سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد پهريون)

باب:

صفحو:14 

ھن خاندان ۾ اھل دل درويش ٿي گذريا آھن. جن م سمن جي حڪومت ۾ بزرگ مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق سان بيت بهمنسوب آھن: سر ڏيئي سٿ جوڙ ۽ سڏ سئي پرين جو (ڏسو موجوده ادبي تاريخ جو دؤر پھريون). مخدوم احمد سان عبدالروف جو سجرو مٿي ھن طرح ملي ٿو: مخدم عبدالروف بن مخدوم عمر بن مخدوم عبدالحميد اول بن مخدوم فتح الله بن مخدوم اھمد(١٤). مخدوم عبدالروف ١٦٨٢ع ۾ ھالن ۾ ڄائو.

مخدوم ابراھيم جنھن جي سنڌي مشھوري آھي، سو مخدوم عبدالروف جو ڀاءُ ھو. ھن خاندان ۾ ايندڙ صدين ۾ عالم پيدا ٿيا. وقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلھوڙي وت مخدوم عبدالروف ڀٽيءَ جي گھڻي قدر و منزلت ھئي. مخدوم عبدالروف جو شعر مولودن ۽ مداحن جي صورت ۾ آھي. کيس مقبوليت خاص طور مولودن سبب ملي. اڪثر پنھنجو تخلص ”عاصي عبدالروف چئي“ آندو اٿس. سندس ڪلام علم عروض توڙي ڪافين جي انداز ۾ آھي.

مخدوم عبدالروف ھڪ سچي عاشق رسول وانگر مديني ۾ مرڻ ۽ ديار حبيب ۾ دفن ٿيڻ جي تمنا ڪئي جا پوري ٿيس. ٻئي حج ڪرڻ جي موقعي تي مدينهمنوره ۾ ١٧٥٢ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ڪو اولاد ڪونهي.

سندس ڀائرن جو اولاد اڃا موجود آھي(١٥).

انھن مان منھنجو استاد مخدوم محمد صالح ڀٽي بهھڪ عالم ۽ اديب ھو.

مخدوم عبدالروف جو ڪلام عشق رسول | جي جذبن جو آئينو آھي. ڪلام ۾ جذبات جي شڊٽ“ ُٰٽ ۽ سڪ جو بيان نمايان حيثيت رکي ٿو. مخدوم صاحب جي ملودن ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنھنجي تاليف ملود ۾ ٧٧ مولود درج ڪيا آھن. نمونو ھي آھي:

جيڏيون جانب گھوٽ موچارو آيو،

پرڻي رات رسول جي ملڪن مشڪ ورھايو،

گھورون گھوٽ رسول تان ماڻڪن مينھن وسايو،

چارئي يار رسول جا، پنج تن پاڪ پسايو،

عاصي عبدالروف جون، پرور سڀ پڄايو.

-

گھوٽ گھمي گھر آيو، ريت چڱيءَ سان رانيو،

سينگار سچي سيد کي، پاڻ ڌڻيءَ پھرايو،

آيو گھوڙو گھوٽ لاءِ چاڙھي گھمايو،

سـُرھي سيج رسول جي، موتين ساڻ مڙھايو،

پرڻي رات رسول جي، مـَلڪن مشڪ ورھايو.

عاصي عبدالروف چئي، ڪلمو پاڪ پڙھايو.

-

مٺا مرسل اجھا انور!ڪريو اڄ داد مون دلبر!

فڪان قاب قوسين او ادنيٰ، چيو پاڻ ڌڻي پرور،

رب راضي ٿيو رسول تي، ڏينھن جو ڏاتر،

امت ڇڏائي آيو، پنھنجي، پاڪ پيارو پيغمبر،

شفاعت شفيع ڄام تي، مولويٰ ڪئي مقرر.

فرزند بيبيءَ فاطمھ، شبير ۽ شبر،

ملندا مون مشتاق کي، غم لاھين گوندر،

عاصي عبدلاروف چئي، ڪلمي جي آڌر.

-

پانڌي پرين پار جا، پڙھندي ويڙاسين صلوات،

ملڪ مديني مير جي، مٺي آ ميوات،

پڙھندا ويڙا سي صلوات

پڙھو لبيڪ ھل تهھلون مومن ويڙاسي عرفات،

پڙھندا ويڙھا سي صلوات،

خاوند خير ڏيارئين، خالق مون خيرات،

پڙھندا ويڙا سي صلوات،

عاصي عبدالروف چئي، وائي ڪلمي وات،

پرھندا ويڙا سي صلوات.

