙهندڙ پاڻ غور ڪن.)

*                          *                        *

        مولانا جي جلاوطني ٽيويهه سان هلي چڪي هئي. 1937ع ۾ هندستان ۾ نوان آئيني سڌارا آيا هئا جن هيٺ هندستان جي اڪثر صوبن ۾ ڪانگريسي وزارتون قائم ٿيون هيون، سنڌ ۾ خانبهادر الله بخش مرحوم وزارت ڍاهي ويٺو هو، جنهن کان جي.ايم. سيد صاحب ۽ ڪانگريس اسيمبلي ميمبرن پيشگي هي شرط قبول ڪرايو هو ته هو مولانا کي وطن موٽائيندو ۽ سندس خلاف انگريز جون ڪيل ڪاروايون ختم ڪرائيندو.

        هوڏانهن  مولانا پنهنجي مٿي به گهڻيءَ دنيا جو حال ڏسي چڪو هو. مسلمان ملڪن جي منورتي ۽ عالمي اسلامي اتحاد جي تصور جي حقيقت به خود انهن ملڪن ۾ رهي معلوم ڪري ورتي هوائين. ڪجهه وطن جي اُڪير ۽ ڪجهه مسلمان ملڪن جي سردمهري پنهنجو پنهنجو اثر ڏيکاريو. هن مڪي مان سفارتي ذريعي استعمال ڪري حڪومت هند کي مطمئمن(1) ڪيو ته سندس سياست ۽ سوچ جو اصلو ڪو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ حالتون ڦري ويل آهن، تنهنڪري هن کان پوءِ هو انگريز لاءِ هندستان اندر ڪنهن غير معمولي خطري جو باعث ڪونه بڻبو.

        مولانا تان بندش ختم ٿي.

        شروع 1939ع ۾ موٽي اچي ڪراچي بندر تي لٿو سندس استقبال ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ خانبهادر الله بخش مرحوم گلن جا هار کنيو موجود هو.

23 ورهين جو وڇوڙو ختم ٿيو. مولانا ۽ سنڏ وري هم آغوش ٿيا. مارئي موٽي ملير آئي. خود فرمايائين؛

        ع-يه جهاڙيان چمن کي يه ميرا آشيانه!

        مولانا ذاتي تحربن، علم ۽ معلومات جا وڏا خزانا ساڻ کڻي موٽيو هو. اميد هوس ته ملڪي ڀائر انهن مان فائدو وٺندا، پر ڪنهن جي بحت ڪو نه ڀڙايو. سڀني کي چنڊائي کنيو بيٺي هئي. جنس موجود هئي، خريدار ڪو نه پيدا ٿيو.

*                          *                        *

        ملڪ جون حالتون ۽ سياسي جماعتن جون پاليسون ڦري ويل هيون. 1924ع ۾ جنهن هندو مسلم نفاق جي شروعات ٿي هئي، سو هينئر 1939ع ۾ وڌي ساري ملڪ کي وبا وانگر وچڙي ويو هو. مولانا جي ڪراچيءَ پهچڻ کان چار پنج مهينا اڳ ساڳيءَ ڪراچي ۾ سندس پراڻي سنگتي شيخ عبدالمجيد مرحوم جي تحريڪ تي مسلم ليگ ٺهراءَ پاس ڪري چڪي هئي، جنهن جي معنيٰ هيءَ هئي ته هندستان اندر هندو ۽ مسلمان هڪ گڏيل نظام حڪومت هيٺ رهي ڪونه ٿا سگهن، تنهنڪري ملڪ کي ٽوڙي ٻه وفاق (فيڊريشن) بڻايا وڃن هڪ مسلمانن جو، ٻيو هندن جو. خود سنڌ اندر اسيمبلي سياست تي هندن ۽ مسلمانن ۾ شديد وڳوڙ هلي رهيو هو حالانڪ سنڌ کي بمبئي کان جدا ٿئي اڃان مس اڍائي ٻه سال گذريا هئا. هندستان جي ٻين صوبن ۾ جت تازو صوبائي ڪانگريس وزارتون قائم ٿيون هيون، مسلمان شديد شڪايتون ڪرڻ لڳا هئا. مولانا کي سمجهڻ ۽ ساٿ ڏيڻ وارا گهڻو ڪري سڀ پراڻا رفيق فوت ٿي ويل هئا--مثلاََ حضرت مولانا محمود الحسن عليه الرحمته، حضرت مولانا عبدالباري عليه الرحمت، مولانا محمد علي مرحوم، مولانا شوڪت علي مرحوم، حڪيم اجمل خان مرحوم، ڊاڪٽر انصاري مرحوم، سرڳواسي سي-آر-داس ۽ ٻيا ڪيترا هندستان مان؛ ۽سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي رح، حضرت پير سائين رشدالله شاه رح  جهنڊي وارو، پير محبوب شاه رح، پير سائين تراب علي شاه رح، رئيس ميان جان محمد جوڻيجو مرحوم.

