سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

باب-

صفحو :3

 

حجته الوداع واري مشهور خطبي ۾ فرمايائين:

”عربيءَ کي عجميءَ تي، عجميءَ کي عربيءَ تي، سرخ کي سياهه تي ۽ سياهه کي سرخ تي ڪا به فضليت نه آهي. فضيلت فقط ان کي آهي، جو پرهيز گار آهي، يعني بااخلاق آهي.“

اخلاق عربي زبان جو لفظ آهي، ان جو سولو سنڌي ترجمو لڇڻ ٿيندو، عربي زبان جي استاد ۽ عالم، سائين غلام مصطفى قاسميءَ مون کي ٻڌايو ته ”اخلاق جو واسطو ماڻهوءَ جي بنيادي جبلت سان آهي ته سندس سوچ سان به.“

قاسمي صاحب جي ڳالهه جو مطلب اهو ٿيو ته سٺو اخلاق، سٺا لڇڻ ۽ سٺيون عادتون تڏهن پيدا ٿينديون، جڏهن ماڻهوءَ جي سوچ ڦيرائبي. ماڻهوءَ جي سوچ تڏهن ڦرندي، جڏهن هو پنهنجيءَ سَڌَ يا خواهش کي قبضي هيٺ آڻيندو.

چون ٿا ته پيغمبر هڪ دفعي ڪنهن لڙائيءَ جي ميدان مان موٽي رهيو هو. پنهنجي ساٿين ڏانهن نهاريائين ۽ فرمايائين: ”اسان ننڍيءَ جنگ مان نڪري، وڏيءَ جنگ ڏي وڃي رهيا آهيون. اها وڏي جنگ، اسان کي پنهنجي وجود سان وڙهڻي آهي.“

پيغمبر جو اهو قول مون هڪ انگريزي ڪتاب ۾ پڙهيو هو، انگريزي لفظ غالباً هي هئا:

We are returning from a smaller War to a Greater

War, the War against our own Selves.

لفظ مختصر آهن، پر انهن ۾ معنى جو سمنڊ سمايل آهي. پيغمبر شايد ائين ئي ڳالهائيندا آهن، تڏهن ته سندن سوچ انسانذات جون تقديرون ڦيرائي ڇڏيندي آهي.

تازو ”بلال“ نالي هڪ ڪتاب پڙهيم. پيڪيجز لاهور شايع ڪيو آهي. ان جو اصل مصنف ايڇ – جي – ڪريگ نالي ڪو انگريز آهي. هڪ هنڌ، بلال حبشيءَ جي زباني، لکيو اٿس:

”منهنجو خيال آهي ته مان (بلال) پيغمبر جو مطلب سمجهي سگهندو آهيان. هڪ دفعي اسان مسجد ۾ ويٺاهئاسين ته طوفان کان اڳ اچڻ واري تاريڪي ڇائنجي رهي هئي. ڪڪر احد جبل تي گڏ ٿي رهيا هئا، ۽ ڪڪڙيون، جن کي موسم جي اڳواٽ خبر پوندي آهي، سي پناهه جي جاءِ ڳولي رهيون هيون. مون پيغمبر کي هيئن چوندي ٻڌو:

”ماڻهو ننڊ ۾ هوندا آهن،

جڏهن مرندا آهن،

ته جاڳي پوندا آهن“.

پيغمبر جي ڳالهه جَرَ ۾ جاٽ وانگر اونهي هوندي آهي. ان جي تهه تائين هر ڪو پهچي ڪونه سگهندو آهي. هماءَ پکيءَ جو پاڇو ته ڪنهن ڪنهن بختاور تي پوندو آهي. هر ماڻهو بلال ٿوروئي ٿيندو آهي.

پنهنجي وجود سان وڙهڻ جو مطلب ٿيو پنهنجي خواهش کي قبضي هيٺ آڻڻ، تڏهن ته قرآن به چتاءُ ڏنو هو:

”ڇا تو پنهنجيءَ خواهش کي خدا بنائي ڇڏيو آهي؟“

پيغمبر ”پنهنجي وجود سان ويڙهه“ کي ئي ”جهاد اڪبر“ قرار ڏنو. سندن سوانح نگارن جو چوڻ آهي ته ”انهيءَ تعليم جي نتيجي طور جيڪي انسان پيدا ٿيا، سي مثالي اخلاق جا مالڪ هئا. سندن قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه هوندو هو. انصاف سندن اصول هوندو هو.“

انصاف معنى حق ۽ ناحق جي وچ ۾ ليڪو ڪڍڻ. شايد، سڄو راز ليڪي ڪڍڻ ۾ آهي. ماڻهو هڪڙا ليڪا ٻاهر پٽ تي پائيندو آهي، ٻيا اندر منَ ۾ اسان جي ڪنڊياري تعلقي ۾ دلمراد فقير هوندو هو. سڄي عمر لوڙهي اندر گذاريائين، ان ڪري کيس ”لوڙهي وارو فقير“ ڪوٺندا هئا.

جڏهن رام لڇمڻ کي ساڻ وٺي، بن ۾ ڦل ڦول ڳولڻ ويو، تڏهن به ڪٽيا جي چوڌاري ليڪو پاتو هئائين ۽سينا کي چتاءُ ڏنو هئائين ته ”هن ليڪي کان ٻاهر پير نه رکجانءِ.“ ستي سيتا به دلمراد فقير وانگر، ليڪي اندر رهي ها، ته رانوڻ جي ور نه چڙهي هيا. هن دنيا ۾، وک وک تي، رانوڻ ويٺو آهي ان ڪري قرآن انسان جي رهبريءَ لاءِ حدود الله قائم ڪيون. حدن اندر زندگي گذارڻ جو نالو آهي اخلاق.

*              *              *

اخلاق جا پيمانا هر دور ۾ بدلبا رهيا آهن، ڇو ته انساني سماج هميشہ بدلبو رهي ٿو. جيڪا ڳالهه ڪالهه سچ سمجهي ٿي ويئي، سا اڄ ٻيءَ طرح صحيح سمجهي وڃي ٿي. مثلاً ڪنهن زماني ۾ ڀانئبو هو ته سج اوڀر مان اڀري هو، سڄو ڏينهن ڌرتي جي چوڌاري ڦرندو، شام جو اولهه ۾ لهي وڃي ٿو. پر، سوين سال اڳ اٽليءَ ۾ گئليلو نالي هڪ ڏاهو رهندو هو، جنهن چيو ته اها ڳالهه صحيح ڪانهي. سج ڌرتيءَ جي چوڌاري ڪونه ٿو ڦر، پر ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي. ڏينهن ۽ رات جو ڪارڻ ڌرتيءَ جي ڦرڻ سببان آهي.

گئليلي تي مقدما هليا. ماڻهن چٿرون ڪيون. ڪفر جون فتوائون آيون. پر هو پنهنجيءَ ڳالهه تي قائم رهيو. هاڻي سڄيءَ دنيا سندس ڳالهه قبول ڪئي آهي ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي.

گئليلي وانگر ٻئي ڪنهن دور ۾ ڪو ٻيو ڏاهو پيدا ٿيو، تنهن وري ڪنهن ٻيءَ غلط ڳالهه کي رد قرار ڏنو. اڳتي هلي دنيا سندس راءِ کي تسليم ڪيو. ائين انساني سوچ سدائين بدلبي رهي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪي اهڙيون ڳالهيون جن جي باري ۾ قديم زماني کان ماڻهن جي راءِ هر هنڌ ساڳي هئي، سا به وقت جي گذرڻ سان بدلبي رهي. ان جو هڪ چٽو مثال رت جي انتهائي قريبي رشتيدارن سان شادي ڪرڻ آهي. پر، مصر جي فرعونن ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي شاديءَ جو رواج هو. مصر جي راڻيءَ قلو پطره پنهنجي ڀاءُ سان شادي ڪئي هئي، جنهن کي پوءِ مارائي ڇڏيو هئائين. ايران جي هفت اقليم تاجدارن کي به ان ۾ ڪو عيب نظر ڪونه ايندو هو. مانيءَ ۽ مزدڪ نالي ٻن پيشوانن ته مورڳو ان کي جائز قرارڏ نو. پر، سندن مرڻ سان گڏ سندن مذهب به مري ويا، ڇو ته غلط ڳالهه گهڻو وقت جٽاءُ ڪونه ڪندي آهي.

آمريڪي عيسائين ۾، پنهنجين سؤٽي سؤٽ سان شاديءَ جي اجازت آهي. اسلامي معاشري ۾ ان ڳالهه ۾ ڪابه ردوبدل ڪانه ٿي. ڇو ته قرآن هميشه لاءِ حد بنديون قائم ڪري ڇڏيون. مسلمانن ۾ سؤٽ، ماسات ۽ پڦاٽ جي شادي جائز آهي. پر، هندو مذهب وارا ان کي گناهه سمجهن ٿا. ٻئي طرف، اڳئين زماني ۾، خود سندن ئي مذهبي روايت موجب، درو پدي پنجن پانڊو ڀائرن جي گڏيل زال هئي، يعني پنج ئي ڀائر ساڳئي وقت سندس پنج مڙس هئا. ان جو مطلب ته ويجهن مائٽن جي شاديءَ ۾ به جدا جدا هنڌن تي، اخلاق جا پيمانا، جدا وقتن ۾، بدلبا رهيا آهن.

عورت جي عصمت هر دور ۾ اعلى اخلاق جي نشاني سمجهي ويئي آهي. سنڌ ۾ ڪاري ۽ ڪاريءَ جي روايت اڃا قائم آهي ۽ غيرت جي نشاني آهي. پر، مغربي ملڪن ۾ عورت جي عصمت جي هاڻي اڳوڻي اهميت ڪانه رهي آهي. تازو، انگريزي اخبارن ۾ به هڪ دلچسپ خبر ڇپي. انگلستان ۾ هڪ مسلمان مرد پنهنجيءَ مسلمان زال تي ڪورٽ ۾ ڪيس وڌو، ته شاديءَ جي رات ڪنواري ڪانه هئي. ڪورٽ ڪيس هلائڻ کان پوءِ زال کي ڏوهي قرار ڏنو. مٿس ڏنڊ وڌو ۽ فتوا ۾ چيو ته ”جنهن معاشري سن هي زال مڙس واسطو رکن ٿا، ان ۾ اها ڳالهه برابر ڏوهه آهي.“ ان جو مطلب ته جيڪڏهن زال مڙس مسلمان نه هجن ها، ته ڪورٽ جي فتوا ڪا ٻي هجا ها. اها ڳالهه مغربي معاشري ۽ اسلامي معاشري ۾ مختلف اخلاقي پيمانن جو هڪ چٽو مثال آهي.

