سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌ نثر جي تاريخ

باب:

صفحو:17 

لوڪ- ڪهاڻين تي ٻڌل ناٽڪ

اڪثر ائين سمجهيو ويندو آهي ته سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي ناٽڪي روپ ڏيڻ جي نئين واٽ لعلچند امر ڏنيمل ڳولهي ڪڍي، پر اها ڳالهه اتهاس جي ورڌ آهي. حقيقت ۾ سماجڪ ناٽڪ وانگر، لوڪ ناٽڪ جو پايو به سنڌي ادب ۾ خانچند درياڻيءَ وڌو جڏهن 1922 ۾ سندس ”مومل مينرڙو“ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ“ وارن ڇپايو هو. اهو ناٽڪ سنڌ ڪاليج جي نئين ناٽڪ منڊليءَ، جا هن بندي پرنسپال شاهاڻيءَ جي اتساهه ڏيارڻ تي جاري ڪئي هئي، تنهنجي 1928 واري سالياني جلسي تي شاگردن کان ڪرائي ڏيکاريو هو. هيءُ ناٽڪ جيتوڻيڪ وچوليءَ ڊيگهه جو هو ته به منجهس ڪردار ۽ پردار اجايا گهڻا وڌل هئا، جنهن ڪري ننڍا غير- ضروري نظارا ۽ پاتر مونکي ملائي يا ڪاٽي ڇڏڻا پيا. بيت ۾ ڏوهيڙا ناٽڪ ۾ گهڻو ڪري شاهه صاحب جا ڪم آندل هئا ۽ ڪردارن جون زبانيون انهن سان چڱيون ٺهڪي ٿي آيون. هن ۾ مومل جو پارٽ هڪ مهانڇڙي ڪاليج جوان مڪند لالا ڏاڍي نفيسائيءَ ۽ اُتساهه وچان ڪيو هو ۽ ڪافيون ڏوهيڙا ميٺاج ڀريا ڳايا هئائين. راڻي جو پارٽ موتي جڳتياڻيءَ ڪيو هو. رانجهل جو ڪشني جڳتياڻيءَ ۽ سومل جو چندن ميرچنداڻيءَ، هي ناٽڪ چڱو اثرائتو ٿيو هو، پر سومل جو مردانو لباس ڍڪي مومل سان پلنگ تي سمهي پوڻ، پرنسپال شاهاڻيءَ کي اُگرو لڳو هو ۽ چيائين ته اهڙا نظارا منچ تي ڏيکارڻ ناٽڪي اصول جي خلاف آهي.

شايع ٿيڻ جي لحاظ کان نه، پر اسٽيج تي آڻڻ جي لحاظ کان ڏسبو ته لعلچند صاحب جو ”عمرماروئي“ برابر پهريون لوڪ ناٽڪ هو جو حيدرآباد رابندراناٿ ڪلب وارن 1925 ۾ بيحد ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو. هيءَ کيل حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾، ور ور ڏيئي، جملي 10- 12 راتيون ڪرڻ ۾ آيو، جنهن جهڙي فتحيابي ٻئي ڪنهن به سنڌي ناٽڪ ڪانه حاصل ڪئي. منجهس استاد جي دستوري خيالن ۽ ٻوليءَ جون ادبي خوبيون بيشڪ هيون، پر ٽاگور جي ”گارڊنر“ جا شاعراڻا ويچار جي سنڌي ڳوٺاڻن عاشقن جي مک ۾ وڌا هئائين سي اسڀاويڪ ٿي ڀاسيا، لنبين زبانين ۽ اينگهندڙ گفتگوين ڪري به ناٽڪي فن جي جيڪي سو ڪمي هئي، پر تنهن هوندي به هن ناٽڪ ايڏي ڪاميابي انهي ڪري پائي جو هدايتڪار استاد هيرانند ڳوٺاڻا نظارا—ملير جي کوهه عمر جي جي ڪوٽ وارا—اهڙا پورا پيش ڪيا ۽ پاترن کي، ۽ خاص ڪري ساهيلين جي سٿي کي پوشاڪون اهڙيون ته تز ڳوٺاڻيون ۽ رنگارنگي پهريائين جو هيءُ کيل نمائش جو شاهڪار بنجي پيو. مٿان وري پريتي شوداساڻيءَ ماروئيءَ جو پارٽ اهڙيءَ نماڻائي ۽ اٻوجهائي سان ڪيو جو سندس سادو سودو چهروئي ٻهڪي پيو ۽ ناٽڪي آسمان ۾گويا نئون ستارو اڀريو! سڪ ۽ سوز وچان، جهيڻي مٺي آواز ۾ وٺي جي شاهه جا ڏوهيڙا ڏنائين ته ٻڌندڙن جون دليون پگهرجي پييون. عمر جو پارٽ ڪڏهن ڏيئلمل لعلواڻي ته ڪڏهن وليرام آئلمل ڪندا هئا، پر عمر جي ڪردار نگاري ۾ۡ ڪمزوري هئڻ ڪري ڏيئلمل اُهو پارٽ اهڙو اثرائتو نه بنائي سگهندو هو، پر وليرام خاموش ائڪٽنگ سان خال ڀري لکندڙ جي اها خامي سڌاري ڇڏيندو هو. ڏيئلمل ڦوڳ سين بيوقوف- بدمعاش جو پارٽ ڪاريگريءَ سان ڪندو هو، جو ساڳيو ڪڏهن مولچند لعلواڻيءَ ڪڏهن جهونو ائڪٽر وليرام گلراجاڻي به چڱو ڪندا هئا. عاشق کيت سين جو پارٽ جهمٽمل ڀاوناڻي ڪندو هو، جو اڳي زنانا پارٽ ڪندو هو. ماروئيءَ جي پيءُ جو پارٽ اڪثر مولچند لعلواڻي ۽ دائيءَ جو پارٽ هڪ مسلم جوان عزيز، پوري پيرسن لهجي سان ڪندو هو. هن ناٽڪ جي ٻي خاص ڪشش هوندي هئي وڳند مسخري جو پارٽ جو استاد لعلچند پنهنجي دليان ٺاهيو هو، ۽ هدايتڪار هيرانند پاڻ ڪندوهو، ۽ ڀيري ڀيري سان اهڙا وٺي نوان نوان ڀوڳ مسخريون ڪندو هو جو جنسي پيٽ کي هٿ ڏيڻا پوندا هئا. 1929 ۾ ”عمر ماروئي“ حيدرآباد شاخ وارن ڪراچي ٿياسافڪل هال ۾ ”انڊين گرلس اسڪول“ جي ساهتا لاءِ ڪري ڏيکاريو، جنهن ۾ موسيقي هدايتڪاري برک سنگيت ماهر احمد چاڳلا ڪئي هئي ۽ راڳن سان طرح طرح جا ساز اهڙا وڄايا هئائين جو ناٽڪ ئي کڄي پيو هو. 1935 ۾ All- India Women’s Confrence جي موقعي تي، هن ناٽڪ مان کوهه ۽ ڪوٽ وارا ٻه فصل استاد هيرانند فريئر هال۾ ڪري ڏيکاريا هئا، جنهن ۾ ڪماري پدمي اچلسنگ آڏواڻيءَ ماروئي جو پارٽ اهڙي ته امنگ ۽ سوز وچان ڪيو هو ۽ ڪوٽ جي ڪنگرن تان ڏوهيڙا به اهڙي رسيلي آواز ۾ ڏنا هئائين، جو تڏهن سماءٌ پيو سون ته زناني پارٽ لاءِ، ڪهڙي به سٺي مرد ائڪٽر کان، سچي پچي ڇوڪري سؤ بار وڌيڪ اثرائتي ٿي ٿئي. سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ هيءَ پهريون دفعو هو جو هن ڇوڪريءَ نائڪا جو پارٽ کنيو هو—نئن ميرچنداڻي ٻه ورهيه پوءِ (1937 ۾) ”انارڪلي“ جي نائڪا بڻي.

”عمر ماروئي“ جو ”ڀارتواسي“ 8 نومبر 1925پرچي ۾ نائب مهتمم ڇتومل ٿڌاڻيءَ هي اندازو لڳايو هو: ”مستر لعل چند سنڌ جي ڪهني ليکڪ آکاڻي عمر ۽ ماروئي جي ناٽڪ جي صورت ۾ آڻي سنڌي ساهت جي عمدي شيوا ڪئي آهي. منجهس شاهه صاحب جي رسالي مان ڪافيون ۽ ڏوهيڙا وجهي ڪتاب کي بلڪل سوادي بنايو اٿس. البت ڪتاب جي عبارت ناٽڪ جي لفظن کان بلڪل ڳوري پيئي نظر اچي. عمر جي چال جو جيڪو چٽ ڪڍيو اٿس تنهن کي ڪنهن به قسم جو تکو رنگ نه ڏنو اٿس. عمر ته ظالم ظلمي ٿو نظر اچي نڪي فدا ٿيل بي حال عاشق ٿو نظر اچي. پر ڪئن به، ڪتاب ۾ جيڪي به اوڻايون هيون سي ناٽڪ ڪندڙن جي بينظير ناٽڪي فن بنهه ڍڪي ڇڏيون. ماروئي (پريتمداس) ته حد ڪري ڇڏي. جيڏي مهل عمر جي ڪوٽ جي ڪنگرن تان ڏوهيڙا ڏيئي اباڻن ۽ پکن ۽ پسين ۽ ماروئڙن جي لاءِ ٿي پاڏايائين تڏهن ساهه کڻڻ به نٿي ٿيو ۽ مانڊوي ۾ سن سناٽ ٿي لڳي ويئي.... وڏيري وڳند (هيرانند) به حيرت ڪري ڇڏي. ڄڻ ته سچ پچ ڪو ڪنهن ڳوٺ مان مسخرو آيو هو. ڇا سندس پوشاڪ، ڇا شڪل، ڇا راڳ ۽ ڇا سندس مسخري! ساري سنڌ ۾ وڳند وڏيري جهڙو ائڪٽرڪونه لڀندو. مسخريءَ جي فن ۾ کائنس پوءِ حد آهي. انصاف ڦوڳ (ڏيئلمل) جا به ڪين وڃائبا، نسورو ڦوڪ ’سچو عاشق ڀيٽو دي آچار‘ ٿي بيٺو. جهڙو ڪيائين آواز تهڙي ڳالهائين ڳوٺاڻي ٻولي. ٻين ائڪٽرن به پاڻ چڱوملهايو.“

لعلچند صاحب، ڍنگومل ٿڌاڻي سان جفت ٿي،[1] ”سهڻي ميهار“ به ناٽڪي صورت ۾ آندو هو پر اهو اسٽيج تي ڪڏهن ڪونه آيو. اُستاد صاحب ”سسئي پنهون“ ناٽڪ پڻ تيار ڪيو هو، پر اهو ته ڇاپي ۾ به اڃا ڪونه آيو آهي. 1932 ۾ ملنگسنگ رامچنداڻيءَ (جو سٺو مذاقي ائڪٽر هوندو هو) به سسئي پنهون (ناٽڪ لکيو هو، جو هڪ ڪاليجي جوانن جي منڊليءَ بخوبيءَ ڪري ڏيکاريو هو.