        هندستان جي قيادت ڪو تاه نظر هندن ۽ سنڌ جي قيادت وڏيرن جي ور چڙهي ويل هئي. مولانا جي ڳالهه ٻڌي ته ڪير، سمجهي ته ڪير؟

        -گهورون ٿا گهورين پر پلو جهليدڙ ڪو نه آ.

        مولانا کي هت آئي اڃان مشڪل سان پنج مهينا گذريا هئا ته ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي ويئي هئي، جنهن ڦِر ڪوئي ڦيرائي ڇڏيو.

        پوءِ ته سياست ۾ هوش جي جاءِ جوش ورتي؛ ماڻهن دماغ جو ڪم زبان کان وٺڻ شروع ڪيو. اسان جي مولانا وٽ نه جوش هو، نه اهڙي زبان هئي. اِن جنوني ماحول ۾ مولانا سياسي معاملات جو رُخ موڙي ها سو ڪهڙيءَ طرح”

        محسوس ڪيائين ته ”حال“ ته هنگامه آرائي جي حوالي ٿي چڪو آهي؛ ڪوشس ڪجي جيڪڏهن ”مستقبل“ لاءِ ڪجهه ڪري وڃجي.

        سندس روءِ سخن ان کان پوءِ نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن طرف رهيو.

        پنهنجي پهرئين ئي بيان جي شروعات هن فارسي شعر سان ڪيائين، جنهن مان سندس ارشادات جو رخ معلوم پي ٿيو.

        نصيحت گوش کن جانان که از جان دوست تر دارند

        جوانانِ سعادت مند پند - پير دانا را.

        بي عالمي لڙائي سپٽمبر 1939ع ۾ شروع ٿي. مولانا تاڙي ويو ته (1) لڙائي هلندي هر هنڌ تعطل رهندو (2) لڙائي ۾ ڪاميابي انگريز کي حاصل ٿيندي (3) لڙائي ختم ٿيندي هندستان جي مستقبل جو نقشو صاف ٿيڻ شروع ٿيندو.

هينئر سڀ ڳالهه ختم ٿي چڪي آهي. صرف ان زماني جا ڪاغذ اسان جي سامهون رهجي ويا آهن. انهن کي چڪاسڻ مان پتو پوي ٿو ته ان دور جي مختلف سياسي ماڻهن جي فڪر ۾ ڪيتري قدر اوُنهائي هئي. انگريز جي ناڪامي جو تقريباََ سڀ ڪنهن کي يقين هو. ڪن سمجهيو ٿي ته ان جي جاءِ تي جاپان ايندو؛ ڪن جو خيال هو ته هٽلر هت پهچندو. انگريز جي بچڻ جو ڪنهن کي آسرو ڪو نه هو.

        مولانا عبيدالله ئي هڪ اهڙو بالغ نظر سياسي مفڪر هو جنهن جي تصور ۾ ئي اها ڳالهه ڪا نه آئي ته لڙائي ۾ انگريز ايتري قدر هارائيندو جو هندستان سان سندس ڪو واسطو ڪو نه رهندو. مثلاََ جنگ لڳي اڃان چند هفتا مس گذريا هئا ته مولانا ٺٽي ضلع ڪانگريس ڪميٽي جي ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته؛

        ”توڙي جو يورپ جي جنگ لڳي اڃان هفتا گذريا آهن، پر مان ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي ان جي (پس منظر جي) باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌندو ۽ معلوم ڪندو رهيو  آهيان. منهنجي مستحڪم راءِ آهي ته اسان کي هن وقت بغير ڪنهن به شرط وڌي انگريز جي مدد ڪرڻ گهرجي. جيڪي طاقتون هن وقت انگريز سان وڙهي رهيون آهن مان انهن سان (اڳ ۾) شريڪ رهي چڪو آهيان؛ جو ان وقت ائين ڪرڻ مون پنهنجو مذهبي فرض پي سمجهيو.

        ”پر اڄ حالتون مختلف آهن. انگريز جي هينئر مسلمانن سان مذهبي جنگ ڪانه آهي. آءُ پنهنجي سياسي مطالعي کي مد نظر رکندي پنهنجي ملڪ لاءِ غلط سمجهان ٿو ته هو انگريز سان پرخاش رکي.

        ”اسان کي ترقيءَ جو جيڪو موقعو برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ سان ملڻو آهي، سو ٻي صورت ۾ نظر ڪو نه ٿو اچي.“ (خطبات صفحه 118)

        ان يقين جي بنا تي انگريز جنگ کٽندو. مولانا جيڪو پروگرام (40-1939ع) ۾ ملڪ ۾ پيش ڪندو ٿي رهيو ان ۾ صريحاََ صلاح ٿي ڏنائين تي ”برطانيه کان  ڊومينين اسٽيٽس Dominion Status حاصل ڪجي ۽ ڪافي عرصي تائين برٽش ڪامن ويلٿ سان وابسته رهجي. حتاڪ دفاع کي منظم ڪرڻ لاءِ عاريتاََ برطانيه کان آفيسر به وٺجن ۽ يورپ جي مختلف قومن جا جيڪي نيڪ انسان اسان جي ملڪ کي ترقي وٺائڻ لاءِ اسان وٽ اچڻ گهرن تن کي به اچڻ ڏجي.“

         (خطبات صفحا 139-140-141)

        اها هئي سوچ هڪ اهڙي بزرگ سياستدان ۽ عالم دين جي جيڪو 23 سال انگريزن سان وڙهندو رهيو هو ۽ هندستان جي گهڻن ليڊرن کان وڌيڪ دنيا جي انقلابن ۾ يا ته پنهنجي سر شريڪ رهي چڪو هو يا موقعي تي رهي انهن جو مطالعو ڪندو رهيو هو.

        آخر ۾ سندس سوچ ئي صحيح ثابت ٿي. انگريز جنگ ۾ شڪست ڪانه کاڌي. هندستان جي جن ليڊرن ”ڪئٽ انڊيا“ تحريڪ هلائي يا نيشنل آرمي ٺاهي کين ڀڄائڻ ٿي گهريو سي ڪامياب ڪو نه ٿيا. پڇاڙيءَ ۾ (مولانا جي اندازه موجب) جنگ ۾ فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريز پاڻ راضي خوشي برصغير کي آزادي ڏئي، راند متل ڇڏي هليو ويو.

        رهيو سوال ته مولانا برصغير جي پنهنجي مفاد ۾ ائين ٿي سمجهيو ته اهي مل ”ڊومينين“ جو درجو حاصل ڪري ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ سا ڳالهه ٿي ڪانه سگهي. مولانا جي ٻولي ڪنهن ڪا نه سمجهي.

*                          *                        *

        مولانا جي نظر ساريءَ دنيا جي حالتن تي هئي، پر مستقبل جي امڪانات ۽ واقعات جي باري ۾ هو اڪثر اشارن کان ڪم وٺندو ٿي رهيو ڇو ته هڪ داناءُ فلاسفر کي هڪ ناساز ڪار ماحول ۾ ڳالهائڻو پي پيو. غالباََ سندس خيال هو ته جيئن جيئن وقت هٿان حالتن تان پردا کڄندا ويندا تيئن تيئن ماڻهو خود بخود سندس اشارن جو مطلب سمجهندا ويندا. وقت کان اڳ ڳالهائڻ جو نتيجو سقراط ڏسي چڪو هو.

*                          *                        *

        مثال طور، اوهان پاڻ سندس خطاب (1) جا صفحا 132 کان 135 تائين پڙهي ڏسندا، اُت اوهان کي ڪن پاڙيجن ملڪن جي باري ۾ ڪي اهڙا اشارا نظر ايندا جيڪي هينئر 79-1978ع ۾ اوهان کي آساني سان سمجهه ۾ اچي سگهندا.

