سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:12 

مارئيءَ جي پڇتاءُ جي منطقي انتها به اھا اھي. پنهنجي تڪليف جي مقابلي ۾ ٻين کي تڪليف ۾ نه ڏسڻ. وطن ۽ وطن وارن جي محبت کي مقدم رکڻ، سيل ست کي سڀ کان اوچو اتاھون رکڻ، سون جي چمڪدار چوڙين کان ڪچ جا ڪوڙا چوڙا بهتر ڄاڻڻ ۽ جابر جي آڇيل طعامن کان بک ڀلي، فاقو فرھت، شال م وڃي شان.

ڪراين ڪچ جا، چوڙا ڪوڙا جن،

سو مرڪ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.

-

ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءِ،

ور جيڏين سين جوع، فاقو فرحت ڀانئيان.

        سچائيءَ ۽ غيرت جو فلسفو لطيف سائين اِجھو ائين سمجھيو آھي.

        ھڪڙو ٻيو عشق جو داستان آھي، جنهن جي باري ۾ سـُر بروو: شاھه صاحب چيو. ڪو وقت ته ان عشقيھ داستان ڏانهن شارحن جو خيال ڪو نه ويو ۽ ڪو واضح اشارو نه مليو ھو. ١٩٧٤ع ۾ مون کي تعلقي بدين ۾ پنهنجي ڳوٺ پير فتح شاھه کان ٻھ ٽي ميل ڏکڻ ۾ ڳوٺ گوھريجيءَ جي سگھڙ الھڏني لـُٽر بروي جي داستان کان واقف ڪيو. پوءِ اھو داستان مون پنهنجي ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي ٻئي ايڊيشن ۾ ڏنو. اھو داستان پوءِ ڪنهن ڪالم نويس منهنجي ڪتاب تان ھوبهو اتاري ڪاوش اخبار ۾ پنهنجي ڪالم جي پيت ڀريو: داستان ھي آھي:

        قلات جي پاسي لوڙائو ذات جا ڪي ماڻھو رھندا ھئا. انهن روزگار سانگي وڃي دھلي وسائي. انهن ۾ بروو نالي ھڪ نوجوان ھو. ھو بادشاھه جي محلات جي ڀرسان لنگھندي ان جي ڌيءَ شھزاديءَ تي دل و جان سان عاشق ٿي پيو. محلات جي سامھون ئي ھڪ ڪاسائيءَ جو دڪان ھو، بروي کي ان ڇيلن چارڻ جي نوڪري ڏني. واندو ٿيڻ کان پ٣ باقي وقت بروو ڪاسائيءَ جي دڪان تي ويٺو ھوندو ھو. ھوڏانهن محلات جي دري کلندي ھئي. اتان شھزادي کي بروو پيو ڏسندو ھو ۽ محبت جي باھه ۾ پيو پچندو ھو. ڪاسايءَ جي غير حاضريءَ ۾ دڪان تي گوشت به وڪڻندو ھو. شھزاديءَ جي ٻانهي ٿالھه کڻي گوشت وٺڻ ايندي ھئي. ھڪ ڏينهن بروو ٻانهيءَ کي انتظار ڪرڻ جو چئي اندر ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ پنهنجي ران مان گوشت ڪوري، ران کي پٽي ٻڌي گوشت اچي ٻانهيءَ کي ڏنائين. ان گوشت مان جڏھن ڪباب ۽ ٻيا طعام ٺھيا ته سڀني کي گھڻو پسند آيا. شھزاديءَ چيو ته گوشت ته مون اڄ کاڌو آھي. ھيستائين الائي ڇا آڻيندي رھي آھين.

        ائين بروو روز پنهنجي جسم مان گوشت ڪوري ٻانهيءَ وسيلي شھزادي کي موڪيلندو رھيو. پاڻ پؤڻو پوندو ويو. ٻانهي ھڪ ڏينهن بروي کي ڪوٺيءَ ۾ بيمار پيل ڏٺو ۽ ھقيقت به معلوم ٿيس. سربستي ڳالھه وڃي شھزادي جي ڪن وڌائين. اھو ٻڌائين ته کيس سڄي جسم تي پتيون ٻڌل آھن. اڃا به چوي ٿو ته: ڏس گوشت ھجي ته ڪوري وڇ ڪو به رحم نه ڪر.

        شھزاديءَ ھڪدم شاھي طبيب ڏانهن ماڻھو موڪليو. سڄو مھينو علاج ھليو ۽ بروو چاق چڱو ڀلو ٿيو. بروي جي شھزاديءَ سان ملقات ٿي. ھوءَ به بروي تي فدا ٿي پيئي. ھڪ ملاقات جي موقعي تي اوچتو بادشاھه جي اچڻ جو اعلان ٿيو. بادشاھه جي اچڻ کان اڳ بروو ته تڪڙو نڪري ويو، پر بادشاھه کي سڪ پئجي ويو. ھـُن ٻانهيءَ کي دٻائي دٻڙائي حقيقت معلوم ڪري ورتي. وزيرن سان صلاح مصلحت ڪري برووي ۽ سڀني لوڙائن کي بادشاھه لڏائي ڇڏيو ٧ واپس قلات ھليا ويا. شھزاديءَ جو ھال بروي کان مختلف ڪو نه ھو. ھوءَ فراق جي باھه م ٻرندي رھي. سانوڻ ۾ لوڙائن کي ياد ڪندي ھئي. شاھه صاحب ان صورتحال جو بيان ھن ريت ڪري ٿو:

وٺو ڏيھه قلات، مون لوڙائو پسيا،

جيئن ھـُت کنوفن کنوڻيون، تئن ھت بره سندي بات،

وڏي ڪنهن ولات، مارو مـَلڪ مٽي ويا.

        ڪانگن کي پيئي نياپا ڏيندي ھئي، ان جو بيان شاھه صاحب ھيئن ٿو ڪري:

وھلو ور وريا پرين، آءُ ڪانگا ڪر لات،

ويا جي قلات، سي اڏامي آڻ تون.

        بادشاھه کان به ڌيءَ جي حالت ڏٺي نه ٿي، ھـُن بروي کي واپس گھرائي شھزاديءَ جو سڱ ڏنو. محبتتين جو ميلو ٿيو. چون ٿا ته جڏھن ٻئي جدا ھئا ته مقرر وقت تي دري کلڻ وارو دستور جاري ھو. بروي چيو ته آءٌ توکي قلات مان ڏسندو ھوس، تون دريءَ ۾ بيٺل ايندي ھـُئين.

        مٿي ڏنل ٻن بيتن ۾ قلات جو حوالو به اھي. ان کان سواءِ سـور بروي جا ھيٺيان بيت به قصي ڏي مڪمل اشارا آھن:

ڪڏھن طاقيون ڏين، ڪڏھن کـُلن در دسوتن جا،

ڪڏھن اچان اچڻ نه لھا، ڪڏھن ڪوٺيون نين،

ڪڏھن سڪان سڏ کي، ڪڏھن ڳجھاندر ڳرھين،

اھڙائي آھين، صاحب منهنجا سپرين.

-

جانب منهنجي جيءَ ۾، تنهنجي طمع پوءِ،

وٺ ڪاتي وڍ انءرا، ادب ڪر م ڪوءِ،

ڀانيان ڀال سندوءِ، جي ساجن سنئون تهارئين،

-

جانب ائين نه جڳاءِ، جو ماريو موٽيو نه پڇين،

رتي رت نه سنجري، سڪ تنهنجي ساءِ،

اسان توھين لاءِ، ٿي پر ۾ پڇائون ڪيون،

-

ڪٿان سکئين سپرين، ڪاسائڪي ڪار،

تکي ڪاتي ھٿ ڪري، مڏيءَ سين نه مار،

چوري چاڪ نهار، سورن سانگيڙا ڪيا.

        ان کان سواءِ به ھي سـور محبت ۽ مجاز جو ھڪ مـُرقعو ۽ نادر نمونو آھي، جنهن ۾ اکين سان ڪوٺي ڪھڻ ۽ سڄڻ جي سڪ جا اثرائتا مثال موجود اھن. داستان کان سواءِ بروو ھندي راڳ مالا موجب ھڪ راڳڻي به آھي.

