سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:7 

سيد صاحب ٨٨ سالن جي ڄمار ۾ ٧ ذيقعد١٠٣٢ھه / ١٦٢٣ع تي وفات ڪئي. وصيت مؤجب سندن تدفين بلڙيءَ ۾ ٿي ۽ فرزند سيد دين محمد شاھه ارشاد جي گاديءَ تي جلوه افروز ٿيو. سيد صاحب جي قبي جي اڏاوت لاءِ ڪاشيءَ جون سرون سندس تڙ پوٽي شاھه عبداللطيف ڀٽائي آنديون.

شاعري

        ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته شاھه عبدالڪريم ھڪ عظيم صوفي درويش آھي. ان جو مطلب اھو ھرگز نه آھي ته ھو فقط درويش جي حيثيت رکي ٿو ۽ شاعر نه آھي! ھيءَ ڳالھه مرزا قليچ بيگ سيد صاحب جي ڪلاسم رسالھ ڪريمي کي ايڊٽ ڪندي لکي ھـُو لکي ٿو ته: ”سندس شعر ڪو گھڻو ڪو نه آھي. اھو اھڙو يا ايترو نه آھي، جنهن ڪري سنڌ جو شاعر چئي سگھجيس. نڪا ڪا پاڻ سيد صاحب شاعريءَ جي دعوا(دعويٰ) ٿي ڪئي. سنڌ جي شاعر جي بدران کيس سنڌ جو وڏو اولياءَ چوڻ زياده مناسب آھي(٢٩).“

        ڊاڪٽر دائود پوٽو، مرزا صاحب جي ھن راءِ سان اتفاق نه ڪندي لکي ٿو: ”مان مرحوم (مرزا صاحب) جي راءِ کي ڀڃڻ نٿو چاھيان، پر شاھه ڪريم جو ڪلام پڙھندڙ بخوبي پروڙي سگھندا ته مرحوم جي راءِ سراسر غلط آھي. بيشڪ شاھه ڪريم سنڌ جو وڏو اولياءِ ۽ صوفي بزرگ ھو، پر ان سان گڏ ھو سنڌ جو پھريون وڏو شاعر به ھو(٣٠).“ اھڙي ريت ڊاڪٽر دائود پوٽو، مرزا صاحب واري رسالھ ڪريمي ۾ ڪن تڪن جي باري ۾، ۽ پڻ غلط پڙھڻين بابت برھميءَ جو اظھار ڪندي لکي ٿو: ”سنڌ جي چاسر سان ڏينهن ڏٺي اھڙو انڌير ٿئي سا نهايت افسوس جھڙي ڳالھه آھي(٣١).“

        آءٌ ععرض ڪندس ته چاسر ۽ شاھه ڪريم ۾ ٻي ته ڪا ھڪ جھڙائي نه آھي، سواءِ انهيءَ جي ته چاسر، شيڪسپيئر کان اڳي ھو ۽ شاھه ڪريم، شاھه لطيف کان! ٻيو ته ڊاڪٽر دائود پوٽو، شاھه ڪريمکي سنڌ جو پھريون وڏو شاعر سڏي ٿو. شايد سندس اشارو بيتن جي تعداد بابت آھي. پوءِ جي تحقيق موجب قاضي قادن ۽ شاھه ڪريم جا بيت ھڪ سؤ جي قريب آھن. پوءِ به ايترو چئبو ته مقدار ڪافي نه آھي، معيار کي جانچڻ کپي. بهرحال شاھه ڪريم جو ڪلام ھيئت، زبان ۽ جذبي جي لحاظ کان نهايت بلند معيار جو آھي. سندس ھي بيت ماڻھن جي پڇيل ڪجھه سوالن جا ڄڻ جواب آھن. شاعر ايئن پڇڻ وارن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.انداز بيان کي ڏسو ته شاھه سنڌي شاعريءَ جو وھائو تارو ۽ شاھه عبداللطيف جو مبشر آھي(٣٢).

        سندس سنڌي بيت ان ڳالھه جو ھڪ ثبوت ۽ نمونو آھن، جن جي مطالعي ۽ تقليد پوئين دؤر، خاص طور سندس تڙ پوٽي شاھه عبطاللطيف ۽ سندس وڏن ننڍن ھمعصرن جي ڪلام تي زبردست اثر وڌو. شاھه ڪريمجي بيتن مان ھڪ معلم ۽ استاد وارو انداز ۽ رويو چٽو چٽو بکي پيو. ھڪ ھڪ سوال جي، ھر ڳالھه جي پوري پوري سمجھاڻي بيت ۾ ڏئي ٿو.

        سندس رسالي جي پھرئين بيت کان ھي سلسلو اڳتي وڌي ٿو. جڏھن وڏو ڀاءُ سيد جلال، ڪريم کي سماع جي محفل مان آڻي والده ماجده جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ته ان واردات جي زير اثر ھي بيت پڙھائين-ع

ان در سندي مڱڻي، اڳي ائين نه ھير،

جيئن ڊگھا ڪري پير، سڄيون راتيون سمھي(٣٣).

        شاھه ڪريم جي سوانح عمريءَ مان اھو پتو پيو ته سندس عبادت گذاري ۽ انسان دوستي اول درجي جي آھي. مريدن ۽ طالبن سندن عبادت، رياضت ۽ ان سان گڏ خدمت خلق جا مثال ڏسي ور ور ڪري حيرانيءَ مان پڇيو آھي ته : سائين اھي ٻئي اھم فريضا ڪيئن ٿا ادا ڪري سگھو؟ ته جواب ۾ فرمايو اٿن ته ڪا وڏي ڳالھه نه آھي. اجھو ھيئن:

ھنيو ڏجي حبيب کي، لڱ ڏجن لوڪ

کڏيون ۽ کروتون، ايءَ پڻ سڱــَر ٿوڪ

-

پاڻيھاري سر ٻھڙو، جر تي پکي جيئن

اسان سڄڻ تيئن، رھيو آھي روح ۾.

        پنهنجي لفظن ۾ ھنن بيتن کي ھيئن آڻيون ته دل دوست ڏانهن ھجي ۽ ھٿ حاج ۾ ھجن. مڙھيون ۽ مندر به چڱو رستو آھي. يعني ٻئي ڪم ھڪ وقت ٿي سگھن ٿا. ٻيو بيت به ھن ئي ڳالھه جي ڄڻ ٽيڪ ۾آھي ته پاڻيھاري مٿي تي گھڙن جو ٻيلھڙو کڻيو پئي وڃي ته پيرن سان ھلندي وڃي ۽ اکين سان گس ڏسندي وڃي(ڳالھائيندي به وڃي ۽ ھٿ به آجا اٿس)- ھر ڪم پنهنجي جاءِ تي آھي. فطري انداز ۾ آھي. پھرين بيت (ھنيو ڏجي) جي مضمون ۾ اڳ قاضي قادن چيو(ڪنز قدوري ڪافيا) ۽ پوءِ شاھه لطيف (روزا ۽ نمازون) چيو. ڪنهن پڇيو ته سائين خدمت ۽ اجوري جو فلسفو ۽ معيار ڇا آھي؟ سيد صاحب چند ئي لفظن ۾ سمجھايو ته خدمت اھا جا بنا اجوري جي لالچ جي ڪجي- چي:

پاڻيھاري سڀڪا، جا سر گھڙي ڌري.

ڪا لئھ سندي سڄڻين، ڪا پورھئي ڪاڻ ڀري

ڪنهن پڇيو ته سائين راز جي حقيقت ڇا آھي؟ جواب مليو ته ان جي حقيقت ڀيڙيل ۽ اپٽيل مٺ مان سمجھه:

مـُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته واءُ.

جي پڌ وڌءِ ڳالھڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

        چند ئي لفظ ھڪ ڳالھه کي آسان بيان سان چٽو ڪن ٿا- ڪا منجھه نه آھي. ڪو فلسفياڻو ۽ عالماڻو انداز نه آھي. لفظ اھڙا سادا ڳالھه اھڙي چٽي ڄڻ ايئن ڄاڻجي ته: اھا ته مون کي خبر ھئي. پرائي آڌار تي رھڻ به ڪا زندگيءَ آھي؟ سائين پنهنجو پاڻ کي ڪيئن سنڀالجي؟ ڇا ٻين جو محتاج رھڻ ۾ ڪا خوبي آھي؟ جواب ۾ سيد صاحب فرمايو ته: نه ھرگز نه!! ڪنهن به طرف، ڪنهن به ڏس ۾ ھيءَ ڳالھه پڌري آھي ته پنهنجي کٽئي کان سواءِ سولي نموني باھه به نه ٻري سگھندي- چي:

جي اتر جي لاھه، سڄڻ سڀ پرکئا

ري پانجي کٽئي، سـُڀر ٻري نه باھه.

        توحيد ۽ تصوف جا رنگ شاھه ڪريم جي ڪلام ۾ واضح آھن. الله جي ھيڪڙائيءَ جو اعتراف ڪيئن ڪري سگھجي  ٿو ؟ ان جو صحيح طريقو ڪھڙو آھي؟ ڇا ھر ھنڌ حاضر آھي؟ ڪيئن ۽ ڪھڙي لفظ ۾ ان جو احساس ڪجي؟  جواب آھي- ع

تون چئو الله ھيڪڙو ، وائي ٻي ۾ سک

سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک

-

وائي ٻي م ڀـُل، مروئان موران پکڻان

باالله سندو سڄڻين، ھـُو ھلاچو ھـُل.

محبوب حقيقيءَ بابت پڇيل ھڪ سوال جو جواب ڏيندي سيد صاحب چيو ته ان کي ھر وقت ياد ڪجي. ستي توڙي جاڳندي محبوب حقيقي کي ياد ڪجي، جڏھن ھن منهنجو من پاڻ وٽ قابو ڪيو آھي ته ڪيڏانهن ڪنڌ ڦيري ٿو سگھان؟

جي جاڳندي من ۾، سـُتي پڻ سيئي

من پريان تيئي پڳھيون پاڻ ڳري

ھڪ سوال جي جواب ۾ فرمايائون ته حق جي طالب کي گھرجي ته ڪنهن جو به مھمان نه ٿئي، فقير کي گھرجي ته اڪيلو رھي ۽ ماڻھن سان نه ملي. صلح ۽ امن ايڪانت ۾ آھي. اھو خزانو سڃ ۾ ئي ملي ٿو. محبوب حقيقي به ايڪانت ۾ ملندو-ع

ور سان سچي ويڙھه، جتي سڄڻ ھيڪڙو

سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪؤڙ ڪـُماڙھئين

(ور= بهتر- ڪـُماڙھئين- خراب ماڻھو)

ٻھ گدرا مـُٺ ۾ نه ايندا. انسان ھن دنيا مان ڪي ٻھ شيون حاصل ڪري نه سگھندو. ھڪ مياڻ ۾ ٻھ تراريون نه سمائبيون! دنيا جا مزا حاصل ڪندو ته محبوب تائين پھچي نه سگھندو. ٻھ ٿوڪ(شيون) ڪو به کڻي نه سگھيو آھي-ع

ڀنڀوران ٻھ ٿوڪ، ڪنهن نه نيا پاڻ سين

سڪڻ سپيرين کي، لاڳاپا سين لوڪ

اھڙي حاصلات آسان نه آھي. نينهن نياپي سان نه ٿيندو. گھر ويٺي ڪجھه حاصل نه ٿيندو، جيسين ڪشالا نه ڪڍبا، تن کي تسيا نه ڏبا ته رڳو سڌون ڪرڻ سان دل گھريو ھٿ نه ايندو. فرمايائون-ع

نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه ھون

ڪارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون

سيد صاحب فرمايو ته اڳتي وڌڻ لاءِ جاکوڙ ڪبي. گس ڏٺل وائٺل نه ھوندو ته واقف کان پڇبو-ع

پڇڻا سي نه منجھڻا، جي پڇن سي وير

جو لکڻ منهنجي ماڙھوئين، سو ڪلکڻ ۾ کير

مطلب ته پڇڻ کپي ڇو جو جا ڳالھه ماڻھن ۾ سٺي ليکجي ٿي سا کير ۾ عيب به ٿي سگھي ٿي. ٻي صورت ۾ مورک پاڻي پسي به ان کان وانجھيل ۽ محروم آھن- انهن لاءِ ڪا جاءِ نه آھي-ڳ

پاڻيءَ اتي جھوپڙا، مورک اڃ مرن

دانهون ڪن مـُٺن جئن، دم نه سـُڃاڻن.

-

سڏ نه سلامي ٿيا، وھيءَ نه وريا جي

ھاڻي تنين کي، ناھي ماڳ ملير ۾

ائين روحاني زندگيءَ ۽ عقل جون ڪيئي ڳالھيون آسان اسلوب ۾ شاھه ڪريم سمجھائي ٿو. سندس ڪلام مان آخر ۾ چند چونڊ بيت ھي آھن جن ۾ عقل جا خزانا موجود آھن-ع

ڪارين ڪنين ڪـُڪڙين، ڪرھه ولاڙ وڃن

ويلو ڪن نه وچ تي، نڪي اوڳار ڀڃن.

-

مـُرک مـُر نه ٻجھڻا، ھيڏانهن ھوڏانهن ڪن

ڪو پائيندءِ مانيون، ڪو پائيندءِ ڀت

-

جونري اتي جن، داغ تنهنجو داسڙا

تون ڪئن مٿان تن، چنيسر چت کڻين.

-

ھوت نه ڏٺائون، ڏوه نه ڏيان جيڏئين

مٿي ڪي ھٿڙا، ھوند مون جئن رتائون

-

واٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکيون

جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪئن پرين پسن.

-

سڄڻ ساعت ھڪڙي، جي ٿئي اکنئون ڌار

ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏھن.

-

ھنيون نه حاضر جن، پرين نه اکڙين ۾،

ٺلا ڍانڍا سکڻا، ھـُونئن جاڙ جين.

        شاھه ڪريم جي ڪلام ۾ سنڌ جي نيم تاريخي داستانن ليلا چنيسر ۽ سسئي پنهون وغيره جي حوالي سان به جذبات ظاھر ڪيل آھن. شاھه ڪريم جي ڪلام ۾ آسان زبان ۽ اسلوب جي ڪري ظاھر ڪيل خيال سمجھه ۾واضح آھي. ڪنهن به قسم جا نه منجھيل ۽ دقيق لفظ آھن نه دقيق ۽ منجھيل خيالات آھن. ان جو سبب اھو آھي ته شاعر جو رويو ھڪ معلم وارو آھي. ھر ڳالھه، ھر مسئلو آسان لفظن ۾ ۽ سليس ڪري قاريءَ جي ذھن تي ڪو بار نٿو وجھي. فطري انداز بيان آھي. ڪا شاعرانه موشگافي نه آھي. پوءِ به زبان ۽ بيان ۾ شاھه ڪريم ھڪ وڏو شاعر آھي.

حوالا:

١. بدوي. لطف االله . تزرڪره لطفي، جلد اول، ڇاپو ٻيو ٥٤-١٩٥٥ع، آر- ايڇ- برادرس حيدرآباد. ص ٨١

٢. ايضا – ص ٨١

٣. ايضا – ص ص ٨٢-٨٣

٤. بلوچ. نبي بخش خان(ڊاڪٽر). سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر. ١٩٩٩ع. ص ٢٩٣

٥. شوق، باغ علي. رجسٿاني بان و ادب(اردو)، راجسٿان ادب سڀا، گذدر آباد، ڪراچي، ١٩٩٢ع. ص ص ٧٠-٧١-٧٢

٦. ايضا- ص ص ٢٠ ۽ ٧٢

٨. بلوچ. حوالي نمبر چوٿين مطابق ص ٢٩٦.

٩. فانع. مير علي شير. تذڪره مقالات الشعراءِ(بتصحيح و حاشيھ پير حسام الدين راشدي. سنڌي ادبي بورڊ. ١٩٥٧ع . ص ٢٥١

١٠. دائود پوٽو، عمر بن محمد (ڊاڪٽر)، شاھه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز، ١٩٧٧ع، ص ٦، ديباچو

١١. قانع، مير علي شير. تحفة الڪرام(سنڌي). سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٧ع، ص ص ٤٣١-٤٣٢ ۽ ٤٣٣

١٢. دائود پوٽو، عمر بن محمد(ڊاڪٽر). شاھه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام. شاھه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ١٩٧٧ع، ص ص ١٤-١٥

١٣. ايضا – ص ص ١٥-١٦

١٤. ايضا – ص ص ١٦-١٧

١٥. بلوچ نبي بخش خان(ڊاڪٽر) شاھه جو رسالو، جلد ٨-٩ علامھ قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت ١٩٩٩ع. مقدمو ص ١

١٦. ايضا – ص ١

١٧. ايضا – ص ص ١-٢

١٨. ايضا – ص ٢

١٩. ايضا – ص ٢

٢٠. ڊاڪٽر عبدالغفار جي ايڊٽ ڪيل ترجمي ۾ ھڪ ھنڌ شاھه ڪريم جي والد جو نالو جلال اچي ويو آھي جو غلط آھي. ڏسو: بيان العارفين و تنبيه الغافلين . ص ٤.

٢١. ايضا – ص ٢١.

٢٢. ايضا ص (مقدمو).

٢٣. ايضا – ص ٣(ديپاچو).

٢٤. ايضا – ص ١١٦.

٢٥. ايضا- ص ص ١٠٩-١١٠.

٢٦. ايضا- ص ص ٢٩٨کان ٣٠١.

٢٧. مرزا قليچ بيگ. رسالھ ڪريمي. قيصريھ پريس حيدرآباد. ١٠٠٤ع . ص ١٧

٢٨. دئود پوٽو. عمر بند محمد. شاھه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلا. ١٩٧٧ع. ص ص ٢٨-٢٩

٢٩. رسالھ ڪريمي. ص ٢٨

٣٠. شاھه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام. ص ص ٣٦-٣٧

٣١. ايضا- ص ٨

٣٢. ايضا- ص ٣٧

٣٣. بيان العارفين(عبدالغفار سومرو)ص ٧

باب پنجون

عثمان احساني

          ھي نالو سنڌي ادب بابت لکيل ڪتابن ۾ پھريون ڀيرو پروفيسر لطف الله بدويءَ جي تاليف تذڪره لطفي(جلد اول) ۾ آيو آھي. کيس ھي احوال بياض خادم(سندس والد جي بياض) مان مليو. جيڪو ھن نقل ڪيو آھي. ترجمو:”عثما احساني ھنن بيتن جو مصنف، مخدوم پير محمد لکوي جو ھمعصر ھو. ھو ڀاڳ ملڪ مان اچي لکيءَ ۾ رھيو(١).“

          بدوي صاحب جي لکڻ موجب عثمان احساندي اندازا ١٦٤٠ع ۾ لکي (ضلعي سکر) ۾ اچي رھيو. احساني سندس تخلص آھي. عثمان احساني جي تصنيف ”وطن نامو“ آھي. ھن ۾ بيت آھن، جيڪي قطار جي انداز ۾ آھن. يعني ھڪ بيت جي آخري سٽ ايندڙ بيت جي ابتدائي سٽ جي جاءِ وٺي ٿي. وطن نامي ۾ انسان جي اصل وطن ڏانهن اشارا ڪيل آھن. بدوي صاحب اھو ڪو نه لکي آھي ته ڪل ڪيترا بيت آھن، پر خود تذڪري ۾ ١٢ بيت ڏنا اٿس جن مان ڪي ھي آھن-ع

اچي ڪوه قرار، پانڌي ۾ پرڏيھه

مان پڻ ڏٺي تنهنجي عجب عادت ايھه

ويسارا ويھي رھن، ڪل پروڙي ڪيھه

توبهه ٿيندو تاڏھين، ايئن ڏنهن جنهن ڏيھه

اٿي ھلندو اوچتو، ساٿي ڏي ساڻيھه

-

اٿي ھلندين اوچتو، نه ڪنهن پھه پرياڻ

ڪو ڏھاڙو آھين، دنيا منجھه مھمنان

جو ڏاڍو سفر موت جو، سـُجھي ٿو سٽا

-

جو ھتي ڏاڍو موت جو، سـُجھي ٿو سفر

پنڌ اڻانگو پٽيون، بار گھڻو ٻيو بر

اٿي ويھه ۾ ويسلو،گھور دنيا جو گھر

-

اٿي ويھه م ويسلو، اٿي دنيا ڪوئي دم

سانباھه جو ساٿيا، فڪر ڪو فھم

تون وڻجارو آھين، کٽي وجھه م خم

سـُستي ڇڏ سعيو ڪري، دل جو ڪر ادم

روپ پسي تون پنهنجو، گوندر لاھه غم

-

وگندر لاه ۾ غم، تون راتيان ڏينهان روءِ

جو رکيو آھي موت جو، تاب رکيو سر توءِ

قاصد ايندءِ ڪوٺ جو لڏي چڙھندين لوءِ

-

شمع آڻج پاڻ سين، ھٿن ۾ ٻاري

ڪر سعيو انهي سڏ جو، ويھه ۾ وساري

ڪير ڪڍ قلوب مان، مروت سان ماري

ته ھجي سدائين سوجھرو،دائم تو ڌاري

-

ھجي سدائين سونجھرو، شمع ڪري شـُعاع

ھئين جناب جن سين، سي ويندا ڪري وداع

توکي حد ايندي ھيکلي، اونده ۽ اڌيا

ايڏانهون آڻج ڪو، حال ڀائي ھمراھه

-

ڻيسين ياد نه ٿي اچئي، جا حد ھيبتناڪ

ته پڻ ٿيندءِ اوچتو بندا ھوشناڪ

ڌڙ لٽيندءِ ڌوڙ ۾، چـُست چلي چؤ طاق

تون آڻج پاڻ سين، ڪو وس وڇاڻو واڪ

ڳالھه اڻانگي گور جي، مشڪل ناه مذاق،

-

ڳالھه اڻانگي گور جي، ويھه م سار وھي

ترس م ويھه تيار ٿي، ساٿيڙا سنبهي

ھيءَ حد ھيبت جھڙي، وينديءِ گور ڳھي

سڀ وڇون سھس، ٽنڊڻ نانگن ساڻ نهي

ڏنگي جان ڏنگن سان، وينديءِ ڏيل ڏھي

ڳري وينديءِ گور ۾، لڱين لحم لھي.

-

وھاءِ ڙي ويلو ٿي، اٿي بندا جاڳ

جنهين محمد مڃيو، سدا تن سھاڳ

احساني عثمان چوي، ڀريو تن جو ڀاڳ

ڪلمي جي فرار سين، لطفئون لھندا لاڳ

        ھنن بيتن جي زبان نسبتا عربي فارسي آميز آھي، شاعر دنيا جي بي ثباتيءَ جو ذڪر ڪندي، انسان کي پنهنجي اصل وطن جي يادگيري ڏياري ٿو.

لطف االله قادري(١٦١١-١٦٧٩ع)

        نسبتا پوءِ دريافت ٿيل ھن شاعر جي ڪلام سان سنڌي شاعريءَ جو ھڪ خال ڀرجي ويو آھي. شاھه لطف االله قادريءَ تي شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي ھڪ مقالو لکيو جو پھرين نومبر ١٩٥٢ع ۾ انجمن علم و ادب ھالا جي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙھيائين ۽نئين زندگيءَ سيپٽمبر ١٩٥٨ع ۾ ڇپيو. ھن جو عنوان ھو ”قديم سنڌي شاعري‘ ايئن ٻيو مقالو ”شاھه کان اڳ جا شاعر‘ جنوري ١٩٥١ع جي نئين زندگيءَ ۾ ڇپيو. ھي ٻئي مقالا پوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات کان پوءِ سنڌ ثقافت کاتي ھڪ مجموعي ۾ ٻين مقالن سان گڏ “مضمون ۽ مقالا“ جي عنوان ھيٺ ١٩٧٨ع ۾ شايع ڪيا، ڊاڪٽر دائود پوٽي قديم شاعريءَ جو ذڪر ڪندي ضمنا لطف االله قادريءَ جي تصنيف جو حوالو ڏنو آھي. پر ٻنهي مقالن ۾ تصنيف جو نالو ھڪ ھنڌ منهاج المعرفه (ص٢٠) ۽ ٻئي ھنڌ منهاج المعرفت (ص٢٦) ڏنو آھي. تذڪره لطفي ۾ پروفيسر بدويءَ اتان ئي مواد ورتو ۽ نالو منهاج العروف لکيائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھن سلسلي ۾ اھم ڪم ڪيو ۽ شاھه لطف االله قادريءَ جو ڪلام ترتيب ڏنو ۽ سوانح توڙي ڪلام لاءِ ٻيا ماخذ به ڪم آندائين. جن ۾ منهاج العرفت سان گڏ محمد سومار شيخ کان مليل سنڌي رسالو به اڳيان رھيس ۽ وڌيڪ ڪلام مليو. ان ريت ’شاھه لطف االله قادريءَ جو ڪلام‘ سنڌالاجيءَ پاران ١٩٦٨ع ۾ شايع ٿيو. ھي ڪتاب ئي ھن موضوع جو اھم ماخذ آھي.

        مليل حوالن موجب شاھه لطف االله قادري اصل پريالوءِ (خيرپور رياست) جو ھو ۽ اتان مريدن جي اصرار تي نقل مڪاني ڪري اگھم ڪوٽ يا اگھاماڻيءَ (اگھيماڻي- لاڙ) ۾ اچي رھيو(٢). ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن ٻنهي مسڪنن بابت لکيو آھي ته ٺٽي وارو اگھم ڪوٽ فرين قياس ڪونهي ۽ مير علي شير فانع ٻين ھم نام شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي ور لطف االله قادريءَ جو ذڪر نه ڪيو آھي(٣).

        شاھ لطف االله جي باري ۾ ڪنهن به ذريعي سان وڌيڪ معلومات نه ملي آھي. ان ڪري سندس مڪن ماتليءَ جي ڀر وارو اگھاماڻي يا اگھم ڪوٽ تسليم ڪيو ويو آھي. ھن ڳوٺ جي اھميت درويش مخدوم محمد اسماعيل سومري جي ڪري به آھي. ھن ئي ڳوٺ سان عالم درويش ۽ صوفين جي نسبت به آھي. شاھه لطف االله جي تربيت به ھن ئي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين(٤).

        ھن وقت تائين شاھه لطف االله جون ٽي تصنيفون(جن مان ھڪ فقط نالو) ۽ ٻھ ھٿ آيون آھن. پھريون منهاج المعرفت آھي، جنهن ۾ تحفة السالڪين جو ذڪر ڪيواٿس. ٻيو سنڌي رسالو آھي جنهن ۾ به معرفت وانگر بيت آھن. اندازو آھي ته منهاج المعرفت ۾ مقدمي سان ٢٠ سنڌي بيت آھن. سنڌي رسالي ۾ اندازا ٣٧٩ بيت ھجڻ کپن، جيئن ھر ھڪ باب مٿان شاعر خود لکيو آھي. بهرحال ڪل ٤٠٠ بيتن جو تعداد ڪو گھٽ ڪونهي(٥).

        قاضي قادن، شاھه ڪريم کان وٺي شاھه لطيف جي دؤر جي وچ جي خال ۾ اھم اضافو آھي. انهن بيتن جو موضوع توحيد ۽ تصوف ته آھي، پر ارادتا ڪتاب جي صورت ۾ سمجھاڻين ۽ عنوانن سان لکڻ ۾ شاعر جي شعوري ڪاوش به ڳڻڻ جھڙي آھي. شعر جي مطالعي ۽ اثر نفود جي لحاظ کان به شاھه لطف االله جي ڪلام جي اھميت آھي. وڏي ڳالھه ته سندس زبان ۽ بيان جو چٽو اثر شاھه جي رسلاي ۾ به نظر اچي ٿو. شاھه لطف االله توحيد ۽ تصوف جي سمجھاڻين کي ڳوڙھي انداز ۾ بيان ڪيو آھي. جڏھن ته شاھه لطيف اھي ڳالھيون عوامي انداز ۾ بيان ڪيون آھن.

        شاھه لطف االله موضوع وار عنوان قائم ڪيا آھن. شاھه جي رسالي ۾ موضوع وار سـُر آھن. ڊاڪٽر بلوچ ٻنهي شاعرن جي بيتن جي ڪن مصرفن ۽ خيالن جي مماثلت ۽ مشابهت جا ڪالم وار حوالا ڏنا آھن(٦).

        شاھه لطف االله جو ڪلام عنوان وار ھڪ خاص تدريسي نوعيت کي ظاھر ڪري ٿو. شاعر شعوري ڪوشش ڪندي استاد جو ڪردار ادا ڪري ٿو. بيتن جي ھيئت ۽ وڌيڪ سٽن سبب به سندس ڪلام انفرادي نوعيت جو آھي. اڳ آيل چند ٽن سٽن وارن بيتن کان پوءِ عثمان احساني ۽ لطف االله قادريءَ جي ڪلام ٽن کان مٿي سٽن تي مشتمل آھي. اھا به ھڪ فني خوبي ۽واڌارو آھي. تصنيف ”سنڌي رسالو“ جي ابتدا ۽ ترتيب لاءِ پھرين بيتن ۾ ھيئن لکي ٿو.

الاھي عالمين ڌڻي، سائين سٻاجھاءِ

تونهين اٿاريندڙ، تونهين وھاريندڙ، تونهين واريندڙ واءُ

نه ڪو ڪري پاڻ وڻندي، ڪنهن کي رسي نه ڪاءُ

اتي آھي عجز سڀ ڪنهن کي، نه ڪو گيرب نه گاءُ

جيئنگھري تيئن ڪري، پاڻ وڻندو پاتشاه

سڀ ھلن حڪم تنهنجي ۾، ٿا روح رڳون ۽شاه.

-

ڪوڏان ڪيو رسالو، اي فقير جوڙي بيت

ته ھوءِ سنڌي وائي سھلو، ٻجھڻ اٻوجھن

پاھنجي ٻولي ڪري، سگھائين اي سکن

لطف االله چئي لئھ پيو، ور سکن ۽ پڙھن

ساري شامل سو ڪئو، مٿي ستئين قسمن

قسم پھريون منجھه وحدت درجي، ٻيو سلوڪ سالڪن

ٽئو منجھه صفتن چئين ڪلمن، چوٿون منجھه مـُوحدن

پنجون منجھه عشق عاشقين، پڻ حال عاشقن

ڇھون مجھه ترڪ دنيا جي ۽ فقر فقيرن

ستون سمجھه پير، مـُرشيد جوڳين

اي ھنڌ جي آھين ھيڪڙا، جت ھليو اوءِ وڃن

عنوان اڪثر ھيئن قائم ڪيا ويا آھن:

        قسم اول منجھه درجي(جل جلاله) – قسم ٻيو، مجھه سلوڪ سالڪن، لکڻ ۾ لکئوم، مٿي پنجيھين بيتن- قسم ٽيون منجھه صفت چئين ڪلمن -  الخ -  ايئن ھر ھڪ باب ۾ آيل بيتن جو تعداد ڄاڻايل آھي، شاھه لطف االله ھنن ستن بابن ۾ ڄاڻايل عنوانن تي سير حاصل بحث ڪيو آھي.

        وحدت ۽ ڌڻيءَ جي ھيڪڙائي جو ذڪر وحدت جي وڻجارن طرحين طرحينلفظن ۽ ويچارن سان ڪيو آھي. سپريان جي سونهن جي نه حد نه مد، پر پوءِ به پنهنجا ويچار ھر مـُحد عاشق شاعر خوبصورتيءَ سان بيان ڪرڻ جي ھر ڪا ڪوشش ۽ڪاوش ڪئي آھي. شاھه لطف االله قادري فرمائي ٿو-

عقل ات اوڇتو ٿيو، نڪا فڪر جاءِ

اوءِ پيٺيا تنهن اگھور ۾، جتي مور نه جاءِ

ات حيرت ھنيو سڀڪو، ڪنهن کي رسي نه ڪاءِ

ھي ھي ڪندا ھاءِ، رندا عارف اڳ ويا.

-

وحدت سڀ وجود ۾، ھيڪا ھيڪ پسن

اوءِ ٻئان ٻھاري ٿيا، دعويٰ دم نه ڪن

سي مجھه حيرت رھن.”ڪين“ ڪيائون تڪيو

        عارف ڪيئن وحدت جي وائي ڪندي محبوب حقيقي تائين رسيا حق جي طلب ۾ سنئين راه اختيار ڪندي ڪٿي پھتا، ان لاءِ شاعر چوي ٿو-ع

شريعت جي سوجھري، ھليا ڏونه حق

طريقت تار ڪيا، وسرئن ورق

حقيقت جي حال سين، ره سـُوٺائون سابق

ھي جي ھوءِ رسيا حاذق، معرفت مشاھدو تن کي

-

ڀوئن وحدت ويءَ ۾، شرع گھر سندون

جتي مپ ملڪين ناه ڪو، تتي آھيرون

توڙي ويا وره ڪيترا، پرو تان نه پئون

سوئي سير ٿئون، ناه نهايت جنهن جي

-

مئي متي مھراڻ ۾، ھي جي پاڻ وجھن

نه سي اوري نه پري، اوءِ اندر وه وڃن

تن منجھا منجھه تڪيا، اوءِ منجھا منجھه رھن

سي پيٺا تت وڃن، ناه نهايت جنهن جي

اھي سالڪ وحدت جي واديءَ ۾ غرق رھن ٿا، اونهي عميق ۾ ٽٻي ھڻي پرين پسن ٿا. شاھه لطف االله چوي ٿو-ع

اونهي انت عميق ۾، ٽٻي ڏني جن

نه سي اوري نه پري، ارءِ منجھه پاتار ڀرن

حاذق حيرت ۾ پيا، ڪين پروڙيو تن

يا دليل المـُتحيرين، عقل موڙھا ان

ات اڙيا عارف اڀين، پر پروجھڻ ناه ڪا

        جي وچان”لا“ لھي ويئي ته محبوب حقيقي کي سالڪ ويجھو وڃي ٿيو. ھر ھنڌ سبحان کي پسڻ لڳو. وچ وارو پردو ھٽي ويو-ع

لٿي ”لا“ وچان، سڀوئي سبحان ٿيو

جيڪين حجاب حق سين، او چان سڀ ويو

ات ھنيو حيرت پيو، پسي ڪين پرين ري

-

        ٻنهي جي وچ ۾ ڪو حجاب نه رھيو ۽ سالڪ به عين ذات سان ملي ھڪ ٿي ويو-ع

نيئي رسائي ذات کي االله اسم ذات

ات ڪـَٿ نه اجھي ڪيترو، وائي وڃي وات

”لاحجاب بيني و بينڪ‘، اي لڌائون ڏات

عين جني کي ذات، محو مطلق سي ٿيا.

-

اسما اڳي ويا، مـُسمي مـُحقق

اکر نه اڄھي ان کي، جي حضوري حق

سي پيھي ويا پاتار ۾ منجھه اونهائي غمق

سندا ذات مطلق، آھن اھڃ اڳانجھا ان کي

        سڀ صورت ۾ يار سمايو آھي، رنگ محل ۾ ھن جو ئي جلوو آھي، تصوف ۾ عارفن اھو کولي سمجھايو آھي ته ظاھري صورتون ڪھڙيون به ھجن پر سڀني ۾ ذات حقيقي جا پرتوا پيا پون. ان ڳالھه کي شاھه لطف االله کولي بيان ڪيو آھي-ع

نڪا صورت سرير جي، نڪتو فيل نه فال

سي وجودان وھي ويا، جن ڏٺو پريءَ جمال

تيھي ظرفات ذات جي، تهو حسن ڪمال

تيھي تجلي تام سڄڻين، تهو ضوءِ جلال

تيھي لطافت لطيف سو، تهو خوبي خال

تهو ذوق زينت پريءَ جي، تهو خاص خيال

سڀ سڀوئي حال، پيھي ڪن پروڙيو.

-

سو ئي پانڌي پنڌ سو، سا ئي راه سو رند

سو ئي مڪان مڪين سو، سو ئي حضور سو ھنڌ

سو ئي بحر بر سو، سو ئي شھر سو سنڌ

سو ئي ساٿي سونهون سو، سو ئي آڇيندڙ پنڌ

جني آ اڪنڍ، تن پاڻھين پروڙيو.

-

سو ئي عاشق عشق سو، سو ئي عارف عرفان

سو ئي ساه سرير جو، سو ئي رب رحمان

سو حاڪم حڪومت سان، سو ئي سو سلطان

سو ئي ماڳ مڪان، پيھي پروڙج ڳالھڙ

-

سو ئي دريا دؤر سو، سو تارو سو تانگ

سو ئي تڙ تک سا، سا ڪنڌي سي سانگ

سيئي ڪـُن ڪـُپر سي، ور وراڪا وانگ

سيئي اھڃ آنگ، سو ئي اصل درياءَ سو.

        قسم پونجين ۾ عشق ۽ عاشق جي حال بابت بيان آھي. ھن باب ۾ ”حس حبيبن جي“ ۽ ”سڪ سپرين جي“ تڪ سان محبت ۽ مجاز جو رنگ ظاھر آھي. ھن باب ۾ محبوب جي حسن ۽ سندس سڪ جو ذڪر ڪندي شاعر بلاغت جا باب کولي وڌا آھن. ھي چند بيت اھڙي نشانهي ڪن ٿا-ع

حـُسن حبيبن جو، پسين جي ھيڪار

ته توکي سڀ ڄمار، وڃي اڃ ورھن جي.

-

حـُسن حبيبن جو، پسين جي پيھي

ته توکي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري

-

حـُسن حبيبن جو، جني ڏٺو ماءُ

تنهي مجھان ڪاءَ، سک نه سـُتي ڪڏھن،

-

حسن حبيبن جو، ڳرھڻ ڪانهي ڳت

ڪا جا آھي ڀت، سا اندر ڪـُھيو اڌ ڪري.

-

حسن حبيبن جو، نه ڪو ڳاڃ نه ڳت

اِت مجھيو وڃي مت، حيرت ھـَنيو سڀڪو

-

سڪ تنهنجي سپرين، ڪـُھيو ڪري ڪباب

عاشقن اي ثواب، جيئن پچن لئھ پرينءَ جي.

-

سڪ تنهنجي سپرين، اندر ٻارين آڳ

لاڳاپا ۽ لاڳ، وين سڀ وجود جا

        اھڙي ريت قسم ڇھون فقر ۽ فقيرن بابت آھي، ھن ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر آھي. ائين ھي باب ڄڻ سـُر رامڪلي آھي. ھن ۾ ڌيڍ سؤ بيت آندل آھن. جوڳين جو ذڪر ڪرڻ اسان جي شاعرن جو پسنديده موضوع آھي. شاھه لطف االله جوڳين جو بيان ڪندي پنهنجا خيال نهايت پـُرجوش انداز ۾ ظاھر ڪري ٿو. سندس بيتن ۾ ھن موضوع جا گوناگون مضمون شامل آھن. بيتن مان چونڊ ڪرڻ مشڪل آھي، پر نموني طور چند بيت ھي آھن-ع

جيجان آھين جوڳ جا، ڪي آڳنجھا سور

اوءِ پيھي ويا پاڻ ۾، ڏوري ڏونگر ڏور

ڇڏيا لئھ سبحان جي، تڻ جوڳين ضرور

سي آديسي آرور، اورانگھي اڳي ويا.

-

سامين سان نه وسري، ڪنهن جنهن ھئا جاٽ

تن جون کھـُون کٿوريءَ واسيون، منهن ۾ مڃر ماٽ

ان اچي اديسين نينهن جا وڄايا ناٽ

سي ويٺا پڇن وات، پسيو پريين پنڌ جي

-

ڪي ھليا وڻڪوٽ ڏونهه، ڪي ڪھيا ڏونهه قندار

جوگي وجھي ھليا، جي پنهنجو جار

اندر تن آديسين اپر لڳي آر

اوءِ وجھي جي جنجار، ويا نانگا نڪري

-

ڪيھا ڇٽ پٽ جوڳيين، ڪيھي راس رلين

ڪئن سڳا ڪئن سيليون، اوءِ ڪيھي کيه کڙين

ڪھو پاڻي پاڻ سين، منجھه پوٽڙين ٻڌن

ڪھڙو طعامون تـُنبن ۾، تن ماين کان منگن

آءٌ ٿو پڇان پيڙا، سڌيون ساميڙين

اوءِ ڪھڙي حال ھلن، ڪاپڙي قنوج ڏي.

-

ماءُ ويراڳي آئيا، پڇن ٿا اوطاق

ميڙي پاھوڙين سين، پـُٽ ُ ڪيائون پاڪ

نه تن سونڪو سيءَ جو، مٿان وسي ماڪ

اوءِ ڪاپڙي قزاق، پرھه ٿيندا پڌرا.

-

سيليـُون سڱيـُون ڪينريون، سڀ ڇڏيائون ساڄ

پوريائون پورب مـَڻي، ڪوڙ ڪئائون ڪاڄ

سي وجودئون وھي ويا، ڏيھه ڇڏيائون راڄ

طوق ڇڏي تاڄ، اوءِ نانگا نسورا ٿيا.

-

نه گدا نه گبري، ڪڇ نه ڪاڇوٽي

اوءِ سک نه ستا ڪڏھين، ڪڍي لانگھوٽي

سي جيھا آيا دنيءَ ۾، وئا تها موٽي

ايءَ ڏاڍي ڪسوٽي، ويا جھاڳي ڪاپڙي.

        ڇھين وانگر ستين قسم ۾ به جوڳين ۽ سامين جو ذڪر آھي. جوڳين جو مختلف ھنڌ ڀيٽڻ ۽ ساز سک وڄائڻ جو بيان ڪندي شاعر ڄڻ پريان ايندڙ دؤر جي شاعرن(خاص طور لطيف ) جي اڳواڻي ۽ رھنمائي پيو ڪري، مختلف ملڪ ۽ تڪيا ڀيٽڻ بابت چوي ٿو-ع

ڪي ھليا ھـَرمـُج ڏونهه، ڪي پـُرتـَڪال پـُرن

ڪني ڪوڏ کنڀاٽ جو، ڪي مٿي گنگا گجن

ڪي وھئا ونڪوٽ ڏونهه، ڪي لـَڪا سر لـَمن

ڪي گوئي گنگاڌري، ڪي گواس وڃن

ڪني آ ڏمر ڪاپڙين، ڪي بازارين وھن

ڪن ڌاريا ڏنڊ ڪيترا، ڪي واسليين وندرن

آءٌ گھريو مٿان تن، جي پيھي ويا پڻ ۾.

