سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

باب-

صفحو :5

 

اخلاق ۽ مذهب هڪ ٻئي سان ايتري قدر ته لاڳاپيل آهن، جو هڪ جو ٻئي کان سواءِ سوچي به نٿو سگهجي. تاهم، لامذهبي معاشري جو ته وري به تصور ڪري سگهجي ٿو، ليڪن اهڙي ڪنهن به معاشري جو تصور اچي نه ٿو سگهي، جيڪو اخلاقي قدرن کان بلڪ آجو هجي. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ”ماڻهو ڪفر سان ڀريل معاشري ۾ ته رهي سگهي ٿو، پر ظلم سان ڀريل معاشري ۾ رهي نه ٿو سگهي.“

چين ۽ روس لا مذهبي معاشرن جا چٽا مثال آهن، ليڪن اتي اخلاقي قدرن جو وڏو احترام ڪيو وڃي ٿو. چين جو ته مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. مغربي سرمايه دار ملڪن جي معاشرن کي نڪي ته مذهبي چئي سگهجي ٿو، نه وري لامذهبي. عيسائي ۽ يهودي اڃا مڙئي پنهنجي مذهب جو نالو کڻن ٿا. پر، اخلاقي قدرن جو خاص خيال رکن ٿا. مثلاً، سندن معاشري ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ کي ننديو وڃي ٿو. ”اندر ۾ هڪڙي، ٻاهر ۾ ٻي“ خراب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. پراوا حق ڦٻائڻ ظلم ليکيو وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته مغربي ملڪن جو معاشرو عام اخلاقي قدرن جي بالادستيءَ ۾، مشرقي ملڪن جي معاشري کان جيڪڏهن ڪن ڳالهين ۾ گهٽ آهي، ته ڪن ڳالهين ۾ ان کان گهڻو بهتر به آهي. خاص ڪري، مغربي ملڪن جون حڪومتون عام شهريءَ جي حقن جو جيترو لحاظ رکن ٿيون، اوترو مشرقي معاشري ۾ تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. مون سان مائٽ شوڪت جماڻيءَ ڳالهه ڪئي ته ”پنهنجيءَ گهر واريءَ (ڀاڄائي ناهيد) کي ويم لاءِ لنڊن وٺي ويس. جنهن ڏينهن ٻار ڄائو، ان ڏينهن کان اسان جي گهر ۾ سرڪار طرفان کير جي بوتل خودبخود پهچڻ شروع ٿي ويئي.“ سندس ڳالهه ٻڌي مون کي پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري اسپتالن جا ڪيئي منظر اکين اڳيان آيا، جن ۾ مون مرضن ۾ ورتل غريبن کي درد ۽ عذاب سببان تڙپندي ۽ ليلائيندي ڏٺو هو. پر، ڪوبه سندن سڏ ٻڌڻ وارو ڪونه هو.

مغربي معاشري ۾، رڳو سرڪار کي فرض شناسيءَ جو احساس ڪونه آهي. هر شهريءَ کي ٻئي شهريءَ جي حقن جو خيال آهي.

1947ع کان اڳ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾، بڊ صاحب نالي سنڌ ۾ ڪو اعليٰ عملدار هوندو هو. 1976ع ۾ هڪ ڏينهن پير علي محمد راشديءَ اسلام مان حيدرآباد فون ڪئي ته: ”بڊ صاحب پنهنجيءَ فيمليءَ سميت روڊ رستي اسلام آباد کان ڪراچيءَ اچي رهيو آهي. وارو ڪر، حيدرآباد ۾، انگريزن جي زماني جا ڪي ٻه ٽي ڪراڙا ڪليڪٽر گڏ ڪري وٺ ۽ بڊ صاحب جي مان ۾ ڪا شانائتي دعوت ڪر.“

مون بڊ صاحب جي مان ۾ لنچ ڏني. ٻه ٽي ڪراڙا ڪليڪٽر اڃا حيات هئا، سي به شريڪ ٿيا. شام جو بڊ صاحب کي ڄام شوري واريءَ پل تائين ڇڏڻ به ويس. شهر کان ٻاهر نڪتاسين، ته راجپوتانا اسپتال وٽ بڊ صاحب پيٽرول پمپ وٽ پنهنجي ڪار بيهاري، تيل وجهايو. کانئس پوءِ مون به پنهنجيءَ جيپ ۾ تيل وجهايو. پئسا ڏيڻ لاءِ سامهون شيشي جي ڪئبن ۾ ويس ته پٺيان بڊ صاحب ڇوهو ڇوهو اندر آيو ۽ چيائين ته ”مسٽر رباني، پنهنجي ڊرائيور کي چئه ته جيپ پمپ کان پاسي ڪري بيهاري. ڪو شخص پٺيان ڪار ۾ آيو آهي؛ پر، غريب تيل وجهائي نه ٿو سگهي، جو تنهنجي جيپ پمپ جي اڳيان سندس رستو روڪي بيٺي آهي. متان غريب تڪڙو هجي.“ بڊ صاحب جو اخلاق ڏسي، مون دل ۾ چيو ته، ”بيشڪ، اوهان جي قوم کي اسان تي حڪمراني ڪرڻ جو حق هو.“

اهڙين روايتن ڪري، مغربي معاشري ۾، اعليٰ اخلاق پيدا ٿيو، جنهن جو ٻيو قصو سائين مخدوم محمد زمان ٻڌايو. چيائين ته، ”هڪ دفعي علاج لاءِ ولايت ويس. ڊاڪٽر سان طبيعت جو احوال ڪري، دوا جو نسخو وٺي، پنهنجيءَ جاءِ تي آيس. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر وٽان ٽپال ۾ هڪ پارسل اچي پهتو. کولي ڏسان ته سگريٽن جو پاڪيٽ! ڊاڪٽر خط ۾ لکيو هو ته ”اوهان پنهنجن سگريٽن جو اڌ ڀريل پاڪيٽ منهنجيءَ ميز تي وساري ويا هئا، سو موڪلي رهيو آهيان.“

هڪ دفعي مان پنهنجيءَ فيمليءَ سان روڊ رستي اسلام آباد کان ڳوٺ وڃي رهيو هوس. لاهور ۾ ڏينهن ٻه ترسياسين. ٻارن کي شاهي قلعو گهمائڻ وٺي ويس. اسان کان اڳي ٿورا گهڻا سيلاني قلعو گهمي رهيا هئا. انهن ۾ ساٺيڪو سالن جي هڪ زائفان، جا ڪنهن يورپي ملڪ جي رهاڪو هئي، اسان سان رلي ملي ويئي. قلعو گهمندي، پنهنجيءَ ڪئمرا سان، اسان جو تصويرون ڪڍيائين ۽ موڪلائڻ مهل ايڊريس گهريائين. اسان پنهنجي سفر تي روانا ٿياسين. ڳالهه کي مهينا گذري ويا. هڪ ڏينهن ٽپال ۾ پارسل اچي پهتو. کولي ڏسون ته مائيءَ جو خط ۽ اسان جون تصويرون! ڏاڍا خوش ٿياسيون.

هن ئي ڪتاب ۾، مون ايڇ- ٽي لئمبرڪ تي مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ ٻڏايو اٿم ته سنڌي ادبي بورڊ سندس ٻه ڪتاب ڇاپيا هئا. ٻه ٽي سال گذريا، ته انهن ڪتابن ۾ ڏنل ڪي نقشا، ولايت جي ڪنهن رسالي ۾، پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڇاپڻ لاءِ اسان کان اجازت گهريائين. جيڪڏهن پاڻمرادو ائين ڪري ڇڏي ها، ته اسان کي خبر به ڪانه پوي ها. پر، جي پوي ها ته ڪوبه اعتراض ڪونه ڪيون ها.

هي ٻه ٽي عام مثال مون اهو ڏيکارڻ لاءِ ڏنا آهن، ته مغربي معاشري ۾ جيتوڻيڪ مذهب ڏانهن توجهه گهڻو گهٽجي ويو آهي، پر عام اخلاقي قدرن جي بالادستي آهي.

ليڪن، ائين سمجهڻ به صريحاً غلط ٿيندو، ته مغرب جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهي، سو عين اخلاق آهي، يا سڀ مغربي ماڻهو وڏا بااخلاق شخص آهن.

اٽڪ وٽ، سنڌو درياءَ ۽ ڪابل درياءَ اچي ملندا آهن. انهيءَ تاريخي لنگهه وٽ، هزارن سالن کان ڪيئي لشڪر، درياءُ پار ڪري، هندستان تي حڪمران ٿيا، انڪري اڪبر اعظم پنهنجيءَ ايامڪاريءَ ۾، فوجي قلعو ٺهرايو، جو اڃا جبل تي ڪر کنيو بيٺو آهي. سو سال اڳ، انگريزن درياءَ تي پل ٺهرائي، جنهن جو شان ڇا چئجي. پوري هڪ صدي، مٿانئس هيٺان لاريون ۽ مٿان ريلون لنگهنديون رهيون آهن. انهيءَ تاريخي پس منظر ۾، اٽڪ جو نظارو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. پراڻي  رستي جي پاسي ۾، لوڪلبورڊ جو ننڍڙو ريسٽ هائوس آهي. ٻه چار دفعا ان ۾ وڃي ٽڪيو آهيان. تازو ڳوٺان منهنجي وڏي ڀيڻ جنت خاتون، اسلام آباد گهمڻ آئي.“ مان کيس پنهنجيءَ گهر واريءَ نورجهان ۽ ٻارڙن سان گڏ، اٽڪ وٺي ويس. ريسٽ هائوس ۾ ماني کائي، درياءَ جي ڪپ تي ڪرسيون وجهائي ويٺاسون. چاءِ پي رهيا هئاسون، جو هڪ انگريز زال، هٿ  ۾ ڪتاب ۽ ڪار جي چاٻي لوڏيندي، سڌي اسان وٽ آئي. چيائين ته منهنجو مڙس ۽ ٻيا ڀاتي، درياءَ جي رستي، ٻيڙيءَ ۾ اچي رهيا آهن. مان اڳواٽ موٽر ۾ آئي آهيان، جو اسان جو پروگرام هو، ته اٽڪ وٽ پاڻ ۾ ملنداسين. اسان کيس قرب ۽ تعظيم ڏيئي، پاڻ وٽ ويهاريو. ميوي ۽ مشروبات سان خاطر تواضع ڪئي. کيس ڪئميرا ساڻ هئي. اسان جي ئي چوڻ تي ٻه ٽي تصويرون ڪڍيائين  ايڊريسون ورتائين. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيڙي آئي. مائي موڪلائي رواني ٿي. ورهيه وري ويا، مائيءَ نه تصوير موڪلي، نه چٺي چپاٽي.

ان واقعي کان به ويهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ دفعي لاهور ۾ شام جي مهل رستي تي پسار ڪري رهيو هوس، ته منهنجو هم عمر، هڪ انگريز نوجوان، پنڌ ڪندو، مون وٽ آيو، ۽ ڪنهن ننڍيءَ هوٽل جو ڏس پڇائين. مان کيس بکارو ڏسي، پاسي واريءَ ريسٽارنٽ ۾ وٺي ويس ۽ ماني کارايم. ڏاڍو شوق هو ته کانئس پڇان ته ڪلائيو نالي، تو جيڏو هڪ نوجوان، سڄي هندستان کي سٽي ڪٽي، انگريزن جي بادشاهي قائم ڪري ويو. توهان جي نئين نسل ڪهڙي نفسياتي چڪر ۾ هپي رنگ اختيار ڪيو آهي، جو ماني به خيرات جي کائو ٿا. هو پهريون سال انجنيري پڙهندو هو، جو پڙهڻ ڇڏي، هپين جي هڪ ٽولي سان گڏ، دنيا گهمڻ نڪتو هو. ماني کائي ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين. هلڪي بونداباري ٿي رهي هئي، سو مون کيس  چيو ته ”ٽام، تون پنج منٽ ترس، ته مان پنهنجي ڪمري مان ڪوٽ پائي اچان ته پوءِ ٿا ڪچهري ڪريون.“ مان ٻن چئن منٽن ۾ ڪوٽ پائي، ٻاهر آيس. رستي تي ٽام جو نالو نشان به ڪونه هو. هن فقير جو فقط مانيءَ سان مطلب هو.

ٽام کي ته ائين چئي آسانيءَ سان نظرانداز ڪري سگهجي ٿو، ته هو هڪ اوباش نوجوان هو. پر، علامه آءِ. آءِ. قاضي چوندو  هو، ته ”انگريزن جو پنهنجي ملڪ ۾ اخلاق جو ماپو هڪڙو آهي ته اسان وٽ ٻيو. جڏهن  سئيز واهه ٽپن ٿا، ته اخلاق کي پٺيءَ پاسيرو اڇلائي اچن ٿا.“ برصغير تي سياسي تسلط حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن اخلاقي قدرن کي جيئن پائمال ڪيو، سا حقيقت علامه صاحب جي قول جي صداقت جي ناقابل ترديد ثابتي آهي. چون ٿا ته سرچارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ انگلستان جيڪا تار موڪلي هئي، سا  ٻٽيءَ معنيٰ واري هئي. ان جو هڪ مطلب اهو هو ته ”مون سنڌ حاصل ڪئي آهي“ ۽ ٻيو اهو ته ”مون گناهه ڪيو آهي.“

آزاديءَ کان اڳ، انگريزن جي حڪومت ۾، ڪراچيءَ ۾ چاءِ پيڻ جون ننڍيون هوٽلون هونديون هيون، جن مان ڪن ۾ فقط انگريز چاءِ پي سگهندا هئا. هوٽل جي ٻاهران تختي لڳل هوندي هئي ته Indians and Dogs not allowed  هندستانين ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه آهي. مون اهي هوٽلون ۽ تختيون ڪونه ڏٺيون، جو اڃا ننڍو هوس ۽ ڳوٺان ڪراچيءَ وڃڻ ڪونه ٿيو هو. پر، ريل ۾ اهڙا گاڏا ڏٺم، جن ۾ رڳا انگريز چڙهيل هئا.

درحقيقت، سڀئي مغربي ملڪ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ پنهنجا بيٺڪي راڄ قائم رکڻ لاءِ مشرقي ماڻهن تي بي پناهه ظلم ڪندا هئا. سندن بداخلاقيءَ تي شيڪسپيئر جو هيءُ قول حرف به حرف صادق هو:

There is blood on your hands

All the perfumes of Arabia shall not sweeten it.

