سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:10 

هن پرچارڪ پتر جو مکيه سمپادڪ ۽ ناول جو مکيه ترجمان مهراج تيجورام شرما، پڇاڙيءَ تائين اهڙا پنگتي سڌارڪ ناول لکندو رهيو، جهڙوڪ ”آدرش آتمارام“، ”پتورت ليلا“ وغيرهه. مٿينءَ ياداشت جو پهريون ناول ”هندو ڪٽنب“ جو هنديءَ ۾ لکيل ناول ”هندو گرهسٿ“ تان انواد ڪيل هو، ۽ جنهن ۾ وئشيا ناچ جي ڪڪرم جا نقصان ڏيکاريل هئا، سو اهڙو لوڪ پسند پيو جو انجو ٽيون ڇاپو 1922 ۾ نڪتو هو، ۽ ”شيل جمنا“ جو ٽيون ڇاپو 1924 ۾. ”هندو ڪٽنب“ مان جيٺانند رتنيءَ جي رومانوي ناٽڪي لکڻي جو هيءَ حوالو آهي:

”بس! پوءِ ته سيٺ جو حڪم ٻڌي هڪدم ڳائڻ شروع ٿيو. نيڻونءَ تي هڪ ٻئي پٺيان برهه جون بڻڇيون اُڇليندي هوءَ ڪيترائي غزل ۽ ڪافيون چوڻ لڳي جن مان نموني طور هڪ ڪافي هن ريت آهي.

اڄ آءٌ منهنجا مٺا، ڀاڳ ڀلائي ڀانيان،

ڀاڳ ڀلائي ڀايان، باس پيرن جي وراهيان.

شڪاريءَ جي ٻاڻ کان جئن هرڻ گهائل ٿي اتيئي ٿم ٿي پوندو آهي، تيئن اسان جي نيڻونءَ جو به معشوق جان جي ڪافين ۽ غزلن اهڙوئي حال ڪيو. هنجي پيار ۾ هو ديوانو ٿي ويو. جيڏانهن ٿي اک کنيائين اوڏانهن معشوق جان ئي مشعوق جان ٿي ڏٺائين ۽ ٻيو ڪجهه به نه. جڏهن دل کي قابو نه رکي سگهيو تڏهن هنريت پڪاري چيائين ته پياري معشوق! دلدار معشوق!! تنهنجي اکين مان جادوءَ جي برسات پئي رهي آهي. بس! مون کي ته پنهنجو نوڪر کڻي بڻاءِ. پڙهڻ لکڻ سان منهنجو هاڻي ڪو ضرور ڪونهي. مان نه پڙهندس! نه پڙهندس!! ۽ نه پڙهندس!!!، معشوق جان- پيارا بس! مان جنهن جي تلاش ۾ هيس سو اڄ مون کي ملي ويو. جنهن جي ڳولا ۾ وڏن وڏن سيٺين کي مون ڪين جهيڙو ٿي ليکيو، سو ئي جانب اڄ ملي ويم. بس يار! مون کي گلي سان لڳاءِ، ٻيو ڪجهه به نه گهرجيم!

سڌريل اصلوڪا پنگتي ۽ تاريخي ناول:

جديد ناول نويسيءَ جا ٻه مکيه اصول آهن: واقع ڪاري (Plot- construction) ۽ سيرت نگاري (Characterization). سڌريل ناول ۾ۡ واقعا ممڪن وجهڻ کپن ۽ ڪردارن جون سيرتون سڀاويڪ آڻڻ کپڻ. نه رڳو ايترو، پر واقعا ۽ سيرتون هڪ ٻئي ۾ ڳنڍيل هئڻ گهرجن، يعني واقعا اهڙا وجهجن جنجو سيرتن تي ڪو تاثير ٿئي ۽ ان موجب اهي بدلبيون وڃن- جيئن زندگيءَ ۾ فطرتي طور ٿيندو آهي. سنڌي ناول جو هيءُ دۇرانهن ادبي اصولن تي ٻڌو ويو. مرزا قليچ بيگ جي ”زينت“۽ ديوان پريتمداس جي ”عجيب ڀيٽ“ کانپوءِ ٽيون نمبر سڌريل ناول هو لعلچند امر ڏنيمل جو ”چوٿ جوچنڊ“ يا ”ڀرم جي ڀلائي“ جو1905-1906 ۾ ”سرسوتي“ مخزن ۾ پيو هو. هن دليان جوڙيل ناول جو مسئلو غير رواجي هو: تن ڏينهن“ جڏهن زال ذات اڃا پردي مان نڪري مرد سان لهه وچڙ ۾ نه آئي هئي، تڏهن ويچارا نوجوان پنهنجي دلين جي اڀرندڙ محبت همجنس دوستن سان ئي ونڊيندا هئا، ۽ اهڙا ٻن نوجوان دوستن جي وچ ۾ بي طمع ۽ سليس هڪ جو ورنن هن ناول ۾ نهايت نفيس نموني ڪيل هو. تنهن کانسواءِ منجهس حيدرآبادي هندو سماج جا ڀرم، سنسا ۽ ٻيون ڪُريتيون ڀلي ڀت ڏيکاريل هيون. جيتوڻيڪ هن ناول جو پلاٽ پڇاڙيءَ ۾ منجهيل سنجهيل ٿي پيو، پر لعلچند صاحب جي عبارت، سندس دستور موجب، گهرو اصطلاحن سان ٽمٽار ۽ ڳردار هئي. ناول جي شروعاتي باب مان ئي سندس نجيءَ ۽ چيدي سنڌيءَ ۾ سڌريل دم جي نشانين سوڌو، ٻين دوستن جي نازڪ پريت ۽ قدرتي نظارو بيان ڪرڻ جي طاقت جو مثال ملي ٿو وڃي:

”لوڏ جن جي لک لهي، جن سان جڙيو شل جيءُ رهي!

ها هتي حاضر هزار، جان ۽ جيءَ جيار يار.“

واهيري جي وير. سورج پنهنجي روشن سواريءَ جو نشان شفق جي صورت ۾ ڪري ڇڏيو هو. اسان جي تازي مڱيل نوجوان کي ٽهڪندو اڇو وڳو ڍڪيل هو، ۽ پنهنجي پريتم سان گڏ وڏي درياهه جو رستو ڏيو پي ويو.

انهيءَ رستي جي ٻنهي ڪپن تي ڳچ سرهيون نمون ۽ ساوا گهاٽا ٻٻر، شاهي بڙ ۽ سهڻا پپر- ڪٿي ڪٿي سنوان سرهه به هڪ ٻئي سان لاڳيتو اُڀا آهن، ۽ هڪشاهي ڇٽيءَ ڪري ٻڌي اٿن. انهن وڻن ۾ سڀاوي سڳنڌ ٿئي ٿي. انهيءَ ڏهاڙي پوياڙين جو ته سيتل هير به پئي لڳي، سو اتان لنگهندي ڏينهن وارو ٿڪ وسري ٿي ويو.

جوت ٻري ۽ سنجها ٽري ته هي سنگتي اچي گدو بندر کي قابو پيا.

اوچتو ئي اُن ٽاڻي اسان جي تازي مڱيل نوجوان جون اکيون وڃي اُڀ ۾ کتيون، ڏاني شڪل چنڊ تي نظر پئجي ويس...

سندس ڳڀرو يار هنجو چهرو ڦريل ڏسي، وائڙو ٿي ويو. ۽ ڳراٽڙي پائي، منهن ۾ نهاري، ڀني آواز ڇپڻ لڳس: ڇو موتي، چپ ڪري ڀيڙيا اٿيئي؟ مونسان رٺو ته ڪين آهين؟

 تنهن تي امالڪ هن کي ورندو ڀاڪر پائي، ورندي ڏنائين: هيرا! توسان ر... ٺو... واتان ٻيو ڪي اڪليس ئي ڪين جو هيٺين چپ سندس ٽپ ٽپ لائي ڏني، ۽ بدن ۾ سياٽو وٺي ويس...

آسمان ۾ تارن جهرمر لائي ڏني، ۽ هنن پريتمن کي محبت ۾ مائل ڏسي ڄڻ مرڪيائون پي. چنڊ تنهن ويل نظر ڪونه ٿي آيو. گهر پوري ڏهين بجي پهتا.

انهيءَ ڏينهن بڊي جي چوٽ هئي.“

هن ناول جو نئون ڇاپو 1947 ۾ ”ڀارت جيون ساهت منڊل“ ڇپايو هو، جنهن ۾ لعلچند صاحب آکاڻيءَ کي سنواريو هو، ۽ ان جي منڍ ۾ اعلان ڪيو هئائين: ”ناول جي ٻئي ڀاڱي ۾ جنهن جي رٿا اڃا ڪلپنا جي سنسار مان نڪري، اکرن جا ويس وڳا پهري، پڌري تي نه آئي آهي، حياتيءَ وفا ڪئي، ته اُنهيءَ ۾، ملڪ ۾ هيڏي جا سماجڪ ۽ سياسي اُٿل پٿل ٿي ويئي آهي، تنهنجا ڪي ڌڌڪي وارا وستار قلم بند ڪيا.“ پر افسوس جو اوچتو ئي سنڌ مان ڀاڄ پيئي ۽ ديس کي ئي الوداع ڪري آيو، ۽ ٻئي ڀاڱي ڪڍڻ جي اميد بمبئيءَ ۾ پوري ڪري نه سگهيو، نڪا حياتيءَ ئي وفا ڪيس.

هن دۇر جو چوٿون من- گهڙت ناول هو ڀيرومل مهر چند جو ٻن ناولن جو سلسلو: هڪڙو غمناڪ ”انند سندريڪا“ (اٽڪل 1910) ۽ ٻيو سک انت ”موهني ٻائي“ (1918) جن ۾ پڻ هندو گهرو جيوت جون رسمون رواج ۽ سماجي مسئلا کنيل هئا، مثلن گهرو ڪفايت، زناني تعليم، ڏيتي ليتي، جيئري تي جيئري شادي وغيره. تنهن کانسواءِ، حيدرآباد ۽ ٻهراڙيءَ وارن جي وچ ۾، ۽ هندن مسلمانن جي وچ ۾ سلوڪ پيدا ڪرڻ تي به منجهن زور ڏنل هو. ”موهني ٻائي“ جي منڍ ۾ ڀيرومل صاحب لکيو هو: ”لکندڙ پنهنجن انهيءَ وقت جي خيالن ۾ پنهنجي هستي وڃائي، اُنهن ماڻهن مان ٿيو پوي جن جو اهو احوال لکي ٿو. اهڙي وقت جيتوڻيڪ ظاهري سندس هٿ ۽ سندس قلم پيا هلن پر هو ائين  نٿو سمجهي ته آءُ هن ڪتاب جو لکندڙ آهيان ۽ جن ماڻهن جو قصو لکان ٿو سي منهنجي مغزجي پيدائش آهن. بلڪل نه، اُنهن خيالي ماڻهن جي خوشي هو پنهنجي خوشي ۽ انهن جو ڏک هو پنهنجي ڏک ڪري سمجهي ٿو، ۽ انهن جي ڏک ۽ سک جو احوال انهيءَ اتساهه سان لکي ٿو. ڪردار نگاريءَ جي هن اوچي آدرشن جي باوجود، هنن ناولن ۾ سيرتون ساديون سوديون هيون ۽ آکاڻي ٿوري هئي، باقي پنگتي پرچار ۽ بحث مباحثو نهايت  گهڻو هو، جنهن ڪري ڪردار نگاريءَ واقع ڪاري جي لحاظ کان اهي ردي ناول نه ليکبا، ليڪن ان زماني جي اختياري واريءَ پنگتي تاريخ جو ڪم ڏين ٿا. استاد ڀيرومل جي لکڻي، استاد لعل چند جي اصطلاحي عبارت کان بنهه نرالي، سرل ۽ مٺي، پر پختي ۽ وهڪ واري آهي، جنهن جو مثال ”موهني ٻائي“ مان ملي ٿو، توڻي دم جون نشانيون ڪجهه ڪچيون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن:

”پر موهني ٻائيءَ کي ننڊ ڪين آئي. هوءَ جيئري ئي جيئري پرڻجڻ بابت خيال ڪرڻ لڳي. چي ٻين قومن ۾ جيڪي شاديون ٿين ٿيون سي ’پريم وواهه‘ آهن پر اسان وٽ وواهه يا وهانءَ هڪ ڌرمي ڳالهه آهي. پوءِ اسان وٽ هي اونڌا رواج ڪيئن قائم ڪيا اٿن. ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ ته چئبو ته لوڀ جي ڪري ماڻهن جي اکين تي پردا چڙهيا آهن پر جيڪي جيئري ئي جيئري ٿا پرڻجڻ تن کي نه ته ڳورو لڌو ڪونه ٿو ملي پوءِ هنن کي ڪهڙو لٽ اکين تي ٿو چڙهي جو هي قهر جا ڪم ٿا ڪن؟ پاڻ ئي چيائين ته استري چٽ چري هجي ۽ هنجي سنگين ٿيڻ جي اميد نه هجي ته سندس مرد ٻي استري پرڻجي سگهي ٿو. پر ڪوبه قاعدو ۽ ڪو به رواج صحيح تڏهن سمجهبو جڏهن هيٺ مٿي پورو هوندو. جيڪڏهن ڪنهن جو پتي وڃي چرين جي اسپتال ۾ پوي ته سندس استريءَ کي سندس ساهرا يا پئنچ جيڪر ٻيو گهوٽ ڪرڻ ڏين؟ بلڪل نه. تڏهن استريءَ جي حق ۾ اهڙو رواج ڪيئن قائم ڪيو اٿن سا ڳالهه آءٌ ته سمجهي نٿي سگهان. جنهن جو نالو ئي’قاعدو‘ آهي سو استري توڙي پرش لاءِ هڪجهڙو هئڻ گهرجي پر هتي ته ٻيائيءَ جا ٻنا لڳا پيا آهن.“

1915 ۾ پيرومل صاحب ”وريل ۽ نعمت“ لکيو هو، جو مسلمان ڪي زندگي ۾ بهاريل هڪ جاسوسي ناول هو، ۽ 1946 ۾ ايم آر مائيداساڻيءَ ”جاسوس“ نالي سان ٻيهر ڇپايو هو.

هن دور جو ٻيو اهم ناول هو ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جو ”نورجهان“ (1915)، جو سنڌي ۾ پهريون اصلوڪو لکيل تاريخي ناول هو- جيتوڻيڪ ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سردار جوڳيندرسنگهه جي اردو قصي جي آڌار تي لکيل هو. ڊاڪٽر صاحب منجهس عاليشان ادبي عبارت استعمال ڪئي هئي جنهن ۾ ٺيٺ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جوڳو ميزان رکيل هو. مکيه ڪردارن جي سيرت نگاري ۽ محبت ۽ جنگ جا چتر نهايت رنگين چٽيل هئا. پر ڪن واقعن جي بيانن ۾ ذرا مبالغي کان ڪم ورتل هو. ”نورجهان“ مان، شهنشاهه اڪبر جي موت ۽ جهانگير جي تاجپوشيءَ واري باب ۾ هيٺئين مثال مان مغل زماني سان ٺهڪندڙ شاندار درٻاري زمان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ بيهڪ جون نشانيون باقاعدي ڏنل هيون: اڃا ماڻهن پنهنجي پياري بادشاهه جو ماتم پي ڪيو ته آگري ۾ تاجپوشيءُءَ جا سانباها پي ٿيا. سليم ماتم جي مقرر ڪيل مدي تائين به ترسي نه سگهيو. پيءَ جي قضيه پڄاڻا ٿوريئي عرصي ۾ تخت تي ويٺو..... هن اڃا تخت تي پير رکيو ئي ڪين ته توبن جي ٺڪاٺوڪي ٿي ۽ نغارن ۽ شرياين جو غلغو مچي ويو. امير ۽ وزير جي قطارون ڪيو بيٺا هئا تن نئڙي سلام ڪيو ۽ هڪڙي نقيب اڳتي وڌي بلند آواز سان پڪاري چيو ”اڄ شهنشاهه نور الدين جهانگير يعني اسلام جي روشنائي ۽ دنيا جي فتح ڪندڙ تخت نشين ٿيو آهي. هي اهوصاحب قرآن آهي جنهن جو زحل دربان آهي ۽ آسمان آستان، چنڊ سندس پيغام رسائيندڙ آهي. زهره راڳيندڙ، قضا سندس نگهبان آهي ۽ قدر ثناخوان، تجمل ۽ توانائيءَ جو مايو آهي ۽ شان ۽ شوقت جو پايو، سخا جو بحر آهي ۽ عطا جو ڪڪر، ....... امير اصل آهي ۽ امير نسل آهي، ملائڪ روءِ آهي ۽ ملائڪ خوءِ آهي. شل جهان هميشه سندس بنده هجي ۽ سندس زندگي پاينده هجي.“

23-1926  ڌاري حڪيم عبدالخالق مورائيءَ هندو زندگيءَ تي ناولن جوڙڻ ۾ اهڙي دلچسپي ورتي جو سڄا سارا ٽي قصا: ”سندري“، ”ستيءَ جي ستيا“ ۽ ”چترپتي“ هڪ ٻئي پٺيان لکي ورتائين. اهي سڀ آڳاٽيءَ سنڌ جي تاريخي پس منظر ۾ بيهاريل هئا جڏهن راجا چچ ۽ ڏاهرسين راڄ ڪندا هئا ۽ آخر محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي. اهي ناول گهڻو تڻو ”چچ نامي“ جي اختياريءَ تي ٻڌل هئا ۽ منجهن هندو مسلم اختلافن تي زور ڏنل هو، ۽ ڪن هنڌ هندن لاءِ سخت ڪلامي ڪيل هئي. پر حڪيم صاحب جي عاليشان عبارت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي، جا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ”نورجهان“ جون سڪون ٿي لاهي. هن دور جا آخرين ٻه اصلي ناول مهراج وشنو شرما 1925 ڌاري لکيا هئا: ”ستيءَ جو تياڳ“ ۽ جيوت جي سچين وارداتن تي ٻڌل سماجڪ ناول هو، ۽ ٻيو به سچو ننڍو قصو ”سنڌ جو ٺوڳي“ هو جو پيرومل مهرچند ڇپائي پڌرو ڪيو هيو، جن ۾ شرما صاحب سليس سنڌي ڪتب آندي هئي.

مغربي شاهڪارن جا ترجمان

چالو صدي ۾ مغربي شاهڪار ناولن تان ترجمو ڪندڙن مان پهريون مرزا قليچ بيگ هو، جنهن هيٺيان ناول سنڌيءَ ۾ آڻي اُجو اوائلي ذخيرو وڌايو.

”حاجي بابا اصفحاني“ (Morie جي ايراني زندگيءَ واري ناول تان) - 1911

”گلن جي ٽوڪري“ (جرمن ناول Basket of Flowers تان)- 1911

”شرلاڪ هومس جا عجيب غريب ڪم“Connen Doyle) جا جاسوسي ناول تان)- 1911

”ٽي گهر“، ”ايرڪ“ ۽ ”جولئن هوم“ (Farrar جي مشهور ناولن تان)-- 1912- 1913

”راحيل“ (هڪ انگري ناول تان) 1914

”سچي محبت“ Lord Beaconsfield’s Henrietta Temple) تان- 1914

”گليور جو سئر ۽ سفر“ Dean Swift) جي قصي تان)- 1920

سندباد جهازي (Arabian Nights تان) ن- 1920

”رابنس ڪروسو“ Defoe) جي قصي تان) – 1922

”سئنڊ فورڊ ۽ مرٽن“ (انگريزي ناول تان) 1922

مرزا صاحب جي ٺيٺ سنڏي جي سلاست ترجمي کي به اصليت جو رنگ ڏيو ڇڏي، جنهنجو مثال ”گلن جي ٽوڪري“ مان ڏجي ٿو: ”سدوري آهي اها ڇوڪري، جا ڪنهن نامناسب خيال دل ۾ اچڻ ڪري لڄي ٿئي ۽ جنهن جو شرم کان منهن ڳاڙهو ٿي وڃي، ڇا لاءِ جو انهي ڪري هوءَ پاڻ سنڀاليندي ۽ خوف خطري ۾ نه پوندي، جي ڳل حياءَ کان جلد ڳاڙها ٿا ٿين، تن جي ڳاڙهاڻ گهڻي تائين جٽاءَ ڪندي، ۽ جن کي ڪنهن به خسيس بيحيائي جهڙي خيال تي لڄ جي ڳاڙهاڻ ڳلن تي نٿي اچي، سي سگهو ئي ڦڪا ٿيندا ۽ وقت کان اڳي قبر ۾ پوندا. سوسن ۽ گلاب جي گلن کي کڻي سمجهه ته به پيڻيون آهن، جي ٻئي هڪ ٻئي جي لاءِ آهن، خوبصورت ته اصلي آهن، پر گڏ رهڻ ڪري پاڻ زياده پياريون ٿيون لڳن. انهيءَ جون جاڙيون ڀينرون آهن، ۽ هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ جون ناهن.“

1912ڌاري نانڪرام ڌرمداس، مشهور فرانسي ناول نويس Dumas جي Count of Monte Cristo جو اختصار ”حسد جي هاڃ“نالي ننڍي ناول ۾، پنهنجي موزون عبارت ۾ ڏنو. نام ڪٺيو انگريزي ناول نويس Reynolds، جنهن جي ڪتابن تي بداخلاقيءَ جو الزام لڳايو ويندو آهي (جنهن جي مشهور Mysteries جي جلباڻي صاحب جي ڪيل ترجمي ”نينهن نڀاوڻ“ جو ذڪر اڳي ڪيل آهي)، تنهنجي ٻئي هڪ ناول Leiha of Star of Mingelia جو ترجمو مکي سيرومل (”چندر ڪانتا“ واري ترجمان) ”ستاري منگريلا“ نالي سان 1915 ڌاري ڪيو هو، جو ڪوهه ڪاف جي پسگردائيءَ بابت هڪ روماني افسانو هو. رينالڊس جا ٻه عاليشان دکدائڪ ناول ”جوزف ولمٽ“ ۽ ”ميري پرائيس“، جي جيٺانند ٿڌيمل 1920ڌاري ترجمو ڪيا هئا،سي منشي خوشيرام هيرانند پنهنجي ”ماهوار ناول“ رسالي معرفت 32 ڀاڱن ۾ لٿو ۾ ڇپايا هئا. پهرئين ناول ۾ هڪ نوڪر جي آتم ڪهاڻي، ۽ ٻئي ۾ هڪ نٽيءَ جي آٿم ڪهاڻي بيان ڪيل هئي، ۽ ٻنهي ناولن پڙهندڙن کتي نهايت دل ڀڄائيندڙ تاثير پيدا ڪيو هو. هن بندي پڻ 1924 ۾ رينالڊس جي هڪ ننڍي ناول Young Fisherman جو ترجمو ”گم ٿيل صندوقڙي“ نالي ڪري ”سٽوڊنٽ“ اخبار دواران ڇپايو هو. آءٌ هن ليک جي ناول جو خواهن آهيان ۽ بداخلاقي جو ٽڪو سندس ناول تان مٽائڻ ٿو چاهيان. هن صاحب انگريزي سماج جي روڳن کي ڄاڻي ٻجهي قبيح صورت ۾ پيش ڪيو، پر ڪراهت پيدا ڪرڻ لاءِ، نه خوشناما بنائڻ لاءِ سندس Soldier’s wife ۽ Seamstress سماجڪ سڌاري لاءِ به دلسوز شاهڪار افسانا آهن، پر افسوس آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا نه آيا آهن.

سال 1914۾، لعلچد امر ڏنيمل جي بانيڪاريءَ هيٺ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ برپا ٿي هئي، پر اُن جي ماهوار رسالن ۾ ڪي به مڪمل ناول نه نڪتا، توڻي ڪي لنبيون آکاڻيون (ناولٽ) شايع ٿيون، جن جو بيان آکاڻي جي اوسر واري باب ۾ ڪيل آهي. 1926 ۾ سنڌي ادب جي ٻئي اڳواڻ جيٺمل پرسرام ”نئين سنڌي لئبرري“ چالو ڪئي هئي، جنهن ۾ پروفيسر موٽومل گدواڻيءَ جا مختصر ڪيل ٻه مکيه ناول نڪتا: هڪڙو مشهور فرانسي ناول نويس Hugo جو Less Miserables تان ورتل ”دکي انسان“ (1922) ۽ ٻيو انگريزي ناول نويس Lord Lytton (هندستان جو هڪ اڳوڻو وائسراءِ) جي ساڳي نالي سان ناول ”زئنوني“ تان، (1923) جي ٻئي سهڻا ناول- پهريون زندگيءَ جي تلخ حقيقتن بابت ۽ ٻيو روحاني رازن بابت – هن ڪم- نويس مصنف نج چيدي سنڌيءَ ۾ لکيا هئا. ”زئنوني“ مان پروفيسر گدواڻيءَ جي پختي لکڻيءَ جو نمونو ڏجي ٿو، جا سنڌي شاعرن مان حوالن سان ڀرپور هئي: ”پوءِ زئنوني وايولاکي ڀر ۾ وهاري، کيس ڪن اوچن فيلسفيءَ جي متن ۽ ڌرم جي ڳجهن کان واقف ڪرڻ لڳو. وايولا اُهي خيال ڪن ڏيئي ٻڌا. پوءِ هن چيو ته: مان وديا ڪين پڙهي آهيان، مگر منهنجو ايشور ۾ سچو نشچو آهي ۽ مون کي پڪ هئي ته توهين مون انڌيءَ ڏي ايندا هوت سلامت سپرين. پليءَ پائي پنهنجي نماڻي کي اُت نيندا..... هنن ٽن ڄڻڻ جو نظارو به عجيب هو. هڪڙو معصوم ٻالڪ ننڊ ۾ ستل، ٻي سندس ماءُ جنهنکي آخر پنهنجي پريم جي وڃايل خوشي حاصل ٿي هئي ۽ ٽيون زئنوني جو عقل ۽ هنر هلائي ڄاڻي رهيو حياتيءَ جي پڇاڙي آهي مؤت، پر جانب جو جمال به موت ذريعي ئي ماڻي سگهبو.

’مزي جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،

ٿئين هوند حلال، جي پنڊا هائي پارئين‘“

جيٺمل پرسرام خود هن لئبرري لاءِ ٻه ننڍا ناول ترجمو ڪيا، جن ۾ شيڪسپيئر جي ٻن مشهور ناٽڪن کي ناولن جي بياني صورت ۾ بيهاريائين، توڻي ڪن هنڌ اصلوڪين گفتگوئن جا ٽڪرا به ترجمو ڪيا. اَهي هئا ”طوفان“ جو Tempest تان ورتل هو ۽ حسابي حساب “Measure for Measure تي ٻڌل هو. لعلچند امر ڏنيمل به ٻه اخلاقي افسانا، ڪن – ڪم- معلوم انگريزي ناولن تان، پنهنجي اصطلاحي عبارت ۾ ترجمو ڪري سنڌي ۾ معروف ڪري ڇڏيا. ”سون ورنيون دليون“ جو 1925 ۾ ساڳيءَ لئبرريءَ ۾ ڇپيو هو، تنهن ۾ جهوني زماني جي جرمنيءَ ۾، ٻيلائي زندگيءَ جي ڳوٺاڻي پريم ڪهاڻي ڏنل هئي، ۽ ”سچ تان صدقي“ جو گهڻو پوءِ 1940 ۾ پنهنجي سر ڇپايا، تنهن ۾ آڳاٽن رومي ڪرستانن جي ڌرم تان صدقي ٿيڻ جي، جان تان منجهيل ڪهاڻي بيان ڪيل هئي. ”سون ورنيون دليون“ ۾ استاد صاحب جي عبارت ڪا آهي! نجي ڏيهي سلوڻي سنڌي، جهونن محاورن ۽ ڪهاوتن سان ڀرپور، جملن جي بناوت مؤزون ۽ دلپزير! بس، سنڌي زبان جو گنج پکڙيو پيو آهي! نبار سنڌي سکڻ لاءِ هيءُ هڪ ڪتاب ئي ڪافي آهي. هيٺ ڏنل هڪ مٺ مان خرار جو نمونو ملڻ ناممڪن آهي، عاشق معشوق گفتگو ٿا ڪن:

”تڏهن سچ پچ تون مون کي چنچل سڀاؤ وارو سمجهي ويٺي آهين؟ تون ڀانئين ٿي، ته منهنجي وفائيءَ تي ويسم آهيئي ڪونه؟“

”بي وفائيءَ جي ڪا مون ڳالهه ڪئي؟“

”صاف صاف ڪونه ٿي چوين ، پر مطلب اهوئي اٿيئي. آءُ ان لاءِ توکي ڏوهه ڪونه ٿو ڏيان. پر ايتري پڪ ڄاڻج، ته وفائيءَ ۾ ڪنهن ڪنهن ويل جيڪڏهين آءٌ جفائي ڪيو وهان، ته به دل سالم اٿم. تون پنهنجي داديءَ نانءُ چوندو آهين، ته دل اهڙي سون ورني اٿس، جو پنهنجو پاڻ هن کي ياد ئي ڪونهي. آءٌ هنجي جتيءَ ۾ ايتري قدر پير نه به پائي سگهان، پر جن سان هيڪر منهنجي دل لڳي، تن سان آءُ توڙ تائين نباهي ڄاڻان. آءٌ ايمان سان ٿو چوان، ته تنهنجو نينهن جهڙو پنهنجي داديءَ سان آهي، اهڙو جي مونسان ٿي پوي، ته آءٌ جهڙو هينئر آهيان تنهن کان گهڻو گهڻو بهتر ٿي سگهان. پوءِ تون نٿي ڀانئين، ته تنهنجي داديءَ سان ان ڏس ۾، آءٌ جيڪر واهه جو بر ميچي وڃان؟“....

هيلڊار سندس هٿ وٺي کڻي پنهنجن چپن تي رکيو. چيائين: آءٌ سمجهان ٿو، ته تنهنجي دادي هڪ اعليٰ روح آهي. هوءَ برابر ڪنهن اوچي عرش تي پيئي اڏامي. پر پڪ ڄاڻج، ته آءٌ به هينئر جي ڀُوڻو مٿي ڀونءِ پيو وسان، ته وچ جا ٻنڌڻ ڀڃي، آخر انهيءَ عرش ڪرس تي پهچي سگهان ٿو، جيتوڻيڪ سمجهان ٿو، ته انهيءَ ۾ اڃا ڪي مدتون لڳي وينديم.

رت ٻيو اُتر ڪونه ڏنس. رڳو منهن وٺي نماڻو ڪيائين.“[1]


[1]  هن ناول تي ڪيل آلوچنا تنقيد واري باب ۾ ڏنل آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org