سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

 

صفحو : 10

 

 

سيد ميران محمد شاهه

 

اسان جوڳيئڙا دم الهي الا!

”ابا، مان ختم ٿي ويل قوت آهيان*“ سيد ميران محمد شاهه مون کي چيو، ۽ پوءِ قلم ڪاغذن جي مٿان رکي، ڪرسيءَ جي ٻانهن تي ٻانهون رکي، ڪنڌ پوئتي لاڙي، ڊگها ساهه کڻڻ لڳو.

مون ويهارو کن ڪاغذ سندس اڳيان رکيا هئا، جن تي کيس فقط صحيحون وجهڻيون هيون. پر ڏهاڪو کن ڪاغذ مس صحيح ڪري سگهيو، جو ٿڪجي ساڻو ٿي پيو. گهڙي کن ساهي پٽي، وري سنئون ٿي ويٺو ۽ ڪاغذن تي صحيحون وجهڻ لڳو.

مون ڏانهس چتائي نهاريو، سندس هٿن ۽ ٻانهن جون نسون ڦنڊجي پيون هيون، ڳلن ۾ کڏون پئجي ويون هيون، مٿي جا وار ڇڻي ويا هئا، اکين جي جوت جهڪي ٿي ويئي هئي. البت، آواز ۾ کڙڪو اڳي وانگر قائم هئو. پاڻ چوندو هو: ”جيڪو مون سان فون تي ڳالهائيندو، سو ڪيئن مڃيندو ته ميران محمد شاهه بيمار آهي.“

پر، ميران محمد شاهه واقعي بيمار هو. کيس هونئن ته گهڻين ئي بيمارين جو عارضو هو، پر ڪن سالن کان وٺي دم ڪشيءَ سندس ساهه مٺ ۾ ڪري ورتو هو. غريب سولائي سان ساهه کڻڻ لاءِ سڪندو هئو. خاص ڪري جڏهن ننڊ مان اٿندو هو ته کيس ساهه کڻڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿيندي هئي. آفيس ۾ جڏهن ڪاغذن جو نيڪال پورو ٿي نه سگهندو هو، ته مون کي شام جو پنجين ڇهين بجي گهر اچڻ لاءِ چوندو هئو. آءٌ فائيل ڪڇ ۾ ڪري شام جو سندس جاءِ تي ويندو هوس. عارب ۽ سومر سندس حاضريءَ جا نوڪر هئا، مون کي ڏسڻ شرط  ٻنهي مان هڪ چوندو هو: ”هڪ منٽ ويهو ته سائينءَ کي ٻڌايان ٿو.“ پنجن پندرهن منٽن کان پوءِ سامهون ورانڊي وارو دروازو کلندو، ”هلو، سائين سڏي ٿو.“

ورانڊي جي اندران سندس ويهڻ جو ڪمرو هوندو هو. هميشہ پنهنجي مقرر صوفي تي ويٺو هوندو هو. اڳيان ٽپائيءَ تي بعضي چانهه رکيل هوندي هئي. ”ابا، ويهه. چانهه پيون ته پوءِ ٿا ڪاغذ ڏسون. ”عارب، چانهه ٺاهه.“ جيسين عارب چانهه ٺاهي: تيسين ميران محمد شاهه وري صوفي ۾ ليٽندو هو ۽ اکيون ٻوٽي ڊگها ڊگها ساهه کڻندو هو.

سيد ميران محمد شاهه سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري هئو ۽ مان نائب سيڪريٽري. هو نو مهينا کن انهيءَ عهدي تي رهيو. پاڪستان کان اڳ بورڊ جو خود چيئرمين به رهي چڪو هو. انهيءَ هوندي به هن پيريءَ ۾ اعزازي سيڪريٽريءَ جو عهدو شوق سان ورتو، سو ان ڪري جو گهر ويٺي کيس ڪا نه ڪا دلچسپيءَ واري مشغولي گهربي هئي. بورڊ جي سيڪريٽري هئڻ سان گڏ هو ان جي ”بانيڪار ميمبرن“ مان هئو، ۽ مڙني ميمبر ۾ غالباً سڀني کان سينئر.

”سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ يونيورسٽي، سنڌين وٽ هاڻي فقط اُهي ٻه شيون باقي وڃي بچيون آهن*“. سيد ميران محمد شاهه اڪثر چوندو هو. سندس انهيءَ قول کي اهميت هئي.

”ڀائو، سنڌ جي اڌ صديءَ جي تاريخ منهنجي اکين اڳيان آهي، ۽ انهيءَ تاريخ ٺاهڻ ۾ ڪجهه منهنجو حصو به آهي. اسان جي مئي کان پوءِ ايندڙ نسل کي اهي ڳالهيون ڪير ٻڌائيندو؟“ سيد ميران محمد شاهه هڪ دفعي پير حسام الدين راشديءَ کي چيو. اسان ٻئي ڄڻا ڪراچيءَ ويا هئاسين ۽ اتي پير صاحب سان سندس لئبريريءَ ۾ بورڊ جي ڪم ڪار بابت صلاح ڪري رهيا هئاسين.

”يار، منهنجي صلاح مڃين ته ٻيو سڀ ڪم ڇڏي، سنڌ جي اها تاريخ لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻ.“ پير صاحب کيس صلاح ڏني. اهي صلاحون بهرحال صلاحون ئي رهيون. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ميران محمد شاهه جي حياتيءَ ۾ گهڙيال سالن تان هلي هاڻي اچي مهينن، ڪلاڪن ۽ منٽن تي بيٺو آهي. اجهو ڏار ڀڳو، اجهو سندس ساهه جو پکيئڙو اُڏاڻو. اسان جوڳيئڙا، دم الهي الا.

ميران محمد شاهه، سنڌ جو وزير! ميران محمد شاهه، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر! ميران محمد شاهه، اسپين ۾ پاڪستان جو سفير! ميران محمد شاهه، ڪي – ڊي – اي جو چيئرمين! سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين! زرعي بئنڪ جو چيئرمين! لطيف ڪائونسل جو چيئرمين! ۽ آخر ۾ ميران محمد شاهه خاڪ جي مٺ! انسان جي انتها ڇا آهي!

هڪ دفعي سيد ميران محمد شاهه هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو. ڪراچي ۾ پلازا سئنيما جي سامهون سندس فلئٽ ۾ ويٺا هئاسين. سانجهيءَ جي مهل هئي. شهر جون بتيون روشن ٿي چڪيون هيون. ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر (مرحوم) مولانا عبدالواحد سنڌي هجي، شاهه صاحب هجي ۽ مان هجان.