        رسالي جا سڀ سـُر شاھه صاحب جي اعليٰ فڪر ۽ انداز بيان جا بهترين مثال آھن. جيئن ڪلياڻ توحيد، رسالت ۽ سورميءَ جي سينگارن، ڪلاڙڪي ھٽ، اڏين تي سر ڏيڻ، پڪون پيڻ جي مضمون سان سينگاريل آھي ته يمن سڪ جي سمر ۽ حبيب طبيب جي احسان جي طلب، محبوب جي جدائيءَ ۾ جلڻ جو ھڪ اھڙو نمونو آھي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري نه سگھبو، مثال طور:

ڪاندين ٽانڊين ٻاٻرين، پچان سر پيئي،

جيرا جگر بـُڪيون، سيخن ۾ ٽيئي،

ويڄنئون ويئي، ٿي ويھڻي سجڻين.

        االله جي عاشقن جي يمن ۾ مختلف اندازن ۽ اشارن سان بيان آھي. عاقن آرام ڪڏھن تان ڪو نه ڪيو، عشق نه آھي راند؟

        شاھه صاحب جو ڪلام ايترو ڳوڙھو اھي جو ان جا ڪي ٿورا مثال وٺي ڪنهن سـور جو پورو تاثر آڻي نه سگھبو. ڪن سـُرن جو رڳو وايو منڊل پسبو ته ان جي به ھڪڙي اھميٽ اھي. جيئن سارنگ ۾ آسمان ۽ مينهن. سـُھڻيءَ ۾ درياءَ، سسئيءَ ۾ جبل، مارئيءَ م ٿر ۽ گھاتو، سري راڳ ۽ سامونديءَ ۾ سمنڊ ۽ وڻج واپار، وڻجارن جي وھن جا ورلاپ اچي وڃن ٿا. وغيره وغيره، اھڙي طرح رپ، ڪارايل، پرڀاتي، ڏھر، پورب ۽ بلاول جا پنهنجا مضمون اھن. انهن جو مطالعو به دلچسپ آھي. ھر سـُر جي تقاضا آح: ٽح آُن کي ڄاڻجي. ھتي آخر ۾ ٽن سـُر جو جائزو وٺندي لطيفي باب کي مڪمل ڪندس. اھي سـُر آھن: کنڀات، رامڪلي ۽ آسا.

        سـُر کنڀات، محبت ۽ مجاز جو ھڪ نمونو آھي. ھن جو وايو منڊل آسمان، سج چنڊ ۽ تارن تي مستمل آھي. ان سان گڏ پرين وٽ پھچائينڊر اٺ آھي. شاھه صاحب ھر ڳالھه پنهنجي مخصوص انداز سان ڪري ٿو. محبوب جي پيشانيءَ ۾ حسن سان گڏ ڀلائي پسي ٿو:

پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير،

اڱن اڪنڊين جي، ڏي پاٻوھيو پير،

قمر ڀاڙي ڪير، شمس سپرين سين.

        محبوب جي حسن سان ڪنهن جي ڀيٽ ڪجي؟ ڪو ان جي برابر ئي نه اھي. چنڊ جي ڪھڙي حيثيت آھي، جو اون جي شڄڻ سان ڀيٽ ڪجي.

چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سان،

تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نـِتِ سونجھرا

-

چڻڊ ًُآڻءِ حق، جي وڙھين جي ورچين،

ٻھ اکيونٽيون نڪ، تو ۾ ناھي پرينءَ جو،

-

اونداھيءَ اڌ رات ۾، پرينءَ پسايو پاڻ،

چنڊ ڪتين ساڻ، پيھي ويو پڙلاءُ ۾.

        محبوب جي حسن اڳيان چنڊ تڇ آھي. وري محبوب ڏانهن نياپو به چنڊ کڻي وڃي! ڏسو عشق سندا انصاف.

ناسيندي نظر، پھرين ڪج پرين ڏي،

قمر ڪـَھج قريب کي، نست آءٌ نٻر،

ٻي ڀيڻي ناھم ڀر، اکيون اوھان جي آسري

-

چڍا چنڊ! چئيج، سنهيا کي سڄڻين،

مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،

جھينو ڳالھائيج، پيرين وجھي ھٿڙا.