استاد لعلچند جي نقش قدمن تي هلي، ڊاڪٽر ليلام ڦيرواڻيءَ 1936 ۾ ليلان چنيسر جي لوڪ ڪهاڻي ”هڪڙي رات“ نالي سان ناٽڪي صورت ۾ آندي هئي، جنهن ۾ شڪارپوري ٻولي اهڙي مٺي ڪم آندائين جو سندس نثر مان نظم جو ساءُ پي آيو. ڏنگين ليڪن ۾ ناٽڪي هدايتون (Stage direction) به تفصيل وار ڏنائين، جيئن نئين زماني جي ناٽڪ نويسيءَ جو دستور آهي. پر ٻين نون دستورن جي انحرافي اها ڪيائين جو ڪردار ۽ چهچٽا ايترا گهڻا ۽ غير ضروري وڌائين، جو هيءَ ناٽڪ سنيما ۾ ڪرڻ لائق ٿي پيو ۽ اسٽيج تي  ڪرڻ ۾ ڪونه آيو. هن ناٽڪ جي مهاڳ لکندي منگهارام ملڪاڻيءَ رايو ڏنو هو:- ”ڊاڪٽر ليلام ڦيرواڻي جو ”هڪڙي رات“ شري لعلچند جڳتياڻيءَ جي ”عمر مارئي“جو لائق سنتان آهي، بلڪه ڪن خاصيتن ۾ والد کان گوءِ کڻي ويو آهي. منجهس رڳي ساهتي سڳند ڪانهي پر ناٽڪي لياقت به چڱيائي آهي. اُنجي عبارت جي نثر مان نظم جو آلاپ پيو اچي. وري ڪردار نگاري جون هدايتون اهڙيون وچور وار ذري پرڌي ڏنيون اٿس، جو فقط پڙهڻ سان ئي من جي تختن تي گويا ناٽڪ پيو ڏسجي..... ڪونئروءَ جي چٽيل تصوير نهايت پياري آهي، راجا چنيسر لاءِ سندس سوکم سڪ دک کي پوتر ڪيو ڇڏي..... چهچٽي ٻئين جي آخرين پردي ۾، جڏهن سندس پريتم بي سرت پلنگ تي ستوپيو آهي ۽ پاڻ پٽ تي ويهي، پلنگ جي ٻني تي ڪنڌ رکي ليٽي ٿي پوي ۽ ائين رات وهامي ٿي وڃيس، تڏهن ته انڊر سيئاٽ پئجيو وڃي ۽ افسوس پيو ٿئي ته اهڙيءَ پاڪ محبوبا جو، آخرين پردن ۾، لکندڙ ديدار ئي نٿو ڪرائي! ناٽڪ جي پڇاڙيءَ ۾ ليلان توڙي چنيسر ٻئي هڪٻئي پٺيان سريو پون، جا ڳالهه دل سان ئي نه پيئي لڳي. ڏند ڪٿا ۾ ڀلي اها پڄاڻي ڏيکاريل هجي، پر ساهت جي درشٽيءَ کان آکاڻيءَ ۾ ڪجهه دست اندازي بيشڪ ڪري سگهجي ٿي، جنهن موجب فقط ليلان ساهه ڏئي ته به ناٽڪ مان ساڳيو دکدائڪ تاثير نڪري ايندو. چنيسر جي مرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، هن کي آخري وفادار ڪونئروءَ سان ئي ملائڻ جڳائي.

لوڪ ناٽڪ رچڻ جي روايت پروفيسر رام پنجواڻيءَ پختي ڪئي. هن صاحب، پرنسيپال گربخشاڻيءَ جي فرمائش تي، ڪراچي ڪاليج جي غريب شاگردن جي سهائتا فند لاءِ، 1941 ۾ ”مومل راڻو“ کيل سلوڻي زبان ۾ لکيو، جنهن سان هڪ مذاقي ٽڪر به دليان ٺاهي ملائي ڇڏيائين ۽ ضروري گانا به جوڙي جوڳين جاين تي وڌائين—۽ اهو سمورو ڪم هفتي کن ۾ سرانجام ڪري ورتائين. پت ڦيرواڻيءَ جي ناٽڪ وانگر، هن ناٽڪ ۾ به نظارا ايترا اڪيچار ۽ پيش ڪرڻ ۾ ڏکيا هئا (مثلا ڪاڪ جي طلسم وارو نظارو)، ۽ وڏي ڳالهه ته جلد جلد ڦرندڙ هئا، جو هيءَ ناٽڪ به اسٽيج تي آڻڻ عبث ٿي پوي ها، جيڪڏهن استاد هيرانند ۽ هيءَ بندو، ڪٽون ڪوٽون ڪري، مٿا مونا هڻي پورائي نه ڪن ها. وري به شڪر جو هيرانند جي هدايتڪاريءَ سان هيءَ ناٽڪ نهايت اثرائتو بيٺو. خاص هن ڪري منجهس گهڻيون ڪاليجي ڇوڪريون سٺيون اداڪار هيون. مومل جو پارٽ مئنا واسواڻيءَ نهايت جذبي وچان ڪيو ۽ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا به مٺي ۾ آواز ۾ ڳايائين. راڻي جو رول ڪملا ڪرپاڻي ۽ مرداني ڍنگ سان ڪيو، ۽ رڪ آڏواڻي سٺي سومل بڻي. مورتي شهاڻيءَ جي چهري ۾ سوامي جي ڏيا هئي، ۽ موهني گدواڻيءَ  هيرو آڏواڻيءَ، مکڻ ۽ ڊکڻ مسخرن جي مردانن پارٽن ۾ ماڻهن کي خوب کلايو. رامڪ پنجواڻيءَ لوڪ ڪهاڻي تي ٻڌل ٻيو به ناٽڪ ”پکي ۾ پدمڻي“ 1943 ۾ جوڙيو، جنهن ۾ عمر ماروئيءَ جوقصو ناٽڪي لباس ۾ آندل هو، جنهن ۾ چهچٽن ۽ ڪردارن جو صرفو ڪيل هو. هيءُ ناٽڪ پنجواڻي صاحب جي برپا ڪيل ”سنڌي سرڪل“ جي سهاري ۽ سندن هدايتڪاريءَ هيٺ، ڪراچي ڪاليج جي ڇوڪرين کان ڪرائي ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ عمر جو پارٽ مئنا منگهارام ملڪاڻيءَ گهربل مرداني ڍنگ سان ڪيو، ۽ ڪملا وليرام ٿڌاڻي ۽ ماروئيءَ جي پارٽ ۾ چڱو امنگ ۽ جذبو ڀريو هو. پنجواڻيءَ مٿين لوڪ- ناٽڪن ۾ سنڌي ڀڳت به ڏاڍي مزيدار وجهندو هو، جنهن ۾ مکيه ڀڳت جو پارٽ پاڻ ڪندو هو.