جوڳين جي مرلين وڄائڻ ۽ نچڻ بابت شاعر چوي ٿو-ع

ڪني مرليون ھٿن ۾، ڪي پايو زنک نچن

ڪني وير وس ڪيا، ڪي مساري وڃن

ڪي پڙھيو پاڙھيٽا پاڻ ۾، نظر ماڙوھين مٿن

آءٌ گھوريو مٿان تن ، جن ڪيو حاصل حق ڪاپڙپين.

        شاھه لطف االله جي تصنيف ۾ سنڌي بيت آھن. ھي ڪتاب ٢١ بابن تي مشتمل آھي ۽ فارسي زبان ۾ آھي، سلوڪ ۽ طريقت جي بيان ۾ لکيل ھن ڪتاب ۾ وضاحت خاطر سنڌي بيت ڏنل آھن. بيتن تي عنوان به رکيا ويا آھن. جن جو تعلق پير مرشد، تصوف، طريقت ۽ شريعت توڙي لاڳاپيل ڳالھين بابت آندل نصيحتن تي آڌاريل آھي. مثال طور ويھن بيتن مان ٻھ ھي آھن-ع

پڇئو پـَر پيغمبري، انهيءَ ره رمن

او سونهان آھين سپرين، ايھي پيار پڇن

ساٿي شريعت سين، منجھه حقيقت ھلن

سي ثابت سھي ڏسن، ھي جي پـَر پريان جي رسيا

-

رھه شريعن ھليا، تفڪـُر طريق ٿئون

حال حقيقت رسيا، حرڪت حرص وئون

لئي لاھوتي پيا، وحدت وصالون

سي پيٺا بقا باغ ۾، فنا فرق پئون

پسو پنڌ سندون، اوءِ وجودان وھي ويا

        سنڌي رسالي جي بيتن جي مقابلي ۾ منهاج المعرفت جا بيت منفرد انداز بيان ۽ زبان ۾ آھن. شريعت ۽ طريقت جي سمجھاڻيءَ خاطر ڏکيا اصطلاح ڪم آندل آھن. انهن ۾ زبان ۽ بيان جي اھا سلاست ۽ رواني ناھي جا انهن ئي ڳالھين جي بيان ۾ شاھه لطيف وٽ آھي. انهن ۾ وزن جي پختگي به اچي وڃي ٿي. بهر حال قاضي قادن، دادو ديال، شاھه ڪريم جي ڪلام جي تسلسل ۾ شاھه لطف االله قادريءَ جو ڪلام ھڪ وڏي وٿ آھي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪي سنگ ميل آھن انهن ۾ ھڪ ڪري ڳڻيوويندو(١٧).

پراڻ ناٿ(١٦١٨-١٦٩٤ع)

ماخذ: پراڻناٿ جو ڪلام ظاھر ٿيڻ کان پوءِ ھن شاعر جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ ھڪ اھم نالو آھي ۽ ان خال کي به پـُر ڪري ٿو، جيڪو قاض قادن- شاھه ڪريم کان پوءِ شاھه لطيف تائين نظر آيو. دادو ديال به انهيءَ دؤر جي شاعر طور روشنيءَ ۾ آيو ۽ ھاڻي پراڻناٿ به، سندس ڪلام پھرين جناب جھمون رامچند ڇڳاڻيءَ ظاھر ڪيو. ڪتابي صورت ۾ پراڻناٿ جي حياتيءَ جو احوال ”مھامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي“ جي عنوان سان ١٩٩١ع ۾ ڀوپال(مڌيھ پرديش) مان ڇپيو. ان کان اڳ سماھي مھراڻ (١/١٩٩٠ع) ۾ سندس ھڪ تعارفي مقالو بعنوان ”سنڌي ساھت جو ھڪ لڪل ورق“ سان ڇپيو ھو. ھن باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ ١٩٨٠ع ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ جي ٻئي ڇاپي ۾ پراڻناٿ جو ذڪر ڪيو(ص ص ٢٦٥-٢٧٠). سندس ذريعا جيرامداس دولترام کان مليل مواد، ان جي ھڪ مضمون (١٩٦٥ع) ۽ دھليءَ جي سفر دوران مليل مواد تي آڌاريل آھن. اھي ئي خاص ذريعا آھن جن وسيلي پراڻناٿ جي حياتي ۽ ڪلام جو جائزو ورتو ويو آھي. مون پنهنجي ڪتاب”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“(ٻيوڇاپو ١٩٨٣ع) ۾ فقط ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب جا حوالا ورتا ھئا. ھن ھيٺ جھمونءَ جو ڪتاب خاص طور اڳيان آھي. ھن جو مھاڳ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکيو آھي.

سوانح: پراڻناٿ ٦ آڪٽوبر ١٦١٨ع ۾ نوانگر (ڄام ننگر- گجرات- ڀارت) ۾ ڄائو. سندس اصل نالو مھر راج ھو. سندس پيءُ جو نالو ڪيشو ٺاڪر ھو ۽ ماءُ ڌن ٻائي ھئي، جنهن جا مائٽ سنڌ جا ھئا. ان ڪري گھر ۾ گجراتيءَ سان گڏ ڪڇي ۽ سنڌي زبانون به ڳالھايون وينديون ھيون(٨). جھمون ڱڳاڻي، پراڻناٿ جي مادري زبان سنڌي لکي ٿو(٩).

        پراڻناٿ ھڪ ھوشيار ٻارڙي وانگر اسريو ۽ ھو مذھبي ويچار رکندڙ ھو. سندس گروءَ جو نالو ديوچندر ھو جيڪو امر ڪوٽ(عمرڪوٽ) ۾ ڄائو ھو. سچ جو متلاشي ھو ۽ ھڪ سيلاني سنت جي روپ ۾ اچي ڄام نگر(گجرات) ۾ پھتو. ھن ٻالڪ تي نظر پوڻ سان شري ديوچند گھڻو خوش ٿيو. مھراج پراڻناٿ به مرشد جي حڪم موجب پنهنجي جوانيءَ جي دؤر ۾ عربستان ۽ ٻيا علائقا گھميو. عربستان ۾ رھي عربي ۽ اسلامي علوم کان واقف ٿيو. قرآن شريف جو به مطالعو ڪيائين(١٠).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org