-

منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري،

ھلي ھالا مٽيان مسڻ(ميسا)، انڙپور کي ڇڏيان اوري،

مٽيارين جي ڪعبي(محابي) کان، گھليون مانجھند ڇڏيان گھوري،

ڪوٽ ڪوٽڙي کھا کوکر، سونڊا سيريون ڇڏيان سوري،

ننگر بندر ۽ باگاڻا، ڪراچ:٤ کان وڃان ڪوري،

مسقط مطر ۽ مربالون، ڪو مڪلان مٽيان موري،

حدود مان ھلان ھل سان، جدي م جا٣ وھاڻ جوڙي،

ھلان جدي منجھان مڪي، ڪريان طواف ڪعبي جو،

پيان پاڻي سندو زمزم، ڇڏيان احرام ات ڇوڙي،

مديني جي خاڪ سڀ سرمون، وجھان اکين ڀتر ڀوري،

عبدالروف چئي سر ڪريان صدقو رکان ڪرسيءَ اڳيان ڪوري.

        ھي آخري مولود بحر ھزج مثمن سالم موجب موزون ٿيل آھي. مولودن جي زبان ۽ ٻيان ۾ رواني ۽ سلاست اھي. مخدوم صاحب جي ھڪ مدح مان اقتباس ھي آھي:

ھو عاشق فرزند اوتي بيحد بسيارا،

مولو مشتاق نبيءَ تي، نبي فرزند مئا،

عاشق اصحاب ٿيا، سڀ مائل مشتاقا،

تنھن جي حلم حيا جو، ھئو مٿو نهمورا،

جنھن گڏيو  تنھن جھڙو، سياڻو سڀنٿا،

ماکيئون مٺو گھڻو، سونھارو سھجا،

ڪامل ڪماليت ۾، ھئا اڪمل اصلا.

ڪريان قصي جي ڳالھڙي ڪڍي ڪتابا،

جڏھن ٿيو امر الله جو، ملڪ الموت ڪنا،

وڃي چئو تون رسول کي، سھسين سلاما،

تهآڻائيو حضرت ابراھيم کي، مولي مـولڪ خدا،

تڏھن حڪم ٿيو جبريل کي، وڃ ڏانھن رسولا،

اختيار ڪيائين تنھن جي، ڳالھين بن رضا،

پـُٽ پيارو تون ڪرين، يا پياري امتا،- الخ.

مخدوم عبدالروف ڀٽي جا مولود ۽ مداحون سنڌي شاعر:ءَ ۾ انھيءَ لحاظ کان بهاھم آھن تهھـُو ھڪ عالم ساعر ھو. سندس ڪلام بلاغت ۽ فصاحت جو اعليق نمونو آھي. پاڻ کان پوءِ جي شاعرن جي ڪلام تي گھڻو اثر ڇڏيائين(١٦).

سلطان اولاوليا خواجھ محمد زمان ۽ خاندان (١٧١٣-١٧٧٤ع)

        خواجھ محمد زمان جو پھريون سوانح نگار سندس ھمعصر سنڌ جو ادب ۽ تاريخ نويس مير علي شير قانع اھي، جنھن پنھنجي شھر آفاق تصنيف تحفة الڪرام ۾ خواجھ صاحب جي زندگيءَ جي دؤر ۾ ھيئن لکيو. ”ميان محمد زمان، اڄ ڪلهه جو مرشد ۽ ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽوي جي مريدن مان آھي. ڏاڍو ھدايت وارو نقشبندي سلسلي جو مريدن جي مرجع ۽ وڏين ڪرامت جو صاحب آھي. ھن وقت بدين جي ويجھو لواريءَ جي ڳوٺ ۾رھي ٿو. ھڪ دنيا کي فيض جي درياهه مان سيراب ڪري رھيو آھي. گھڻن ماڻھن جو اعتقاد آھي تهھن وقت سندس وجود بينظير آھي. ڪنھن بهپئدائش نهھوندي بهوٽس عام مھمان خانو ھلي ٿو. عجب ھي آھي تهھڪ ٽولو حقيقت کي سمجھڻ کان سواءِ رڳو طاھر تي مٿس طعنهزنيءَ ۾ مشغول آھي. ھنن ڏينھن م الاھي قضا کي پھتو آھي. يعني سنه١١٨٨هه جي پڇاڙيءَ ۾ گذاري ويو آھي(١٧).“

        تحفة الڪرام جو ھي(ٽيون) جلد مير علي شير قانع ١١٨٠هه کان ١١٨١هه تائين لکيو. پر ان ۾ ١١٨٨هه تائين اضافا ڪندو رھيو. اھڙو اظھار پير حسام الدين تحفة الڪرام جي سنڌي ترجمي ۾ مير علي سير جي سوانح ۾ڪيو آھي(١٨).ڳ ان سان گڏ اھو ڏسبو تهمير علي سير، خواجھ محمد زمان جو ھم عصر ھو ۽ کائنس ١٥ سال ننڍو ھو.

        سلطان اولاوليا خواجھ محمد زمان ڪلان ۽ سندس وڏن جو بيان ١٨ صدي عيسويءَ جي ڪن ٻين ڪتابن ۾ اچڻ سان گڏ ٢٠ صدي عيسويءَ ۾ ڇپيل ڪن ڪتابن ۾ بهآيو. انھن ۾ بدويءَ جو تذڪره لطفي(جلد اول) اعجاز الحق قدوسيءَ جو تزڪره صوفياءِ سنڌ(اردو)، مولانا دين محمد وفاقيءَ جو تذڪره مشاھير سنڌ(ٽيون جلد) وغيره اچي وڃن ٿا. لنواري شريف جي بزرگن ۽ خليفن جا ڪتاب ان کان سواءِ آھن، جيڪي ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻي جي ڪتاب”لنواريءَ جا لال“ جا ماخذ آھن، ھاڻي لنواريءَ جي پنجن گادي نشين بزرگ ۽ عالم خواجھ محمد سعيد جو فارسي ڪتاب صقال الضمائر ترجمي جي صورت ۾ ڇپيو آھي، جنھن ۾ سندس والد ۽ چوٿين سجاده نشين حضرت شاهه مدني محمد حسن جي زندگيءَ جو احوال آھي.

        سلطان اولاوليا خواجھ محمد زمان جو والد حضرت حاجي شيخ عبداللطيف ھو. ھي بزرگ پراڻي لنواريءَ ۾ رھندو ھو. کيس ڪن عارفن ھڪ باڪمال فرزند جي بشارت ڏني(١٩).

لنواريءَ جي ھن لال خواجھ زمان جي ولادت لنواري شريف ۾ ٢١ رمضان ١١٢٥هه (١٧١٣ع) تي ٿي. جڏھن مدرسي ۾ وڃڻ جي عمر جو ٿيو تهڪن مخلصن جي صلاح سان کيس ٺٽي حصول علم لاءِ موڪليو ويو. مولوي محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو تھ: ”انھيءَ زماني ۾ ٺٽي ۾ خواجھ محمد ابوالمساڪين ولد خواجھ محمد اشرف جي تصوف ۽ فيض جو بهشھر ۾ شھرو ٿيل ھو. ھڪ دفعي خواجھ محمد  زمان جي خواجھ ابوالمساڪين سان راه ويندي چار چشمي ٿي وئي، جتي ھن نوجوان جي طبعي استعداد کي تاڙي ورتائون ۽ کيس خانقاه تي وٺي آيا. ان کان پوءِ بهڪيترا دفعا خواجھ محمد زمان کي خانقاه ۾ گھرائيندا ھئا ۽ طريقت ۾ داخل ٿيڻ جو ڏس ڏيندا رھيا. آخر جڏھن پويان درسي ڪتاب جئن تلويح توضيح پڙھي پورا ڪيائون تڏھن نقشبندي طريقي ۾ خواجھ محمد ابوالمساڪين جي صحبت ۾ داخل ٿيا(٢٠).“

        خواجھ ابوالمساڪين کان فيض حاصل ڪرن ۽ مريد ڪرڻ جي بهخواجھ محمد زمان کي اجازت ملي ۽ ان کان پوءِ کين پنھنجي ڳوٺ لنواري شريف وڃڻ جو حڪم مليو ۽ ٢٥ سالن جي عمر ۾ ١١٥٠هه ۾ وطن وريا ۽ خلق جي خواجھ محمد زمان ڏانھن رجوعات ٿي. ان سبب مخالفت بهپيدا ٿي. جنھن جو مير علي شير قانع، تحفة الڪرام ۾ اشارو ڏنو آھي. لڳي ٿو اھا مخالفت اڃا تائين جاري آھي ۽ ڪيسن، قيدن ۽ خونن تائين پھتي آھي. ١٩٤٦ع کان اھا آءٌ بهڏسندو اچان. ويھين صدي عيسويءَ جي آخري ٻن ڏھاڪن م صورت حال گاديءَ جي اختلاف سبب خراب ٿي. ستين سجاده نشين پير گل حسن صاحب جي وفات کان پوءِ خونريزي ٿي ۽ ڪي فرد جيلن م بهمري ويا. ٢٠٠٣ع ۾ بدين شھر م خون ٿيو. خير ھي سياسي، مذھبي ۽ ذاتي معاملا ھئا. انھن جو ادب تي اثر تهپئجي سگھي ٿو، پر لنواري شريف جي علمي خونوادي جا ھي فرد آڳاٽا آھن ۽ خواجھ محمد زمان کان خواجھ مھمد سعيد جي علمي ادبي تخليقات جو جائزو ھت مقصود آھي.

        خواجھ صاحب جو والد بهسھروردي طريقي مان نقشبندي طريقي م ايل ھو. والده مولانا عبدالسلام جوڻ واري جي دختر نيڪ اختر ھئي، مولانا عبدالسلام لاءِ مرغوب الاحباب ۾ آيو اھي تهھو ھڪ درويش ۽ ابدال ھو. فجر جي نماز ڀـُڄ (ڪڇ) ۾ پڙھندو ھو، پوءِ مانجھاندو لنواري٤ ۾ ڪندو ھو، ظھر بديڻ(بدين) ۾ پڙھندو ھو ۽ عصر جوڻ ۾ پڙھندو ھو، جتي سندس گھر ھو. مغرب لنواري شريف ۾ تهعشاء جي نماز واپس وڃي ڀڄ ۾ ادا ڪندو ھو(٢١). خواجھ محمد زمان عبادت، رياضت ۽ خلق کي تزڪيھ نفس جي تلقين م وقت گذاريندو ھو. خواجھ خواجھ صاحب جو ڪلا۾(٨٤ بيت) ۽ مفلوظات موجود آھن. ملفوظات لنواري شريف جي ڪن بزرگن، خليفن ۽ مريدن جون جمع ڪيل آھن. جن ۾ فردوس العارفين ۽ مرغوب الاحباب اھم آھن. ملفوظات ۾ مختلف واقعن، ڪرامتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالھين جو ذڪر آھي. ميان غلام شاهه جي درٻار جو بهڏانھن گھڻو صدق ھو، جاگير ڏني وئي، پر قبول نهڪيائين.

        سلطان الاوليا خواجھ محمد زمان قدس سره جا ٨٤ سنڌي بيت سندن بصيرت جو اعليٰ مثال آھن. سندن مريد خاص خليفي فقير عبدالرحيم گرھوڙيءَ انھن جي عربي زبان ۾ شرح لکي ان جو اختصار سان سنڌي ترجمو، بيتن سميت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪي ٧ ١٩٣٩ع ۾ ڇپيو، اردو ترجمو محمد آدم اسحاقانيءَ ڪيو جيڪو ١٩٨٥ع ۾ ڇپيو. تفصيلي عربي شرھ اڇان بهاڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آھي. خواجھ محمد زمان ١١٨٨هه/ ١٧٧٤ع ۾ وفات ڪئي.

        خواجھ صاحب جا سنڌي بيت، سنڌي شاعريءَ جو بي بھا خزانو آھن. انھن بيتن ۾ عشق الاھي جي اپٽار ڪيل اھي. سنڌيءَ ۾ ھنن بيتن جي سمجھاڻي روحاني ۽ معنوي توڙي لفظي انداز ۾ ڏيڻ جي گرھوڙي صاحب سھڻي ڪوشش ڪئي آھي. ھي بيت نھايت ڳوڙي معنيٰ رکڻ وارا آھن. انھن کي سمجھڻ جي ڪاوش ٿيندي آئي آھي. پر ادب جو شاگرد انھن کي ايترو آسانيءَ سان سمجھي سگھندو؟ اھو مسئلو قائم رھندو. ٻين سنڌي رسالن جي مقابلي ۾ ھي ڪلام دقيق آھي. ان ۾ سمايل ڳالهه کي سمجھڻ ھونئن ايترو آسان ڪونھي. پر لفظ ھڪڙي معنيٰ ظاھر ڪري وجھن ٿا. خواجھ محمد زمان ڪو عام شاعر نهآھي. ھو ھڪ درويش ۽ عالم شاعر اھي. ھڪ ھڪ ڳالهه ھڪ ھڪ لفظ پوري سوچ سان آندو اٿس. عارف ۽ عشاق ڪير آھن؟ ھي اھي سچا سالڪ آھن، جيڪي محبوب حقيقي جي ديدار لاءِ آتا آھن، جيڪا ڳالهه شاهه لطيف ھيئن چئي تهاڀا ائين چون تهپرين ڪجو پنھنجو- تنھن کي خواجھ محمد زمان ھن انداز سان واضح ڪيو:

عارف ۽ عـُشاق، پسڻ گھرن پرينءَ جو،

جنت جا مشتاق، اڃان اوراھان ٿيا،

گرھوڙيءَ جي لکيل عربي شرح کي ڊاڪٽر دائود پوٽي تفصيل کي ڇڏي مختصر ھيئن ڪيو آھي تهالله جي عبادت کان پوءِ دعا گھرڻ واري جي دل ۾ ڪيئي مطلب آھن. جھڙوڪ: بھشت گھرڻ وغيره، پر محبوب حقيقي کي پسڻ جي خواھش ڪرڻ مقصود ھجڻ کپي(٢٢).

        گرھوڙي صاحب جي ڳوڙھي عربي شرح لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو: ”بزرگ تمام ڳورھو ويو آھي. بعض تهخاص اصطلاحن ڪري سندس عبارت اھڙي پيچيدي ۽ ڏکي آھي، جو ان کي غريب سنڌيءَ ۾ آڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي(٢٣).“

        عربي شرح ان ڪري بهڳوڙھي آھي جو ڪلام م خاص نـُڪتن جي وضاحت سبب ڳوڙھو ۽ ديق آھي ۽ عامي نوعيت جو آھي. آھن ٨٤ بيت پر ڄڻ ھڪ مڪمل رسالو اھي. جو معنويت جي موتين سان مزين آھي. بنيادي فلسفو خواجھ محمد زمان جي ڪلام ۾ عشق الاھي جي اپٽار آھي. پاڻ وسارڻ ۽ دنيا جا پدارٿ ڇڏڻ جي تلقين آھي. ھيٺيان ٻھ بيت انھيءَ ڳالهه جي سمجھاڻي ڏين ٿا:

جڳ تنين جي جاءِ، جنين ڇڏيو جڳ کي،

سڀي تو سھدا، جي تو سھد نهتن سين،

-

جاھل جـَنـُڪ سکن جو، عارف سور سـُھاءِ،

سورن سندي ساءِ، راحت رسي روح کي.

        ۽ جن سڄڻ کي ڏٺو تن کي غير کي ڏسڻ گناهه آھي. خواجھ صاحب فرمائي ٿو:

سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناه،

جنين لڌي راه، وھڻ تنين وه ٿيو.

        حقيقي محبوب جو ديدار ۽ ان جي حاصلات سولي نهآھي. ان لاءِ ٻئي جھان گھورڻا پوندا، پر جي ان جي صحبت جو ھڪ پل، ھڪ لمحو حاصل ٿئي. ڪھڙي نهفصيح زبان ۽ اثرائتو توڙي چـِٽو خيال ظاھر ڪيل آھي:

گھوريان ھي جھان، ھـُو پڻ گھوري ڇڏيان،

پلڪ پريان سان، جي مون سري جيڏيون.

اھا روحاني رمز آھي. ڪا ظاھري ڳالهه نهآھي. ھن سلسلي ۾ روح ۽ جسم جي باھمي ڀيٽ ڪندي خواجھ صاحب ٻگھن جو مثال ڏي ٿو، جيڪي مڇيءَ جي طلب ڪن ٿا. پارس نٿا پسن. فرمائي ٿو:

سڪ روحاني سامئين، جسمي جاھلن،

ٻگھن مڇي من، پارس پسن ڪينڪي.

سالڪ جي زندگي ڪيئن آھي جو ھـُن جي رڳ رڳ حالي ميثاق يا نفسي وجود ۾ حقيقي محبوب جي وجود جو اقرار ڪري. ان اقرار لاءِ خواجھ صاحب فرمائي ٿو:

پل پل پوءِ پچار، مـُلڪ ۾ ميثاق جي،

ڪـَک پن ڪن قرار، اسين بانھا تون ڌڻي.

        احو پاڻ سڃاڻن سان ٿي سگھي ٿو. پاڻ ڏٺو پرين ڏٺو: مـَن عـَرف نـففسه ُ فقد عرف ربـُه- بزرگ فرمائي ٿو:

جنين ڏٺو پان، تنين ڏٺو سپرين،

غلط اي گمان، تهعارف پسي آرسي.

        شرڄ جيءَ آجي تج خدائي ذات جي حقيقت کي خدا کان سواءِ ٻيو ڪو بهڏسي نٿو سگھي. گھڻي ۾ گھڻو سڀ ڪو واصل پنھنجي باطن يا معنيٰ يا حقيقي کي ڏسي سگھي ٿو. ذات جو دروازو بند آھي. تنھن جي ڪري عارفن چيو آھي تهتون پنھنجي سج مٿان ڪڪري آھين، سو پنھنجي حقيقت سڃاڻ(٢٤).

        تصوف شاعريءَ جو تاڃي پيٽو آھي. اھو صوفي بزرگن جي ڪلام ۾ ظاھر آھي. تصوف موجب انسان خدا جي وجود جو مظھر آھي. ھن ڪائنات جي ڪل موجودات کي پنھنجو وجود نهآھي. پرتوو آھي، حق حقيقي ۽ حسن الله جو اڪثر تصوف جون غلط معنائون بهڪيون ويون آھن. شريعت ۽ طريقت جو ٽڪراءُ بهڏيکاريو ويو آھي. خواجھ محمد زمان جي ڪلام ۾ پنھنجو وجود وساري ھق ۾ گم ٿيڻ جا مثال موجود آھن. احو ڪو شريعت جو انڪار نهآھي. خود تلقين ڪري تهوجود ھڪ حجاب آھي، جنھن کي الاھي باه ساڙي ٿي. تنھن ڪري ھن کي دنيا ۾ ان کي نماز سان ساڙي ڇڏ. جيڪي الله کان سواءِ پوڄجي ٿو، سو دوزخ جو ٻارڻ آھي:

ھئڻ تو حجاب، لاه تهلھين سپرين،

الصواة من الصلا، کامي ٿي خواب،

جسمي دوزخ داب، کل کانئي داخلي.

پاڻ وڃائڻ خود کي وسارڻ لاءِ صاف لفظن ۾ چوي ٿو:

سسئي پنھون ساڻ، لنگهه تهلوڏئا ابھين،

صاحب تنين ساڻ، جنين پاڻ وڃائيو.

        عارفن ۽ عاشقن کي پرين جو پسڻ ضروري آھي، جدائي ھنن جي سھڻ کان ٻاھر آھي. اھو نور ئي عارفن کي نظر ۾ سمايل ھجي نهتهمسجد ۽ مندر ۾ ڪھڙي طلب ڪندا.

پسڻ ڌاران پرينءَ جي، تفرقو طــُورون،

نظر ۾ نورون، مھت مڙھي سڀ ھيڪڙي،

        خواجھ صاحب جي ملفوظات ۾ بهحضور اڪرم | جي حيثيت تي اھل دل ۽ ظاھر پرستن ۾ اتفاق نهآھي. انھن حقيقت محمديءَ جو جيڪو بحٿ ڇيڙيو. ان کي خواجھ صاحب ھڪ بيت ۾ ئي سمجھايو:

عجب جھڙي آه، حقيقت حبيب جي،

نڪي چئبو سو ڌڻي، نڪي مخلوقا،

شفق جي سڃاه، جامع ليل و نھار کي.

        گرھوڙي صاحب ھن بيت جي شرح پنھنجي”سنڌي“ ۾ تفصيل ساڻ بيان ڪئي آھي. مطلب تهخواجھ محمد زمان جو ڪلام حڪمت ۽ ايمان افروز نڪتن جو مجموعو آھي. جنھن کي سمجھڻ لاءِ گھڻي ڌيان جي ضرورت آھي.

        شاهه عبداللطيف سندن شھرو ٻڌي کين ملڻ آيو. ساهه صاحب کانئن اٽڪل ٢٣ سال وڏو ھو. کيس حضرت سلطان اولاوليا خواجھ محمد زمان جي روحاني درجي جي خبر ھئي، تڏھن ڪھي لنواريءَ آيو، ان ملاقات جو احوال درگاه لنواريءَ جي ڪتابن ۾ درج ٿيو، جتان پوين محققن ورتو. اھو ھن ريت آھي تهھڪ ڀيري شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب، خواجھ صاحب جي روح رھاڻ لاءِ لنواريءَ شريف آيو، جڏھن حجري جي دروازي تي پھتو تهخادم کي اندر روانو ڪيائين تهاندر اچڻ جي اجازت وٺي اچي. خادم کي خواجھ صاحب جواب ڏنو تهڪا ساعت ترستو تهاسين اوھان جي استقبال لاءِ اچون ٿا. شاهه صاحب پڇيو تهڪھڙو مشعوليءَ ۾ ھئا ۽ خادم جواب ڏنو تهماٺ ۾ ويٺا ھئا. شاهه صاحب فرمايو تهمشغوليءَ مان ڪڏھن فارغ ٿيندا جو اسان ڏانھن توجهه ڪندا؟ ھل تهاندر ھلون. شاهه صاحب اندر اچي ھي بيت چيو:

سامي سفر ھليا، ڪو پروڙي پنڌ،

جن ھيٺان ھان ڪنڌ، آءٌ نهجيندي ان ري،

خواجھ صاحب جن جواب ڏنو:

ڪين آھين ڪين ٿيندين، وڃي ڪين ڪھاءِ،

لاڳاپا لوڪ جا، ”لا“ سين سڀ لھراءِ،

سامي پو سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

شاهه صاحب چيو:

قلم وھي ويو ڪانهه، سر ڪنھن سھاڳ لئھ،

انگ اڳيئي لکيو، ات نهپھچي ٻانهه،

ڪنھن کي ڏيان دانھن، تهپرين مون سين ھيئن ڪيو.

        خواجھ صاحب فرمايو:

ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنين ھٿ ۾،

ميٽئو اکر اڳيون، واري ٻيو لکن،

پنو سوپاڙھن، جنھن مان پسين پرينءَ کي.

        بيتن جي ان رھاڻ کان پوءِ فنا ۽ ٻين مسئلن بابت گفتگو ٿي، شاهه صاحب مريد ٿيڻ لاءِ چيو. جواب مليو راڳ اسان جي طريقت ۾ سواءِ ڪن موقعن جي حرام آھي. اھو تهترڪ ڪرڻ شاهه صاحب لاءِ مشڪل ھو. کيس چادر ڍڪيائون. شاهه صاحب ان چادر جي ڪفن جي وصيت ڪئي، جا پوري ٿي. دفن بعد اھا قبر تي پڙ جي صورت ۾ چاڙھي ويئي. روايت اھي تهخواجھ صاحب شاهه صاحب جي تعريف ڪئي ۽ مريدن کي چيائون تهاوھان وانگر صاحب دل آھي.

        شاهه صاحب، خواجھ صاحب لاءِ ھميشه ھي بيت چوندو ھو:

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

انين سندي ڪا، ڪري نهسگھان ڳالھڙي.(٢٥)

        ٻنھي عارفن جي روح رھاڻ ٿيڻ ۽ ايترو چون کان پوءِ خواجھ صاحب، فنا جي اپٽار ڪندي ھڪڙو بيت چيو:

جئن چتونءَ کي خزران، تئن مون پاڙون سپرين،

ھن وڃائي جان، مون نشاني نهلڀي.

خوانقاه لنواريءَ جا بيا عالم ۽ عارف

        محبوب الصمد خواجھ گل مھمد حضرت سلطان اولاوليا خواجھ محمد زمان جو فرزند ھو. سندس ولاد ربيع اولاول ١١٧٧هه/ ١٧٦٣ع ۾ ٿي. طاھري تعليم ڏانھن لاڙو ڪو نهھوس. ھڪ مست فقير کان قرآن شريف پڙھيو. آُن کان پوءِ مولانا شرف الدين شھدادپوريءَ کان ڪجهه علمي ڪتاب عربيءَ ۾ پڙھيائين. خواجب گل محمد اڃان يارھن سالن جو مس ھو تهسندن والد صاحب گذاري ويو. اڪثر مريد ڪو ڌيان نهڏيڻ لڳا، پر فقير عبدالرحيم گرھوڙي ھمت ڪري کين گاديءَ تي وھاريو. خواجھ گل محمد علوم جا بحر ھئا، ان جو ذڪر ڪيترن مريدن، خليفن ۽ ٻين ماڻھن ڪيو آھي. نھايت محبت ۽ شفقت سان پيش ايندا ھئا. ادب و آداب ۾ سندن جواب ڪو نهھو. پاڻ قلندر صفت انسان ھئا، خود فرمايائون تهدنيا فقط ارڙھن سالن جي عمر تائين وڻندي ھئي. ٽيھن سالن ۾ پھچندي ٻئي جھان ھڪ جھڙا نظر اچڻ لڳا.

        محبوب الصمد خواجھ گل محمد، عشاء جي نماز کان ٿورو اڳ ٢٧ ربيع اولاول ١٢١٨هه/ ١٩٠٣ع ۾ چاليھن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.

        سندن تصنيفات جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ موجود آھي(٢٦).

غوث عالم خواجھ محمد زمان ثاني

ھي بزرگ خواجھ گل محمد جو فرزند ھو. سندس ولادت رمضان شريف ۾ ١١٩٩هه/ ١٧٨٤ع ۾ ٿي. پاڻ ڄمندي ڄام ھئا. سندن والد صاحب جي خليفي حڪيم سيد نور علي لکويءَ چيو تهکانئن پڇيو ويو تهڪن ولين کان نقل آھي تهھو اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويندا آھن ۽ ٻئي ھنڌ وڃي طھر ڪندا آھن. اھو ڇا آھي؟ جواب ڏنائون تهاھي ڪلمھ ”لا“ جي نفي ڪندي غائب ٿي ٻئي ھنڌان جو اثبات ڪندا آھن.

خواجھ محمد زمان ثاني جي سجاده نشينيءَ کي اڃا ھڪ سال مس گذريو ھو تهسجاع الملڪ حملو ڪيو. پاڻ صلاح ملڻ تي ٻاھر نڪري ويا. لشڪر ملڪ لٽيو ۽ سلطان اولاولياءَ جو مقبرو بهان لــُٽ کان محفوظ نهرھيو. وري ميرن لنواري شريف جي ڪوٽ کي ڪيرايو. پاڻ بد دل نهٿيا. سندس علمي تبحر جا ڪيترا مثال ڪتابن ۾ آيا آھن. پاڻ ٻھ حج ڪيائون. سندن وفات ١٢٤٧هه/ ١٨٣١ع ۾ ٿي(٢٧).

شاهه مدني خواجھ محمد حسن

ھي بزرگ خواجھ غوث عالم محمد زمان ثانيءَ جا فرزند ارجمند ۽ ڪامل ولي ھئا. سندن ولادت ٥ محرم ١٢٣٥هه/ ١٨١٩ع تي لنواري شريف ۾ ٿي. ظاھري علوم تي گھٽ ڌيان ڏنائون، پر والد شريف ۽ ٻين بزرگن جي علمي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيا. حضرت رسول ڪريم | جي محبت ۽ عقيدت ۾ سندن حڪم تي سندن فرزند خواجھ محمد سعيد نعتون منظوم ڪندو ھو. خواجھ محمد حسن ڪيترائي حج ڪيا. جن جو بيان، سوانح ۽ ذڪر ڪيل نعتن سميت خواجھ محمد سعيد جي ڪتاب”صقال الضمائر“ ۾ موجود آھي. ديار حبيب جي محبت ڪري پاڻ ھميشه اتي ابدي آرام جي تنمنا ڪندا ھئا. آخري حج وقت سندن اھا تمنا پوري ٿي ۽ جانجان آفرين جي سپرد ڪيائون. ٧ صفر ١٢٩٨هه/ ١٨٨٠ع تي وفات ڪيائون ۽ نقشبندي بزرگ خواجھ محمد پارسا جي پھلوءَ ۾ جنت البقيع ۾ آرامي ٿيا. سندن وفات جو تاريخون خواجھ محمد سعيد منظوم ڪيون آھن(٢٨).

مھاجر مڪي خواجھ محمد سعيد

ھي بزرگ، حضرت شاهه مدني خواجھ محمد حسن جو فرزند ھو. سندس ولادت ٤ محرم ١٢٦٤هه/ ١٨٤٧ع تي لنواري شريف ۾ ٿي. پاڻ نھايت ذھين، خوس خلق ۽ بيحد حليم طبع جو ھو. سندس والد ھڪ جديد عالم سيد علي شاهه بخاريءَ کي سندن اتاليق مقرر ڪيو. سندن ذھانت ۽ فھم فراست بلند معيار جي ھئي. سرھند شريف ۽ ٻين علائقن جا عالم فاصل لنواري شريف اچي ھن بزرگ جي علم جي ڪماليت کان متاثر ٿيندا ھئا. قرآن، حديث ۽ تصوف جي رموز ۽ نڪات تي علمي بحث ٿيندا ھئا ۽ ابن العربي جي تصنيفات جو مطالعو مجسلد ۾ ٿيندو ھو. ھن مجلس جي انتظام ۽ ترتيب لاءِ مٽياريءَ جو عالم قاضي آخوند عزيز الله مقرر ھو. آخوند صاحب قرآن شريف جو سنڌي نثر ۾ ترجمو بهڪيو ھو. خواجھ محمد سعيد جي علم دوستي، عالمانهدرجي ۽ بزرگيءَ جون ڪيتريون روايتون بيان ٿيل آھن. پاڻ نھايت عبادت گذار ۽ شب خيز ھئا. ان سان گڏ علمي ڪم ۽ تصنيف تاليف ۾ بهمصروف رھندا ھئا. خواجھ محمد سعيد ڪل ڇهه حج ڪيا. انھن مان ٽي والد محترم شاهه مدني خواجھ حسن سان گڏ ٧ ٽي انھن جي وفات کان پوءِ ڪيائون. آخري حج ١٣٢٣هه/١٩٠٤ع ۾ ڪيائون. مدينهمنوره وفات ڪيائون. سندس فارسي نثر ۾ نظم تصانيف موجود آھن.

لنواريءَ جا عالم فاضل خليفا

ھونئن تهخواجھ محمد زمان ڪلان کان وٺي ڪيترائي ھن درگاهه جا مريد ۽خليفا نمايان ٿيا: پر انھن ۾ ھيٺيان خليفا علميت جي ڪري مقبول ٿيا:

١. حاجي طالب اگھمي: ھن جي بزرگيءَ ۽ علميت جون ڪيتريون روايتون ڪتابن ۾ آيل آھن.

٢. شيخ محمد صالح ڳھرائي: مرشد جي ادب ۾ ھي خليفو بيمثال ڪردار وارو ھو.

٣. شيخ شعيب ڪڇي: ھن درويش خواجھ محمد زمان ۽ خواجھ گل محمد جو زمانو ڏٺو.

٤. درويش الياس: ھن خواجھ محمد زمان اول کان وٺي خواجھ محمد زمان ثاني جو زمانو .

٥. ان کان سواءِ عيسيٰ دستي، شيخ سڌا توريو ۽ ٻيا ڪيتر درويش ۽ خليفا ھن خانقاه سان وابستهرھيا(٣٠). انھن جي علمي ۽ روحاني حيثيت مڃيل اھي، پر جنھن عالم تصنيف ۽ تاليف ۾ نالو ڪڍيو سو مخدوم ميون عبدالرحيم گرھوڙي ھو.

مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي (١٧٣٩-١٧٧٨ع)

        ميون عبدالرحيم ھڪ وڏو عالم ٿي گذريو آھي. ڊاڪٽر دائود پوٽو جيڪو”ڪلام گرھوڙ:“ جو فاضل مرتب آھي، سو مئين عبدالرحيم جي باري ۾ لکي ٿو تھ: ”شيخ عبدالرھيم گرھوڙي ذات جو مڱريو، حضرت سلطان اولاولياء خواجھ محمد زمان(قدس سره) جو وڏو خليفو، زماني جي عجائبن ۽ بينظير ھستين مان ٿي گزريو آھي. ڄاپندي ڄام ھو. ننڍي ھوندي کان ئي مطالعي جو شوق ھوندو ھوس ۽ ايتري قدر علمي تبحر ھوندو ھوس، جو ساري سنڌ ۾ ملتان کان ويندي ٺٽي تائين جھڙس عالم ڪو نهھو. منقول توڙي معقول ۾ اعليٰ درجي جي مھارت ھيس ۽ مباحثي ۽ مناظري ۾ ايڏو تهدسترس ھوس جو ڪو بهعالم مٿس غالب پئجي نهسگھندو ھو. فقه جي ميدان ۾ جھڙي تھڙي کي ڪين مڃيندو ھو ۽ ھميشه پنھنجي اجتھاد تي ھلندو ھو.(٣١)“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org