سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: امام انقلاب

 مولانا عبيدالله سنڌي رحه

باب: --

صفحو : 6

ضميمو – 2

علي نواز وفائي

 

            مولانا عبيدالله سنڌي رحه

        مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙي انقلابي، سياستدان، قرآن ۽ حديث جي عالم، تاريخ ۽ تصوف جي ماهر، شريعت ۽ طريقت جي جامع، فلسفيءَ، پاڪ دل صوفي ۽ عارف بزرگ لاءِ ڇا لکجي ۽ هن جو ڪهڙيءَ زبان ۽ ڪهڙيءَ عبارت ۾ تعارف ڪرائجي!

نکته دان، نکته سنج، نکتا شناس

پاک دل، پاک ذات، پاک صفات.

-”حالي“

        مولانا عبيدالله جن، 1857 واري بلوي کان ٿورو عرصو پوءِ، 12 تاريخ محرم الحرام سن 1289 هه مطابق 10 مارچ 1872ع ۾ خميس ڏينهن صبح جو ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڍيانواڻيءَ ۾، هڪ سک خاندان جي گهر ۾ پيدا ٿيا. مولانا جي پيءُ جو نالو رام سنگهه، ڏاڏي جو نالو چسپتراءِ، ۽ سندس پڙڏاڏي جو نالو گلابراءِ هو. سکن جي حڪومت جي دور ۾ گلابراءِ پنهنجي ڳوٺ جو مختيار ڪار هو. سندس خاندان جو اصلي پيشو سونارڪو هو، پر ڪنهن وقت کان هڪ حصو سرڪاري نوڪريءَ ۾ لڳي ويو، ۽ انهن ۾ ڪيترا شاهوڪار وياج تي پيسن ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. مولانا جو والد، مولانا جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ئي وفات ڪري ويو هو؛ ٻن سالن کان پوءِ سندس ڏاڏو به گذاري ويو؛ نيٺ مولانا جي والده پنهنجي يتيم ٻارڙن سميت پيڪي گهر اچي رهي.

        مولانا جو مامو چامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هو. مولانا سن 1878ع ۾ ڄامپور جي هڪ اردو مڊل اسڪول ۾ تعليم وٺن شروع ڪئي. سن 1884ع ۾ اسڪول جي هڪ آريه سماجي شاگرد وٽ مولانا صاحب ”تحفته الهند“ ۽ شاهه اسماعيل شهيد جو ڪتاب ”تقويته الايمان“ ڏٺو. مولانا جن ڪتابن ڏسڻ سان انهن جي مطالعي ۾ محو ٿي ويا ۽ کين اسلام جي صداقت تي يقين ٿي ويو.

        سن 187ع ۾ جڏهن مولانا ستين درجي ۾ پڙهندا هئا، تڏهن مسلمان ٿيڻ جي شوق ۾ پنهنجي گهر کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويا، ۽ ”تحفته الهند“ جي مصنف جو نالو ”عبيدالله“ پاڻ تي رکيائين.

        سنڌ ۾ پهريائين جناب حضرت حافظ محمد صديق رحه ڀرچونڊي وارن بزرگن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. حافظ صاحب جن پنهنجي دور ۾ مذهب جي لحاظ سان ڏاڍا مشهور معروف ٿيا.  مولانا تي حافظ صاحب جن جي صحبت جو وڏو اثر ٿيو. مولانا صاحب جن 1910ع ۾ پير جهنڊي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو کوليو، جنهن جا پاڻ ناظم ۽ نگران هئا ۽ پڻ بطور معلم پڙهائيندا رهيا. حضرت موصوف هڪ ڏينهن ڀريءَ مجلس ۾ مولانا متعلق فرمايو ته ”عبيدالله الله ڪارڻ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ مذهب ڇڏيو آهي - هاڻي اسان هن جا ديني ماءُ پيءُ آهيون“. مولانا جي دل تي انهن لفظن ڏاڍو اثر ڪيو، ۽ پاڻ به حضرت حافظ جن کي پنهنجو ديني پيءُ ڪري سمجهيائون. انهيءَ سبب ڪري، سنڌ کي مستقبل طرح پنهنجو وطن سمجهيائون. مولانا جن قادري ۽ راشدي طريقن جي بيعت حضرت حافظ جن وٽ ڪئي. چئن پنجن مهينن کان پوءِجڏهين مولانا جن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اتان روانا ٿيا. تڏهين حافظ صاحب جن دعا فرمائي ته ”خدا ڪري ته عبيدالله جو ڪنهن راسخ عالم سان لاڳاپو پيدا ٿئي!“ چنانچه ها دعا قبول ٿي، ۽ الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان مولانا کي حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ پهچايو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi