سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:35 

حيدرآباد نئشنل ڪاليج مان، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رهبري هيٺ، ”لطيف ٻاري“ نالي باتصوير مخزن نڪرندي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي جي سرتاج شاعر شاهه جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تنقيدي مضمون پوندا هئا، جنمان گهڻا تڻا خود آڏواڻي صاحب جي عالماڻي قلم مان نڪتل هوندا هئا. 1944 واري انڪ ۾ سندس ”سر سهڻي (سهڻيءَ جي بيان ۾)“، ”سرمومل راڻو“ ۽ ”ويدانت ۽ تصوف“ عنوان سان مضمون ڇپيا هئا. مرزا قليچ بيگ جو ”شاهه جو شعر“ پڻ هن پرچي ۾ پيو هو. هن مخزن جي شاگرد- ڪارپرداز ارجن جهوڙيملاڻيءَ جو ”شاهه ۽ شيڪسپيئر“ به هڪ ننڍو پر چڱو ادبي ڀيٽ وارو مضمون هو. 1945 واري نمبر ۾ پروفيسر آڏواڻيءَ جو ليک ”ساميءَ جا سلوڪ“ پيو هو. 1946 واري پرچي ۾ آڏواڻي صاحب، شاهه جي سورمين جي سيرت نگاريءَ جو سلسلو جاري ڪندي، ”نوري“، ”مارئي“ ۽ ”ليلان“ تي ليک وڌا، ”شاهه جو مجازي شعر“ پڻ شايع ڪيائين. پروفيسر آڏواڻيءَ جي فارسي آميز، پر تنهن هوندي به سهج- فهم، عبارت جو مثال ۽ مخصوص شرح ڪرڻ جو نمونو پڇاڙيءَ واري عقيدي مضمون مان پيش ڪجي ٿو:-

”شاهه جو عاشقاڻو ڪلام ٻن نمونن جو آهي: مجازي ۽ حقيقي. نوجوانن جي طبيعت کي وڻڻدڙ ۽ خوش ڪندڙ، سندس مجازي شعر آهي، جو پاڻ به جوانيءَ جي وقت ۾، مجازي عشق جي خمار هيٺ چيو هئائين. از انسواءِ، هر هڪ سر کي، حقيقت سان گڏ، مجاز جي به چت ڏني اٿس. سڀني شاعرن جو شروعاتي شعر، مجازي رنگ جو آهي، ۽ شاهه سان به اهو قدرت قانون لاڳو آهي. هاڻوڪن مجازي شاعرن جي شعر ۾ به حسن جون وارتائون ئي آهن، پر اُنهن ۾ ڪابه تازگي ۽ نواڻ ڪانهي. البت، جهونين ايراني تشبيهن جي ڪمي ڪانهي، جن کي پڙهڻ سان، مورڳو طبيعت تي پريشاني ڇائنجو وڃي. شاهه، معشوق جي اکين، زلفن، پيشاني، صورت، گفتار ۽ پاٻوهه کي، اهڙي جادوءَ ڀريي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، جو اُن کي پڙهڻ سان، جيڪر مرده دل انسان به هڪواريءَ حسن ۽ عشق ڏانهن مائل ٿئي.... ’سرکنڀات‘ ۾ شاهه، ساجن جي صفائيءَ جي ثنا ۾، مبالغي کان ڪم ورتو آهي. جهڙي صفائي، صبح جي وقت، سهيل تاري ۾ هوندي آهي، تهڙي ئي محبوب ۾ آهي. لالن جو لقاءَ ڏسي، چنڊ تارن سميت، آسمان ۾ پيهي، غائب ٿي ٿو وڃي.

’اونداهي اڌ رات ۾، پري پسايو پاڻ،

چنڊ ڪتن ساڻ، پيهي ويو پر لاو ۾.

’تارا تيلي روءِ، لڌا لالن! اُڀرين،

جهڙي تو صبوح، تهڙي صافي سڄڻين“

”سونهن رڳو زلفن، اکين، پيشاني ۽ نڪ ۾ ناهي، نڪي ظاهري سينگار ئي، اُن ۾ اضافو آڻي ٿو. جيڪڏهن جسماني سونهن سان گڏ، ميٺاج واري گفتار ۽ ناز واري رفتار ناهي، ته اها آدرشي سونهن نه چئبي. مٺي گفتار ڇا کي چئجي، سو شاهه، سسئيءَ جي مٺي آواز جو بيان ڪندي، سمجهايو آهي. سسئي جي آواز کي، ڪوئل جي ڪوڪ، چتونءَ جي چانگار، ڪونج جي ڪرڪڻ ۽ سانگيءَ جي ساز سان مشابهت ٿو ڏئي. سسئي، برپٽ جهاڳندي، عشق جا نعرا هڻندي پيئي وڃي، ۽ شاهه سندس شيرين ۽ خوش آواز جو وستار، هيئن ٿو ڪري:-

’رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَر ڪُرڪي ڪونج

نعرو منجهه نڪونج،اي تان آهه عشق جي

’رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر چتونءَ جي چانگار،

اي عشق جي اُٻڪار، نعرو آهه نيهه جو.

’رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگي ساز،

اي عشق جو آواز، ماڙهو رکن منڌ تي. (سرمعذوري)[1]

”لطيف ٻاري“ جي 1946 واري آخري پرچي ۾، ڪاليجي شاگردن مان ارجن جهوڙيملاڻي جو ”شاهه جو سنيهو“ چڱو مختصر مضمون هو، ۽ ايڇ- ٽي دادلاڻيءَ جو  ”شاهه جا سورما“ اُن نئين موضوع تي سهڻو ليک هو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته شاهه جون عاشقياڻيون اعليٰ آهن، پر عاشق، اڪثر ڪري خام آهن.

سرڪاري صلاحڪار بورڊ جي ”مهراڻ“ مخزن ۾، لعلچند امر ڏنيمل جي ايڊيٽريءَ هيٺ، وقت بوقت تازن نڪرندڙ ڪتابن تي تنقيد ٿيندي هئي. جنوري 1946 واري عدد ۾ آسانند مامتورا ”نئون  ادب“ جي عنوان سان، ترقي پسند آکاڻين جي مجموعي ”ريگستاني ڦول“ جي آلوچنا ڪندي لکيو هو: ”ڪهاڻين جا سڀ لکندڙ اڃا ڳڀرو جوان آهن، ۽ منجهن اُسري ڪنهن  ڪماليت کي رسڻ جا آثا چٽا پيا ڏسجن. ڪٿي ڪٿي رٿا جو ٿورڙو نقص يا ميلوڊراما (سنسني) جو رنگ، يا پرچار جي مقصد ڪري مبالغو، نظر اچي ٿو.... پر سمي پئي، استعمال ۽ فن جي بهترين ڄاڻ سان، اهي سقم پاڻيهي الوپ ٿي ويندا... سنڌ جي جيوت ۾ نئين جڳ جي ويچارن ۽ امنگن مانڌاڻي وڌي آهي، ۽ اسان جي اقتصادي ۽ معاشرتي زندگيءَ جون تبديليون ٿين پيون. انهيءَ اُلٽ پلٽ جي زماني ۾ ڪيترائي نوجوان، نون ويچارن جي اجهل اثر کان، نئين ساهت (جڙ واد جي لحاظ کان حقيقت شناسيءَ تي ٻڌل ادب) جي پلٽ پيا پلٽين.... جي اُنهن ۾ مشاهدي جي وسعت، نئين زندگيءَ جي رٿا ۽ سندرتا جو موضون ميلاپ هوندو، ته پوءِ اهي رچنائون نه رڳو دل ۽ دماغ ۾ انقلاب آڻينديون، پر روح کي راحت رسائي، اُن ۾ پائدار جاءِ جوڙي وهنديون.“ سنڌي ساهت، ۽ خاص ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي هن آزمود گار ليکڪ جا مٿيان همت افزائيءَ ۽ هدايت ڀريا لفط نؤنهال ليکڪن لاءِ غور طلب آهن.

“مهراڻ“ جي ساڳئي پرچي ۾ آغا تاج محمد خان، پروفيسر نارائڻدس ڀمڀاڻي جي ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ ناول تي تفصيل وار تنقيد ڪئي هئي، جنهن جو مکيه اعتراض هو ته هن ڪتاب ۾ هارڊي صاحب جي نامياري ناول Tess جو نه فقط ترجمو ڪيل هو، پر تنبيت يا گوديلو (الٿو) ڪيل هو، يعني ته انگريزي حالتن کي ڏيهي رسمن رواجن ۾ بيهارڻ جي ڪوشش ڪيل هئي—جنهن ۾ بنهه ناڪامياب ٿيو هو. تاج محمد صاحب اُن نقص جا ڪيترا مثال ڏئي ثابت ڪيو هو ته هن ناول جا ڪردار ”نه سنڌي يا هندستاني ٿا معلوم ٿين ۽ نه يورپي، نه مسلمان ٿا معلوم ٿين نه ڪرستان. اهڙي عظيم غلطي يا ته هن سبب ڪري قابل مصنف کان ٿي آهي ته کيس مسلمانن جي سوشل حياتيءَ جي بلڪل ڄاڻ ڪين آهي يا کيس تنبيت جو هنر نٿو اچي.“ تنهن کانپوءِ سواءِ نقاد صاحب ڀمڀاڻيءَ جي ٻوليءَ ۽ لکڻيءَ جون چوڪون به اڪيچار ڪڍي ڏيکاريون هيون، جن مان ڪي دل سان لڳيون ٿي، پر نه سڀيئي. ساڳئي نمبر ۾ پروفيسر ڀمڀاڻيءَ جي تاليف ڪيل ”ادبي گلشن“ (3 جلد) تي به آغا صاحب نڪتچيني ڪئي هئي، جنهن ۾ به صورتخطيءَ، محاورن ۽ معنائن جون ڪيتريون ئي غلطيون ڪڍيون هئائين، مثلاً ’طرقي‘ (ترقي)، ’تريقي‘ (طريقي)، وغيره. پر هن قابل نقاد تي، هن بندي جي تنقيد اها آهي ته خود سندس استعمال ڪيل ڪيترا فارسي عربي لفظ اسانجي ناقص سمجهه کان ٻاهر آهن، مثلا تنبيت، علحت، انشا پردازن، مخرج، متن، تصحيفي، وغيره وغيره.

”مهراڻ“ جي 1946 واري سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر نمبر ۾ استاد ڀيرومل مهر چند جو تنقيدي مضمون ”اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ غلط معنائن جو ڦهلاءُ—سنڌي ٻوليءَ جي ستياناس ڪرڻ جون واٽون“ پيو هو، جنهن ۾ پڻ هن صاحب پروفيسر ڀمڀاڻيءَ جي ”ادبي گلشن“، ۽ قاضي عبدالغفور هالاڻيءَ جي تاليف ڪيل ”ديوان گل“ مان ڪيتريون صورتخطيءَ جون معنوي غلطيون ڇنڊڇاڻ ڪري سمجهايون هيون.

تنقيدي ڪتاب- سنڌي نظم تي

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ”شاهه جو رسالو“ کانپوءِ سنڌ جي ٻئين نمبر اعليٰ شاعر سچل جو رسالو نڪتو، جو 1933 ۾ آغا غلام نبيءَ ”سچل سرمست“ نالي سان ڇپايو هو. هن رسالي ۾ شاعر جي سوانح عمري ڏنل هئي، ۽ سندس ڪلام جي شرح چڱي ڪيل هئي، پر ٻي ڪا ادبي تنقيد ڪانه ٿيل هئي. جهڙي تنقيدي خدمت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاهه صاحب جي ڪئي هئي، تهڙي سنڌ جي ٽئين مشهور شاعر ساميءَ جي به، سنڌ ۾ هجڻ تائين، ڪنهن عالم ڪانه ڪئي.[2] سامي جي سلوڪن جا 3 ڀاڱا جيڪي ’ديوان ڪوڙيمل سوڌي‘ ڇپايا هئا تن ۾، ديوان صاحب جي ننڍڙي مهاڳ ۽ ديوان ديارام جي تات پرچ ۽ اوکن لفظن جي ارٿ ڌاران، ڪا تفصيلوار تنقيد ڪانه ٿيل هئي. نڪو، جئن شاهه جو ڪلام سرن ۾ ورهايل آهي، تيئن سامي امي جي ڪوٽا پورن ڪانڊن ۾ ورهايل هئي. جنهن ڪري ساڳئي وشيه وارا ڪي سلوڪ ڪٿي ته ڪي ڪٿي، ٽڙيا پکڙيا پيا هئا ۽ پڙهندڙن گويا ابوبحر ۾ غوطا پي کاڌا. آخر سامي صاحب هڪ سڪ ڀرئي اڀياسيءَ، ماستر واڌومل مولچند ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪل 650 سلوڪن مان فقط 250 ”ساميءَ جا چونڊ سلوڪ“، جدا جدا وشين هيٺ ڦانڊي، 1938 ۾ ڇپايا ۽ پهريون ئي دفعو ساميءَ جي سلوڪن کي ڪا ترتيب ڏني. هن ڪار گر منتخب ۾ هر سري وارن سلوڪن جو تات پرج ۽ ارٿ پڻ سمجهايل هو، پر ٻي ڪا ڪئت ٻڌي ساهتڪ ڪٿ ڪانه ڪيل هئي. 1938 ۾ پروفيسر مولچند ٺڪر، سنڌ جي ٻئين نمبر هندو شاعر جي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪوتا سڌاري سنواري، ”صوفي دلپترام جا سنڌي سلوڪ“ نالي ڪتاب ڇپايو هو. هن رسالي ۾ به ڪويءَ جو ڪلام موضوعن موجب چونڊ ڪري ترتيب وارن وڌو ويو هو، ۽ تنهن کانسواءِ مهاڳ ۾ دلپت جي سلوڪن ۾ سمايل تصوف جا اصول، ٻين سنڌي صوفي شاعرن سان ڀيٽ ڪري سمجهايل هئا، پر باقاعدي تنقيد ڪانه ڪيل هئي. 1940 کان 1942 تائين گدومل هرجاڻيءَ، سنڌ جي ٽئين معروف مسلمان شاعر ”بيدل جو رسالو“ ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايو، جنهن ۾ شاعر جي زندگيءَ جي حقيقتن ۽ شاعراڻين خوبين تي هڪ موچارو مقدمو پڻ لکيل هو ۽ ڏکين اکرن جون معنائون  به ڏنل هيو. پر هرجاڻي صاحب، بيدل فقير لاءِ بيحد سڪ ۽ شرڌا وچان ثناءَ جا ڍڪ ڀريا هئا ۽ موزون ادبي تنقيد ڪانه ڪئي هئي.

1937 محمد صديق مسافر، پنهنجي استاد ۽ سنڌ جي جديد شاعر فاضل شاهه جو ”ديوان فاضل“ ڪٺو ڪيو هو، جو مسلم ادبي سوسائٽيءُ شايع ڪيو هو. ان ڪتاب ۾ شاعر جي ڪلام ڏيڻ کانسواءِ، مسافر صاحب، استاد جي زندگيءَ ۽ سندس وقت جي شاعرن جو احوال ڏيڻ سان گڏوگڏ، سندس ڪلام تي پارکو تنقيد ۽ شرح به ڪئي هئي جنهن ڪري هيءُ رسالو ادبي نڪتچيني ۾ چڱي جڳهه والاري ٿو.

1944 ۾ شاهه لطيف تي باتصوير تنقيدي ڪتاب پروفيسر نارائڻداس ڀاڻيءَ جو ”شاهه جون سورميون“ نڪتو، جنهن ۾ هن صاحب شاهه جي عورتن جي چتر شالا ۾ گهري، سندن سيرتن جي ڇانٽ ۽ ڀيٽ ڪئي هئي، ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته اُهي شيڪسپيئر جي سورمين جهڙيون ئي اعليٰ ۽ علحدين سيرتن واريون هيون ۽ ته ”سڀني ڪهاڻين جامکيه اداڪار گهڻو ڪري عورتون آهن ۽ نه مرد، سواءِ امام حسين ۽ راءِ ڏياچ جي.“ هن ڪتاب جي ديباچي ۾ۡ ڀمڀاڻي صاحب ڪي نڪتا پيش ڪيا هئا جن مان سندس شاهه جي اڀياس ۽ موزون عبارت جو پتو پوي ٿو:-

”شاهه صاحب ڪهاڻين جو منڍ، وچ ۽ پڇاڙي ٽيئي نٿو ڏئي. ’سرمومل راڻو‘ ئي آهي جنهن ۾ ڪي قدر تفصيل سان آکاڻي ڏنل آهي. پر ٻيا سڀ سر وچان شروع ٿا ٿين ۽ شاهه چونڊي چونڊي صرف اهي واقعا ڏنا آهن جن دواران سورمين جون سيرتون چٽي سگهيو آهي. سورمين جي سوال سان واسطو رکندڙ هڪ مسئلو آهي جنهن پڙهندڙن جو ڌيان لهڻو. مڙني ڪهاڻين جي مطالع مان معلوم ٿئي ٿو ته عورت ئي آهي جا مرد جي تلاش ۾ وڃي ٿي. شاهه حياتي ۾ ڏٺو ته عورت مرد جي ڳولا ۾ رهي ٿي ۽ نه مرد عورت جي. عورت جي زندگي ڪانڌ لاءِ جستجو آهي، اُن جستجو ۾ هوءَ پرواهه نه ٿي ڪري جي خود پاڻ به ناس ٿي وڃي. شاهه جا طالب سورميون آهن، نه سورما.....

”شاهه هر ڪنهن آکاڻي ۾ ڪو نه ڪو اهم ويچار رکيوآهي. هر ڪنهن ڪهاڻيءَ جا رٿا علحدي آهي. ڪن جي پڇاڙي درديل دکياري آهي ته ڪن جي هرک هلاس واري. مگر مڙني مان هڪ جٽادار شخصيت جي بوءِ اچي ٿي.... شاهه جي سڀني ڪهاڻين جي اصلي مراد هڪ آهي. جهڙيءَ ريت انڊلٺ جي ستن رنگن جو ڪارڻ سفيد روشني ٿئي ٿي، تهڙيءَ ريت شاهه صاحب جون نظمي وارتائون سندس ئي شخصيت مان اُڀرن ٿيون، سڀني ۾ پاڻ پيو وسي، ڪهاڻين جي بيهڪ هڪ ٻئي کان ، علحدي آهي، پر انهن مڙني جي تهه ۾ ويچار جي هيڪڙائي نظر ايندي. آکاڻين جي ڪثرت ۾ خيال جي وحدت قائم رکي اٿس. انسان جي زندگي جي مراد آهي ڌڻيءَ جي حاصلات.... شاهه عبداللطيف جي ڪهاڻين جو حاصل مطلب به اهوئي آهي. سندس سورميون ان روحاني تلاش ۾ رڌل آهن. طالب کي مطلوب جي پراپتيءَ ۾ ڪئين تڪليفون آڏو اچن ٿيون، جن کي صبر سان منهن ڏيڻو آهي. شاعر انهن مشڪلاتن جو پڻ بيان ڪري ٿو.... اهو ظاهر آهي ته جي خاصيتون، شاعر موجب سالڪن ۾ هئڻ گهرجن، سي سڀ پنهنجين سورمين ۾ وڌيون اٿس....

”شاهه پنهنجون گهڻيون سورميون حياتيءَ جي هيٺين درجي مان چونڊيون آهن...... سورمين جي اهڙي چونڊ ڪرڻ سان شاهه ڪهڙي راز سلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ دنيا جي اونهي آزمودي مان کيس اها ڄاڻ پيئي ته غريبي گڻن جي کاڻ آهي. جيڪي ڌڻيءَ جا تلاشي آهن، تن ۾ گهرجي دل جي صداقت، بلند خيال، نئڙت، قرباني: اهي صفتون شاهوڪارن کان وڌيڪ هن کي غريبن ۾ نظر آيون. غريبي معنيٰ غربت، جيڪي دليري خيال کان مسڪين نظر اچن ٿا، سي روهاني دولت ۾ مالا مال آهن: سندن دلي دنيا دائما آباد رهي ٿي. جيڪي دنيا کان پري، سي ڌڻيءَ کي اوري. شاهه صاحب ڏٺو ته دولت ۾ ناز آهي، غريبيءَ ۾ نياز آهي، ۽ مالڪ وٽ نياز کٽندو، نه ناز... شاهه صاحب جون ٻه سورميون ليلار ۽ مومل، وڏو گهراڻيون آهن، ۽ اهي ئي ٿاٻڙجن ٿيون. ليلار لاءِ شاعر چويٿو:

ٿڙڪي پسي ٿوڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي.

ليڪن ٻين سڀني جون سيرتون بي داغ آهن ۽ اهي آهن پڻ غريبن جون ڄايون. ليلا ۽ مومل جهڙا ڪم نه ڪيا سهڻيءَ، نه سسئيءَ، نه مارئيءَ. ڪکاين جهوپڙين ۾ رهندڙ کي ڪهڙي خبر ته چترائي ڇا ٿيندي آهي؟“

1946 ۾ پروفيسر لوڪومل ڪيسواڻيءَ ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ ڇپايو، جنهن ۾ پهريون دفعو بيدل فقير جي شاعريءَ جو تنقيد جي سڌاريل مغربي اصولن موجب موزون اندازو لڳايو ويو هو. استاد پيرومل هن ڪتاب جي منڍ لکندي، هن ريت مصنف کي دل کولي داد ڏنو هو:- ”پروفيسر ڪيسواڻيءَ کيرون لهڻيون جنهن شاعر بيدل فقير جي ڪلام مان انتخاب ڏيئي، هر هڪ ڳالهه تنقيد جي تارازيءَ ۾ توري نهايت عالماڻي نموني پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪئي آهي. هي صاحب هن نامڪٺئي دويش جي ساراهه ۾ ڪونه اچي ڇٽڪيو آهي، پر سندس شعر جون خوبيون توڙي خاميون پڙهندڙن اڳيان چٽيءَ ريت پيش ڪيون اٿس. هن قسم جا ڪتاب فقط اهي لکي سگهندا جن کي تنقيد جي اصولن جي سڌ هوندي ۽ ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو پورو پورو ڍنگ هوندن. اهو قابلن جو ڪم آهي، ۽ پروفيسر ڪيسواڻيءَ هي هڪ سؤکن صفحن جو مضمون لکي پنهنجي قابليت جو ثبوت ڏنو آهي.“ ڪيسواڻي صاحب جي تنقيدي قابليت، آزاد خياليءَ، ۽ ادبي محاورن جي ايجاد جا مٿال هيٺ ڏجن ٿا، توڻي سندس فارسيءَ ۽ هنديءَ جي ڇوٽ ميلاپ واري لکڻيءَ ۾، وڏي دم(Full stop) بدران جهونن ڪاتبن واري ليڪ ڏنل آهي:- ”فقير بيدل به عشق ۽ معشوق ۾ الله ڏٺو.... زاهدن اِن عشق کي خوب ننديو آهي- شايد انهن مجازي عشق جي پهلوءَ تي جلهه ڪئي آهي—مگر صوفين جي سڌانت انوسار مجاز ئي حقيقت جومارڳ آهي..... هاڻي ويچار ڪرڻ کپي ته مجازي عشق ڪمائڻ مناسب آهي يا نه—حقيقت شناسي لاءِ اهو هڪ لازمي ڏاڪو آهي ڇا؟..... مجاز جو ساڌن هڪ ترڪڻو ڏاڪو آهي—جسماني حسن تي محبت ڪام ترشنا جو سروپ وٺي خطرناڪ ٿي سگهي ٿي—پوءِ عشق مان فسق ۽ زناڪاري پيدا ٿيو پوي—رواجي لاعلم انسانن لاءِ اهو طريقو جوکائتو آهي. البت پاڻ سنڀارجي ته حقيقي محبت جا گهڻا لڇڻ اتان يعني ان آزمودي مان ئي آسان طرح پراپت ٿي سگهن ٿا—نياز ۽ نماڻائي، شيوا جو انگ ۽ خود نثاريءَ جي خوبي، مجازي عاشق پنهنجي سنساري ساجن مان ئي پائي سگهي ٿو—پر من کي اهڙي عشق ۾ ساوڌان ۽ سڌير رکڻ، سخت ساڌن جي تقاضا ٿو ڪري—گهڻيئي عاشق محبوب جي ملڻ سان همراهه ٿيو وڃن.... بيدل ۽ سچل جهڙا صوفي سالڪ ان ساڌن ۾ پاڻ سنڀالي سگهيا ۽ کين پروڙ هئي ته مجاز ڪيئن ڪمائجي جيئن بت پرستيءَ جي عيب کان آجو رهجي ۽ آخرڪار جزوي ۽ انفرادي عشق مان ڪلي ۽ علمگير عشق وڃي هٿ ڪجي.....

”سندس ڪلام ۾ لطف، جذبو ۽ جوش، مؤج ۽ مستي موجود آهي. ٻولي به نزاڪت کان خالي ناهي. پر اها نزاڪت ڪنهن حد تائين آهي. شاهه لطيف ۾ جا نظم جي صنعتگيري ۽ شبد ڀنڊار يعني لغت ۾ وسعت عيان آهي ۽ جا شعر جي سوکيم سوڀيا سندس شعر ۾ سمايل آهي سا بيدل جي شعر ۾ گهٽ موجود آهي- امنگن جي اڇل عيان آهي، اجهل آهي—شاهه پنهنجي امنگ کي ڪنهن ضابطي ۾ رکيو آهي. مگر سچل ۽ بيدل، ان اندر جي موج کي آشڪار ڪرڻ ۾ ڪابه رک رکاڻ نه ڪئي آهي، دهلن دمامن سان عشق جو آلاپ اُچارن ڪيو اٿن—لوڪاڻي لڄ لاهي ’هليا هن وير عشق ۾ ڪاهي‘- .... پوءِ ته وقتي ساهت جي ٻنڌنن جا بند به ڀڳا اٿن ۽ بحروزن جا قانون به نظر انداز ڪري چڪا آهن. علم عروض ۽ ويا ڪرڻ جي نيمن کي به بيدل سائين گهڻئي دفعا النگهن ڪيو آهي، جنهن ڪري ادب جا استاد سندس ڪلام کي نقص کان آجو نٿا سمجهن-... بيدل سائينءَ جي ٻولي وڻندڙ ۽ رس ڀري آهي ۽ وقتي سهڻا جهلڪا ڪڍي اکين کي آنند ٿي عطا ڪري. عشق جي سوز ۾ رنگجي باقي به مڌر ۽ موج افزا ٿيو پوي—ليڪن اڪثر ڪري سندس سنڌي غير رواجي آهي—سرائڪي، لاڙيچڪي، پنجابي، هندي، اردو، پارسي، عربي، سڀني ٻولين جا شبد آزاد نموني ۾ پنهنجي شعر ۾ ايڪاگر ڪيا اٿس.... اهڙيءَ طرح..... نج سنڌيءَ کي هڪ رنگارنگي روپ ڏنائين، هڪ غير رواجي سنڌي ٻولي رچي ان ۾ پنهنجي ڪلام کي قلم بند ڪيائين—انڪري سندس سنڌيءَ کي هڪ نرالي چهر ۽ دلچسپي آهي—...“ (خود پروفيسر ڪيسواڻيءَ جي ٻوليءَ به اهڙي ئي آزاد نموني جو غير رواجي ميلاپ آهي- م.)

”ادب سان عرض ٿو رکان ته بيدل سائين جي ڪلام ۾ هڪ اوڻائي عيان آهي جنهن کان نظر انداز ٿيڻ ادبي قصور ٿيندو—اها آهي وچترتا جي ڪوتاهي يا مختلف رنگيءَ جي غير موجودگي (Lack of variety)—اهو نقص يورپ جي اڪثري ڪوين جي ڪوتا ۾ پرسڌ آهي... آسپاس سنسار ۾ جيڪي وهي واپري پيو اُنجو ورنن وستار سندن شعر ۾ گهٽ سمايل آهي—بيروني نگاهه (Objective vision) گويا ٻوٽيل اٿن... ساڳي ساڳي آتم ڪٿا، ساڳي تان ۽ سر ۾ پيئي رينگٽ ڪري—ساڳيا احساس ۽ ويچار جدا جدا شبدن ۾ ڦيرائي ڦيرائي شاعر ڪڪ ڪيو ڇڏي ۽ من موڳو ڪيو ڇڏي... وشيه جي وار ڦير ۽ نقش نگاريءَ جي سٽ مٽ جيڪا دلچسپي ٿي پيدا ڪري سا شاعر جي يڪرنگ بات ۾ هڪسريءَ لات ۾ گم ٿيو وڃي ۽ پوءِ ڪوتا بيرنگي ۽ بيسواد ٿيو پوي—مگر جيئن عرض رکيم ته اهو نقص بيدل سائين جي ڪلام تائين محدود ناهي، اهو يڪسريلائي يا سمروپتا (monotony)جو قصور شلوڪن، غزلن ۽ ڪافين ۾ عام طر پر سڌ آهي—يورپ جو انتر اڀياس(Subectve) ڪلام ان بي وچترتا جي مرض ۾ مبتلا آهي. شاهه لطيف اُن عيب کي هڪ رمز سان لڪايو آهي جو تصوف ۽ عشق جا ويچار ۽ امنگ عشقي فسانن ۽ لوڪ پسند قصن ڪهاڻين جي صورت ۾ مجسم ڪيا اٿس.... بيدل، سچل ۽ روحل (۽ سامي) ۾ اها بيرنگ کي رنگين بنائڻ جي رنگت ڪانهي.“

پروفيسر ڪيسواڻيءَ هن ڪتاب ۾ نوجوان سرڳواسي شاعر نرمل جيوتاڻيءَ جي ڪوتا جي به ڪٿ ڪئي هئي، پر ان جو نوع جذباتي وڌيڪ ۽ دماغي گهٽ هو.

ساڳئي ڪتاب ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ ۾ ڪماري ڪملا ڪيسواڻي جو پنهنجي پروفيسر پتا کان سنوارايل مضمون ”ليکراج ڪشچند عزيز“ جي شعر ئي تشريح ۽ تنقيد وارو پڻ ڏنل هو، جنهن ۾ به ادبي نڪتچينيءَ جو اوچو معيار رکيل هو، ۽ جو هڪ زندهه شاعر تي هڪ عورت جو لکيل پهريون تنقيدي مقالو هو. ڪماري ڪيسواڻيءَ عزيز صاحب جي شعر جو اونهو اڀياس ڪري، اُنجو خوبيون ۽ خاميون، سڌريل ترتيب وار مثالن سميت ڏنيون هيون، ۽ سندس عبارت ۾ سندس پتا جي ڇڙواڳ فارسي- هندي گاڏڙ طرز جو پڙاڏو هو، جنهن ۾ به وڏي دم جي نشاني عدم پيدا هئي:- ”عزيز صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح جو سٺو ڄاڻو آهي—هنجي لغت (شبد ڀنڊار) وسيع آهي ۽ تلفظ ۽ هجي تي پڪو ضابطو آهيس—لفظن جي کوٽ وٽس ڪانهي—پارسيءَ ۽ عربي جي به چڱي ڄاڻ آهيس. پارسي ٻوليءَ ڏانهن ته خاص رغبت اٿس ۽ ان ٻوليءَ جا نمونا، اصطلاح، تشبيهون ۽ تڪلفون ذرا بيحد ورتائي پنهنجي نظم کي وقتن تي سخت ڳرو ۽ دير هضم بنايو اٿس- ’ديوان (ڪليات) عزيز‘ جي پهرئين ڀاڳ ۾ عربي ۽ پارسي جهجهي وزن ۾ ٻرڪيل آهي—’يک مشت نمونهه خرار‘ جو طريقو وٺي هڪ اڌ مثال پيش ڪنديس—ڏسو رديف الف جو پهريون غزل، بيت ٻيو.

عيان رخ آنشين پنهنجو سر محشر ڪريو ڇو ٿا

قيامت ۾ قيامت جي تپش دلبر ڪيو ڇوٿا

صفحو 47-

ڏسي همٿ ٿي حاسد راهه صحرا تنگه چشمي کان

اسان کي ليليءَ مقصد تي مجنون وارا شيئدا ڪر-

فعل سو سنڌي صورت ۾ آهي باقي ٻولي ته فقط ايرانين جي ملاحظي جي قابل آهي—منهنجو پتا ۽ مان پاڻ ان مرض ۾، مبتلا آهيون جو پارسي سان پريم اٿئون—اسان ٽنهي کي علاج جي ضرورت آهي—...

”ٻيو نقص ليکراج صاحب جي نظمي ذخيري ۾ عيان آهي سو اهو ته ڪيتري قدر شبد رس جي پرک ۾ ڪوتاهي ٿو ڏيکاري—ڪوتا جا شبد يعني شاعراڻي لغت (Poetic diction)جي مٺي ۽ موج افزائي نه ٿي، ته شعر جي شيرنيءَ ۽ لطافت، ڪوتا جي مڌرتا ۾، وگهن پئجي ويندو.... هڪ هنڌ شاعر ٿو چوي:

زبان ۾ ڇا چپن ۾ پيئي، پيرين هٿن ۾ لڦ

چئي توکي، لکي هر هم، رلي پاتم پٽن ۾ لڦ

وري ڏسو-

ڇيم دلڙي! پڻي ٿي يار جي پيزار ۾ تون ڦٻ

ڪجل ٿي پوءِ اکين ۾ ۽ ڦڻي ٿي وار ۾ تون ڦٻ

(لڦ لڦ ۽) ڦٻ ڦٻ جا وزن ۽ ستيون ڪئن نازڪ معدي ۾ ڦٻنديون.

”ٽيون نقص جو مسٽر عزيز جي قلم ۾ عيان آهي سو آهي هنجو نقطه نگاهه، هنجي ويچار جي ورتي، ٻاهرين قاعدن قانونن ڏانهن سخت متوج آهي-  هو پورو انتر مکي(Introspective) ناهي—هن جو هڪ لاڏلو پيمانو، ساهت جي ڪٿ ڪرڻ نسبت، اهو آهي ته ٻولي بلڪل صحيح هجي، منجهس ڪا غلطي نه هجي- ٻيو، بحر ۽ وزن ۾ ڪو قصور ۽ ڪچائي ڏٺائين ته وهلور پيو ويندو—ٻيون شاعراڻيون خوبيون نظر انداز ڪري، شدمد سان پيو هي ويچار ’واڏرائيندو‘ته هن نظم يا نثر ۾ هيتريون چڪون، هت وزن اڻپورو، هت عبارت جي وهڪري ۾ کڏ وغيره وغيره—کيس سنڌي ٻولي ۽ اصطلاح تي چڱو ضابطو آهي، پر جن لفظن،اصطلاحن يا محاورن کي هو غلط ٿو سمجهي سي لفظ سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ ورتڻ ۾ ايندا هجن.... ٻيو ته اهو پڌ ڪوئي بيهودو آهي ته چڪون ٿيون ته نظم يا نثر قاصر ٿيو ۽ جي ڪلام درست ٿيو ته شعر بي عيب ٿيو... گهڻيئي چڪون هجن پر جي حسن ۽ نزاڪت جون خاصيتون، ڪلپنا جي آتمتا ۽ سوکيمتا، ڪوتا ۾ جهجهي قدر ۾ پرويشڪ آهن ته اهي چڪون ان ڪوتا جي سوڀيا ۽ رنگت کي جهڪو ڪري نه ٿيون سگهن.... پر جي ويچار ۽ ڪلپنا مڌيم ٿيا، ته ٻولي، ويا ڪرڻ، بحر وزن ڪيترا به ٺيڪ ٺاڪ هوندا، ته به شعر بلند پائي جو شان پائي نه سگهندو—خرار جل اطلس بپوشد خدامت—مسٽر ليکراج جي ٻولي ۽ اصطلاح، بحر ۽ وزن بيشڪ درست، مگر شعر جو حقيقي لطف، موج ۽ مستي سدائين منجهس موجود ناهي—هو صاحب پيچيدن، ڇڪي تاڻي اٽوپن ڪيل ويچارن تي ٻلهار پيو ويندو آهي— .... منهنجو رايو آهي ته منجهس اها عالمگير بلند پروازي ڪانهي جا زندگي جي ذاتي يا بنيادي مسئلن تي اتساهه اٿاريندڙ خيال يا احساس عيان ڪري—انهي آدرش کان هو گهڻو گهٽ آهي....

”جي اسانجو عزيز بي عيب ناهي ته گڻن جو ڀنڊار به آهي—جي اول درجي جي شاعرن ۾ ناهي ته به هڪ لايق ۽ ماهر نظم نگار ۽ نثر نويس آهي... تن تپائي، تنگ ڏيئي لکڻ جي بجاءِ، سڀاويڪ ۽ قدرتي روانيءَ سان جڏهن ڪلڪراڻي ٿو ڪري تڏهن سندس شعر ۾سواد ۽ سوڀيا چڱائي ٿا پيدا ٿين. وقت تي پريم جي پلٽ به پيدا ٿي ٿئيس ۽ شعر رونق افروز ٿو ٿئيس—سندس علمت وارو غزل ’ڪنئي‘ تي منهنجي هن ويچار جو ساکي آهي.... اسان جو عزيز آهستي آهستي مٺو ٿيندو پيو وڃي—سواد وڌندو پيو وڃيس-.. مگر ’ڪليات حصو اول‘ ۾ خاص سينگار هڪ مربع آهي جنهن منهنجو من خاص طرح موهيو آهي—وري وري پڙهڻ سان به مؤج نٿي گهٽجيم—ٻولي سليس، مٺي ۽ رنگ آميز. ناتا روپي نقش ڪن دلفريب نظارن جا واهه جو چٽيا اٿس—سوز ۽ سڪ به منجهس مجسم ٿيل آهن—آخر ۾ شاعر هڪ سهڻو حقيقي سبق هن نظم ۾ سمائي شعر کي رونق افروز ڪيو آهي—.... سندس سرو آهي ’پرين جي ڳولا‘

1- ڍڪي ڪفني فقيرن جان هليس غمخوار جي خاطر

دکايم جوڳي ٿي دل ۾ دونهي، دلدار جي خاطر....

2- سدائين درد فرقت کان وهي هليا ٻئي نارا

ڀريندي سرد آهون ٿي سڄيون راتيون تڪيم تارا...

3- گهمي مسجد، مڙهي، مندر ۽ بت خانو ٿڪس اڪثر

ويس ڪعبي ۽ ڪاشيءَ ڏي، مگر حاصل نه ٿيو دلبر

نظر دل جي چمن ۾ جان ڪيم ويهي ’عزيز‘ آخر

لڌم تنهنکي رليس جنهن يار گلر خسار جي خاطر

”مثنوين (’ڪليات عزيز‘ ڀاڱو2) کانپوءِ مسٽر عزيز جو شعر رفته رفته رسيلو ۽ وڌيڪ لوڪ پسند ٿيندو رهيو آهي—ميٺاڄ، سو کيم نزاڪت، سهڻا سولا سهج سڀاءُ انپن ٿيل اصطلاح، محاورا ۽ لغت، تشبيهون ۽ استعاره، ان کانپوءِ جي لکيل شعر کي فرحت انگيز بنائي رهيا آهن—ان مان پرسڌ آهي ته شعر جهجهو ۽ ان جو چڱو ڀاڱو قابل تحسين لکيو اٿس—ڪمي ڪاستيءَ کان ڪنهن صاحب ادب جو ڪلام خالص ناهي—مگر  جيئن مون اڳيئي نرنئي ڪيو آهي تيئن غلطين تي زور رکي ڪنهن به تصنيف جي گهٽتائي ڪرڻ هڪ غلط طريقو آهي—ڏسڻ کپي ته منجهس خوبيون ڪهڙيون آهن، جوهر ڪهڙو آهي ۽ نقطه نگاهه بلند آهي يا پست، اوچو يا نيچو—انهيءَ ڪسوٽيءَ سان ئي شعر جي ڪٿ ڪٿڻ مناسب ٿيندو—۽ شاعر عزيز ان پريڪشا ۾ جس سان ڪامياب ٿيل آهي.“

”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“، ”سنڌو“ مخزن نومبر 1946 ۾، ديوان ڪرمچند هنگوراڻيءَ ۽ جڳتراءِ ايسرداس سهڻي سمالوچنا ڪئي هئي، جنهن مان هيٺيان فقرا ڏجن ٿا: ”سنڌي ساهتيه ۾، مغربي پيماني واري ادبي تنقيد، يعني دماغي رچنائن جي باريڪ ڪسوٽيءَ سان ڪٿ ڪرڻ جو طريقو اڃا چالو نه ٿيو آهي. يورپ ۾ اهو تنقيد جو طريقو عام طرح ڦهليل آهي. اتي ڪو نئون ڪتاب پڌرو مس ٿئي، ته مٿس بنا دير ٽيڪا ٽپڻي ڪري، سندس خوبيون ۽ خاميون شايع ڪيون وينديون آهن. ڪهڙو به کڻي اوچ پدويءَ وارو گرنٿڪار هجي، ته به نڪتچين فقط سندس ساراهه جون ڳيتون نه ڀريندو آهي پر عيب ۽ ثواب نقش ڪري، اُن علمي رچنا جي هو ٺيڪ طرح ڪٿ ڪٿيندو آهي، پر سڀ ڪنهن جا رايا پنهنجا پنهنجا هوندا آهن. بعضي بعضي وڏن وڏن شاعرن ۽ گرنٿڪارن جي به حد کان ٻاهر نڪتچيني ٿيندي آهي... سنڌ ۾ اسان جي پرانت جي سرتاج شاعر لطيف جي شعر تي ئي فقط تعريف ۽ تحسين جا وسڪارا ٿيا آهن. سچل، روحل، سامي، بيدل ۽ بيڪس، خواهه ٻين زندهه شاعرن تي نڪتچيني هيلتائين، شايد ڪنهن به ڪانه ڪئي آهي. ان ڪري پروفيسر ڪيسواڻي ۽ سندس سپتريءَ ڪملا ڪيسواڻيءَ  کيرون لهڻيون جو سنڌ جي ٽن شاعرن: بيدل، نرمل ۽ عزيز جي شعر تي، ادبي تنقيد جي مغربي ريت مروج ڪري، سندن ڪلا تي پنهنجن خيالن موجب راءِ زني ظاهر ڪئي آهي ۽ گڻن سان گڏوگڏ سندن اوڻاين ڏانهن اشارو ڪري ان تي پنهنجا ويچار پرگهٽ ڪيا اٿن. انهن راين تي اختلاف ٿي سگهي ٿو. مگر جنهن منطق ۽ ترتيب انوسار پروفيسر ڪيسواڻي ۽ ڪماري ڪملا ڪيسواڻيءَ پنهنجي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي سا تحسين جوڳي آهي ۽ سنڌي ساهتيه ۾ هڪ نئون رواج چالو ڪرڻ جي دعويٰ رکي سگهي ٿي.

”بيدل صاحب سنڌ جو هڪ نام ڪٺيو شاعر آهي، پر بلڪل اعليٰ درجي جو درويش پڻ آهي، تنهن ڪري سندس ڪلام جي تورتڪ اهي ٻئي ڳالهيون خيال ۾ رکي ڪرڻ واجب آهي... پروفيسر ڪيسواڻي سندس سنڌي نظم تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن. شاعر جي ٻولي غير رواجي آهي، ”اگرچ شيرينيءَ ۽ امنگ ۾ ڪوتاهي بلڪل ڪانهيس، ان ڪري ڌيرج سان پڙهڻ سان ئي انجو ارٿ پرسڌ ٿيندو، ۽ پوءِ ئي منجهس جيڪو احساس، ويچار، عروج ۽ ادبي نزاڪت جو جوهر سمايل آهي، سو پروڙي سگهبو. شاعرن جا ڪلام هروڀرو اهڙا سليس نٿا ٿين، جو هڪ دفعي رواجي پڙهڻ سان جو لطف منجهن محفي آهي، سو محسوس ڪري سگهجي. خاص ڪري بيدل جهڙي اعليٰ درويش جي ڪلام ۾ اهي خدائي راز رکيل آهن جي شايد انهن جو رچيندڙ ئي پوري طرح سمجهي سگهي، يا ڪو درويش شاعر جو ساڳئي منزل تي پهتل هجي. انهي ڪري ئي آهي جو پروفيسر ڪيسواڻيءَ بيدل صاحب جي وحدانيت جي ڪلام تي شُنڪا اٿاري آهي.

نرمل جيتواڻي پروفيسر ڪيسواڻي جو مضمون هڪ مرثيو ۽ محبت جو اظهار آهي، جو پريم ۾ رنڱيل آهي. ان ڪري شعر ۾ ڪابه ڪوتاهي چاهي هجي يا نه هجي، پر گهٽ نه ڪئي ويئي آهي ۽ سندس ڪوتا جي مر تا ۽ سندرتا تي گهڻي پريم جي پلٽ پر سڌ آهي، مگر اُن ڪوتا کي جو داد ڏنو ويو آهي، تنهنجو نرمل جيوتاڻي هر طرح اڌڪاري آهي.

سندس شعر ۾ نظم جي عارضي قاعدن جي لحاط کان ڪو قصور هجي به، مگر شعر جو درست پيمانو ۽ حقيقي جوهر مد نظر رکڻ سان پتو پوندو ته نرمل واهه جا سليس، سندر ۽ سوز ڀريا ڪوتا مٺن شبدن ۾ رچي پڌري ڪئي آهي.

”ڪماري ڪملا ڪيسواڻيءَ اسان جي هر دلعزيز ’عزيز‘ شاعر بنسبت پنهنجن خيالن موجب،اون جي شعر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي، بلڪ ان جي شخصي زندگيءَ بنسبت پڻ ڪي رايا ظاهر ڪيا آهن، جيڪي ڪنهن به حالت ۾ ضروري نه هئا. عزيز جا پهريان شعر جيڪي ديوان (ڪليات) عزيز ۾ لکيل آهن، تن ۾ برابر پارسيءَ ۽ عربي ايتري ته ڪم آندل آهي، جو رواجي پڙهندڙ ته دنگ اچي ويندو ، پر سندس شعر جيڪو پوءِ جو لکيل آهي، تنهن ۾ هن ڪوشش ڪري سليس ۽ صاف سنڌي لکي آهي... ائين هجي به ته ڪي شعر هروڀرو انهي عروج جا نه به هجن پر عمدا آهن. سندس شعر جي ڪٿ شاعر طبع تي پوريءَ طرح ڪسوٽيءَ تي لڳائي سگهندا... مس ڪملا ڪيسواڻي اسانجي خيال موجب پورو پورو داد اسان جي شاعر کي نه ڏنو آهي، پر اُن ۾ شڪ ڪونهي ته هن شاعر جا خيال پنهنجي دماغي ڪسوٽيءَ تي آندا آهن ۽ وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جو مصالح ڏنو آهي. ”ٽيڪا ڪارن جي لکڻيءَ جي طرز رنگين ۽ عالماڻي نموني جي آهي. البت پارسيءَ جو ڀرڪو منجهن جهجهو آهي، ان ڪري مذڪور رسالو عام لوڪن لاءِ جيڪيسو دير هضم آهي. چڱو ٿئي ها جي لکندڙ سليس سنڌي ٻوليءَ م پنهنجا خيال ظاهر ڪن ها ۽ سنڌي ڪتاب لکندڙن لاءِ هڪ مثال ٿين ها... هن قسم جي ادبي نموني کي همٿائڻ سان، اسين سنڌي ساهتيه ۾ هڪ نئون ورق ورائينداسين.“

”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ جي جواب ۾ محمد ابراهيم خليل ”ڪيسواڻي جي ڪسوٽي“ 1947 ۾ ڇپايو، جنهنجي هڪ حصي ۾ ”عزيز“ ۽ ”بيوس“ جي ڪيترن ساڳين موضوئن تي لکيل شعر جهڙوڪ: ”برسات“، ”بهار“، ”پکيءَ جي پڪار“، ”هماليه“، ”تاج محل“، ”مزورڻ“ ۽ ”مزدور“ جي وچ ۾ موازنو (ڀيٽ) ڪري ڏيکاريو ويو هو ته ”بيوس“ جي شعر ۾ خيال جي چٽائي، ۽ وزن ۽ ٻوليءَ جي بختائي ڪانهي، پر ”عزيز“ جو شعر ويچار خواهه بحروزن، عبارت ۾ برجستو ۽ بهتر آهي: ”بيوس صاحب شعرن لکندي سنڌيءَ جون بيشمار غلطيون ڪيون آهن... عزيز صاحب جو جيڪو اعليٰ شعر آهي تنهن سان بيوس جو شعر ڀيٽي نٿو سگهجي، ڇو جو بيوس صاحب ۾ نه اها قوت خيال آهي، نه رنگيني، نه نفاست ۽ نه معنيٰ آفريني.“ ڪتاب جي ٻئي حصي ۾، ڪملا ڪيسواڻيءَ جي لکيل شاعر عزيز بابت مضمون ڏسي، خليل صاحب جي تنقيدي جواب جا نمونا پيش ڪجن ٿا: ”سنڌي شعر جي ڪسوٽيءَ، جي پهرئين صفحي کان وٺي پوئين صفحي تائين زبان هڪ ڪري آهي ۽ ڪملا ڪماريءَ ۽ سندس پيءَ جي زبان ۾ ذرو به فرق ڪونهي.... تنهن کانسواءِ جيڪي به مثال ڪملا ڪماري ڏنا آهن تن جو سندس پتا ڪيسواڻي صاحب (هڪ خانگي گڏجاڻيءَ ۾) اڳيئي عزيز سان ذڪر چوري چڪو هو. ان مان ثابت آهي ته تنقيد پيءُ جو لکيل آهي ۽ نه ڌيءُ جي- هاڻي ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪيسواڻي صاحب زنانو جامو پائي عوام ۾ جلوهه افروز ٿيو آهي، تنهن ڪري هن کانپوءِ فقط ڪيسواڻي صاحب ڏي مخاطب ٿبو.... ڪيسواڻي صاحب ڌيءَ جي آڙ ۾ لڪي شڪار کيليو آهي. ڪهڙي نه بي حياتي!“ (ڪماري ڪيسواڻيءَ پنهنجي مضمون جي مهاڳ ۾ۡ لکيو هو: ”منهنجي پتا ان تحرير ۾ ڦير ڦار ڪري کيس سڌاري ان کي جيڪيسو نئين رنگت ڏني آهي... مگر بنيادي طرح هي مضمون منهنجي قلم رانيءَ جو نتيجو آهي.“—م.)

”پروفيسر صاحب پهريئين ’هيراباد‘ تي چيل عزيز صاحب جي قصيدي کي نظر ۾ رکيو آهي ۽ ان بابت چوي ٿو: ’اسان جي شاعر به هيراباد جي نزاڪت نقش ڪرڻ ۾ پاڻ موکيو آهي، اگرچ تصوير نگاريءَ جي مبالغي جي ڪوتاهي ڪانهي.‘ حالانڪه شعر لاءِ مبالغو اهڙو ضروري آهي، جهڙو طعام لاءِ لوڻ ۽ وڻ لاءِ پاڙ.... قوت مبالغي جي شعر لاءِ وڏي زينت آهي، پر اسان جي سنڌ ۾ اهڙا به ڪي بصرن جا ڀوڪ پيا آهن جن کي ساٽياڻيءَ وانگر گلن جي کاريءَ مان مٿي جو سور ٿو پيدا ٿئي ڇو جو انهن احمقن جي مغز ۾ کاريءَ مڇيءَ جي کک ويٺل آهي...

”ڪنهن به شاعر تي تنقيد ڪرڻ وقت ٺيٺ سنڌيءَ ۾ يا مغلق سنڌيءَ جي الزام هيٺ سندس شعر جي رتبي جو فيصلو ڪرڻ نه فقط انصاف جو خون ڪرڻو آهي، پر پنهنجي جهاليت جو به ثبوت ڏيڻو آهي.... سنڌي زبان ايتري ڪشادي ڪانهي جو وسيع مضمون چيدن ۽ مائيدار لفظن ۾ سمائي سگهجن، ۽ اڪثر جتي نوان نوان خيال پيش ڪرڻا پون ٿا، اُتي ٻولي کٽل لڳي ٿي، جنهن ڪري ڪنهن قربدار ٻوليءَ کان مدد وٺڻي پوي ٿي. ان ڪري سنڌي لغت ۾ به اضافو هڪ طرف ٿئي ٿو ته خيال کي لفظي جامو ڍئڪاڻ ۾ سهوليت ٻئي طرف. نه ته بلند پرواز شاعر جو خيال دلي مفهوم ظاهر ڪرڻ کان عاجز ٿيو پوي. خود پروفيسر صاحب معترض ٿي، عزيز تي تنقيد ڪرڻ وقت ڪيترا فارسي ۽ سنسڪرت لفظ استعمال ڪيا آهن.... ان کانسواءِ ڪيترائي کلائيندڙ لفظ جوڙيا اٿس، جئن: طبع جي هر هنرائي (هر فن موليٰ)، پرٻور، ڪن ڦٽو (ناگوار يا نامانوس) وغيره..... ان کانسواءِ سنڌي مضمون لکندي ڪيترائي انگريزيءَ ۾ رايا پيش ڪيا اٿس، جا سندس هڪ بيهودگي آهي وري انگريزي شاعريءَ ۽ سنڌي شاعري جي ڀيٽ ڪرڻ هڪ ٻي مورکائي آهي....

”پروفيسر صاحب عزيز جو هر هڪ بيت ڏيئي راءِ ڏني آهي ته سندس شعر ۾ رواني ڪانهي ۽ تنگ ڏيئي شعر لکيو اٿس. پروفيسر صاحب کي شايد خبر ڪانهي ته رواني ڇاکي چئبو آهي ۽ تنگ ڏيئي شاعر ڪيتري منزل ماري سگهندو. پهريائين سوال آهي ته پروفيسر صاحب شعر ۾ رواني سڃاڻي سگهي ٿو؟ مون کي پڪ آهي ته هن صاحب کي روانيءَ جو رڳو نالو اچي ٿو باقي سڃاڻپ کان صفا ڪورو آهي. روانيءَ جي معنيٰ آهي ته شعر پڙهڻ وقت زبان مان ائين پيو نڪري جيئن نيسر مان پاڻي، ۽ پڙهندڙ کي تعقيد يعني اٽڪ نه ٿئي. اها راءِ فقط اهو ناقد ڏيئي سگهندو، جو لفظن جي تلفظ جو پورو واقف ۽ لفظن جي بندش جو پورو ڄاڻو هوندو ۽ معنيٰ پڙهڻ مان سمجهي ويندو. پر جيڪڏهن مت موڙهو ناقد ڏکين لفظن ۾ اٽڪي پوندو ته اهو ڪيئن نڪته طرازي ڪندو!..... پروفيسر علي الاطلاق سڀني شعرن ۾ رواني ڪانه ٿو پسي. انهيءَ جو سبب رڳو اهو آهي جو هن اهڙا شعر پڙهيا آهن جن ۾ ٺڪ ٺڪ ۽ وات کڙڪي کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. سر حروف جي صنعت سبب سمجهندا آهن ته واهه جو شعر آهي. بندش چست ڇاکي چئبي آهي، تنهن کان پروفيسر صاحب اهڙو واقف آهي جهڙو جيوڻ جت! مثال:

رعد رڙڪا گوڙ گڙڪا خوب ڪڙڪا ٿو ڪري (بيوس)

هڏ انهن شعرن جو پورو چئبو آهي. يعني اهڙا شعر بي معنيٰ ۽ بي مغز چئبا آهن. وري عجب جو پروفيسر صاحب اهڙن شعرن تي ائين مست آهي جيئن چري ٻار تي. رواني به اهو شاعر رکي سگهندو جنهن کي صحيح تلفظ ۽ چست بندش ۽ وزن جي پوري ڄاڻ هوندي... پروفيسر ڪتاب ۾ عزيز صاحب جي شعر ۾ رواني ڪانهي جي ٻاڪار لائي ڏني آهي، مگر هڪ به مثال اهڙو پيش ڪونه ڪيو اٿس جنهن ۾ پڙهڻ سان تعقيد پوي ۽ چئجي ته روانو شعر ڪونهي. ٺلهو چڻو وڄي گهڻو.

”عزيز صاحب جي جنهن مربع ۽ ”دواڪر“ واري شعر تي پروفيسر داد ڏنو آهي سي ته عزيز صاحب جا ابتدائي شعر آهن. ڀلا پروفيسر صاحب ۾ اعليٰ شعر سمجهڻ جو مادو هجي ته قدر ڪري سگهي.... پروفيسر ڪيسواڻي صاحب عزيز جي هن بيت تي اعتراض ڪيو هو، فعل سو سنڌي آهي باقي ٻولي سان فقط ايرانين جي ملاحظي جي قابل آهي. هن مان ظاهر آهي ته پروفيسر صاحب بيت جي معنيٰ ڪانه سمجهي آهي جا سندس سمجهڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي.“ (اتي انهن اعتراض ورتل بيتن ۾ آيل ڏکين فارسي لفظن ۽ محاورن جون معنائون ۽ بيتن جي شرح ڏنل آهي.) ”سچ ته هيئن آهي ته جيڪڏهن شعر سمجهه ۾ نه اچي ته پاڻ ۾ جهالت محسوس ڪرڻ کپي ۽ نه شاعر تي ويهي اجائي تنقيد ڪجي.“

هن تاريخ لکندڙ کي خليل صاحب جو مٿيو دليل عجب ٿو لڳي. جيڪڏهن  ڪو شعر نه فقط عام پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ، کي بلڪه پروفيسر ڪيسواڻي جهڙي فارسيءَ ۾ تعليم ورتل ۽ تعليم ڏيندڙ، پاٺڪ کي به سمجهڻ ۾ نه اچي، ته اها پڙهندڙ جي جهالت ٿي! باقي تڏهن شعر سمجهڻ وارا بچيا ڪير؟ مون کي انديشو آهي ته اهڙا دقيق شعر عزيز صاحب کان ڪجهه گهٽ معيار وارا شاعر به شرح کانسواءِ ڪين سمجهي سگهندا، ۽ صرف لکندڙ ئي پنهنجو شعر سمجهڻ لاءِ رهجي ويندو! منهنجي نظر ۾ اهو شعر، جنهن جي سمجهڻ لاءِ تعليم يافته پڙهندڙن کي به شاعر وٽان شرح جي محتاجي ڪڍڻي پوي، سو خود عيبدار آهي، جنهن لاءِ نه پڙهندڙن، پر لکندڙ قصوروار آهي. تنهن کانسواءِ ”ڪيسواڻيءَ جي ڪسوٽي“ ۾ ڪيسواڻي صاحب تي ڪيل سخت ڪلاميءَ مان ۽ عزيز صاحب جي ثنا ۾ مٿي ڏنل مثالن مان، خود عزيز صاحب جي عالماڻي عبارت ۽ تحرير جي نوع جي بوءِ به پيئي اچي. جي خليل صاحب کي پڪ آهي ته ”شاعر ليکراج ڪشچند عزيز“ واري تنقيد ڪماريءَ ڪملا نه، پر پروفيسر ڪيسواڻيءَ ڌيءَ جي آڙ ۾ لڪي ڪئي آهي، ته هن لکندڙ کي شڪ آهي ته ”ڪيسواڻيءَ جي ڪسوٽي“ واري تنقيد خليل صاحب نه، پر عزيز صاحب پنهنجي دوست جي آڙ ۾ لڪي ڪئي آهي. آخرين فيصلو سمجهندار پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي. سچ ڪوڙ سچائي  جو ٿو ڄاڻي ڄاڻڻهار.“

1947 ۾ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ”سائين قطب شاهه“ نالي سان، حيدرآباد واري ان ڪامل صوفي فقير جي زندگي جو احوال سندس ڪرامتن ۽ ٻين روايتن سميت تفصيلوار ڏنوهو، ۽ سندس ڪجهه ڪلام جي مشابهت شاهه، سامي، سچل، بيدل ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام سان ڪئي هئائين. پروفيسر صاحب جي لکڻي جي طرز جذباتي، لئه ڀري ۽ قافيه دار هئي، جنهن جو هيٺيو مثال ڏجي ٿو.

”قطب شاهه جو ڪلام، عام جي اوٽ کان علحدو، بي رنگ، بي مجاز نظر ايندو. اُنجي ڍار ۽ ٺار، وهڪ واحد واري نياري نظر ايندي. سندس رواني ۽ راز، اُڏاريءَ ۾ الاهي عشق، رنگت ۾ رونق رانول سندي، ويڪر بي ڪنار، نهار اپار، ڳجهه سندي ڳالهه، ٻڌي سونهال، سدا بحال، ملئي تي راضي، ڪڏهين نه نمازي، نام جي لاڙي، سدا پرينءَ جي پناري جون سرڪيون اوتيندو ٿو رهي. مجازيءَ جي مؤج ۽ اؤج کان آزاد هئڻ سبب سندس ڪلام انهيءَ لاڙي ۾ لام کان آجھو آهي. پرهه جو جيتوڻيڪ سريلو باجو، ته به انهيءَ برهه ۾ بوندون بهاريءَ جون آهن. سيڪ به اهوئي آهي، جو سيتل ڪندو رهي....

”عشق ٻڌو احرام، عاشق گيت اناالحق ڳائن ٿا

طالب مرد مذڪر اصلي، پاڻ وڃائي پاتائون تسليٰ.

اهو سندن احڪام.....“

”سندن ٻولي سادي، هدايت واري، سڌي سنئين آهي. منجهس نه آهي علم جي اُڏاري، نڪي آهي منجهس ماڻ مالڪيءَ جو، نياز ئي سندن ناز هو، جوئي سندن ساز هو، جنهن مان ويهي روحاني راز سرايو اٿن. شاعراڻو سون ترڪ ڪري هنن فقيراڻو نوع اختيار ڪيو، جنهن ۾ پنهنجن پنڌن ۾ هنڌن جا ڏس، رس ۽ ڪس، گس ۽ وس ويهي وستار ڪيا اٿن. حقيقيءَ جو ڏونڪو، سڌو سنئون ڪنهن سالڪ ڇڊو وڄايو آهي. ٻولي مڍي، ڪٺل ۽ هڪل ۽ هدايت سان ڀريل، ڪٿ ڪٿ سرائڪيءَ جي لفظن سان سينگاريل آهي، ته به سنڌيءَ جو هصو جان تان جهجهو ئي اٿس.“

تنقيدي ڪتاب- سنڌي نثر تي

مٿين فقرن ۾ سنڌي نظم تي تنقيدي رسالن جو احوال ڏنو ويو آهي، هاڻي سنڌي نثر تي تنقيدي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي جي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌ ۾ نڪتا هئا. اهڙو پهريون ڪتاب جو منهن جي نظر هيٺ آيو سو 1936 ۾ ”مسلم ادبي سوسائٽي“ جو پڌرو ڪيل، محمد صديق ”مسافر“ جو ”قرب قليچ“ هو، جنهن ۾ هن بزرگ شاعر، سنڌي ٻوليءَ جي استاد ۽ سنڌي ادب جي بهترين خدمتگار مرزا قليچ بيگ جي حياتيءَ جو سراسر ۽ مستند احوال تصويرن سميت، ۽ سندس سوين تصنيفن جون وچور وار ياداشتون ۽ ڪارائتا تذڪرا ڏنل هئا، هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب جي ڪن ٿورن مکيه نظم ۽ نثر ۾ لکيل ڪتاب جو اندازو پڻ لڳايو ويو هو، ۽ فارسيءَ تان ورتل نثر نويسيءَ جا ڪي اصول پڻ ڏنل هئا. مرزا صاحب جي ”مقالات الحڪمت“ تي ”مسافر“ صاحب هي تنقيد ڪئي هئي:-

”هن ڪتاب جومضمون آهي اخلاقي فلسفه. اصل انگريزي ڪتاب جومضمون اهڙو ڳوڙهو ۽ ٻولي اهڙي دقيق آهي، جو اڄ تائين سندن ڪيترن ٽڪرن جي درست معنائن ۽ شرح تي انگريزي پاڙهيندڙ پروفيسر متفق راءِ نه آهن... جنهن زماني ۾ سنڌي ٻولي سيکارڻ لاءِ وقت سڪون ۽ پهاڪا اصطلاح ۽ تمثيلات، جي ٻوليءَ جو تمام ضروري ڀاڱو آهن، تن تي ڌيان ئي ڏيڻ ۾ ڪونه ايندو هو، نڪو انهن بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب شايع ٿيل هو، تنهن زماني ۾ پهاڪن ۽ اصطلاحن ۾ تمثيلات ڀريل بافصاحت سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو بي نظير ڪتاب لکڻ ڏيکاري ٿو، ته نثر نويسي خدائي ڏات طور ڪچيءَ کان مرزا صاحب مرحوم کي عطا ٿيل هئي..... هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي، ته لارڊ بيڪن جو اصل ڪتاب به فضاحت ۽ بلاغت جو سرچشمو آهي، پر انهيءَ فصاحت ۽ بلاغت کي اهڙي لباس ۾ پيش ڪرڻ، جو سڀڪو صحيح ڪري نه سگهي ته ’مقالات الحڪمت‘ انگريزيءَ تان ترجمو ٿيل آهي، يا مرزا صاحب جو خود ساختو، سا قابليت مرزا صاحب مرحوم کي ئي خدا بخشي هئي.“ [3]

1938 ۾ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻيءَ، سنڌي ساهت جي ٽئين آڳاٽي شيوڪ ديوان دريارام بابت ”راج رشي ديوان ڏيارام گدو مل جو جيون چرتر“ لکيوهو ۽ ديوان تاراچند شوقيرام ڇپايو هو. هن تصوير  سان سينگاريل ڪتاب ۾ ديوان ديارام جي اصل نسل، ۽ جنم کان وٺي سندس آخرين ايڪانت ۽ ديهانت تائين وچور وارو جيون چرتر ڏنل هو، ۽ آخر ۾ سندس ڪيترن انگريزي خواهه سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتابن جي عمدي آلوچنا ڪيل هئي. تنهن کانسواءِ، ديوان صاحب سان سنٻنڌي، اعليٰ هستين جهڙوڪ ساڌو تولراءِ ۽ هيرانند، ڀائي ڪلاچند، ديوان بولچند ۽ خانچند، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙومل ۽ تاراچند وغيره سان هن ڪتاب ۾ چڱي واقفيت ڪرايل هئي. ڦيرواڻي صاحب جي عبارت به سليس پر پختي ۽ مؤزون هئي. ”چابڪ (من لاءِ) ۽ رهاڻ“ جي نازل ٿيڻ بابت پروفيسر صاحب لکيو هو:

”ڏٺو اٿئون ته 27 جولاءِ 1923 کان وٺي ڏيارام پنهنجو آتمڪ انڀؤ سنڌي شعر ۾ به هر روز لکندو رهيو.... نالي جي هيٺان لکيل آهي ته اهي دينڪ داخلائون آهن ويچار، پرارٿنائون، مستوتر ۽ انڀؤ، هڪ نماڻي جا، گرو گرنٿ صاحب کي ارپيل. لکيو اٿس ته ’چار ورهيه اڳي، اصل پوري تاريخ ڏبي‘ ته 28 جولاءِ 1923 کان وٺي، اوچتو ئي اوچتو مون تي اچي گروءَ جي ٻاجهه ٿي، سچ پچ مان اچي بيتن ۾ ڇٽڪيس ۽ صبح جو جهنجهڪڙي ۾ ۽ ٻين وقتن تي به جيڪي بيت خودبخود اندر ۾ ايندا رهيا سي لکڻ لکڻ شروع ڪيم. مان اوندهه ۾ ئي پينسل سان لکندو ويندو هوس ۽پوءِ ڏينهن جو اهي پڙهي صفا ڪري لکندو هوس. مون ۾ ڄڻڪ ڪا نئين آتما اچي ڪم ڪرڻ لڳي. اهي بيت ۽ گيت جڏهن ڪجهه کانپوءِ پڙهي ڏسندو هوس، ته مون کي ائين ڪين لڳندا هئا ته اهي ڪي منهنجا لکيل آهن.‘..... ڏيارام جي چت جي چٽسالي جنهن کي چڱيءَ طرح سمجهڻي هجي ان کي هي ’چابڪ من لاءِ ۽ رهاڻ‘ ڌيان سان ۽ سانت  ۾ ايڪانت ۾ پڙهڻ گهرجن. سڄي عمر جي اڌيين، ڌيان ۽ اڀياس مان جيڪي سٺي کان سٺو هن کي هٿ آيو سو هن ۾ درج ڪيل آهي. آهي الهام، پر آهي سندس اندر جو آئينو، جو ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ بيتن ۾ ظاهر ٿيل آهي... 25- 26- 27- 28 داخلائن ۾ ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته پنهنجي آتم انڀؤ سان پيو لکي، پنهنجي رام ڪهاڻي پيو ٻڌائي:-

لوڪ چون مون پت گوائي،

پت ويل جي تو پئج رکائي.

پت وڃڻ سان سمجهه من آئي،

نڪري ويئي بدنام بلائي....

اڀمان آيس ته مان اَڪامي،

ڪام نهوڙئس آيس بدنامي .....

بدناميءَ ڪئسن سچو اڪامي

هؤميءَ نواري، تون ٿيئڙس ڪامي.“

مٿين ٽن ڪتابن کانسواءِ، سنڌي نثر جي ٻئي دؤر جي اڳواڻن: پرمانند ميوارام، حڪيم فتح محمد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهر چند، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعلچند امر ڏنيمل جون جيونيون ۽ سندن ادبي خدمتن جي جائزي وارا رسالا نڪري پون ته اُنهن عالمن جا يادگار به قائم ٿي پون.

ادبي تاريخ تي مضمون ۽ ڪتاب

سنڌ ۾ سنڌي ادب جون ڪي تاريخون پڻ شايع ٿيون هيون، جن ۾ تاريخي احوال ڏيندي، مکيه مصنفن ۽ سندئن تصنيفن تي ڪي قدر نڪتچيني به ڪيل هوندي هئي، جنهن  ڪري اهي به تنقيد جي ترقي هيٺ آڻي سگهجن ٿا. اُنهن مان پهريان ٻه ننڍا ڪتاب وري به مرزا قليچ بيگ جا هئا: هڪڙو ”سنڌي زبان جي مختصر تاريخ“ جو 1908 ۾ نڪتو هو، ۽ ٻيون ”سنڌي شعر جي قديم حالت ۽ پوءِ جو سڌارو“ (1914)، جنهن جو مضمون نويسيءَ واري فصل ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. 1925 ۾ ڀيرومل مهرچند ”سنڌي ٻولي“ ڇپايو هو جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بنياد ۽ واڌاري جو بيان ڪيل هو. ”مسلم ادبي سوسائٽي“ جي سالياني رپورٽ (1931- 32) ۾، جناب محمد صديق ميمڻ جو ”ادبي تحفو“ (نثر جي بهار) پڌرو ٿيو هو، جو هيلتائين هڪڙو ئي ڀروسي جوڳو مقالو مون کي هٿ چڙهيو آهي جنهن ۾ سنڌي نثر جي واڌاري جي شروعات کان وٺي چڱو چوکو احوال ڏنل هو. 1938 ۾ ساڳئي سوسائٽيءَ ميمڻ صاحب جو سنڌي وارو رسالو ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (جلد 1) شايع ڪيو هو، جنهن ۾ برٽش حڪومت کان اڳ وارن مشهور توڙي معمولي شاعرن جو بيان ڏنل هو. هن ڪتاب ۾ نه رڳو حقيقتن ڪٺي ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪشالو ڪيل پڌرو هو، پر ڪيترن مکيه شاعرن، جهڙوڪ شاهه ڪريم، شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي مضمون توڙي ڪلام ۽ عبارت تي، حوالا ڏيئي، رٿائتي تنقيد ڪيل هئي. پر اُن زماني ۾ نظم جهجهو هو، ۽ نثر نهايت ٿورو ۽ دير سان پيدا ٿيو هو، جنهن ڪري نثر جو احوال به جيڪو ميسر هو سو ڏنل هو. سنڌي ادبي تاريخ جو هيءَ پهريون ۽ بنيادي ڪتاب هو. ميمڻ صاحب جي عبارت چيدي ۽ ٺيٺ هئي جنهن ۾ فارسي عربيءَ جا دقيق لفظ ۽ محوارا ڪم آڻڻ کان ڪنارو ڪيل هو.[4]

1935 ۾ ديوان ڏيارام وسڻمل پنهنجي چونڊ ”سنڌي نثر“ واري انتخاب ۾، مهاڳ طور هڪ مضمون ”سنڌي نثر تي نظم“ وڏو هو، جنهن ۾ نثر جي شروعات ۽ اوسر تي مختصر پر ڪارگر روشني وڌل هئي. 1937 ۾ م- ج- شهاڻيءَ ”سنڌيءَ جو رهبر“ نالي چؤپڙي ڪڍي هئي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ آٿويٽا جي بنياد، ۽ نثر ۽ نظم جي تاريخ تي مختصر مضمون ڏنل هئا، جي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ ڀيرومل مهر چند جي ڪتابن مان چونڊيل هئا. ساڳئي سال آسانند ڇٽارام به چؤنپڙيون: ”علم عروض“ ۽ ”هندي پنگل“ نالي ڪڍيون هيون، جن ۾ فارسي شعر ۽ هندي ڪوتا جا مکيه قانون آسان نموني ۾ سمجهايل هئا. مٿيون ٽيئي چؤنپڙيون شاگردن کي نهايت ڪمائتيون لڳيون هيون، ڇو جو 1937 ۾ ڪاليجن جي سڀني ڪلاسن لاءِ سنڌي منظور ٿي هئي، به آئون پاڻ پروفيسر ڀيرومل مهر چند جو همڪنار ٿي، ٽن تن ڏينهن ڪراچي، ڪاليج ۾ سنڌي به پاڙهيندو هوس ۽ انهن مضمونن جي مدد وٺندو هوس.

1941 ۾ ڀيرومل مهر چند جي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ پڌري ٿي، جو هن ڏس ۾ پهريون ئي اٿاهه آزمودي، اڀياس ۽ کوجنا وارو رسالو هو، جنهن ۾ چٽيءَ طرح سمجهايل هو ته قديم زماني کان وٺي سنڌ جي تاريخ جو اثر سنڌي ٻولي تي ۽ ٻوليءَ جي اثر سنڌي ساهت تي ڪهڙو ٿيو آهي. ڀيرومل صاحب جي دعويٰ سورهن آنا سچي هئي ته ”هن ڪتاب ۾ ٽي تاريخون آهن: سنڌ جي تاريخ، ٻوليءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ.“ هيءَ عالم اونهو ڀاشا گياني هو، ۽ هن رسالي ڪري سنس درجو، ٻوليءَ جي تاريخ جي لحاظ کان، اهڙوئي اوچو رهندو، جهڙو ميمڻ صاحب جي ادبي تاريخ جي لحاظ کان، ڊاڪٽر گربخشاڻي جو تنقيد جي لحاظ کان.

1943 ۾ ادبي تاريخ جو سنڌ ۾ نڪتل آخرين رسالو جناب لطيف الله بدويءَ جو ”تذڪره لطيفي“ (جلد پهريون) شايع ٿيو، جنهن ۾ صرف سنڌي جي شاعريءَ جي مفصل تاريخ ڏنل هئي، ۽ بيحد جاکوڙ ڪري، مکيه خواهه معمولي، مسلم خواهه هندو، سنڌي شاعرن جو بيان ڏنل هو. هن ڪتاب ۾ تاريخي پس- منظر ڏيڻ جي نئين طريقي تي تمام زور ڏنل هو پر تنهن هوندي به بيشمار شاعرن جي ڪلام جو جائزو ٺيڪ طرح ورتل هو، ۽ سندن ڳچ ڪلام انتخاب طور درج ڪيل هو.[5] پروفيسر بدويءَ کي فارسي آميز سنڌيءَ سان گڏوگڏ، هندي- سنڌيءَ تي به چڱو عبور هو، جا هن صاحب هندو يا هنديءَ ۾ لکندڙ شاعرن جو بيان ڪندي فراخدلي سان ڪتب آندي هئي ۽ اهڙن هنڌن تي سڀاوي ٿي لڳي. مٿئين ڪتاب مان اُن جو هيءَ حوالو ڏجي ٿو:

”روحل صوفي پنهنجي وقت جو وڏو صوفي بزرگ هو. هو جتي عربي ۽ پارسي ڄاڻندو هو، اُتي هنديءَ جو به بيحد ڄاڻو هو. جوانيءَ ۾ هن جوڌپور جي پنڊتن سان بحث مباحثا ڪيا هئا. اڄ به مارواڙي هن جي درگاهه جا جهجهي انداز ۾ مريد آهن..... هندي زبان ۾ سندس مشهور ڪتاب ’من پرٻوڌ‘ ۽ ’پريم گيان‘ ۽ ’انڀؤ‘ جي نالن سان آهن، جن ۾ ويدانت يا تصوف تي گهڻو لکيو اٿس.... هن هيٺ روحل فقير جي ’من پرٻوڌي‘ مان نموني طور ڏجي ٿو:-

اُٿ ڪيرتن رهاءِ

پرڀوجي مئن شرن تمهاري آيا

من ۾ ممتا رهي نه ڪائي درد مٽيا سک پايا....

شايد سنڌ م رهيل هڪ روحل صوفي ئي ڪوي آهي جنهن شڌ هنديءَ ۾ طبيعت جو زور ڏيکاريو آهي. ڪوبه سنڌ جو شاعر ساڻس هنديءَ جي گهري واقفيت جو مقابلو ڪري نٿو سگهي.... روحل جي کي پڙهي ميران ٻائي ۽ ڪبير جي ٻاڻين کي پڙهو. اهوئي ويدانت جو مزو، اهو ئي پريم جو پرڪاش....! روحل هندي ڇند جي سڀني قسمن: دوهي، چوپائي، جهولني، انتره ۽ خدا ڄاڻي ڪهڙين ڪهڙين طرزن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.... امڪان آهي ته ڪو وقت اچي جو هنديءَ وارا هنن انمول رتنن جو ملهه سڃاڻن ۽ هنديءَ ۾ ڇپائي وجهن.“

اِتي ورهاڱي تائين ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ختم ٿي ٿئي.


[1]  پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جا اهي ”لطيف باري“ وارا ۽ ”سنڌو“ مخزن وارا اوائلي مض۾ون،ل سندس بمبئي ۾ ڇپايل ڪتابن: ”شاهه“ (1951)، ”سامي“ (1953)، ”سچل“ (1954) جو بنياد سمجهڻ کپي.

[2] بمبئيءَ مان پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻيءَ ساڳئي پيماني تي ”ساميءَ جا سلوڪ“ (3 ڀاڱا- 1955، 1957، 1967) پڌرا ڪيا آهن، ۽ آخرين ڀاڱو تيار ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ پڻ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا اهڙي قسم جو ڪم ڪري رهيو هو، پر افسوس جو اوچتو سرڳواس ٿي ويو.

[3]  مرزا قليچ بيگ کانپوءِ سنڌي ساهت جي ٻئي جهوني خدمتگار ديوان ڪوڙيمل جو جيون چرتر ۽ سندس مکيه تصنيفون ۽ انهن جو اندازو، ديوان صاحب جي لائق فرزند منوهر داس هڪ ڪتاب ”ساهتيڪ پشپ“ ۾ ڏنو هو جو هندستان ۾ ساهتيه اڪاڊمي 1962 ۾ شايع ڪيو هو.

[4]  هن رسالي جو جلد 2 پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ 1951 ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ برٽش حڪومت کان وٺي سانگي- قليچ دؤر تائين، سنڌي نظم خواهه نثر جي تفصيلوار تاريخ ڏنل هئي.

[5]  ”تذڪره لطيفي“ جو جلد ٻيون ۽ ٽيون پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ 1935 ۾ نڪتا هئا، جن ۾ سنڌي شعر ۽ شاعريءَ جي تاريخ برٽش حڪومت ۾ مير حسن علي ٽالپر تائين آندل هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org