آخرين لوڪ ناٽڪ نانڪرام ڌرمداس جو ”سهڻي ميهار هو، جو 1946 ۾ سندس سرڳواس ٿيڻ پڄاڻان ”ڀارت جيون“ رسالي ۾ ڇپيو هو پر اسٽيج تي ڪرڻ ۾ ڪونه آيو.

رابندراناٿ ڊرمٽڪ ڪلب جو آخرين ناٽڪ ڪار احمد چاڳلا هو، جو ڪراچي ٿياسافيڪل سوسائٽي جو موسيقي استاد هوندو  هو ۽ ناٽڪي فن ۾ به ماهر هو. هن صاحب 1931 ۾ ”خوني“ نالي ناٽڪ ترڪي زبان مان سنڌي ۾ آندو هو. جو اصل جرمن ناٽڪ نويس رچرڊ ووس جو جوڙيل هو. اُنجو اُلٽي انصاف وارو مسئلو۽ ڪردار زوردار هئا ۽ سهڻي ڳوٺاڻي اصطلاح ۾ لکيل هو، جنهن تي استاد لعلچند جو هٿ لڳل هو. پر پلاٽ ۾ اسٽيج تي ٿيندڙ ڪارروائي بلڪل گهٽ هئي ۽ ان بدلي زمان ماضيءَ ۾ ٻڌايل بيانن سان ڀرپور هو، جنهن ڪري ناٽڪي دلچسپي گهڻي ڪانه هئس. هيءُ کيل لکندڙ ۽ هيرانند جي گڏيل هدايتڪاريءَ هيٺ ڪري ڏيکارڻو هو، جنهن لاءِ پردن ۽ پوشاڪن ٺهرائڻ جون گرماگرم تياريون به ٿي ويون هيون ۽ ان جي شاندار ڪاميابي جون اميدون هيون، پر پڇاڙي ۾، ڪراچي ۽ حيدرآبارن وارن ڪارپردازن ۾ ڪن مت ڀيدن ٿيڻ ڪري چاڳلا ۽ هيرانند پنهنجا هٿ ڪڍائي ويا، حيدرآباد وارن پنهنجي روءِ سوءِ اهو ناٽڪ 1934 ۾ ڪري ڏيکاريو، جنهن ۾ لکندڙ جي فهمايش جي پيروي ڪانه ڪئي ويئي. ڏيئلمل لعلواڻيءَ جهڙي قابل اداڪار پهريون ئي دفعو هن ناٽڪ جي هدايتڪاري پاڻ ئي هموار ڪئي، ۽ نانڪرام ڌرمداس ۽ ليکراج عزيز پارن شاعرن ان لاءِ گانا جوڙيا. بيگناهه خونيءَ جو مکيه پارٽ به ڏيئلمل پاڻ ڪيو، ۽ وليرام آئلمل به بدمعاش جو پارٽ سٺو ڪيو. پر تنهن هوندي به ناٽڪ مان ناظرين کي جس رس ڪونه آيو، جنهن جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته ناٽڪ ۾ پورو ناٽڪي دم ڪونه هو. هن کيل جي واحد خوبي هئي پريتي شوداساڻيءَ (معشوق) ۽ هيري سوڀراج (عاشق—جنهن ”قسمت“ ۽ معشوق جي پارٽ ۾ وڻ وڄايا هئا) جو جوڙو، جن هڪڙيئي عاشقاڻي نظاري ۾ پنهنجا پارٽ اهڙا سوز ڀريا ڪيا ۽ گانا به اهڙا رسيلا ڳاتائون، جو گويا هڪ روماني تصوير ٺهي پيئي ۽ اها ڳالهه ئي وسري ويئي ته ٻئي مرد آهن! ”خوني“ جي ناڪاميابيءَ کانپوءِ هن ڪلب جي حيدرآباد شاخ جو ڪاروبار بند ٿي ويو.

احمد چاڳلا ٻه ٻيا کيل به سنڌيءَ ۾ آندا هئا: هڪڙو ”ڀوت“ (Ghosts) ۽ ٻيو ”ديش جو دشمن“ (Enemy of the People) جي ٻئي ناروي جي نامياري ناٽڪ نويس اِبس جي ناٽڪن تان ورتل هئا، ۽ جن مان پهريون ”مهراڻ“ مخزن ۾ 1946 ۾ قسطون ڪري ڇپايو ويو هو. پر اهي ناٽڪ شايد ڪڏهن به ڪرڻ ۾ ڪونه آيا.

متفرقا ناٽڪ

1926 ۾ جهمٽمل ڀواناڻي اداڪار مان ڦري ناٽڪ ڪار ٿي پيو. هن صاحب مشهور مذاقي ناٽڪ نويس موليئر جي کيلن کي سنڌي لباس پهرائڻ شروع ڪيو. سندس پهريون اُلٿوڪيل ناٽڪ هو ”مکر“ جو اين- ايڇ پنجابيءَ وارن ڇپايو هو ۽ Love is the Best Doctorتان ورتل هو. ڀاوناڻيءَ موليئر جو ٻيو مکيه ناٽڪ The Miser به ڏيهي حالت ۾ بهاريو هو، جنهن جو نالو هو ”موذي“، پر اڃا دستخط ۾ پيو آهي. عجب آهي ته اهڙا ٻئي کلائيندڙ ناٽڪ ڇو ڪين ڪرڻ ۾ آيا آهن.

1936 ۾ ٻئي هڪ پرجستي ائڪٽر جڳو آڏواڻيءَ (جو پوءِ بمبئي جو فلم ڊائريڪٽر بنيو) ساڳئي موليئر جي ٻئي هڪ مذاقي ناٽڪ Impostures of Escapin کي ”افلاطون“ نالي سان سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيو، جو ڪاليجي شاگردن جي هڪ ناٽڪ منڊليءَ کان ڪراچي فريئر هال ۾ مون ڪري ڏيکاريو هو ۽ ڪافي ڪامياب ويو هو. منجهس جڳوءَ پاڻ مکيه مذاقي پارٽ ڪيو هو، خانو منسکاڻيءَ نائڪا جو پارٽ ۽ منگل رامچنداڻي، ڪشني جڳتياني ۽ لکي ملڪاڻي ۽ ٻيا کلائيندڙ پارٽ ڪيا هئا.

ليکراج عزيز پنهنجو شاعراڻو قلم ناٽڪ نويسيءَ تي به خوب هلائيندو هو. هن صاحب ٽي سٺا ناٽڪ لکيا. سندس پهريون ”ڪمار اجيت سنگهه“  (1931) راجپوت تاريخي کيل هو، جو اسٽيج تي، چڱيڙو بيٺو هو ۽ منجهس ناٽڪ جو ڀاڳ مولچند ليلارامسنگهه ورتو هو. سندس ٻيون ناٽڪ ”مسٽر مجنون“، جڳو آڏواڻيءَ سان شراڪت ۾ جوڙيو هئائين. هيءَ هڪ سڄو مذاقي کيل هو جنهن جي پٺيان نئين زماني جي مجنن ۽ ليلائن تي سماجي طنز رکيل هئي. هيءُ ناٽڪ 1933 ۾ بلڪل ڪاميابيءَ سان، خود جڳو آڏواڻيءَ جي هدايتڪاري هيٺ، حيدرآباد ۾ ڪري ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ مولچند ليلارامسنگ فئشنبل مجنونءَ جو پارٽ نهايت فطرتي مذاقي نوع ۾ ڪيو هو، Molly, I Love you وارو انگريزي گانو واهه جو ڳايو هئائين، آتو لعلواڻي جديد ليليٰ جو پارٽ ناز انداز سان ادا ڪيو هو، ۽ دولت (ڀڏي) آڏواڻي پيرسن مائيءَ جي ويس ۾ خوب کلايو هو، راڳ ليکراج پاڻ ٺاهيا هئا، ۽ گاني جي هدايتڪاري سهجو واڌواڻيءَ ڪئي هئي ۽ باجو  سريلو وڄايو هئائين. هن جهڙو ڪامياب مڪمل مذاقي کليل سنڌ ۾ ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. عزيز صاحب جو آخرين ناٽڪ ”غريبان مار“ خود عزيز صاحب جي زمينداري پيشي تي ٻڌل، مسڪين هارين ۽ زميندارن جي ظلمن بابت اثرائتو کيل هو. پر انجي پلاٽ ۽ رٿا وغيره جي، درياڻي جي ”زمينداري ظلم“ سان چڱي مشابهت ڏسڻ ۾ آئي، توڻي اُنجي لکڻيءَ جو رنگ ڍنگ وڌيڪ پڪو پختو هو. آءُ سمجهان ٿو ته هيءُ ناٽڪ اسٽيج تي ڪونه آيو، مگر اُنجي ادبي لياقت سڃاڻي، سرڪاري صلاحڪار بورڊ وٽان عزيز صاحب کي انعام مليو هو.

هن آخرين فقري وارا ٻيا متفرقا ناٽڪ هئا: جهمٽ ٿڌاڻيءَ (ائڪٽر وليرام آئلمل جي پٽ) جو ”ڪملا“، ۽ موتي منسکاڻيءَ جو ”جواني جو انڌ“ (1936)، جي ٻئي پنگتي وشين تي اصلوڪا لکيل چڱيڙا ناٽڪ هئا. ٺاڪرداس ورما جو ”مهاراجا ڏاهرسين“ (1936) سنڌ جي جهوني اتهاس بابت هڪ اصلوڪو کوجنا وارو ناٽڪ هو، پر اُن ۾ پردا اجايا گهڻا آندل هئا. رمڻ لعل شرما ۽ رامچندر ڪيولراماڻيءَ جو گڏي لکيل ”ديش ڀڳتي“ (1937) چالو زماني بابت چڱيڙو قومي ناٽڪ هو. سنيما جي شوقين ڪاليجي جوان اڌي جهانگياڻيءَ (جو پوءِ اديه ڪمار نالي سان فلمي اداڪار بنيو) فلمن کان متاثر ٿي هڪ ٻئي پٺيان 5- 8 ناٽڪ لکي ڪڍيا، جنمان ”قرباني“ (1932)، ”انصاف“ (1933) سماجڪ کيل هئا ۽ ”جهانگير“ (1935) تاريخي هو. سندس بهترين کيل ”اڄ ڪلهه“ سماجڪ مسئلن تي لکيل هو، جو ٻڌجي ٿو ته 1940-1943 وچ ۾ سڄا سارا ويهه دفعا حيدرآباد ڪاليج منڊليءَ ڪري ڏيکاريو هو. هنن ناٽڪن ۾ لکندڙ خود نائڪ جو پارٽ ڪندو هو ۽ نائڪا جو آتو لعلواڻي.

هن وقت ڌاري، عثمان علي انصاريءَ شيڪسپيئر جا ٻه ناٽڪ ترجمو ڪيا، جي مرزا قليچ بيگ به گهڻو اڳ سنڌي ۾ آندا هئا. هڪڙو ”جرم بي وفا“(Cymbbeline) ۽ ٻيو ”گمراهه دوست“ (Two Gentlemen of Verona)، پر هن صاحب ناٽڪن جا نالا جيتوڻيڪ ڏيهي رکيا، ته به انهن جي ڪردارن جا نالا ساڳيا مغربي رکيائين. عبارت  جي لحاظ کان هي کيل پڙهڻ وٽان هئا، ۽ انصاري صاحب جي نظر هيٺ ٻئي کيل ساهتيءَ ۾ اسڪولي شاگردن ڪري ڏيکاريا هئا ۽ چڱا پسند پيا هئا، پر شايد ڇاپي ۾ نه آيا آهن.

هڪ ٻيو مسلم ناٽڪ نويس محمد اسماعيل عرساڻي هو، جنهن هڪ خود-ساختو ناٽڪ ”بدنصيب ٿري“ 1939 ۾، ميرپورخاص مدرسي جي شاگردن کان، تعليم ڦهلاؤ تحريڪ لاءِ ڪري ڏيکاريو هو، ۽ جن به ڏٺو سي لکندڙ ۽ کيل ڪندڙ جي ساکن مان ڍاوائي نٿي. هن ناٽڪ ۾ ٿري زندگيءَ جو چٽ، مڪاني، تلفظ ۽ محاوري ۾ چٽيل هو، ۽ سڌاري جي مراد سان لکيل هوندي به منجهس ٽپ ٽپ تي ٽهڪ ڀريل هو. البت پردن جي لهه چڙهه منجهس گهڻي هئي، پر ڇا رٿا، ڇا عبارت جي لحاظ کان هيءُ ناٽڪ هڪ شاهڪار هو. سنڌي مرڪزي صلاحڪار بورڊ وارن هيءَ ناٽڪ 1941۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

1942 ۾ ڪراچي ڪاليج جو هڪ سٺو مذاقي ائڪٽر ايڇ- سي- بلي، جنهن پوءِ وڪالت اختيار ڪئي، تنهن پنهنجي ڌنڌي جي آزمودي مان ”آڌيءَ جو انصاف“ ناٽڪ بيتن ۾ لکيو، جنهن کل مسخريءَ سان ساٿ ساٿ وڪيلن، ججن ۽ ڪورٽن جي ڪاروبار تي سٺSatire ڪيل هئي. لکندڙ هيءَ ناٽڪ حيدرآٻاد ۾ ڪري ڏيکاريو هو جنهن ۾ مکيه رول پاڻ ادا ڪري خوب کلايو هئائين ۽ کيل ڪامياب ٿيو هو. 1945 ۾ لڻيندارام ڏوڏيجا (جنهن ”وڪيل“ نالي ننڍو ناٽڪ لکيو هو) ”شاديءَ جون ٻيڙيون“ لکيو، جو برک مرهاني ناٽڪ ڪار پروفيسر آنزي جي شاهڪار ناٽڪ تان سنڌي سماجڪ جيون ۾ اُلٿو ڪيل هو. هن ناٽڪ ۾، چالو زماني ۾ پيار ۽ شاديءَ جي مسئلي تي نازڪ مسخري ۽ ٺٺولي ڪيل هئي، جنهن ڪري سنڌي مذاقي ناٽڪن ۾، اصلوڪو نه هوندي به، اوچو درجو ٿو والاري، پر عجب آهي ته سنڌي پبلڪ اڳيان اڃا ڪنهن پيش ڪونه ڪيو آهي جيئن هو اُنمان مزو ۽ فائدو پرائين.

1946 ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ مها ڪوي ڪاليداس جي شاهڪار ”شڪنتلا“هن ناٽڪ تي ڪيل آلوچنا تنقيد واري فصل ۾ ڏنل آهي.

جو ترجمو موزون ۽ چڀري سنڌي ۾ ڪيو، جنهن ۾ سرل هندي ۽ فارسي لفظ ۽ محاورا به گهڻي ڀاڱي پوري ميلاپ ۾ ڪتب آندائين—جوئي سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين مان ترجمي ڪرڻ جو آدرش هئڻ کپي. باقي هڪڙي خسيس خامي هن ترجمي ۾ اها آهي جو ٻه چار دفعا انگريزي اکر ”ممي“ ۽ ”بينچ“ وغيره ڪم آندل آهن، جي هن پراچين ناٽڪ ۾ نٿا ٺهڪن. اصلوڪي ناٽڪ وانگر هن ۾ پڻ پاتر چهچٽا اڪيچار هئا، جنهن ڪري اسٽيج تي آڻڻ ڪٺن آهي نڪي آيو ئي آهي. سنڌ ۾ آخرين لکيل ناٽڪ هو مهراج دوارڪا پرساد شرما جو ”وير اڀمينو“ (1947)، جو مهاڀارت تي ٻڌل، هندو ويرتا بابت جوش ڀريو تاريخي ناٽڪ هو. هن ناٽڪ جي ٻولي پڻ پختي ۽ اُچي هئي، اهو به گهڻن پاترن ۽ پردن هئڻ ڪري شايد ڪڏهن ڪرڻ ۾ نه آيو. خاص ڪري، ساڳئي سال جو سنڌي هندن جي ڀاڄ پيئي، سو هيءَ ناٽڪ ڪن ٿورن پالڪن کي ڌيان تي آيو هوندو.

فصل پنجون

ننڍي ناٽڪ جي اوسر

ائين سمجهڻ ته ننڍا ناٽڪ ۽ ننڍيون ڪهاڻيون هن ڪشمش واري چالو زماني جي پيدائش آهن، جڏهن ماڻهو کي وڏن ناٽڪن يا ناولن پڙهڻ جي فرصت ئي ڪانهي، سو سراسر صحيح نه آهي. آکاڻيون ۽ ننڍا ناٽڪ ته شروعات کان وٺي، پنهنجن وڏن ڀائرن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلندا اچن، توڻي ايترو چئبو ته، نئين زماني جي حالت موجب، ننڍا وڏن مان ڪي قدر گوءِ کڻي ويا آهن.

اوائلي دؤر- پنگتي ۽ ننڍا ناٽڪ

ٻين ٻولين وانگر، جيتوڻيڪ اوائلي سنڌي وڏا ناٽڪ به ڌرمي هوندا آهن، پر اوائلي ننڍا ناٽڪ پنگتي ٿا ڏسڻ ۾ اچن. 19 صدي جي آخر ۾ ڏيتي ليتي جو مرض سنڌي سماج ۾ وڌندو ٿي ويو ۽ انجو علاج ڪرڻ لاءِ ”ڏيتي ليتي منڊلي“ برپا ٿي هئي. حيدرآباد، سنڌ جي  گادي هوندي هئي، ۽ اُنجي سڌي شاهي بازار مشهور هئي. تختن واريءَ اسٽيج  جو رواج اڃا ڪونه پيو  هو، سو ڏيتي ليتي منڊليءَ وارن ڇا ڪيو جو بازار ۾، مشهور ”ڪڪڙ ڪمپني“ جي دڪان جي کڏ تي، ان روڳ جي برخلاف وندرائيندڙ چهچٽا ڪري ڏيکاريندا هئا، جي انبوهه ماڻهن جي وچ مان، هيٺيان بازار مان پيا ڏسندا هئاسون، تن ڏينهين شراب خوريءَ جو روڳ به سماج ۾ وڌندڙ هو، تنهن کي روڪڻ لاءِ ساڌو هيرانند، اڪيڊمي اسڪول پاران ”آس جي ٽولي“ ٺاهي ۽ ديوان پرڀداس شيوڪرام، نؤدياني اسڪول پاران ٻي آس جي ٽولي ٺاهي، جي ٻئي پنهنجن اسڪول جي ساليانن جلسن تي راڻي باغ ۾ شراب خوريءَ جي برخلاف چهچٽا ڪري ڏيکارينديون هيون. تنهن کانپوءِ 1905۾ بنگال جي ورهاڱي تان سڄي ملڪ ۾ راڄنيتي لهر پکڙجي ويئي ۽ ”بندي ماترم“ چوڻ تان ڇهه مهينا جيل جڙندو  هو. اُنجو اثر سنڌ ۾ کڄي آيو ۽ سوديشي هلچل جاري ٿي ويئي، جنهن جي ڦهلاءَ لاءِ لعلچند امرڏنيمل جي اڳواڻيءَ هيٺ ”بنڌي ماترم“ منڊلي برپا ٿي، جا پڻ کلئي ميدان ۾ پنج اٺ صندل ملائي، سؤديشي جي پرچار لاءِ چهچٽا ڪري ڏيکاريندي هئي. انهن ننڍن ناٽڪن مان ڪي خود لعلچند صاحب جا لکيل هئا جڏهن هو مئٽرڪ ۾ شاگرد هوندو هو ۽ جي اول ”سنڌ سڌار“ (1884) ۽ ”سرسوتي“ (1890) اخبارن ۾ ڇپيا هئا، جن ٻنهي جو سمپادڪ ساڌو هيرانند هوندو هو. پر افسوس آهي جو انهن مڙني اوائلي چهچٽن ۽ انهن جي لکندڙ جا نالا هٿ نه اچي سگهيا آهن.

خود ساخته مذاقي نقل

يونان، هندستان ۽ انگلستان ۾ آڳاٽو دستور هوندو هو ته مڪمل ناٽڪ شروع ڪرڻ کان اڳ هڪ ننڍو کلائيندڙ چهچٽو ڪري ڏيکاريندا هئا، جنهن کي ان ڪري Curtainraiser ڪري سڏيندا هئا ۽ جنهن تي پوءِ one- act play يا يڪ- فصل (ايڪانڪي) ناٽڪ جو نالو پيو. پر سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ اٽلو وڏو ناٽڪ پورو ڪرڻ کانپوءِ ننڍي ناٽڪ سان ڀوڳ پائيندا هئا ۽ وڏا ناٽڪ اڳيئي پنج ڇهه ڪلاڪ هلندا هئا، پر فرصت جي تن ڏينهين ڪمي ڪانه هئي، ٻيو صندلن بدران سنئين سوڌيءَ اسٽيج تي، رنگ برنگي پردن ۽ چمڪندڙ پوشاڪن سان ناٽڪ ڪرڻ جو رواج پئجي ويو هو. تنهنڪري اهو نئين ڍنگ وارو تماشو آڌيءَ رات تائين ڏسڻ مان به ڍؤ ڪونه ٿيندو هو ۽ چاهيندا هئاسون ته پورو ئي نه ٿئي! جنهن ڪري ڪلاڪ اڌ ٻيو به، ننڍوناٽڪ رؤنگ ڏسي، وڌيڪ مزو ماڻبو هو ۽ ڀنڀرڪيءَ جو اکيون مهٽيندو گهر موٽبو هو. تنهن کانسواءِ اوائلي وڏا ناٽڪ گهڻو ڪري دکدائڪ هوندا هئا، جي ڏسندي ان زماني جا روماني طبيعت وارا ناظرين اڪثر ڳوڙها ڳارڻ کان به ڪين رهي سگهندا هئا. تنهن ڪري مٿان ٿيندو هو مذاقي نقل، ته آنسون اُگهي، کل ۾ کيرا ٿي موٽندا هئاسون.

سنڌ جي بنيادي ناٽڪ منڊلي ”ڏيارام جيٺمل اميچوئر ڊرامٽڪ سوسائتي“ جا 1894 ۾ پروفيسر پادشا جي سرجوشيءَ سان جاري ٿي هئي، سا پنهنجي ناٽڪن جي ختم ٿيڻ بعد ڪي کلائيندڙ نقل ڪري ڏيکاريندي هئي جي اول مرزا قليچ بيگ جا لکيل هوندا هئا. انهن مان پهريون هو ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ (1894) جو ديوان ليلارامسنگ جي ”هرشچندر“ جي ناٽڪکانپوءِ ڏيکاريو ويو هو. 1896 ۾ ”انڪوائري آفيسر“، روسي ليکڪ گوگول جي ناٽڪGovernment Inspector جي انگريزي ترجمي تان ورتائين، جو خود سندس ناٽڪه ”شڪنتلا“ پوري ٿيڻ کانپوءِ ڪري ڏيکاريو ويو،  جنهن ۾ سرڪاري عملدارن تي ٺٺولي ڪيل هئي، جئن ”رسائي جو رنگ“ يا ”گشت ڪين ڪشٽ“ (1908) ۾ به ڪيل هئي—جيتوڻيڪ مرزا صاحب پاڻ هڪ بالا عملدار هوندو هو. 1897 ۾ هن صاحب ”نيم طبيت خطره جان، نيم ملان خطره ايمان“ نالي فارس لکيو، جو سندس ”حسنا دلدار“ جي آخر ۾ ڪري ڏيکاريو ويو هو ۽ منجهس نيم ملي جو پارٽ جوتسنگ آڏواڻيءَ واهه جو ڪيو هو، جو اُن زماني جو مشهور چرچائي ائڪٽر هوندو هو. قليچ بيگ جا ٻيا ننڍا ناٽڪ هئا:  (شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو“ (1900)، ”حرڪت مان برڪت“ (1911) ۽ پرهيز جي ٽولي (1915)، جن سڀني ۾ ڪنهن نه ڪنهن پنگتي اوڻائيءَ تي خندو ڪيل هوندو  هو.

ديوان ڪوڙيمل جو به هڪڙو ننڍو ناٽڪ ”سنگ جو پرسنگ“ (1905) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو اسڪولي ڇوڪرن کي سٺي سنگت رکڻ لاءِ اخلاقي چهچٽو هو. ديوان ليلارام سنگ به ٻه ننڍا مسخريءَ جا نقل ”شاهه عادل خان“ ۽ ”لوڀي لاکيڻا“ (1908) لکيا هئا، جن مان ٻئين نمبر نقل ۾، وڪالت جي ڌنڌي ۽ لوڀين ۽ ٺوڳين تي ٺٺولي ڪيل هئي.

انهن اوائلي ننڍن ناٽڪن کانسواءِ ٻيا به ڪيترا لکيا ويا جن مان پهريون هو موٽومل گدواڻيءَ (جو پوءِ حيدرآباد ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو) جو ”ڪرشڻ جي گوپي“ (1906)، جو استاد لعلچند سڌاريو هو ۽ ڏيتي ليتي منڊليءَ ڪري ڏيکاريو هو. منجهس زناني مذاقي اداڪار هيري سپاهيملاڻيءَ پهريون دفعو مائٽين واريءَ جو پارٽ ڪاميابيءَ سان ڪيو هو، جنهن پوءِ، خانچند درياڻيءَ جي پنگتي ناٽڪن ۾ اهو پارٽ ڪري ”رامن ماءُ“  مائٽين واريءَ کي امر ڪري ڇڏيو. لعل چند امر ڏنيمل به ڪيترائي ننڍا ناٽڪ، کلائيندڙ توڙي گنڀير نوع ۾ لکيا، مثلا ”سيڻ ڪي ويڻ“ (1906) جنهن ۾ گهوٽ ماءُ جو ويس ننڍي هوندي ڊاڪٽر چوئٿرام، پريءَ زال جي پوري نوع ڪري خوب کلايو هو، ۽ ”نقد ڌرم“ (1911)، جي ٻئي ڏيتي ليتيءَ جي مسئلي تي لکيل هئا. سندس ”سوديش“ ناٽڪ، جو سوديشي هلچل جي اثر هيٺ لکيل هو، تنهن ۾ نرملداس گربخشاڻيءَ (جو به پوءِ حيدرآٻاد ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو) نائڪا جو پارٽ نزاڪت سان ڪيو هو. لعلچند جو ”ڀارت ڄاوا، اُٿُ اٿي جاڳ“ (1919) قومي آزاديءَ تي لکيل هو ۽ نيو هاءِ اسڪول ڪراچيءَ واري جلسي تي، پنهنجي هيڊماستريءَ جي ايام ۾ ڪري ڏيکاريو هئائين. ”عملدار ڪين رعيت آزار“ (1921) سندس برپا ڪيل ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ ڇپايو هو ۽ ان ۾ عملداري بي انصافيءَ جي مذاقي اوگهڙ ڪيل هئي، پر اجاين گهڻن پردن ۽ ڪردارن آڻڻ ڪري ڪجهه ڪڪ ڪندڙ هو. سندس”وچن“، ”گانڌي“ ۽ ”بسنتي ديوي“ (1947) ٽيئي گهڻو پوءِ رچيل ناٽڪ، ڪن منڊلين گهڻو ڪري ٻه ٻه، ٽي ٽي ڀيرا ڪري ڏيکاريا هئا، پر انهن ۾ به محاوريدار گفتگو برابر هئي، پر دلچسپ ڪارنامي جي ناٽڪي وصف گهٽ هئي. لعلچند جو ”سهجان جي سڪ“، جو سسئي پنهون جي قصي جي هڪ ڪم- معلوم حصي تي ٻڌل هو تنهن ۾ ڏيکاريل هو ته سسئيءَ کان اڳ، سهجان نالي هڪ ڳوٺاڻي نينگر پنهونءَ کي هڪ- طرفو پيار ڪندي هئي. اهو ناٽڪ ”مهراڻ“ اپريل 1946 ۾ ڇپيو هو، ۽ ميٺاج ڀريءَ ڳوٺاڻيءَ اصطلاح ۾ لکيل، دل- ڀڄائيندڙ ننڍڙو شاهڪار هو، پر ڪڏهن به ڪرڻ ۾ نه آيو. ساڳي قصي تي ٻڌل ٻيو ننڍو ٽانڪ ”سسئي رُل مئي“ به ”مهران“ آگسٽ- سيپٽمبر- آڪٽوبر1946 واري پرچي ۾ پيو هو، جو سسئيءَ جي ڏونگر ڏورڻ وارن نظارن ۾ بيهاريل هو ۽ شاهه صاحب جي ڏوهيڙن جي منجهس پلٽ پي پيئي. ٻئي ناٽڪ لکندڙ جي نالي ڄاڻائڻ کانسواءِ ڇپيل هئا، پر عبارت مان پڌرو پيو آهي ته استاد لعلچند جا لکيل هئا، جڏهن پاڻ ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر هوندو هو، ۽ شڪ ناهي ته سندس اڻ ڇپيل وڏي ناٽڪ ”سسئي پنهون“ جا حصا آهن.


[1]  هن ناٽڪ تي آلوچنا تنقيد واري فصل ۾ ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org