سنڌي تنقيد جي ڪماليت
آخر اهو استاد اچي ويو جنهن جي هٿن ۾ سنڌي تنقيد
ڪماليت جي درجي کي پهتي. پروفيسر هوتچند گربخشاڻي
انگريزيءَ ۾ ”ڊاڪٽر“ هو، فارسيءَ جو معلم هو،
عربي، سنسڪرت ۽ هنديءَ جو عالم هو ۽ سنڌيءَ ۾ مصنف
هو. ايتري زبانن ۾ مهارت هئڻ ڪري هو صاحب علم، لغت
جو گهرو ڄاڻو هو ۽ سنڌ جو اهم اديب هو، جنهن کي
سنڌين تي ناز آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي اوائلي ادبي
خدمتن کان ڪي سنڌي شايد اڻ واقف هجن. اڳي عام رايو
هوندو هو ته شعر کانسواءِ، سنڌيءَ ۾ ايترو اعليٰ
درجي وارو ادب آهي ئي ڪونه، جو سال به سال ڪاليجن
۾ درسي ڪتاب طور پڙهايو وڃي. پر 1921 ۾، پرنسپال
شاهاڻي جي فرمائش تي، هن صاهب بمبئي يونيورسٽيءَ
جي ”سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڇپيل ساهت“ نالي هڪ
زوردار مقالو انگريزيءَ ۾ تيار ڪري موڪليو هو،
جنهن آڌار تي ئي سنڌي ٻولي ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ آئي ۽
نئين سنڌي ساهت پيدا ٿيڻ کي هٿي ملي ويئي. اهو
بيان ”ڊ- ج- سنڌ ڪاليج مسلني“ جي فيبروري 1926
واري پرچي ۾ A
Brief of Published Sindhi Literature جي
عنوان سان ڇپيو هو، جنهن مان هيٺئين فقري جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏجي ٿو:-
”سنڌي ڪنهن به صورت ۾، جيئن غلط سمجهيو ويندو
آهي، پنهنجين ڀينرن ڀاشائن کان پٺتي پيل ڪانهي.
رچنا جو ڪوبه نمونو، نثر خواهه نظم ۾، منجهس
ناموجود ڪونهي، ۽ دماغي هلچل جون ڪي به اهڙيون
وصفون نه آهن جي منجهس درج ٿيل نه هجن. سند سان
چئي سگهجي ٿو ته ٿو ته سنڌيءَ ۾ هر قسم جو ادب پيو
آهي، جنهن جو مقدار هوند ڪنهن کي به حيرت ۾ وجهي
ڇڏي، بشرطيڪ اهو ڪٺو ڪيو وڃي، ڇپايو ۽ شايع
ڪيووڃي. گهڻن تواريخن، گهڻن ڪوٽائن، گهڻن روماني
قصن جا دستخط ڪن خانگي ڪتب خانن جي تاڪن تي،
اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي رهيا آهن.“
تنهن ڪري پرنسپال گربخشاڻي ئي اُهو عالم هو جنهن
کي باترتيب تنقيد ڪرڻ جي هر وجيه لياقت هئي، ۽
جنهن 1923 ۾ پنهنجي ”شاهه جو رسالو“ جو پهريون جلد
ڪڍي، اُن سنڌي شاعرن جي سرتاج جو شاندار يادگار
قائم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي به سندس ادب جي تاريخ ۾
امر بنائي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب سخت جاکوڙ ڪري شاهه جي
ڪلام جا مڙيئي ڇپيل توڙي قلمي نسخا هٿ ڪيا، جن مان
اونهي کوجنا ڪرڻ بعد اوڦٽو شاعرن جا چڱا مٺا بيت
ڪڍي ڇڏيائين، ۽ هن نئين رسالي شاهه صاحب جو نبار ۽
صحيح ڪلام درج ڪيائين. اهو ڇانڊ ڇونڊ جو نازڪ ڪم، Shakespare ۽
ٻين قديمي مغربي شاعرن جي رسالن مان به، صرف ڪي
سند وارا صاحب ئي ڪري سگهيا آهن. ٻيو ته بيتن جي
شرح ۽ سمجهاڻيون جي هن صاحب ڏنيون سي نه اوٽ تي
ياد ڌڪي بازيءَ سان- جيئن ڪن جهونن شاهه جي رسالن
۾ ڏنل هونديون هيون—پر ڀاشا وگيان جي ڪسوٽيءَ کي
لڳائي ڪيترن لفظن ۽ جملن جون معنائون بنهه نيون
ڪڍيائين جن شاهه جي ڪلام تي گويا نئين روشني اُڇلي
ڇڏي. ٽيون ته ڊاڪٽر صاحب اصلوڪيون لاڙي هجيئون ۽
اُچار قائم ڪيا جن ۾ اصل شاهه جو ڪلام چيو ويو هو،
۽ نه هاڻوڪو حيدرآبادي تلفظ. هن خوبيءَ گربخشاڻي
صاحب جي رسالي کي برابر تصديق ۽ معتبري ڏني، پر
مون کي شخصي آزمودو آهي ته ڪيترن چڱن چوکن تعليم
يافتن شاهه صاحب جي شوق وچان هيءَ رسالو هٿ ۾ کنيو
آهي، پر اهو جهونو تلفظ شاهه جي ڪلام سمجهڻ ۾
رڪاوٽ ثابت ٿيوآهي، ۽ مورڳو چاهه وارن کي ٽاهه
وجهي ڇڏيو اٿس. منهنجو دليل آهي ته جيئن انگريزي
شاعرن Shakesprare ۽Chaucer جي
جهونين هجيئن ۽ اُچارن کي عام فهم بنائڻ لاءِ،
سندن شعر نئين چالو تلفظ ۾ لکيو ويندو آهي. تيئن
شاهه کي عام فهم بنائڻ لاءِ پڻ سندس ڪلام نئين
مقرر تلفظ ۾ ڇپائڻ کپي، جو حيدرآبادي تلفظ آهي ڇو
جو حيدرآباد ئي سنڌ جو ادبي تخت گاهه آهي.
هن رسالي مقدمه (مهاڳ) ۾ اعليٰ درجي جي تنقيد ڪيل
هئي، جنهن ۾ نه فقط شاهه صاحب جي سوانح عمري
(حياتيءَ جو احوال) ۽ سندس ڪلام جو روحاني مطلب
ڏنل هو، پر منجهس شاهه سان لاڳو هر وشيه تي آلوچنا
ڪيل هئي، مثلاً ”شاهه جو مذهب“، ”ويدانت ۽ تصوف“،
سندس ”شعر ۽ شاعري“، ”مضمون ۽ عبارت“، ”شاهه جي
سنڌي“ (جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ ڏنل هئي)
۽ اُن جو ”نحوي بناوتون“ وغيره وغيره. اهو مشهور
مهاڳ”مقدمه لطيفي“ نالي سان 1936 ۾ جدا ڪتاب جي
صورت ۾ ڇپايو ويو، ۽ 1940 ڌاري ڪي الڳ الڳ سر پڻ
ٽيڪا ۽ شرح سميت ڇپايا ويا هئا. ”مقدمه لطيفي“ ۾
آيل ”شاهه جي شعر جو مضمون ۽ عبارت“ واري باب مان
هيٺيون مثال، خود ڊاڪٽر صاحب جي عالماڻي مضمون ۽
عبارت جي جهلڪ ڏئي ٿو:-
”شاهه جو عاشقاڻو شعر ٻن نمونن جو آهي. هڪڙو اهو،
جنهن جو مضمون نج مجازي عشق آهي،، ۽ ٻيو اُهو جنهن
جو مضمون حقيقي عشق آهي. فصل پهرئين ۾ ڄاڻايل آهي
ته جڏهين شاهه ڳڀرو جوان هو، تڏهين مرزا مغل بيگ
جي نياڻيءَ کي هڪوار ڏسڻ شرط، مٿسن مفتون ٿي پيو
هو، ۽ جيستائين کيس نڪاح ۾ نه آندائين، تيستائين
نهايت حيران ۽ پريشان هو. انهيءَ بيقراريءَ ۽
بيتابيءَ جي حالت ۾ جيڪو شعر چيو اٿس، سو عشق سان
ٽمٽار آهي، ۽ نوجوانن کي منجهائنس شايد گهڻو مزو
ايندو. سر ’کنڀاٽ‘، سر برووي سنڌيءَ ۽ سر پورب ۾
اهائي لات لنئي اٿس. انهن سرن مان جتان ڪٿان حسن ۽
عشق، ناز ۽ نياز، دلڪشيءَ ۽ دلربائيءَ، مايوسيءَ
مبيلائي، انتظاري ۽ بيقراريءَ جي بوءِ پيئي اچي.
”سندس عاشقاڻي نثر ۾، معشوق جي مورت ڪل مخلوقات
کان سهڻي آهي. سج، چنڊ، تارا، قطب ۽ ڪتيون، جانب
جي جمال جي جوهر اڳيان جهڪا ٿيو وڃن. محبوب جي
اکين ۾ اهڙو ته ناز ۽ خمار آهي، جو کيس ڏسڻ شرط نه
فقط ساهوارن، پر بي جاندارن کي به، حيرت ۽ ادب
وٺيو وڃي.
ناز منجهارا نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀون پڻ بسم الله چئي، راهه چمي ٿي رند،
اُڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هند،
سائينءَ جو سوگند، ساجن سنئا سوهڻو.......
مطلب ته شاهه جي عاشقاڻي شعر جو مضمون پارسي غزل
جهڙو ئي آهي، پر شاهه پارسي غزل جو هروڀرو تتبع
نٿو ڪري. پارسي غزل ۾ صبا پيغام پهچائيندڙ آهي، پر
شاهه جو رسائيندڙ آهي. قمر يا ڪنگ، ازوانسواءِ،
پارسي عزل ۾ شراب، ساقيءَ، مطرب، باغ راغ وغيره جي
گهڻي اپٽار ڪيل آهي، مگر شاهه ۾ اهڙو ذڪر ڪو ڇڊو
لڀندو. شاهه جو طريقو هر طرح نئون آهي، ۽ سنڌ جي
حالت تي پورو. سندس اشارا ۽ استعارا، ڪنايا ۽
تشبيهون، مڪاني حالتن جي مطابق آهن. ڄام تماچيءَ
جهڙو هاڪارو حاڪم هڪ ککيءَ هاڻيءَ مهاڻيءَ جي عشق
جي چنبي ۾ گرفتار ٿي، سندس غلام بنجي کيس پنهنجي
پٽ راڻي ڪري ٿو. نوريءَ جي صدقي پنهنجو گيرب ۽
گاءُ ڦٽو ڪري، پاڻ کي سندس پسند تي آڻي ٿو.... سر
’ڪاموڏ‘ سارو عشق جي عيش عشرت، بوس ۽ ڪنار، ناز ۽
نياز ۽ وصل جي ميٺ ۽ مزي سان ڀريل آهي.“
ياد رکڻ کپي ته گربخشاڻي صاحب، لعلچند ۽ جيٺمل
صاحبن وانگر، شاهه جي ساڳين مٿين سرن ۾ آيل ’پرين‘
۽ ’ساجن‘ مان ستگروءَ يا مرشد جي تمثيل ڪانه ڪڍي
آهي، پر اُن کي شاهه صاحب جي سچي پچي محبوبا سمجهي
اٿس. ڊاڪٽر صاحب مجازي عشق کي نفسانيت سمجهي ٿو
کٽا ڪري ڪونه ڦٽو ڪيو آهي، ويتر اُن کي شاعر جي
حياتيءَ ۾ جوڳي جاءِ ڏني آهي. اُنهن مجازي عشق جي
اثر هيٺ رچيل سُرن مان ڇڪي تاڻي حقيقي معنيٰ نه
ڪڍي، گربخشاڻي صاحب فرادخلي ڏيکاري آهي. ليکڪ جي
رچنا کي سندس زندگيءَ جي واقعن سان وابستو ڪري،
اُن جو اندازو لڳائڻ کي سوانحي تنقيد (Biographical
criticism) ڪوٺبو
آهي، جو سڌريل طريقو ڊاڪٽر صاحب استعمال ڪيو آهي.
هن رسالي ۾ ڇپيل اُهي لوڪ ڪهاڻيون، جن تي شاهه جا
ڪيترا سر ٻڌل آهن، مثلا ”سسئي پنهون“ ”سهڻي ميهار“
وغيره، سي پڻ اُنهن جي تمثيلي معنائن سوڌيون،
1933۾ ”روح رهاڻ“ نالي الڳ ڪتاب ۾ ڇپايون ويون
هيون. پر افسوس آهي جو هن رسالي جا 3 جلد شايع
ٿيا، (جلد ٻيون- 1924 ۽ جلد ٽيون 1931)، باقي
آخرين چوٿون جلد، خود ڊاڪٽر صاحب جي شڪايت موجب،
اسان سنڌين جي بي قدريءَ سبب ڇپجي نه سگهيو، ۽
سندس اوچتي فوت کانپوءِ غائب ٿي ويو! اهڙيءَ طرح
سنڌي ساهت جو هيءَ شاندار شاهڪار مڪمل نه ٿي
سگهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ 1934 ۾ ”لنواريءَ جا لعل“
نالي آخرين ڪتاب فارسي تان ورتل ڪڍيو هو، جنهن ۾
خواجه محمد زمان ۽ ٻين لنواريءَ وارن بزرگن جا
احوال ۽ هدايتون ڏنل هيون، ۽ اهو به سندس مثالي
عالماڻي نثر ۾ لکيل هو.
گربخشاڻيءَ واري رسالي تي مباحثو
1923 ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري ”شاهه جو رسالو“ جي
پهرئين جلد نڪرڻ، شرط، جيٺمل پرسرام، جو خود خيالي
۽ بيپرواهه نقاد هوندو هو، تنهن پنهنجي ”ڀارتواسي“
اخبار جي 1923-24 وارن پرچن ۾ اُنتي ڪيترا تنقيدي
مضمون لکيا. ڊاڪٽر صاحب جي اٿاهه محنت ۽ کوجنا جو
جوڳو قدر ڪندي به، جيٺمل هن رسالي ۾ ڪيتريون
خاميون ڪڍي پڌريون ڪيون، جنهن تان هڪ گرماگرم ادبي
بحث ڇڙي پيو هو. هن بحث ۾ ڀاڳ وٺندڙ مشهور عالمن
جون ٻه ڌريون ٺهي پيون. جيٺمل شامل راءِ هئا جهونا
عالم: مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ليلارامسنگ، ۽ سندس
مختلف ماهر هئا: ”لعلچند امر ڏنو مل، عيدنمل
مينگهراج، ۽ پيرومل مهر چند جنهن هن مباحثي کي
”ناپاڪ تحريڪ“ ڪوٺيو هو. جيٺمل واريءَ ڌر جا مکيه
اعتراض هئا، پهريون ته ڊاڪتر گربخشاٻڻيءَ پنهنجي
مهاڳ ۾ ٽيڪا ۾ اجايا ڏکيا عربي ۽ فارسي لفظ ۽
محاورا استعمال ڪيا آهن، جنهن جو حوالو ”ڀارتواسي“
24 ڊسمبر 1923 واري جيٺمل پرسرام جي شروعاتي ليک
”شاهه لطيف جو نئون رسالو“ مان ڏسجي ٿو؛ ”اسين هن
ليک ۾ سندس (ڊاڪٽر صاحب جي) اوائلي لکيل ”مقدمه“
تي ڪجهه قدر ٽيڪا ڪرڻ ٿا گهرون. پڙهندڙ پڇندا ته
اهو ’مقدمه‘ڪهڙي چيز آهي. عام ريت سنڌيءَ جا
ڳالهائيندڙ ڀائيندا ته هي ڪو ڪورٽ جو ’مقدمو’ آهي.
پروفيسر گربخشاڻيءَ جي ’مقدمه‘ جي معنيَ آهي.
’ڀومڪا‘. اسان جو رايو آهي ته جيتوڻيڪ پروفيسر
صاحب جي لکڻ مان ظاهر آهي ته هو سولي سنڌي به لکي
ڄاڻي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ته نهايت سليس ۽ سٺو هلي ٿو،
ته به خبر ناهي ڇو، هروڀرو پارسيءَ ۽ عربي لفظن تي
ڪڏهن ڪڏهن ته ازحد ڇڪ ڪئي اٿس. اسين انهن مان نه
آهيون جن جو عشق رڳو سنسڪرت شبدن سان آهي، يا رڳو
پارسي عربي سان آهي. خود شاهه جو رسالو ٻنهي
سڀيتائن، ۽ ٻنهي قسمن جي ٻولي جو ميلاپ آهي. پر
اسان جو رايو آهي ته ڪابه خاص ڪوشش پارسي يا
سنسڪرت لفظن جي دٻڻ جي نه ڪرڻ گهرجي. پروفيسر
گربخشاڻيءَ مهاڳ جا پهريائين صفا خاص ڪري بلڪل
ڏکين ۽ اسان جي نظر ۾ نهايت اڻ ضروري پارسي ۽ عربي
لفظن سان ڀريا آهن.... جنهن صورت ۾ انهن لفظن جي
بدلي پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ لفظ موجود آهن، تنهن صورت ۾
اسان جي نماڻي راءِ آهي ته اهي اکر وجهڻ کپندا
هئا. مثلاً پهرئين ئي باب جي پهرين سٽن ۾ هيٺيان
لفظ آهن؛ سوانح، حوالات، ولادت، سياحيت، متعقد
’ولادت‘ جي بدران ڄم ۽ نسل جهڙا سولا لفظ ڪم آڻن
گهرجن.
”اهڙيءَ طرح ڪيترن هنڌن تي اهڙي ڏکي ٻولي ڪم آندي
آهي جو شاگردن کي ۽ اسان پارن گهٽ ڄاڻن کي گهڻي
تڪليف ٿيندي. البت سولا اکر سنڌيءَ ۾ نه هجن ۽
پوءِ کڻي پارسي يا سنسڪرت مان آڻجن ته فڪر ڪونهي.
باقي لکڻ ته ’مشرقي دماغ افسانه پردازي لاءِ نهايت
قابل آهي‘، ’سڀني حوالن کي مقابل ڪري ۽ تنقيد جي
تارازي ۾ توري‘، ’سنڌي آڱر هڪ حاذق حڪيم جيئن، نوع
انسان جي طبع جي نبض شناس‘، ’تلفظ جهونوا ختيار
ڪيو آهي‘، ’شيرين شمائل جي سودا‘ وغيره وغيره جملا
گهڻو سولا ٿي سگهن ٿا. سنڌيءَ ۾ لاڳو اکر سولو
آهي، پوءِ ’همدوش‘ جي ڪهڙي ضرورت؟ شڪل يا صورت
سهڻو لفظ آهي، پوءِ هروڀرو’رويا‘ لکڻ جي ڪهڙي
ضرورت آهي؟ ائين آهي ته ڪيترن هنڌن پروفيسر
گربخشاڻي وڌيڪ سولي ٻولي لکي آهي، ڪن ڪن هنڌ ته
سندس قلم اُتساهه پيدا ڪندڙ آهي.... ايترو لکڻ
ضروري آهي ته هن ڪتاب لکندڙ هر ڪنهن مدد جو حقدار
آهي.“
جواب ۾ ”ڀارتواسي“ 14 جنوري 1924 واري پرچي ۾
ڀيرومل مهر چند لکيو هو:- ”توهان پروفيسر صاحب جي
محنت کي تحسين جوڳي محنت سڏيو آهي ۽ ائين به لکيو
اٿو ته ’هن کيرون لهڻيون.‘ پر پوءِ جو اتيئي ويهي
اُبتا رايا ظاهر ڪيا اٿو تنهنجي معنيٰ ڇا؟....
ڏسان ٿو ته توهان رڳو مڇيءَ مان ڪنڊا ڪڍيا آهن ۽
ٺٺولي ڪئي آهي،..... اهو اصل قاعدو آهي ته هر ڪو
قابل ۽ سمجهو لکندڙ هميشه مضمون جي مناسبت تي لفظ
۽ جملا ڪتب آڻيندو آهي. خود رسالي ۾ ڏسبو ته شاهه
صاحب ’مشرق‘ ۽ ڪيترا ڏکيا لفظ ڪتب آندا آهن ۽ قرآن
شريف ۽ حديث مان سڄيون سڄيون آيتون ڏنيون اٿس.
حقيقتن سڄو رسالو ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن سان ڀريو
پيو آهي... پروفيسر گربخشاڻيءَ جو رسالي جو
’مقدمه‘ (پرسٿاونا) لکيو هو تنهن مان سندس قابليت
چٽي طرح پيئي بکي... ’مقدمه‘ لفظ عام طرح پارسي
اردو ڪتابن ۾ ڪم آڻيندا آهن ۽ اوهان اهو لفظ اڳي
نه ٻڌو آهي ته لکيو اٿو ته عام ريت سنڌيءَ جا
ڳالهائيندڙ ڀائيندا ته هي ڪو ڪورٽ جو مقدمو آهي.
هي رواجي لکڻ نه آهي پر ٺٺولي آهي جا ڪنهن بي
اخبار نويس جي شان وٽان ڪانهي. توهان ڪن ڏکن لفظن
نسبت ڪي غلط ڳالهيون به ڪيون آهن. مثلاً ’مقدمه‘
معنيٰ ’ڀومڪا‘ ڄاڻائي اٿو ۽ ’همدوش‘ بدران ”لاڳو‘
لفظ ڏسيو اٿو جو بلڪل ڪين ٺهندو. توهان لکيو آهي
ته ’پروفيسر لفظن جي اکري معنائن تي وڌيڪ زور رکيو
آهي.’ ائين به لکيو اٿو ته ’وڌيڪ ضرورت اندروني
رعيت جي آهي.‘ توهان جي اها راءِ پوري نه آهي.
وڌيڪ ضرورت آهي ئي لفظي معنائن جي. لفظن جي معنيٰ
ئي نه سمجهبي ته روحاني راز ڪيئن پروڙي سگهبا؟“
مٿئين مضمون ختم ٿيڻ بعد، جيٺمل صاحب قلم تازو ڪري
اتيئي جواب ڏنو هو: ”اسان مستر گربخشاڻيءَ جي ڪتاب
جي هر طرح قدر شناسي ڪئي، پر قدر شناسيءَ جو مطلب
اهو آهي ڇا ته نڪته چيني نه ڪجي.... ايترو اسين
لکڻ کان رهي نٿا سگهون ته مٿئين قسم جي ڪنهن ڪنهن
هنڌ ٻولي اسان لاءِ سمجهڻ مشڪل آهي، اسين گهٽ ۾
گهٽ پاڻ کي رواجي پڙهندڙن جي قطار ۾ ليکيون ٿا.“
جيٺمل جو ٻيو اعتراض هو ته هن رسالي ۾ شاهه جي
ڪيترن لفظن جا ڌاتو (بنياد يا اشفاق) غلط ڏنل آهن
۽ ڪيترن سٽن جون معنائون پڻ غلط ڪڍيل آهن. ”مثلاً
”ماڻڪ منڌ هٿان پيتي ۾ پرزا ٿيو“ واري مشهور
تمثيلي بيت جي مطلب تان خاص طور واد وواد ٿي هئي.
ڀيرومل لکيو هو: ”مونکي معاف ڪجو جو آءٌ اوهان کي
ٻڌايان ٿو ته رسالي جي هڪ بيت مان روحاني راز کولڻ
جي شوق وچان توهان انهي بيت جون سڀ غلط معنائون
ڪڍيون آهن.“ جيٺمل جواب ڏنو هو ته ”مستر ڀيرومل
چوي ٿو ته اسان واري معنيٰ سراسر غلط آهي.
آمين!..... اسين چوڻ لاءِ تيار آهيون ته شايد اسان
جي معنيٰ غلط هجي. مسٽر ڀيرومل کي کپندو هو ته
فتويٰ ڏيڻ کان اڳ سمجهائي ته ڪيئن غلط آهي.“
سڀ کان اهم اعتراض اهو هو ته سڄا سارا هڪ هزار کن
بيت، جي ديوان ناراچند شوقيرام واري سرڪاري ڇاپي
(1900) ۾، ۽ مرزا قليچ بيگ جي سند واري رسالي
(1913) ۾ ڏنل هئا، سي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي
رسالي مان ڪڍي ڦٽا ڪيا آهن، جنهن لاءِ قوي دليل
ڏنل ڪونهن. فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته اهي بيت
شاعراڻين خوبين کان خالي آهن، ۽ شاهه صاحب جا نڪي
لائق آهن نڪي لکيل آهن. انهيءَ زوراوريءَ کي مرزا
صاحب رسالي جو ”ڪوس“ ڪري ڪوٺيو هو، ۽ ديوان ليلا
رامسنگ پنهنجي پنهنجي انگريزي مضمون ۾ ”مصيبت“
سڏيو هو. انهي آخري اعتراض تي هن مباحثي جو بهترين
وزندار مضمون جيٺمل صاحب جو لکيل ”ڀارتواسي“ 17
مارچ 1924 ۾ شايع ٿيو هو، جو سمورو مطالع ڪرڻ لائق
آهي ۽ هتي ڏيئي نٿو سگهجي. اهو ادبي بحث
”ڀارتواسي“ جي فئلن مان ڪڍي ڪٺو ڪري ۽ سوڌي، ڪتابي
صورت ۾ ڇپائڻ ۽ بچائڻ لائق آهي ۽ هڪ معياري تنقيدي
رسالو ٿي پوندو.
|