اڳيون دور ته ڇڏيو، پر هاڻوڪي زماني، خود ويهينءَ صديءَ ۾، مغربي ملڪن جيڪي هٿيار ٺاهيا آهن، سي جهنگلي جانورن تي آزمائش لاءِ آهن، يا انسانن تي؟ عراق، ايران، افغانستان، ويٽنام ۽ ڪوريا جي جنگين ۾، معصوم شهرين ۽ ابهم ٻارڙن جا رت جي دريائن ۾ ترندڙ لاشا آدم جو اولاد هئا يا ابليس جو؟ اتي مغرب جو اخلاق ڪيڏانهن پر ڪري اڏامي ويو؟ انهن جنگين ۾ ته وري به رڳو روايتي هٿيار Conventional Weapons استعمال ٿيا هئا. مغرب ۾، ليزر شعاع Laser Rays  ڪنهن کي ساڙي خاڪ ڪرڻ لاءِ ايجاد ٿي رهيا آهن؟ ايٽم بم ۽ هئڊروجن بم ڪنهن جي مهمانيءَ لاءِ تيار ٿي رهيا آهن؟

انهن مهلڪ هٿيارن ٺاهڻ لاءِ اهو عذر ڏنو وڃي ٿو ته جيڪڏهن هٽلر جهڙو ڪو خردماغ ماڻهو، ڪنهن ملڪ تي قبضو ڪري، ۽ اقتدار جي هوس ۾، پنهنجا پر ڦهلائي، اوسي پاسي جي غريب ملڪن کي سٽڻ ڪٽڻ شروع ڪري، ته کيس ٻين ملڪن وٽ انهن هٿيارن جي موجودگيءَ جو ڊپ هجي. گويا اهي هٿيار هڪ قسم جو دڙڪو يا روڪ Deterant  آهن. پر ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ کان پوءِ جيڪي جنگيون لڳيون آهن، تن جي تجربي مان ڇا ثابت ٿيو آهي، ته اهي جنگيون ڪنهن هٽلر کي روڪڻ  لاءِ لڳيون هيون يا مغربي ملڪن جي ملڪي مفادن لاءِ؟

تازو، آمريڪي هفتيوار رسالي ”ٽائيم“ (11 مارچ 1991ع) ۾ هڪ خط ڇاپي، ويٽنام جي جنگ کي به حق جي حمايت ۾ ”جهاد“ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. خط ۾ ڇپيل آهي ته: ”اها جنگ اسان جي غلطي نه هئي. جيڪڏهن ائين نه ڪيون ها ته رڳو ڏکڻ ويٽ نام نه، پر ڏکڻ اوڀر جو پورو علائقو ڪميونزم ۾ وٺجي وڃي ها.“

جيڪڏهن ڪميونزم جي نظام ۾، ماڻهوءَ کي بک، بيماريءَ ۽ گناهه کان نجات ملي ها، ته هو، هر صورت ۾، ان کي چنبڙيو پيو هجي ها. ڀلا، پنهنجي ٺهيل ٺڪيل آسودي گهر کي ڪير ڊاهيندو؟ جيڪڏهن ڪميونزم ناڪام ٿيو آهي، ته ان ڪري جو عوام جا مسئلا حل ڪري نه سگهيو. ورندو ماڻهن کان سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي به کسي ورتائين. پهاڪو ٺهي ويو ته: Not for Bread alone

چون ٿا ته روس ۾، اسٽالن جي حڪومت ۾، لکين ماڻهو قوم، ملڪ ۽ ڪميونزم جي نالي ۾، موت جي گهاٽ تي ائين ئي ڪٺا ويا، جيئن هٽلر جي نازي جرمنيءَ ۾. جيڪي ڪميونسٽ رياستون اڄ سوويٽ وفاق کان آزادي طلب ڪري رهيون آهن، سي ورهين جا ورهيه ڪميونزم جي نظام ۾ رهڻ کانپوءِ ئي مايوس ٿيون آهن. هنن ظلم ۽ زيادتيءَ جون شڪايتون ڪيون آهن. پر، ائين ته ڪونه چيو آهي ته اسان کي ويٽ نام جي جنگ مان اتساهه مليو آهي.

جنگ جنگ آهي. خون ۽ خرابي آهي. دنيا جو ڪوبه مهذب ماڻهو جنگ کي چڱو چئي نه ٿو سگهي، ۽ نه وري مهلڪ هٿيارن ٺاهڻ جو عذر قبول ڪري سگهي ٿو. خود مغربي ملڪن ۾ بي شمار باضمير انسان، مهلڪ هٿيارن ٺاهڻ تي احتجاج ڪري رهيا آهن. پر ڪارخانن جا امير مالڪ کين اپڙڻ نه ٿا ڏين. ڪڏهن دشمن ملڪ کي ”دڙڪي“ جو عذر ڏين ٿا، ته ڪڏهن ڪو ٻيو. مڙئي ”عذر“ ڏيڻو جو ٿيو.

وڪٽر هيوگو(يا ڪنهن ٻئي دانشور) ڦاسيءَ جي سزا جي مخالفت ڪندي، هڪ هنڌ لکيو هو ته ”اوهان ڪنهن به ماڻهوءَ کي زندگي ڏئي نه ٿا سگهو، ته پوءِ کانئس ڪهڙي اصول هيٺ کسيو ٿا؟ عذر اهو ڏيو ٿا ته ڦاسيءَ ڪري، مجرمانه ذهنيت رکندڙ ماڻهن کي عبرت حاصل ٿيندي. جيڪڏهن ماڻهن کي سڌارڻ لاءِ کين ”عبرت“ ڏيڻ اوهان کي ايڏوئي ضروري لڳي ٿو، ته اڳوپو هيئن ڪريو، جو پئرس جي دڪانن تي ڇيلي، گهيٽي ۽ ڍڳي جي گوشت سان گڏ، ماڻهوءَ جو گوشت به وڪري لاءِ رکو. ان مان ماڻهن کي وڌيڪ عبرت حاصل ٿيندي.

***

***

چون ٿا ته مغربي معاشرو ڏينهون ڏينهن بي روح بنبو وڃي ٿو. خود غرضي وڌندي وڃي ٿي. ماڻهن مان محبت موڪلائيندي وڃي ٿي. تازو، اخبارن ۾ خبر ڇپي ته ڪنهن نالي واريءَ فلم ايڪٽريس هڪ امير ماڻهوءَ سان شادي ڪئي. مڙس ڪئنسر جي ڪري وڃي اسپتال ۾ داخل ٿيو، ته زال عيش عشرت لاءِ ڪنهن سامونڊي ٻيٽ تي هلي ويئي. نالي واري هئي، سو، اخباري نمائندن اتي به ڳولي لڌس. ان مهل هوءَ هوٽل ۾ ترڻ جي تلاءَ تي، وهنجڻ جو هلڪو لباس پائي، آرام ڪرسيءَ تي ليٽي، انگوري شراب جون چسڪيون وٺي رهي هئي. اخباري نمائندن چيس ته ”اوهان جو خاوند ڪئنسر جي عذاب ۾ ڪنجهي رهيو آهي. اوهان هت عيش عشرت فرمائي رهيون آهيو؟“

