سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

باب-

صفحو :2

 

 مقدمو

هي ڪتاب عيسوي ويهينءَ صدي جي اهڙن مشاهيرن جو تذڪرو آهي، جن مان ڪن جي زيارت ۽ صحبت، ته ڪن سان خط و ڪتابت جي سعادت، قدرت مون کي نصيب ڪئي. سندن روح مان، بسنت بهار جي خوشبو آيم، ان ئي نسبت سان ئي سندن تذڪري جو نالو رکيم: ”جهڙا گل گلاب جا.“ ڀلاري ڀٽائيءَ، اهي اکر سر مومل راڻي ۾، سهڻن ماڻهن جي صفت ۾ ڪم آندا آهن:

”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويسَ.“

انهن اعليٰ انسانن جي ابتڙ، زندگيءَ ۾ اهڙا ادنيٰ ماڻهو به عام جام ڏٺم، جيڪي ظاهر ۾ اڇا اجرا، پر باطن ۾ بگهڙ هئا. درحقيقت، دنيا ۾ اڪثريت، اهڙن ئي درندن جي هئي. آخر ڪونه سبب هوندو، جو خود ڀٽائيءَ کي به چوڻو پيو هوندو:

” چڪس سڀ چئي، ماڻهو شهر ڀنڀور جا.“

رامائڻ ۾ تلسيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”جڏهن رانوڻ سيتا کي اغوا ڪري ويو، ته رام ۽ لڇمڻ سندس ڳولا ۾ نڪتا. ٻيلي ۾ کين رات پئجي وئي. اوچتو اچي مينهن لٿو. هڪ ٻيلو، ٻيو مينهن ۽ ٽين ڪاري رات. هٿ نه ڏسي هٿ کي. اوندهه ۾ جڏهن کنوڻ جو ڪو چمڪو ٿئي، ته وک اڳتي کڻن، نه ته ويچارا منجهي بيهي رهن. رام اهو منظر ڏسي، ننڍي ڀاءُ کي چيو:

”لڇمڻ، هن ڪاريءَ رات ۾، کنوڻ ائين ئي چمڪي رهي آهي، جيئن ڪنهن ڪميڻي انسان جي روح ۾، ڪڏهن ڪڏهن اشرافت چمڪي.“

تلسيءَ جو مشاهدو ممڪن آهي ته اهو هجي. پر مون اهڙا ڪارا روح به ڏٺا، جن ۾ اشرافت شايد ڪڏهن ڪانه چمڪي هئي. سندن ڪرتوت ڏسي، آدم جي تخليق وقت، ملائڪن جي دانهن ياد ايندي هئي:

”ڇا منجهس (ڌرتيءَ ۾) اهڙي کي ٿو پيدا ڪرين،
جو فساد ڪندو ۽ ناحق رت هاريندو.“

جهانن جي مالڪ فرمايو:

”جيڪي مان ڄاڻندو آهيان، سو توهان نٿا ڄاڻو.“*

بيشڪ، خدا ئي پنهنجو ڳجهه، پاڻ ڄاڻي ٿو. پر، اهل دل انسان، هن دنيا ۾ جيڪي ڏسن پسن ٿا، سو ته ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي. چار سو ورهيه اڳ، مخدوم نوح جي نوراني نيڻن جيڪا سنڌ ڏٺي هئي، تنهن ۾ اڄوڪيءَ سنڌ ۾ ڪل ڪيترو فرق آيو آهي؟

”ماڪ مَ ڀانيو ماڻهان، جا پسي پيئي پر ڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي“
*      *      *

گهڻا گهڻا سال ٿيا، ته ٽئگور يا ڪنهن ٻئي شاعر جو شعر پڙهيو هئم ته ”انسان کي شينهن، چيتي ۽ واگهه ايترو ڪونه چيريو، ڦاڙيو ۽ ماريو آهي، جيترو خود انسان.“

تنهن ڏينهن وري، ڪنهن منگول بادشاهه جي خود نوشته حالات زندگيءَ ۾ پڙهيم ته ”اڄ فلاڻو شهر فتح ڪيم. مڙني مردن کي ڪهائي، سندن منڍين مان منارو ٺهرايم، ته ڀرپاسي جي ماڻهن تي دهشت پوي.“

تازو خليق انجم نالي هڪ دوستَ، اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي گهر ڳالهه ڪئي ته ”دهليءَ ۾ اها جاءِ اڃا تائين سلامت بيٺي آهي، جتي ويهي، نادر شاهه ماڻهن جي عام ڪوس جو حڪم ڏنو هو.“ ڏوهيءَ يا بي ڏوهيءَ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو. نادري حڪم هو. شهر ۾ ٽن ڏينهن تائين، رت جا درياهه وهند رهيا. آخرڪار، مغل بادشاهه جي وزير کي عقل آيو. مٿي ۾ ڌوڙ ۽ ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي، نادر شاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائينس ته:

”هاڻي ته هن شهر ۾ قتل لاءِ به ڪو انسان ڪونه بچيو آهي، سواءِ ان جي ته تون ڪٺلن کي جيئرو ڪرين ۽ وري کين ڪهائين.“

اهو ٻڌي نادر پنهنجي اگهاڙي ترار مياڻ ۾ وڌي، تڏهن وڃي بيگناهه انسانن جو ڪوس بند ٿيو.

ويهينءَ صديءَ ۾ دنيا جون ٻه مهاڀاري لڙايون لڳيون. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي احوال ۾ پڙهيم، ته هٽلر کي خيال آيو ته قيدين کي مارڻ لاءِ گولي هڻڻي پوي ٿي، ان تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو، سو گهٽائڻ گهرجي، يعني ماڻهوءَ جو موت سستو ۽ سولو ٿيڻ گهرجي.

سندس خواهش پوري ڪرڻ لاءِ گئس چيمبر ايجاد ٿيا. اڀاڳن انسانن کي گئس چيمبر ۾ بند ڪري، بس رڳو هڪ بٽن دٻائڻ جي دير هوندي هئي. اهڙي ڪا گئس چيمبر جي اندر، داخل ٿيندي هئي، جو جهٽ پلڪ کان پوءِ، زنده انسان بدران خاڪ جا ڍير، ٻاهر نڪري ايندا هئا. هڪ ڪروڙ جيئرا جاڳندا انسان اهڙيءَ ريت، باهه ۾ سڙي خاڪ جا ڍير ٿي ويا.

اڳتي هلي، هٽلر يا سندس ڪنهن ساٿيءَ کي خيال آيو ته انهن اڀاڳن انسانن مان ڪن کي سونا ڏند ڏٺا ويا آهن. سو نئون حڪم جاري ٿيو ته”اڀاڳن کي چيمبر ۾ بند ڪرڻ کان اڳ، سندن ڏندن مان سون کوٽي، ڪڍي وٺڻ گهرجي. ازانسواءِ جانورن وانگر، خود انسانن جي هڏن ۽ وارن کي به، ته ڦڻين ڦڻوٽن، ۽ بٽڻن ٺاهڻ لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو. سو، گئس چيمبرن کي نئين سر ائين ٺاهڻ گهرجي. جو منجهن انسانن کي ساڙي خاڪ ڪرڻ کان اڳ، سندن وار ۽ هڏا بٽڻن ۽ ڦڻين ٺاهڻ لاءِ بچي وڃن.“

*      *      *

انسان جي ٻين انسانن سان انهيءَ سنگدلانا سلوڪ سببان، قديم زماني کان وٺي، ڏاهن ۽ مفڪرن هميشه اهو سوال پئي اٿاريو ته انسان فطرتاً نيڪ آهي يا بد؟

مون ڪاليجي تعليم ۾ ٻه موضوع کنيا هئا: علم سياست ۽ انگريزي ادب، علم سياست ۾ اسان کي ٻين ڳالهين سان گڏ هابس، لاڪس ۽ روسو جا نظريا پڙهائيندا هئا، جي انهيءَ علم جا مڃيل مغربي مفڪر هئا. هابس جو خيال هو ته انسان فطري طور، ٻين انسان ڏانهن خود غرضيءَ ۽ وحشانيت واري روش رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته:

”ماڻهوءَ جي ٻئي ماڻهوءَ ڏانهن روش بگهڙ واري آهي.“

پر، عجب جي ڳالهه اها آهي ته خود بگهڙ جو ٻين بگهڙن سان، عام طور، صلح ۽ سانت وارو سلوڪ هوندو آهي!

روسو ان خيال جو هو ته:

”انسان فطرتاً نيڪ آهي. آزاد پيدا ٿئي ٿو، پر هي معاشرو مٿس زنجير وجهي، جڪڙي ڇڏي ٿو.“

ان نظري جي تشريح، ممتاز آمريڪي افسانه نويس اوهينريءَ پنهنجي هڪ افساني ”عيسيٰ ۽ شيطان“ ۾ ڪئي آهي. ان جو تت هن ريت آهي:

هڪ فنڪار هو، جنهن جي زندگيءَ جي تمنا اها هئي ته ٻه بي مثال تصويرون ٺاهيان: هڪ ۾ اهڙو معصوم انساني چهرو هجي، جهڙو حضرت عيسيٰ جو ۽ ٻيءَ ۾ اهڙو شيطاني جهڙو خود شيطان جو. فنڪار سالن جا سال اهڙن چهرن جي تلاش ۾ رهيو.

هڪ دفعي ڪنهن اسڪول اڳيان اچي لنگهيو، جنهن ۾ ٻارن صبح جي پرارٿنا پئي ڪئي. هڪ ٻار کي ڏسي گل وانگر ٽڙي پيو. کيس ڄڻ ته عيسيٰ عليہ السلام نظر آيو. ٻار جي استاد سان وڃي مليو ۽ منٿ ميڙ ڪري، کانئس ڪلاڪ ٻه موڪل وٺي، ٻارڙي کي اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. سندس تصوير ٺاهيائين ۽ کيس انعام ۽ مٺايون ڏيئي، اسڪول ۾ ڇڏي ويو. جنهن به نمائش ۾ اها تصوير رکندو هو، تنهن ۾ اها انعام کڻندي هئي. ماڻهو ٻار جي تصوير ڏسي چوندا هئا ته ڪهڙو نه معصوم آهي، جهڙو حضرت عيسيٰ.

ان ڳالهه کي ڪيئي ورهيه وري ويا. فنڪار کي هاڻي شيطاني چهري جي تلاش هئي. پر جيڪو به ڀيانڪ چهرو ڏسي، ان ۾ کيس اشرافت جو ڪونه ڪو انگ نظر اچي وڃي. نااميد ٿي وري اڳتي پنڌ پوي. ويهن پنجويهن ورهين جي رولڙي کانپوءِ، آخرڪار، ڪنهن قيد خاني، اڳيان، کيس قيدين جو هڪ ٽولو رستي تي پٿر ڪٽيندي نظر آيو. قيديءَ جي منهن  ۾ کيس شيطان جو روپ نظر آيو. جمعدار وٽ ويو ۽ ڪنهن طرح کيس راضي ڪري، ڪلاڪ ٻن لاءِ انهيءَ قيدي کي اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. سندس تصويرٺاهيائين  ڪجهه انعام اڪرام ڏيئي، واپس جمعدار وٽ وٺي ويس. موڪلائڻ مهل قيديءَ چيس ته ”مون کي ايتروته ٻڌاءِ ته تو منهنجي تصوير ڇو ٺاهي؟“

فنڪار چيس ته ”اهو ٻڌي توکي ڏک ٿيندو.“ پر جڏهن قيديءَ زور ڀريس، تڏهن لاچار ٿي، کيس سچي ڳالهه ٻڌايائين. قيديءَ ڳالهه ٻڌي چيس ته:

”منهنجي، منهن ۾ چتائي نهار.

مان اهو ساڳيو ئي ٻار آهيان،

جنهن جي تو ويهه ورهيه اڳ

تصور ٺاهي هئي.“

او هينريءَ جو مطلب آهي ته هي معاشرو ئي اهي، جيڪو معصوم ٻار کي عيسى مان شيطان بنائي ڇڏي ٿو.

مشرقي مفڪرن ۽ اديبن ۾ شيخ سعدي ان نظريي جو قائل هو ته ”تخم جو تاثير“ ماحول کان وڌيڪ اثر رکي ٿو. هن به اوهينريءَ وانگر، افسانوي انداز۾، ۾ پنهنجي نظريي جي وضاحت خاطر ”گلستان“ ۾ هڪ قصو بيان ڪيو آهي ته:

”ڪنهن جبل تي ڌاڙيلن جو ٽولو رهندو هو، جنهن خلق جي لاءِ وڏو آزار پيدا ڪيو. آخر، بادشاهه جبل تي لشڪر چاڙهي موڪليو، جنهن ان ٽولي کي وڃي ختم ڪيو. ڌاڙيلن جو ڪو معصوم ٻار هو، جنهن تي رحم کائي، وزير، بادشاهه کي سفارش ڪري، موت کان بچائي ورتو ۽ پنهنجي گهر آڻي، پيار سان پرورش ڪيائيس. جڏهن اهو ٻار جوان ٿيو، ته سڌرڻ بدران، پنهنجي محسن وزير کي ماري، ساڳئي جبل تي پنهنجي پيءُ ڏاڏي وانگر وڃي ڌاڙيلن جي پاٿاري قائم ڪيائين.“

سياڻي سعديءَ، اوهينريءَ جي راءِ کي رد ڏنو آهي ته ماحول ئي انسان جو مزاج مٽائي ٿو ۽ حالتن بدلجڻ سان انسان جي چال چلگت بدلجي ويندي. هو ان راءِ جو هو ته ”بگهڙ جو ٻچو بگهڙ ٿيندو.“

سنڌيءَ ۾ به اهڙي هڪ چوڻي آهي ته:

”ڌوپي منجهه درياهه، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري.“

پر، ساڳئي وقت ان جي ابتڙ ٻي به هڪ چوڻي آهي ته:

”ڀلن پيٽان ڍلا ۽ ڍلن پيٽان ڀلا.“

اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري هوندو هو، منهنجو مائٽ هو. اسان کيس ادا ميرل ڪوٺيندا هئاسين. صفا اڻ پڙهيل، ڪورو ڄٽ هو.  پر، ڇا چئجي سندس اعلى اخلاق. سڄي عمر ڪڏهن به ڪنهن سان جڏو ڦڏو ڪونه ڪيائين. نه وري ڪا ساهواري شيءِ کاڌائين. ڀاڄي کائيندو هو، يا کير مکڻ ۽ لسيءَ مانيءَ تي گذر ڪندو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪنهن جو ڪو مهمان ايندو هو، ته ڪڪڙ کي سير به ڪو نه وجهي ڏيندو هو.

اڪثر خاموش رهندو هو. پر زندگيءَ ۾ ڀرپور دلچسپي وٺندو هو. رات جو روزانو ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ ويندو هو. کل ڀوڳ تي مشڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به هڻي ڪڍندو هو. پر ڪو به ائين چئي ڪونه سگهندو ته ”ادا ميرل ڪڏهن کيس رنجايو.“ سڀ سندس نيڪي ڪندا هئا. زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ پابنديءَ سان پنج وقت نماز پڙهندو هو.

حقو ڇڪيندو هو. سدائين سادي قميص ۽ موچڪي جتي پائيندو هو. مٿي تي اڇو پٽڪو ۽ بت تي اجرڪ ويڙهيندو هو. هيڪر، مون کيس حيدرآباد مان نئون اجرڪ وٺي موڪليو. ڏاڍو خوش ٿيو.

سندس مزاج جي برعڪس، سندس والد مرحوم، پنهنجيءَ جوانيءَ ۾ ڏاڍو ارڏو مڙس هوندو هو. نه پڇجي ته ڇا ڇا ڪيائين؟ اهو پڇجي ته ڪهڙو ارڏو ڪم نه ڪيائين؟ پر سندس پٽ، ادا ميرل گلاب جو گل ٿيو. مٿس پنهنجي گهر جي ماحول جو اثر ڪو نه ٿيو.

چون ٿا ته هندستان جو هاڪارو حاڪم اڪبر بادشاهه به ادا ميرل وانگر اڻ پڙهيل هو. پر پورا پنجاهه ورهيه بادشاهي ڪيائين. ايڏي ته ڌاڪ هئس، جو يوروپي قومون، جن کي هاڻي اسان سفيد سياهه جو مالڪ سمجهون ٿا، کيس ”مغل اعظم“ ڪوٺينديون هيون.

اڪبر بادشاهه پاڻ وٽ داناءَ ماڻهو گڏ ڪيا، جن کي نورتن ڪوٺيندا هئا. اهي کيس عقل ۽ سياڻپ جون ڳالهيون ڏسيندا هئا. ائين کيس ”زندگيءَ جي بنيادي حقيقتن“ معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، هلڪين سلڪين ڳاليهن تان ارواح کڄي ويو ۽ گنڀير مسئلن تي گفتگو ٻڌڻ جو شوق ٿيو. ”سچ ڇا هي؟“ ”حياتي جو مقصد ڇا هي؟“ ”موت ڇا هي؟“ موت کان پوءِ ڇا هي؟“ فتح پور سڪريءَ ۾ هڪ خاص جاءِ جوڙايائين. مقرر ڏينهن تي، مڙني مذهبن جي مفڪرن جا مباحثا ڪرائي، ”سچ“ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ائين پاڻ جيڪي بنيادي نتيجا ڪڍيائين، تن ۾ هڪ اهو هو ته ساهه واريون شيون يعني گوشت مڇي وغيره کائڻ ڇڏي ڏنائين. هڪ دفعي ڏک مان چيائين: ”جيڪڏهن ماڻهن کي گوشت کائڻ جو ايڏو ئي شوق آهي، ته ڪاش، اڪبر جي بت تي ايڏو گوشت هجي ها، جو سندن پيٽ ڀري سگهي ها.“

گويا، اڪبر بادشاهه به ادا ميرل وانگر، زندگيءَ جي آخري ايام ۾، ساهوارن يعني زندگيءَ جو احترام ڪرڻ سکيو، توڙي جو ٻنهي جو ماحول ساڳيو ڪونه هو، هڪ بادشاهه هو ۽ ٻيو هاري. اڪبر بادشاهه ته دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا وعظ ٻڌا هئا، پر ادا ميرل کي نڪي ته گوتم ٻڌ جي ڪنهن پوئلڳ زندگيءَ جو احترام سيکاريو هو، نه وري جين ڌرم جي ڪنهن ڊگمبر کان ڪو ويا کياڻ مليو هو.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ضروري ڪونهي ته صرف ماحول ئي ماڻهوءَ جي مزاج کي مٽائي ٿو. پر، پنهنجيءَ جاءِ تي اها ناقابل ترديد حقيقت آهي ته ماحول ۽ مادي حالتن جو ماڻهوءَ جي مزاج تي وڏو اثر پوي ٿو. اهي سندس عادتن ۽ سندس نفسيات تي گهڻي قدر اثر انداز ٿين ٿيون.

انگريزن جي ڏينهن ۾ درسي ڪتاب ڏاڍا هوندا هئا. (اسان کي آزادي ڇا ملي، ڄڻ ته ڪم لهي ويو). انگريزي دور جي درسي ڪتابن ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا نڪتا ڏنل هوندا هئا. هڪڙو سبق هو: ”گلن واريءَ ۽ ساٽياڻيءَ جي ڳالهه.“ ٻنهي ڄڻين جي پاڻ ۾ ساهيڙپ هئي. هڪ رات ساٽياڻي پنهنجيءَ ساهيڙيءَ، گلن واريءَ وٽ اچي مهمان ٿي. پر ننڊ ئي نه اچيس. آخرڪار، اڌ رات جو سهيليءَ کي جاڳائي، چيائينس ته: ”ادي تنهنجن گلن ڦلن جي سرهاڻ ته منهنجي ننڊ ئي ڦٽائي وڌي آهي ڪا مڇيءَ جي گندي ٽوڪري هجئي، ته ڀلائي ڪري ڏينم ته مٿي جي ڀرسان رکي سمهان، ته من ائين ڪو ننڊ جو جهوٽو اچي.“

*              *              *

ساهوارن جي سائنس (Biology) جي نظريي ارتقا جي مڃيندڙن جو ته عقيدو ئي اهو آهي ته ڌرتيءَ تي حياتيءَ جي شروعات هڪ سادي نموني جي ساهواري وسيلي ٿي. ماحول جي اثر ۽ تقاضائن موجب ان جون صورتون بدلبيون ويون. هر ڪو ساهوارو، وقت گذرڻ سان، ڌرتيءَ تي نين نين حالتن موجب جياپي لاءِ پنهنجون عادتون بلڪ شڪل ۽ صورت بدلائيندو ويو. اڄ ڌرتيءَ تي مختلف قسمن جا پکي، جيت، جڻيا، جانور، مڇيون ۽ مانگر مڇ موجود آهن، تن سڀني جي شروعات، لکين ورهين اڳ، ساڳئي نموني ۾ ٿي هئي. سڀني جو نقطه آغاز Starting Point ساڳيو هو. پر، وقت ۽ حالتن جي تقاضائن کين مجبور ڪري وڌو ته پنهنجي جياپي لاءِ نين نين حالتن تي پاڻ کي هيرائين ۽ پنهنجون عادتون بدلائين. ائين ڪندي ڪندي، مٿن جيڪي اثر پيا، تن جي ڪري سندن شڪليون به متاثر ٿيون. ان سڄي عمل جو بنيادي سبب وجود جو بچاءُ ۽ بقاءُ هو.

انهن عالمن جو چوڻ آهي ته بقاءَ جي جدوجهد ۾ سوڀ ۽ سرسي ان ساهواري کي نصيب ٿئي ٿي، جيڪو ٻئي کان ڏاڍو آهي. ڏاڍو سو گابو. ننڍي مڇي وڏيءَ مڇيءَ جو کاڄ آهي. فطرت جو اهو اصول روز اول کان اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ فطري آهي.

شايد، ڏاڍو سو گابو واري نظريي هيٺ، اڳتي هلي، انساني سماج ۾ سرمايه دارانه نظام زور ورتو. ان نظام ۾ انسان جيڪو ڏک ڏٺو، ان کان باغي ٿي، هن سوشلسٽ نظام يا اشتراڪيت جو نظام ايجاد ڪيو. سوشلسٽ نظريي جا حامي ان خيال جا آهن ته ماڻهو پنهنجن حالتن جي پيداوار آهي ۽ خانگي ملڪيت ئي فساد جي اصل جڙ آهي. سندن چوڻ آهي ته جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ اشتراڪي يا سوشلست نظام قائم ٿيندو ۽ خانگي ملڪيت ختم ٿيندي، تڏهن ان ملڪ جي رهاڪن کي انصاف پلئه پوندو. سوشلسٽ انقلاب ڪا سولي ڳالهه نه آهي، پر ناممڪن به ڪونه آهي. مثال طور، دنيا جي ٻن وڏن ملڪن روس ۽ چين، ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ به اهڙو انقلاب آيو.

مون روس ڪو نه ڏٺو آهي، پر چين ٻه دفعا ڏٺو اٿم. پهرئين دوري ۾ هڪ ڏينهن چيني سونهون انسان کي ديوارِ چين ڏيکارڻ هليو. جڏهن موٽياسين ته رستي تي موٽر خراب ٿي پئي. جيسين ٻي ڪا موٽر کڻڻ اچي، تيسين هو رستي جي پاسي سان، ڪنهن هاريءَ جو گهر ڏيکارڻ وٺي هليو. هڪ پڪي ڪوٺي هئي ۽ ان جي اڳيان چڱو صحن هو. صحن ۾ هڪ ڳئون ۽ ان جو گابو ٻٻر جي وڻ هيٺان ٻڌل هئا. ڪوٺيءَ جي پاسي ۾، هڪ ڪکائون بورچيخانو ٺهيل هو. ان ۾ هاري، سندس گهرواري ۽ ٻه ٻار منجهند جي ماني کائي رهيا هئا. ڪاٺ جي هڪ صندليءَ تي ٻه پيالا رکيل هئا، جن ۾ گوار جي ڦرين وانگر ڪا ڀاڄي هئي، جيڪا هو ڊبل روٽيءَ سان کائي رهيا هئا. هاريءَ جي وڏي ڌيءُ ڪوٺيءَ جي در تي بيٺي هئي. هٿ ۾ ريڊيو هوس، جو ٻڌي رهئي هئي. اسان جي سونهين چيني زبان ۾ ڪجهه چين، ان. تي ٽي ڪرسيون کڻي آيا ۽ اسان کي ٻٻر جي وڻ هيٺان وجهي ڏنائون. ٽيئي ڪرسيون ڪاٺ جي تختي سان ٺهيل هيون، پر، نيون نڪور هيون. اسان کان کائڻ پيئڻ جو ڪجهه ڪو نه پڇيائون. گهڙي کن گذري، ته شهر مان ڪار اسان کي کڻڻ لاءِ پهچي ويئي. جڏهن ڪار ۾ ويٺاسين، ته اسان جي چيني سونهين چيو ته ”مان ڄاڻي ٻجهي اوهان کي هاريءَ جو گهر ڏيکارڻ وٺي هليو هوس ته اوهان سندس رهڻي ڪهڻي ڏسو“ مون کيس چيو ته ”چين جي سمورن هارين جي رهڻي ڪهڻي ائين ئي آهي؟“ چيائين ته ”وچولي طبقي جي هارين جي رهڻي ڪهڻي ائين آهي.“ مون چيو ته ”مٿئين طبقي جي هارين جي رهڻي ڪهڻي ڪيئن آهي؟“ چيائي ته ”مثال طور انهن وٽ ريڊئي بدران ٽي وي هوندي، ۽ کاڌي ۾ ڀاڄيءَ سان گڏ مڇي هوندي.“ مون چيو ته ”هيٺين درجي جي هارين جي حالت ڪيئن هوندي؟“ چيائين ته انهن وٽ ريڊيو به ڪو نه هوندو ۽ کاڌي ۾ ڀاڄي ڪا نه هوندي. ماني چٽڻيءَ سان کائيندا.“ ان تي مون چيني سونهين کان پڇيو ته ”تون چئي سگهندين ته جڏهين چين ۾ رات پئي ٿي، تڏهن سڄو ملڪ ڀرئي پيٽ سان سمهي ٿو؟“

چيني سونهون اول ته منجهي پيو. ڪجهه دير کان پوءِ، دٻيل زبان سان آهستي، چيائين ته ”شايد پهاڙي علائقن ۾ ماڻهو بکئي پيٽ تي سمهن ٿا.“ سوشلسٽ چين جي اها تصوير، چيني حڪومت جي ترجمان جي چوڻ موجب، انقلاب کان چاليهه ورهين پوءِ بيٺي هئي.

