سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:25 

”سنڌيءَ ٻوليءَ جو بنياد جيتوڻيڪ سنسڪرت آهي ته به جنهن صورت ۾ هيءَ پرڳڻو ڪيتريون صديون مسلماني ۽ انگريزي حڪومت هيٺ رهيو آهي، تنهن صورت ۾ ان ۾ ڪئين عربي، پارسي، انگريزي لفظ گڏجي  ۽ چالو ٿي ويا آهن. ان ۾ ڪنهن به قسم جو اعتراض ڪونه آهي. سڀاويڪ طرح جيڪڏهن لفظ ٻوليءَ ۾ اچي وڃن ته بيشڪ اچن، پر زورڪري ڌارين ٻولين جا لفظ ٽنبڻ، هڪڙو بيهودو ڪم آهي. ڪيترا مسلمان صاحب ته زور ڪري اجاياسجايا عربي- پارسي لفظ پيا ڪم آڻين. ساڳيءَ طرح ڪيترا پنڊت ۽ برهمڻ ڏکيا سنسڪرت لفظ پيا ڪم آڻين. اهڙي قسم جا ماڻهو ميار جوڳا آهن. ٻولي پسنديءَ جهڙي اها آهي جا سليس ۽ سٺي هجي ۽ جنهن ۾ خيال چٽيءَ طرح ظاهر ڪري سگهجن.“

بزرگ ليکڪن مان شاعر سوڀراج نرملداس جا اصطلاحي نثر ۾ لکيل هيٺيان مضمون پيا هئا: ”ويچاروکر“ (مئي 1940 کان شروع)، ”جهوڪ شريف“ (اپريل 1946)، ۽ ”سرڳواسي ڊاڪٽر هرنامداس“ (جولاءِ 1946) لعلچند امر ڏنيمل جا: ”حقيقت انساني کان وچتر“ (جنوري 1942)، ”جن آهن؟“ (مئي 1945)، ۽ خاص ڪري ”سنڌي اخبار نويسيءَ جي تاريخ“ (آگسٽ 1946) واهه جا مضمون هئا. جيٺمل پرسرام جو، سندس دستوري فراخلي،  وارو، هن مخزن ۾ هڪڙوئي ليک ڏسڻ ۾ ٿو اچي: ”سري گوبند سنگهه مهراج“ (جنوري 1942). نانڪرام ڌرمداس جو پڻ محاوريدار سنڌي جو صاحب هوندو هو، تنهنجا هيٺيان مضمون پيا هئا: ”بادل ڌيري ڌيري جا“ (جون 1944)، جنهن ۾ ڪاليداس جي جيوت ۽ سندس ڪوتا جو بيان ڪيل هو، ”ڪاٺين جي ڀري“ (جنوري- فيبروري 1945) جو گلمرگ بابت هڪ اعليٰ ويچار وارو بياني مضمون هو، ۽ ”ٻار ۽ وڏو“ (مارچ 1945). ”ڪاٺين جي ڀري“ مان نانڪرام صاحب جي ڇيدي ۽ مذاقي نوع واريءَ عبارت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:-

”1897 ۾ شهر ۾ پليگ سبب ڀاڄ ڀاڄڙ پيئي هئي. ماڻهو ڇنا ڇڏي هليا.... اسين به حيدرآباد کان اٽڪل ٽي ڪوهه پري شاڪر شوري جي وسيءَ ۾ ڪچيون لانڍيون ٺهرائي وڃي رهيا هئاسين. ٻير جون ٿوڻيون ۽ ولا، ڇتيون ڀتيون جوئر جي ڪانن جون، جن جي وٿين منجهان سج چنڊ به لياڪا پيو پائي، پروري جا پوي برسات ته چؤنڪو ئي چڪ، هڙئي هلاک.... واڻئي جي دڪان تي چلم بلغاري ٺهي رکي هوندي هئي ۽ اسانجا وڏڙا مائٽ ته اتي کٽن تي ويٺا اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ چلم مان دونها پيا ڪڍندا هئا. اسان ٻارن کي ته هڪ هنڌ وهڻ ڇو ٿو اچي! هٽ تي پئسو خرچڻ لاءِ ايندا هئاسين. ڏونگهي ۽ ڪتل وٺي وڃي حمام دستي ۾ ڪٽي مليدو ڪري کائينداهئاسين. وقتي ڀڳڙا وٺي ڪٽي ڇاڻي ان ۾ کنڊ ملائي ڦڪ ڀريندا هئاسين. پوءِ هڪ ٻئي کي چوندا هئاسين، ’چوپڦي‘ اڃا ڪو وات ۾ ڦڪو وجهي چوندو ’پڦي‘ ته ڀڳڙن جو چورو وات مان اڏامندس. اسين ان تي ٽهڪ ڏيندا هئاسين. ڪهڙي خسيس ڳالهه ۽ ڪيڏي اسان کي خاشي ٿيندي هئي. ننڍڙي ٽهيءَ ۾ ننڍڙيون ڳالهيون ڪيڏو نه اسان کي رس ٿيون ڏين، پر وڏي هوندي اُهي ٻاراڻيون سمجهي آخر ۾ ڪين ٿا آڻيون. افسوس، جيڪڏهن رڳو اهو ويچار رکون ته ٻار ڇا ۾ ٿا وندرن ته جيڪر ڪيئن نه اسين انهن جون دليون جهٽ هٿ ڪري، وقتي انهن جو مزاج ئي ڦيري مٺو ۽ منوهر ڪري ڇڏيون.... پر اوڏي مهل (گلمرگ ۾) اچي ڳڙا پيا ۽ تختائين ڇت تي ٺڪ ٺڪ ائين ٿي ڄڻڪ بمباري شروع ٿي ويئي. منهنجي خيال جو ڪڙو ٽٽي پيو، سئنيما جي فلم بهي ويئي ۽ چاليهه سال اڳ وارو زمانو وري غيب ۾ غائب ٿي ويو.... اهو خيال سو ايندو اٿم ته ماڻهو ماضي ۾ وري به جي سگهي ٿو، رڳو ان ماضيءَ جو دروازو کولڻ لاءِ ڪو واهڻ اڳيان هجي. منهنجو واهڻ هو هڪ ڪاٺين جي ڀري.“

ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ جو به هڪڙو مضمون ”سنڌو“ ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي: ”مهاتما سان منهنجي پهرين گڏجاڻي“ آڪٽوبر 1945، گانڌي انڪ). پروفيسر لوڪومل ڪيسواڻيءَ جو ”خواجه حافظ“ (جنوري- فيبروري 1945 کان شروع) چئن قسطن ۾ هڪ معياري ادبي مضمون هو، جو 1943 کان شروع ڪيل ”پارسي ساهت جو خزانو“ سلسلي جو هڪ حصو هو.

پروفيسر لالسنگ لجواڻيءَ ڪيترا دماغي، اخلاقي ۽ قومي مضمون ”سنڌو“ ۾ ڇپايا، جن مان مکيه هئا: ”ڪال کان ٻلي“ (جنوري 1941)، ”اسان جو ڌنڌو“ (جنوري 1942)، ”قوم ڪيئن چڙهندي؟“ (جنوري 1944)، ”نفاق جو صوف“ (مارچ 1945)، ”نقلي انقلاب“ (آگسٽ 1945)، ”مهاتما گانڌي“ (آڪٽوبر 1945 ، گانڌي انڪ)، ”هندستان جي ايڪتا“ (جنوري 1946) ”سنڌ يونيورسٽي بل“ (مئي 1946)، ”ويهين صديءَ جو ڌرم“ (سيپٽمبر 1946)، ۽ سندس بهترين ليک ”هندستان ۾ نئين جاڳرتي ۽ سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه“ (آڪٽوبر 1946) پڇاڙيءَ وارو مضمون، ڪراچيءَ ۾ ”هندي ساهت سميلن“ تي سندس ڪيل تقرير تي ٻڌل هو، جنهن مان اجواڻي صاحب جي علميت کانسواءِ، سندس برجستيءَ عبارت جو پڻ پتو پوي ٿو:- ”سنڌيءَ جون خوبيون ته انيڪ آهن پر گرامر جي لحاظ کان هيٺيون مکيه آهن: سنڌيءَ ۾ هر ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ آواز ڪجي ٿو، جنهن ڪري سڌ ٿي پوي ته جنس ڪهڙي آهي، عدد ڪهڙو آهي. ضميري پڇاڙيون ٻڌائين ٿيون ته ڪير ٿو ڳالهائي يا ڪنهنجو ذڪر آهي، فعل مجهول ٺهڻ جي باقاعدي ترتيب آهي، اڪر ترڪ فعل جي ڪري اڻ سڌو اشارو ڪري سگهجي ٿو. بٽو بالواسط آهي جنهن ڪري آسانيءَ سان ڪم ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ جو پتو ٿو ڏجي وغيرهه. سنڌي ٻولي لفظن، پهاڪن، محاورن ۾ مالا مال آهي ۽ دنيا جي وڏين ۽ سڌريل ٻولين سان ڪلهو هڻي سگهي ٿي. ڪنهن هڪ جيو يا بيجان لاءِ انيڪ لفط ڳالهائڻ ۾ اچن ٿا. جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو مڪمل ڪوش ٺهي تيار ٿئي تڏهن ئي پوري سڌ پوندي ته هن ٻوليءَ ۾ ڪيترو نه اٿاهه مال آهي... ڪير نه چوندو ته سنڌي ٻولي سهڻي ستابي ٻولي آهي؟ پر هڪڙيءَ ڳالهه اسان کي وڃايو آهي جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو پرچار ۽ رواج،اهو نه آهي جو ٿيڻ کپي. اسان جا انگريزي پڙهيل ماڻهو ٽنبين انگريزي لفظ جڏهن سنڌي لفظ هڪيو تڪيو هوندو، ته وري ٻيا پنهنجي علميت ڏيکارڻ لاءِ تعصب وچان وجهن فارسيءَ ۽ عربي جا ڦرڙاٽ......

”هڪ تپرس ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته هنن صاحبن (صلاحڪار بورڊ) هڪ ڪتاب لکندڙن کي انعام ڏنو آهي جنهن جو سنڌي ٻوليءَ جو علم هيٺين ٽڪر مان ظاهر آهي: ”سنڌي سنسڪرت کان گهڻو فيضياب نه ٿي آهي، پر هنجو پراڪرت سان دور جو واسطو آهي. هيءَ ٻولي ڪنهن به حالت ۾ سنسڪرت جي احسانن هيٺ دٻيل نه آهي.‘.... مرزا قليچ بيگ، جنهن جهڙي شيوا ٻئي ڪنهن به اسان جي ٻوليءَ ۽ ساهتيه جي نه ڪئي آهي. وڏي واڪي چيو پهرين سنڌي ڪانفرنس ۾: اسان جو گهڻو واسطو ٻين پرانهن ملڪن سان ڪونهي، هندستان سان آهي جنهن جو سنڌ هڪ ڀاڱو آهي. اسان جي سنڌي سڌي سنسڪرت مان نڪتل ناهي، پراڪرت مان نڪتل آهي، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ توڙي شعر جي حالت پراڪرت ڀاشا جهڙي پي رهي آهي.‘.... هاڻي اسين ڪنهن تي اعتبار ڪريون، مرزا قليچ بيگ تي يا هن انعام کٽندڙ تي جنهن جي ليکي سنڌي ٻولي جي ساهتيه معنيٰ اها ٻولي ۽ ساهتيه جو پارسيءَ ۽ عربي تان نقل ٿيل يا ورتل هجي؟ جيڪڏهن ڪو وڏو سبب آهي اسان جي گراوٽ جو ته اهو آهي ته سنڌين پاڻ نه سڃاتو ۽ پنهنجو اصل نسل وساري پارسيءَ ۽ عربيءَ کي چنبڙي پيا جنهن ڪري نه گهر جا رهيا نه گهاٽ جا....

منگهارام ملڪاڻيءَ جا سنڌي ساهت ۽ ٻوليءَ تي ڪي ليک پڻ ”سنڌو“ ۾ ڇپيا هئا: ”سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو” (جنوري1941)، ”سنڌي ترجمي جا ڪي اصول“ (جنوري 1944)، ”حقيقي ناٽڪ جا مکيه متا“ (اپريل 1944) ۽ ”اُگرا مسئلا ادب ۾ آڻجن؟“ (سيپٽمبر 1945).[1] سندس وڌيڪ مضمون ”سنڌي ناٽڪ جي ترقي“ (جنوري 1942)، ”سنڌي مضمون نويسي جي اوسر“ (جنوري 1944) ۽ ”سنڌي تنقيد جي اوسر“ (جون ۽ جولاءِ 1946)، سوڌي سنواري ۽ قدري وڌائي هن ڪتاب جا ڪي باب بنايا ويا آهن. شيوڪ ڀوڄراج جو هڪڙو مضمون ”هريجن ڀائرن جي حويليءَ ۾“ (جنوري 1941) مٿي ڄاڻايل مدي اندر هن مخزن ۾ پيل ٿو ڏسجي.

راجپال صاحب نوجوان ليکڪن جا به ادبي مضمون وجهي کين همٿائيندو هو، جن مان ڪافي اوچي معياروارا هئا: ساز علي شيخ جو ”اسرار خودي (اقبال)“ (جنوري 1946)، پروفيسر آتمارام جئنداڻيءَ جو ”من وديا- شاهه ۽ سندس شعر“ (فيبروري 1946 کان قسطن ۾)، ڄاڄيلعل آهوجا جو ”ڪاليداس جي رگهونش ۾ هندو سڀيتا ۽ ڪوٽا جي جهلڪ“ (فيبروري1946)، لڇمڻ شرما جو ”ميگهه دوت“ (مارچ1946) گوبند مالهيءَ جو ”شرت چندر چئٽرجي“ (اپريل 1946)، ديودت شرما جو ”شاهه صاحب تي ڪبير صاحب جو اثر“ (مئي1946 کان قسطن ۾)، ۽ پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو ”سنڌي ساهتيه جا ٽيهه سال (1916- 1946)“ (جولاءِ 1946).

”سنڌو“ ۾ هندو توڙي مسلم، بزرگ توڙي نؤنهال ليکڪن جا ٻيا به انيڪ متفرقا مضمون پوندا هئا، جن جو تفصيلوار بيان ڪرڻ هن ڪتاب جي دائري اندر محال آهي، جنهن ڪري اُنهن جو فقط مختصر ذڪر ڪجي ٿو. تواريخي مضمون نويسيءَ جي صف ۾ موتيلعل بٽاڻيءَ (هندستانجي تاريخ تي ۽ چيتن ماڙيوالا (سنڌ جي تاريخ تي) جا نالا ڪيترن کوجنا وارن ليکڪن ڪري ذڪر لائق آهن. مولائي شيدائيءَ به بلوچستاني ۽ سنڌي تاريخ جي کوجنا ڀريل مضمونن جي سلسلي ۾ پاڻ چڱو موکيو، بلڪه هن مسلم مصنف ”ٻال گنگاڌرناڪ“ تي پڻ عمدو قومي ليک لکيو آسانند مامتورا ۽ تيرٿ وسنت ڪيترا فلسفاڻا ۽ ادبي مضمون لکيا، ۽ ٻنهي جي عبارت مائيدار ۽ موضون هوندي هئي. منوهر داس ڪوڙومل علحدن موضوعن تي لکندو هو: اخلاقي، علمي، تاريخي، صحت ۽ سئر سفر بابت، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي به صحت، اسڪائوٽنگ ۽ هندو- مسلم ايڪتا تي ليک لکندو هو. روچيرام سڏاڻي اخلاقي ۽ تاريخي مضمون لکندو هو. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ۽ کيئلداس فاني نثر لکڻ ۾ شاعراڻي جذبات ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندا هئا. خوشيرام واسواڻي پنهنجي مضمون ۽ ڪهاڻيءَ واري ميل جوڙ ۾ فلسوفاڻا ويچار شاعراڻا امنگ ظاهر ڪندو هو.

1934 ۾ ”ڪراچي رابندراناٿ ڊرمٽڪ ڪلب“ جي انگريزي- سنڌي سالياني با تصوير مخزن ”انڊس“ شايع ٿي، جنهن جو مهتمم هيءَ بندو هو. انهيءَ سال واري پرچي ۾ هيٺيان ادبي مضمون پيا هئا: جيٺمل پرسرام جو ”سنڌو ۽ سنڌ“ جنهن ۾ سنڌو سڀيتا جو بنياد ڄاڻايل هو ۽ اُنجي مهما ڏيکاريل هئي، ڀيرومل مهرچند جو ”قديم سنڌين جي لڙهه وچڙ“ ۽ آسانند ماموترام جو ”ٽئگور جو فلسفاڻو مشاهدو“، جن ٻنهي جا موضوع سندن سرن مان ظاهر آهن. هيرانند آڏواڻيءَ جي ”ناٽڪي يادگيريون“ ۾ هن ناٽڪي هدايتڪاريءَ جي استاد ۽ ماهر مذاقي ائڪٽر، سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جي زماني وارا عجيب غريب تجربا پنهنجي مزيدار نوع ۾ قلمبند ڪيا هئا. هيءَ صاحب پنهنجين يادگيرين بابت وڌيڪ ليک لکي ته هوند سنڌي ناٽڪي تاريخ جو هڪ دلچسپ ۽ ڪارائتو باب ٿي پوي ٿو. هن مخزن جي 1935واري نمبر ۾ ڀيرومل مهر چند ”انڊس“ نالي مضمون ۾ ان لفظ جو اشتقاقي بنياد ۽ معنائون سمجهايون هيون ۽ انهن سان لاڳاپو رکندڙ ڪيتريون دلچسپ تاريخي حقيقتون ٻڌايون هيون ۽ ادبي حوالا ڏنا هئا. ليکراج عزيز ”شعر و شاعري“ تي هڪ عالماڻو مضمون لکيو هو، ۽ پرڀداس ڀيرومل هڪ اخلاقي مضمون ”مردود“ پنهنجي سپڪ سنڌي ۾ لکيو هو. پروفيسر ڪرشن ڪرپالاڻي جو ٽاگور جي ڪوتا تان ترجمو ڪيل نظماڻو نثر ”شاهه جهان“ پڻ هن پرچي ۾ پيو هو. پيرومل صاحب جي ”انڊس“ ليک مان استاد جي اونهيءَ زبان دانيءَ جو ثبوت ملي ٿو.

” ’انڊس‘ لفظ اصل م آهي سنسڪرت لفظ ’سنڌو‘ معنيٰ ’سمنڊ‘ ۽ پوءِ معنيٰ ’وڏي ندي‘، پڻ انهيءَ نديءَ جي ڪناري وارو ملڪ، جو اڄ تائين ’سنڌ‘ سڏجي ٿو. اڳي سنڌ جو پرڳڻو هاڻوڪي کان ٻيڻو هو، بلڪه وڌيڪ، جئن چچ نامي ۽ ٻين پارسي تاريخن مان معلوم ٿيندو. انهيءَ ڳالهه جي ساک هڪ سنڌي لفظ به ڀري ٿو. پنجاب جو ٽاڪرو لوڻ(Rock salt) اڄ تائين ’سينڌو لوڻ‘ يعني سنڌ جو لوڻ سڏجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اُهي لوڻ وارا ٽڪر سنڌجي حد اندر هئا. ’ س‘ يا ’سنڌو‘ لفظ جو ڌاتو آهي ’سينڊ‘(Syand) معنيٰ ’وهڻ“ مطلب ته ’سنڌو‘ اها آهي جا سدائين پيئي وهي، پروفيسر مئڪس ملر.... جي خيال موجب ’سنڌو‘ لفظ جو ڏانو آهي ’سڌ‘  (Sidh) معنيٰء رکي وٺڻ، بچاءِ ڪرڻ. مطلب ته سنڌو ندي جتان جتان وهي ٿي تن هنڌن جو بچاءُ آهي ۽ ڏڪار وغيره کان رکي وٺي ٿي. سنسڪرت لفظ ’سنڌو‘ جو اُچار آڳاٽن ايراني لوڪن ڦيرائي ڪيو هڌو... جو ايراني لوڪ عام طرح س کي ڦيرائي ’هه‘ ڪندا آهن.... ۽ نڪ جو اُچار ڪڍي ڇڏيائون..... عيسائين جي بائبل ۾ ’سنڌو‘ جو اُچار ’هوڊو‘ (Hoddu) آهي... قديم ايراني ٻوليءَ ۾ ’ڍ‘ جو اُچار آهي ۽ بائيبل ۾ ’ڊ‘جو اُچار آهي. ’سنڌو‘ جو اُچار پوءِ جي فارسيءَ ۾ ڦري ٿيو ’هندو‘. گهڻي لڙهه وچڙ ڪري ايرانين کي پوءِ خبر پيئي ته ’ن‘ جو اُچار ڪرڻو آهي.... ’هندو‘ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندڙ“ پوءِ جڏهن عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن هندو لفظ جي معنيٰ ٿي ’براهمڻي ڌر کي مڃيندڙ‘ ۽ ان جو ضد ٿيو ’مسلما‘.... آڳاٽا آريه لوڪ سنڌو نديءَ جو ڪنارو امبالي کان وٺي هاڻوڪيءَ سنڌ تائين والاري ويٺا هئا ۽ ايراني لوڪ انهن حدن کان پري ڪونه ويا، تنهن ڪري اُتي جي رهاڪن کي ’هندو‘ ۽ انهي ملڪ کي ’هندستان‘ (هندو + آسٿان) نالو ڏنائون. اهڙيءَ طرح اسان جي سنڌ کي شرف مليو جو اُنجو نالو سڄيءَ هندو قوم ۽ سڄي هندستان تي پيو.

”عيسوي سن کان 330 ورهيه اڳي سڪندر اعظم ايرانين کي شهه ڏيئي.... پنجاب ۽ سنڌ تي به ڪاهي آيو جو اهي پاسا به ان وقت ايران جي حڪومت هيٺ هئا. اُنهن يونانين ’هندو‘ نالي جو اُچار پوءِ وڌيڪ ڦيرايو. اسانجن ماڻهن کي سڏيائون ’انڊوئي‘ (Indoi)، اسان جي ندي کي سڏيائون ’انڊوس‘ (Indos)، ۽ ندي جي ڪناري واري ملڪ کي ’انڊيڪا‘ (Indica)ڪوٺيائون. يونانين وٽان وري لاٽن ٻولي ڳالهائيندڙن اهي نالا ٻڌا ۽ انهن وري پنهنجي نموني نالا ڦيرايا. اسان جي نديءَ کي سڏيائون ’انڊس‘ (Indus)، ۽ اسان جي ملڪ کي ’انڊيا‘ (India) ڪوٺيائون.... مطلب ته سنڌ جو نالو يورپ تائين وڄي ويو ۽ انجي قديم وڻج واپار ۽ قديم سڀيتا جي ساک ٻيا به ڪي لفظ ڀرين ٿا. مثلاً ’سنڌ‘ لفظ مان صفت آهي ’سنڌي‘ ۽ ان جو مونث آهي. ”سندڻ“، جنهنجو اچار انگريزيءَ ۾ آهي ’سنڊن‘ (Sindon) ۽ معنيٰ اٿس ’سنڌ جي‘(ململ)، سنگين اوڇڻ ۽ ويڙهڻ لاءِ ڪپڙو. اهو لفط پوئينءَ معنيٰ سان لارڊ بيڪن هن ريت ڪم آندو آهي:-

“Wrapped in Sindons of fine linen.”-Bacon

انهيءَ ساڳئي لفظ ۾ گريڪ يعني يوناني ۽ لاٽن ٻولين ۾ اُچار آهي ’سندون‘ (Sindon) ۽ معنيٰ اٿس ”سنگين ململ“، (سنڌ جي ٺهيل).

”سنڌ مان ٻيو صفت آهي ’سينڌڙ‘، مثلا ’سينڌڙ اُٺ‘ معنيَ ’سنڌ جو اُٺ‘. انهيءَ ’سينڌڙ‘ لفظ جو اُچار انگريزيءَ ۾ آهي ’سينڊل‘ (Sendal). هتي نه رڳو ’ڌ‘ مٽجي ’ڊ‘ ٿيو آهي پر ’ڙ‘ مٽجي ’ل‘ ٿيو آهي: اها ڦير ڦار اسانوٽ عام آهي، مثلا ’ميٽ مڙڻ‘ يا ’ميٽ ملڻ‘.... ’سينڊل‘ لفظ جي معنيٰ آهي سنڌ جو سنگين ڌاڳو:

“Wore she not a veil of twisted sendal embroidered with Slik?”- W. Scott.

سروالٽر سڪاٽ جي مٿينءَ سٽ  مان ظاهر آهي ته يوروپي زالون منهن ڍڪڻ لاءِ ڄاري سنڌ جي سنگنن ڌاڳي مان ٺهيل ڪتب آڻينديون هيون.

Sails of silk and ropes of Sendal such as gleam in ancient Lore”—Longfellow.

نامور شاعر لانگفيلو جي مٿينءَ مصرع مان سمجهجي ٿو ته سنڌ جي سنگين يا وٽيل ڌاڳي مان اڳي ولايت ۾ ٻيڙين لاءِ لاڄُو يا رسا ٺاهيندا هئا ۽ اُهي انهن شاهاڻين ٻيڙين ۾ ڪم آڻيندا هئا جن جا ريشمي سڙهه هوندا هئا. مطلب ته ’انڊس‘، ’انڊيا‘، ’سنڊن‘ ۽ ’سينڊل‘ لفظ، جي سڀ ’سنڌو‘ لفظ مان ٺهيل آهن، سي سنڌ جي قديم سڀيتا جي ساک ڀليءَ ڀت ڀرين ٿا.“

(10) ”مهراڻ“

سنڌ ۾ آخرين ادبي مخزن ”مهراڻ“ 1946 ۾ سنڌ سرڪار جي برپا ڪيل ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي سهاري هيٺ نڪتي، جنهنجي ايڊيٽوريل بورڊ تي هيٺيان عالم هئا: عثمان غني انصاري، مولوي دين محمد وفائي، پروفيسر هرومل سدارنگاڻي ۽ لالچند امر ڏنومل، لعلچند صاحب ”مئنيجنگ ايڊيٽر“ جي حيثيت ۾ ان مخزن جو ڪاروبار هلائيندو هو، ۽ منجهس شايع ٿيل تصنيفن سنڌي ادب جي مڙني شاخن کي چڱي اوڄ ڏني. جنوري 1946 واري پرچي ۾ مکيه عمدا مضمون هئا: ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ”ادبي سنگت“ آغا تاج محمد جو ”باهمي اتحاد “ ۽ شيوارام لالا جو ” روهڙي جو راز—شهباز بيدل بادشاهه“. ”باهمي اتحاد“ مان آغا صاحب جي مذهبي توڙي عبارتي ڪشاده دلي ظاهر آهي:-

”اتحاد مذهبي هدايتن موجب آهي. مسلمانن جو ڪلام پاڪ هجي يا عيساين جو مقدس انجيل يا هندن جو ڪوبه پوتر پستڪ: هر هنڌ اتفاق ۽ اتحاد لاءِ ڪافيءَ کان زياده نصيحت ۽ هدايت ڪيل آهي. مسلمان جن کي اهو فخر آهي ته اسين توحيد جا پوڄاري آهيون، تن کي لفظ جي معنيٰ جي لحاظ کان ئي اتحاد سان زياده محبت ۽ دلچسپي هئڻ گهرجي، جو اهو لفظ لغتي معنيٰ ۾ وحدت مان نڪتل آهي. انهي ڪري ضروري آهي ته گرچ مذهبي امور سڀ ڪنهن جا مختلف آهن، ته به دنيوي ڳالهين ۾ هندو خواهه مسلمان، پارسي خواهه يهودي ۽ ڪرستان پاڻ ۾ متحد رهن. مسلمانن جي هدايتن لاءِ هي ڪافي آهي ته الله جل جلاله پاڻ کي ٻين لقبن سان گڏ رب العالمين سڏايو آهي، يعني جمله عالم جو رب، ۽ وري جمله خلق، جنهن ۾ سڀ ڪنهن ملت ۽ مذهب جا ماڻهو اچي وڃن ٿا، سا عيال آهي. الله جو، جا ڳالهه ’الحق عيال الله‘ مان ظاهر آهي، ته پوءِ جڏهن الله آهي جمله عالم جو ۽ جمله عالم آهي عيال الله جو، ته الله جي عيال مان ڪنهن کي تڪليف يا دک پهچائيندڙ، اُنجي پياري مخلوق سان نفاق رکندڙ، انهيءَ مٺي مالڪ کي هرگز ڪين سيبائيندو. تنهن ڪري جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي مالڪ کي مٺا ۽ پريتم پيارا لڳون ته اُنجي پيدا ڪيل مخلوق سان پيار ۽ پريم سان پيش اچون.“

مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جو ”سنڌي ٻوليءَ“، ۽ پروفيسر نبي بخش بلوچ جو سنڌي لغت ٺاهڻ جو اصولن بابت خط، سنڌي زبان جي سڌاريءَ ۽ واڌاري بابت سهڻا مضمون هئا. ”سنڌي ٻولي“ واري مضمون مان چشتي صاحب جو ’ادب برائي زندگي‘ وارو ترقي پسند اصول ظاهر آهي، ۽ سندس لکڻيءَ ۾ فارسي- هنديءَ جو چڱو ميلاپ آهي:- ”سنڌي ٻولي معمولي ۽ غير اهم ٻولي نه آهي. هوءَ هڪ شاندار ۽ اهم لذيذ ٻولي آهي. هن ۾ نه رڳو قديم هندستان ۽ ۽ سندس پراچين سڀيتا جو حصو آهي، نه رڳو هندو ڌرم ۽ هندو تخليات ۽ ويدانت  جو ڀاڱو آهي، سنسڪرت ۽ هنديءَ جو ميلاپ آهي، پر هن ۾ اسلامي تهذيب ۽ تمدن، اسلامي عقيدن ۽ اصولن جو، توحيد ۽ تصوف جو به وڏو وڏو بخرو موجود آهي... گذريل ڏيڍ صديءَ جي عرصي ۾، موجوده زماني جي عالمگير گرفت ۽ وٺ پڪڙ جي باعث، مغربي آميزش ۽ يورپي ملاوت کان به خالي نه آهي. منهنجي دل جلندي آهي، مون کي بيحد گهڻو ڏک ۽ ارمان ٿيندو آهي، جڏهن ڪيترن ئي شاعرن جو شعر ڏسندو آهيان ته چشم ۽ ابرو لاءِ وقف هوندو آهي، حسن ۽ جمال جي ساراهه ۾ ئي ختم ٿيندو آهي، منجهس هجر ۽ وصال جو ئي بيان هوندو آهي، سموري قابليت ستمگر صنم کي ريجهائڻ ۾ صرف ڪئي ويندي آهي، بت سيمين جي وصال تي دولت دوجهان تصور ڪيو ويندو آهي..... نثر نويس مصنف به گهڻا آهن جي پنهنجي علم ۽ قلم، وقت ۽ پيسو، بيهوده قصن ۽ آکاڻين ۽ واهيات بيانن ۾ صرف ڪري رهيا آهن. اڄ ضرور ي آهي ته نظم خواهه نثر، قلم خواهه ڪلام، تحرير خواهه تقرير، علم خواهه عقل، قوم جي زندگي سنوارڻ ۽ بهتر بنائڻ ۾ صرف ڪيا وڃن. سڀ سعيا ۽ جهد قوم جي جوڙجڪ ۽ سڌاري جي لاءِ وقف ڪيا وڃن. ٻوليءَ کي بهترين اوج تي رسايو وڃي. ساهتيه ۽ ادب جي عملي ۽ نتيجه خيز شيوا ۽ خدمت ڪئي وڃي. انقلاب پيدا ڪندڙ شعر ۽ انقلاب آڻيندڙ لٽريچر لکيو وڃي ته جيئن قوم جي مستقبل تي سٺو اثر پوي.“


[1]  مٿيان مضمون ڪٺا ڪري ۽ انهن سان وڌيڪ ادبي مضمون ملائي، ملڪاڻيءَ هندستان ۾ .ادبي اصول“ (1950) نالي  ڪتاب ڇپاپو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org