اخباري نمائندن کي جيڪو جواب ڏنائين، ان ۾ سڄي مغربي معاشري جي سوچ جو عڪس آهي. چيائين ته، ”هائو. پر پاڻ کي حياتي ته رڳو هڪ دفعو ملندي آهي.“

جيڪي ماڻهو ولايت جا واقف آهن، تن جو چوڻ آهي ته اتي وڏيءَ عمر واريون زالون توڙي مرد وڏن سورن ۾ آهن. اولاد کين پڇي به ڪونه ٿو. منهنجي محترم دوست ڊاڪٽر علي محمد انصاري ڳالهه ڪئي، ته هونئن ته گهڻئي گهمرا ولايت ويو آهيان، پر اعليٰ تعليم لاءِ چڱو عرصو انگلستان ۽ آمريڪا ۾ رهيو آهيان. اها دانهن سورهن آنا صحيح آهي. ٻار جوان ٿيو ناهي ته ماءُ پيءُ گهر مان ڪڍي ڇڏيندس. چي، اسان ۾ طاقت ڪانهي ته توکي يونيورسٽيءَ جي تعليم ڏياريون. وڃي ڪماءِ ۽ کاءُ اها روش ماڻهوءَ کي خود غرض نه بنائيندي ته ٻيو ڇا ڪندي؟“

چوڻ لڳو ته ” آمريڪا جي اسپتال ۾ هڪ ٻڍيءَ عورت جي تعريف ڪندا هئا، جا اٺين اٺين ڏينهن مريضن جي سار سنڀال اچي لهندي هئي. جنهن مهل مون کيس ڏٺو ته هڪ ٻارڙي کي مٿي تي ٻاجهه سان هٿ گهمائي رهي هئي. پڇيو مانس ته توکي پنهنجي پوٽي يا پوٽو آهي؟ منهنجو ائين چوڻ ۽ مائيءَ جو روئڻ ۾ ڇٽڪڻ. مون ۾ کانئس ٻيو سوال ڪرڻ جي طاقت ڪانه رهي.“

ڊاڪٽر طاهره آغا ”امن جا دستا“ پروگرام (Peace corps) هيٺ آمريڪا ويئي. هڪ خانگي گهر ۾ ٽڪايائونس. ڳالهه ڪيائين ته ”هڪ دفعي ٻارڙي جي روڄ اڌ رات جو ننڊ ڦٽائي وڌي. اٿي وڃي پاسي واري ڪمري جو در کوليم. معصوم ٻارڙو اڪيلو بستري ۾ ڦٿڪي رهيو هو. ڇاتيءَ تان ڪپڙو کسڪي وات ۾ اچي ڦاٿو هوس. ڪڍ ڪئي هئائين، جنهن ۾ چولو خراب ٿي پيو هئس. چڍي مٽ ۾ آلي ٿي پئي هئس. سياري جي رات هئي. ابهم عذاب ۾ هو. ڊوڙي وڃي پاسي واري ڪمري جو دروازو کڙڪايم. ماڻس اکيون مليندي ٻاهر نڪتي. ڳالهه ٻڌي، ڪاوڙ مان ٻار جي ڪمري ۾ وئي. ڪپڙا مٽي، مٿس ڪمبل اڇلائي، ڇوهي ڇوهي، پوئتي پنهنجي مڙس ڏانهن موٽي ۽ زور سان ڪمري جو دروازو بند ڪري، مون کي تکائيءَ سان چيائين ته، ”آئنده منهنجي ننڊ نه ڦٽائيندي ڪر. پيو ڌوڙ پائي.“

جنهن معاشري ۾ ماءُ جي دل مان قياس جو جذبو ختم ٿي ويندو، سو آخر ڪاٿي وڃي پهچندو؟ ان ڳالهه مغربي ڏاهن کي منجهائي وڌو آهي. هڪ انگريزي فلم ڏٺم. ٽائيم – مشين ٺاهي اٿن، جو پوئتي هلاءِ ته اڳين زمانن جو احوال پردي تي ويٺو ڏس، پر جتي اڳتي هلاءِ ته ايندڙ زمانن جو احوال ويٺو ڏس، ايندڙ زمانن جو هڪ نظارو اهو هو ته ڪنهن واهه جي پل تي مرد ۽ زالون ويٺا آهن. هيٺ واهه ۾ ٽپا ڏين ٿا ۽ پاڻيءَ ۾ راند روند ڪن ٿا. هڪ ڄڻو ترڻ ڪونه ڄاڻي. سو غوطا کائي، دانهون ٿو ڪري ته ”وارو ڪريو. مون کي بچايو.“ سندس ساٿي وائڙن وانگر رڳو ڏانهس ڏسندا رهن ٿا. نيٺ غريب ٻڏي وڃي ٿو. پر ڪير به سندس ويجهو ڪونه ٿو وڃي.

فلم ساز اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته مغربي معاشري ۾ جيئن ته ڏينهون ڏينهن رحم ۽ قياس گهٽجي رهيو آهي، ان ڪري هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو، جو ڪير ٻڌندڙ جي ويجهو ڪونه ويندو.

ننڍي هوندي درسي ڪتابن ۾ هڪ بيت پڙهيو هئم، ته ”ٿيو غلغلو گرنار ۾ ته ڪو عطائي آيو.“ اڄڪلهه مغرب ۾ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو غلغلو آهي. چون ٿا ته جديد ترڪيءَ جي بانيءَ مصطفيٰ ڪمال جي قبر تي ڪتبو لڳل آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي انسان جا حقيقي مرشد آهن. مان ترڪيءَ ڪونه ويو آهيان، جو ان ڳالهه جي ترديد يا تصديق ڪريان، پر اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته ترڪي اڄڪلهه مغربي اثر هيٺ آهي. ڪنهن زماني ۾ اسلامي دنيا جي اڳواڻ هئي ۽ جلال الدين روميءَ جهڙو گوهر پيدا ڪيائين جنهن ست سو سال اڳ چتاءُ ڏنو:

علم را برمن زني باري بود

علم را برتن زني باري بود.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي علم آهي. ان جي وسيلي، ماڻهوءَ مادي طاقتن کي مطيع ڪري، اهڙيون عجيب ايجادون ڪيون آهن، جن کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان اهي ڏينهن وسري وڃن ٿا، جڏهن چوندا هئا فلاڻي کي اهڙو علم آهي جو جيڪي وڻيس سو ويٺو ڪري. غيبات هٿ ۾ اٿس. انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ سان جنن ۽ ديون کان وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. اڳين زمانن جي انسانن جا خواب ۽ خيال حقيقتن ۾ بدلائي ڇڏيا آهن. ماڻهو مڇيءَ وانگر سمنڊن جا سمنڊ تري وڃي ٿو. پکيءَ وانگر آسمان جي هڪ ڪناري کان ٻئي تائين اڏامي وڃي ٿو. پر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دريافتن ڪري حياتيءَ ۽ موت جا بنيادي نظريا ته بدلائي نٿا سگهجن. هونئن به سائنسي صداقت ته روزمره بدلبي رهي ٿي.

***

مغربي انسان هر مسئلي جو حل سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڳولي رهيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن مادهه پرست ٿي رهيو آهي. تازو اسلام آباد ۾ سنڌونديءَ تي هڪ بين الاقوامي سيمينار ٿيو. محترم محمد حسين پنوهر سيمينار جي روح روان مسٽر ميڊوز سان ملاقات ڪرائي. ڳالهين مٿان ڳالهيون نڪتيون. مسٽر ميڊوز چيو ته خدا جي تصور کان سواءِ ته هن جهان جي ڪارخاني جي ڪا معنيٰ ئي ڪانه ٿي رهي. پر، اهو به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته خدا جي مخلوق هن دنيا ۾ ايڏي عذاب ۾ ڇو آهي؟ چيائين ته توسان مذهب متعلق گفتگو  ڪرڻ جو شوق اٿم. ٻئي ڏينهن منهنجي گهر آيو. مغربي معاشري جو ذڪر نڪتو. چيائين ته اتي ڏينهون ڏينهن مادهه پرستيءَ ڏانهن لاڙو وڌي رهيو آهي. مون کانئس پڇيو ته ”مادهه پرستيءَ مان مطلب؟“ چيائين ته ”مال اسباب ميڙڻ، پئسا ڪمائڻ ۽ شاهوڪار ٿيڻ.“

ڏاهن هن دنيا کي ”عالم اسباب“ ڪوٺيو آهي. مال ۽ اسباب واقعي وڏي ڳالهه آهي. پئسو ڇٽيهه لڇڻو آهي. پرائين ڇو آهي ته سمورن مذهبن پئسي ميڙڻ کي ننديو آهي!

سک مت جي باني گرو نانڪ جي ڳالهه ڪندا آهن ته هيڪر پنهنجي چيلي سان گڏ ڪنهن ڳوٺ مان ٻئي ڳوٺ وڃي رهيو هو. چيلي چيس ته سائين جهنگ واريءَ واٽ بدران شاهي رستو ڏيئي هلون. جهنگ ۾ جانور ۽ چور چڪار جو خوف خطرو ٿئي ٿو. گرونانڪ چيس ته اها هڙ ته مون کي ڏي. کوليائين ته اندران هڪ سونو سڪو نڪتو. گرو نانڪ سڪو جهنگ ۾ اڇلائي، خالي هڙ چيلي کي ڏيئي، چيو ته : ”ابا، هاڻي منهنجي پٺيان هليو اچ. توکي چور چڪار جو ڪوبه ڀؤ ڀولو ڪونهي.“

حضرت عيسيٰ جو قول آهي ته”اٺ ته سئيءَ جو پاکڙي مان لنگهي سگهي ٿو. پر، شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بهشت ۾ داخل ٿيڻ ممڪن نه آهي.“

پيغمبر اسلام ڏانهن هڪ دعا منسوب آهي ته: ”يا الله، قيامت  ڏينهن مون کي غريبن سان گڏ اٿار.“

شاهه ولي الله جي چوڻ موجب قرآن ۾ فرعون ۽ قارون کي مال ۽ اسباب جي هوس سببان ننديو ويو آهي. عام مشاهدو به اهو آهي ته جنهن ماڻهوءَ وٽ مال ۽ اسباب ججهو آهي، تنهن ۾ ئي لالچ گهڻي، انسان دوستي گهٽ آهي. اڻ هوند وارو انسان کيس ڪوڙهه جو مريض نظر ايندو.

مئڪسم گورڪي آمريڪا ويو. هڪ وڏي سرمايه دار سان ملاقات ڪيائين ۽ پڇيائين ته اوهان وٽ هيترا لک ڪروڙ اڳيئي آهن، جي سڄيءَ عمر لاءِ اوهان جي کائڻ کپائڻ کان وڌيڪ آهن. سنڌ جي ڪنهن ڏاهي چيو ته ”ادا، امير ماڻهوءَ کي اوڏي آڪڙ آهي جو ڪو غريب کيس پيرين پوندو ته ائين ڀائيندو ته کيس ڪو ڪتو سنگهي ويو.“ پوءِ  اوهان جو هن نئين ڌنڌي ۾ هٿ وڌو آهي، سو ڇا جي ڪري؟ سرمايه دار جواب ڏنس ته ان مان ٻيا پئسا ڪمائيندس. گورڪيءَ چيس ته درست، پر انهن پئسن سان ڇا ڪندين؟ سرمايه دار چيس ته انهن سان وري ٻيا پئسا ڪمائيندس. گورڪيءَ چيس ته سمجهان ٿو ته تون پاڳل آهين؟ سرمايه دار چيس ته تون پاڳل آهين.

سرمايه دار جي ذهنيت بابت هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ٻڌم. مرحوم حاجي مولا بخش سومري سان منهنجي هڪ هوندي هئي. بيمار ٿيو ته کيس ڪراچيءَ پڇڻ ويس. سندس فرزندن لنڊن مان هڪ ڊاڪٽر گهرايو هو، جو حاجي صاحب جهڙن وڏيءَ ڄمار وارن جي علاج جو ماهر هو. مسٽر الاهي بخش سومرو ۽ رحيم بخش سومرو، ماني کارائڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ وٺي ويا. زماني جون ڳالهيون نڪتيون. ڊاڪٽر ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي بمبئيءَ ويس. هندستان جي وڏي ۾ وڏي سرمايه دار سيٺ جو هڪ عزيز منهنجو دوست هو. ماڻس لنڊن ۾ گذاري ويئي هئي. سندس زيور ڏنائين ته هيءَ امانت کنيو وڃي. مان ڏاڍو خوش ٿيس، ۽ بمبئيءَ پهتس ته سيٺ صاحب کي فون ڪيم.  سيڪريٽريءَ ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملاقات جو ٽائيم ڏنو. آفيس پهتس ته اهو ڏسي حيران ٿيس ته سڄو فرنيچر سادو ۽ پراڻو هو. سيڪريٽري قديم زماني جي هڪ ٽائيپ رائيٽر تي ڪاغذ ٿي ٽائيپ ڪيا. مون کي ڏسي سيٺ جي ڪمري ۾ اندر ويئي. موٽي، چيائين ته اندر وڃو. ارب پتي سيٺ هڪ پراڻيءَ ميز جي پٺيان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. ڇت مان هڪ اڪيلو ۽ اگهاڙو بجلي بلب تار مان پئي لڙڪيو.  ٻيو ڪل خير. مون کيس امانت ڏني. چيائين ته ترس ته مان ننگ چڪاسيان. هڪ هڪ ڪري سڀ زيور چڪاسي، ميز جي خاني ۾ بند ڪيائين. پوءِ ڪرسيءَ تي ٺهي ٺهڪي ويٺو ۽ پڇيائين ته ”ڪڏهن آيو آهين ۽ ڪاٿي ٽڪيو آهين؟“ مون کيس ٻڌايو ته ”ڪالهه آيو آهيان ۽ فلاڻي هوٽل ۾ ٽڪيو آهيان.“ گهنٽي وڄايائين ته نوڪر آيو. چيائينس، ته:”صاحب کي چانديءَ جي گلاس ۾ پاڻي پيار.“ مون پاڻي پيتو ته سيٺ صاحب ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ هٿ ڏيئي، چيائين ته ”چڱو خوش هوندين.“

سرمايه دار جي اها ذهنيت خود غرضيءَ جي ڪري آهي. انساني فطرت جي ابتڙ آهي. انسان فطري طرح ٻئي انسان جي قرب جو گهرجائو آهي. جيڪا آسيس ۽ فرحت ٻئي انسان جي قرب ۽ محبت مان ملي ٿي، ساٻيءَ ڪنهن ڳالهه يا مشين مان ملڻ مشڪل آهي. پر، سال اسباب ميڙڻ جي هوس کيس ٻين انسانن کان ڌڪي ڌار ڪري ٿي. ولايت ۾ ته هينئر اهڙا تجربا ٿي رهيا آهن، ته ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ جي محتاجيءَ کان آجو ڪرڻ لاءِ ماڳهين مشيني ماڻهو Robot  ايجاد ڪجي. نوڪر جو ڪم به ان کان وٺجي. ٻئي ماڻهوءَ سان جيترو گهٽ واسطو پئي، اوترو چڱو. گويا، مغربي انسان پاڻ ئي پاڻ کي ٻين انسانن کان پري ڪري رهيو آهي.

