سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:13 

روايت آھي ته شاھه صاحب جوڳين سان گڏ ناني، لاھوت لامڪان ۽ ھنگلاج جو سفر ڪيو، پر کيس ڪي ڳالھيون نه وڻيون ۽ کانئن جدا ٿي ويو ته به انهن جون ڪي ڳالھيون ياد ڪيون اٿس:

اڄ نه اوطاقن م، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙھيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.

-

اڄ نه اوطاقن م، سندي جوڳين ذات

ساري سناسين کي، رنم ساري رات،

مون جـِنهين جي تات، سي لاھوتي لڏي ويا.

-

اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪـَک،

آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک،

سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.

        سامين، جوڳين ۽ سناسين کي ياد ڪندي، انهن جي سازن سڱرين کي به ياد ڪري ٿو:

سـَندڙيان سڱڙي، ڳالھه ڳجھڙي،

مــون مــاريــنـدي ڪـــڏھـــن،

جا وڄائين جتڙا، نه تنهن نڙ جھڙي،

مرليءَ کي جنهن مات ڪيو، نه تنهن تـول تـُنبڙي،

تاريون جنهن تو ڏيءَ کي، نه سو گھنڊ نه گھنڊڙي،

ڏاريو جنهن ڏياچ کي، تندئا تنهن تکـِڙي،

نه سري نه سنڌ ڪيا، نه ڪا ھند ھهڙي،

مٺائيان مٺي گھڻي، چوندا جن چـَکڙي،

جا ساراھيل سبحان جي، تنهن واکان ڪھڙي،

سھسين سـُرودن کي، پاڻان پوءِ وجھندڙي،

گھانڊار مرون موھيا، ھيءَ ماڙھو موھيندڙي،

اديون عبداللطيف چئي، ھيءَ مئا جئاريندڙي.

        رامڪلي، ڀيوي ٺاٺ جي سمپورڻ- سمپورڻ راڳڻي آھي، رسالي جي پوين ڇاپن ۾ گڏ وچڙ زبان ۾ رامڪليءَ جي تعريف ۾ ھڪڙو بيت ھو. جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڌاريون ڄاني خارج ڪيو، اھو ھي آھي:

رامڪلي ڏکيا ڪـَھي، سکيا ڪـَھي نه ڪوءِ،

ڪو مٽي ڪو مائٽي، ڪو روچي ڪو روءِ،

رامڪلي ڪھي سوءِ، جنهن اڳ وچ دک ھوءِ.

        سـُر آسا ۾ به کنڀات ۾ بروي وانگر محبت ۽ مجاز جا انگ ۽ رنگ آھن. داستان پ٠ھريون توحيد جي تنوار آھي ۽ ٻيو مجاز ۾ اکينجي ڪردار جي اپٽار آھي.

        سـُر جو پھريون بيت ھاديءَ جي حضور سڪايل جي صدا آھي. ھادي جيڪو مرضيءَ وارو آھي. کيس ڪنهن جي پرواھه ناھي. شاھه صاحب جذبات جو اظھار ھن ريت ڪري ٿو:

لڇان ٿي لاحد ۾، ھادي لھان نه حد،

سپيريان جي سونهن جو، نه ڪو قد نه مد،

ھت سـِڪڻ بي عدد، ھـُت پرين پرواھه ناھي ڪا،

        سـُر جي گھڻن بيتن ۾ اکين جي حوالي سان جذبا ظاھر ڪيل آھن. ڏسن به اکيون ته روئن به اکيون، ھنديءَ ۾  شاعر چيو آھي:

نينا ري تم ھي بري، تم سا بـُرا نه ڪوءِ،

آپ ھي پيت لگائي ڪي، آپ ھي بيٺا روءِ.

        اکيون پاڻ پرجھي آيون ۽ عاشق کي روئاڙي وڌائون. رسالي جي ھن سـُر آسا ۾ اکين جا ڪئين رنگ آھن. پھرئين سج اڀرڻ سان ئي محبوب تي نظر پئي نه ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيون. اتي به ھنديءَ واري ڪو نه گھٽايو آھي. چي:

ڪاگا سب تن کائيو، چـُن چـُن کائيو ماس،

دو نينا مت کائيو، انهي پيا ملن ڪي آس.

شاھه صاحب چوي ٿو:

اڀرندي سج، پرين جي نه پسنديون،

ڪڍي ٻئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي،

اڀرندي سج سان، پرين جي نه پسنديون،

ته ڪڍي کي ڪانگان، نوالا نيڻ ڏيان.

        اکين کي ته روڪي نه سگھبو:

اکين کي آئون، جان ڪي جھلون پائيان،

لتاڙي لوڪ کي، ساجن سوٺائون،

مون کي مـُٺائون، پاڻ پرجھي آئون.

وري ڪھڙو حال ٿين:

اکين پنهنجي مت، پاڻھي پاڻ سان ڪئي،

اتي وڃي لڳيون، جتي جان کپت،

نه ڪو ڳالھه نه ڳت، جو جيءُ ڏني ري نه ملي.

        اکين کي شاھه صاحب مجازياڻيون سڏي ٿو:

ھي جي مجازياڻيون منهن ۾، ديک م تون سين تن،

ڪين سڃاتو سپرين، نهاري نيڻن،

پرين سي پسن، ٻئي جنهين پوٽيون.

        آخر ۾ ھي چار بيت، آسا جي مضمون کي ڪنهن حد تائين واضح ڪندا، شاھه صاحب فرمائي ٿو:

مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جئن پڃيو،

ھٿن ڇڏي حاج، ويئي سار سنڌن مان.

-

منهنجي جان جدا ڪئي، حقيقت ھڻي،

پساھه ھڪ پرينءَري، سگھان تان نه کڻي،

ڌڻي ۽ ڌڻي، رھيو آھيم روح ۾،

-

مـُئي ھاٿيءَ تي مامرو، اچي پيو انڌن،

مناڙين ھٿن سين، اکئين ڪين پسن،

في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻن،

سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.

-

محروم ئي مري ويا، ماھر ٿي نه مـُئا،

چڙيءَ جئن چھنج ڀري، لڏيائون لـُئا،

حـُباب ئي ھئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾.

        شاھه جو رسالو مھا ساگر آھي. ان ۾ مختلف سـُر ڇوليون ھني رھيا آھن. آسا به ھڪ ڀرپور ڇولي آھي.  محبت ۽ مجاز جي جذبن جي اپتار ھن سـُر جو خاص موضوع آھي. سنگيت جي لحاط کان ھي سـُر آساوريءَ جي خاندان ۽ ٺاٺ جو ٿي سگھي ٿو.ھن تي اڃان راڳ مالا جي مدنظر کوجنا نه ٿي آھي.

        جيئن عرض ڪيم ته رسالو مھا ساگر آھي، ان ۾ ڪي عواص ٽٻيون ھڻي معرفت جا موتي چونڊي سگھندو. ڪو نقاد، شارح ۽ محقق پنهنجي وت ۽ وس آھر سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري سگھي ٿو، پر آخري سھارو وري به خود رسالو آھي.

        ھوڏانهن سسئيءَ جو بيان جيڪو رسالي ۾ پنجن سـُرن تي مشتمل آھي، سو خود ھڪ مڪمل ڪتاب ۾ مس سمائجي. ڀارتي پنجاب ۾ سسئيءَ تي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو لکيو ويو آھي. مون ھن باب ۾ سسئيءَ ڏانهن فقط ڪي اشارا ڪيا آھن. قدري تفصيل سان ھڪ طويل مقالو لکيو اٿم. اھو منهنجي ايندڙ آتم ڪھاڻي مجاز ۾ ھڪ باب بعنوان پدمني ۾ ايندو. مطلب آھي ته ھندو شاسترن ۾ عورتن جا جيڪي چار قسم آھن. انهن ۾ سيرت ۽ صورت جي مدنظر سسئي پھريون نمبر آھي ۽ پدمڻيءَ جي پد تي فائز آھي. ان کان ھيٺ ٽي قسم چترني، ڪامڻي(سنکني) ۽ ھسٿني آھن. ھونئن به ھندو شاسترن کان قطع نظر رسالي ۾ سسئي اعليٰ ترين پد تي آھي. وري به رسالو ھن معاملي جو شاھد آھي.

حوالا

١. بلوچ، نبي بخش خان، شاھه جو رسالو(سربستو)، جلد ٨-٩، علامھ قاضي تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، ١٩٩٩ع، ص ٤(مقدمو)

٢. تقويم ھجري و عيسوي، از ابو نصر محمد خالد موجب ھجري سال ١١٠٢ جي پھرين محرم، ٢٥ سيپٽمبر ١٦٩٠ع آھي. فرض ڪجي ته جي شاھه لطيف جي ولادت پھرين محرم ١١٠٢ھه تي ٿي ھجي ته به عيسوي سال ١٦٩٠ع ٿيندو. جي ان کان پوءِ ته عيسوي سال مورڳو ١٦٩١ع بيھندو.

٣. بلوچ، مٿي حوالو ڏنل – ص ٤.

٤. ايضا- مٿي حوالو ڏنل- ص ٨

٥. منهنجا رسالي جي سـُرن جي موسيقيءَ بابت مقالا لطيف ڪانفرنس ۾ پيش ٿي ۽ پوءِ ڇپجي چڪا آھن. اھي سر سارنگ، بروي، سورٺ، رامڪلي ۽ راڻي بابت آھن.

٦. تنوير عباسي، شاھه لطيف جي شاعري، شاھه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي، ڪراچي، ١٩٧٦ع، ص ٤١.

٧. ڏسو قاضي ظھور الحق جو ڪتاب رھنماءِ موسيقي، ص ١٥٨.

باب ٻيون

صوفي شاهه عنايت شھيد(١٦٥٦-١٧١٨ع)

        سنڌ جو ھي ناميارو صوفي ۽ انسان دوست انقلابي دوريش، تعلقي ميرپور بٺوري جي نصريھ ڳوٺ ۾ ١٦٥٦ع ۾ ڄائو. سندس سوانح عمريءَ جا خاص ماخذ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جا ڪتاب تحفة الڪرام ۽ مقالات اشعراء آھن. تحفة الڪرام ۾ قانع شاهه عنايت جي آبا و اجداد جو ذڪر ڪيو آھي. انھن جو وڏو ملا صڌو لانگاه ھو، جيڪو ھڪ توڪلي درويش ھو. شاهه عنايت جو شجرو ھن ريت آھي: شاهه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله ولد ملا يوسف ولد ملا شھاب الدين ولد ملا آجب ولد ملا صڌو لانگاهه(١).

        شاهه عنايت جي سوچ انسانيت جي تمام قريب ۽ پرماريت کان تمام دور ھئي. ھن جي تعليم تربيت جو حتمي نتيجو اھو بيٺو جو ھو ظالم جي خلاف ٿيو، جيئن خطي جي غريب خلق خلاف ڏاڍن کي ڏٺائين تهڪمزور جو پاسو ورتائين ۽ ظالم سان مھاڏو اٽڪايائين.

        سندس حالات ۾ اھو لکيل اھي تهجوانيءَ جي دؤر ۾ حق ۽ علم جي طلب ۾ پنھنجو وطن ڇڏي پرديس ويو. سير سفر ڪندو حيدرآباد دکن ۾ ھڪ درويش شاهه عبدالملڪ سان ملاقي ٿيو. ظاھري علم شاهه غلام محمد کان حاصل ڪيائين. اھو شاهه عنايت سان گڏ شاهه جھان آباد کان سنڌ موٽيو. شاهه غلام محمد جي عقيدت ۽ شاهه عنايت ڏانھن خلق جي رجوعات نهٺٽي جا ظاھر پرست برداشت ڪري سگھيا ۽ نه مقامي ملا موراڻا، وڏيرا، گادي نشين ۽ حاڪم سھي سگھيا. لھــٰذا ھڪ سازش سٽي ويئي ۽ ان ۾ ٺٽي جي نواب مقامي ماڻھن مان ڪريمي درگاهه جو مسند نشين سيد عبدالواسع وڏيرو نور محمد پليجو ۽ حمل جت شامل ٿيا. ھڪ ڀيرو غريبان مار ٿي، پر بادشاھي درٻار مان غريبن کي زمين واپس ملي(٢). سازش گھري سٽيل ھئي، ان ڪري شاھي درٻار مان ”باعين“ جو بنياد پٽڻ جو حڪم اچي ويو. سازشين جو مڪو متو ۽ شاهه عنايت ۽ سندس مريدن جانٿارن تي خوني حملو شروع ٿيو(٣).

        مولائي شيدائي لکي ٿو تھ:”ھم اوست جي نعري سبب علما بهبرخلاف ٿي پيا(٤)“. صوفي کان ڍل طلب ٿي. ھنن چيو تهزمين بادشاهه جي طرفان مليل آھي، تنھن ڪري ڍل نهڏبي(٥). اڳوني گورنر مير لطف عليءَ کان پوءِ نواب اعظم خان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ڍل کان صوفين پوءِ بهجواب ڏنو. ھوڏانھن حاڪم جي ڇاڙتن اھو مشھور ڪيو تهشاهه عنايت ۽ صوفي فقير پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ گھرن ٿا. بادشاهه لآ٣ تهاھا گار ھئي. درٻار کان تهتنبيهه جو حڪم آيو، پر ھتي تهتياري مڪمل ھئي ۽ تنبيهه جي تياري ھيئن ٿي جو ميان يار محمد جي مدد سان مقامي ڇاڙتن صوفين تي لشڪر چاڙھيو. ھن حملي ۾ شاهه عنايت جا ڪافي مريد شھيد ٿيا. شاهه عنايت جي مريد مير جان الله شاهه رضوي مقابلي جي اجازت گھري، پر صوفي شاهه عنايت اجازت نهڏني. گھيرو اٽڪل ڇهه مھينا ھليو. ٺاهه جون ڪوششون ٿيون، شاهه عنايت کي گورنر جي درٻار ۾ گھرايو ويو. اھا بهھڪ سازش ھئي. ڳالھين مان جڏھن کڙ تيل نهنڪتو تهگورنر، شاهه عنايت کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. نواب ۽ ساهه عنايت جي وچ ۾ ٿيل گفتگو ۾ شاهه عنايت ھر سوال جو جواب فارسي شعر ۾ ڏنو آھي. (ڏسو: تذڪره لطفي جلد اول، ٽيون ڇاپو. ١٩٦٣ع، ص ص ٢٦١-٢٦٢ ۽ ٢٦٣). جڏھن ھي ارڏو ۽ اڏول انسان پنھنجي اصول تان نهھٽيو تهجلاد کي اشارو ڪيو ويو. شاهه عنايت شعر پڙھيو:

رھــا نـيـدي مـرا از شـر ھـستـي،

جـزاک الله فــي الـداريـن خـيـرا.

        صوفي شاهه عنايت جي شھادت جو واقعو ١١٣٠هه/ ١٧١٨ع ۾ ٿيو(٦). ان وقت شاهه عبداللطيف ڀتائي جي عمر ٢٨ سال ھئي. شاهه عبداللطيف جي ھمعصر شاعر طور بهسندس نالو آيو آھي. شاهه عنايت جو پنھنجي ھڪ مقالي ۾ شاهه عنايت رضوي، عنايت فقير(ڏيرو يا چوڍو) سان گڏ ٽئين جنھن عنايت جو شاهه جي رسالي ۾ آيل ڪلام جو ذڪر ڪيو آھي سو شاهه عنايت شھيد آھي(٧). چنهصاحب ڪن بيتن ڏانھن اشارا ڏنا آھن، جن ۾ عنايت تخلص وارا بيت شاهه شھيد جا ڄاڻي ٿو. ھڪ بيت ھي نروار ڪيو اٿس:

ھلڻ مون تي حق ٿيو، پھچڻ پنھونءَ وس،

آري عنايت چوي، لوڙي آءٌ لھنديس،

اتي نھارينديس، جيڏيون پنھنجي جت کي.(٨)

        ھوڏانھن پروفيسر بدويءَ ٽذڪري ۾ بهھڪ ئي بيت ڏنو آھي، جو ھي آھي:

اڌر نڌر اڀري، ڪوجھي ڪميڻي،

تنھن سان ٻار وچل ٻاجھون ڪيون، ھوت ڏسي ھيني،

اگھائي شاهه عنايت چوي، تنھن جي ٽڪر مان ٽيڻي،

جا ھيءَ واجي وھيڻي، تنھن کي محب مليو ماباڙ ۾(٩).

        ايئنسنڌي بيتن جو معاملو منجھيل آھي. ھڪڙو شعر ٻيو بهڪتابن ۾ آھي، جيڪو شاهه عنايت شھيد سانن منسوب آھي. اھو فارسيءَ ۾ آھي:

سر در قدم يار فدا شد چھ بجا شد،

اين بار گران بود ادا شد چھ بجا شد.

        شاهه جي رسالي ۾ سھڻيءَ ۾ ھن شعر جي پھرين ست ھڪ بيت ۾ تضمين ٿيل آھي.

گھڙي گھڙو ھٿ ڪري، ٻھون نھاري ٻنگ،

سر در قدم يار فداشد چھ بجا شد، وصل اھو ئي ونگ،

رات جنين جو رنگ، آران سي اڪارئين.

        رسالي جي ڇاپن ۾ ھن بيت جون پڙھڻيون مختلف آھن. ڊاڪٽر بلوچ ھن بيت کي پنھنجي تاليف”شاهه جو رسالو، ساهه جو ڪلام“ ۾ شاهه جو بيت ڪري آندو آھي. فارسي مصرع شامل نهڪئي اٿس.

        فارسي شعر ڪنھن جو بهھجي گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏھاڪي ۾ بزم طالب الموليٰ طرفان ھڪ طرح مصرع ھن شعر تي آڌاريل ملي ھئي. سڄو شعر ڪنھن شاعر ھيئن بھاريو ھو، جو ھن شعر جو ترجمو ھو:

سر يار جي قدمن تي فدا ٿيو تهبجا ٿيو،

ھي بار گران ھو، ادا ٿيو تهبجا ٿيو.

        بھرحال صوفي شاهه عنايت سنڌ جي ھڪ قداور شخصيت آھي. ھن جي زندگي٤ ۽ حالات توڙي شعر بابت وڌيڪ معلومات موجود نهآھي، جو سندس باري ۾ ڪي وڌيڪ تحقيقتون بيان ڪري سگھجن. جيستائين سنڌي شعر جو تعلق اھي، داڪٽر بلوچ رسالي ۾ ٻين ساعرن جي ڪلام جي سلسلي ۾ صوفي شاهه عنايت جي ڪنھن بيت ڏانھن پنھنجي تاليف”شاهه جو رسالو، رسالي جو ڪلام“ ۾ ڪو بهاشارو نهڪيو آھي.

جمن چارڻ (وفات ١١٥١هه/ ١٧٣٨ع)

        جمن چارڻ مدح جي ڪري مشھور آھي. جمن ولد محمد بخش چارڻ تعلقي گنبٽ ۾ ڳوٺ کھڙن جو ھو. ھو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وڏو ھمعصر ھو. ھو نابين ۽ بي اولاد ھو. ڌڻيءَ در دعا گھريائين تھ: ”سوني ٻانھينءَ سان نـُنھن ، پٽ جھوليءَ ۾ کير ولوڙيندي ڏسان.“ سندس ھي سوال مشھور ٿيو آھي. ھي سوال درگاهه ايزديءَ ۾ قبول بهپيو.