*                          *                        *

        جهڙي طرح مٿي عرض ڪري چڪو آهيان، بنيادي طور مولانا جي نظر حال کان زياده مستقبل تي پاڻ جهڙن پوڙهن کان زياده ايندڙ نسلن تي رهي ٿي. ساڳي خطبي ۾ هڪ جاءِ تي اوهان کي هيءَ وارننگ نظر ايندي:

        ”اوهان جو نوجوان انقلابي يورپ سان آشنا ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي نوجوان کي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪري ان ايندڙ انقلاب کان بچڻ جو خيال نٿا ڪريو ته اوهان جو حشر به اهڙوئي ٿيندو جيڪو بخارا جي مسلمانن  جو ٿي چڪو آهي. اُن ڏانهن ڏسو ته ان کي (يعني بخارا جي مسلمان کي) لُٽڻ ۾ خود پنهنجن مسلمانن ڪيترو نه حصو ورتو آهي. انقلاب جڏهن ظاهر ٿيندو آهي ته هڪ مفلس عيسائي مالدار عيسائي تي، يا مفلس مسلمان مالدار مسلمان تي رحم ڪونه ڪندو آهي.“                 (خطبات صفحه 133)

        مولانا سنڌ ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ پنج سال کن زنده رهيو. اهو عرصو ساري هندساتن جا چڪر ڪاٽيندو ۽ ماڻهن کي سمجهائيندو رهيو. ٻڌي سندس ڪنهن ڪا نه ۽ نه سندس مشورن جو برصعير جي حالات تي ڪو خاص اثر پيو. پر ٻڌائي ڪافي ويو. هينئر صدين تائين ماڻهو پيا سندس چپل ڳالهين تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيندا.

        طوالت جي خوف کان آءُ سندس وڌيڪ ارشادات کي هت پيش ڪرڻ کان قاصر آهيان. وقت آئي ماڻهو پاڻ انهن جو مطالعو شروع ڪندا، سندس ملفوظات گڏ ٿيندا، سيمينار ٿيندا، بحث مباحثه هلندا، اڪيڊميون کلنديون، ڏينهن ملهايا ويندا، گفتن جا شرح لکيا ويندا، غرض جيڪا گهٽتائي اسان سندس هم وطنين کان سرزد ٿي آهي، تنهن جي پورائي وقت پنهنجي فولادي هٿن سان ڪرائيندو رهندو. اڄ نه ته سڀاڻ، سڀاڻ نه ته پرينءَ، پرينءَ نه ته تهن پرينءَ، پر ائين ٿيندو ضرور. فلاسفر مري ويندا آهن، پر سندن فلسفو ڪو نه مرندو آهي. وقت سندن فرمانبردار غلام ٿئي ٿو. انسان کي ڪوتاهي ٿئي ٿي، وقت ڪو تاهي ڪا نه ڪري!

        سوال آهي ته ڪو وقت کي غلام بنائي سگهي اهو معجزو صرف فيلسوق ئي ڪري سگهي ٿو ۽ مولانا نه صرف امام انقلاب هو، مجاهد هو، مجتهد هو، محنت ڪش ۽ مشقت ڪيش هو، عال هو، عالم با عمل هو، مورخ هو، موسر قرآن مجيد هو، شيخ الحديث هو- پر فليسوف هو.


(2) 1926ع ۾ حجاز ويندو ته اُتي به انقلاب اچي چڪو هوندو، جنهن ۾ شريف مڪو ختم ٿي ويل هوندو ۽ سندس جاءِ تي نجدي اچي ويل هوندا.

(1) جيڪڏهن هندستان وارا اهو نالو بروقت قبول ڪن ها ته نه سوراج پارٽي وارو  جهيڙو لڳي ها، نه سوراج اکر جي معنيٰ تي غلط فهميون پيدا ٿين ها، نه گانڌيءَ جي کي اها ضرورت پيش اچي ها ته هو سوراج اکر جي معنيٰ بار بار ڦيرائيندي مسلمانن جي دل ۾ شڪ پيدا ڪرائي ها. پر مولانا واري دور انديشي ڪٿان اچي ها.

(1) مولانا جي اسڪيم 1924ع ۾ ٺهي؛ سائمن ڪميشن 1928ع ۾ آئي؛ نهرو رپورٽ 1929ع ۾ مرتب ٿي؛ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس 1929ع ۾ منعقد ٿي؛ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس 1930ع ۾ شروع ٿي، اصلاحات 1935ع ۾ آيا؛ مسلم ليگ جو پاڪستان ٺهراءُ 1940ع ۾ پاس ٿيو.

(2) مولانا عبيدالله جي مرتب ڪيل آئيني اسڪيم.

رهنما اصول

(1)       هندستان لاءِ ڪامل آزادي حاصل ڪرڻ ۽ آزاد هندستان هڪ وفاقي (Federal) نظام حڪومت قائم ڪرڻ.

(2)      هندستان ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن ۽ اسلام کي محفوظ رکڻ.

(3)       هندستان ۾ محنت ڪندڙ طبقي (يعني هاري، مزدور ۽ دماغي ڪم ڪندڙ) جي اڪثريت رکندڙ حڪومتون قائم ڪرڻ. (زمينداري ۽ سرمايا داري کي ملڪ مان ختم ڪرڻ جيئن عوام ڪميونزم جي سبز باغن جو ٻڌي ڀُلجي نه وڃن. هِن طريقي سان ڪميونسٽن جي پروگرام جو شروع ۾ ئي خاتمو ٿي ويندو ڇو ته ڪميونسٽ فقط مزدورن (Proletariat) جي حڪومت قائم ڪرڻ گهرن ٿا جنهن ۾ زميندارن، واپارين، ۽ ڪارخانه دارن کي نمائندگيءَ جو ڪو حق ڪو نه هوندو.

(4)      ”سرواجيه“ پارٽي انهن مقصدن جي حصول جو ذريعو بڻبي؛ اها پارٽي سڀ جو گڏيل راڄ قائم ڪندي جنهن ۾ رنگ، مذهب، مال وغيره ۾ ڪو فرق ڪو نه رکيو ويندو. پارٽي جي ميمبرن لاءِ هيءُ شرط هوندو ته هو پنهنجي زندگي هارين جي زندگي جي ليول کان مٿاهين نه ڪندا يعني اوتري ئي آمدني تي گذارو ڪندا جيتري آمدني وچولي درجي جي ڪنهن هاريءَ جي هوندي. ان کان مٿي جيڪا به سندن آمدني ٿيندي يا وٽن ملڪيت هوندي، سا پارٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا.

                        نظام توافق (ڳانڍاپي جو طريقو)

پارٽي هندستان کي هڪ ملڪ نه سمجهندي ۽ نه هندستان جي آزاديءَ جو بنياد ”واحد قوميت“ جي تصور تي رکندي، ملڪ جو نظام فيڊرل هوندي جنهن کي قائم ڪرڻ لاءِ هيٺيان اصول هوندا.

            (الف) جغرافيائي حيثيت سان هندوستان قدرتي طرح ٽن حصن تي مشتمل آهي، يعنيE   Fهندوستان جا ٽي حصا آهن هڪ شمال مغربي، ٻيو مشرقي، ۽ ٽيون جنوبي انهن مان هر هڪ حصي کي مختلف صوبن ۾ تقسيم ڪيو ويندو. هر صوبي جي حد بندي هن اصول تي ڪئي ويندي ته اتان جي آبادي هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندي ۽ هڪڙي قسم جا رسم ورواج ۽ تمدن رکندي هجي.

            (ب) ان اصول تي قائم ڪيل هر صوبي کي ”جمهوري رياست (يا ملڪ)“ جو درجو حاصل هوندو ۽ سواءِ خار جي معاملات، جنگ ۽ پرڏيهي واپار جي باقي ٻين سڀني معاملات ۾ هر جمهوري رياست کي مڪمل اختيار حاصل هوندو. مثال طور ان اصلو هيٺ شمال مغربي حصي ۾ هي جمهوري رياستون (يا ملڪ) ٺهنديون؛ (1) مشرقي پنجاب (2) مغربي پنجاب (3) صوبه سرحد (4) سنڌ (5) بلوچستان، ۽ (6) گجرات ساڳيءَ طرح هندوستان جي ٻين ٻن حصن کي به جمهوري ملڪن (يا رياستن)“ ۾ تقسيم ڪيو ويندو.

            (ج) اهي ”جمهوري رياستون (يا مُلڪ)“، جيڪڏهن گهرن ته، مرڪزي فيڊرل حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان پهريان، پنهنجي علاقن جي تمدن ۽ رسم و رواج جي يڪرنگي جي پيش نظر، پنهنجي مٿي پاڻ ۾ ملي پنهنجو جڪا فيڊريشن يا وفاق ٺاهي پوءِ اُن جي ذريعي موڪزي فيڊريشن ۾ داخل ٿين، مثلاََ مغربي پنجاب، صوبه سرحد، ڪشمير، سنڌ، ۽ بلوچستان پنهنجو جدا فيڊريشن ٺاهي ان جي وسيلي مرڪزي فيڊريشن (يا ڪانفيڊرشن) ۾ داخلا وٺن.

            ساڳيو اصول هندوستان جي ٻين ٻن حصن سان به لاڳو هوندو.              

        مجلس قانون ساز                                

انهن جمهوريتن ۾ هر عاقل بالغ مرد ۽ عورت کي ووٽ جو حق ڏنو ويندو. پر هر طبقو (Social Class)  مثلا ًهاري، مزدور، دماغي ڪم ڪندڙ، واپاري ڪارخانه دار، پنهنجي پنهنجي آباديءَ جي تناسب سان پنهنجا نمائندا موڪليندو ۽ اُهي نمائندا پنهنجي طبقي منجهان ئي چونڊيندو (يعني هاري پاڻ جهڙي هاريءَ، مزدور پاڻ جهڙي مزدور کي ئي ووٽ ڏئي پنهنجو نمائندو چونڊي سگهندا.

            سمجهاڻي

            ان طريقي سان جمهوريتن جي پارليامينٽن ۾ هارين، مزدورن ۽ دماغي ڪم ڪندڙن، يعني محنت ڪندڙن جي اڪثريت قائم ٿي ويندي جيڪا محنت ڪشن جي حقن ۽ مفادن جي حفاظت ڪري سگهندي.

اقتصادي ۽ سماجي بنيادي اصول

            (1) عام فائدي جا سڀ ذريعا قومي ملڪيت ۾ ڏنا ويندا.

            (2) ذاتي ملڪيت (منقوله ۽ غير منقوله) جي حد مقرر هوندي ان کان مٿي قومي ملڪيت ۾ ورتي ويندي.

            (3) مال دارن ٿي وڌيڪ ٽيڪس وڌي ويندي جنهن جي آخري حد پنجاهه سيڪڙو هوندي.

            (4) زرعي زمينون قومي ملڪيت ۾ ورتيون ونيديون ۽ زمينداري سرشتو منسوخ ڪيو ويندو (جن جمهوريتن ۾ مسلمانن جي گهڻائي هوندي اُت حضرت فاروق اعظم جي فيصلي موجب زميندارن کي زمين جي ملڪيت ڇڏڻ ۽ حضرت امام ابو حنيفه جي فيصلي موجب زارعت ڇڏڻ ٿي مجبور ڪيو ويندو.

            (5) هر هاريءَ خاندان کي ايتري زمين ضرور ڏني ويندي جيڪا هو پاڻ ڪاشت ڪري E     F سگهندو  هجي.

(6) وياج جي ڏي وٺ بند ڪئي ويندي ۽ پراڻا قرض رد ڪيا ويندا.

(7) قومي ملڪيت ۾ ورتل ڪارخانن کي مزدورن جي انجمن ذريعي هلايو ويندو ۽ نفع مان مزدورن کي حصو ڏنو ويندو.

(8) محنت ڪش طبقي کي مفت طبي امدداد ڏني ويندي ۽ رهڻ لاءِ صاف سُٿرا گهر مهيا ڪري ڏنا ويندا.

 (9) ابتدائي ۽ مڊل اسڪولن ۾ زوري ۽ مفت تعليم هوندي

 (10) اندرون ملڪ واپار ڪو آپريٽر سوسائٽين جي هٿ ۾ هوندو جن جا ميمبر واپاري پاڻ به بڻجي سگهندا.

(11) پرڏيهي واپار مرڪزي حڪومت جي هٿن ۾ هوندو.

(12) هر جمهوريت پنهنجي اڪثريت جي مذهب کي سرڪاري مذهب قرار ڏئي سگهندي بشرطيڪ ان مذهب ۾ مٿين اقتصادي ۽ اجتماعي اصولن جي ابتڙ ڪا ڳالهه نه هوندي.

مرڪزي حڪومت وفاقي جمهوريت

مرڪزي حڪومت هند جو مذهب سان ڪو تعلق ڪو نه رهندو.

مرڪزي حڪومت خار جي ۽ جنگي معاملات؛ ۽ بيروني تجارت پنهنجن هٿن ۾ رکندي.

مرڪزي حڪومت ۾ جمهوريتن کي، منجهان هر هڪ جي آبادي ۽ تناسب، ۽ اقتصادي، تمدني، فوجي اهميت، جي مطابق نمائندگي حاصل هوندي.

بين الملل تعلقات

            امپر يلزم کي ختم ڪرڻ ۽ مٿين اصولن تي حڪومتن قائم ڪرائڻ لاءِ، ايشياٽڪ فيڊريشن ٺاهيو ويندو جنهن ۾ روس کي به شامل ڪيو ويندو.

(1) صريحاََ غير اسلامي، غير انساني.

(1) ڏسو ڪتاب Surrogate Proletariat  مصنفه Gregory J. Massel  مطبوعه پرنسٽن يونيورسٽي پريس، پرنسٽن، نيو جرسي، (آمريڪا).

(2) پهرينءَ عالمي لڙائي جي زماني کان پوءِ جو دنيا جو نقشو سامهون رکي ڪنيونزم ۽ سوشلزم جي پکيڙ جو ملاحطو ڪيو ۽ جنهن تيزيءَ سان اها پکيڙ ٿي آهي تنهن کي ذهن ۾ رکي. دنيا جي تاريخ ۾ ڪو ٻيو معاشي، معاشر تي يا سياسي نظريو به ايتري تيزيءَ سان ڪر هء ارض جي ايتري حصي تي ڇانئجي ويو؟ جن ملڪن عقل کان ڪم وٺي ڪو متوازن پروگرام عمل ۾ آڻي اڳ ۾ ئي بندوبست ڪيو. سي ته بچي سگهيا آهن باقي ٻيا سمورا گهڻو ڪري غرق ٿي چڪا آهن يا غرق ٿيندا پيا وڃن. ان مان ظاهر آهي ته مولانا صاحب کي ان انقلابي رؤ جي اسپيڊ جوصحيح ترين انداز و هو، تنهنڪري ئي هن اڳواٽ ڪجهه ٻانڌا ٻڌڻ پئي گهريا.

            ياد رهي ته مولانا پنهنجو پروگرام ان زماني ۾ مرتب پئي ڪيو، جڏهن اڃا اها پهرين عالمي لڙائي هلي رهي هئي!

(1) خطبات اڃا مولانا عبيدالله سنڌي صفحه 70

(2) روانگي 5 جون 1926ع جو ٿيس. اٽليءَ ۾ جواهر لعل نهروءَ سان ملاقات ٿيس، پر مولانا جي سوچ تائين نهرو صاحب جي ذهن جي به رسائي ڪانه ٿي سگهي. هن به ٻين وانگر حال جو پئي سوچيو ۽ مستقبل کان بي نياز هو.

(1)  نسيم اللغات اردو موجب تطابيق جي معنيٰ آهي: ”مطابقت، موافقت، برابري (هن جي اصطلاحي معنيٰ آهي ظاهر ۾ ٻن مختلف قولن ۽ ڳالهين جي اهڙي تشريح ڪجي جو انهن جو  اختلاف هليو وڃي.)

            ”تطابق“ جي معنيٰ آهي؛ ”مطابقت، مشابهت،“ صفحه 270

(1) انگريز اڪثر پنهنجن سياسي مخالفن جي معاملي ۾ اهڙي ڪشاده دلي ڏيکاريندو رهندو هو.

(1) مولانا جي خطبات جو اهو مجموعو پروفيسر محمد سرور لاهوري، لاهور مان ڇپائي 1945ع ڌاري شايع ڪيو ٿو ڏسجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org