خود مشرقي معاشري ۾ جيڪي ماڻهو مغربي معاشري جي طرز زندگيءَ جا عادي آهن، تن جي سوچ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ به خود غرضيءَ جا لاڙا نمايان نظر ايندا. ڪنهن زماني ۾ گڏيل ڪٽنب Joint Family  اسان جي مشرقي معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو:

”مغرب هڪ بي روح بستي بنجي رهيو آهي. ان جا رهاڪو فساد ۽ لڙائيءَ جي حقيقي خلفشار کان علاوه نراسائيءَ ۽ بي آراميءَ، ڳڻتي ۽ ڏٺي وائٺي خوف جي اثرن ڪري مسلسل تڪليفن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

بيشڪ اسان پنهنجيءَ اڄوڪيءَ دنيا تي فخر ڪري سگهون ٿا، جيڪا ٽيڪنالاجيءَ جي ايجادن ۽ مسلسل ماديءَ ترقيءَ جي هام هڻي سگهي ٿو. پر، شورَ ۽ غل، رفتار، آلودگيءَ ۽ چٽا ڀيٽيءَ جو پس منظر، هڪ اهڙو انسان پيدا ڪري رهيو آهي، جو انهيءَ آدرش سان ڪابه مشابهت ڪانه ٿو رکي، جنهن جو ڌنڌلڪو تصور، اسان پنهنجن خوابن ۽ امنگن ۾ ڪريون ٿا. اسان جو معاشرو، جن روڳن ۽ مرضن ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، سي ايترا ته اونها ۽ گهڻا آهن، جو انهن جو ذڪر، مايوس ٿيڻ کان سواءِ، ڪري ئي نٿو سگهجي. پاڻ کي انهيءَ حال تي ڇڏي ڏيڻ هيڪاري وڌيڪ مهلڪ آهي. اسان ۾ ڪير آهي، جو پنهنجي نئين نسل کي، سستيءَ ۽ ڪاهليءَ ۾ غرق ٿيڻ، يا ان جي ابتڙ پنهنجي ذهني ۽ جسماني صحت کي جوکي ۾ وجهي، بنا ڪنهن ڄاڻ جي، انڌن وانگر، ٻئي طرف ڌوڪيندو ڏسي، ڏک محسوس نه ٿو ڪري!

اسان جي دنيا اهڙيءَ تيز رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي، جنهن تي اسان جو ڪوبه اختيار ڪونهي. اسان مان وڏيءَ عمر وارن کي اڄ به اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن اسان پنهنجن گهرن ۾ شمعدان ٻرندا ڏسندا هئاسون، گهوڙن تي سواري ڪندا هئاسون ۽ پاڙي جي کوهن تان پاڻي ڀري ايندا هئاسون. اڄ روزمره جي زندگيءَ جون حالتون، بجليءَ ۽ برقي اوزارن، جهازن ۽ مصنوعي سيارن، ٽيليويزن ۽ جوهري توانائيءَ ۽ اطلاعاتي ٽيڪنالاجيءَ تبديل ڪري ڇڏيون آهن. هر طرف، بي تحاشا ڀڄ ڊڪ ۽ موجهاري ۾ مبتلا هئڻ ڪري، ماڻهو پنهنجي بچاءَ لاءِ اڳرائيءَ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. هو فطري دنيا جي سموري حسَ وڃائي چڪا آهن. سانت ۽ سڪون مان لطف اندزو ٿيڻ بدران کين وحشت ٿئي ٿي. اسان سڀ غلام بڻجي چڪا آهيون پوءِ به اڃا آزاديءَ، خود شناسيءَ ۽ صحيح قدرن جا خواب ڏسي رهيا آهيون!“

ڳالهه ڪندا آهن ته: ڪنهن شخص شينهن سان ياري رکي. هڪ ڀيري ٻئي ڄڻا واٽ وٺيو پئي ويا، ته هڪ تصوير ڏٺؤن، جنهن ۾ ماڻهو شينهن کي دسي، مٿس چڙهي ويٺو هو. ان شخص کلي چيو ته، ”ڏس، ماڻهوءَ جي مڙسي.“ شينهن جواب ڏنس ته، ”يار، اها تصوير ڪنهن ماڻهوءَ جي ٺاهيل آهي. شينهن ٺاهي ها ته تون ڪو ٻيو نظارو ڏسين ها.“

مغربي معاشري جي مٿين تصوير، ڪتاب جي مغربي مصنف هائوريس هرزاگ ڪڍي آهي. پر، ان ۾ اسان مشرقي معاشري جي باشندن کي خوش جو ٿيڻ ڪوبه سبب ڪونهي. مشرقي معاشرو جن روڳن ۽ سورن ۾ ورتل آهي. سي ڏسي، مون کي ته ساحر لڌيانوي ياد ايندو آهي. فحاشيءَ جي اڏن تي هڪ دلسوز نظم چئي هئائين:

ثنا خوانِ تقديسِ مشرق ڪهان هين؟

ثنا خوانِ تقديس مشرق بلاؤ

ڀانئجي ٿو ته جنهن به معاشري ۾ پوءِ اهو مغربي هجي يا مشرقي، انسانن ۾، خوش خلقيءَ بدران خود غرضي ايندي، اتي اڪيلائي، نراسائي، بي چيني، خوف ۽ ڏک جنم وٺندا. انسان کي حقيقي خوشي ۽ راحت فقط ٻئي انسان جي محبت مان ئي ملي ٿي.

چون ٿا ته: هڪ دفعي حضرت عليءَ کان پڇيائون ته ”غريب ڪير آهي؟“

چيائين ته”اهو نه، جنهن وٽ منجهند جي ماني ته آهي، پر رات جي مانيءَ لاءِ اٽو ڪونهي.“

چيائونس ته ”پوءِ غريب ڪير آهي؟“

چيائين ته ”اهو نه، جنهن وٽ گوڏ ٻڌڻ لاءِ لٽو آهي، پر، پٺن ڍڪڻ لاءِ قميص ڪانهي.“

چيائين ته،”غريب اهو آهي جنهن جو دنيا ۾ ڪو به دوست ڪونهي.“

پيغمبرن جنهن اخلاق جي تعليم ڏني آهي، ان ۾ انصاف ۽ احسان لازم ۽ ملزوم آهن. قرآن جو فرمان آهي ته ”احسان جو بدلو احسان آهي.“ حضرت عيسيٰ جو قول آهي ته” پنهنجي دشمن سان پيار ڪر.“ سنڌ جي صوفين فرمايو آهي ته ”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ.“

ڪنهن مغربي مفڪر چيو آهي ته:

True love- stories have no endings

ٻئي مفڪر چيو  آهي ته:

Beauty is the immage of Gog on earth.

منهنجي خيال موجب حقيقي سونهن ٻئي جو ڏک ڏور ڪرڻ ۾ آهي.

شنڪر آچاريه، هندستان جو وڏو داناءُ ٿي گذريو آهي. همالا جبل واري ڪتاب ۾، سندس هڪ سهڻو قول پڙهيم:

هن جهان ۾، ماٺيڻا ۽ مهاسنت آهن، جيڪي چشمي وانگر، ماٺ ميٺ ۾ ۽ بنا گهرڻ جي، ٻين سان ڀلائي ڪندا آهن. هو حياتيءَ جو ڀيانڪ سمنڊ اڳيئي اڪري چڪا آهن ۽ ٻين کي پار پهچڻ ۾ خودبخود ۽ بنا مطلب جي مدد ڪندا آهن.

There are saints, calm and great, who bring good to others quietly and unasked, as does the Spring. They have already crossed the dreadful ocean of life themselves and help others to cross it, spontaniously and without any motive

Shankar Acharya Vive Kchudamani,39

***

شنڪر آچاريه وڏو داناءُ هو. انسان جي وجود تي  ويچار ڪندي، سندس حياتيءَ کي ڀيانڪ سمنڊ سان ڀيٽيائين ۽ کيس انهن درويشن، ساڌن ۽ درويشن جو ڏس ڏنائين، جيڪي اڻ – تارن کي پار پهچائيندا آهن. سندن سڃاڻپ اها ڏسيائين ته خود – غرضيءَ کان خالي هوندا آهن، پاڻ ساڻ ڪونه کڻندا آهن.

مون کي هيءَ دنيا هڪ رڻ وانگر نظر آئي. سفر سامونڊي هجي يا سڃ جو، مڙئي سفر آهي. عربيءَ ۾ سفر کي ”سقر“ ڪوٺيو اٿن. سقر معنيٰ دوزخ (تڪليف ۽ ڪشالو).  تڪليف رڳو باهه جي آڙاهن ڪري ڪانه ٿيندي آهي. گرميءَ کان گهڻي دوري به عذاب آهي. وڻن ٽڻن جا پن، گل ۽ گؤنچ گهڻي سيءَ ڪري به سڙي ويندا آهن.

تهه سيارو هجي، پارو پيو وسي، چوطرف سڃ  ۽ سناٽو هجي، تڏهن ڪنهن ٿڪل ۽ ڊنل، رڻ جي راهيءَ کي، رات جي اونداهيءَ ۽ اڪيلائيءَ ۾، پري کان روشنائيءَ جو ڪو ڪرڻو ڏسي، ڪيڏي ته خوشي ٿيندي! ڄڻ ته موسيٰ طورسينا تي پهتو. ڀلاري ڀٽائيءَ خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ فرمايو هو:

ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن، باهيون بيراڳين جون،
هلو ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مچن

قدرت مون کي حساس دل ڏيئي، پٿر ۽ پاڻيءَ جي هن جهان ۾ موڪليو. جڏهن پٿرن تي هلي پير رتو رت ٿي ويندا هئا، تڏهن پاڻيءَ ۾ پناهه وٺندو هوس. جڏهن جر جهاڳي ٿڪبو هوس، تڏهن آسپاس ڪنهن اهلِ دل لاءِ واجهائيندو هوس.

روايت آهي ته ڀٽائيءَ جڏهن شعر چوڻ شروع ڪيو ته ملڪ ۾ بلهي شاهه جي ڪلام جي هاڪ هئي. ڀٽائي صاحب کي سندس والد شاهه حبيب چيو ته ”ابا شعر جي اهڙي ڪا زمين بچيل ئي ڪانهي، جنهن ۾ بلهي شاهه هر نه هلايو هجي.“

ڀٽائي صاحب، جواب ۾، ادب سان عرض ڪيو ته، ”بابا سائين، جي بلهي شاهه زمين جي ڪابه ٽڪري ڪانه ڇڏي آهي، ته مان جَرَ ۾ جاٽون ڏيندس، جن جو ڪو انت ئي ڪونه هوندو.“

جر ۾ جاٽون ڏيڻ ته ڏاڍيون ڏکيون آهن، پر ڳولڻ به سوليون ڪونهن. مون سچن سامين جا پيرا اتي به ڳوليا. ليڪن، هر انسان بلال ٿورو ئي ٿيندو آهي. هماءَ پکيءَ جو پاڇو ته ڪنهن ڪنهن بختاور تي پوندو آهي.

جڏهن منهنجون نگاهون چوڌاري ٿڪجي، مون وٽ ئي موٽي آيون، تڏهن آس پاس ڏٺم ۽ ماڻهوءَ جي محبت کي جنت جو جام سمجهيم. دوستن کي اڻ – ميو قرب ڏنم، پر اڻ گهرئي قرب جو قدر ڪير ڪونه ڪندو آهي.

زماني جا يار اڪثر خود غرض نڪرندا هئا. ٻاهران موتئي وانگر مهڪندا رهندا هئا، وقت آئي سندن وکا پڌرا ٿي پوندا هئا. ڪي ته بي سبب ڏنگ به هڻي ڪڍندا هئا. پنهنجي محبت ۽ سندن بي مروتي ڏسي، دل ۾ جهير پئجي ويندا هئا. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي. شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو قول ياد ايندو هو:

ساقي سرڪ پيار، عقل مون اوکو ٿيو.

***

ماڻهوءَ جو مزاج فطرتاً ڪيئن آهي؟ ان سوال تي، سنڌي ادبي بورڊ ۾، مولوي محمد صديق نالي هڪ رفيق سان اڪثر گفتگو ٿيندي رهندي هئي. منهنجو خيال هو ته انسان ڪوبه اڻ –وڻندڙ ڪم، اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪري ٿو. مولوي صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي کلي ڏيندو هو. سندس خيال هو ته ماڻهو بگهڙ کان به بڇڙو آهي. پاڻ ان اصول تي عمل ڪيائين. سڄي عمر پاڻ کي وس ڪندي دنيا کان پري رکيائين. ڇڙوڇانڊ رهيو. پاڻ پچائيندو کائيندو هو. ڪتابن سان دل وندرائيندو هو.

مان نفسيات جو ماهر ڪونه آهيان، جو ڪا راءِ ڏيئي سگهان. سوال اهم آهي. ان جا ڪيئي پاسا آهن. صحيح نتيجي تي پهچڻ لاءِ ان جي هر پاسي کي جاچڻ گهرجي. هونئن به سڇ کي پرکڻ لاءِ ان جو پس منظر ڏسڻ گهرجي. پس منظر بدلجڻ سان اڪثر ڪري، حقيقت به بدلجي وڃي ٿي.

