سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :13

شعلو:هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته همت ۽ سخاوت جو صاحب، علم ۽ حلم جو پهاڙ، ازلي ۽ ابدي ذات جو دوست، بندو شيخ طلحه جنهن جي قبر ٺٽي شهر جي ڀرسان مڪليءَ تي آهي، پنهنجي وقت جي عارف ۽ مشائخ، زاهدن جي زاهد ۽ عابدن جي عابد پير مراد رحه جنهن جي تربت پڻ مڪليءَ تي آهي، ان وٽ هلي آيو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته پير ڪنهن کي چئجي؟ (314) پير مراد هڪ ڪنڊ ۾ نيم مرده ٻلي تي نظر وڌي ۽ ان کي چيائين، ”اٿ“ ته فوراً اهو ٻلو آوازو ڪندو اٿي هلڻ لڳو. ان کان پوءِ چيائين ته پير ان کي چئبو آهي. هاڻي وري پير مراد پاڻ شيخ طلحه کان پڇيو ته ڀلا شيخي مان مراد ڇا آهي يا شيخ ڪنهن کي چئجي؟. ائين چئي هڪ دڪان تي ويٺل ڪافر کي کڻي آڻي مسجد جي منبر تي ويهاريائون ته اهو وعظ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. چيائين شيخي ان جو نالو آهي !

شعلو:هڪ ڏينهن درويش ميرڻ ڪاتيار جي گهر واري سندس حجري ۾ هلي آئي، جت هو اڪيلائي ۾ ويهي خدا کي ياد ڪندو هو. درويش اها ڳالهه نه آئڙي، فوراً ٻاهر نڪري سوچڻ لڳو ته انهيءَ حجري کي ڊاهي پٽ ڪريان يا ان کي باهه ڏئي ڇڏيان. مون کي خبر پئي، ته وٽس وڃي پهتس ۽ باهه ڏيڻ کان منع ڪئي مانس. چوڻ لڳو ته جتي عورت جو پير پوي، اتي خدا کي ڪيئن ٿو ياد ڪري سگهجي. جڏهن تمام گهڻو سمجهايومانس تڏهن وڃي ان ارادي کان باز آيو.

شعلو:شيخ ممون ڊنڊيءَ واري جي اولاد منجهان ڪو شخص واقف شريعت ۽ طريقت، علم ۽ سخاوت جي کاڻ، تارڪ دنيا و راغب دين مخدوم صدرالدين راهوٽ واري جو مريد هو. هڪ ڏينهن مخدوم جو ان طرف کان گذر ٿيو، جتي سندس اهو مريد رهندو هو. مريد کي چورائي موڪليائين ته پٽ مراد توکي دعائون ٿو ڪري. خادم وڃي مريد کي چيو جئن مخدوم چيو هيس. مريد سمجهيو ته ميان مراد کي اڳيئي گهڻو اولاد آهي، (315) سو خدا کيس وڌيڪ نوازيو هوندو.

هڪدم ٻه ٽويا ان جا کڻي اچي ان خادم کي ڏنائين. خادم جڏهن ان کڻي مخدوم وٽ پهتو ته هن وري کيس چيو ته واپس وڃ ۽ اسان جي مريد کي چؤ ته مخدوم صدرالدين پاڻ بيٺو توهان کي دعائون ڪري. خادم ويچاري ساڳيو نياپو اچي مريد کي ڏنو. مريد اهي لفظ ٻڌي گهر واريءَ سوڌو جتي به هٿ نه آين، اچي مخدوم جي خدمت ۾ سهڙيو ۽ پنهنجي اڳين روش لاءِ ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي معافي گهرڻ لڳو. ان کان پوءِ وڏي عزت ۽ تعظيم سان مخدوم کي پنهنجي گهر تي وٺي آيا ۽ پنهنجي هلت جي تلافيءَ خاطر سڄي ڳوٺ کي ماني کارايائون. جڏهن ماني کائي سڀ واندا ٿيا ته مرشد کي چيائون ته اسان کي نصيحت ڪريو ته جئن اڳتي ان تي عمل ڪريون. مخدوم چيو ته هي جيڪو اسان ٻنهي جي وچ ۾ ٿي گذريو، ان ۾ گهڻي نصيحت سمايل آهي.