انقلاب کان اڳ جون حالتون ته شايد تمام سخت خراب هيون. ڪراچي ۾ نارٿ ويسٽرن هوٽل جو مالڪ، (مرحوم) آغا يوسف منهنجو بزرگ دوست هوندو هو. شانگهائيءَ ۾ سندس هوٽل هوندي هئي. ڳالهه ڪيائين ته ”انقلاب کان اڳ واري زماني ۾، چين تي يورپي قومن جو تسلط هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن درياهه جي ڪناري پڪنڪ ڪندا هئا. ماني کائي، جڏهن اوباريل ٽڪرا اڇلائيندا هئا، ته غريب چيني ماڻهو ڪتن ۽ ٻلن جي ڪٽڪن وانگر انهن جي مٿان وڃي ڪڙڪندا هئا.“

اهو منظر خيال ۾ رکبو، ته مڃڻو پوندو ته سوشلسٽ انقلاب چين ۾ خوشي ۽ خوشحاليءَ جي لهر آندي هئي. مون سڄي چين ۾ ڪو به ماڻهو پنندي ڪونه ڏٺو. نه ڪنهن کي پيرين اگهاڙو ڏٺو. ننڍيءَ عمر جا جوان مرد ۽ زالون، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾، سخت محنت ڪندي برابر ڏٺم، پر ساڳئي وقت ڪنهن کي به بيروزگار ڪو نه ڏٺم. سندن غريباڻا گهر به ڏٺم. ٺيڪ ٺاڪ هئا. ڏوهن جون خبرون ڪي ورلي ٻڌڻ ۾ ٿي آيون. مرد ۽ عورت ۾، ان معنى ۾ ڪو به فرق ڪونه هو، ته ٻئي گڏ پوک ۾ محنت يا ڪارخاني ۾ مزوري يا ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا. پنهنجي پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪم ۾ مشغول هئا. پردي جو ته خير سوال ئي ڪونه هو، پر ڪنهن به جنسي بدڪاريءَ يا تشدد وغيره جي ڪا ڳالهه به اسان جي ڪن تي ڪانه پئي. مرد ۽ عورت پنهنجي مرضيءَ موجب، بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ رڪاوٽ جي، فوراً شادي ڪري ٿي سگهيا. کين مسئلو فقط گهَرَ حاصل ڪرڻ جو هو. جڏهن شاديءَ جو فيصلو ڪندا هئا ته گهر لاءِ درخواست ڏيئي ڇڏيندا هئا. واري اچڻ تي کين گهر ملندو هو، ته شادي ڪري ڇڏيندا هئا. اسان وٽ غلط پروپئگنڊا هئي ته سوشلسٽ نظام ۾ جنسي آزادي آهي. منهنجي مشاهدي موجب اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ڪو نه هو. مون سوشلسٽ چين جي عورتن ۾ بي انتها حياءُ ۽ حجاب ڏٺو.

پر، ائين به ڪونهي ته ڪو سوشلسٽ انقلاب چين ۾ ڌرتيءَ تي بهشت آندو هو. غربت ”نوشته ديوار“ وانگر ماڻهن جي منهن تي لکيل هئي. عيش عشرت جنهن شيءِ جو نالو، تنهن جو ته خير ڪٿي نالو نشان به نظر ڪونه آيو، پر ماڻهن جي منهن تي ڪا سرهائي ۽ خوشي ئي ڪانه هئي. هر ڪو ڄڻ ته پنهنجيءَ هڻ هڻان ۾ هو. پيٽ جي دوزخ کي پوري ڪرڻ ۾ پورو هو. مردن ۽ عورتن کي لباس ساڳيو هو. گرميءَ جي مند هئي، چئن رنگن يعني سفيد، سبز، نيري ۽ ڳاڙهي رنگ جون بشرٽون ڇوٽين ٻانهن سان ۽ پينٽون دڪانن تي هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ پيون لٽڪنديون هيون. مرد به اهو لباس پائي ته عورت به. بوٽ به ٻنهي کي ساڳيو. پيچنگ ۾ مون نوجوان زالن کي ڊبل ڊيڪر بس ڊرائيور ڪندي ڏٺم. جنهن هوٽل ۾ رهندا هئاسين، ان جي لفٽ آپريٽر هڪ جوان ڇوڪري هئي. سڄو وقت ڪوماڻل سائيءَ چاءِ جو ڪوپ پاسي ۾، وهڻ لاءِ لفٽ ۾ اسٽول. پورا اٺ ڪلاڪ ڳڀي جي ڳولا لاءِ محنت ڪندي رهندي هئي.

آزاديءَ جي هوا جي به ڪافي ڪمي محسوس پئي ٿي. ڄڻ ته ڪا ذهني گُهٽ هجي. اديبن ۽ دانشورن سان اسان جون جام ملاقاتون ٿيون. چين جي اديبن کي لکڻ لاءِ مٿان ئي مٿان عنوان ۽ موضوع مقرر ٿي ملندا هئا. سو، مان کليل کلايو مٿن تنقيد ڪندو هوس ته اوهان وٽ پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ آزادي ڪانه آهي. مثلاً اوهان اختلافي امور تي لکي نٿا سگهو. اسان جي دوري جون جيڪي خبرون ڇپيون هيون، تن ۾ مون کي اول ممتاز افسانه نويس ۽ پوءِ Critic Rabbani from Pakistan لکندا هئا.

مان پنهنجي ملڪ جو ذڪر ڪندي چوندو هوس ته اسان جي اديبن کي پوري پوري آزادي آهي. جيڪي چاهين، سو لکي سگهن ٿا. نانچنگ ۾ انگريزي زبان جي استاد ۽ هڪ چيني اديب منهنجي انهي دعوا جي جواب ۾ مشڪي هڪ طنزيه محاورو استعمال ڪيو، جو اڃا تائين وساري نه سگهيو آهيان. چيائين ته:

“Friend, you are talking of woolen heights.”

چين ۾ سوشلسٽ انقلاب جي باني، چيئرمين مائوءَ پنهنجي سوشلسٽ نظريي موجب، چيني معاشري جي نئين سر اڏاوت شروع ڪئي هئي. هن هڪ دفعي،  پاڪستاني اديبن جي هڪ وفد کي مشورو ڏنو ته ”پنهنجي معاشري کي نئين سر اڏڻ گهرو ٿا، ته ان جي سرحدن کي غير ملڪي ثقافت جي اثر کان محفوظ رکڻ لاءِ سيل مهر ڪري ڇڏيو.“ پاڻ ان ئي اصول تي عمل ڪيائين. نتيجي طور جيڪو چيني معاشرو تعمير ٿي رهيو هو، ان جي تصوير مون مٿي چٽيل آهي.

اسان جي دوري وقت، مائو هي جهان ڇڏي چڪو هو. اسان بيچنگ جي Memory Hall ۾ سندس زيارت ڪئي. شيشي جي تابو ۾ ادبي ننڊ ۾ هو.

اسان جو چين جو دورو پندرهن ڏينهن جو هو. ان مختصر عرصي ۾ ايڏي وڏي ملڪ بابت صحيح راءِ قائم ڪرڻ مشڪل آهي. پاڪستان ۾ هڪ چيني خاتون اردو سکڻ آئي. ساڻس دعا سلام ٿي ويئي. مون وٽ گهر ايندي هئي. ساڻس جيڪي مجلسون ۽ بحث مباحثا ٿيا، تن ۾، پوئين دور ۾، چيئرمين مائوءَ جي آندل ثقافتي انقلاب جون ڏکوئيندڙ ڳالهيون ٻڌم ۽ احساس ٿيم ته ثقافتي انقلاب مائوءَ جهڙي عظيم انسان جي وقار کي ڌڪ هنيو ۽ سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو.

مائيءَ جي ڳالهين مان پتو پيو ته مائو ملڪ جي مڃيل متبرڪ شخصيت اڃا به آهي پر چيني ماڻهو هاڻي وڌيڪ قدر ۽ عزت چو اين لائي جي ڪن ٿا.

مائيءَ جي ڳالهين مان اهو به پتو پيو ته مهانگائي اتي به ايتري آهي، جيتري پاڪستان ۾. ماڻهو خوش به ڪونهن. پر ملڪ ۾ بيروزگاري به ڪونهي، ۽ ننڍ وڏائيءَ جو به ايڏو فرق ڪونهي. هڪ ڏينهن کلي مون کي چيائين ته ”توکي جيتري پگهار يا ٻيون رعايتون موٽر، ٽيليفون وغيره حاصل آهن. اوتريون اسان جي ملڪ ۾ صدر يا وزيراعظم کي مس هونديون.“

خدا ٿو ڄاڻي ته حقيقت ڇا هئي؟ پاڻ بهرحال تعليم کاتي ۾ استاد هئي. پنهنجي پگهار جي اسان جي ملڪ جي استادن جي پگهار سان ڀيٽ ڪندي، مون کي ٻڌايائين ته ”هتي جا استاد مزي ۾ آهن.“ چيائين ته اسان لٽي ڪپڙي تي ايترو خرچ ڪو نه ڪندا آهيون، جيترو هتي زالون ۽ مرد ڪن ٿا، پر پيٽ چڱيءَ طرح ڀري کائيندا آهيون. ائين به چيائين ته چين ۾ ڳوٺن جي رهاڪن جي اشتراڪي نظام ۾ ڀلائي ۽ بهتري ٿي آهي.

انهيءَ پس منظر ۾ مون جڏهن کوٽي کوٽي کانئس ڪي اونها سوال ڪيا، ته ائين ڀانيم ته سورهن آنا سچ ٻڌائڻ کان هٻڪي رهي هئي ۽ ڪن عيبن اوڻاين تي ڄاڻي ٻجهي پردو وجهي رهي هئي. ان مان سمجهيم ته توڙي جو مائوءَ تي سندس مخالفن طرفان آپيشاهيءَ ۽ سخت گيريءَ جو الزام آهي، پر سندس وفات کان پوءِ به چين ۾ ذهني طرح اڃا به گهُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي.

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ ثقافتي معاهدي هيٺ اديبن جا وفد سال بسال دوري تي ايندا ويندا آهن. جڏهن مان اڪيڊميءَ ۾ ملازم ٿيس، ته چيني اديبن جي وفدن جي دورن جا انتظام ڪندو هوس. انهن دورن ۾ چيني اديبن سان اشتراڪي نظام ۽ مغربي سرمايه دارانه جمهوري نظام بابت، علمي استفادي جي لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن بحث مباحثو ڪندو هئس.

چيني اديبن مون کي صاف صاف ٻڌايو ته، ”چين ۾ هونئن ته مائوءَ جي مرڻ کان پوءِ به سوشلسٽ نظام قائم آهي، پر هاڻي خانگي ملڪيت، ڌنڌي ۽ خانگي واپار جي عام ماڻهن ۽ خود ٻاهرين ڪمپنين کي وري اجازت ملي آهي ۽ سندن اثر ڪري چين ۾ سادگي ختم ٿي وئي آهي ۽ مغربي دنيا وارا نوان فيشن به شروع ٿي ويا آهن.

مائوءَ جي موت کان پوءِ سندس سياسي مخالفن کي اقتدار مليو. هنن پنهنجي عقيدي موجب، چين جون سيل مهر ٿيل سرحدون سڄيءَ دنيا لاءِ کولي ڇڏيون ۽ سندن پنهنجن لفظن ۾ Open Door پاليسي اختيار ڪيائون. تاويل اها ڪيائون ته بدليل حالتن ۽ وقت جي تقاضائن موجب ائين ڪرڻ کان سواءِ چين ترقي ڪري نه سگهندو.

نئين پاليسيءَ ڪري ٻاهرين ملڪن جي سياحن ۽ سيلانين جا ڪٽڪ چين ۾ اچڻ لڳا.

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪارو وهي ڪٻري سان، رنگ نه مَٽي ته عادت ضرور مَٽي“. غير ملڪي سيلانين ۽ سياحن جي آمد ۽ خود چيني نوجوانن جي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم ۽ تربيت رنگ لاتو. ڪجهه عرصو اڳ فار ايسٽ رسالي ۾ پڙهيو ته ”هانگ ڪانگ جي ڀرسان ڪئنٽن جي پاسي، ڏوهه وڌيا آهن. جينس ۽ ڪوڪاڪولا ڪلچر“ عام ٿيڻ کان پوءِ رشوت، سمگلنگ، اگهاڙين فلمن، زنا، زوري زنا ۽ قتل جا واقعا عام ٿيا آهن.

اها بهرحال اخباري ٻڌ سڌ هئي. پر، گذريل سال (1989ع) ۾، ستن سالن کان پوءِ، چين کي ٻيهر پنهنجن اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليم. هونئن ته سوشلسٽ نظام اڃا قائم هو، پر فرق واضح هو. ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي عام دانهن هئي. شهرن ۾ فئشن شروع ٿي ويا هئا. سادگيءَ جو نالو نشان به ڪونه رهيو هو. زالن ۾ مغربي جينس يا ريشمي لباس ۽ مڪمل ميڪ اپ جو رواج عام ٿي ويو هو. پيڪنگ جي هوائي اڏي تي ڪتابن جي دڪان تان پاڪستاني سفارتخاني جي عملدار، هڪ رسالو خريد ڪرڻ لاءِ چيو. مون پڇيس ته ڪهڙي خوبي اٿس؟ چيائين ته کولي ڏس. سرڪار جي ثقافت کاتي جو ئي شايع ڪيل آهي. اڃا جو ڏسان ته سڄي رسالي ۾ خوبصورت چيني عورتن جو عريان تصويرون! کلي چيائين ته، ”سائين اوهان غلط موسم ۾ چين گهمڻ آيا آهيو. سردي شروع ٿي چڪي آهي. برفباري ٿيڻ واري آهي. ڪير به گهر کان ٻاهر نڪري ڪونه ٿو سگهي. گرميءَ جي مند ۾ اچو ها ته نوجوان مردن ۽ زالن کي باغن ۽ پارڪن ۾ ڪنهن ٻئي رنگ ۾ ڏسو ها.

مون سمجهيو ته هي يار وڌاءُ ٿو ڪري. پر، ارومچيءَ کان بيجنگ ڏانهن موٽندي. خود چيني سونهين چيو ته بيجنگ جي گلين ۽ گهٽين ۾ چيني طوائفون نظر آيون آهن. سوچيم ته سوشلسٽ انقلاب کي ڀريا چاليهه ورهيه گذري ويا. جيڪا عورت ان وقت ان ڌنڌي ۾ هوندي، ان جي عمر سترهن ارڙهن ورهيه ته ضرور هوندي. چاليهه ورهيه پوءِ اها پنجاهه ٽپي سٺ ورهين کي سڻائي ٿي هوندي. ان جو مطلب ته چيني سونهون جن طوائفن جو ذڪر ڪري ٿو، تن سوشلسٽ نظام ۾ ئي هن دنيا ۾ اکيون کوليون هونديون. ست سال اڳ چيني سونهين مون کي چيو هو ته، ”رڳو پهاڙي علائقن ۾ ماڻهو بکئي پيٽ تي سهن ٿا.“ پوءِ هاڻي بيجنگ ۾ طوائفون ڪٿان آيون؟ طوائف جو ڌنڌو جسم فروشي آهي. اهو ڪڌو ڪم ته انهي کان ٿيندو، جنهن کي جياپي لاءِ ٻي ڪا به واهه نه هجي.

وطن واپس پهتس ته مهيني _ ٻن کان پوءِ ارومچيءَ مان هڪ اديب جو دوست اسلام آباد آيو. کيس  ٻه ٽي دفعا گهر مانيءَ تي سڏيم. ڳالهين مٿي ڳالهيون نڪتيون. ٻڌايائين ته اسان وٽ به ٻهراڙين ۾ ماڻهو اڻ پڙهيل ۽ پيرين اگهاڙين آهن. پر، اميرن ۽ غريبن ۾ ايڏو فرق ڪونهي. پڇيومانس ته چوري آهي؟ چيئين ته عام آهي. مون چيو ٻيو ڏوهه؟ چيائين ته ارومچيءَ ۾ ماڻهو رات جو نوين بجي کان پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرن ئي ڪونه. مون چيو ته سنڪيالگ صوبي ۾ اها حالت آهي يا ٻين ۾ به؟ چيائين ته اسان جي پاسي واري صوبي ۾ ته تمام خراب حالت آهي. ڪي ماڻهو ته ويچارا بک وگهي مريو وڃن.

ڪجهه وقت اڳ اخبار ۾ پڙهيم ته چين ۾ آخرين ڪميون ختم ڪئي ويئي آهي. سوچيم ته ڪميون اکر ۽ ڪميونزم ساڳيءَ مصدر مان نڪتا آهن. ان جو مطلب ته سوشلٽ انقلاب ۽ ڪميونزم جو نظام به چين جو ڏک ڏور ڪري نه سگهيا.

تازو اخبارن ۾ خبر آئي ته روس ۾ لينن جا بت ڀڳا اٿن ۽ مشرقي يورپ جي ملن ۾ سوشلسٽ نظام جي خلاف عام بغاوت آهي. جڏهن هي مقدمو لکي رهيو آهيان، ته آذربائجان جي علائقي ۾ به مسلمانن ۾ بغاوت ڀڙڪي اٿي آهي. هنن روس سان قطع تعلق ڪري، اتر ايران سان گڏجي ”اسلامي – ملڪ“ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪميونزم کان توبهه ڪئي آهي.

چين ۽ روس جي واقعن مان اهو نظريو غلط ثابت ٿيو ته ذاتي ملڪيت ئي فساد جي جڙ آهي ۽ ماحول مٽائبو ته ماڻهوءَ جو خود غرضيءَ وارو مزاج به بدلجي ويندو.

سوشلسٽ نظام انسان کي بک، بيماري ۽ گناهه کان نجات ڏياري ڪو نه سگهيو ۽ نه وري ڌرتيءَ تي بهشت قائم ڪرڻ وارو خواب شرمنده تعبير ٿيو!

سوشلسٽ نظام انسان کي بک، بيماري ۽ گناهه کان نجات ڏياري ڪو نه سگهيو ۽ نه وري ڌرتيءَ تي بهشت قائم ڪرڻ وارو خواب شرمنده تعبير ٿيو!

سنڌ جي صوفي شاعر دريا خان، الائي ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ فرمايو هو:

شاهه حُسَن تنهنجي شوق ۾ لاڳاپا وا لهي لهي

بهشت دلاسو، دوزخ دڙڪو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي

خود غرضي، خود مطلبي، ذاتي سک آرام ۽ خانگي ملڪيت سان محبت انسان جي مزاج ۾ شامل آهي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته زندگيءَ جي بنيادي خصلت آهي.

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن بادشاهه  پنهنجن درٻارين کان پڇيو ته ”دنيا ۾ سڀ کان پيارو ڪير آهي؟“ ڪنهن ڪين چيو، ڪنهن ڪيئن، هڪ وزير جواب ڏنو ته اولاد سڀ کان پيارو آهي. سڀني واهه واهه ڪئي. پر وڏي وزير اختلاف ڪيو. چيائين ته ساهه اولاد کان به مٺو آهي! آزمودي لاءِ درٻاءَ ۾ هڪ ڀولي گهرايائين. ڳوچيءَ ۾ زنجير وڌائينس ۽ زمين ۾ ڪلو کوڙي، ان سان ٻڌي ڇڏيائينس. چوڌاري واري وڇايائين. ڀوليءَ کي ٻچو به ساڻ هو. جڏهن سج مٿي چڙهيو ۽اس زور ورتو ته ڀولي پريشان ٿي. هيڏي هوڏي سٽون ڏيڻ لڳي. اس ۾ واري هيڪاري گرم ٿي ته ڀوليءَ جو ٻچو دانهون ڪرڻ لڳو. اهو ڏسي ڀوليءَ ٻچي کي هنج ۾ لڪايو. گهڙي کن گذري ۽ اس اڃا به زور ورتو. جڏهن ڀوليءَ جا پير سڙڻ لڳا، تڏهن ٽپو ڏيئي، پنهنجي ٻچي تي چڙهي بيٺي.

