سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:3 

باب ٻيون

سمن سلطانن جو دؤر

ابتدائي دور جا بيت

سمن سلطانن جي دؤر (١٣٥٠-١٥٢٠ع) ۾ جيڪي سنڌي شاعريءَ جا آثار ملن ٿا، انهن ۾ ڀٽن ڀانن جون چيل واقعاتي ڳاھون ۽ ڪي بيت آھن. انهن ۾ جيڪا ڳالھه سمايل آھي، ان جي اھميت وقتي آھي. ڳاھون ڇو جو ڪنهن واقعي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. انهن ۾ ڪو فڪر ۽ فلسفو سمايل نه آھي. بيتن جي ھيئت ۽ مضمون البت اھڙو رھيو جو ان مان پوين شاعرن استفادو ڪيو ۽ ان نهج تي ھلندي، اچي صوفيانه فڪر تائين پھتا.

ھن دؤر جو ڪلام جيڪو اسان تائين پھتو ان جا راوي سگھڙ آھن. انهن کان ٻڌي ڪتابن ۾ درج ڪيو ويو. ڳاھن جو ذخيرو ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب ڏنل لوڪ ادب رٿا جي ڪتاب ”سنڌي لوڪ ڪھاڻيون جلد ستون -  ڳاھن سان ڳالھيون (١٩٦٤ع)“ ۾ آيو. ان تان پوين لکندڙن آسانيءَ سان ڳاھن جو متن پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۽ مقالن ۾ آندو. پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ به ڊاڪٽر بلوچ صاحب باب ٤ ۽ ٥ ۾ تفصيل ۽ تحقيق سان بيان ڪيو. ھيڏانهن ڪن کيلڪن ڳاھن جي تاثر ۽ معنيٰ کي نه سمجھندي فاش غلطيون ڪيون. ان جو چٽو مثال ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو آھي، ھـُن ھڪڙو مشھور بيت ”ڳاھن سان ڳالھيون“ ڪتاب تان سمجھاڻيءَ سميت ورتو آھي ۽ اصل ڪتاب واري غلطي ڪئي اٿس، بيت ھي آھي- ع

جھڙو اڻ ھر ڦٽرو، تهڙوجي ور ھوءِ،

ته ڪچو نه ڪري ڪوءِ، سس ڀلين سستر ڪري.

ميمڻ صاحب معنيٰ به ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب تان نقل ڪئي آھي ۽ ٻنهي ھنڌ غلط اھي. معنيٰ ھيءَ ڪئي وئي آھي' جھڙي ڪنوار سھڻي آھي تهڙو جي گھوٽ سھڻو ھجي ھا ته ڪير به عيب نه ڪڍي ھا، ڀلي سس اٿي سينگار ڪري(١). غلطي ھيءَ آھي ته اڻ ھر کي ڪنوار ڄاتو ويو آھي. حالانڪ ڪنوار جي حيثيت ته ڄاتل آھي. ور (گھوٽ) جي مقابلي ۾ اڻ ھر (آھنر يا اھنيار )(لاڙي تلفظ) آھي. ھي ڇوڪر يا شخص گھوٽ سان گڏ ويھندو يا ھوندو آھي، جنهن جو ڪم گھوٽ جو ساٿ ڏيڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آھي(٢). ٻيو ته مذڪر جو صيغو آھي! بهرحال سمن سردارن ۽ حاڪمن جي سخاوت جي باري ۾ به ڪيترا بيت آھن. مٿي ذڪر ڪيل بيت ھڪ سٺ (گلا) آھي. ھن سلسلي ۾ جيڪي ڳاھون ۽ بيت موجود آھن، انهن مان نمايان ھي آھن.

سمن سردارن ۾ ڄام لاکو ڦلاڻي ھڪ ڏاڍو مڙس ٿي گذريو آھي. ھن جي ڏاڍ مڙسيءَ جا ڪيئن قصا آھن. لاکي ڦاڻيءَ بابت ڊاڪٽر بلوچ جو ڪتابڙو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ١٩٥٨ع ۾ ڇپايو ھو. مون کي ياد اھي انهن ڏينهن ۾ ئي مون يونيورسٽيءَ ۾ بي اي آنرز ۾ داخطلا ورتي ھئي. ڪڇ جي روايت موجب لاکو نائين يا ڏھين صديءَ ۾ گذريو آھي. ھـُو لوڙيون ھڻڻ ۽ ڏاڍي مڙسيءَ جي ڪري ته مشھور ھو، پر سورھيھ ۽ سخي به ھو لاکي سان ڪي عشق جا قصا به مشھور آھن. اتاولو به ھو. بهرحال ھـُن اھو پڪو پرن ڪيو ھو ته جيڪو مون کي پيءُ جي وفات جي خبر ٻڌائيندو ان جي زبان ڪپائيندس. سندس پيءُ ڦل وفات ڪري ويو ته ھڪ پٽ کيس ڄاڻ ڪرڻ لاءِ ويو ۽ اٽڪل سان ھي بيت پڙھيائين-ع

ھڪ ڦل پسجن واڙئين ٻيا جي بيٺين ڌاڻ

لاکا آءُ مھراڻ، توري سڃو ڪاڇڙو(٣)

اھڙي طرح ڪارائڙو سمو به ھڪ سورھيھ ۽ ڌاڙيل ھو. ھن کي سازش ڪري مارايو ويو. سندس سر وڍي گھر روانو ڪيو ويو. ان کي ڀيڻ پينگھي ۾ لوڏيندي، ھن ريت پار ڪڍيا-ع

ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر سڀ نهاريا،

پينگھي پائي لوڏ، سر سمي ڄام جو

اھڙي طرح ڪيترا سخي سردار ھئا، جن جي باري ۾ ڀٽن ڀانن بيت چيا، ڏھه ڏاتار جيڪي مشھور ٿيا، اھي ھي آھن؛ لاکو ڦلاڻي، جکرو اوڍاڻي، ھـُڻند ٿڌياڻي، اوٺو جکراڻي، سپڙ چوٽاڻي، جسودن آگرو، ڄام وينجھر، وڪيو ڏاتار، راءِ ڏياچ ۽ ڄام ڪرن(٤). انهن مان ڪن جي باري ۾ چيل بيت موجود آھن-ع

جھوني تو پـڦراڻ، جـُڳ ڇٽيھه سنڀرين

تو ڪي ڏٺا ھاڻ، لاکي جھڙا پھيڙا.

 

لاکا لک لنگھيا، انڙ ڪروڙيون اٺ

ھيم ھيڙائو ھڪڙو، جو وري نه آيو مون وٽ

(لاکي جا وڻن تي ٽنگيل ڳھه انهن کي انعام ۾ ڏيڻ.)

انبن لڳي ڪيري، ڄاري لڳي ڇٽ

ور چاڻ ماٺ ڪر، جيسين اچي وٽ

(سمنگ چارڻ وڪيي ڏاتار کان بي

 مندائتا پيرون گھريا- ان جو جواب)

اٺي جي ڏانن، کيھون ابر لڳيون

راڄ پيئي راڻن، ڏاتار تت ڏٽجي ويا.

(اوٺي جکري بابت)

ٿڌي ٿڃ ڏناس، سمون ساھڙ پٺ ۾

پڌرو پرکنڊاس ھـُنند ٿڌياڻي ٿيو.

 

اتر سيگھون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا

ھينئڙو ڦٿڪي مڇيءَ جين، ساجن سنڀريا.

ھنن ٻن سٽن واري بيت/ ڳاھن ۾ ٻوليءَ ۽ ھيئت جي لحاظ کان دلچسپ ڳالھه ھيءَ آھي ته ٻولي ايتري آسان ۽ عام فھم آھي، جيتري شاھ جي رسالي ۾ آھي. ھيئت جي لحاظ کان ھنن ۾ ڇند جون بنيادي ھيئتون (Forms) موجود آھن. انهن ۾ دوھا ۽ سورٺا آھن.

تنهن کان پوءِ اندازا سما دؤر جا ڪي بيت ٻن سٽن کان وڌيڪ واري ھيئتن ۾ به آھن. انهن ۾ تحقيق جي لحاظ کان ڊاڪٽر بلوچ ھيٺيون بيت تشريح سان بيان ڪيو آھي. سندس لکڻ موجب سنڌ ۽ ملتان جي پراڻن واسطن ڪري ھڪ يادگار سر اٻاوڙي تعلقي جي سرحد جي ويجھو ضلعي رحيم يار خان جي شھر سنجرپور لڳ سرواھيءَ جي کنڊرن جي ويجھڙائي ۾ کھ کوٽيندي لڌي، جنهن تي ھيٺيون ڪتبو ھو-ع

سلان سلبند ٿپيان، ڦڳيان نام نصير

کــُو کـُتايا پتر گامڻ دي، انڙ نام ھمير

وقت ڪسندر بادشاھه، ملڪ ڌڻي پھلوان

رعيت راضي ايھه جيھي، جو ٻڍا نت جوان

ھڪ لک سلان لڳ چڪيان، ٿيا کوه تمام

تري سؤ ٻوٽي باغ دي، راڌي انڙ ڄام.

ڊاڪٽر صاحب جي خيال موجب ھي نائون سمو سلطان ڄام صدر الدين سڪندر شاھه بن خير الدين ڄام توڳاچي ھوندو، جنهن جي سعيي سان ھي کوه کوٽايو ويو ۽ نصير ڦڳيي سربند سرون جوڙيون(٥) . سرن تي ڪي ٻيا به ڪتبا مليا آھن.

ماموين جا بيت

ھي مشھور بيت قديم سنڌي شاعريءَ جو نه رڳو حصو آھن، پر ھڪ دلچسپ حوالي سان مقبول ٿيا آھن. سنڌ جي تاريخن ۾ ھنن جو ڪو تفصيلي ذڪر موجود ڪونهي. سنڌيءَ ۾ لکيل ادبي تاريخن ۾ خانبهادر ميمڻ ھنن بابت فقط ٽي سٽون ۽ ھڪ بيت ”ھاڪ وھندو ھاڪڙو “ ڏنو آھي. البت پروفيسر لفط الله بدويءَ ستن ئي بيت جا ٻھ مختلف متن ڏنا آھن ۽ ”ھفت تن“ نالي مشھور ستن درويشن واري عام مقبول روايت به ڏني آھي. واضح ڪيو اٿس ته ھي ست ماڻھو ڄام تماچي ٻئي يا ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ ٿي گذريا آھن. انهن اھا ڌمڪي ڏني ته ٺٽي ۾ زير زمين ھڪ نانگ آھي، ان جو مٿو ھتي ۽ پڇ دھليءَ ۾ آھي. اسان ڪـُندريءَ جي چھنب سان ان کي پڪڙي ڇڏيو آھي. ڪـُندري ڪڍبي ته نانگ چرندو ۽ ھي مملڪت تباھه ٿي ويندي. بادشاھه انهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. قتل ٿيڻ شرط ھو درويش پنهنجو ڪنڌ تريءَ تي رکي اڏامي ھليو ويو، بيتن جا ٻھ مختلف متن رسالي سنڌو ۽ اخبار تعليم ۾ ڇپيل، بدوي صاحب ڏنا آھن، سي ھي آھن-ع

سنڌو (١٩٣٧ع)

١-      ھاڪ وھندو ھاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ

بهه مڇي ۽ لوڙھه، سمي ويندا سوکڙي

٢-     وسي وسي آر، جڏھن وڃي ڦٽندو

تڏ ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمي وڪبو.

٣-     ڪاري ڪاٻاري، جھيڙو لڳندو ڇھه پھر

مر مچي ماري، سک وسندي سنڌڙي.

٤-     مر مچي ماري، مر مچيءَ ڪھڙا پار

ھيٺين ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.

٥-      نيرا گھوڙا –ٻرا، اتر کنئون ايندا

گھاگھيريون گسن تي، وراھي ويندا

تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاڄاڻين جا،

٦-     لڳندي لاڙان،سونڪو ٿيندو سري ۾

جڏھن ڪڏھن سنڌڙي اوڳائان وڻاھه.

٧-     اچي ويجھا ماڻھڻا، ننگر جي آڌار

پراڻا پرار، نوان اڏج م نجھرا!

اخبار تعليم (١٩٠٤ع)

١-      ڀڳي ٻنڌ اروڙ، ھاڪ وھندو ھاڪڙو

بهه مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندا سوکڙي

٢-     زالن مٿي ٻھ چوٽيون، مڙسن مٿي وار

ٻاروچاڻا ٻار، ٽڪي تي وڪامندا

٣-     ستانوي ست ڇوڙسي، اٺانوي ھٽ تاڙ

نوانوي نر جاڳسي، سؤ ۾ ٿيس جئھ ڪار.

٤-     الله حسبي، ڪلھوڙن کان کسبي،

ٽالپرن کي ڏسبي، تهان پوءِ پسبي،

٥-      نيلو گھوڙو نقرو، اوڀارون ايندو

ٽيلو ٽالپرن جو نهوڙي نيندو

٦-     لڳندي لڙائي، سونچو سري کان ٿيندو

جڏھن ڪڏھن سنڌڙي تکي قنڌارون جوکو

٧-     پراڻا پرار، نوان اڏجو نجھرا.

بدوي صاحب جي راءِ ۾ اخبار تعليم وارو متن يادگيريءَ مان ورتل آھي.ھو وڌيڪ لکي ٿو ته؛ ھي متن برٽن ۽ ھيگ جي ڪتابن تان ورتل آھن. انهن ڪنهن يادداشت تان نقل ڪيا ھوندا(٧).

عام طور ھنن بيتن کي پيشن گويون چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جو خيال آھي ته ؛”ھي بيت زبان ۽ بيان جي لحاظ کان پوئين دؤر جا لڳن ٿا. ٻيو ته گمان اھو آھي ته ھي بيت ماموين جي اڳ ڪٿي نه آھن، بلڪھ سمن جي اوائلي عروج وقت سومرن جي خير خواھن طرفان اڳيون حالتون موٽڻ جون تمنائون آھن(٨)“.

ويجھڙائيءَ جي تاريخ ۾ به انگريزن ٽالپرن کان سنڌ فتح ڪئي نه ڪ تاجاڻين- جيئن ھڪ بيت ۾ چيو ويو آھي. بهرحال ھي بيت ھاڻي قديم سنڌي شاعريءَ ۾ ماموين جي نالي ڳڻجن ٿا. جي پوءِ جا آھن ته به ۽ جي آڳاٽا آھن تڏھن به.

ڪي بيت قديم سنڌي شاعري اھڙن بين ڪيترن بيتن تي مشتمل آھي، جن مان ڪي ڳاھن طور، واقعاتي بيتن طور يا دعائيھ فقيرن طور صدري روايتن مان تحرير ۾ آيا. مثال طور عشقيھ داستانن جا ڪيترا بيت آھن، جي ڀٽن ڀانن جي ذريعي عام ٿيا. انهن ۾ ھوٿل ۽ اڍي جي داستان مان ھيٺيان چند بيت اھم آھن-ع

اتر سيگھون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا

ھيئنڙو ڦٿڪي مڇيءَ جئن، سڄڻ سنڀريا

 

اڍا توسين آر، ڪر وسين نه سڀ ڄمار

شل ٿر – ٻاٻيھڙي ٿي مران!

 

ڇپر توتي چٽ، وٺي مينهن نه اجرن

ور جويج جا مٽ، نيڻ چيتاريا نه چلن

 

پاڻي مٿي پن، جئن ٿو ٻڏي اپڙي

تيئڻ ھوٿل منهنجو من، لوڙھي وڌو لھريين.

ھوٿل، ڄام اڍي جي ڀاڄائي ھئي. ڏير جو حسن ڏسي ھن سان پيار ڪرڻ لڳي پر اڍي رشتي جي لڄ رکي. ڀٽن بيتن ۾ داستان کي پنهنجي انداز سان بيان ڪيو آھي. حقيقت ڪيتري آھي، ان جي پروڙ ھنن نيم تاريخي داستانن مان نه پئجي سگھندي. ھهڙن حوالن سان جيڪي بيت مشھور ٿيا اھي سنڌي شاعريءَ جو سرمايو آھن، جيئن مٿي لکي آيو آھيان ته ڪي واقعاتي بيت به ھن سلسلي ۾ اچن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org