شعلو:چون ٿا سوڍن جي قوم جو ڪو ماڻهو مسلمان ٿيو، جنهن ڪري پنهنجي مٽن مائٽن سان هر قسم جو تعلق ختم ڪري ڇڏيائين. جنهن تي انهن گڏجي هن کي چيو ته جڏهن تو اسان جو مذهب ڇڏي ڏنو آهي، ته پوءِ اڳتي خبردار ٿجانءِ ۽ هوشياريءَ کان ڪم وٺجانءِ. ڇاڪاڻ ته هن کان پوءِ اسان جي مذهب ۾ واپسي هرگز نه ٿيندي. ليڪن مسلمان ٿيڻ کان پوءِ انهن جهڙو به نه ٿجانءِ، جيڪي رڳو گهمندا ڦرندا ۽ گداگري ڪري پيٽ قوت ڪندا آهن. بلڪ اهو رستو وٺجانءِ جيڪو خدا جي طالبن جو آهي.(316)

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو فقير ڪنهن ملاح جو اچي مهمان ٿيو. ملاح گهر واريءَ کان اچي پڇيو ته گهر ۾ ڪا شيءِ آهي، جيڪا مهمان کي پيش ڪجي. عورت چيو ته نه، ڪجهه به نه آهي، سواءِ ان هڪڙي ٻيڙيءَ جي ! ملاح جي دل ۾ ڏاڍو خيال ٿيو ۽ زال کي چوڻ لڳو ته پوءِ دوستن لاءِ اها ٻيڙي به کڻي قربان ڪريون !

شعلو:شمع جمال الاهي جو پروانو ۽ بزرگ يگانو مخدوم عربي ديانو رحه جيڪو هالڪنڊيءَ ۾ رهندو هو، تنهن کان هڪ ڏينهن نماز حاجات جي ترتيب پڇيائون. هن جواب ڏنو ته مون پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام کان ٻڌو آهي ته چار رڪعتون نماز حاجات جون آهن. پهرين رڪعت ۾ فاتح سان گڏ  آيت الڪرسي هڪ ڀيرو ۽ سوره  ڪافرون هڪ ڀيرو پڙهي، ٻي رڪعت ۾ هڪ ڀيرو آيت الڪرسي ۽ هڪ ڀيرو اخلاص پڙهي. ٽين رڪعت ۾ آيت الڪرسي ۽ قل اعوذ برب الفلق هڪ ڀيرو پڙهي. چوٿين رڪعت ۾ فاتحه آيت الڪرسي کان پوءِ قل اعوذبرب الناس هڪ ڀيرو پڙهي.

شعلو: زماني جو ولي، عارف يگانو، مجاهدا ڪٽيندڙ ۽ مشاهدا ماڻيندڙ درويش هوٿي لاکو، جنهن جي تربت ساڱري جي ڪپ تي آهي، سندس تعلق نصرپور سان هو. هڪ ڏينهن پنهنجي خيال ۾ گم ويٺو هو ته ماڻهن اچي ٻڌايس ته تنهنجو پٽ وفات ڪري ويو. چيائين ترسجو ته آءٌ اچان ٿو. ماڻهن چيو اسان ته هن کي دفن ڪري آيا آهيون. چيائين پوءِ به ترسو، آءٌ اچان ٿو ۽ ان جو ڪو فڪر ناهي. آخر اتي اچي پهتو جتي پٽس جي لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ رکيو هئائون. چوڻ لڳو، اي پٽڙا، اٿي ويهه (317). هن جو ائين چوڻ ته سندس پٽ جيئرو ٿي اٿي ويٺو. حاضرين سخت تعجب ۾ پئجي ويا ته انهن کي چوڻ لڳو هي چوٿون دفعو آهي جو هن پٽ جو روح چوٿين آسمان تان واپس موٽيو آهي. چون ٿا ان کان پوءِ جنهن شخص به هوٿي لاکي کي پيغمبر عليہ الصلواةِ جي محفل ۾ ڏٺو ته هن جو ڪنڌ شرمساريءَ کان جهڪيل هو. ڇاڪاڻ ته پاڻ سڳوري عتاب وچان کيس مخاطب ٿيندي فرمايو هو اي هوٿي، جيڪڏهن خدا تعاليٰ تنهنجي ڳالهه کي رد نٿو ڪري، پر توکي گهرجي ته ادب وچان سڀ ڪجهه قبول ڪر ۽ توکي ائين ڪرڻ نه جڳائي.

