بنامِ جهاندار جان آفرين
پاڪ ڪلمون (ڳالهه) پاڪ وڻ وانگر آهي، جنهن جي پاڙ پختي آهي ۽
ٽاريون آسمان ۾ آهن. هر وقت پنهنجي رب جي حڪم سان
ميوو جهليندو آهي. ۽ بڇڙي ڪلمي (ڳالهه) جو مثال
بڇڙي وڻ وانگر آهي، جنهن کي زمين تان پٽيو ويو
آهي. اهو بي پاڙو آهي.
قرآن مجيد
پيش لفظ
هي ڪتاب – جهڙا گل گلاب جا – ادب ۽ احترام سان، سنڌي زبان جي
پيارن پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. ان جي مصنف
سان منهنجي شناسائيءَ کي ڀريا چاليهه ورهيه ٿيا.
تن ڏينهن ۾ اسان ٻئي ڄڻا سنڌ جي تاريخي درسگاهه
مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ پڙهندا هئاسين،
جنهن جو پرنسيپال هو منهنجو چاچو (مرحوم) مولوي
شفيع محمد صديقي.
ادا غلام رباني مٿئين ڪنهن ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ اسڪول جي
ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو، سو چاچا کيس گهڻو
ڀائيندو هو. چاچا جي بدليءَ بعد اسان نوشهري مان
هليا وياسين. ادا غلام ربانيءَ مئٽرڪ جو امتحان
ڏيئي نوشهرو ڇڏيو ۽ حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾
داخلا ورتي، سال ٻه اتي رهي ڪراچيءَ هليو ويو، جتي
اول سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پوءِ ماهنامي نئين زندگي ۽
سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري به ڪيائين ۽ تعليم به جاري
رکيائين، جنهن جو اشارتاً ذڪر سائين غلام مصطفيٰ
شاهه واري مضمون ۾ ڪيو اٿس.
ماڻهوءَ جي شخصيت جو سانچو شايد ننڍپڻ جي نفسياتي اثرن موجب
تيار ٿئي ٿو. پنهنجي والد مرحوم واري مضمون ۾ هڪ
هنڌ لکيو اٿس ته، ”امان چوندي هئي ته اسان جي گهر
۾ رڳو هڪ شيءِ ۾ برڪت آهي – ڪتابَ.“
ادا غلام ربانيءَ جو ننڍپڻ ڪتابن پڙهندي گذريو. مون نوشهري هاءِ
اسڪول جي گرائونڊ تي ڪڏهن به کيس راند روند ڪندي
ڪونه ڏٺو. البت، هاءِ اسڪول جي ڊيٽنگ سوسائٽيءَ ۾
گهري دلچسپي وٺندو هو ۽ ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.
ذهين شاگرد تي استادن جو راز ٿيندو آهي، سو انهيءَ
ئي زماني ۾ ٻن استادن سندس ذهن تي ٻه متضاد
نظرياتي اثر وڌا: هڪ مرحوم مولوي جان محمد ڀٽو، جو
مذهبي خيالن جو هو ۽ ٻيو اظهار ڪاظمي جو سوشلسٽ
خيالن جو هو. ادا غلام رباني ٻنهي جو ادب ڪندو هو.
هو پڻ سندس گهڻو لحاظ ڪندا هئا. ادا غلام ربانيءَ
هڪ دفعي هاءِ اسڪول جي اسٽرائيڪ ۾ بهرو ورتو ۽
رسٽڪيٽ ٿيو. پر، مولوي جان محمد ڀٽي جي ڪوشش سان
کيس ٻيهر داخلا ملي. اظهار ڪاظمي صاحب اڄڪلهه
آمريڪا ۾ آهي. ادا غلام ربانيءَ جي ساڻس عقيدت
هئي. پنهنجن افسانن جي مجموعي ”آب حياب“ جو انتساب
ڏانهس ئي ڪيائين. اهي افسانا 1955ع کان 1957ع
واري عرصي ۾ لکيائين، جن مان ڪي بعد ۾ انگريزيءَ
چينيءَ ۽ جرمن زبانن ۾ پڻ ترجمو ڪيا ويا. انهيءَ
ئي زماني 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهيو ۽ پندرهن سال پوءِ
ان کي ڊاهيو ويو. اهو عرصو ادا غلام رباني سنڌ جي
تحريڪ سان وابسته رهيو. ان ڳالهه جي جهلڪ هن ڪتاب
۾ اسان کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ واري مضمون ۾ نظر
اچي ٿي.
سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت دوران، قدرت کيس جن باڪمال عالمن جي
صحبت نصيب ڪئي، تن جو هن ڪتاب ۾ وڏيءَ سڪ سان ذڪر
سان ڪيو اٿس. هڪ لحاظ کان ڄڻ ته هي ڪتاب سنڌي ادبي
بورڊ جو تذڪرو آهي. بورڊ جو صحيح معنيٰ ۾ پايو
وجهندڙ شخص محترم محمد ابراهيم جويو هو. ادا غلام
رباني سندس ئي تربيت يافته هو ۽ ان ڳالهه تي کيس
هميشه فخر رهيو. جويي صاحب تي هن ڪتاب ۾ جيڪو
مضمون لکيو اٿس، ان جو آخرين جملو ڪيڏو نه دل کي
ڇهندڙ آهي. درحقيقت، سنڌي جي هنن ٻن فرزندن جا
بورڊ تي جيڪي احسان آهن، سي وسرڻ جهڙا نه آهن.
بورڊ جا سوين ڪتاب سندن ئي نگرانيءَ هيٺ ڇپيا.
بورڊ جون موجوده عمارتون ادا غلام ربانيءَ جي ئي
ايامڪاريءَ ۾ ٺهيون. بورڊ جا پراڻا ڪارڪن،
پٽيوالا، ۽ چوڪيدار بلڪ وڻن جا ڪک پن ۽ گل گونچ
جويي صاحب ۽ ادا غلام ربانيءَ کي اڄ به سڪ سان
ساريندا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران، ادا غلام رباني ڪجهه عرصو سنڌ
يونيورسٽيءَ جو پرو- وائيس چانسلر مقرر ٿيو. پوءِ
ملڪ جي ممتاز ادبي اداري، اڪادمي اديبات پاڪستان
جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو، جتي هاڻي کيس ترقي ڏيئي
چيئرمين ڪيو ويو آهي. دعا آهي ته جتي به هجي، اتي
خدا کيس خوش رکي:
بهر جا که باشي خدا يار تو
محمد هميشه نگهدار تو
”جهڙا گل گلاب جا“ هڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي جن جي سنڌي زبان ۾ وڏي
ضرورت آهي. علامه آءِ. آءِ. قاضي فرمائيندو هو ته
”ڪو به ڪتاب سوانح حيات کان وڌيڪ اهم ڪونه آهي.“
علامه صاحب اسان پاٽ جي رهاڪن جو ته وڏو هو، پر
سنڌ جي بيشمار اهل دل انسانن وانگر ادا غلام
ربانيءَ کي به علامه صاحب سان وڏي عقيدت هئي. سندس
ئي هدايت تي عمل ڪائين ۽ انهن قد آور علمي ۽ ادبي
شخصيت جا سوانحي خاڪا لکيائين، جيڪي ويهينءَ صديءَ
جي سونهن هئا.
ويجهڙائيءَ ۾، هن قسم جو هڪ ڪتاب سائين جي. ايم. سيد لکيو: ”
جنب گذاريم جن سين،“ اهو به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو،
ٻيو ڪتاب پير علي محمد راشديءَ”اهي ڏينهن، اهي
شينهن“ نالي سان لکيو، جو به سنڌي ادبي بورڊ
ڇاپيو۽ هاڻي هيءُ ٽيون ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪري رهيو آهي.
ٻين سنڌي عالمن ۽ ناشرن پڻ انهيءَ رنگ ڍنگ جا ڪيئي عمدا
ڪتاب لکيا آهن. مثلا، تازو محترم علي احمد بروهيءَ
۽ محترم تنوير عباسيءَ ٻه اهڙا شاندار ڪتاب لکيا
آهن. دراصل، سنڌ جي علمي ۽ ادبي روايت تمام
شاهوڪار آهي. پر، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ اقتصادي
ڪشمڪش جي موجوده دور ۾ سنڌ پنهنجي علمي ۽ ثقافتي
تشخص کي تڏهن ئي برقرار رکي سگهندي، جڏهن پنهنجي
تاريخي ورثي ۽ ادارن کي محفوظ رکندي. برطانيا نه
فقط ترقي يافته ملڪن جي صف اول ۾ سرفهرست آهي، پر
دنيا جي مثالي جمهوريت آهي. ان جو هڪ مکيه سبب
برطانوي عوام جي پنهنجي ادارن ۽ تاريخي ورثي سان
بي پناهه محبت آهي. سنڌ – لائق ۽ فائق اديبن کان
اهائي توقع رکي ٿي ته - ايندڙ نسلن کي پنهنجن وڏن
۽ سندن قائم ڪيل تاريخي روايتن ۽ ادارن سان محبت
سيکارين. هي ڪتاب اهڙي ئي هڪ قربائتي آهي.
جمعو عبدالغفار صديقي
12 – جولائي 1991ع سيڪريٽري،
سنڌي ادبي بورڊ
شڪر ادائي
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، منهنجي محسنَ ۽ سنڌ جي سدا بهار
شخصيت، مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ۽ سندن
نورِ نظر، مخدوم جميل الزمان، چيئرمين، اسٽينڊنگ
ڪاميٽيءَ، هن ڪتاب جي اشاعت ۾ خصوصي دلچسپي ورتي.
مان سندن قرب کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهان ٿو ۽
بورڊ جي سمورن معزز ميمبرن ۽ سيڪريٽري برادرم
عبدالغفار صديقيءَ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.
2- برادرم حسين شاهه راشديءَ ڪتاب کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪي اهم
تجويزون ڏنيون ۽ اڪثر تصويرون عنايت ڪيون. مسز
روما ابوالڪلام جي تصوير موڪلي. عزيزم نفيس احمد
ناشاد ٻيون ڪي اڻلڀ تصويرون هٿ ڪري ڏنيون. مير علي
نواز سولنگيءَ مقدمي جي نقل نويسيءَ ۾ مدد ڪئي.
ڀاءُ علي نواز ڀٽيءَ اهو مواد ٽائيپ ڪيو. ڪتاب جي
ڪمپوزنگ جو ڪم سنڌ يونيورسٽي پريس جي فاضل رجسٽرار
برادرم محمد صالح راڄڙ جي توجهه سان ميان محمد
قاسم ٻٻر فورمئن جي نگرانيءَ هيٺ خير خوبيءَ سان
پورو ٿيو. متن جي پروفن پڙهڻ جو سڄو ڪم مسٽر محمد
دائود بلوچ اڪلايو ۽ مقدمي جي پروف ريڊنگ ۾ مسٽر
الله بچائي يوسف زئيءَ هٿ ونڊايو. ڇپائيءَ جي پوين
سمورن مرحلن تي برادرم نور احمد ميمڻ ۽ برادرم نور
محمد پٺاڻ نگراني ڪئي. مان انهن مڙني مهربانن جو
تهدل شڪر گذار آهيان.
3- محترم محمد دائود بلوچ ۽ عزيزم الطاف آگري هن ڪتاب جي اشاعت
۾ خاص دلچسپي ورتي. مون ڪتاب جي مقدمي ۾ اخلاق جي
اهميت تي زور ڏنو آهي، جو منهنجي خيال موجب، انسان
جي عظمت جو صحيح ماپو اخلاق آهي. قدرت محترم محمد
دائود ۽ عزيزم الطاف کي انهيءَ نعمت سان بي حساب
نوازيو آهي. سندن قربن جي شڪر ادائيءَ لاءِ مون کي
لفظ ئي ڪونه ٿا سجهن. الله پاڪ شال سدائين کين باغ
و بهار رکي.
اسلام آباد، خميس غلام رباني آگرو
7 ذوالحج 1411هه
20 جون 1991ع
انتساب
شبير، الطاف، عزيز، مجيب،
نورجهان ۽ قرت العين ڏانهن
تا جهان باشد به نيڪي
در جهانت باد نام
- حافظ
*** *** ***
Einstein was a strict determinist who believed
that for every action there necessarily exists a
cause and in line with Spinoza, he maintained “
Our actions should be based on the ever-present
awareness that human beings in their thinking,
feeling and acting are not free but are just ad
causally bound as the stars in their motions.”
-Jamie Sayen
“Einstein in
America”
*** *** ***
Late in his life he wrote to a Brooklyn
Minister: “The most important human endeavor is
the striving for morality in our action. Our
inner balance and even our very existence depend
on it. Only morality in our action can give
beauty and dignity to life.” Einstin was
carefull to emphasize, however, that “moral
conduct does not mean merely a stern command to
renounce some of the desired joys of life, but
rather a socialable interest in a happier lot
for all men.”
Jamie Sayen
“Einstein in America” |