محبوب رھي به تارنجي آس پاس ٿو:

ھـُن تاري ھـون ھيٺ، ھت منهنجا سپرين،

سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏھن.

        ۽ محبوب جي ڻطر جي ڇا ڳالھه ڪجي:

؛ن: ڻ:ن خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،

سورج ساخون جھڪيون ڪوماڻو قمر،

تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،

جھڪو ٿيو جوھر، جانب جي جمال سان.

        پرين وٽ پھچڻ جو ھڪ وسيلو ڪرھو(اٺ) اھي. ان جا به پنهنجا رنگ ڍنگ آھن. پنهنجو موڊ اٿس. وک ڍري ڪري ٿو ته کيس ھڪل ڪئي ٿي وڃي ته:

ڪرھا١ ڪـَسر ڇڏ، وکون وجھه وڌنديون،

ھيڪر حبيبن سان، مون کي نيئي گڏ،

مڇن پـُونئي ھڏ، آھون اڪنڊين جون.

-

ڪرھا ڪـُر سـُڃاڻ، پيئڪو ۽ پانهنجو،

اصل آھي آھنجو، ناليرو نڌان،

ڪرھا اسان ساڻ، ڪي چانگا ڪج چڍاڻيون.

        اٺ جي ڪھڙي حالت آھي:

اوٺ نه ُڃي وڳ سين، چري نه لاڻو،

ميي کي مجاز جو، ٿوھي ۾ ٿاڻو،

ڀـَٽاري ڀاڻون، مرندي سين نه مٽيو.

        ته ڀلا ڇا چرندو:

چندن جا چـُپا ڪري، چري نه مصريءَ سنڱ،

اکين مٿي انگ، ميي کي محبوب جا.

-

ڳل ڳانا ياقوت جا، موتي منجھه مھار،

چانگا چندن چارئيي، اٺئي پھر اپار،

سندي پيءَ پچار، جي مون رات رساڻيئن.

        اٺ ڪجھه ٻيو سمجھيو ھو ڇا؟ ڪي ڀليو، يا ايئي ڄاتائين ته گھاڻي ۾ پيو وھان، اتي پئي گول ڦريو، ڪي بيو من ۾ ھوس:

ڪنين ڪامڻ ڪياءِ، ڪئن ڀنڀولئين ڪرھا،

اکين مٿي اکيا، پڙ ۾ پير گٺاءِ،

وڳ ڪ وسرياءِ، ٻڌو جئن گھاڻي وھين.

        مطلب ته سـُر کنڀات محبت ۽ مجاز جو ھڪ نمونو آھي. سنڌ جي ڏکڻ م کنڀات جي نار به آھي ۽ راڳ مالا ۾ کنڀوٽي ھڪ راڳڻي به جا کماچ ٺاٺ جي اوڊو- سمپورڻ راڳڻي آھي. ھن کي کمباوتي به چون ٿا(٧).

سر رامڪليءَ ۾ جوڳين جو ذڪر آھي. جوڳين جا لباس، ڪنڍلن، ڪن چيرائڻ ۽ عادتن موجب مختلف نالا آھن. شاھه صاحب انهن مان گھڻن نالن کي آندو آھي. اھي آھن: جوڳي، لاھوتي، ويراڳي، ڪاپڙي، بيکاري، بابو، نانگا، سامي، آديسي، ڪـُلپتي، سناسي، ڪنڪٽ، لانگوٽيا، پوربي، گودڙيا، مھيسي، ڪن چير ۽ ھرڪيس وغيره.

        جوڳين جي ڪم ايندڙ سازن ۾ سنک، مرلي، سڱڙي ۽ گھنڊ وغيره اچي وڃن ٿا. رامڪليءَ ۾ شاھه صاحب موجب جوڳين جي ھڪ خوبي اھا آھي ته من کي مارين ٿا. بگرين ۾ بک وجھن ٿا. طعام جا طاماعو نه آھن:

قوت ڪڙيا ڪاپري، طعام نه طاماعو،

سين ھنيائون سچ ۾، پھر نه پيٽائو،

اوسر آسائو، اٿي گوندر گڏيا.