”گهڻا گهڻا سال اڳ، هن صديءَ جي شروعات ۾، هڪ رات سومهاڻيءَ جي مهل، هڪ شخص پنهنجي ننڍڙي نينگر کي، اُٺ تي چاڙهي ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي وٺي آيو. نينگر کي اڃا ڏاڙهي مڇ به ڪانه آئي هئي. هو پڙهڻ لاءِ ڪراچيءَ وڃي رهيو هو. کيس پاچن ڀريل سلوار ۽ گلي ڀريل پهراڻ پيل هو. تن ڏينهن ۾ اهو فئشن هوندو هو ته سلوار جي پاچن ۽ پهراڻ جي گلي تي ڀرت ڀرائبو هئو. کيس هڪ سهڻي صدري به پاتل هئي. مٿي تي گل واري ترڪي ٽوپي هئس. سندس سمورو سامان هڪ ننڍي لوهي پيتي هئي، جنهن ۾ سندس پائڻ جا ڪپڙا ۽ ڪجهه ڪتاب پيل هئا، هن پنهنجي پيتي پليٽ فارم جي هڪ ڪنڊ ۾ رکي ۽ پاڻ ان جي ڀرسان فرش تي ويهي، گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪوٽڙي اسٽيشن جو وڏو ويڪرو پليٽ فارم سنسان پيو هئو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو ماڻهو آيو ويو ٿي. دور دور هڪ فانوس جلي رهيو هو، جنهن جي چوڌاري پتنگ پئي ڦريا. نينگر ان فانوس کي تڪيندي تڪيندي ۽ گاڏيءَ جو انتظار ڪندي، آخر ٿڪجي پيو ۽ اتي ئي پيٽڙيءَ تي مٿو رکي، فرش تي ليٽي پيو – کيس ننڊ کڻي ويئي! سومهاڻيءَ لڙيءَ جو گاڏي آئي. ماڻهن جي اچ وڃ ٿي. هل هنگامي تي نينگر جاڳي پيو ۽ پيتي کڻي وڃي گاڏيءَ تي چڙهيو. گاڏي ڪوڪون ڪندي، دونهان ڪڍندي، ڪراچيءَ رواني ٿي ويئي. انهيءَ ڳالهه کي ڪيئي سال گذري ويا“.

”سنه 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ۽ ان جي پنهنجي صوبائي حڪومت ٺهي. ڏهاڪو کن سال پوءِ، سنڌ جي صوبائي حڪومت جو هڪ وزير حيدرآباد ضلعي جي گشت لاءِ ڪراچيءَ مان نڪتو. ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي حيدرآباد ضلعي جا معزز شهري ۽ اعلى عملدار وزير صاحب جي استقبال لاءِ موجود هئا. گاڏي آئي، وزير صاحب لٿو. بئنڊون وڄڻ لڳيون. وزير صاحب هڪ شاندار شامياني جي هيٺان عمدن غاليچن سان سينگاريل ڊائس تي بيهي، پوليس جي سلامي وٺڻ لڳو. جڏهن اها تقريب پوري ٿي ته وزير صاحب کان سندس هڪ دوست پڇيو، ”اوهان حيدرآباد جي بدران ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي سلامي ورتي، سو ڇا جي ڪري؟“ وزير صاحب جواب ۾ پنهنجي انهيءَ دوست کي ماضيءَ جو اهو واقعو ٻڌايو.“ ڳالهه پوري ڪري، سيد ميران محمد شاه مرڪي چيو، ”اهو نينگر ۽ اهو وزير مان ئي هئس.“

اهو واقعو ٻڌڻ بعد سنڌي صاحب، شاهه صاحب تي زور ڀريو ته پنهنجيءَ زندگيءَ جا ڪي ٻيا اهڙا دلچسپ واقعا لکي ڏيو ته ”نئين زندگي“ ۾ ڇاپيون. شاهه صاحب کيس چيو ته، ”جيڪڏهن رباني آفيس مان ڪو ماڻهو مون کي جاءِ تي زور موڪليندو رهي ته مان ان کي لکائيندو وڃان“. مون آڇ ڪئي ته مان پاڻ ايندس. ڪراچي مان ڪم لاهي موٽياسين. ڳالهه دل تان لهي ويئي. نه مون کي ڪڏهن سماءُ رهيو، نه هن ئي وري يادگيري ڪئي. قسمت جو عجب اتفاق جو سنڌي صاحب جي ئي چوڻ موجب، مون ”نئين زندگي“ لاءِ سيد ميران محمد شاهه تي مضمون لکڻ لاءِ قلم کنيو ته سهي، پر تڏهن جڏهن خود سندس زندگيءَ جو واقعو ختم ٿي چڪو.

ڪن ڪن ماڻهن کي موت جو ڏاڍو خوف ٿيندو آهي. هنن لاءِ اهو تصور ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي ته آخر کين هيءَ دنيا ڇڏڻي پوندي. ميران محمد شاهه انهن ماڻهن مان نه هو. توڙي جو سالن کان وٺي صحت خراب رهڻ ڪري هو نهايت ڪمزور ٿي ويو هئو، ايتري قدر جو بعضي تي بيماريءَ جي دوري پوڻ بعد اٿڻ وهڻ ۾ به کيس ڏکيائي ٿيندي هئي ۽ ڏاڪڻ تي هو اصل چڙهي ڪو نه سگهندو هو – پاڻ چوندو ته ”ابا، هاڻي پاڻ قبر جي ڪنڌيءَ تي آهيون“ – پر تڏهن به ڀرپور زندگي گذاريندو هئو. پنهنجا پراوا ڪم ڪاريون ايڏي ته چاهه ۽ اتساهه سان ڪندو هو، جو انهن کي ڏسي ۽ وري سندس صحت کي ڏسي حيرت لڳندي هئي.

هڪ دفعي مرڪزي حڪومت وٽ سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ رڪيل هئي.  جنهن عملدار وٽ اسان جا ڪاغذ اٽڪيل هئا، سو سيڪشن آفيسر جي ليول جو ماڻهو مس هو ۽ ٽينءَ ماڙ تي آفيس جو ڪمرو هئس، شاهه صاحب وٽس خود هلڻ ۾ عار ڪو نه سمجهيو. البت، ٽماڙ تي چڙهي ڪيئن؟ ان جو علاج اهو ڪڍيائين ته ڪرسيءَ تي چڙهي ويٺو، جنهن کي نوڪرن کنيو. ان ريت پاڻ ان عملدار وٽ پهتو ۽ کانئس بورڊ جو ڪم ڪرايائين جنهن ۾ سندس ذاتي مفاد ڪو به ڪو نه هو، قومي ڪم هو.

پڇاڙيءَ تائين کاڌي پيتي ۽ لباس جو شوق نه ڇڏيائين. بهترين سوٽ پائيندو هئو ۽ اعلى کان اعلى ٽوپيون ۽ بوٽ رکندو هئو. کاڌي ۾ پنهنجي پسند جو گهڻو خيال رکندو هو. آفيس ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان اول چانهه پيئندو هو. هيڪر آفيس ۾ چانهه ويٺي پيتيسون ته مون کي چيائين، ”تنهنجا بسڪوٽ ڪهڙا آهن؟“

مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سامهون پليٽ ۾ بسڪوٽ رکيا هئا، جي هن گهرايا هئا. مان ڏاڍو منجهي پيس. آخر هٻڪي هٻڪي کيس چيم، ”مون ته ڪي به بسڪوٽ ڪو نه گهرايا آهن“.