اسلام آباد جي هڪ سفارتخاني ۾ ڪنهن آمريڪي دوست ٻڌايم ته اتي اڄڪلهه ناجائز حمل جا واقعا ايڏا ته وڌي ويا آهن، جو اخبارن ۾ بحث هلي رهيو آهي، ته ناجائز حمل کي جائز قرار ڏجي ته مسئلو ختم ٿي وڃي. پڇيومانس ته عيسائي مذهبي عالمن جو رايو ڪهڙو آهي؟ چيائين ته انهن کي ليکي ڪير ٿو! آمريڪا ۾ ناجائز حمل کي قانوني طرح جائز قرار ڏين يا نه، پر انگلستان هڪ عجيب مثال اڳيئي قائم ڪري چڪو آهي.

اسان جو عقيدو آهي ته حضرت لوط جي امت تي عذاب آيو، جو اها هم - جنس پرستيءَ جي علت ۾ ورتل هئي. پر انگلستان جي پارليامينٽ، قانون منظور ڪري، هم - جنس پرستيءَ کي جائز قرار ڏيئي ڇڏيو. پر، ان قانون منظور ڪرڻ ڪري دنيا جي ڪنهن به ملڪ کين برو ڀلو ڪو نه چيو آهي.

درحقيقت، مغربي ملڪن هاڻي جنسيات کي ”شجر ممنوعہ“ سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي. اتي نازيبا تصويرن، فحش ڪتابن ۽ فلمن سان مارڪيٽ ۽ دڪان ڀريا پيا آهن. ڪن ملڪن ۾ ته اهڙي سامان جون باقاعدي نمائشون ٿين ٿيون. جن ۾ نوجوان زالون دڪانن تي، خريدارن کي رٻڙ ۽ پلاسٽڪ مان ٺهيل جنسي ضرورت جو سامان، ٻئي سودي وانگر سمجهائين ۽ وڪڻن ٿيون. مغربي ملڪ فخر سان انهي کي جنسي – انقلاب ڪوٺين ٿا.

مغربي ملڪن ۾، 1960ع جي ڏهاڪي وارو اهو جنسي انقلاب هندستاني سماج تي ڪيتري قدر اثر انداز ٿيو آهي، انهيءَ جي تصوير هڪ خط ۾ ۾ نظر اچي ٿي، جيڪو مشهور امريڪي رسالي Time جي ڏهين سيپٽمبر 1990ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو آهي:

”يورپ ۽ آمريڪا مان گهرايل فلمن جي نمائش کان پوءِ ائين سمجهڻ لاءِ ڪوبه جواز ڪونهي ته هندستاني ماڻهو ”دٻايل ۽ پيڙيل معاشري ۾ رهن ٿا“ يا ”جنسي بکيا“ آهن. ولائتي اگهاڙين فلمن جي عام موجودگيءَ جنسي بکين ماڻهن جو تعداد گهڻي قدر گهٽائي ڇڏيو آهي.“

ولايت ۾ هاڻي پردو مڪمل طرح ختم ٿي چڪو آهي. عورتن ۽ مردن جو هڪٻئي سان ملڻ عام ڳالهه آهي.  شاديءَ ۽ عورت جي عصمت جي اهميت گهٽجي ويئي آهي. طلاق وڌي ويئي آهي. ريڊرس ڊائجيسٽ رسالي ۾ هڪ دلچسپ لطيفو پڙهيم ته انگلستان ۾ اڳي اها رسم هوندي هئي ته هڪ هزار ڪنواريون زالون، لنڊن جي شهر ۾، عصمت جي نشانيءَ طور سفيد لباس ڍڪي، ولنگٽن جي پٿر جي پتلي کي ان ڏينهن سلامي ڏينديون هيون، جنهن ڏينهن هن واٽرلوءَ جي ميدان تي نيپولين کي شڪست ڏيئي، انگلستان جي عصمت بچائي هئي. هاڻي حالت اها آهي، جو ورهين کان پوءِ، جڏهن ڪا ڪنواري زال، اتفاق سان، انهيءَ رستي سان اچي لنگهندي آهي، ته پٿر جو پتلو پنهنجو ٽوپلو لاهي کيس سلام ڪندي آهي.

مغربي ملڪن ۾ عورت ۽ مرد، هڪ ئي گاڏيءَ جا ٻه ڦيٿا ليکيا وڃن ٿا. عورت کي مرد کان ڪمزور سمجهڻ وارو تصور مدي خارج ٿي چڪو آهي. عورت پاڻ کي مرد جي برابر سمجهي ٿي ۽ مرد وارا سمورا حق ماڻي ٿي. منجهن تعليم ايتري ئي عام آهي، جيتري مردن ۾، عورتن ۽ مردن جي الڳ الڳ تعليمي ادارن جو وجود به تقريباً ختم ٿي چڪو آهي. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ عورتون، مردن سان گڏ زندگيءَ جي تقريباً سمورن شعبن ۾ گڏ ڪم ڪري رهيون آهن. خود مشرقي ملڪن ۾ به هن وقت جيتريون زالون مردن سان گڏ نوڪريون ڪري رهيون آهن، اوتريون پنجاهه ورهيه اڳي ڪونه ڪنديون هيون، اسڪول، اسپتالون ۽ آفيسون  ته ڇڏيو، پر تازو خبر آئي ته پي، آءِ، اي ۾، پائلٽ جهڙي اهم عهدي ته به ٻن زالن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

مشرقي ملڪن، مغربي معاشري جي تصوير نه فقط قبول ڪئي آهي، پر پنهنجي معاشري جي تصوير ۾ به لاشعوري طرح ان موجب رنگ آميزي ڪري رهيا آهن، پنهنجن ٻچن کي تعليم ۽ تربيت لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن موڪلي رهيا آهن، انڪري خود سندن معاشرو پڻ مغربي رنگ اختيار ڪري رهيو آهي.

پاڪستاني معاشري تي مغربي تهذيب جي اثر جو ذڪر ڪندي، پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ”پيش لفظ“ ۾ لکيو آهي:

”ستر ونديون چادرون چيري ٻاهر نڪري آيون. مڙسن سنهاريون صاف ڪرائي ڇڏيون. اڳ ڇڙا کدڙا نچندا هئا، پر ڦيري آئي، ته دولهه دريا خان ۽ هوش محمد جا جانشين به رمبا ۽ سمبا ۾ جنبي ويا.“

جديد مغربي سوچ اها آهي ته اخلاق جو تصور رڳو عورتن ۽ مردن جي شادين ۽ حقن تائين محدود ڪو نه آهي، اخلاقي قدرَ انسان جي سڄيءَ زندگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿا، ان ڪري اخلاقي پيمانا انهي ڳالهه تي مدار رکن ٿا ته روز مره جي زندگيءَ ۾ عام ماڻهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪيتري مطابقت آهي. ڇو ته قول ۽ فعل ۾ فرق ئي خرابيءَ جو نياد آهي.

تازو، ڪراچيءَ کان اسلام آباد ويندي، هڪ هوائي سفر ۾، ڪنهن همسفر ٻڌايم ته آزاد ڪشمير جو ويٺل آهيان. پئرس ۾ ڪپڙن جي دڪان تي ملازمت ڪندو آهيان. مون چيس ته اتان جا ماڻهو ڪيئن آهن؟ چيائين ته ڏاڍا سٺا آهن. مون چيو ته مون ته ٻڌو آهي ته شراب پين، ناچ ڪن ۽ زنا ڪن. چيائين ته ڪي ڪندا هوندا، پر جن سان منهنجو واسطو پيو آهي، سي ته سٺا ماڻهو آهن ڪوڙ ڪونه ڳالهائن، ٺڳي ڪونه ڪن، دڪان تي رکيل شين جي قيمت هڪڙي گراهڪ کي هڪڙي، ته ٻئي کي ٻي ڪونه ٻڌائن، رستي تي ڪو حادثو ٿي پوي، ته زخميءَ کي هڪدم اسپتال پهچائين، پوليس رشوت ڪانه وٺي، ماڻهن جي مدد ڪري، اسپتالن ۾ علاج سٺو ٿئي، اسڪولن ۾ تعليم صحيح ملي، کاڌي جي شين ۾ ملاوٽ ڪانه ٿئي.

سندس ڳالهه ٻڌي سعادت حسن منٽوءَ جو هڪ افسانو ياد آيم. لکيو اٿس ته هڪ دڪاندار پٽ کان پڇيو ته ڪٽيل ڳاڙهين سرن جو ٻورو مرچن ۾ ملايئي؟ چيائين ته هائو بابا. دڪاندار وري پڇيس ته ڀلا، ڀڳڙن جي کلن کي رنگ ڏيئي چانهه جي پتيءَ ۾ ملايئي؟ چيائين ته هائو بابا. تڏهن دڪاندار چيس ته پوءِ هل ته هلي نماز پڙهي اچون، جو ٻانگ ڪڏهوڪو اچي چڪي آهي.

منٽوءَ جو مشاهدو ممڪن آهي ته اهو هجي، پر منهنجو مشاهدو ٻيو آهي. حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ امڙ کي علاج لاءِ داخل ڪرايوسون. دوائون اسپتال جي سامهون هڪ دڪان تان وٺندا هئاسون. امڙ هي جهان ڇڏي ويئي. اڳتي هلي، دڪاندارکي پوليس پڪڙيو. خبر پئي ته نقلي دوائون وڪڻندو هو ۽ اساج جهڙن الائي ته ڪيترن مسڪينن کي يتيم بنائڻ جو باعث بنيو هو.

جيڪي مشرقي ماڻهو مغربي ملڪن جي معاشري جو گهرو اڀياس ڪري رهيا آهن، تن جو چوڻ آهي ته اتي ماڻهن ۾ منافقي ڪانهي. هر فرد آزاد آهي. پابندي فقط اها آهي، ته ٻئي لاءِ ڏچو پيدا نه ڪري. انصاف ۽ ريت نيت جي ڳالهه ڪري. ٻئي جي آزاديءَ جو احترام ڪري. والٽيئر نالي هڪ دانشور اها ڳالهه هنن لفظن ۾ چئي: ”مان تنهنجي هڪ لفظ سان به متفق نه هجان، پر تنهنجي انهيءَ حق جي حفاظت ڪندس، ته توکي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو پورو حق آهي.“

اها ڳالهه تڏهن ممڪن آهي، جڏهن هر ڪو حدن اندر رهي ۽ انصاف جو اصول قبول ڪري،  ان ڪري – قرآن حدود الله قائم ڪرڻ سان گڏ، توازن ۽ انصاف تي زور ڏنو.

”ٻاجهاري الله آسمان کي بلند ڪيو.