شعلو:پير طريقت، صاحب سخاوت، واعظ قرآن، جهان داريت فهم ولايت جي کاڻ، ذات ازلي ۽ ابدي وٽ مقبول مخدوم صدرالدين راهوٽي ڳوٺ چانيهه پرڳڻي هالڪنڊيءَ ۾ رهندو هو. هو جڏهن ماڻهن کي وعظ ڪندو هو تڏهن به کيس ٿڳڙين لڳل لباس پيل هوندو هو. خلق خدا جي کيس ڏسي ۽ ٻڌي ڏاڍو اثر وٺندي هئي ۽ ڪيترا ماڻهو روئڻ ويهي رهندا هئا. هڪ ڏينهن واٽ ويندي مون کي قاضي منور جيڪو مخدوم جي اولاد مان هو ملي ويو. ڇا ڏسان ته کيس تمام عمدا ڪپڙا پاتل آهن ۽ وڏي ٺاهه ٺوهه سان ڪنهن طرف وڃي رهيو هو. مون کيس روڪي چيو ته توهان جو ڏاڏو جڏهن وعظ ڪندو هو ته کيس هميشه چتين لڳل ڪپڙا ۽ ڦاٽل ٽوپي پيل هوندي هئي. اهي عمدا لباس گهر ۾ لڪائي رکيا هئائين ڇا؟ اهو ٻڌي هو ڏاڍو شرمندو ٿيو.

شعلو:چون ٿا ته زماني جي پير، عارف ڪامل، (318) عامل هدايت ۽ ڪامل عنايت وقت جي شيخ مخدوم بهاءَ الدين ملتاني جي اولاد مان ڪي ٻه شخص اهڙا به ٿي گذريا، جيڪي پاڻ سان عورتون وٺي ڀرپاسي واري باغ ۾ رهندا هئا تنهن ڪري هو عورتن کي پاڻ سان گڏ گهوڙي تي وهاري پاڻيءَ مان گذري ويندا هئا. چون ٿا ته جڏهن هو دريا جي ڪناري تي پهچندا هئا ۽ پاتڻي نه هوندو هو ته اڙي هڻي دريا ۾ گهوڙا ڇڏي ڏيندا هئا. دريا مان گذري گهوڙا پرينءَ ڀر ايندا هئا، پر انهن جون ڄنگهون آليون نه ٿينديون هيون. ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ٻيءَ ڀر پهچڻ کان پوءِ کين ياد ايندو هو ته فلاڻي شيءِ وسري وئي آهي ته وري گهوڙي تي چڙهي ساڳيءَ ريت دريا پار ڪري اچي شهر پهچندا هئا. اهي سڀ برڪتون ۽ ڀلايون سندن جد امجد يعني ڏاڏي جي ڪري هيون.

شعلو: بزرگ ڀلارو، عارف يگانو، سلطان دين و دنيا، يقين ۽ هدايت جو سيمرغ، مشاهدو ماڻيندڙ شيخ ڀرڪيو چڪيو رحه ڪاتيار جي باري ۾ ڪن ماڻهن اعتراض ڪيو ته پاڻ کي ڪهڙي حساب ۾ ولي ٿو سڏرائي. ڇو ته جڏهن خدا تعاليٰ ولين کي ولايت جون خلعتون ٿي پارايون ته ان وقت هو حاضر ڪو نه هو. پوءِ هاڻي پاڻ کي ڪيئن ٿو ولي سمجهي. جڏهن شيخ ڀرڪيي اها ڳالهه ٻڌي ته چوڻ لڳو ته انهيءَ گهڙيءَ جڏهن خدا تعاليٰ ارواحن کي ولايت سان ٿي نوازيو ته هو اهو سڄو ڪم اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجهه جي هٿان (319) ٿي رهيو هو. آءٌ ان وقت حاضر هوس ۽ اهي خلعتون جيڪي توهان ۽ توهان جهڙن ٻين کي مليون آهن، مان جهلي بيٺو هوس. مان توهان کي ڏسي رهيو هوس. پر توهان مون کي نه پئي ڏسي سگهيا، ڇو ته آءٌ اميرالمؤمنين امام المسلمنين سلطان ملت مصطفوي، برهان ۽ حجت نبوي امير علي رضي الله عنہ جي نور واري شعاع هيٺ بيٺو هوس.

شعلو: هڪ ڏينهن مخدوم عامل صديق عالم تحقيق عيسيٰ، ميان عبدالقدوس جي پيءُ، جيڪو حضرت جن جو خاص مريد هو، مسجد ۾ آيو. هو مسجد ۾ ورد ۾ مشغول هو ۽ پنهنجي مٿي کي ٿي ڦيرايائين. پڻس جڏهن اها حالت ڏٺي ته کيس چوڻ لڳو مٿي کي اهڙيءَ طرح ڦيرائڻ مان ڪهڙو فائدو، جيڪڏهن ان عبادت جو ثواب نٿو ملي. ان کان بهتر آهي ته پنهنجي مٿي کي اها تڪليف نه ڏي ته جئن تو مٿان ڪو آڱر نه کڻي.