چيائين، ”مون کي ميري بسڪوٽ وڻندا آهن ۽ هميشہ اهي کائيندو آهيان. تو کي ڪهڙا وڻندا آهن؟“.

اتي مون کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ کل آيم. مون ته ڪڏهن بسڪوٽن ۾ پنهنجي پسند مقرر ڪرڻ جي معاملي تي غور ئي ڪو نه ڪيو هئو، جيڪي اڳيان سو بسم الله! پر ڳالهه رکڻ لاءِ کيس چيم، ”نائيس بسڪوٽ“.

هڪ دفعي چيائين ته منهنجو کائڻ جو هفتي جو پروگرام مقرر هوندو آهي. اهو پروگرام مون کي آفيس جي خوشنويس مولوي محمد صديق کان لکائي ڏي ته بورچيخاني ۾ ڀت تي هڻائي ڇڏيندس، بورچياڻيءَ کي رڌ پچاءُ ۾ سولائي ٿيندي. مون کيس پروگرام لکائي ڏنو جو هن ريت هو:

آچر: نيرن چانهه ۽ بسڪوٽ. منجهند جي ماني، گوشت جا ڪوفتا ۽ رات جي ماني، مغز جا رول ۽ مٺو کاڌو پڊنگ بيدن جي.

سومر: نيرن، چانهه ۽ اسڪرومبلڊ بيدا. منجهند جي ماني، مڇيءَ جو پلاءُ. رات جي ماني بيدن جو ٻوڙ ۽ مٺو کاڌو جيلي ڪريم.

اڱارو: نيرن، چانهه ۽ بسڪوٽ. منجهند جي ماني، منڍي. رات جي ماني، گوشت جا ڪباب ۽ مٺو کاڌو فروٽ ڪسٽرڊ.

اربع: نيرن، چانهه ۽ اسڪر مبلڊ بيدا. منجهند جي ماني سنيل گوشت ۽ تريل پٽاٽا. رات جي ماني، مغز ۽ قيمو ۽ مٺو کاڌو پڊنگ بيدن جي.

خميس: نيرن، چانهه، ٽوسٽ، مکڻ ۽ جام. منجهند جي ماني، گوشت جا ڪوفتا. رات جي ماني، گوشت جو ٻوڙ يا قيمو ۽ مٺو کاڌو فروٽ ڪسٽرڊ.

جمع: نيرن، چانهه ۽ بسڪوٽ، منجهند جو ماني، مڇيءَ جا ڪوفتا. رات جي ماني، مرغي ڪٽليٽس ۽ مٺو کاڌو فروٽ ڪسٽرڊ.

ڇنڇر: نيرن، چانهه ۽ اسڪر مبلڊ بيدا. منجهند جي ماني، منڍي، رات جي ماني، مڇيءَ جا ڪباب ۽ مٺو کاڌو سيگو چانورن جي پڊنگ.

مون کي جڏهن به شاهه صاحب سان گڏ ماني کائڻ جو موقعو مليو ته ڏٺم ته نهايت گهٽ کاڌو کائي رهيو هئو. بس، اکين جي ڍو ڪاڻ سڀ ڪجهه اڳيان رکندو هئو. هڪ سال ڀٽائيءَ جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس لاءِ پير حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي هڪ ايراني دوست ڊاڪٽر ماهيار نوابيءَ سان گڏ ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيل هئو. کيس ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻي هئي. شاهه صاحب، پير صاحب جي ماني ڪئي ۽ مون کي به دعوت ڏني. رات جو سندس بنگلي جي باغيچي ۾ ڊنر کاڌيسون. نهايت لذيذ کاڌو ۽ وڻندڙ ماحول هئو. ماني کائي اسين آرام ڪرسين تي ويٺاسين ۽ ڪافي پيئڻ لڳاسين. شاهه صاحب نه ماني کائڻ ۾ چاهه ڏيکاريو ۽ نه ڪافي پيئڻ ۾ شريڪ ٿيو. هو سمورو وقت ايراني مهمان کي شاهه ڀٽائيءَ جي شعرن جو فارسي ترجمو ٻڌائيندو رهيو. ايراني مهمان اسان کي خيام، حافظ ۽ سعديءَ جا شعر ٻڌايا. چانڊوڪي رات هئي پر باغيچي جي ڪن وڻن ۾ بجلي جا بلبل ٽارين ۾ ٻڌي سونهن ڪاڻ روشن ڪيا ويا هئا. اهو ڏسي ايراني مهمان هڪ شعر پڙهيو جنهن جي هڪ مصرع مون کي اڃا ياد آهي:

”چون چراغان شب مهتاب بيجا سوختيم!“

چنڊ رات ۾ شاهه صاحب سان ٻيءَ اهڙيءَ محفل جو موقعو هالن ۾ مليو. اونهاري جي موسم هئي، شاهه صاحب ۽ مان بورڊ جي چيئرمين مخدوم صاحب وٽ سرڪاري ڪم ڪار سان صلاح مشوري لاءِ ويل هئاسين. مخدوم صاحب ڳالهيون ٻوليون ڪري سانجهيءَ جو موڪلائي ويو. اسان رات جي ماني کاڌي. پوءِ شاهه صاحب پلنگ تي ليٽي پيو ۽ مان آڙام ڪرسيءَ تي ٿي ويٺس. بنگلي جي صحن ۾ تن تنها هڪ لمبو کجيءَ جو وڻ هئو، جنهن جي مٿان آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي سموري آب تاب سان جلوه گر هئو. نهايت دلڪش منظر هئو! ميران محمد شاهه موج ۾ اچي هڪ پراڻي ڪافي ڳائڻ لڳو، جا سندس چوڻ موجب، هن اسپين ۾ سفير هئڻ واري زماني ۾ ٺاهي هئي:

مارو ٿيام ملير وي، ڏوٿي ٿيئڙم ڏور وي،
وطن پنهنجي کي ڪيئن آءٌ وساريان!
ماڙيون بنگلا باغ بهاريون،
ڪين وڻن مون کي برکُ بازاريون،

ٻٻرن جا پر ٻور وي.

گواد لڪيوئر سيرانوادا قيدز قرطب يا گرانادا

سنڌو نديءَ بن سور وي.
ميران شاهه ٿو سانگي ساري،
گوندر گهڙيون هت پيو گهاري،
پل پل پونس پور وي.
وطن پنهنجي کي ڪيئن آءٌ وساران!
*

اسپين جو ذڪر نڪتو ته سنڌ جي گذريل سياسي دور جا قصا نڪتا. شاهه صاحب مون کي پنهنجن اڳوڻن سياسي رفيقن ۽ حريفن جا دلچسپ لطيفا ٻڌايا. هن سيد غلام مرتضى شاهه سنائيءَ جي ڏاڍي واکاڻ ٿي ڪئي ۽ کيس سنڌ جي سونهن ٿي سڏيو. خود ميران محمد شاهه جي سياسي زندگيءَ جو هڪ دلچسپ لطيفو بعد ۾ مون پير علي محمد شاهه راشديءَ کان ٻڌو. تن ڏينهن ۾ راشدي صاحب هانگ ڪانگ مان ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪراچي ۾ آيل هو. ميران محمد شاهه ۽ مان بورڊ جي ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويا هئاسين. پير حسام الدين شاهه راشديءَ وٽ رات جي ماني هئي. وٽس هميشہ وانگر ٻيا به اڌ ڊزن کن مهمان موجود هئا. وڏي راشديءَ جي اچڻ بعد ماني کائڻ شروع ڪئيسون. هو مانيءَ ۾ شريڪ ڪو نه ٿيو، سمورو وقت حقو ڇڪي رهيو هئو ۽ ميران محمد شاهه کي صلاح ڏيئي رهيو هو ته ”ميران محمد شاهه، هوءَ تلور کائي ڏس. تلور جو گوشت ڏاڍو سوادي ٿئي ٿو.“ ميران محمد شاهه کي تلور جي ترغيب ڏيئي، راشدي صاحب سندس سياسي زندگي جو هڪ لطيفو ٻڌائڻ شروع ڪيو. – چي ”هيڪر اليڪشن جي معاملي ۾ حيدرآباد ۾ اچي گڏ ٿياسين. تڏهن سڀ جوان هئاسين. ڀائو ميران محمد شاهه ۽ مرحوم نور محمد جي وچ ۾ مقابلو هو. سڄي سنگت مرحوم نور محمد جي فائدي ۾ هئي. مون انهيءَ جي مخالفت ڪئي ۽ ميران محمد شاهه جي حمايت ڪئي، پر فتح ايڏي سولي نظر نٿي آئي. ٻئي ڏينهن جڏهن ميٽنگ ٿي ته مون گذريل ٻن چئن سالن جي رڪارڊ مان مرحوم نور محمد ۽ ميران محمد شاهه جي اڳوڻين تقريرن جا اقتباس پيش ڪري، ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪيئن ميران محمد شاهه مرحوم نور محمد کان بهتر اميدوار هئو. تقريرن جا ٽڪرا هر ڪنهن جي اڳيان هئا. منهنجي ڳالهه کي وزن مليو. سنگت ڳالهه مڃي، ميران محمد شاهه اليڪشن کٽي ويو.“ راشدي صاحب حقي مان ڦوڪ ڀريندي چيو، ”ان معاملي ۾ مزي جي ڳالهه اها هئي ته تقريرن جا اقتباس سڀ ڪوڙا هئا! ڪوڙ گهڙڻ ۾ مون کي انديشو اصل ڪو نه ٿيو، ڇو ته مون کي معلوم هئو ته ڪنهن به مسلمان ميمبر کان اها تڪليف ته پڄندي ئي ڪا نه، جو پراڻو رڪارڊ کولي، ويهي خاطري ڪري ته ڳالهه ڇاهي؟ واقعي ٿيو به ائين.“

انهيءَ ئي محفل ۾ ڀاءُ رحيم بخش سومري پرڀرو ويهي اسان کي راشدي صاحب ۽ ميران محمد شاهه جي جهيڙي جو هڪ اهڙو ته لطيفو ٻڌايو، جو کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو.

اسان جا بزرگ هڪ هڪ ڪري اسان کان موڪلائيندا پيا وڃن. سيد ميران محمد شاهه کان اڳ مير غلام علي ٽالپر موڪلائي ويو، تنهن کان اڳ عثمان علي انصاريءَ موڪلاڻيون ڪيون ۽ انهيءَ کان اڳ ڊاڪٽر دائودپوٽو جدائيءَ جو داغ ڏيئي ويو. بعد ۾ پير حسام الدين راشدي ۽ مير علي احمد خان ٽالپر موڪلائي ويا.

اهي سڀ صاحب سنڌ جي تاريخ جا ورق هئا. اهي ورق وري ويا ته ڄڻ سنڌ جي تاريخ جو هڪ دور ختم ٿيو. هونئن انهن شخصن مان هرهڪ جي زندگي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ جدا ڪتاب آهي، جنهن ۾ سوين هزارين اهم واقعا هِتي هُتي ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. انهن واقعن کي قلمبند ڪرڻ گويا سنڌ جي تاريخ کي مرتب ڪرڻو آهي. ميران محمد شاهه جي زندگيءَ جو ڪتاب پورو ٿي چڪو. هاڻي ان ڪتاب کي لکڻ ميران محمد شاهه جي دوستن، عزيزن ۽ احبابن جو فرض آهي.

بدقسمتيءَ سان سنڌ جي زمينداري طبقي جو چڱو حصو اڃا تائين پنهنجي روايتي زندگيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. وٽن اهي ئي عيش عشرت جون محفلون گرم آهن. سريتون رکڻ، ڪتن جون لوڌيون پالڻ، هڪٻئي سان وير پاڙڻ، چوريون ڪرائڻ، ڌاڙا* هڻائڻ سندن عام شغل آهن.

سيد ميران محمد شاهه سنڌ جي زميندار طبقي جي انهن روشن دماغ شخصن مان هئو، جن انهيءَ زندگيءَ کي ٿڏي ڇڏيو، مهذب زندگي اختيار ڪري، ٻين لاءِ مثال قائم ڪيو ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ عملي قدم کنيا.

هن زنانيءَ تعليم کي همٿايو، شعر ۽ سخن جون انجمنون برپا ڪيون، پنهنجي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکيو ۽ پکيڙيو، پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي باعث نه فقط پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪيو، بلڪه سڀني هم وطنين لاءِ فخر جو باعث بڻيو.

حيدرآباد ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو ۽ بڪنگهام محلات ۾ دعوتون کاڌائين، اسپين جي جنرل فرانڪو وٽ سفير ٿي رهيو ۽ انگلينڊ جي وزيراعظم اٽلي سان ملاقاتون ڪيائين، سونهاريءَ سنڌ جي اسيمبليءَ جو 10 سال اسپيڪر ۽ پوءِ وزير ٿي ۽ پاڪستان جي تاريخ ٺاهڻ ۾ اهم حصو ورتائين.

زندهه قومون پنهنجن اهڙن بزرگن جي يادگيرين کي محفوظ رکنديون آهن. هونئن به ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي سٻاجهي سڀاءَ ۽ محبتي انداز سبب اهڙا پيارا هوندا آهن، جو انهن جون ڳالهيون وسرڻ جهڙيون نه هونديون آهن. جڏهن به ياد اينديون آهن ته دل کي راحت رسندي آهي. سائين ميران محمد شاهه اهڙو ئي مٺو ماڻهو هئو.

قدرت کيس گهڻين ئي نعمتن سان نوازيو هو. چون ٿا ته جوانيءَ ۾ ڏاڍو سهڻو هوندو هو. پر حسام الدين راشدي ڳالهه ڪندو هو، ته جڏهن ميران محمد شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو هو ۽ مٿي تي ڪلف لڳل، شملي وارو سفيد پٽڪو ٻڌي، اچي اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي وهيندو هو، تڏهن سندس شان ڏسڻ وٽان هوندو هو. ميران محمد شاهه ڀرپور زندگي گذاري، پر قبر ۾ هڪ غم کڻي ويو. هو سڄي عمر نريني اولاد لاءِ سڪايل رهيو. الله سائينءَ کيس هڪ پٽڙو ڏنو هو، پر ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي واپس گهرائي ورتائينس. سائين غلام مرتضى سنائيءَ مون سان ڳالهه ڪئي، ته اسان سمجهو هو ته ميران محمد شاهه پٽ جي جدائيءَ جي صدمي ۾ ئي ختم ٿي ويندو، پر ڌڪ سهي ويو. انسان مضبوط آهي ته هماليه جبل کان به ڏاڍو آهي، هيڻو آهي ته ڪوِل کان به ڪمزور آهي.

کيس نياڻيون هيون، پر سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ”نياڻي پرائو ڏاج آهي.“ چنانچ، پنهنجي ڀاءُ سيد قاسم شاهه جي پٽ قمرالزمان شاهه کي پٽ ڪري پاليائين، ۽ کيس پنهنجي نياڻي پرڻايائين. قمر سان ڏاڍي دل هوندي هئس.

پوين ڏينهن ۾ پنهنجي ڀاءُ سيد قاسم شاهه سان ملڪيت جي مسئلي تي ٿورو گهڻو اختلاف ٿي پيس. ان سلسلي ۾ هڪ دفعي مون کي ملڪيت جا ڪاغذ ڏنائين، ته نقل ڪري ڏي، پر ٻيو ڪير نه ڏسي. اهي ڪاغذ زمين جي تقسيم بابت هئا. مون ڪم لاهي، ڳالهه وساري ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ کيس البت ڏکويل ڏسندو هوس، سو سندس دل رکڻ لاءِ، هڪ دفعوي کيس چيم ته ”اوهان مون کي اولاد وانگر سمجهو. مان اوهان کي مايوس نه ڪندس.“ اهو ٻڌي، ڏک ۾ ويڙهجي ويو. ڀريل گلي سان چيائين ته، ”ابا جنهن کي پٽ ڪري پاليم، سو ئي پٽ نه ٿيو ته ٻين لاءِ ڇا چوان.“

مون کي خبر ناهي ته هن ائين ڇو چيو، ڇو ته مون قمر کي سدائين سندس ادب ۾ ڏٺو هو. مان سمجهان ٿو ته اهو سندس دل جو عارضي غير گمان هو، ڇو ته مان ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته قمر جي ساڻس ڪيڏي نه دل هئي. جڏهن سيد ميران محمد شاهه جو پويون وقت آيون ۽ اسان ٻڌو ته پاڻ بيهوش ٿي ويو آهي، تڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ جو سڄو اسٽاف وٺي سندس بنگلي تي ويس. قمرالزمان شاهه ٻاهر ويٺو هو. ڏکويل ۽ ڪوماڻل. مون کانئس شاهه صاحب جي طبيعت پڇي ته اچي روئڻ ۾ ڇٽو. فقط ايترو چئي سگهيو ته، ”ڀائو، دعا ڪريو.“ قمر کي جن به جوانيءَ ۾ ڏٺو آهي، تن کي ياد هوندو ته هو ڪيڏو نه البيلو ۽ ارڏو هوندو هو. پر اهو ارڏو شهزادو ان ڏينهن ٻارن وانگر زارو زار روئي رهيو هو. سندس گلاب جي گلن جهڙا ڳل ڳوڙهن سان ڌوپي ويا هئا.

ايڏو ڏک ته فقط حقيقي اولاد کي ئي ٿي سگهي ٿيو. قمرالزمان شاهه جي ڏک جي انهيءَ منظر منهنجي دل ۾ ساڻس محبت پيدا ڪئي. هن پاڻ کي ميران محمد شاهه جو حقيقي فرزند ثابت ڪيو. هڪ ڏينهن مون وٽ آفيس ۾ آيو. چانهه پيتيسون. بورڊ جي آفيس ۾ دل جي ڳالهه حجاب سببان چئي نه سگهيو. سو، مون کي ڪار ۾ وهاري ٻاهر وٺي ويو. هڪ هنڌ گاڏي جهلي، سڪ سان چيائين ته ”سائين ميران محمد شاهه جي حياتيءَ تي ڪتاب لکي ڏي.“ مان آفيس جي خفن ڪري، سندس ڳالهه ته قبول ڪري نه سگهيس، پر دل ۾ سندس عزت اڳي کان به وڌي ويئي.

اڳتي هلي، سندس همشيره ڊاڪٽر آفتاب شاهه سان واقفيت ٿي. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ گلاب جا گل ڏٺم. چون ٿا ته ڊاڪٽر آفتاب اسان سان گڏ حيدرآباد واري ڦليلي ڪاليج ۾ پڙهندي هئي. پر مون کي ان ڳالهه جي ڪا به يادگيري ڪانهي. مون سان سندس ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن ولايت مان اعلى تعليم وٺي موٽي هئي ۽ حيدرآباد جي سول لائينس ۾ في الحال پنهنجي ئي بنگلي ۾ خانگي اسپتال کولي هئائين. مان ساڻس پنهنجي ڀيڻ جي علاج خاطر وڃي مليو هئس. پاڻ جوانيءَ جو ڇوهه ڇڏي، پوئتي موٽي هئي، پر اکين جي سونهن اها ئي قائم هئس.

 

 

سيد مران محمد شاهه

 

 

 

 

 ڊاڪٽر آفتاب شاهه

مون کي ڀيڻ جي علاج لاءِ ڪا سٺي صلاح ڏنائين. ستت منهنجي شادي ٿي ۽ پنهنجيءَ گهرواريءَ جي علاج لاءِ وٽس اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيڻ لڳو. جيئن جيئن اسان جون ملاقاتون وڌنديون ويون، تيئن تيئن مان کانئس متاثر ٿيندو ويس. سندس شخصيت جو راز سندس اعلى اخلاق ۾ سمايل هو. ڪاليج جا شاگرد ڏاڍا ارڏا ٿيندا آهن. پر مون جنهن به شاگرد سان ڳالهايو، ان ڊاڪٽر آفتاب جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ”هن ڪنهن به شاگرد سان ڪا به ناانصافي ڪا نه ڪئي ۽ ڪنهن به شاگرد کي بيجا رعايت ڪا نه ڏني.“ ميران محمد شاهه کان وڌيڪ سندس والد سيد قاسم شاهه جي دلچسپي هئي، توڙي جو هو پاڻ اعلى تعليم يافته ڪو نه هو. سنڌ جي سيد مان اهڙي اميد رکڻ ته هو پنهنجي نياڻيءَ کي نه فقط تعليم ڏياري، بلڪه اعلى تعليم لاءِ اڪيلي سر ولايت موڪلي، وڏي ڳالهه آهي!

ڊاڪٽر آفتاب هڪ ٻيو به ڪم ڪيو، جنهن مون کي متاثر ڪيو. هن سنڌ جي فرسوده روايتن کي ٽوڙي، هڪ غير – سيد سان شادي ڪئي. سنڌ جي لحاظ کان اها تمام وڏي ڳالهه هئي، ڇو ته سنڌ ۾ ته نياڻيءَ جو قرآن کان حق بخشايو ويندو آهي. پيغمبر ته پنهنجون نياڻيون پرڻايون، پر سنڌ جو سيد ڌيءُ جي شاديءَ ۾ پنهنجي بي عزتي سمجهندو آهي.

ڊاڪٽر آفتاب دقيانوسي پراڻن طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ ڪنهن ڄٽ ڄاموٽ سان پلئه اٽڪائڻ ۽ پوءِ سڄي عمر رت روئڻ بدران هڪ انقلابي قدم کنيو. سندس نازڪ ۽ نفيس بدن ۾ ڄڻ ته رت جي بدران رڪ ۽ فولاد ڀريل هو. هن پاڻ جهڙي هڪ اعلى تعليم يافته غير سيد سنڌي باشندي سان زندگي گڏ گذارڻ جو فيصلو ڪيو. مون ٻڌو ته ان فيصلي ۾ خود سندس ڪي مائٽ به راضي نه هئا، پر هوءَ پنهنجي اصول تي قائم رهي. قسمت سندس بخت بلند ڪيو ۽ کيس بهترين رفيق حيات  نصيب ٿيو.

ڊاڪٽر آفتاب کان پوءِ، سائين غلام مصطفى شاهه پنهنجيءَ نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ ٻي اهڙي شاندار روايت قائم ڪئي. سنڌ جي ساداتن ۾ انهن ٻنهي خاندانن کي روشن خيال ماڻهو هميشہ عزت جي نگاهه سان ڏسندا. رڳو سنڌ ۾ نه پر هر معاشري ۾ ڪي ٿورا اهڙا خاندان ٿين ٿا، جن ۾ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو اولاد صالح ٿئي ٿو. ورنه، ٿئي ائين ٿو ته جيئن ئي اهو ماڻهو اکيون ٻوٽي ٿو ته اها ڪنڊ ئي خالي ٿيو وڃي. رڳو سندس ڳالهيون وڃيو باقي بچن.

پر، سيد ميران محمد شاهه ان معاملي ۾ به خوش نصيب انسان ثابت ٿيو. هن ڪامياب زندگي گذاري ۽ پنهنجي اولاد جي جيڪا پرورش ڪئي، تن به پاڻ کي سندس صحيح جانشين ثابت ڪيو. دعا آهي ته سيد ميران محمد شاهه جي خاندان تي قدرت جي رحمت سدائين قائم رهي.

ٽکڙ جي سيدن کي سنڌ جي ساداتن ۾ هڪ خاص سماجي حيثيت حاصل آهي. کين انهيءَ منزل تي پهچائڻ ۾ هونئن ته گهڻن ئي شخصن جون ڪوششون شامل آهن، پر هاڻوڪي دور ۾ سيد ميران محمد شاهه وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس خاندان جي هڪ بزرگ جا منهنجي چاچي مرحوم حاجي حڪيم عزيزالله آڳري سان دوستانه تعلقات هوندا هئا. اڳتي هلي، سندس خاندان جي هڪ ٻئي فرد ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسينيءَ سان خود منهنجا تمام گهرا گهاٽا دوستانه تعلقات قائم ٿيا.

اسدالله شاهه سنه 1954ع ڌاران مون سان حيدرآباد واري ڦليلي ڪاليج ۾ گڏ پڙهندو هو. هو آرٽس سيڪشن ۾ هو ۽ مان سائنس ۾. ڪاليج جا هال، ڪمرا ۽ استاد به آرٽس ۽ سائنس سيڪشن ۾ ورهايل هوندا هئا، ان ڪري اسدالله شاهه ۽ منهنجي گهڻي ڏيٺ ويٺ ڪا نه ٿي پر اسان ٻنهي جا ڪي دوست ساڳيا هوندا هئا، ان ڪري هڪٻئي جا شناسا هوندا هئاسون. ان زماني ۾ اسدالله کي سندس دوست قاضي ڪوٺيندا هئا.

اسدالله شاهه حسينيءَ سان منهنجي دوستي تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ ولايت مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو ۽ ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيو. هالن جو مخدوم صاحب بورڊ جو اعزازي چيئرمين هو ۽ اسدالله شاهه سندس خاص مقربن ۾ شامل هو. مخدوم صاحب جي ئي ڪوشش سان کيس ايوب خان جي تڏهوڪي سنڌ جي وزير، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي، ولايت ۾ اعلى تعليم لاءِ اسڪالرشپ وٺي ڏني. ان زماني ۾ مرحوم ميران محمد شاهه بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري هو ۽ مان نائب سيڪريٽري. ڪنهن دفعي ڪم سانگي منهنجو ڪراچيءَ وڃڻ ٿيو. مرحوم ميران محمد شاهه مون کي چيو ته ”پلازا سئنيما وٽ منهنجو فليٽ آهي، سو هوٽل ۾ رهڻ بدران ان ۾ وڃي ٽڪ.“ ڏينهن ٻن کانپوءِ اسدالله شاهه به ولايت ويندي، ساڳئي فليٽ ۾ رات اچي رهيو. اسان رات جو دير دير تائين ڪچهري ڪئي. اسدالله شاهه مون کي فارسي شاعرن خاص ڪري قرت العين ”صبح ازل“ جا ڏاڍا پيارا شعر ٻڌايا.

ولايت مان موٽڻ کان پوءِ وري به پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه فارسيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. مان ڏهاڪو سالن کان وڌيڪ عرصو بورڊ جو نائب سيڪريٽري رهي چڪو هوس ۽ عملي طرح سيڪريٽريءَ جي عهدي جو سمورو ڪم ڪار ڪندو هوس. ڪجهه عرصو ته ائڪٽنگ سيڪريٽري به رهي چڪو هوس. انصاف جي ڳالهه اها هئي ته بورڊ جا ميمبر مون کي ئي سيڪريٽري مقرر ڪن ها. پر جاگيردارانه ماحول ۾ انصاف جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. سنڌ ۾ ماڻهوءَ جي لياقت جو قدر ڪونهي. انسان جي ڀلائيءَ ۽ ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته بااثر ماڻهن جي حلقي ۾ سندس ڪيتري پهچ آهي. سو، ٿورن گهڻن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، اسدالله شاهه، ٽکڙائي سيدن مان سيد ميران محمد شاهه کانپوءِ، بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿي آيو. مون سندس مقرريءَ جو خير مقدم ڪيو ۽ سمجهيم ته منهنجو ڀلو ان ڳالهه ۾ ئي آهي. ڪجهه عرصو گڏجي ڪم ڪرڻ کانپوءِ منهنجي سوچ صحيح نڪتي. هو منهنجيءَ محنت، محبت ۽ اخلاص کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو پاڻ ئي مخدوم صاحب کي آماده ڪيائين ته ربانيءَ کي ترقي ڏيئي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪجي. مٿان جو منهنجي حمايتي، سائين غلام مصطفى شاهه جهڙو شير دل انسان، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ۽ بورڊ جو بااثر ميمبر مقرر ٿيو، ته منهنجي ترقيءَ جا رستا خودبخود کلي پيا.

اسدالله شاهه حسينيءَ کي سنڌي ادبي بورڊ ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماستريءَ ۾ مزو ڪو نه آيو. سو ڪوشش ڪري، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو. پر اوچتو بخت پاسو ورايس. تعيلم کاتي جي وزير جي ساڻس اڻبڻت ٿي پيئي. اچي سنڱن تي کنيائينس. ٻي واهه وسيلو نه ڏسي، اسدالله شاهه چيئرمينيءَ تان استعيفا ڏيڻي ڪئي. پر وزير اهڙو چپ پيس، جو استعيفا به قبول نه ڪريس، چي:

“You are the captain of the sinking ship”

بهرحال، آخر استعيفا ڏيئي جان ڇڏيائين. پر کيس دل تي داغ ٿي بيٺو. زمانو هڪ حال تي سدائين قائم ڪونهي. قدرت سندس دعا ٻڌي، رئيس غلام مصطفى خان جتوئي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو. مخدوم صاحب سان سندس سٺا تعلقات هئا. اسدالله شاهه چيف منسٽر جو او ايس ڊي مقرر ٿيو.

موڪل جو ڏينهن هجي. پر، مان گهران نڪري، عادت موجب، سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويس. اخبارون پڙهي رهيو هوس، جو هيٺان ڪار جو هارن ٻڌم. ٻاهر نڪري ڏسان ته اسدالله شاهه بيٺو آهي. هٿ ۾ هڪ ڪاغذ اٿس، سو به پيو لوڏي ۽ کلي به پيو. مون کي ڏسي ٽپ ٽپ ڪندو، ڏاڪڻ تان مٿي چڙهي آيو ۽ اچڻ سان فرمائش ڪيائين ته ”جلدي ناشتو گهراءِ ۽ هي آرڊر پڙهه.“

چوڪيدار اسدالله شاهه لاءِ منهنجي گهران ناشتو کڻي آيو. تيسين مون آرڊر پڙهي، چيف منسٽر جي او ايس ڊيءَ کي مبارڪ ڏني. کلي ڀاڪر پاتائين: ”هاڻي ته خوش ٿئين نه؟ پنهنجيءَ بي عزتيءَ جو بدلو ورتم.“ مون کيس دوباره مبارڪ ڏني.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ اعزازي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرريءَ کان وٺي چيف منسٽر جي او ايس ڊي مقرر ٿيڻ تائين، ڪو به اهڙو ڏينهن ڪو نه آيو، جڏهن اسان ٻنهي جي وچ ۾ وٿي پئي هجي. هو منهنجو پيارو يار ٿي ويو هو. ڳوٺ ويندو هوس ته جيپ موڪلي ڏيندو هو ته منهنجن ٻارن کي تڪليف نه ٿئي. فصل لهندو هوس ته ڪڻڪ ۽ نورن جون ٻوريون موڪلي ڏيندو هو. شادي ڪيم ته سوين رپيا مبارڪ ۾ ڏنائين. حالانڪه پاڻ به مون وانگر پورهيت ۽ مسڪين ماڻهو هو. ٻئي طرف منهنجا ڪامريڊ دوست فقط عالمي برادريءَ جي اصولن جي تشريح ڪندا رهندا هئا، ۽ مون کي تلقين ڪندا هئا ته پاڻ پورهيت ئي پاڻ ۾ سچا ڀائر آهيون، اٿڻ مهل عالمي برادريءَ جي نالي ۾ مون کي چاليهه پنجاهه رپيا ڦري، کيسي ۾ وجهي رمندا رهندا هئا.

ڪجهه عرصي بعد مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيس ۽ اسدالله شاهه جو چيف منسٽر هائوس وارو عهدو، جتوئي صاحب جي وڏيءَ وزارت تان هٽڻ ڪري ختم ٿي ويو. پاڻ موٽي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿي آيو ۽ ان حيثيت ۾ هاڻي منهنجو ماتحت. پر جڏهن پرو وائيس چانسيلر واريءَ آفيس ۾ مون سان پهرئين دفعي اچي مليو ته مون اڳي کان وڌيڪ زور سان کيس ڇڪي ڀاڪر پاتو، ۽ قرب ۽ تعظيم ڏني. البت، جنهن وقت وائيس چانسيلر وٽ ويو ته اتان سخت ڏکوئجي موٽيو. مون سندس هيان تي ڪجهه ٿڌو ڇنڊو وڌو. پر ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته ”هي اهو ساڳيو شخص آهي جيڪو چيف منسٽر هائوس ۾ منهنجي سلام تي ايندو هو ۽ منهنجي خوشامد ڪندو هو“.

ستت، اسدالله شاهه کي ملٽريءَ وارن پاڻ وٽ سڏايو. ملڪ ۾ مارشل لا لڳي چڪو هو. سنڌ ۾ اليڪشن تي، جيڪو خرچ پکو ٿيو هو، ان ۾ پاڻ به شايد ڪي بل صحيح ڪيا هئائين. ان باري ۾ ملٽريءَ جي آڏيءَ پڇا منجهائي وڌس. هٿ پير صاف هئس، سو عزت سان ڇڏي ڏنائونس. پر گلاب جي گل وانگر ڪومائجي ويو. ڳڻتين جا ڪوٽ چڙهي ويس. اوچتو دل جو عارضو ٿيس ۽ بستري داخل ٿيو. تنهن ته آقي باقي هيڻو ڪري وڌس. مان کانئس ٻه ٽي دفعا پڇڻ ويس. پر اهو اسدالله شاهه ئي ڪو نه بچيو هو. کل خوشي وسري ويئي هئس. جڏهن هي جهان ڇڏيائين، ته مان سندس قريبي عزيزن سان گڏ، ٽکڙ واري قبرستان ۾ ويس ۽ ڪفن دفن ۾ شريڪ ٿيس. ڪوشش ڪيم ته سندس ياد ۾ ڪو جلسو ٿئي، سندس ڪلام جو ڪتاب ڇپجي ۽ مهراڻ رسالي جو خاص نمبر شايع ٿئي. پر ڪٿان به سڏ ۾ سڏ ڪو نه مليو. هر ڪو عذر واري ويهي رهيو. اڪيلي امداد حسينيءَ سو اخلاص سان هٿ پير هنيو. پر اسدالله شاهه جا سرنديءَ وارا ساٿي ۽ عزيز اقارب کيس مٽيءَ ۾ لاهڻ وقت ئي وساري ويٺا هئا. دنيا ان جو نالو آهي!

اسدالله شاهه حسيني مٺو ماڻهو هو. هڪ غريب، پورهيت، محب وطن سنڌي، اشراف انسان، دل جو اڇو، هر ڪنهن جو خير گهرڻ وارو، کل ڀوڳ جو ڪوڏيو، يار ويس، سخي، مهمان نواز، محبتي ماڻهو هو. پاڻ گرامي صاحب جي معرفت مخدوم صاحب سان مليو هو، پر پنهنجي اخلاقي ۽ اخلاق وسيلي، سندس دل ۾ ايڏي ته عزت ۽ محبت پيدا ڪيائين، جو مخدوم صاحب شايد ئي ڪو ڪم سندس صلاح کان سواءِ ڪندو هو. گرامي صاحب سان سڪ ۽ محبت جو رستو اڳئين وانگر قائم رهيس.

اسان جو اهو روزانو نيم هوندو هو ته منجهند جو اسدالله شاهه جي بورڊ واريءَ آفيس جي ڪمري ۾ گڏ ٿيندا هئاسون ۽ پوءِ اسدالله شاهه جا گرامي صاحب سان چرچا گهٻا شروع ٿيندا هئا. گرامي صاحب ڪنهن ڪنهن مهل پاڻ به هڻي ڪڍندو هوس. ڪچهريءَ جو اختتام هميشہ ان ڳالهه تي ٿيندو هو، ته اسان ٽيئي ڄڻا ڪنهن نه ڪنهن هوٽل ۾ دلپسند کاڌو کائيندا هئاسون، جنهن جو بل سدائين اسدالله شاهه ڀريندو هو.

موڪلائڻ مهل گرامي صاحب کي ڏهه ويهه رپيا خرچيءَ طور به ڏيندو هو. هڪ ڏينهن گرامي صاحب حسب دستور کانئس ماني کائڻ کان پوءِ خرچي گهري. اسدالله شاهه چيو ته اڄ کيسو خالي آهي. گرامي صاحب مڇڏو ٿي لڳس. اسدالله شاهه قسم کنيو ته اڄ پئسا ڪونهن. گرامي صاحب تلاشي وٺڻ تي زور ڏنو. اسدالله شاهه جي کيسي مان فقط ٻه آنا نڪتا. گرامي صاحب پهريائين ته منهن سڄايو. پوءِ ٻه آنا کيسي ۾ وجهي، کلندو، ٽکڙ جي ساداتن کي صلواتون سڻائيندو، گهر روانو ٿيو. اسدالله شاهه ۽ مان به اچي کل ۾ ڇٽڪياسين.

اسدالله شاهه جي طبيعت ۾ قدرت مزاح جو ڏاڍو پيارو رنگ ڀريو هو. سدائين کلندو رهندو هو. مون سان کل ڀوڳ ڪندي چوندو هو ته ”ادبي بورڊ ۾ اوهان سنڌي زبان جي برابر وڏي خذمت ويٺا ڪريو. پر ٽکڙ جي پاسي ۾ مانڱر جا مهاڻا آهن. توهان شايد سندن سنڌي نه ٻڌي آهي.“ ان کان پوءِ انهن جا اهڙا نقل نظير ٻڌائيندو هو، جيڪي منهنجي لکڻ کان زور آهن.

هڪ دفعي اسدالله شاهه ۽ مان گڏجي لاهور وياسين. سنڌي ادبي بورڊ مخدوم نوح واري قرآن مجيد جي فارسي ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو. ان جي ڇپائيءَ بابت پيڪيجز پريس وارن سان ڳالهائڻو هو.

هوائي جهاز ۾ ايئر هوسٽيس ٻين سان گڏ اسان کي به چانهه ۽ سمبوسا ڏيئي ويئي. پر ڪا سهڻي هجي؟ ۽ ڇا چئجن سندس انداز دلبرانه. اسان کي اصل هوش مان ڪڍي ڇڏيائين. مون ساڻس ڳالهائڻ لاءِ مٿي جي سور جو بهانو ڪيو ۽ کانئس دوباره چانهه گهريم. هوءَ هزار ادائن سان چانهه به کڻي آئي ۽ سمبوسا به. پوءِ نيم باز نگاهن سان نهاري پڇڻ لڳي ته ”ڪٿان جو ويٺل آهين؟ ڪاڏي وڃي رهيو آهين؟“ اسدالله شاهه اهو ڏسي، پاڻ به کانئس چانهه گهري ۽ ايئر هوسٽيس کي ٻڌايائين ته هي ته نائب سيڪريٽري آهي، سيڪريٽري مان آهيان. پر ايئرهوسٽيس نرڙ ۾ گهنج وجهي هڪڙوئي سڪو جواب ڏنس ته ”لاهور اچڻ وارو آهي، ان ڪري ٻي چانهه ملي نه سگهندي.“ ڳالهه اتي ختم ٿئي ته به خير. جڏهن جهاز لاهور تي لٿو ته لڏندي لمندي مون وٽ آئي ۽ رازادارانه انداز سان چيائين ته، ”سڀ مسافر لهي وڃن پر تون جهاز جي ڪئبن ۾ ويٺو رهنجانءِ“. اسدالله شاهه اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويو! خير، جهاز آهستي هلي هلي وڃي هڪ هنڌ بيٺو ۽ مسافر هڪ هڪ ٿي سڀ لهي ويا. پر مان ويٺو رهيس. اسدالله شاهه به اٿي ئي نه. ايتري ۾ ايئر هوسٽيس وري آئي ۽ مون کي چيائين ته ڪهڙيءَ هوٽل ۾ ٽڪندين؟ مون چيو ته فلئٽيز ۾. چيائين ته ”اتي تو سان ملڻ اينديس يا فون ڪنديس.“ اسدالله شاهه اهو ٻڌي مون کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر نڪتو ۽ اچي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺو. هوائي اڏي کان هوٽل تائين انهيءَ ايئر هوسٽس کي مانڱر جي مهاڻن جي ٻوليءَ ۾ عقيدت جا گل پيش ڪندو هليو. ان کان پوءِ سمورو وقت منهنجي مٿان چوڪيدار ڪندو رهيو ته ڪاڏي اڪيلو ته ڪو نه ٿو وڃان. اڃان فون جي گهنٽي وڄي ته ڊوڙي وڃي فون کڻي.

جڏهن پاڻ دل جي عارضي وگهي بستري داخل هو، تڏهن کيس کلائڻ لاءِ مان خوبصورت ايئرهوسٽيس وارو داستان دهرائيندو هوس. هزار ڳڻتين جي باوجود، سندس چپن تي مٺي مرڪ اچي ويندي هئي. مون کي يقين آهي ته هو پنهنجي نيڪ اعمالن سبب جنت ۾ حورن جي هنج ۾ هوندو. پر جڏهن خوبصورت ايئر هوسٽيس واري ڳالهه کيس ياد ايندي ته اتي به کانئس کل نڪري ويندي.


*  سندس اصل لفظ انگريزي زبان ۾ هئا: “I am a spent force”

*  مون کان اها ڪافي وسري ويئي هئي. بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڪليات ميران“ تان اتاري، مضمون ۾ وڌم. گواد لڪيوئر، سيرانوادا، قيدز، قرطب ۽ گرانادا اسپين جي شهرن، ندين، جبلن ۽ تاريخي جاين جا نالا آهن.

*   ۽ هاڻي هڪٻئي جا ماڻهو کڻائڻ، بلڪه ٻچا کڻائي، پئسن تي موٽائڻ سنڌ ۾ عام جام ٿي پيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org