انصاف جي تارازي قائم ڪئي،

هن لاءِ ته اوهان ماپ ۽ تور ۾ خيانت نه ڪيو.

(يعنى انصاف ڪريو).“

جارچ برنارڊشا، پنهنجي ڪتاب (Apple cart) ۾ اهو نڪتو سهڻي نموني سمجهايو آهي ته سماج ۾ انصاف ڪيئن قائم ٿيندو. هو هاڻوڪي دور ۾ انگلستان جو وڏو اديب ٿي گذريو آهي، سندس هڪ ناٽڪ Apple cart ۾، ٻه ڪردار هيئن گفتگو ڪن ٿا:

امينڊا: بادشاهه، سلامت، تون سلطنت جي مسئلن ۾ منجهي، مون وٽ اچين ٿو. مان توکي چڱي صلاح ڏيان ٿي. تنهنجي راڻي ته رڳو اڳڙين جي گُڏِي آهي. مون ڏي ڏس. ڪيڏي نه سهڻي ۽ ڏاهي آهيان. مون سان شادي ڪر، ته جيئري ئي بهشت ٺاهي ڏيانءِ.“

بادشاهه: ”امينڊا، هن دنيا جا انسان آسمان جي تارن مثل آهيون. ٻن تارن جي وچ ۾ رڳو بي پناهه ڪشش ڪانهي. اڻ کٽ مفاصلو به آهي. جڏهن ڪشش مفاصلي تي غالب اچي ٿي، تڏهن ٻئي تارا هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ڪو نه ٿا ملن. زور سان ٽڪرجي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ٿا. انساني معاشري جو مدار به محبت ۽ مفاصلي جي توازن ۽ انصاف تي منحصر آهي. اعلى اخلاق کان سواءِ انساني معاشرو هلي ڪونه سگهندو.“

*              *              *

اخلاق جي بدلجندڙ  پيمانن جي باوجود، هر دور ۾، خوش اخلاقي، بداخلاقيءَ کان ائين ئي پڌري آهي، جيئن روشني اوندهه کان. بد اخلاق ماڻهو ڏک ڏئي ٿو، خوش اخلاق ماڻهو ڏک ڏور ڪري ٿو. ماڻهوءَ ۾ اخلاق تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن محبت ۽ مفاصلي جو توازن قائم ڪري ٿو، ان جي سڃاڻپ جي نشاني آهي ساڃهه.

سنڌ جي ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضيءَ هيڪر اسان کي هيءَ ڳالهه ٻڌائي هئي: ”انگلستان ۾ هڪ ارب پتي امير هوندو هو. کيس هڪ ئي پٽڙو هو، جو واپار جي سانگي سان، آمريڪا ۾ رهندو هو. پيءُ ۽ پٽ جي پاڻ ۾ ڏاڍي دل هئي. جڏهن ٻڍڙي پيءُ جو پويون پهر آيو ته پٽ کي آمريڪا مان گهرايائين. پٽ پيءُ وٽ پهتو ته هو بيماري جي ڪري بيهوش هو. پٽ اڀن پيرن بيمار پيءُ جي بستري وٽ بيٺو رهيو. پڻس اکيون کوليون. پٽس ادب سان چيو ته ”بابا سائين، مان اوهان جي حضور ۾ حاضر آهيان.“

پيءُ پيار مان پٽ ڏانهن نهاريو ۽ چيو: ”پٽ منهنجي دعا آهي ته تون خوش رهين. پر، هڪ وصيعت ڪريانءِ ٿو. زندگيءَ ۾ ساڃهه سکجانءِ“

پٽ ڳوڙهن ڀريل اکين سان ٻڍڙيءَ پيءُ کي چيو: ”بابا، سائين، اوهان جي حڪم جي تعميل ڪندس. ٻيو ڪو حڪم؟”

پيءُ هميشه جي لاءِ اکيون ٻوٽڻ کان اڳ پٽ کي آخرين وصيعت ڪئي: ”پيارا پٽ، زندگيءَ ۾ ساڃهه سکجانءِ“.

علامه، صاحب، اسان کي اها ڳالهه انگريزيءَ ۾ ٻڌائي هئي. انگريز لفظ Grace جو ترجمو ساڃهه ٿيندو. ساڃهه ئي اعليَ اخلاق آهي. جنهن ۾ ساڃهه هوندي، سو ئي ريت نيت جي ڳالهه ڪندو ۽ ٻئي سان انصاف ڪندو. بداخلاقيءَ جو بنياد پرائو لوڙهو لتاڙڻ سان ئي پوي ٿو. ڳالهه وري وڃي دلمراد فقير جي لوڙهي تائين پهتي!

*              *              *

ساڃهه معنى شناس، جنهن ۾ ساڃهه ڪانهي، سو اڻ سڌريل، جهنگ جو جانور آهي. بلڪ، حقيقت هيءَ آهي ته جانورن ۾ به ساڃهه آهي.

تزڪ جهانگيري ۾ يا ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو اٿم ته هڪڙو بادشاهه ڪنهن شخص تي ڪاوڙيو. حڪم ڪيئين ته هاٿيءَ جي پيٿرن ۾ اڇليوس. ان زماني ۾ ماڻهوءَ کي موت جي سزا جو دستور هڪ اهو به هوندو هو ته هاٿيءَ کي شراب پياري مست ڪندا هئا. پوءِ قيدي جا هٿ پير ٻڌي کيس پڙ ۾ ڦٽي ڪندا هئا. بادشاهه جي حڪم تي دروازو کوليندا هئا. مست هاٿي پڙ ۾ جهولندو ايندو هو. قيديءَ جي مٿان بيهي، پير مٿي کڻندو هو ۽ هڪ ئي داڦوڙي سان کيس پتڪون پتڪون ڪري ڇڏيندو هو.