        جوڳين جا قسم گھڻا آھن، پر شاھه صاحب انهن کي بنيادي طور ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪري ٿو:

نوري ۽ ناري، جڳيئڙا جھان ۾،

ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيندي ان ري.

جوڳي جي جدائي سھڻ کان ٻاھر آھي. ھو سڱڙيون وڄائي ھليا ويا:

صبح سڱڙيون کڻي، ويا وڄائي وير،

ڏوريان ڏوريان م لھان، بيراڳين بهير،

جن آسڻ منجھه عبير، آءٌ نه جيندي ان ري،

        اھي ڪن ڪٽ ڪاپڙي ڪھڙا آھن. اھي ڪيڏانهن ويا. انهن جي تلاش ڪندي چوي ٿو:

ڪٽ ڪٽ ڪاپت ڪاپڙي، ڪنو ٽيا ڪن چير َ،

سدا وھن سامھان، عاشق اتر ھير

تـَسا ڏيئي تن کي، ساڙيائون سرير

جي فنا ٿيا فقير، ھلو تڪيا پسون تن جا

        جوڳي ڪيئن ٿبو، ان لاءِ شاھه صاحب چوي ٿو:

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،

گولا جي گولن جا، تن جو ٿي غلام،

صبر جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام

ته نانگا تنهنجو نام، لـِکجي لاھوتين ۾.

-

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ٽوڙ،

جي ڄايا نه ڄاپندا، جيءُ تنهين سين جوڙ،

ته تون پھچين توڙ، محبت جي ميدان ۾.

        صاف صاف چوي ٿو ته جيڪي طمع رکڻ وارا آھن، گراه جا گولا آھن، سڀ ڪوڙا جوڳي آھن.

گولا جي گراه جا، جوٺا سي جوڳي،

ڦـِٽل سي ڦوڳي، جن شڪم سانڍيا.

        جي جوڳيءَ جي ويس ۾ ڪي ٺوڳي ۽ پوڳي نڪري ٿا اچن ته خلق خدا لاءِ آزار پيدا ڪري ٿا وجھن. گھڻن جا مٿا ڪوڙي ٿا وڃن، شاھه صاحب اھڙن کان خبردار ڪندي فرمائي ٿو ته گھڻا ٺڳجي ويا تون پاڻ کي بچائي ۽ آڌي رات جو اٿي عبادت ڪر:

ٺڳڻ گھڻا ٺڳائيا، تون ٺڳڻ کي به ٺڳائي،

اٿي آڌي رات کي، پنهنجو تن پچائي،

لاھوتي م لڄائي، نانگا تون ناموس کي.

        ڪبير پاڻ ٺڳائڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. چي ٻين کي ٺڳن سان دک ٿيندو:

ڪبير اپ ٺڳائيي، اور نه ٺڳي ڪوءِ،

آپ ٺڳي دک اوپجي، اور ٺڳيي دک ھوءِ.

        ھڪڙي ھنڌ ٺڳن بابت صاف صاف رايو ڏيندي انهن جي مقابلي ۾ ڪوڙن کي وڌيڪ خراب ڄاڻي ٿو. چوي ٿو ته ساڌو ھليا ويا. ٺڳ بچيا آھن. اھي به وڃڻ وارا آھن. ھاڻي ته انهن جو دور آيو آھي، جيڪي سچ کي ڪوڙ ڄاڻن ٿا:

ساڌو چليا ٺگ رھيا، ٺگ ڀي چلڻھار،

آئي اسيڪي وار، جو سانچي ڪو جوٺا ڪھي.

        اھو صحيح آھي ته جوڳ پنٿ ھندو ڌرم جي پئداوار آھي. شاھه صاحب ان کي ان ئي زبان ۾ بيان ڪيو آھي، پر ان ۾ به توحيد جي تنوار ھن ريت رکي اٿس:

مونا طور سينا، سندا سناسين،

طالب الموليٰ مذڪر، اي ڪلام ڪيائون ڪـَن،

سـوکن کي سڀني پرئين ٻـوجھي ڏنائون ٻن،

الف آديسين، چوري رکيو چـِتِ م.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org