شعلو:سلطان التارڪين، برهان المحققين، قطب دين و دولت، سنت جي شمع، مخدوم صدو لانگاهه رحه جنهن جي تربت نصريه سومرو نالي ڳوٺ ۽ بٺوري پرڳڻي ۾ آهي. هو ترڪ دنيا جي مقام تي پهتل هو. جيڪا به شيءِ وٽس بچي پوندي هئي سا هميشه ٻين ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ايتريقدر جو رات جو مٽن ۽ دلن جو پاڻي به هارائي ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو”يوم جديد و رزق جديد“ يعني ”نئون ڏينهن نئون رزق“. هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايس ته توهان جي گهر ۾ ڪجهه ڪونهي، تنهن ڪري توهان جا نينگر ڇا کائن (320). جيڪڏهن گهر ۾ ڪجهه بچائي رکو ته بهتر آهي. پاڻ ان کي هيءَ حڪايت ٻڌايائون:

هڪڙي بادشاهه ٻي بادشاهه جي مٿان لشڪر ڪشي ڪئي ته جيئن ان جو ملڪ فتح ڪري. هن بادشاهه پنهنجا جاسوس موڪليا ته حمله آور لشڪر جي خبر چار رکي اچن.  اهي جاسوس جلدي موٽي آيا ۽ اچي بادشاهه کي ٻڌايائون ته واقعي لشڪر اچي پيو. بادشاهه فڪر مند ٿي پيو ۽ جاسوسن کي گهرايو ۽ اچي پنهنجي ٻين ماڻهن کي انهن جاسوسن جي جاسوسيءَ لاءِ موڪليائين ته ڏسي اچو ته جيڪڏهن اهي پاڻ آرام جي ننڊ سمهي  پيا آهن ته پوءِ ڪوڙ ڳالهايو اٿن. البت جيڪڏهن اهي پاڻ بي آرام ۽ پريشان آهن ته معنيٰ خبر سچي ڏني اٿن. بادشاهه جا اهي ماڻهو وڃي ڏسي آيا ته اهي جاسوس ڏاڍي مزي جي ننڊ ۾ ستا پيا آهن ۽ کين ڪنهن به قسم جي ڳڻتي ڪو نه هئي. موٽي اچي بادشاهه کي اها حقيقت ٻڌايائون.

اها حڪايات بيان ڪري مخدوم صدو لانگاهه چوڻ لڳو ته اسين پاڻ جاسوس آهيون. علم پڙهيو اٿئون. جيڪڏهن اسين پاڻ آرام سان سمهيا پيا هونداسين ۽ هن دنيا کي قبول ڪنداسين ته ٻيا به اهڙيءَ طرح عمل ڪندا. انهيءَ ڪري بهتر آهي ته هن دنيا مان ذرو به قبول نه ڪريون ته جيئن ٻين لاءِ اهڙو مثال قائم ٿئي.

شعلو:هڪڙي فقير پڇيو ته ڇا سبب آهي جو هيڏي ساري خلق سخاوت ۽ سعادت جي سج، خدا جي عشق ۾ سڙيل ۽ پچيل حضرت شيخ پٺي رحه جي زيارت لاءِ وڃي ٿي. الائجي ڇو شيخ پاڻ کي اهڙين ڳالهين لاءِ کڻي مشهور ڪيو آهي؟ چون ٿا ته جلد ئي ان فقير خواب ۾ شيخ پٺي کي ڏٺو، جنهن چيس ته اي فقير، خدا جو قسم مون کي ماڻهن جي اچڻ وڃڻ جي ڪا خبر ناهي. مان هر وقت حضرت رسالتمآب صلي الله عليہ وسلم (321) جي خدمت ۾ هوندو آهيان، خدا تعاليٰ ماڻهن جا ڪم سندن نيت ۽ ارادي سبب پورا ڪري ٿو ۽ مون کي ماڻهن جي مراد پڄائڻ ۾ ڪو دخل ڪونهي.

شعلو:سيد علي شيرازي ٺٽي وارو جيڪو فقير به هو ته غني به هو ۽ محبت جي بازيءَ ۾ اڳرو هو، چوندو هو ته اهو پير، مريد ڇو ٿو ڪري جيڪو مريد جون هر روز سئو خطائون بخش نٿو ڪري سگهي. ان جو مثال اهڙو آهي ته جئن ڪنهن جو پٽ ناحق خون ٿئي ۽ اهو معاف نه ