سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: امام انقلاب

 مولانا عبيدالله سنڌي رحه

باب: --

صفحو : 2

 

امام عبيدالله سنڌي (1) عليه  الرحمته

چو فُقر اندر قبائي شاهي آمد

به تدبير عبيداللٰهي آمد -- جامي

از طرف : حڪومت موقته هند

                                      ”وزارت داخله

          بنام: هندستان جا بهادر، ۽ باهمت هموطنو ! ”هندستان جي عارضي حڪومت جي قائم ٿيڻ جي خبر اوهان پڙهي چڪا هوندا؛ هيءَ حڪومت ان مقصد سان ٺاهي ويئي آهي ته هندستان جي موجوده غاصب، غدار ۽ ظالم حڪومت (هندستان ۾) کڙي ڪئي وڃي. اوهان جي هيءَ عارضي حڪومت چئن سالن کان ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن وقت جڏهن اوهان فيصلو ڪيو آهي ته اوهان ظلمي قانون ڪو نه مڃيندؤ عين اُن وقت هيءَ عارضي حڪومت به (ٻاهرين) امداد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهي. هن حملي ڪندڙ فوجن سان عارضي حڪومت معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهان حملي ڪندڙ فوج سان مقابلو ڪري پنهنجا فائدا نه وڃايو؛ بلڪ هر ممڪن طريقي سان انگريزن کي قتل ڪيو. انهن (يعني انگريزن) کي نه ماڻهو ڏيو نه انهن جي مالي مدد ڪيو؛ انهن جون ريلون ۽ تارون خراب ڪندا وتو.

               حملي ڪندڙ فوج کان امن کان امن حاصل ڪري ۽ ان کي رسد ۽ ٻيو سامان پهچائي، کانئس اعزازي سندون حاصل ڪيو.

            حملي ۡڪندڙ فوج هر هندستانيءَ کي بلا تفريق نسل يا مذهب امن ڏئي ٿي؛ هر هندستانيءَ جي جان مال ۽ عزت محفوظ آهي. فقط اهوئي ماريو ويندو يا بي عزت ٿيندو جيڪو سندس مقابلي لاءِ کڙو ٿيندو. (1)

الله تعاليٰ اسانجن ڀائرن کي سڌي رستي ٿي هلڻ جي توفيق ڏئي.

                                صحيح عبيدالله (سنڌي)

وزير موقته هند“

انگريز ”فيل مست“ خلاف اها للڪار ڪنهن جي هئي؟ ڪير اهڙي  للڪار ڪري سگهيو ٿي؟

.....صرف مولانا عبيدالله سنڌي رحمته الله عليهه !

        ڄائو سيالڪوٽ ڀرسان هڪ(1) ڳوٺڙي ۾؛ والد سک هئس؛ سندس ڄمڻ کان چار مهينا اڳ والد گذاري ويس.

              ٿورڙو ڏڀرانجو ٿيو ته يتيم بڻجي اچي پهتو سنڌ ۾. نپيو، پڙهيو،

ڪڙهيو ۽ مولانا عبيدالله سنڌي بڻجي چمڪيو، هت. تربيت ورتائين حضرت مولانا تاج محمود (2) امرو ٽي عليه الرحمته جهڙي انگريز دشمن انقلابيءَ وٽ.

        بيعت ڪيائين طريقه قادري راشدي ۾، حضرت حافظ محمد صديق صاحب رحمته الله عليهه ڀر چونڊيءَ واري جي هٿ مبارڪ تي.

        ڪڙهيو حضرت پير سائين رشدالله شاه (1) رحمته الله عليهه جهنڊي وارن جي صحبت ۾، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن فرنگيءَ جو منهن ڏسڻ به گوارا ڪونه ڪيو هو.

        علم ۽ دانش جي ان ساز سامان سان آراستا ۽ پيراسته ٿي ۽ سنڌي وطنيت اختيار ڪري، سنڌ کي پنهنجي نالي جو اٽوٽ حصو بڻائي، وڃي پهتو  ديوبند ۾ -- شيخ الهند حضرت مولانا محمودالحسن رحمته الله عليه وٽ.

             مولانا محمود الحسن کيس هڪ سچو انقلابي، انگريزن دشمن، آزاديءَ جو ڪوڏيو، سنڌ جو سرويچ، سياست ۾ سالم دماغ ۽ ڏک سک برداشت ڪرڻ جهڙو نوجوان سمجهي، هِن ملڪي خدمت لاءِ منتخب ڪيو ته انهن صورت ۾ انگريز (1914ع واري) عالمي جنگ ۾ مبتلا ٿي پيو آهي‎‎(2)، تنهن صورت ۾ هو (يعني عبيدالله) ڪابل پهچي، ڪنهن طرح پٺاڻن کي آماده ڪري ته هو ان موقعي جو فائدو وٺي، انگريزن خلاف هندستان تي چڙهائي ڪن، جيئن انگريز جي عذاب کان پاڻ به آزاد ٿين ۽ پاڙيچي هندستان کي به آزاد ڪرائين.

        مولانا عبيدالله، الله تي آسرو رکي، روانگيءَ جي تياري ڪئي. سندس ساٿي ۽ شاگرد، مولوي عبيدالله لغاري مرحوم کان اهو قصو ٻڌو.

        ”هڪ سال کن اسان کي ضروري تياريءَ ۽ تدبير سوچڻ تي لڳو ته انگريزي حڪومت جي سخت چوڪسيءَ هوندي به ڪيئن ڪابل پڄون. غالباً آگسٽ 1915ع جي شروعات هئي. مولانا عبيدالله ڳوٺ پير جهنڊي (ضلع حيدرآباد مان) خانپور (رياست بهالپور) طرف روانو ٿيو. مون کي چيائين ته پاڻ اتي بزرگن (عارف غلام محمد صاحب دينپوري) کان اُٺ هٿ ڪري مون کي تار  ڪندو. جڏهن تار پهتي ته آءُ به وڃي اُتي پهتس. مولانا عبيدالله چيو ته ”اُٺ گهراياسون سِي آيا، پر بزرگن ڪين ڏنا، باقي ڪڻڪ جو هيءُ سَتون ڏنائون، پئسو به ڪونهي، هاڻي ڪهڙي تدبير ڪجي؟“ اُتي مون وڃي بزرگن جي ماليءَ مولانا عبدالقادر کان ٽي گينيون ورتيون، جن مان ٻه مولانا صاحب کي ڏنم ۽ هڪ پاڻ وٽ رکيم. ان بعد، اها صلاح بيٺي ته مولانا صاحب سنڌ جي سرحد کان سبيءَ تائين خشڪيءَ ذريعي پهچي، ڇاهاڻ ته ريل ۾ سندس پڪڙجڻ جو امڪان آهي. باقي آءُ اڳ واٽ انتظار خاطر ريل ذريعي روانو ٿيس، مولوي احمد علي صاحب لاهوري جو ڀاءُ محمد علي (جو ان وقت ننڍو هو) به مون سان گڏ هليو ۽ اسين اچي سبيءَ ۾ پهتاسين. مولانا عبيدالله صاحب، امروٽ شريف مان ٿيندو، جيڪب آباد کان پيدل روانو ٿي، جهٽ پٽ اسٽيشن تان اچي گاڏيءَ تي چڙهيو ۽ سڌو وڃي ڪوئٽيا پهتو. اُتان جڏهن سندس پيغام اسان کي پهتو،  تڏهن اسين به وڃي ڪوئٽيا پهتاسون. اڃا اهو مهينو آگسٽ سن 1915ع هو. اسان وٽ سفر خرچ خيرڪو هو. سبيءَ ۾ مون چندو ڪيو، جنهن مان اَسي (80) روپيا ٿيا، جي ساڻ ڪري ڪوئيٽا پهتو هئس. ڪوئيٽا کان اڳتي پيدل وڃڻو هو. اختر نالي هڪ پٺاڻ نوجوان کي هڪ گيني ڏنيسون، ۽ هن اسان کي، عام رستن جي بدران مخفي رستن ذريعي سرحد تي پهچائڻ جو وعدو ڪيو. جنهن ڏينهن اسين روانا ٿيا هئاسين، انهيءَ ڏينهن(1) شيخ عبدالرحيم صاحب حيدرآبادي به اچي پهتو، جو پنهنجي ٻارڙن جا ڳهه ڳٺا وڪڻي ست سوء روپيه کڻي آيو هو، جي اسان کي ڏيئي پاڻ فوراَََ واپس هليو ويو، اسين پوءَ خشڪي رستن سان شوراوڪ، ڪَدني (چمن، افغانستان) ۽ قنڌار مان ٿيندا ڪابل پهتاسين“.

                (ڏسو مولانا عبيدالله مضمون رسالي مهراڻ

                        حيدرآباد، نمبر 3-4 سال 1957ع ۾)

 

اها تاريخ هئي 15 آڪٽوبر ۽ سال 1915ع، عالمي جنگ شروع ٿئي هڪ سال گذري چڪو هو.

*  *  *  *

                   مولانا جي قصي کي اڳتي وڌائڻ کان پهريان ضروري آهي ته ڪابل جي حالتن ۽ حڪومت جو مختصر حال ٻڌائجي.

                ڪابل جو حڪمران، ان زماني ۾ امير حبيب الله خان مرحوم هو جنهن ” سراج الملت و الدين “  جو لقب اختيار ڪيو هو.

        سندس والد، عبدالرحمان خان مرحوم، افغانستان ۾ خانه جنگيءَ جي هڪ طويل دور کان پوءِ جلاوطني ختم ڪري، 1880ع ۾، انگريزن جي مدد سان ۽ سندن سر پرستيءَ هيٺ، اچي ڪابل جي تخت تي ويٺو هو.

        هيڏانهن هندستان تي انگريز جو قبضو مڪمل تي چڪو هو؛ انگريز لاءِ سرحدي ملڪ افغانستان، وڏي اهميت ٿي رکي جنهن کي فوج جي ذريعي، ٻن چڙهائن کانپوءِ به هو سڌيءَ طرح پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪو نه سگهيو هو؛ تنهنڪري هن آئينده لاءِ هيءَ افغان سردار ئي رهڻ ڏئي، پر اُن کي ڪنهن حد تائين زبردستيءَ جي پوزيشن ۾ رکي جيئن هو ڪنهن به ٻئي ملڪ سان واسطو رکي نه سگهي؛ خارجه پاليسي انگريزن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي؛ روس کي نه پنهنجي ويجهو اچڻ ڏئي، نه ان کي هندستان طرف حريصانه اک کڻڻ ڏئي(1).

        انگريزن امير عبدالرحمان کان اهِي شرط هڪ عهدنامي جي وسيلي، قبول ڪرائي کيس 1880ع ۾ افغانستان جو امير تسليم ڪيو هو ۽ ارڙهن  لک وظيفو ڏيڻ به قبول ڪيو هو. شروع ۾ ئي انگريزن عبدالرحمان کي چتائي ڇڏيو هو ته کيس ڪنهن به ڌارئي ملڪ سان سڌي طرح تعلق ۽ رابطو ڪونه رکڻو آهي.

        امير عبدالرحمان خان جي وفات جا 1901ع ۾ واقع ٿي، ان کان پوءِ جڏهن سندس فرزند امير حبيب الله خان تخت تي ويٺو ته اُن به سال 1905ع ۾ ساڳي عهدنامي جي تجديد ڪري ڏني ۽ هندستان جي انگريزي حڪومت جي زير سايه عملي طور بطور هڪ رياستي راجا يا نواب جي رهڻ لڳو، دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به حڪومت سان سندس ملڪ جو رابطو ڪو نه هو؛ انگريز کان ارڙهين (18) لک روپيه سالانه وظيفو بدستور، وصول ڪندو رهيو. تان جو 1914ع واري عالمي جنگ جا نغارا وڳا. شروعات جنگ جي 28 جولاءِ (1914ع) جو ٿي، پر انگريز ان ۾ 4- آگسٽ جو داخل ٿيو. 8 آگست جو هندستان جي وائسراءِ (1) امير حبيب الله خان کي هڪ خط ذريعي اطلاع ڏنو ته يورپ ۾ جنگ لڳي آهي؛ کيس پنهنجي عهدنامن مطابق، جيڪي سندس والد ۽ سندس پنهنجي انگريز سان ڊيل آهن، ان جنگ ۾ غير جانبدار (نيو ٽرل) رهڻو آهي.

        امير حبيب الله خان هڪدم وائسراءِ ڏانهن تحرير ۾، تسليٰ موڪلي ڏني ته هو حڪم موجب جنگ ۾ غيرجانبدار رهندو. اها آگسٽ مهيني جي ڳالهه هئي.

        پر ٻه مهينا پوءِ، آڪٽوبر ۾، ترڪي به انگريز جي خلاف ۽ جرمنيءَ جي حمايت ۾ جنگ ۾ گهڙي پئي. ترڪيءَ جو سلطان خليفته المسلمين به هو، جنهنڪري ساريءَ دنيا جي مسلمانن جو قائد سمجهيو ٿي ويو. انگريز کي خوف لڳو ته ترڪيءَ جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ڪري هينئر افغانستان جي مسلمانن ۾ سندس (يعني انگريز جي) خلاف  ورتاءُ پيدا ٿيندو ۽ ان جو اثر هندستان جي مسلمانن تي به پوندو جيڪي اڳ ۾ ئي طرابلس ۽ بلقان جي جنگين سببان ترڪيءَ جا همدرد ۽ انگريز کان نالان هئا.

        اِن امڪان جي پيش نظر، وائسراءِ وري امير صاحب ڏانهن (1) خط موڪليو جنهن ۾ چتاءُ ڪيائينس ته ”ترڪيءَ جي جنگ ۾ ٽپي پوڻ ڪري امڪان آهي ته افغانستان جا ملان انگريز خلاف اٿي کڙا ٿين ۽ افغانستان ۽ سرحد جي قبائلين ۾ بي اطميناني پيدا ڪن، تنهنڪري اوهان هِنن نين حالتن هيٺ پنهنجي مسئلن تي ضابطو رکجو ۽ کين انگريز سرڪار خلاف ڪا به گڙٻڙ ڪرڻ نه ڏجو.“

        امير صاحب خبر نه آهي ڇو پر 5 نومبر (1914ع) جي خط جو جواب 23 مارچ 1915ع جي موڪليو جنهن ۾ وائسراءِ کي يقين ڏياريائون ته هو پنهنجي ملڪ کي ملُن هٿان ”مذهبي جنون ۾“ مبتلا ٿيڻ ڪونه ڏيندو.

        امير صاحب طرفان اهڙي خاطريءَ ۾ اظهار وفاداريءَ کان متاثر ٿي، انگريزن جي بادشاهه جارج پنجين، 24 سيپٽمبر 1915ع جو، امير صاحب جي نالي پنهنجي قلم سان هڪ ذاتي خط(2) شڪريي جو لکي موڪليو، جنهن ۾ کيس هي خوشخبري به ڏنائين ته کيس ملندڙ امداد ۾ ٻن لکن روپين جو اضافو منظور ڪيو ويو آهي.

        امير صاحب کي في الحيقيقت ٻن لکن کان وڌيڪ اضافن ۽ انعامن ملڻ جي اميد هئي، پر اُها پوري ڪانه ٿي هئس. تنهنڪري ڏکوئجي، وائسراءِ ڏانهن شڪايت لکي موڪليائين ته ”ٻن لکن جي اضافي کي افغان پنهنجي بيعزتي سمجهن ٿا.“ وائسراءِ خط جي رسيد موڪليندي، رقم جي ڳالهه ته گول ڪري ويو، پاڻ هيءَ ڍڪيل دڙڪو ڏنائينس ته ”هينئر روس به انگريز سان، جرمن جي خلاف شامل ٿي ويو آهي.“ جنهن جي معنٰي هيءَ ٿي نڪتي ته جيڪڏهن افغانستان طرفان ڪا هيٺ مٿاهين ٿي ته مٿس سرحدن جي ٻنهي پاسن کان دٻاؤ پئجي سگهندي.

        سپٽمبر (1915ع) خير سان گذريو.

        12 آڪٽوبر (1915ع) جو جرمنيءَ، آسٽريا ۽ ترڪي جو گڏيل سفارتي وفد کي اچي ڪابل ۾ سهڙيو. ان وفد ۾ به  هندستاني انقلابي به شامل هئا: (1) راجا مهندر پرتاب جيڪو هندستان جو هڪ جاگيردار هو، پرانگريز کي هندستان مان ڪڍڻ لاءِ جلاوطني اختيار ڪري وڃي يورپ ۾ رهيو هو ۽ جنگ لڳڻ کان پوءِ جرمنيءَ سان شامل ٿي ويو هو. (2) ٻيو انقلابي ڀوپال جو مولانا برڪت الله هو، پوءِ آمريڪا ۾ وڃي هندستان جي تاريخي ”غدر پارٽي“ ۾ شامل ٿيو هو؛ يورپ ۾ جنگ جو ٻڌي جرمنيءَ ويو هو ۽ ات انگريز جي خلاف ڪم ڪندو رهيو هو.

        راجا مهندر پرتاب هڪ عارضي حڪومت هندستان جي نالي ۾ ٺاهي هئي جنهن کي ”حڪومت موقته هند“ هندستان جي عارضي حڪومت سڏيو پي ويو. پاڻ ي ان حڪومت جو پڪو صدر ۽ مولانا برڪت الله کي وزيراعظم بڻائي ويٺو هو.

        آُهي ڏينهن هئا جڏهن مولانا عبيدالله به اچي ڪابل رسيو هو. جرمني وارن جو گڏيل وفد 2 آڪٽوبر (1915ع) جو پهتو هو؛ مولانا جو ورود 15 آڪٽوبر (1915) جو ٿيو.

        سندس اچڻ کان اڳ جي روئداد جو خلاصو هيءَ ٿيو؛

افغانستان انگريزن سان معاهدن ۾ جڪڙيل هو،

امير صاحب انگريزن کان پئسا وصول ڪندو رهندو هو؛      

خارجه پاليسي انگريزن جي حوالي هئس؛

جنگ ڇڙندي انگريزن سان نوان وعدا ڪري چڪو هو ته هو غيرجانبدار ۽ انگريزن سان وفادار رهندو؛ ترڪيءَ جي فائدي ۾ مُلن کي ڪو به شر پيدا ڪرڻ ڪو نه ڏيندو؛ انگريز سرحدي قبائلي علاقن ۾ به ”مذهني جنون“ ڦهلجڻ ڪو نه ڏيندو. 

بادشاهه جارج پنجين، امير صاحب ڏانهن براه راست خط لکي سندس پُٺي ٺپي ۽ سندس امداد ۾ ٻن لکن جو اضافو ڪري چڪو هو.

امير صاحب ٻن لکن جي اضافي تي مطمئن ڪو نه هو؛ وائسراءِ ڏانهن دٻيل زبان ۾ شڪايت به لکي موڪلي هوائين،  وائسراءِ اُن تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏنو هو. امير صاحب پوءِ به ”راضي به رضا“ رهيو.   

ٻئي طرف انگريزن جي مخالف ڌر يعني جرمني، آسٽريا ۽ ترڪي جو وفد ڪابل پهچي چڪو هو جنهن سان گڏ ٻ هندستاني انقلابي (جن ”حڪومت موقته هند“ ٺاهي هئي) به آيل هئا.

امير صاحب عجيب غريب پاليسيءَ تي هلڻ شروع ڪيو هو؛ هڪ طرف انگريز سان وفاداري جا وعدا پي ڪيائين؛ ٻئي طرف انگريز جي دشمنن جرمن، آسٽريا ۽ ترڪيءَ جو وفد گهرائي پاڻ وٽ ويهاريو هئائين ۽ انهن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندو پي رهيو(1) ۽ ٽئين طرف هندستاني انقلابين، ازقسم راجا مهندر پرتاب، مولانا برڪت الله (۽ هندستان مان ڀڄي ويل شاگرد) کي به گوڏي لايون ويٺو هو.

        هينئر ان ٽئين قسم جي گروپ ۾ مولانا عبيدالله جو اضافو به ٿي چڪو هو.

       هندستان مان جن بزرگن مولانا صاحب کي ڪابل موڪليو هو، تن کيس ڪو به تفصيلي پروگرام ڪو نه ڏنو هو، صرف هيترو چيو هوائونس ته ڪنهن طرح افغانستان کان هندستان تي حملو ڪرائي انگريزن کي هتان ڪڍرائي. ان ارشاد کانسواءِ مولانا جي هٿ ٿي فقط ٻ معمولي تعارفي خط رکيا هوائون؛ هڪ (1) نادر خان جي نالي، ٻيو (2) محمود طرزي زانهن.

             پئسو پائي، حٿاڪ سفر خرچ به مولانا کي ڪو نه ڏنو هوائون. هو اهڙيءَ زبون حالت ۾ ڪابل پهتو هو جو ڪجهه ڏينهن تائين پنهنجي جن جا ڪپڙا وڪڻي، پنهنجو ۽ پنهنجن ٻن -ٽن رفيقن جو قوت گذران ڪندو رهيو. مولانا جو ان وقت جي هڪ رفيق  لکيو آهي ته ”مولانا ساري  عمر ۡ ۡخدا جي ڀرو سي تي ڪم ڪندو رهيو  هو  خداوند ڪريم خدا جي ڀروسي تي ڪم ڪندو رهندو هو.“

        عارضي طرح ڪابل ۾ اَجهو به اڳ جي ويل هڪ هندستاني مهاجر شيخ ابراهيم ڏنو هوس.

هڪ مغربي محقق لکيو آهي؛ ” امير حبيب الله خان جي حڪومت، پهريان پندرهن ڏينهن مولانا کي ”باقاعده“ جيل ۾ به رکيو هو(1).“

        انگريزن کي مولانا جي ڪابل وڃڻ جي خبر پئجي ويئي هئي، تن ”هاءِ گهوڙا“ جو خط هڪدم امير حبيب الله خان ڏانهن روانو ڪيو. جواب ۾ امير صاحب کين تسلي ڏني ته ”سرڪار خاطر جمع رکي. عبيدالله ۽ هندستان مان ڀڄي آيل ٻين ماڻهن جو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو“.

              انگريز سرڪار طرفان انهن ڏينهن ۾ هڪ هندستاني مسلمان بطور ريزيڊينٽ ايجنٽ جي ڪابل ۾ رهايل هو. اُهو بزرگ سفارتي ڪم هلائڻ سان گڏ جاسوسيءَ جو شغل به فرمائيندو رهندو هو. نالو هوس سيف الله (الله جي تلوار) الحمدالله! هندستاني هجڻ سان گڏ حاجي به هو ۽ حافظ به، انگريز محققن (مثلاَََ اسٽو ورٽ) لکيو آهي ته ”هر ڳالهه ۾ قرآن پاڪ جون بيشمار آيتون پيش ڪندو رهندو هو، سندس پيش ڪيل آيتن جي سيلاب اڳيان ڪوبه افغان بيهي ڪونه سگهندو هو ڇو ته افغانستان ۾ سارو ڪاروبار قرآن مجيد جي آيتن جي آڌار تي هلندو ٿي رهيو.

قصو ڪوتاه -- حاجي حافظ سيف الله صاحب قبلو خود انگريزن پاران ڪابل اندر مولانا تي ڪرڙي نظر رکڻ شروع ڪري ڏني هئي ۽ افغانن کي معلوم هو ته انگريز جون اهي اکيون ڪابل ۾ ٿيندڙ ساريون ڪاروايون ڏسي رهيون آهن.

 

        مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته مولانا صاحب 15 آڪٽوبر (1915ع) جو ڪابل پهتو هو .

        ڪابل پهچڻ بعد پاڻ سردار عنايت الله(1) ۽ سردار نصرالله خان (2) جي ذريعي پنهنجي اچڻ جو مقصد امير حبيب الله جي ڪنن تائين پهچائين.

        ان وچ ۾ مولانا هيءُ به محسوس ڪري ورتو ته امير صاحب ايتري قدر خود غرضيءَ ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي جو هو ذاتي فائدن وٺڻ خاطر ساڳئي وقت هر پاسي پيو هٿو راڙيون ڏئي، تنهنڪري اهڙي ماڻهوءَ کي هندستان جي مقصدن ڏانهن ڀرمائڻ لاءِ جيستائين ڪنهن وڏيءَ لالچ جو سبز باغ نه ڏيکاريو ويندو، تيستائين   هو محض ٺلهين ڳالهين تي لڳي يا مسلمانيءَ جي ننگ ۽

ترڪيءَ جي خيلفته المسلميني کي بچائڻ خاطر انگريز خلاف هندستان تي چڙهائي ڪري انگريز کان غيرجانبداريءَ عيوض هن وقت ملندڙ مستقبل امداد جي نقدي وڃائي ڪونه ويهندو، (جيڪا شروع ۾ ارڙهن لک سالانه هئي ۽ تازو جنگ لڳڻ کان پوءِ امير صاحب جي حسن خدمتي ڏسي، اُن ۾ وڌيڪ ٻن لکن جو اضافو ڪيو ويو هو.)

        امير صاحب کي البته هيءَ انتظار دامنگير رهيو ته هو معلوم ڪري ته اهو سنڌي مولانا سندس ڪهڙي سوغات کڻي آيو آهي. هڪ ڏينهن مولانا کي ”شرف بار يابي“ بخشيائين. مولانا سندس اڳيان هيءَ سڻڀو لقمو لَڙڪايو؛ چي؛

افغانستان هندستان تي حملو ڪري اتان انگريز کي ڀڄائي ڪڍي، ان کان پوءِ امير صاحب جوپنهنجو هــڪ فرزند هندستان جو آئيني بادشاهه (1)Constitutional Monarch بڻجي دهلي ۾ رهائش اختيار ڪري؛  سندس زيرسايه ۽ تابعداري هيٺ مقامي ماڻهو وزارت قائم ڪري ملڪي ڪاروبار هلائيندا رهندا.“

        اهو لقمو، جنهن مان بنهه سڻڀ ڳڙي رهيو هو، امير صاحب کي ڏاڍو وڻيو. مولانا کي چيائين ته ”اوهان ان باري ۾ جيڪو ڪم هلايو، تنهن ۾ هندستان جي هندن جي رضامندي ۽ شرڪت جو خاص خيال رکجو.“

          مولانا به ساهه پٽيو؛ دلاسو ملي ويس؛ ڪجهه چُرڻ پُرڻ جهڙو ٿيو. ”دوستن جو اهو دلاسو“ سيءَ سڪائي کل“ واريءَ منزل تائين پهچي، تنهن ۾ اڃان ڪجهه وقت لڳڻو هو .

        مٿي هڪ جاءِ تي ڄاڻايو ويو آهي ته مولانا جي ڪابل پهچڻ کان تيرهن ڏينهن پوءِ يعني 2 آڪٽوبر (1915ع) جو جرمني، آسٽريليا ۽ ترڪيءَ جو هڪ گڏيل وفد ڪابل پهتو هو، جنهن ۾ ٻه هندستاني انقلابي راجا مهندر پرتاب ۽ برڪت الله به شامل هئا.

مهندر پرتاب وارا اڳ ۾ ئي ”حڪومت موقته هند“ ٺاهي چڪا هئا. تن ڪابل پهچڻ کان پوءِ افغانن جي صلاح مشوره سان مجبوراََ مولانا عبيدالله کي به ان ”حڪومت موقته“ ۾ شامل ڪري ”وزارت داخله“ جو قلمدان ڏنو. ”موقته“ يا مولانا وارو ”قلمدان“ اڃان ته ڇڙو خيالي پُلاو هئا، پر ان صورتحال کي هن خيال سان قبول ڪيو جو جرمن وفد سان ڳالهين ڪندي معلوم ٿيو هوس ته مهندر پرتاب کين خواهه ٻاهرين ملڪن کي هن حقيقت کان بلڪل بيخبر رکيو هو ته هندستان اندر مسلمان قوم به ڪا هستي رکي ٿي يا هندستان جي مسئلن ۾ هوءَ به ڀاڱي ڀائيوار آهي.

        ان سان گڏ مولانا کي مهندر پرتاب جي نيت ۾ به شڪ نظر آيو هو. مهندر، هندستان کي انگريزن جي ڪڍڻ کان پوءِ مهاراجا نيپال جي حوالي ڪرڻ ٿي چاهيو، جيئن مٿس هندو راڄ مسلط ٿئي.

        مولانا مهندر جي ”موقته“ ۾ شامل ٿي انهن ارادن ۽ منصوبن جو سدباب ڪرڻ ٿي گهريو. ان کان سواءِ مولانا هندستان جو تخت ۽ تاج اڳ ۾ ئي امير حبيب الله خان جي فرزند لاءِ ريزرو ڪري چڪو هو.

        بهرحال، انهن اندرو ني اختلافن جي باوجود حڪومت موقته ڪابل ۾ ويٺي فيصلو ڪيو ته ڪن ٻاهرين ملڪن سان تعلقات پيدا ڪرڻ ۽ کين ”موقته“ جي وجود کان واقف ڪرڻ لاءِ وفد موڪلجن.

        پهريون وفد روس لاءِ تيار ٿيو جنهن لاءِ مهندر پرتاب پنهنجي هڪ سک ساٿيءَ مٿرا سنگهه کي تيار ڪيو. مولانا جي سخت احتجاج تي هڪ مسلمان کي به وفد ۾ شامل ڪرڻ بادل ناخواسته منظور ڪيو ويو، پر مهندر ان جي خرچ ڀرڻ کان نابري واري ويهي رهيو. مجبور ٿي مولانا هڪ سؤ پائونڊ قرض طور وٺي وفد جي ان مسلمان رڪن جي سفر خرچ جو بندوبست ڪيو. وفد کي روس جي بادشاهه (زار) جي نالي هڪ عريضو، سون جي ٿالهيءَ تي اُڪرائي ڏنو ويو. تاشقند پهچندي ئي اتان جي روسي گورنر سوني ٿالهي کانئن کسي زار ڏانهن رواني ڪري ڇڏي ۽ وفد وارن کي زارجي جواب لاءِ ڪجهه ڏينهن پاڻ وٽ ترسائي آخر واپس ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي وڃڻ ڪونه ڏنو. زار اها ٿالهي جنسي انگريزن ڏانهن موڪلي ڏني. اِن ٿالهي تي اُڪريل عريض ۾ هيُ لکيل هو ته جيڪڏهن روس هندستان کي آزاد ڪرائڻ ۾ افغانستان سان تعاون ڪندو ته هندستان ۾ کيس سياسي ۽ تجارتي فائدا ڏنا ويندا.

        انگريز، روس وٽان ٿالهي پهچندي، ان خبر کي ڏاڍو مشهور ڪيو، جيئن هندستان اندر کيس آزادي لاءِ ڪم ڪندڙن کي وڌيڪ نپوڙڻ واسطي جواز ملي. اڳتي هلي جن ثبوتن جي بنياد تي رولٽ (1) ايڪٽ پاس ڪيو ويو تن ۾ ان ٿالهيءَ جو قصو به شامل هو.

روس ڏانهن موڪليل وفد جي ناڪاميءَ کان پوءِ به مولانا جي ”موقته“ همت ڪانه هاري. ٻه ٻيا وفد تيار ڪيائين. هڪ جاپان لاءِ ٻيو ترڪيءَ لاءِ. مولانا جي زور ڀرڻ تي ٻنهي وفدن ۾ مسلمانن کي به نمائندگي ملي. سفر خرچ لاءِ جرمنيءَ کان آيل وفد وارن ٽي سؤ پائونڊ مولانا جي هٿ تي رکيا. ان رقم مان هڪ سؤ پائونڊ ته مهندر پر تاب ۽ برڪت الله وارا، وچ مان ئي مولانا وٽان تِڳائي ويا. چي؛ اسان کي پنهنجي لاءِ لٽا ٺهرائڻا آهن. باقي ٻه سؤ پائونڊ مولانا گهر آڻي پنهنجي ساٿين وٽ امانتي رکيا پر اتان چوري ٿي ويا. وڏيءَ مشڪل سان مولانا نئون قرض وٺي رقم پوري ڪري ڏني. خير سان وفد ڪابل مان ته ورانا ٿيا پر منزل مقصود تائين پهچي ڪو نه سگهيا.

        جاپان ڏانهن ويندڙ وفد کي روسين رستي مان جهلي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. انگريزن وفد جي اڳواڻ مٿراسنگهه کي هندستان آڻي ڦاهيءَ تي چاڙهيو.

        ترڪيءَ جي ارادي سان نڪتل وفد به واٽ ويندي ايران ۾، مشهد وٽ  گرفتار ٿيو. انگريز کين هندستان جي جيلن ۾ بند رکي سخت اذيتون ڏيندا رهيا.

        وفدن جي اهڙيءَ ناڪاميءَ کان پوءِ موقته جا ٻه ميمر مهندر پرتاب ۽ برڪت الله ته همت هاري ڪابل مان کسڪي واپس جرمنيءَ هليا ويا. اڪيلو مولانا رهجي ويو جنهن جي حوصلي ۾ البته ڪو فرق ڪو نه آيو.

*                          *                           *

        پاڻ هڪ نئين اسڪيم جوڙيائين ۽ جنهن تي نالو رکيائين ”جنود الله“. مقصد هيءُ هوس ته ڪرسچن سالو يشن آرمي جهڙو هڪ نيم فوجي نظام ٺاهجي جنهن جي ذريعي عالم اسلام جي بهبود لاءِ، بنا پگهار والنٽيئر ڀرتي ڪري، ڪو وڏو ڪم ڪجي. ان نظام هيٺ جيڪي عهديدار بڻجڻا هئا تن کي جرنيل، لفٽنٽ جرنيل، ميجر جرنيل، برگيڊيئر، ڪرنل سڏيو وڃڻو هو، هر هڪ والنٽيئر کي ڪم ڪرڻ لاءِ، ايتريقدر مخفي طرح هدايتون ڏيڻيون هيون، جو انهن جي خبر ڪنهن به ٻئي والنٽيئر کي پئجي ڪانه سگهي.

        پروگرام جي شروعات حجاز مقدس کان ٿيڻي هئي. مدنظر هيءُ مقصد رهڻو هو ته حجاز، ايران ۽ ترڪيءَ جي اقتصاديات کي مضبوط ڪجي.

                       طريقو هيءُ تجويز ٿيو ته مولانا جا ٻه ساٿي ڪابل مان نڪري لِڪي ڇپي وڃي مڪه معّظمه پهچن. اُتي حج جي موقعي تي ٿيندر قربانيءَ جون کلون گڏ ڪن؛ انهن کلن کي رنگي منجهان اعلٰيٰ درجي جو چمڙي جو سامان تيار ڪري، ٻاهرين ملڪن ڌانهن موڪلين؛ ان صنعت ۽ واپار کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجي هڪ اسلامي بينڪ ۽ هڪ جهازن جي ڪمپني به کولين.

        منصوبو ته اعلٰيٰ ۽ عالمگير هو پر افغان حڪومت مولانا جي نمائندن کي مورڳو مڪه شريف وڃڻ جي اجازت ئي ڪانه ڏني، جنهنڪري ”جنود الله“ جنم وٺي ڪو نه سگهيو.

*                          *                           *

            مولانا عبيدالله کي ڪابل موڪلڻ کان پوءِ، ستت ئي؛ مولانا محمود الحسن پاڻ به (18 سيپٽيمبر 1915ع جو) ديوبند مان هجرت ڪري وڃي حجاز ۾ ويٺو هو.

        اسان جي مولانا گهريو ته مولانا محمود الحسن کي پنهنجي سرگذشت ۽ ڪابل جي حالتن کان واقف ڪري. تنهنڪري هُن، 6 جولائي 1916ع جو، هڪ مخفي، پر مفصل، خط ڦڪي رنگ جي ريشمي رومال تي لکي هڪ ملتاني مهاجر (شيخ عبدالحق نالي) کي ڏنو ته هو حيدرآباد سنڌ جي نامياري نومسلم شيخ عبدالرحيم(1) کي وڃي پهچائي.

عبدالرحيم کي هيءُ حڪم موڪليو ويو هو ته هو اهو رومالي خط پنهنجي سر مڪي شريف کڻي وڃي، مولانا محمود الحسن جي خدمت ۾ پيش ڪري. پر تسنيم عبدالحق ملهائي، حيدرآباد ويندي، رستي ۾ پنهنجي ڳوٺ لهي پيو اتي امانت ۾ خيانت ڪندي،”رومالي خط“ رب نواز نالي هڪ موقعي پرست کي ڏئي ڇڏيائين جنهن هڪدم اهو قيمتي ۽ موقعي جو تحفو انگريز حڪومت کي پهچائي پنهنجي لاءِ، انعام طور، زمين ٽڪر ۽ عبدالحق لاءِ پوليس ۾ نوڪريءَ جي جاءِ هٿ ڪئي. خانبهادر پاڻ اڳ ۾ ئي هو!

        خط جو انگريز تائين پهچڻ ڇا هو، هڪ قيامت بپا ٿي ويئي، افغان حڪومت کي حڪم ڪيائين ته مولانا ۽ سندس ساٿين کي جيل ۾ وڌو وڃي؛ خود هندستان اندر جن مشڪوڪ ماڻهن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو هوائين تن کي هڪدم گرفتار ڪري مختلف جيلن ۾ رکيائين، خود خط کي ”ريشمي خط واريءَ سازش“  (Silken Letter Conspiracy)جو نالو ڏئي رولٽ ايڪٽ ٺاهڻ لاءِ فضا تيار ڪيائين.

*                          *                           *

        انگريز سرڪار وٽان حڪمن پهچندي ئي افغانستان جي حڪومت، مولانا جي خلاف سخت قدم کنيا۽ ايندڙ ٻه سال صورتحال هيءَ بني رهي؛

(1) مولانا کي شهر جي هڪ سوڙهي ۽ گندي علاقي جي هڪ اڌ ڀڳل بدبودار گهرڙي ۾ بند ڪري مٿس پهريدار بيهاري ڇڏيا ويا،

(2) جن هندستاني مهاجرن سان مولانا جو تعلق پيدا ٿي چڪو هو تن کي نوڪرين ۽ مڪتبن مان ڪڍيو ويو،

(3) نظربنديءَ ۽ نڀاڳ جي ان دور ۾ مولانا جا ڪي مهاجر ساٿي، مٿس انگريز طرفان جاسوسي ڪرڻ کان علاوه به اهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳا هئا جن جي ڪري مولانا جي بروقت بيعزتي ٿيندي رهي. هڪ دفعي سندس ئي هڪ ساٿي درخواست ڪئي ته مولانا جو هڪ ڀائيٽيو (محمد علي نالي) امير حبيب الله کي قتل ڪرڻ لاءِ سٽون سٽي رهيو آهي، شڪر آهي جو مقدمو نادر خان اڳواڻ وٽ پيش ٿيو جيڪو اندران اندر مولانا جو همدرد ۽ ڪنهن حد تائين حال ڀائي هو؛ مولانا کي ٻن چئن حاضرين تي رلائڻ کان پوءِ مقدمي مان آزاد ڪري ڇڏيائين.

افغان حڪومت جي، مجموعي طرح، غير همدردانه بلڪه سخت پاليسيءَ  ڪري مولانا جي ڪيترن مهاجر (1) ساٿين جي همٿ جواب ڏئي بيهي رهي.منجهان ڪي نظر بنديءَ مان نڪري ڀڄي وڃڻ لڳا؛ محمد علي قصوري ۽ شيخ ابراهيم يا غستان هليا ويا، جتان جي سخت زندگي برداشت ڪرڻ سندن لاءِ ناممڪن ٿي پئي. محمد علي واپس لاهور هليو آيو ۽ انگريزن سان سندس صلح ٿي ويو؛ شيخ ابراهيم روس وڃڻ جي ارادي سان روانو ٿيو، پر رستي ۾ انگريزن جي ايجنٽن هٿان مارجي ويو. ٻه ٻيا مهاجر، عبدالرشيد ۽ محمد حسن يعقوب، سيد احمد شهيد بريلوي رحه جي باقيمانده جماعت جي مرڪز (1) ڏانهن، پناهه وٺڻ ۽ ڪابل جي سختين کان ڇٽڻ لاءِ روانا ٿيا. جماعت جو ان وقت جو امير نعمت الله صاحب هو. عبدالرشيد کي ڪنهن طرح سان معلوم ٿيو ته جناب نعمت الله صاحب في الحقيقت انگريزن جو جاسوس آهي تنهنڪري کيس، يعني نعمت الله صاحب کي ماري وڌائين. نعمت الله جي چوڪيدارن عبدالرشيد کي پهريان ڌڪ هڻي اڌ مئو ڪيو ۽ پوءِ جيئري کي تَنور ۾ وجهي پچائي ڇڏيائون!

(5) جيڪي هندستاني مهاجر ڪابل مان ڀڄڻ جي قابل ڪو نه رهيا سي هڪٻئي تي چغليون هڻندا ۽ هڪٻئي کي تڪليف ۾ آڻائڻ جون ڪوششون ڪندا وتيا. ٻه ٽي دفعا چورين جا واقعا به ٿيا، خود مولانا جا چار ڏوڪڙ به چورائي ٿي ويا.

(6) سياري جي موسم ۾ مولانا کي شهر واري گندي گهرڙي ۾ بند رکندا هئا. ساوڻ ايندي شهر مان ڪڍي ”چڙيا گهر“ ۾ رهائي ڇڏيندا هوس، جتي سندس رهائش واسطي تنبوءَ جو انتظام ڪيو هٽائون.

(7) امير حبيب الله جي پوئين زماني ۾ مولانا کي وزير ماليات (مستفي الماملڪ محمد حسين) جي ذاتي حوالات ۾ ڏنو ويو. 1918ع جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن امير صاحب جلال آباد ۾ منزل انداز ٿي سرديون گذارڻ لڳو ته دستور موجب ٻين وزيرن سان گڏ وزير ماليات به شاهي ڪيمپ ۾ وڃي رهيو. هو پنهنجي قيديءَ مولانا عبيدالله کي به پاڻ سان کَنڀيو کنيو ويو، ۽ جلال آباد ۾ وڃي نظربند ڪري رکيائينس، جهڙي طرح مٿي حاشيءَ ۾ هڪ جاءِ تي بيان ڪيل آهي، اهو نامراد وزير درپرده انگريز جو ايجنٽ ۽ مسلمان جو دشمن هو. 1918ع جي جي آخر ۾ ترڪيءَ کي شڪست آئي ته مولانا کي ذهني اذيت پهچائڻ خاطر، پاڻ وٽ سڏائي سندس اڳيان ترڪيءَ تي چٿرون ڪرڻ لڳو. چي؛ ”اينه ترڪي تمام شد“، يعني ”اها ترڪي ختم ٿي ويئي.“

(8) اهڙي قيد ۽ ايترين ذهني ۽ جسماني اذيتن سهندي به مولانا جي دماغ مان هندستان جي مستقبل جو خيال ڪو نه ويو، ۽ نه سندس سوچ ۾ افغان خلاف ئي ڪا تلخي آئي (سياسي تحمل جو اهو بيمثال ثبوت هو). پاڻ نظربندي جي دوران، دنيا جي آئينن جو مطالعو ڪندو رهيو، ۽ انهن ئي ڏينهن ۾، آخر هن نتيجي ٿي پهتو هو ته سندس پنهنجي وطن لاءِ برطانيه جو پارلياماني آئين ئي موزون ٿيندو.

(9) ترڪيءَ کي شڪست اَڪٽوبر 1918ع ۾ آئي. اها خبر امير حبيب الله خان کي ملي ته هُن جمعي جي خطبن ۾ پاڻ کي ”امير المومنين، خليفته المسلمين“ ڪوٺائڻ شروع ڪري ڏنو. سندس اهڙي هٻڇ تي مولانا کي ڏاڍو ڏک محسوس ٿيو پر ڪري ڇا ٿي سگهيو؟

*                    *                          *

                   امير حبيب الله خان جنگ ۾ نيوٽرل رهي انگريز کي هندستان جي فڪر کان آزاد ڪري ڇڏيو هو؛ امير صاحب جي اهڙيءَ مهرباني  ڪري ئي انگريز لاءِ ممڪن ٿي پيو هو ته هُو پنهنجون فوجون هندستان مان ڪڍي وڃي ٻاهرين

محاذن تي استعمال ڪري، في الحقيقت ڏهه لک(1) فوج هندستان مان وئي،

جيڪا انگريز طرفان، زياده ته مسلمان ملڪن، عراق، فلسطين ۽ ترڪي ۾ وڙهي مسلمانن جو رت وهائيندي رهي. جيڪڏهن اها فوج انگريز کي نه ملي ها ته هو اهي اسلامي ملڪ فتح ڪري ڪو نه سگهي ها ۽ ساري عالمي جنگ جو نقشو بدلجي وڃي ها.

        جيڪا فوج هندستان مان وئي تنهن جي تفصيل، ترڪيب ۽ ڪارڪردگي جي باري ۾ اوهان کي ڪيترن تاريخي ڪتابن ۾ اشارا ملن ٿا. مثلاََ؛

(1) ڏسو ڪتاب ”انڊين خلافت موومنٽ“، تاليف جناب ڪي_ ڪي عزيز ۾ ؛ رائٽ آنريبل ايڊون مانٽيگو (سيڪريٽري هند) جي پارليامينٽ ۾ تقرير (صفحو 218)، گورنمينٽ برطانيه ڏانهن گورنمينٽ هند جي تار مورخه 20 فيبروري 1922ع (صفحو 206).

(2) ڏسو ڪتاب ”فائر اِن افغانستان“ مولفه آر _ٽي_ اسٽيورٽ صفحو 20 ۽ 21.

ظفر حسن ايبڪ جي ”  آپ بيتي“ جلڪ پهريون.

              *        *             *

        عالمي جنگ متعلق سڄي لٽيچر پڙهڻ کان پوءِ ثابت پيو ٿئي ته جيڪڏهن امير حبيب الله خان، مولانا عبيدالله جي صلاح موجب،جنگ هلندي هندستان، جي محاذ تي انگريزن خلاف ڪجهه خرخسو پيدا ڪري ها ته انگريز هندستان ۾ رهي پوي ها ۽ هو اها ڏهه لک فوج هندستان مان ڪڍي وڃي ٻاهرين مسلمان ملڪن ۾ ويڙهائي انهن کي شڪست ڏئي ڪو نه سگهي ها. بلڪ يقين سان چئي سگهجي ٿوته مورڳو انگريز ساري جنگ هارائي ويهي ها.  ۽ جنگ هارائڻ کان پوءِ هندستان مان خود بخود ڀڄي وڃي ها.

تنهنڪري اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته مولانا عبيدالله جي سوچ بلڪل صحيح هئي. پر اها مسلمان ۽ هندستانين جي وڏي بدبختي ۽ انگريزن جي وڏي خوش نصيبي هئي، جو امير حبيب الله خان مولانا جي مشوري تي ڪو نه هليو، ۽ انگريزن وٽان ملندڙ مالي امدادا خاطر، نيوٽرل رهي انگريز کي کٽايو ۽ ترڪيءَ ۽خلافت اسلاميه کي تباهه ڪرائي ڇڏيو. آخر ۾ خود کي ته ”خليفته المسلمين“ به نصيب ڪانه ٿيس. نه ڪي انگريز وٽان امداد واري رقم ئي پهچي سگهيس جنهن جو پشاور مان کڻائي آڻڻ لاءِ گڏهن، گهوڙن ۽ خچرن جو قافلو روانو ڪيو هئائين. (ان قافلي جي واپس اچڻ کان اڳ ئي پاڻ وڃي ٻئي جهان پهتو هو.)

*                        *                               *

        امير حبيب الله خان، جلال آباد جي ڀر ۾ (لغمان ۾)، 19-1918ع جي سياري جي موسم شيل شڪار ۽ سير تفريح  ۾ صرف ڪري رهيو هو. اوچتو رات وڳڙي ۾ ڪو شاهينگ سندس تنبوءَ ۾ گهڙي، کيس مٿي ۾ گولي هڻي، ننڊ ۾ ننڊ ڏئي ويو(1). اهو واقعو 19 ۽ 20 فيبروري (1919ع) جي وچ واري رات ۾ ٿي گذريو.

        سندس ڀاءُ نصرالله خان (جيڪو ساڻس گڏ جلال آباد آيل هو) سندس جاءِ تي پنهنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو. پٺيان ڪابل مان وري امير جي ٻئي نمبر پٽ، امان الله خان، پنهنجي بادشاهي جو ڍنڍو رو  ڦيرايو ۽ پڳ ٻڌي ويهي رهيو.

        نصرالله خان فوج جي پگهارن ۾ فقط ٻن روپين جو اضافو ڏنو؛ امان الله خان پنج روپيه اضافو ڪري فوجين کي پاڻ سان ملائي، نصرالله خان کي گرفتار ڪرائي ڪابل ۾ آڻائي بند ڪيو؛ جلال آباد کان سندس هٿن ۽ پيرن ۾ زنجير وجهي ڪابل آندو هئائونس (1)

        مولانا عبيدالله به وزير ماليات (مستفي الممالڪ ) جي قيديءَ طور جلال آباد ۾ بند هو. تنهن کي  به امان الله پاڻ وٽ گهرائي ساڻس آئينده لاء پروگرام طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مولانا کي اشارتا تسلي ڏنائين ته آءُ اهو ساڳيو آهيان.“ يعني جنهن جي لاءِ توهان هندستان جو تخت تجويز ڪيو هو! تخت تي ويهندي امان الله اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ملڪ کي انگريز جي تسلط کان به آجو ڪرائيندو. اڳتي جو پروگرام هن طرح ٺهيو(2)؛

                       (1) مولانا صاحب وزير داخله حڪومت موقته هند جي حيثيت ۾، هندستانين جي نالي هيءُ عام اعلان موڪليندو ته ”عنقريب هندستان تي چڙهائي ٿي رهي آهي؛ هندستان جي ماڻهن کي چڙهائي ڪندڙ فوجن جو مقابلو ڪرڻ نه گهرجي، پاڻ انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي؛ انگريزي نظام مواصلات کي درهم برهم ڪيو وڃي، انگريزن کي قتل ڪيو وڃي وغيره، وغيره. (مولانا رات جي پيٽ ۾، ڪابل جي سرڪاري پريس ۾ ويهي اهڙو اعلان اردو ۽ انگريزي ۾، هينڊ بلن جي صورت ۾ ڇپارائي تيار ڪرائي ورتو --اهو  اُهو ئي اعلان آهي جيڪو هن مضمون جي مُهڙ ۾ ڏنو ويو آهي.

(2) افغانستان جون فوجون، هندستان جي سرحدن ڏانهن وڌي ٽن محاذن تي مورچا هڻي ويهنديون، ۽ حملي ڪرڻ لاءِ آخري حڪم جو انظار ڪنديون.

(3) مولانا پنهنجا ڪڍيل اشتهار، پنهنجن مهاجر رفيقن هٿان هندستان موڪلي اُت تقسيم ڪرائيندو. اهو ڪم حملي ٿيڻ کان پهرين پورو ڪيو ويندو.

(4) هر محاذ تي فوجي ڪمانڊرن کي صلاح مشوره ڏيڻ لاءِ مولانا طرفان هڪ ماڻهو موجود رهندو.

(5) خيبر - تورخم واري محاذ جي اهميت جي پيش نظر مولانا پاڻ اُن محاذ تي فوجي ڪمانڊر سان گڏ رهندو.

اهي سموريون ڪاروايون شروع ۾ مخفي طور ڪيون وينديون، جيئن انگريز کي   بيخبريءَ جي عالم ۾ اوچتو وڪوڙي وٺجي.

*                      *                     *

        پوءِ جي واقعات جو سلسلو هن ريت رهيو؛

فيبروري (1919ع) ۾ حبيب الله خان قتل ٿيو.

مارچ ۽ اپريل (1919ع) ۾ امان الله ۽ مولانا جي رٿيل پروگرام تي عمل شروع ٿيو.

ساڳئي اپريل جي 13 تاريخ هندستان ۾ جليان والا باغ (1) وارو ڪوس ٿيو، جنهنڪري هندستان ۾ انگريز خلاف ڪانگريس تحريڪ جو طوفان کڙو ٿي ويو. امان الله خان ۽ مولانا وارن ان موقعي کي هندستان تي چڙهائي لاءِ تمام موزون سنجهيو.

اپريل جو سارو مهينو افغان فوجون سرحد طرف، مورچه بنديءَ لاءِ مخفي طرح ٽن محاذن ڏانهن وڌنديون رهيون. خيبر تورخم واري محاذ ڏانهن جيڪا فوج وڏي تنهن کي مشورن ڏيڻ  لاءِ مولانا صاحب خود کي موڪليو ويو.

ساڳئي مهيني ۾ مولانا جا ٻه رفيق، سندس ڇپايل اعلان جا هينڊ بل، لڪي ڇپي وڃي هندستان ۾ ورهائي آيا.(1)

افغان فوجن کي اهو حڪم ڏنل هو ته هو محاذن ٿي پڄڻ کان پوءءِ صرف مورچه بند ٿي ويهي رهن ۽ اوستائين نه ٺَڪا ٺُوڪي ڪن، نه پاڻ کي ظاهر ڪن، جيستائين ڪابل مان کين ٻيو حڪم نه مليو آهي.

پر، تورخم واري محاذ ڏانهن ويل فوج وقت کان اڳ راز کولي وڌو – يعني  مولانا کان ڪنهن به صلاح وٺڻ کان سواءِ هنن 20 تاريخ مئي جو تورخم وٽ دره خيبر جي ڀر ۾ هڪ تڪراري چشمي جي قبضي تي انگريزي سپاهين تي فائرنگ ڪري انگريز کي خبردار ڪري ڇڏيو، نه ته اوستائين انگريز کي افغان فوجن جي سرحد تي ڪٺي ٿيڻ جي خبر ڪا نه پئجي سگهي هئي. هينئر جو انگريز اک پٽي ته افغانن جي ساري ڪارگذاري سندس سامهون هئي.

عالمي جنگ ما، اڃان چند مهينا اڳ(1)، فارغ ٿيڻ کان پوءِ انگريز گهڻو ٿڪل هو ۽ سندس فوجون چار سال مسلسل وڙهڻ کان پوءِ هينئر آرام ڪرڻ لاءِ آيون هيون، پر ان هوندي به منجهس ايتري طاقت ضرور هئي ته هو افغان فوجن جو مقابلو ڪري سگهي. افغانن وٽ نه ڪافي هٿيار هئا، نه جيڪي هٿيار هون سي جديد قسم جا هئا، فوجين جو هيءُ حال هو جو سندن پگهارون بقايا ۾ حڪومت جي ذمي رهجي ويل هيون، سرحد جي جن ”قبالي لشڪرن“ جي همدرديءَ ۽ جنگ ۾ شرڪت تي ڀاڙيو هوائون، تن جي هيءَ هلت هئي ته جت به موقعو ٿي ملين ته اُت ماڻهن جا گهر ۽ دڪان ڦُري لُٽي، مڏي مٿي تي کڻي، راتو  واهه محاذ ڇڏيو پنهنجي گهرن ڏانهن ڀڄيو ٿي ويا؛ عالمي جنگ ۾ هوائي جهاز ٺهي ۽ استعمال ٿي چڪا هئا، پر افغانن اڃان هوائي جهاز اکين سان به ڪونه ڏٺو هو.

8 تاريخ مئي جو انگريزن هوائي جهاز موڪلي ترخم واري محاذ تي افعان فوجن مٿان بم ڪيرايا. بم جو هڪ ٽڪرو افغان ڪمانڊر صالح محمد خان جي  پير ۾ به لڳو؛ هُو ”پائي ما شهيد شد“ (منهنجو پير شهيد ٿي ويو( جون دانهون ڪندو، پنهنجي فوجي دستي کي پاڻ سان گڏ ڀڄايو، وڃي پوئتي ڊڪي جي ڇانوڻيءَ ۾ ڇپي ويهي رهيو. محاذ ٽٽي تتر بتر ٿي ويو.

        وچان اسان جو مولانا روهه ۾ رُلي ويو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي کُڙي کڻي وڃي چمرڪند (ياغستان) ۾ دم پٽيائين. نه وطن وري سگهيو ٿي، نه ڪابل ۾ ڪنڌ کڻي سگهڻ جهڙو رهيو  هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امان الله خود ضرورت محسوس ڪئي ته مولانا سان مزيد مشورو ٿيڻ گهرجي، چمر ڪند مان ڪابل گهرائي ورتائين.

انگريزن جي هڪ هوائي جهاز 24 تاريخ مئي جو پشاور مان ڪهي اچي ڪابل مٿان هڪ اڌ گولو ڪيرايو. افغانن آسمان مان ڪرندڙ بمن جي بهاري پهريون ڀيرو ڏٺي، هراس ۾ پئجي ويا.

 امان الله خان بنهه دل هاري بيهي رهيو. هندستان طرف وڌڻ ۽ مولانا صاحب جي خوابن ۽ اميدن کي پورو ڪرڻ ته درڪنار، نه ڪيائين هَم نه تم -- هڪدم جنگبندي جو اعلان ڪري، 27 مئي جو محاذن جي ڪمانڊرن ڏانهن حڪم موڪلي ڏنائون ته هو پنهنجون فوجون سرحد کان ويهه ميل پوئتي هٽائي ڇڏين. ويچاري مولانا کان ته پڇيائين به ڪونه!

 8 آگسٽ (1919ع) جو امان الله خان جي نمائندن، راولپنڊي پهچي انگريزن سان (عارضي وقتي) صلح نامو ڪيو، انگريزن سالانه امداد واري رقم تان هٿ کڻائي، افغانستان کي في الحال خط ذريعي هڪ آزاد رياست تسليم ڪرڻ جو دلاسو ڏنو.

 راولپنڊي ۾ انهن ڳالهين هلندي افغان نمائندن هڪ اکر به هندستان جي باري ۾ انگريزن کي ڪو نه چيو.(1).

 ان عارضي صلح نامي جي تصديق ۽ مستقبل جي تعلقات جي نوعيت متعين ٿيڻ اڃا باقي هئي.

ورندڙ سال، يعني 1920ع ٻنهين طرفن حالتن چڪاسڻ ۾ صرف ڪيو. انگريزن خلاف جليان والا باغ ڪري هندستان اندر ڪانگريس هلچل زور سان اڀرندي ٿي ويئي؛ ترڪيءَ جي مسئلي ته مسلمانن ۾ به شديد اشتعال پيدا ٿي چڪو هو؛ انگريز انهن حالتن کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ بندوبست ڪندو رهيو. ٻئي  طرف امان الله خان وارا روس جي نئين (1) ڪميو نسٽ حڪومت جا ٽپڙ جاچيندا رهيا ته انگريزن سان دوباره جهيڙي واريءَ حالت ۾ کين روس وٽان ڪهڙي ۽ ڪيتري مدد ملي سگهندي. ساڳي وقت امان الله خان پنهنجا سفير ٻاهرين ملڪن ڏانهن به ورانو ڪندو رهيو ته هو دنيا جي حڪومتن کي وڃي هيءَ خوشخبري ٻڌائين ته افغانستان هينئر انگريزن جي چنبي مان نڪري آزاد خود مختيار رياست بنجي چڪو آهي، جنهن سان سڌيءَ طرح سفارتي رشتا قائم ڪرڻ سندن لاءِ مناسب قدم ٿيندو.

 ٻئي سال، يعني 1921ع جي جنوريمهيني ۾ انگريزن سر بنري ڊابس جي سرڪردگيءَ هيٺ. امان الله سان پڪي عهدنامي بابت ڳالهين هلائڻ لاءِ پنهنجو وفد ڪابل موڪليو. ڳالهيون ست -اٺ مهينا هلنديون رهيون ۽ گهڻو ڪري پوزيشن صاف ٿي ويئي.

ساڳي سان (1921ع) جي آخر ۾، امان الله خان پنهنجن نمائندن جو وفد، پنهنجي سهري محمود طرزي (1) جي سربراهي هيٺ، انگريزن سان آخري عهدنامي طئي ڪرڻ لاءِ هندستان موڪليو. مسوريءَ ۾ شرطن تي گهڻو وقت ڪشمڪش هلندي رگي. نيٺ 22 نومبر جو پڪي صلح نامي ۽ عهدنامي تي صحيحون پئجي ويون ۽ ا۽ امان الله ۽ انگريز جو جهيڙو ختم ٿيو؛ ٻيئي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا. انگريزن کيس آزاد بادشاهه قبول ڪيو ۽ ”هزميجسٽي“ ڪوٺڻ قبول ڪيو.

 محمود طرزي، جڏهن هندستان ڏانهن روانو ٿيڻ لڳو هو ته هن مولانا عبيدالله کي ڏٽو ڏئي. کانئس ڪيترن هندستاني ليڊرن  انقلابي ورڪرن نالي خط ورتا هئا؛ خطن وٺڻ جو مقصد، مولانا کي هيءُ ٻڌايو هئائين ته انگريز سان صلح ٿيڻ جو امڪان ڪو نه آهي، تنهنڪري جنهن وقت انگريزن سان ڳالهيون ٽُٽيون ته هو اهي خط هندستان وارن کي پهچائي کانئن بغاوت ڪرائيندو ۽ پاڻ واپس ڪابل پهچي هڪدم سندن مدد لاءِ افغان لۡشڪر روانو ڪرائيندو، اهو سڄو ٺلهو چقمو هو. پاڻ ڪيائين ڇا، جو مسوريءَ ۾ انگريزن سان عهدنامي تي صحيحن ڪرڻ کان پوءِ اهي سمورا خط، ساڻن پنهنجيءَ خير خواهي ڌيکارڻ لاءِ سندس (يعني انگريزن جي) حوالي ڪري ڇڏيائين!

        انگريزن جي ساٿين کڻي سُئي، کين معلوم ٿي ويو ته هندستان اندر ڪهڙا ڪهڙا لڪل انقلابي آهن.

        آُنهن کي ٻڌڻ لاءِ هڪدم وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏنائون. جيڪي غريب اڄ تائين سي _ آءِ_ ڊي جي نظرن کان ٽَريل هئا سي به هينئر نگهوسار ٿي ويا.

        انگريزن انهن خطن ڏسڻ کان پوءِ، اهڙو تشدد ڪيو جنهن جو مثال اڳ نظر ڪو نه آيو هو.

        اها هئي محمود طرزيءَ جي ڪارستاني، يا مولانا سان افغانن جي روش!

جنرل نادر خان مرحوم ته محمود طرزيءَ کان به وڌيڪ سٽ سٽيو ويٺو هو. سندس ڪوشش هئي ته امان الله خان مسوريءَ واري وفد جي اڳواڻي سندس سپرد ڪري، جيئن هو ان موقعي جو فائدو وٺي، انگريزن کي ڊيڄاري ڌمڪائي ۽ ساڻنن ڊپلومسي هلائي کانئن سرحد جو سڄو علاقو، درياهه جي سڄي ڪناري وارو اٽڪ جي پل تائين ڇڏائي افغانستان ۾ شامل ڪرائي ڇڏي. پر امان الله خان کيس مسوري ڪو نه موڪليو، جنهنڪري اهو منصوبو اُپڙي ڪو نه سگهيو ولي بخير گذشت!

 

*                  *                         *

                 1921ع ۾ جڏهن افغانن ۽ انگريزن جي وچ ۾ پڪي عهدنامي جي شرطن تي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، ته انگريزن تي وڌيڪ دٻاءَ وجهجي کانئن پنهنجي آزادي وٺڻ لاءِ امان الله خان هڪ ٻيو حيلو به هلايو.             

                   هندستان ۾ هجرت جي چو پچوءِ هلڻ لڳي هئي. فرنگي محل (لکنو) جي مولانا عندالباري صاحب رحمته الله عليه فتويٰ جاري ڪئي هئي ته انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري مسلمانن لاءِ ”دارالحرب“(1)بڻجي چڪو آهي، جتان هجرت ڪري ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ وڃي پناهه وٺڻ هيئر مسلمانن جو مذهبي فرض آهي.

                امان الله اها خبر ٻڌي اعلان ڪيو ته؛ ”افغانستان جو سارو ملڪ هندستان جي مهاجرن کي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“ ان اعلان جا رڪارڊ ڀرائي هندستان موڪلي مسلمانن کي ٻڌايا ويا.


(1) مولانا صاحب جي تفصيلي حالات  ڏيڻ لاءِ آءُ  هن ڪري مجبور آهيان جو هيلتائين جن مورخن E   Fهندستان جي تحريڪ آزادي ٿي ڪتاب تي لکيا آهن، تن مولانا جي باري ۾ انتهائي بخل کان ڪم پي ورتو آهي؛ انهن جي ڪتابن ڏٺي ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ برصغير کي آزاد ڪرائڻ واريءَ جدوجهد ۾ مولانا ڪو حصو ئي ڪو نه ورتو هو، حالانڪ آءُ اُن دؤر جي دفترن کي چڪاسيندي هن نتيجي تي پهتو آهيان ته آزاديءَ جي تحريڪ جي پاڙن پختي ڪرڻ، ۽ بين الاقوامي دنيا ۾ ان کي روشناس ڪرائڻ  لاءِ جيترو ڪم مولانا مرحوم ڪيو، اُن جي دوران ۾ ان ي روشناس ڪرائڻ لاءِ جيترو ڪم مولانا مرحوم ڪيو، اُن جي دوران ۾ جيتريون مصيبتون مشقتون سٺائين، تن جو مثال ٻئي ڪنهن به هندستاني ليڊر جي لائف ۾ ڪو نه ٿو ملي.وڏي ڳالهه ته اها هئي ته مولانا اِن سچ ۾ ان وقت ٽپو ڏنو هو، جڏهن تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ، هندستان جي آزاد ٿيڻ، آزاديءَ بعد عُهدن، انعامن ۽ اڪرامن جي ورهاست جي ڪابه اميد ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي (ايهي ديڳيون گهڻيون پوءِ چڙهيون).هُن مسڪين سنڌي مولوي اهڙي زماني ۾ ”الله تو آهر“ سندس اکين اڳيان پي بُکيا،  يعني ساريءَ عمر جي جلاوطني، دربدري، بُک ۽ ڏک، گرفتار ٿي انگريز جي چنبي ۾  اچڻ واريءَ حالت ۾ اڻ پڇيو ڦاهي!

        اهڙي سياسي سرمد کي وسارڻ .  سندس قربانين کي انڪري لڪائڻ ته هو نڌڻڪيءَ سنڌ جو هڪ مسلمان سپوت هو، وڏي بد ديانتي هئي جنهن جا مرتڪب گهڻا مورخ ٿيا . انگريز مورخن کي وري به شاباش آهي جو هنن هر تحرير ۾ مولانا جو روئڻو پي رُنو آهي.

(1) ڳوٺڙي جو نالو هو چُيان والي  - تاريخ ولادت 10 مارچ 1872ع.

(2)  مولانا تاج محموه جي اسلامي جذبي جي باري ۾ هيءُ  قصو مون ڏانهن پير علي انور شاهه راشدي E Fمرحوم لکي موڪليو؛ ”جن ڏينهن ۾ خلافت تحريڪ هلي رهي هئي، سنڌ جي ڪن مسلمان ڪامورن انگريز کي خوش ڪرڻ لاءِ تحريڪ جي ورڪرن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو هو، هڪ وفد تحريڪ جي ليڊرن جو، بمبئي جي گورنر سان شڪايت ڪرڻ لاءِ سنڌ مان روانو ٿيو. وفد جو اڳواڻ غلام محمد ڀرڳڙي مرحوم هو؛ ٻيا ميمبر هي هوا؛ مولانا تاج محمود امرو ٽي، پير تراب غلي شاهه راشدي مرحوم، پير علي انور شاهه راشدي ۽ ٻه چار ٻيا. حيدرآباد مان ريل ۾ سوار ٿي مارواڙ ۽ آبوءَ جي رستي بمبئي وڃي رهيا هئا. جڏهن اَبو روڊ اسٽيشن ڏانهن ريل وڌي رهي هئي ته کين خبر پئي ته ان ڳاڏيءَ ۾ اَو اسٽيشن کان ترڪيءَ جي جنگي قيدين کي سوار ڪري بمبئي ڏانهن وٺي ويندا. مولانا امرو ٽي هڪدم فتوا ڏني ته مسلمان قيدين کي انگريز جي حراست مان نه ڇڏڻ ڪفر ٿيندو، تنهنڪري جهاد فرّص ٿي ويو آهي. مولانا سڀني رفيقن کي وضو ڪرائي، شهادت لاءِ تيار ڪيو ڇو ته ظاهر هو ته خالي هٿين پوليس سان مقابلي جي معنٰي هئي موت. سڀ وضو ڪري وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا پر جڏهن اَبوءَ پهتا ته ترڪيءَ جا جنگي قيدي جهاد جي خبر اڳواٽ پئجي وئي جنهنڪري هنن قيدي ساڳيءَ گاڏيءَ ۾ ڪونه چاڙهيا.

(1) حضرت پير صاحب تحريڪ خلافت جو وڏي ۾ وڏو اڳواڻ هو؛ سنڌ ۾ جيڪا پهرين خلافت ڪانفرس لاڙڪاڻه ۾ ٿي، ان جي صدارت پير صاحب ڪئي ۽ اهڙي تند ۽ تيز تقرير ڪيائين جو سڄيءَ سنڌ ۾ انگريزن خلاف باهه ٻري وئي.

(2) آگسٽ 1914غ ۾ جرمن ۽ انگريز جي وچ ۾ جنگ ڇڙي چڪي هئي جيڪا وڌندي روءِ زمينE            Fکي وڪوڙيندي ٿي ويئي.

            هندستان به اک پٽي چڪو هو؛ ڪانگريس اڳ ۾ ئي، انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ درجه بدرجه قدم وڌائيندي رهي هئي. هينئر جو انگريز سان جنگ لڳي ۽ ان ۾ ترڪيءَ جو سلطان به (جيڪو خليفته المسلمين سمجهيو ويندو هو) انگريزن جي خلاف جرمنيءَ سان شامل ٿي پيو، تنهن ڳالهه هندستان جي مسلمانن کي اٿاري کڙو ڪيو ته هو به سلطان ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ هندستان مان به انگريز جي پاڙ پٽي ڪڍڻ لاءِ پنهنجي مٿي ڪجهه ڪوشش ڪن.

            انهن جو اڳواڻ شيخ الهند حضرت مولانه محمودالحسن ديوبند وارو بڻيو. ساڻس ان ڪم ۾ ٻيا به گهڻا مسلمان ليڊر ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. مڙني صلاح ڪئي ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ رح کي ڪابل موڪلجي. اسان جي مولانا صاحب جو ڪابل وڃڻ ان منصوبي هيٺ ٿيو.

(1) شيخ عبدالرحيم صاحب، ڪر پاڪلاڻي گهراڻي جو هڪ هندو نوجوان هو جيڪو مسلمان ٿيو هو. سندس احوال انشاءالله حيدرآباد جي باب ۾ ڏنو ويندو.

(1) ان زماني ۾ روس ۽ انگريز جي وچ ۾ وڏي چٽاڀيٽي لڳل هئي؛ روس گهريو ته هو افغانستان جي رستي هڪ طرف ته خليج جي گرم پاڻيءَ پهچي ۽ ٻي طرف هندستان ڏانهن وڌي انگريزن جي اثر ۽ حڪومت کي اتان زائل ڪري ڇڏي. ان منصوبه کي ڪامبياب ڪرڻ لاءِ افغانستان جو روس جي ضابطي هيٺ رهڻ ضروري سمجهيو ٿي ويو. مقابلياََ انگريز لاءِ به ضروري ٿي پيو هو ته هو روس کي روڪڻ خاطر افغانستان کي پنهنجي زبردستيءَ هيٺ آڻي

(1)  انگريز طرفان افغانستان سان لکپڙهه هند سرڪار جو وائسراءِ ڪندو رهندو هو؛ امير صاحب کي اهو اعزاز حاصل ڪو نه ٿي سگهيو هو ته هو براه راست لنڊن حڪومت سان نوشت خواند ڪري سگهي.

 

(1) اهو خط 5 نومبر 1914ع جو لکيو ويو هو.

(2) امير صاحب کي جڏهن اهو طلاع مليو ته جارج پنجين جو خط سندس نالي تي اچي رهيو آهي ته هن خط جي استقبال لاءِ هڪ فوجي دستو پنهنجي وڏن اهلڪارن جي سرڪردگيءَ هيٺ سرحد ڏانهن موڪليو ته هو خط کي سلامي ڏين ۽ قاصد کي فوجي اعزاز سان ڪابل تائين وٺي اچن. ڪابل ۾ پاڻ هڪ وڏي دربار ڪيائين جنهن ۾ سر وقد بيهي قاصد کان شاهي خط وصول ڪيائين.

(1) حتاڪ آخر ۾ ان وفد سان ٻن ٽن مهينن جي گفتگو کان پوءِ 24 جنوري (1916ع) جو هڪ معاهدو به ڪري ڇڏيائين. شرط هي وڌائين؛ (1) جرمني وارا کيس هڪ ڪروڙ پائونڊ نقد پيشگي ادا ڪندا؛ (2) هڪ لک ترڪي فوج افغانستان جي مدد لاءِ ايندي؛ (3) جڏهن اهي ٻه شرط پورا ٿيندا ته ان کان پوءِ امير صاحب انگريز سان جنگ جو ٽيندو! هڪ طرف امير صاحب جرمن وفد سان اهو معاهدو ڪيو، ٻي طرف ڪابل ۾ رهندڙ انگريزن جي ايجنٽ، حافظ سيف الله کي بند ڪمري ۾ ويهاري کيس ٻڌيائين ته هو پنهنجي سرڪار کي تسلي ڏئي ته هن جرمن وارن سان معاهدو صرف وقت ٽپائڻ لاءِ، نمونه بازيءَ کان ڪم وٺي ڪيو آهي، جنهن جو کين ڪو فڪر ڪرڻ نه گهرجي؛ افغانستان ساڻن پنهنجن ڪيل وعدن تي ثابت قدم آهي ۽ رهندو؛ فقط سرڪار والا تبار خود کي هي خيال ڪرڻ گهرجي ته کيس ملندڙ امداد ۾ جيڪو ٻن لکن جو اضافو ڪيو ويو آهي، تنهن E Fکي افغان پنهنجي لاءِ بي عزتي جو باعث سمجهن ٿا (يعني اضافو وڌيڪ ٿيڻ کپندو هو)، ان کان سواءِ اڳي ملندڙ سالانه امداد جي رقم 48 لک به اڃان ادا ڪانه ڪئي ويئي آهي، جيڪا هينئر فوراََ پهچڻ گهرجي.

            قدرت جو تماشو هيءُ ٿيو ته ان بقايا رقم وصول ڪرڻ لاءِ امير صاحب خچر، گهوڙا ۽ گڏهه پشاور موڪليا، پر ان وچ ۾ پاڻ قتل ٿي ويو ۽ ان رقم مان مستفيد ٽي نه سگهيو. فرق صرف هفتي کن جو ٿيو

 

(1)  نادر خان (جيڪو پوءِ افغانستان جو بادشاهه بڻيو) اُن وقت افغانستان جي فوج جو اعلٰي آفيسر ۽ شاهي درٻار جو امير هو؛ شاهي خاندا ۾ سڱ به ڏنل هوس.

(2) محمود طرزي، امير حبيب الله خان جي ٻن پٽن عنايت الله ۽ امان الله جو سهرو هو؛ سراج اللخبار جي ايڊيٽري ڪندو هو ۽ انگريزن تي ٽوڪ ٽڙي ڪندو رهندو هو.

                    اهي ٻئي صاحب ڪنهن وقت هندستان ۾ به رهي چڪا هئا.  في الحيققت نادر خان ته ڄائو به ديرادون ۾ هو جت سندس والد جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو.

(1)  مولانا ڪل ست سال ڪابل ۾ گذاريا. اهو سارو عرصو ساڻس ڪابل سرڪار جو سلوڪ سخت هتڪ آميز بلڪ سنگدلانه رهيو؛ هڪ طرف کيس پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪندي رهي ۽ ٻئي طرف انگريزن کي خوش ڪرڻ لاءِ کيس وقت بوقت نظر بند ڪري سندس توهين به ڪندي رهي.

            هنن ٻن واقعن مان مسلمان مهاجرن ۽ پناهه گزينن جي باري ۾ امير حبيب الله خان جي حڪومت جي مجموعي ذهنيت تي شني پوي ٿي؛

(1)       الهه نواز (ملتاني ) نالي مولانا جي هڪ رفيق، مولانا جي نظربنديءَ واري زماني ۾ هڪ پٺاڻ پهريدار سپاهي کي چماٽ هڻي ڪڍي، جنهنڪري سپاهيءَ جي اک کي رَهڙ اچي ويئي. مقدمو امير جي وڏي پٽ عنايت الله وٽ پيش ٿيو جنهن مولانا خود کي ۽ سندس ٻين رفيقن کي بطور مجرم طلب ڪيو؛ سارو ڏينهن مولانا کي ڪورٽ جي ٻاهران اُس ۽ اُڃ، بُک تي ويهاري ڇڏيو هئائون. شام جو امير جي وڏي پٽ عنايت الله فيصلو ٻڌايو؛ الهه نواز کي عمر قيد جي سزا ڏني ويئي؛ مهاجرن ۽ پناهگيرن سان سلوڪ جي باري ۾ عنايت الله هي اصولي نڪتو، مولانا کي کليءَ عدالت ۾ ذهن نشين ڪرايو-- چيائين ته ”اسان جي ملڪ (افغانستان) ۾ مهمان، جنهن ميزبان جي گهر ۾ رهندو آهي، ان گهر جو گڏهه سمجهيو  ويندو آهي؛ ميزبان جيئن به گهري اُن کي رهائي سگهي ٿو.“

(2)      افغانستان ۾ دستور هوندو هو ته ڪن سرڪاري قيدين کي اميرن ۽ وزيرن جي حوالي ڪيو ويندو هو ته هو انهن کي پاڻ وٽ حوالات ۾ رکن. مولانا کي هڪ دفعو وزير ماليات مستفي الممالڪ مرزا محمد حسين جي حوالات ۾ ڏنو ويو؛ اهو وزير زنگريزن جو طرفدار هو، جنهن کي امير حبيب الله جي مرڻ کان پوءِ امير امان الله موت جي سزا ڏني. ان بدخو وزير امير حبيب الله کي درخواست ڪئي ته عبيدالله ۽ سندس ٻن ڀاتين کي مفت جي ماني کارائڻ عيوض کانئن ڪا محنت به ڪرائي وڃي. امير صاحب جواب ۾ مولانا جي باري ۾ جيڪو فرمان پنهنجي وزير ڏانهن جاري فرمايو، ان ۾ لکيائين ته:

”معلوم ڪيو ته اهي ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ جي به اهليت رکن ٿا يا اڻ گهڙيل ڪاٺ آهن؟“

سبحان الله! مولانا صاحب، عبيد الله ۽ ”اڻ گهڙيل ڪاٺ!“

پر مولانا صاحب، پنهنجن اعليٰ مقصدن جي پيش نظر، هڪ خودفراموش انقلابيءَ وانگر  اهي سموريون بي عزتيون (۽ ٻيون جن جو ذڪر اڳتي ايندو) صبر ۽ استقلال سان برداشت ڪندو رهيو.

(1) امير حبيب الله جو فرزناد

(2) امير صاحب جو ڀاءُ

(1) هن سنڌي مولانا جي حوصلي جو داد ڏيڻو پوي ٿو. هڪ جلاوطن درويش جيڪو ڪابل پهچڻ بعد ڪڏهن نظر بند ڪڏهن آزاد، سندس مسڪيني جو هيءُ عالم جو بدن جا ڪپڙا وڪڻي گذارن ڪري چڪو هو، سو هندستان جي تاج ۽ تخت جا سودا ڪري رهيو هو!

            — مولانا جي ان اسڪيم جو هڪ حصو هيءُ به هو ته ”جڏهن افغانستان جي مدد سان هندستان آزاد ٿي ويندو ته آزاد حڪومت جي ٻي شاخ به قائم ڪئي ويندي، جنهن جي هٿ هيٺ صوبه سرحد، سنڌ، بلوچستان ۽ آزاد علاقو (هندو ڪش جبل تائين) هوندو“. يعني درياء سنڌ جي سڄي ڪناري وارو سارو علاقو هڪ علحده انتظام هيٺ رهندو.

            — برصغير کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائڻ جي باري ۾ اهو اوائلي تصور هو جيڪو سال 1915ع ۾ مولانا صاحب پيش ڪيو. (ڏسو ظفر حسن ايبڪ جو ڪتاب ”آپ بيتي“، جلد پهريون، صفحو 116).

            — مولانا جي ان اسڪيم جي خبر امير صاحب جي ٻئي نمبر پت امان الله خان کي پهچي ويل هئي، جنهن سمجهو ٿي ته اسڪيم هيٺ هندستان جو بادشاهه پاڻ ٿيندو. امير جو وڏو پٽ عنايت الله خان اڳ ۾ ئي امير جو وليعهد هو ۽ کيس افغانستان جي بادشاهي ملڻي هئي، تنهنڪري هندستان جي بادشاهي امير جي ٻئي نمبر پٽ کي ئي ملي سگهي ٿي، جيڪو امان الله خان هو

(1) رولٽ ايڪٽ جي معنٰي هئي ته مقامي عملدار شڪ جي بنياد تي ڪنهن به شهريءَ کي جيل ۾ بند ڪري سگهن. سيد نور احمد لاهوريءَ پنهنجي ڪتاب ”مارشل لا سي ماشل لا تک“ ۾ لکيو آهي ته رولٽ ايڪٽ اهڙو ئي هو جهڙا ايڪٽ، سيفٽي ايڪٽ جي مالي سان آزاديءَ کان پوءَ جون حڪومتون گهڙيءَ گهڙيءَ پاس ڪنديون رهيون آهن. پر جڏهن انگريز جي زماني ۾ پهريون دفعو رولٽ ايڪٽ پاس ٿيو ته هندستان جي پبلڪ ۾ ڏاڍو غصو ۽ جوش پيدا ٿيو، جنهن جو نتيجو 13- اُپريل 1919ع واري جليان والا باغ جي قتل عام جي صورت ۾ نمودار ٿيو ۽ انڪري هندستان جي تاريخ نئين موڙ تي پهچي ويئي.

(1) شيخ عبدالرحيم مرحوم حيدرآباد جي هڪ معزز هندو خاندان جو فرد هو. آچار يا جيوت ڪر پالاڻي جو وڏو ڀاءُ هو. جيوت ڪرپالاڻي آل انڊيا ڪانگريس جو پريزيڊنٽ بڻيو ۽ سندس پريزيڊنٽي  جي زماني ۾ هندستان آزاد  ٿيو.   

            اسلام قبول ڪري حيدرآباد جي هندو گهراڻن کي مسلمان ڪرڻ لاءِ زبردست تحريڪ هلائي. وڏو طوفان کڙو ٿيو؛ مقدما هلندا رهيا؛ فساد ٿيندا رهيا؛ پر شيخ صاحب پنهنجن نو مسلم عزيزن سميت ثابت قدم رهيو ۽ تاريخ جي هڪ اهم باب جو عنوان بڻيو.

 

(1) اهي مهاجر وقتاََ فوقتاََ هندستان مان ڀڄي وڃي ڪابل ۾ رهڻ لڳا هئا. ڪي مولانا جي ڪابل پهچڻ کان اڳ ويل هئا ۽ ڪي پوءِ آيا. پر ڪابل رسڻ کان پوءِ اهي سڀ مولانا صاحب جي حلقي ۾ داخل ٿي، سندس واسطي باعث تڪليف بڻيا رهيا هئا (سواءِ هڪ ٻن جي) خود مولانا سان فقط ٻه ڀائيٽا محمد علي ۽ عزيز احمد گڏجي ويل هئا.

            مهاجرن جي لباس ۾ انگريز پنهنجا به ڪي جاسوس مولانا سان گڏي چڏيا هئا، جيڪي وقت بوقت سندس باري ۾ رپورٽون موڪليندا رهيا. انهن مان ٻه ته افغانستان وارن وٽ ظاهر ٿي پيا ۽ ڦاهي تي چاڙهيا ويا.

 

(1) اهو مرڪز آزاد علاقي ۾ افغانستان ۽ هندستان جي سرحد تي هو.

(1) ان زماني جي جنگين لاءِ ڏهه لک فوج وڏي ڳالهه هوندي هئي. لڙائي دست بدست هلندي هئي بندوق، نيزي ۽ ترار جي -- هاڻي وارا موتمار اڃان ڪونه ٺهيا هئا.

(1) حبيب الله جو قاتل ڪير هو ۽ ان سازش ۾ ٻين ڪهڙن ماڻهن جو هٿ هو تنهن جي ثابتي ملي ڪانه سگهي. شڪ ۾ ڪيترن ماڻهن کي جهليائون ۽ هڪ کي ته موت جي سزا به ڏي ڇڏيائون، پر اصل منصوبي تان پردو کڄي ڪونه سگهيو. سبب اهو هو جو امير حبيب الله خان مان گهڻو ڪري سڀئي ماڻهو تنگ هئا،ڪو به ماتم وغيره ڪو نه ٿيو. سندس لاش چپ چپات ۾ جلال آبايد (اندر کيل جي هڪ ميدان جي ڪنڊ ۾) پوري ڇڏيائون.

            مولانا کي ان سازش جو پتو هو يا نه، سو به يقين سان چئي نٿو سگهجي، پر متعلقه تحريري مواد تي ڳوڙهي نظر وجهڻ سان غالب گمان پيدا ٿئي ٿو ته مولانا کي ان سازش جي لازماََ کڻڪ هئي؛ پهريان ته جيڪو گروپ حبيب الله جي انگريز نواز پاليسين ڪري، اندران اندر سندس مخالف هو، تنهن سان مولانا جو سٺو رابطو رهيو؛ ٻيو ته مولانا جي اصلي مقصد کي ناڪامياب بڻائڻ، کيس تڪليف ڏيڻ ۽ انگريز کي کٽائڻ وارو اهو حبيب الله خان ئي هو، جنهنڪري قرين قياس لڳي ٿو ته مولانا جون دعائون حبيب الله جي دشمنن کي حاصل رهيون هجن ٽيون ته مولانا خود ان موقعي تي جلال آباد ۾ موجود هو ۽ چوٿون ته حبيب الله جي مرڻ سان مولانا جون پنهنجو ن اسڪيمون اڳٿي وڌڻيون هيون.

            بهرحال حبيب الله ختم ٿي ويو ۽ مولانا جي اميدن جو ڏيو عارضي طور ئي، پر هڪ ڀيور وري روشن ٿيو.

 

(1) ويچارو نصرالله خان مري به جيل ۾ ويو؛ امان الله خان پنهنجي مربي چاچي تي ڪو رحم ڪو نه ڪيو؛ آخر تخت تي جهيڙو هو!

(2) مولانا پنهنجي دل ۾ خوش هو ته هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيو هو، تنهن مان هندستان کي فائدو رسندو ۽ امان الله جي مدد سان هندستان آزاد ٿيندو -- امان الله شروع ۾ تقريرون به اهڙي قسم جون ڪيون.

 

(1) اهو ڪوس امرتسر ۾ ٿيو؛ انگريزن رولٽ ايڪٽ پاس ڪيو هو جنهن هيٺ عملدار ڪنهن به ماڻهوءَ کي بنا مقدمو هلائي جيل ۾ رکي سگهيا ٿي؛ اعتراضاََ ڪانگريس پاران مهاتما گانڌيءَ هڙتال تي اپيل ڪئي؛ پنجاب سرڪار امرتسر جي ڪانگريسي ليڊرن ڊاڪٽر ڪچلو ۽ ڊاڪٽر ستيال پال کي 10 اپريل جو گرفتار ڪيو جنهن تي امرتسر جي عوام هنگامو ڪيو. حڪومت 12 اپريل جو امرتسر جو انتظام فوج جي حوالي ڪيو؛ جنرل ڊائر ان فوج جو ڪمانڊر بڻيو. ٻئي ڏينهن يعني 13 اپريل، جليان والا باغ جي چوديواري اندر جلسي لاءِ ماڻهو گڏ ٿيا. جنرل ڊائر جليان والا باغ دروازي تي فوجي بيهاري، ماڻهن تي بي تاحاشا گوليون هلايون. ماڻهن لاءِ E Fپڄڻ  جو رستو ڪونه رهيو هو، ڇو ته جيڪو هڪ دروازو هو، تنهن کي فوج جهليو بيٺي هئي؛ 400 کان مٿي مئا 1200 زخمي ٿيا.

(1) ويچارن وڏو جو کم جو ڪم ڪيو؛ جيڪڏهن هندستان اندر پڪڙجي پون ها ته انگريز کين لازماََ ڦاسيءَ تي چاڙهن ها،جيئن ٻين ”باغين“ جي حالت ۾ ڪندو رهيو هو.

 

(1) عالمي جنگ 11 نومبر 1918ع جوبند ٿي هئي. هيءُ قصو ان کان صرف پنج مهينا پوءِ يعني اپريل 1919ع ۾ ڇڙي رهيو هو.

(1) مولانا جي هڪ مهاجر رفيق، شاگرد ۽ همراز (جيڪو سارو وقت سندس خدمت ۾ رهيو هو) نوجوان ڪئپٽن ظفر حسن ايبڪ پنهنجيءَ ”آپ بيتي“ (جلد پهريون صفحو 189) ۾ هيٺيون تبصرو ڪيو آهي، چي؛

”توڙي جو افغانن قبله مولانا صاحب (مرحوم) جي تجويزن تي عمل ڪونه ڪيو، تنهن هوندي به مولانا صاحب جي تدبير ۽ ڏکڻ هندستان جي موپلن جي جان نثارين ۽ اتر ۾ پنجاب جي ماڻهن جي قربانين سببان افغانستان آزاد ٿي ويو. افسوس اهو آهي ته هندستان ان کان پوءِ به پهرئين وانگر غلام رهجي ويو. افغانستان پنهنجي جنگي ساٿيءَ، يعني هندستان جي مسلمان جي E  Fپنهنجي قديم روايتي عادت مطابق سندس قسمت تي ڇڏي ڌنو. ان کان پوءِ انگريزن جيڪي ظلم هندستانين تي ڪيا، سي ڪنهن کان ڳجها ڪو نه آهن، پر وچ مان امان الله مستقل بادشاهه بڻجي ويئو ۽ ان ڪاميابيءَ جو سهرو سر تي ئي ٻڌي ويهي رهيو.

(1) عالمي جنگ هنلدي، شروع 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب اچي ويو هو ۽ ڪميونسٽن روس جي بادشاهه زار جي حڪومت جو تختو ڪڍي کيس قيد ۾ رکي ڇڏيو هو. زار روس انگريزن جو طرفدار رهيو هو (جنگ ۾)؛ انگريز ڪميونسٽ انقلابن خلاف روس جي شاهه پرستن جي مدد ڪندا رهيا هئا، تنهنڪري ڪميونسٽ انگريز جا دشمن ٿي پيا هئا؛ سندن سفير ڪابل ۾ پهچي چڪو هو.

(1) محمود طرزي امان الله جو وزير خارجه به هو.

(1) هڪ اهڙو ملڪ، جيڪو مسلمانن سان جنگ ڪري رهيو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org