خود غرضي، انسان جي خمير ۽ ضمير ۾ ڏاڍي ڪا اونهي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مير جو قصو پڙهيم، جنگ جي ميدان ۾ زخمي ٿي پيو. جان بچي ويس. ٿڪو ماندو، اڃيو، بکيو، رت ڳاڙيندو، واهه جي ڪپ تي پهتو. ٿڌو ساهه ڀري، پنهنجي پياري نوڪر کي چيائين ته، ”ابا، ڪو پاڻيءَ چڪو ته پيار“.

وفاداري نوڪر، اڃايل آقا کي پاڻي ته ڪونه پياريو. پر، سندس چيلهه ۾ ٻڌل سونيءَ ترار جي لالچ ۾، کيس گهٽا ڏيئي واهه ۾ ٻوڙي ماريو.

پير علي محمد راشديءَ جو خيال هو ته انسان انتهائي خود غرض آهي. جيڪڏهن کانئس ڪو به چڱو ڪم ٿئي ته اهو ڪو اتفاق سمجهڻ گهرجي. ”اهي ڏينهن، اهي شينهن ڪتاب ۾ انسان جي مزاج متعلق پنهنجو مشاهدو قيصر خان بوزدار جي قصي ۾ هنن لفظڻ ۾ بيان ڪيو اٿس:

”قيصر خان بوزدار زندگيءَ جو چارٽ ابتدا کان ئي اکيون کولي تيار ڪيو هو. اهڙو ڪوبه ماڻهو ڪونه هوندو، جنهن لاءِ ان چارٽ ۾ اڳواٽ ”ستيءَ“ ”پُڙيءَ“ جو انتظام ٿيل ڪونه هوندو؛ اهڙو ڪوبه حادثو يا اتفاق ڪونه هوندو، جنهن کان بچڻ لاءِ پيشگي بندوبست نه هوندو. جا دشواري آئي، علاج موجود! جو مقام آيو، ان کي اڪرڻ لاءِ تجويز تيار، نه منجهندو، نه پريشان ٿيندو، نه مقصد هٿان ڇڏيندو. سندس طريقه ڪار جي ترتيب ۽ تجويز ۾ انساني فرطت جي خصوصيت جو خاص خيال رکيل هو. وقت آئي، اڳلي مان ڪهڙيءَ طرح پنهنجو ڪم ڪڍجي، سو ڪو کانئس سکي ها.

مقامي طرح سندس مقابلو پاڙي جي ٻن زميندارن سان هوندو هو. هڪ هو مرحوم خانصاحب دادڻ خان لُنڊ ۽ ٻيو ڄام ڀنڀو خان. ٻنهي جون طبيعتون قيصر خان سان ڪونه ملنديون هيون. دادڻ خان سخن جو سچو ۽ دوستيءَ دشمنيءَ جو سخت پختو هو. جنهن سان ”هائو“ ڪيائين ته وري سندس واتان ”نه“ جو اکر نه نڪرندو هو. ڀل جانِ جي مٿانس ريلون وهي وڃن. ڀنڀو خان سخت خوددار ۽ بهادر هو ۽ تنهنڪري اگريءَ طبيعت جو صاحب هو. ساريءَ زندگيءَ اندر ٿورن ماڻهن کيس ڪڏهن مشڪندي ڏٺو هو.

انهن ٻنهي صاحبن جا قيصر خان سان دائمي مقابلا ٿيندا هيا، پر هڪڙو دفعو به قيصر خان خلاف ڪامياب ڪونه ٿي سگهيا. جڏهن به دادڻ خان جي صداقت ۽ قيصر خان جي سياست جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جڏهن به ڄام ڀنڀي خان جي خودي ۽ قيصر خان جي بيخوديءَ مابين تصادم ٿيو، ته فتح هميشه قيصر خان جي ٿي.

پير علي محمد راشديءَ ان قصي مان هڪ مطلب ڪڍيو آهي:

”هڪ فارسي شاعر چيو آهي ته يا اهڙي طبيعت ڌاريو جو دنيا سان ٺهي ۽ منجهس کپي وڃي، يا اهڙي همت جو مورڳو دنيا کان ٻاهر نڪري وڃو.

قيصر خان جو ويساهه پهرئين اصول ۾ هو. وقت بوقت زماني جي حالتن جو به سانچو ٺاهيو، هي ان ۾ کپي ويندو هو. برعڪس ان جي، دادڻ خان ۽ ڀنڀو خان بي غرضيءَ، خودداريءَ، سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جي واٽ وٺندا رهيا، پر قيصر خان جي مقابلي ۾ تقريباً هميشه ناڪام رهيا.

دنيا جا اهي غمزا ڏسي، انسان غريب سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته آخر ”اخلاقي قدرن“ (Moral Values)  ۽ ”قدرت جي انصاف“ (Natural Justice) متعلق جو آساني صحيفن (Holy Scriptures) ۽ انساني قرطاسن ايترو زور ڏنو آهي، تن جي اصلي حقيقت ڇا آهي ۽ انسان جي عملي زندگيءَ تي انهن جو ڪهڙو اثر پوي ٿو؟ جيڪي ڪجهه هي اکيون ڏسي رهيون آهن، سو عمومي طرح هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ته چور ڇٽو ۽ ڀاڳيو ٻڌو وڃي ٿو، ڪوڙو تخت تي، ۽ سچو تختي تي نظر پيو اچي. ۽ جڏهن اهو نظارو سامهون ٿو اچي تڏهن هن مزيد فلسفي پيش ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪو نه ٿو رهي ته:

”ڪي رند پروڙن راز

قضيي ڪربلا جو.“

پير علي محمد راشديءَ ”آسماني انصاف“ ڏانهن جيڪو اشارو ڏنو آهي، ان جو پڙلاءُ تيرٿ وسنت جي “جواهر جيونيءَ“ ۾ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهو ڪتاب اصل ۾ انگريزيءَ ۾ آهي. تيرٿ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. مون پنجويهه ٽيهه ورهيه اڳ پڙهيو هو. ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ موجود هو. تيرٿ وسنت هڪ هنڌ اهڙو اظهار ڪيو هو ته:

”منهنجا مولا، تون رحيم آهين، ڪريم آهين. پر، رڳو هيترو ٻڌاءِ ته هن دنيا ۾ بدمعاش جي بازي زور ڇو آهي؟ اشراف سدائين موچڙن ۾ ڇو آهي؟“

ليڪن، تيرٿ وسنت ۽ پير علي محمد راشديءَ کان به وڌيڪ دلسوز دانهن، ونِ ووڊِ ريڊِ جي ڪتاب ”مارٽڊم آف مئن (انسان جي شهادت“) ۾ ٻڌم. هنڌ لکيو هئائين:

”فطرت جو ڪتاب اکين جي ڳوڙهن ۽ رت جي ڦڙن سان لکيل آهي. زندگي درد جو ڊگهو داستان آهي ۽ تخليق آدم جرم آهي. جيڪڏهن گهڙيال جا پرزا صحيح نٿا هلن، ته ڪنهن جو ڏوهه آهي منهنجا مالڪ سائين – گهڙيال جو، يا گهڙي ساز جو؟“

*              *              *

سائنسدانن انسان کي حيوانن ۾ شمار ڪيو آهي. هر حيوان، ۽ ٻئي حيوان وانگر، جڏهن به پنهنجي مفاد کي ڪو خطرو محسوس ڪري ٿو ته فطري جذبي هيٺ فوراً سڀ کان اول ان جو تحفظ ڪري ٿو. اها ساهواري جي فطريي خصلت آهي، پر، انسان ئي اهو واحد ساهارو آهي، جيڪو ٻئي، انسان جي خاطر، پنهنجي مفاد جي قرباني ڏيئي، ڪس ڪسر کائڻ جي اصول تي عمل ڪري ٿو. سندس اهو عمل کيس ٻين جانورن کان جدا ڪري ٿو. ان عمل جو نالو اخلاق آهي. واٽرلوءَ جي جنگ ۾ ٻه سپاهي زخمي ٿي ميدان تي ڪري پيا. هڪڙي ڄڻي ”پاڻي“ پڪاريو. ٻئي سپاهيءَ پاڻي جي پنهنجي بوتل سندس حوالي ڪري چيو ته، ”دوست، تنهنجي ضرورت مون کان وڌيڪ آهي.“ ٻئي سپاهيءَ ٻه ڍڪ ڀري جڏهن پاڻيءَ جي بوتل پهرئين سپاهي کي واپس ڏيندي چيو ته ”دوست تنهنجي مهرباني“ تڏهن سندس ساٿيءَ ڪو جواب ئي ڪو نه ڏنس. چتائي ڏٺائين ته هو ويچارو اڃ وگهي ساهه ڏيئي چڪو هو. ان قسم جي واقعن تي ويچار ڪري ڏاهن ماڻهن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته انسان ۾ رحماني ۽ شيطاني ٻئي قوتون موجود آهن. (ان ڳالهه جو ابن خلدون ”مقدمي“ ۾ خاص طرح وضاحت سان ذڪر ڪيو آهي). جيڪڏهن انسان جي مزاج کي مٽائڻو آهي ته شيطاني قوت کي رحماني قوت اڳيان مطيع ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جي سندس رحماني قوت اڀري ته هو اشرف المخلوقات جي پَدَ تي پهچندو. سچل سائينءَ چيو آهي:

”ملڪن فلڪن سجدا ڪيا ٿئي، واهه مٽي تنهنجو مُلهه.“

انسان فطرتاً اجتماعيت پسند آهي، هو ٻين کان اڪيلو يا جدا رهي نٿو سگهي. ان ڪري ڪس ڪسر کائڻ کان سواءِ اجتمائي زندگيءَ ناممڪن آهي. پر، ڪس ڪسر کائڻ جي اصول تي فقط اهي انسان عمل ڪن ٿا، جن ۾ اخلاق جي وصف آهي. جيئن ته سڀ انسان هڪ جهڙا نه آهن، ان ڪري اهي انسان جيڪي اخلاق جي وصف کان عاري آهن، سي ٻين کي ڏک ڏين ٿا. هو حيوان جي ليول تي حياتي گذارين ٿا. انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۾ پنهنجيءَ غرض جا غلام ٿين ٿا. کين ”لذت پسندي“ جي عقيدي جا قائل سمجهيو ويندو آهي. سندن خيال موجب زندگي جو مقصد مزا ماڻڻ آهي، ان ڪري جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ ۾ ڪابه خرابي ڪانهي. اهڙا انسان هر سماج ۽ معاشري لاءِ سڀ کان خوفناڪ آهن. هو سونهن، ساز ۽ رنگ روپ سان سينگاريل هن دنيا کي دوزخ جي دونهين سان ڀري ڇڏين ٿا.

چترال جي پاسي هڪ قوم  رهي ٿي جنهن کي ”ڪافر ڪلاش“ ڪوٺيندا آهن. ان قوم جون عجيب و غريب ڳالهيون ٻڌيون هيم. گذريل سال اکين سان وڃي کين ڏٺم. مثلاً جڏهن سندن ڪو ماڻهو مرندو آهي، ته وڏو جشن ڪندا آهن، ڳائيندا وڄائيندا آهن، طعام رڌيندا آهن، ڇو ته سندن عقيدو آهي ته جيڪو هن دنيا مان ويو، سو عذابن کان ڇٽي پيو.

اسلام آباد ۾ جڏهن هڪ اديبہ سان اها ڳالهه ڪيم ته چيائين ته ”آفريڪا ۾ هڪ قبيلو آهي، جنهن ۾ ٻار ڄمڻ تي خوش ٿيڻ ۽ مٺائي ورهائڻ بدران ماتم ڪندا آهن، ڇو ته سندن عقيدو آهي ته ”هڪ بدنصيب روح دنيا جي دوزخ ۾ آيو.“ ڀٽائي بي سبب ته ڪو نه چيو هو:

”ڀينر، هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون“

*              *              *

تازو، آمريڪا مان هڪ اديب واپس وطن آيو. کائنس پڇيم ته ”جديد آمريڪي ادب ۾ ڪهڙا لاڙا آهن؟“ چيائين ته ”آمريڪا ۾ اڄڪلهه فن يا ڪاريگريءَ کي اهميت ڏين ٿا، جو چون ٿا ته سهڻا خيال ته هر ڪنهن وٽ آهن. ڏسڻو اهو آهي ته خيال کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ ڪاريگري ڪنهن وٽ آهي.

سندس اها ڳالهه ٻڌي هڪ ڳالهه ياد آيم. ويهارو ورهيه اڳ هڪ مشهور آمريڪي دانشور، اي. ايم انگر سال جو مضمون، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو هئم. ان ۾ هڪ هنڌ لکيو هئائين ته ”فن جو اخلاق سان، سڌيءَ طرح، ڪو به واسطو ڪونه آهي.“

اي - ايم انگر سال جي اها ڳالهه تمام اهم ۽ توجہ طلب آهي. ڪاريگر، فنڪار يا سائنسدان جو لاڳاپو برابر پنهنجي هنر ۽ علم سان آهي. بنسريءَ جي آلاپ جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اخلاق سان آخر ڪهڙو واسطو آهي؟ زياده کان زياده ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو دل کي وڻندڙ آهي. فنڪار يا نقاش، ڪاغذ ۽ ڪاشيءَ جي سر تي گل ٻوٽا چٽي ٿو. پر، پنهنجي فن جي وسيلي ٻئي ڪنهن قسم جي تصوير به ٺاهي سگهي ٿو، جيڪا ماڻهوءَ ۾ حيوانيت يا انسانيت جو جذبو اڀاري. ڪن فلم ٺاهيندڙن عيسيَ عليہ السلام جون فلمون ٺاهيون آهن، ته ٻين وري اگهاڙيون فلمون ٺاهيون آهن.

ساڳيءَ طرح، سائنسدان، هن ڪائنات ۾ عمل پذير قوتن جي علم معلوم ڪري، انهن کي انسان جي فائدي يا نقصان لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. مثلاً پيٽرول جي استعمال وسيلي، هو اهڙا هٿيار ٺاهي سگهي ٿو، جيڪي انسانذات جي تباهي جو ڪارڻ ٿين، ته ان جي ئي استعمال سان هو اهڙيون انجڻيون به ٺاهي سگهي ٿو جيڪي انسان جي سفر کي آرامده بنائين.

سائنسدان يا فنڪار جي علم ۽ هنر جي سڌي طرح اخلاق سان ڪوبه واسطو نه به هجي، پر انسان، جيئن ته اجمتاعيت پسند ساهوارو آهي ان ڪري سندس سماجي وجود جي تقاضا اها آهي ته ٻين انسانن سان سک ۽ صلح ۾ رهي.

انڪري هر سائنسدان ۽ فنڪار انساني سماج جي فرد جي اها ذميداري قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي. ان معاملي ۾ کيس فعل المختيار قرار ڏيئي نٿو سگهي.

تازو، هڪ آمريڪي رسالي ”ڊائلاگ“ ۾ عمدو مضمون پڙهيم. مضمون نگار، نقشو ٺاهيندڙ ماهر جي مثال ڏيئي سمجهايو آهي ته سندس واسطو پنهنجي علم سان آهي. کيس اهڙو نقشو ٺاهڻو آهي، جو ان کي اڳيان رکي، ڪو به موٽر سوار يا سائيڪل سوار، پنهنجيءَ منزل تي پهچي وڃي. بظاهر نقشي ٺاهيندڙ جو ان ڳالهه سان ڪو به واسطو ڪونهي ته مسافر پنهنجو سفر ڪهڙي مقصد خاطر ڪري ٿو، ليکن جيڪڏهن نقشي ٺاهيندڙ کي اهو معلوم هجي، ته مسافر هي سفر ڪنهن غلط مقصد خاطر ڪري رهيو آهي، ته سندس فرض آهي ته هو ان مسافر کي نقشو ڏيڻ کان انڪار ڪري. ڀولي جي هٿ ۾ ڀريل بندوق ڪيئن ڏبي!

مضمون پڙهي مون کي ياد آيو ته ٻي مهاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ آمريڪن، جپانين جي مٿان، ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ٻه ائٽم بم اڇلايا. چون ٿا ته بس هڪ چمڪاٽ ٿيو، ڌرتي ڌڏي ۽ پوءِ ٻنهي شهرن جي مٿان کنڀيءَ وانگر دونهين جا ڪڪر ڏسڻ ۾ آيا. اک ڇنڀ ۾ فقط ناگاساڪي شهر ۾ اسي هزارن کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي ويا. لکين زخمي ٿيا.  ناگاسڪيءَ ۽ هيروشيما تي قيامت کان اڳ قيامت اچي ويئي!

آمريڪي اخبار نويس اها خبر ٻڌي، ڊوڙندا دنيا جي هاڪاري سائنسدان، آلبرٽ آئنسٽائين وٽ ويا ۽ دانهن ڏنائونس ته ”جيڪڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جا اهي هاڃا جاري رهيا، ته اهو ڏينهن پري نه آهي، جو روءِ زمين تان انسانذات جو نالو نشان ئي مٽجي وڃي.“

ڏکويل آئنستائن کين چيو:

”مون آمريڪي صدر کي اڳواٽ چتاءُ ڏنو هو ته هي اوزار استعمال لاءِ نه آهي. دشمن کي رڳو ڊيڄارڻ لاءِ آهي. انسانذات جي مستقبل جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي نه، پر اخلاق جي ليلول تي منحصر آهي.“

*              *              *

انسان جي مزاج کي تشڪيل ڏيڻ ۾ شايد سڀ کان اول سندس فطري تقاضائن، ۽ ان کان پوءِ ماحول ۽ معاشري جو اثر پوي ٿو. پر، سندس نفسيات کي تشڪيل ڏيڻ ۾ ٻيون به ڪي قوتون اثر انداز ٿين ٿيون ۽ بعضي ته انهن جو سندس ذهن تي غلبو وڌي وجهي ٿو.

پاڪستان جي اترئين جابلو علائقي ۾ وڻ ٽڻ قد جا ڊگها ٿين ٿا ۽ سڌائي سڌا مٿي وڃن ٿا، مثلاً سرو جو وڻ. مون ٻڌو آهي ته ان جو سبب اتان جو جغرافيائي حالتون آهن. وڻن ٽڻن کي مٿي وڃي، هوا مان آڪسيجن وٺڻي پوي ٿي. ان جي برعڪس، ڏاکڻين ميدانن ۾ وري وڻ ڇٽيءَ وانگر شڪل وٺن ٿا. ٿڙ ٿورڙو مٿي وڃي، ڏارن ۽ ٽارين جو جهلو ٻڌي بيهي ٿو.اترين علائقن  وانگر رڳو ڊگهو ئي ڊگهو مٿي ڪو نه ٿو وڃي. چون ٿا ته اهو به هيٺين ميداني علائقن جي جغرافيائي حالتن جي ڪري ٿئي ٿو. جغرافيائي حالتن جو وڻن ٽڻن وانگر جانورن ۽ ماڻهن جي مزاج تي به اثر پوي ٿو، جيڪي ماڻهو جابلو علائقن ۾ رهن ٿا، سي جفاڪش ۽ سخت جان ٿين ٿا. ميداني علائقن جا ماڻهو آرام پسند ۽ نرم مزاج ٿين ٿا

جاگرافيءَ وانگر، تاريخ به ماڻهن جي مزاج تي اثر وجهي ٿي. جيڪي علائقا تاريخ جي چوراهن تي آهن، سي سختيون ڏسن ٿا،. پر جيڪي پاسيرا آهن، سي نسبتاً امن ۾ رهن ٿا ۽ انهن جا رهاڪو صلح پسند ٿين ٿا.

برصغير جي تاريخ ۾، قديم زماني کان وٺي، خيبر لڪ مان، لشڪرن مٿان لشڪر، هڪ ٻئي پٺيان اول سنڌو ۽ گنگا ۽ جمنا ندين وارن ماٿرين ۾، وسندڙ شهرن تي حملي آور ٿيندا رهيا. شهر ڦربا، لٽبا، سڙندا ۽ ٻرندا رهيا. مرد موت جو شڪار ٿيا، زالون فاتح لشڪر جي جنسي هوس جو نشانو بنيون. ۽ ٻار غلام ٿيا. اهو ظلم صدين جون صديون جاري رهيو.

انهن علائقن جي ماڻهن، ان ريت زندگي ۾ بي رحمي عام جام ڏٺي. رحمدلي ڪا ورلي ڏٺي. سو حياتيءَ باب جيڪو نظريو قائم ڪيو هوندو، سو يقيناً  انهيءَ کان مختلف هوندو، جيڪو سانتيڪي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جو هوندو. مظلوم علائقن ۾ هڪ نسل ٻئي نسل کي ٻڌايو هوندو ته سر جي بلا سر سان آهي. ڪير ڪنهن جو ڪونه آهي. ائين انهن علائقن جي رهاڪن ۾ سخت دلي عام هوندي. پنجاب جي هڪ عام چوڻي آهي ته ”راوي راشڪان، جهلم فاسقان، چناب عاشقان  ستلج سالڪان، سنڌ صادقان.“

دنيا جي مشهور مورخ، ابن خلدون تاريخي ۽ جغرافيائي اثرن هيٺ مختلف قومن جو ڪردار مختلف بيان ڪيو آهي. صحرا – نشين ماڻهن جو مزاج شهري ماڻهن جي مزاج کان مختلف ٻڌايو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته ڪيئن تاريخ ۽ جاگرافي ماڻهوءَ جي مزاج کي متاثر ڪن ٿيون.

پر، ابن خلدون ٻي به هڪ اهم ڳالهه ڪئي آهي. سا هيءَ ته انساني مزاج کي تشڪيل ڏيڻ ۾ عصبيت جو وڏو اثر آهي. عصيبت به تاريخ ۽ جاگرافيءَ وانگر، ماڻهوءَ جي مزاج کي بدلائي ڇڏي ٿي. ان حقيقت کان ڪو به انڪاري ٿي نٿو سگهي. پر، حيرت هن ڳالهه جي آهي ته ابن خلدون عصبيت کي ”منفي طرز فڪر، بدران ”مثبت طرز فڪر“ قرار ڏنو آهي. حالانڪه عصبيت انتهائي منفي ذهني لاڙو آهي ۽ انسان جي عقل ۽ اکين تي پڙدو چاڙهي ڇڏي ٿي. متعصب ماڻهو هر شئيِ کي پنهنجي نقطه نگاهه کان ڏسندو. گمبٽ ۾ هڪ پير هوندو هو. هڪ دفعي مائٽ شوڪت جماڻيءَ جي راڻيپور واري پيٽرول پمپ تي مليو. چيائين ته: ”ادا، هر ماڻهوءَ جي اکين تي عينڪ چڙهي پيئي آهي. جنهن کي ساون شيشن وار عينڪ آهي، تنهن کي ساري دنيا سائي رنگ جي نظر اچي ٿي ۽ جنهن کي نيرن شيشن واري عينڪ چڙهيل آهي، تنهن کي نيري رنگ جي نظر اچي ٿي.“

انسانن ۾ رنگ، نسل، قوم، زبان، مذهب، ثقافت يا ذات پات جا ڪي فرق ٿي سگهن ٿا. اهي فرق ئي ته هن دنيا کي رنگين بنائين ٿا. وحدت ۾ ڪثرت فطرت جو اصول آهي. قدرت جي چمن ۾ مختلف قسمن جا گل ٽڙن ٿا. يڪ – رنگي فطرت جي منافي آهي. آسمان ۾ سڀ تارا هڪ جيڏا ڪونه آهن. ليڪن، متعصب ماڻهو هر شيءِ کي پنهنجي نقطه نگاهه کان ڏسندو ، تڪيندو ۽ توريندو. هو انصاف ڪري ڪونه سگهندو. هٽلر جي وزير، گوبلس جو مشهور مقولو آهي ته ”سچ اهو آهي، جنهن جي وسيلي جرمن قوم زور وٺي.“ يعني انسانذات، فضيلت جو معيار يا ڪسوٽي وڃي جرمن قوميت ٿي.

اهو ئي سبب آهي، جو اوائلي زمانن کان وٺي، انسان ذات جي محسنن، عصبيت کي ننديو ۽ آلبرٽ آئنسٽائن کان صديون اڳ، ”اخلاق“ کي ئي انسانيت جي ڪسوٽي قرار ڏنو.

(1) عيسائي مذهب جي پيغمبر حضرت عيسى عليہ السلام پنهنجن پوئلڳن کي اخلاق جي تلقين ڪئي. سندس تعليم اها هئي ته: ”پنهنجي دشمن سان به پيار ڪريو.“ ائين پڻ چيو اٿس ته ”ٻين سان ائين هلو، جيئن اوهان گهرو ٿا ته ٻيا اوهان سان هلن.“

(2) گوتم ٻڌ جو چوڻ هو ته ”انسان جي زندگي لڙائي، جهڳڙي، بي چينيءَ ۽ غم سان ڀريل آهي. ان ڏک جو ڪارڻ سندس هوس يا سَڌ ڇڏي ڏيڻ آهي. ڏک ڀري زندگيءَ کان ڇوٽڪاري جو رستو آهي نرواڻ. نرواڻ معنى نجات، يعني هوس يا سڌي ڇڏي ڏيڻ.“

”نرواڻ جي حاصل ڪرڻ جو رستو آهي صحيح سوچ، صحيح گفتگو، صحيح توجہ، صحيح ڪوشش، صحيح عمل، ۽ صحيح طرز زندگي اختيار ڪرڻ يعني پاڻ ۾ اعلى اخلاق پيدا ڪرڻ.“

(3) زرتشت جي تعليم جو سڄو زور به اخلاق تي هو. ڪراچيءَ ۾ اسان جو هڪ دوست آغا شهريار هوندو هو. اصل ايراني هو، پر ايامن کان لڏي، ڪراچي ۾ گهر ڪري اچي ويٺو هو. مذهبي طرح، زرتشت جو پوئلڳ هو. سندس ڊرائنگ روم ۾، ميز تي ڪاٺ مان ٺهيل، ڀولڙن جا ٽي پتلا رکيل هوندا هئا: هڪڙو اکين تي هٿ رکي ويٺو هو، ٻيو ڪنن تي ۽ ٽيون وات تي. پڇا تي آغا شهريار ٻڌايو ته ”اها اسان جي پيغمبر جي تعليم آهي ته زبان سان بري ڳالهه نه ڪيو، ڪنن سان بري ڳالهه نه ٻڌو، اکين سان بري ڳالهه نه ڏسو.

*              *              *

پيغمبر اسلام جڏهن پنهنجن مخالفن تي سوڀ حاصل ڪئي، ۽ مڪو فتح ڪيو، تڏهن پنهنجيءَ تاريخي تقرير ۾، رنگ، نسل قوميت ۽ هر قسم جي عصبيت کي ننديائين. سڄيءَ انسانذات کي هڪ ڪٽنب جي ڀاتين وانگر قرار ڏنائين. ٻئي ڪنهن موقعي تي ائين به فرمايائين ته: ”مان انسانن جو اخلاق درست ڪرڻ آيو آهيان ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهيان.“


*  قرآن ڪريم جي آيتن جو سنڌي ترجمو از مولانا تاج محمود امروٽي

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org