حسب دستور،  بادشاهه جي حڪم تي در کليو. مست هاٿي جهوليندو، بيوس قيديءَ ڏانهن وڌيو. وٽس پهچي، اڳيون پير مٿي کنيائين. پر قيديءَ جي سيني تي پير رکڻ کان اڳ سندس چهري تي نظر پئجي ويس. اهو قيدي بادشاهه جو ملازم هو ۽ ڪنهن زماني ۾ هاٿيءَ کي گاهه پاڻي ڏيندو هو. هاٿيءَ کيس سڃاڻي ورتو. پير پوئتي ڪيائين. فيلبان پري کان کيس گهڻيون ئي هڪلون ڏنيون. پر، هاٿيءَ قيديءَ کي مارڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي وٿاڻ ڏانهن واپس هليو ويو.

اهڙو ئي ڪو قصو راڻي پرتاب جي گهوڙي لاءِ به بيان ڪندا آهن. راڻو جنگ جي ميدان ۾ گهايل ٿي پيو. گهوڙو کيس ميدان مان کڻي ڀڳو. مخالف، گهوڙا ڊوڙائيندا سندس پٺيان پيا. اڳيان پاڻيءَ جو وڏو واهه آيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي گهوڙي مالڪ کي بچائڻ لاءِ ٽپو ڏنو. ٽپي ويو، پر زخمي ٿي، ڪري پيو. مخالف واهه ٽپڻ جي همت نه ساري سگهيا، سي موٽي ويا. زخمي گهوڙو ڦٿڪي ڦٿڪي اتي ئي مري ويو. راڻي پرتاب بعد ۾ مٿس يادگار اڏايو.

امڙ ڳالهه ڪندي هئي ته مامي مرحوم اميد عليءَ وٽ ٻه ڀلا ڏاندا هوندا هئا. جڏهن مامي رحلت ڪئي، ته ڏاند رنڀڻ لڳا ۽ رسا ڇنائڻ لڳا. سڄو ڏينهن نه گاهه کاڌائون، نه پاڻي پيتائون.

اسلام آباد ۾ رستي سان بسار ڪندي، هڪ دفعي، هڪ ڪتي، منهنجي پويان لڳي. گهر پهتس، ته گوشت جو ٽڪرو کڻي کيس ڏنم. خوشيءَ مان کڻي کاڌائين. ائين آهستي آهستي هري مري ويئي. بعضي ٻه ٽي ڏينهن گم ٿي ويندي هئي ۽ اوچتو وري الائي ڪٿان اچي پيدا ٿيندي هئي. شايد ڪن انگريزن جي ڌاريل هئي. وٽن هلي ويندي هئي. اهو شڪ هيئن پيو، جو مان موٽر ۾ ويهندو هوس، ته ٽپو ڏئي پاڻ به پوئينءَ سيٽ تي چڙهي ويهندي هئي. شام جو ٻاهر پسار تي نڪرندو هوس، ته ڏاڍي خوش ٿيندي هئي. ٽپا ڏيندي هئي، منهنجا هٿ پير چٽيندي هئي ۽ رستي تي منهنجي اڳيان پويان ڊوڙندي، گڏ پسار ڪندي هئي. اها عادت به شايد کيس انگريز مالڪن وڌي هئي. اسلامآباد ۾ ڪيترن ئي انگريزن، مردن ۽ منڊمن کي ائين پنهنجن ڪتن سان موٽرن ۾ توڙي صبح ۽ شام جو رستن تي پسار ڪندي ڏٺو هئم.

ڪتيءَ جي هڪ عادت خراب هئي ته رات جو ڀؤڪندي هئي. چوڪيداري ڇا ڪندي هئي، ننڊ ڦٽائي وجهندي هئي! هڪ دفعي اڌ رات جو ڪاوڙجي اٿيس. ٻاهر ڇٻر تي جيئن ڀونڪي رهي هئي ته کيس وڃي ڇڙٻون ڏنم. جيئن ڪو ماڻهو شڪي ٿئي، تيئن پڇ لٽڪائيندي، هيڏي هوڏي لڪڻ لڳي. مان موٽي اچي ڪوٺيءَ ۾ ستس. سڄي رات وري نه ڀونڪي، ته متان مالڪ ناراض ٿئي! ٻيءَ ٽينءَ رات وري ائين ڪيائين، ته منهنجو پٽ مجيب اٿيو. کيس ٻه ٽي دڙڪا ڏنائين ته چپ ٿي ويئي. سڄي رات وري نه ڀونڪي.

هيڪر عيد برات جو ڪو موقعو هو. گهر جا ڀاتي ڪو ڇيلو وٺي آيا، ته حلال ڪري گوشت ڪم آڻينداسون. ڪتيءَ جو اجنبي جانور ڏٺو، ته مٿس الرڻ ۽ ڀونڪڻ لڳي. منهنجن ٻارن کي خيال ٿيو، ته متان رات جو ڇيلي کي کائي. سو، رسي کڻي ڪتيءَ کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيائون. ڪتي ٻڌڻ تي هريل ڪانه هئي. ڏاڍي ڦٿڪي. ڪڪ ٿي، ٻارن کيس ڇوڙي ڇڏيو. پر، صبح جو ننڊ مان اٿي ڏسن ته ڪتي غائب. اوڙي پاڙي مان پڇا ڪيائون. پتو پيو ته اسان جي گهر مان نڪري، رستي سان وڃي رهي هئي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن. ڪتيءَ کي مانُ ڪو نه مليو، ته وري نه موٽي، هميشه لاءِ اسان کان منهن مٽي ويئي.

اسان جي ڳوٺ ۾ شهاب الدين نالي هڪ غريب شخص هوندو هو. تازو گذاري ويو. چون ٿا ته وٽس هڪ ڪتو هوندو هو. هڪ دفعي ڪاوڙجي، ڪٽي کي ڪنهن ڳالهه تان بجو ڏنائين، انهيءَ ئي ڏينهن، ڪتوب شهاب الدين جو گهر ڪونه ڇڏي ويو. ماڳهين ڳوٺ مان هليو ويو ۽ وري نه موٽيو.

سنڌ ۾ ڀڳي ٽوڙهي جبل تي ”ڪتي جي قبر“ سان به اهڙو ڪو داستان منسوب آهي.

اسلام آباد ۾ منهنجي ڀيڻ بدرالنسا، صبح جو ننڊ مان اٿي، رات جو بچيل مانيءَ جا ٽڪرا ۽ ڀاڄي گڏ ڪري، ڇٻر تي پکين لاءِ رکندي آهي. اهي پکي هاڻي اهڙا هري ويا آهن، جو صبح سوير ڀت تي قطارون ڪيو ويٺا هوندا آهن.

جانورن ۾ شناس ۽ ساڃهه جون اهي عادتون ڏسي، مون کي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته منجهن به لڳ ڀڳ اهي ئي اوصاف آهن، جن سان قدرت انسان کي سينگاريو آهي. پنهنجن ٻچن سان پيار ڪن ٿا، ڳڀي جي ڳولا لاءِ لوچين ٿا، نر ۽ مادي هڪ ٻئي ڏانهن رغبت رکن ٿا، ڪي جاندار ته پنهنجن ساٿين سان بي انتها پيار ڪن ٿا، شل نه ڪا ڪونج ولر کان وڇڙي! پکين اها ساڃهه ڪٿان پرائي؟ جيڪڏهن انساني زندگيءَ کي هن جهان کان پوءِ به بقاءُ آهي ته جانورن ۽ پکين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟

قرآن ڪريم ۾ اصحاب ڪيف جي ڪتي جي وفاداريءَ جو بيان پڙهي، مون پاڻ کان پڇيو ته ”قيامت ڏينهن جڏهن اصحاب ڪيف بهشت ۾ داخل ٿيندا، تڏهن سندن ڪتو ڪاڏي ويندو؟“ جانورن ۽ پکين ۾ شناس ڏسي، خيال اچي ٿو ته انسان جيڪڏهن اشرف المخلوقات آهي ته پوءِ ٻئي انسان سان سندس سلوڪ ايڏو ڏکوئيندڙ ڇو آهي؟ چون ٿا ته هڪ دفعي نياز فتحپوريءَ تي هندستان جا مولوي اچي مٽيا. سبب اهو جو ڪنهن مضمون ۾ لکيو هئائين ته ”مولوين ۽ ناگن ۾ فرق رڳو اهو آهي ته سڀ نانگ زهريلا ڪو نه ٿيندا آهن.“ نياز فتحپوريءَ، غريبن مولوين کي الائي ڇو ڏوهه ڏنو؟ هندستان جي ورهاڱي وقت وارا فرقيوارانه فساد يا هاڻوڪا ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نسلي فساد ڪيڏا نه ڏکوئيندڙ آهن!

انصاف جي ڳالهه ڪبي ته سوال اٿندو ته جيڪڏهن هڪڙي بگهڙ جو ٻئي بگهڙ سان سلوڪ ته صلح وارو آهي، پر، هنن فسادن ۾ هڪ انسان ٻئي انسان جي رت جو پياسي هو، ته پوءِ بگهڙ ۽ ماڻهوءَ ۾ ا شراف ڪير ٿيو؟ ڏاهن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪو به جانور بد ڪونه آهي، ڇو ته کانئس ڪو به گناهه ٿئي ئي ڪونه ٿو، هو ته پنهنجي قدرتي طبيعت موجب هلي ٿو. جيڪڏهن حقيقت اها آهي ته پوءِ اهو انسان ڪٿي آهي، جنهن جي حياتيءَ جو مقصد هن دنيا کي حسين بنائڻ آهي؟ شايد ”ساڃهه، ”سونهه، ۽ ”سرهاڻ“ ڏاڍيون ڪي اڻلڀ نعمتون آهن!

*              *              *

هر بي قرار روح ساڃهه سونهن ۽ سرهاڻ لاءِ سڪندو رهي ٿو. مون به گلابن ۽ رابيلن جي خوشبو جا خواب ڏٺا. چوندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جا خواب سچا ٿيندا آهن، زندگيءَ جي صحرا ۾ خيابان ۽ نخسلتان به ايندا آهن، ڌرتيءَ تي بهشت جون سڪون لاهيندا آهن. شايد، پنهنجيءَ قسمت ۾ رڳو وڃ ۽ رڃ جو سفر لکيل هو.

رڻ ۾ پنجاهه ورهيه پنڌ ڪري پيرن ۾ لڦون پئجي ويون. پر، نه ملير مليو، ۽ نه اها مند موٽي، جنهن ۾ ڏکن جا ڏينهن کٽندا آهن، آسمان ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪندا آهن، وارياسي تي وڏ ڦڙا وسندا آهن، وڇڙيا محب ملندا آهن، پياسا نيڻ ٺرندا آهن ۽ رڻ جا راهي، انڊلٺ جا ست ئي رنگ ملائي، نوراني ويس ڍڪي، پرهه ڦٽيءَ مهل ڪيرتن ڪندا آهن:

ديدن ڪيا درسن

ڀلا سائين،

ڀيڄ ڀنيءَ برسن

ڀلا سائين،

ڀيڄ ڀنيءَ برسن.

رڻ ۾ هونئن ته ڪيئي همسفر مليا. پر، هر ڪو پنهنجيءَ حياتيءَ جي بار ۾ حيران پريشان، نرڙ کان پيرن تائين پگهر ۾ شل. ڪير ڪنهن جو ساٿي ڪونه هو. ائين ٿي لڳو ته:

مسافر هي مسافر هر طرف هين

مگر هر شخص تنها جا رها هي

ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته زندگي جي پراسرار سفر جي منزل مقصود ڪهڙي آهي؟ آخر هي هيڏو ڪشالو ڇا لاءِ آهي؟ ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ هڪ مثال پيش ڪريان ٿو.

گهڻا گهڻا سال ٿيا ته عيد جي موڪل تي حيدرآباد مان ڳوٺ وڃي رهيو هوس. ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. مڇن جي ساول مس آئي هئي. روڊ ٽرانسپورٽ جون هاڻوڪيون سهولتون، لاريون، بسون، ڪارون ۽ ٽئڪسيون اڃا عام ڪونه ٿيون هيون. مون جهڙي غريب کي ريل جي ٿرڊ ڪلاس (ييا وڌ ۾ وڌ انٽر ڪلاس) ۾ سفر ڪرڻو پوندو هو. عيد تي ريل ۾ ڪا رش ٿيندي هئي! خدا جي پناهه! ان ڏينهن ته مزورن جا ڪٽڪ اچي حيدرآباد مان چڙهيا. ريل ۾ ايڏي تي ڪلهي گيهه هئي، جو مان نه اندر وڃي سگهان نه ٻاهر نڪري سگهان. ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. مس مس، جيئن تيئن ڪري، اندر گهڙيس، سڄو گاڏو اڳيئي ماڻهن سان سٿيو پيو هو. ڪٿي به پير رکڻ جي وٿي ڪا نه هئي. جيئن تيئن ڪري ٿيلهو پاسي ۾ رکي، بيهڻ جي جاءِ ڳوليم. ريل ڇٽي ته بينچ تي ويٺل ماڻهوءَ کي مون تي ڪهڪاءُ آيو. سري پري، مون کي ويهڻ لاءِ جائڙي ڪري ڏنائين. جڏهن ساهه پٽيم ۽ سامت ۾ آيس ته کيس چيم ”اڄ ته ريل ۾ ڏاڍي رش آهي.“

”هائو، چوطرف ماڻهو ماڪڙ وانگر سٿيا پيا آهن“ آڱر جو اشارو ڪري، چيائين ته ”هن ويچاري جي حالت ته ڏس!“

ڏٺم ته مون جيڏو ۽ مون جهڙو هڪڙو جوانڙو، پگهر ۾ شل، سامان جي ڳوڻين تي پير رکي، بينچ جي زنجير ۾ ٻئي هٿ وجهي، لڙڪيو بيٺو آهي. ڄڻ ته منصور صليب تي آهي. مون کانئس پڇيو ته ”ڪاڏي ٿو وڃين؟“

گاڏيءَ جي کڙڪي ڪري، غريب کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي سو، واڪو ڪري، پريشانيءَ مان پڇيائين ته ”ڇا چيئي؟“

مون پنهنجو سوال ورجايو.

جواب ۾ چيائين ته ”مون کي ڪابه خبر ڪانهي.“

دل ۾ چيم ته ”هي ڪو عجيب مسافر آهي. هيڏو ڪشالو ڪري اچي ريل ۾ سوار ٿيو آهي. کيس اها به خبر ڪانهي ته ڪاڏي وڃي رهيو آهي؟“

اڄ، پنجاهه ورهين جو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن پوئتي نهاريان ٿو ته ائين ڀايان ٿو ته ڪيئي ڪارا رڻ جهاڳي آيو آهيان. وري جڏهن سامهون نظر ڪريان ٿو، ته انهن کان به وڏا وڻ اڳيان ڏسان ٿو. اهو منظر ڏسي، دل دهلجي وڃي ٿي. حيدرآباد ۾ ريل گاڏيءَ وارو نوجوان ياد اچي ٿو ۽ مون کان پڇي ٿو: ”تون ڪاڏي وڃي رهيو آهين؟ هي هيڏو ڪشالو ڇو ۽ ڇا لاءِ آهي؟

ڪو به جواب ڪونه ٿو سجهي! شايد سوال ئي اهڙو آهي، جنهن کي ونڊ، ضرب، جوڙ ۽ ڪٽ وسيلي سلي نه ٿو سگهجي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org