        جمن جا مقالا بهمشھور آھن. اھي آھن: پنج ئي بدنام، پنج ئي مئي مت، پنج ئي سھنج ۽ پنج ئي گھوچائي، سندس چيل گلن بابت نظم جو بهحوالو آيو آھي ۽ ميان نور محمد جي قلات جي حاڪم سان جنگ بابت بهنظم چيل اٿس. جمن چارڻ جي قبر پير ڪٽپر جي قبرستان ۾ ضلعي خيرپور ۾ آھي. چوڏھين رجب ١١٥١هه/ ١٧٣٨ع تي وفات ڪيائين. سندس مقبوليت مدح، مناجات يا ”پير پيران بادشاهه“ جي ڪري آھي. ھيءَ مدح ڪن بندن کي ڇڏي مخمس بند جي صورٽ ۾ علم عروض تي ٦١ بندن تي مشتمل آھي. تايخ جي لحاظ کان بهقديم آھي، چند بند ھي آھن:

نام خدا يا مصطفيٰ يا پير پيران بادشاهه،

تو ھئون مڱان صحت و شفا، صحت و شفا شرم و حيا،

تنھنجي مريدن سان وفا، تنھنجي مڱئي سڀ ڪنھن نفعا،

يا پير پيران بادشاهه.

-

روشن ٿيا چوڏھن طبق، ھفت زمين ھفت فلڪ

مخلص مريديءَ ٿيا ملڪ، ديو و پري خادم خلق

يا پير پيران بادشاهه

تون درگه خدا جو دفتري، راه خدا ڪر رھبري،

پٽ دين دنيا جي دري، واھر ڪيو و ھلو وري،

يا پير پيران بادشاهه

ڪل پير تي آ پڳ سندءِ، عالم سوالي جڳ سندءِ،

جمن مداحي سڳ سندءِ، پيزار جو پس لڳ سندءِ،

يا پير پيران بادشاهه

-

اتر ڏکڻ اولاه تي، تنھنجو طلب سج ماه تي

ڪو غور ڪر مان ڏاه تي، ڪلمو محمد شاه تي،

يا پير پيران بادشاهه(١٠).

سنڌي مدحيھ ڪلام ۾، جمن چارڻ جي ھ:٤ مناجات، مدح زماني جي لحاظ کان اوليت رکي ٿي. عروضي ڪلام جي مدنظر بهھن مدح جي اھميت آھي.

مخدوم عبدالروف ڀٽي ھالائي(١٦٨٢-١٧٥٢ع)

سنڌ ۾ وڏي م وڏو مولود گو شاعر مخدوم عبدالروف آھي جو درويش جي ھڪ خانوادي جو چشم و چراغ ھو. خانبھادر ميمڻ لکي ٿو تھ: ”ڀٽي بزرگ اصل دھليءَ جي راجا جادم جي پٽ ڀوپٽ جو اولاد آھن. راجا جادم وري سري رامچندر بن راجا دسرٿ جي نائين پيڙھيءَ ۾ ھو(١١)“. تحفة الڪرام تان ورتل ھن حوالي موجب خانبھادر لکي ٿو تھ: ”راجا جادم جي اٺين پيڙھي٤ ۾ ارجن بن وريھ نالي راجڪمار جيسلمير جو حاڪم ھو، جو مخدوم بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني عليه رحمت جي نظر فيض اثر سان مسلمان ٿيو ۽ ولايت جو درجو حاصل ٿيس(١٢)“. سندس نالو عبدالله رکيو وي ۽ غوث جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو. ھو پنھنجي فرند مخدوم اسماعيل سميت ھالن نون جي ڀران ماڙي محمد خان ڳوٺ م اچي رھيو(١٣).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org