اڄ کان ٻه ٽي سئو ورهيه اڳ، ڏاهن پنهنجي تجربي مان نتيجو ڪڍيو ته، ”پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ ۽ گهوڙي جي سواري، ننڍي هوندي نه سکئين، ته وڏي هوندي خواري.“ موجوده دور ۾ ترڻ، تير هڻڻ ۽ گهوڙي سواريءَ جي فن نه ڄاڻڻ ڪري، ڪوبه ماڻهو خوار ڪونه ٿيندو. سو، چئي سگهجي ٿو ته اهي ٽيئي ڳالهيون زمان ۽ مڪان جي ڪنهن مخصوص پس منظر ۾ حقيقتون هيون.

ڏاهن انسان کي هڪ جهان سان ڀيٽيو آهي ۽ ”عالم اصغر“ ڪوٺيو آهي. سندس من جو منجهه لهڻ سولي ڳالهه نه آهي.

سلطان باهوءَ چيو آهي:

دِل دريا سُمندرون ڍونگهي ڪون دِلان دِيان جاني هُو
وِچ بيڙي، وِچ جهيڙي، وِچ ونجهه مُهاني هُو
چَودان طبق دلان دي اندر تنبو وانگن تاني هُو
جوئي دِل دا مَحرم هو وي سوئي رب پڇاني هُو

مان ڀانئيان ٿو ته جيئن ٻيلي ۾ ڪي به ٻه وڻ هڪجهڙا ڪونه آهن، سندن ٽاريُون، پَنَ ۽ گُلَ هڪ ٻئي کان نرالا آهن، تيئن هن دنيا جا ٻه انسان به منهن مهانڊي، توڙي مزاج ۾، هڪ ٻئي کان مختلف آهن. هڪڙا اڻ پڙهيل انسان سنڌ جي سڃن ڳوٺن ۾ رهندي، رڳو ڪڪڙ کي حلال ڪرڻ لاءِ سير به وجهي ڪونه سگهن، ٻيا مهذب مغربي ملڪن ۾ رهندي ۽ دنيا جي قيادت جو دم هڻندي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وسيلي، هڪ ٻئي کي ساڙي خاڪ ڪرڻ لاءِ ليزر شعاعن (Laser Rays) جا تجربا ويٺا ڪن.

ماڻهو ٻين ماڻهن کان جدا ڪنهن جهنگ جهر ۾ اڪيلو ته رهي نه ٿو سگهي. وڃي ته آخر ڪاڏي وڃي؟ آدم اڪيلو هو، ته بهشت ۾ به مزو ڪونه آيس. باغ بهشت جا ميوا ۽ مشروبات سندس تسڪين لاءِ ناڪافي ثابت ٿيا. جهانن جي خالق کي سندس سنگت لاءِ بيبي حوا خلقڻي پيئي. آدم کي ٻئي انسان جي قرب ۾ ئي قرار مليو. اهوئي سبب آهي جو اڄ به هر انسان ٻئي انسان جي قرب لاءِ تانگهيندو رهي ٿو.

چنڊ مَ اڀر سنجهه، ته اونداهي اجهو ڪيان،
ڀري کٿوري هنج، رٺا پرين پهائيان.

هن دنيا ۾ مال اسباب جي آسودگي، سونهن،صحت، عقل، عزت ۽ علم قدرت جون وڏيون نعمتون آهن. پر، انسان کي حقيقي راحت وري به ٻئي انسان جي قرب مان ئي ملي سگهي ٿي. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسانن ۾ اخلاق هجي.

منهنجي  محسن ۽ سنڌ جي تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ جو قول آهي ته ”زندگيءَ جي سفر ۾ جي بد – اخلاق ماڻهوءَ سان پلئه پيو، ته پس پيش ڏنگ هڻندو. پر جي بااخلاق ماڻهوءَ جو ساٿ نصيب ٿيو، ته پوءِ ڇپر به ڇاڙڪي آهي.“

منهنجي خيال موجب، اخلاق جو سڌو ۽ سولو مطلب اهو آهي ته ماڻهوءَ ۾ منافقي نه هجي سندس قول ۽ فعل ۾ فرق نه هجي. ”تن صفا، من صفا“ قولِ محمد مصطفيٰ.“

انساني معاشري کي مهذب بنائڻ لاءِ، اولين ضرورت اخلاق جي آهي. گوتم ٻڌ، بن ۾ نرواڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ موٽي دنيا جو رخ ڪيو. پيغمبر، معراج جو مشاهدو ماڻڻ کان پوءِ، وري ماڻهن ڏانهن موٽيو. آئنسٽائين انسان ذات جي مستقبل جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بدران اخلاق تي رکيو.

هي ڪتاب اهڙن اعليٰ انسانن جو تذڪرو آهي، جن جي روح مان مون کي اخلاق جي خوشبوءِ آئي. رڻ جي ڪارين راتين ۾، مون کين ٿڪن  ماندن راهين جي رهنمائيءَ لاءِ ڀنيءَ مهل باهڙي ٻاريندي ڏٺو. سندن دکايل دُونهِينِ تي ڪي ڏينهن پاڻ به ساهي پٽيم. مخدوم محمد زمان جو هي شعر مٿن حرف بحرف صادق هو: مٺا محب ماڻهو، پرين پيار وارا، عجب انسان هئا ۽ عجيب هيون سندن ڳالهڙيون. ڪي رڻ اڪري، پار هليا ويا، ڪي اڃا دوُنهيون دکايو ويٺا آهن. رب کين سلامت رکي. ايڏا ڏينهن ڏئي، جيڏا آسمان ۾ تارا.

”وڏي وٿ آهين ٻاروچا ڀنڀور ۾“

هڪ دفعي صديق سالڪ سان ايوان صدر ۾ ويٺو هوس. چاءِ ويٺي پيتيسون. شيشي جي دريءَ مان مرغلا جي سرسبز پهاڙن تي نظر پئي. مٿان ڀورا بادل ڇانيل هئا. ڏک سک جا ڪيئي زمانا ياد آيا ۽ عمر خيام جي رباعيءَ جي هڪ سٽ چپن تي آئي:

”اين قافله عمر عجب مي گذرد.“

حياتيءَ جو پراسرار سفر ته نه ٻئي ڪنهن کي سمجهه ۾ آيو، نه وري مون کي ئي آيو. سفر سولو به ڪونهي ۽ ان ۾ پنهنجو ڪو اختيار به ڪونهي. واريءَ ۾ واٽون ڳولڻ ڏاڍيون ڏکيون آهن! ليڪن مون نه ڪڏهن الله مان آسرو لاٿو آهي ۽ نه وري انسان جي قرب مان مايوس ٿيو آهيان. حياتيءَ جي سفر ۾ اس ۽ ڇانو هڪ ٻئي جي پٺيان اچن ٿيون. پر، ڌر تتيءَ جو رڻ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو هلندي هلندي جڏهن ڏاڍو ٿڪجي پوندو آهيان، تڏهن اڃايل اکڙيون نيري آسمان ۾ ڪنهن وسندڙ ڪڪر لاءِ واجهائينديون آهن ۽ هڪ آس چپن تي ايندي آهي:

آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جان
پاسي تنهن وسن، جي سڀ ڄماندر سڪيون

 

----------

 

Text Box:  

Text Box:

 

*********

 

 

“Man is the measure of all things.”

 

-A proverbial saying

Of portagoras

5 B.C

 

*********

 

“I am a man: Nothing human is alien to me.”

 

a celebrated tradition

of  Terentius dictum.

 

*********

 

“A man can do what he wants, but not want what he want.”

 

-Schopenhauer.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org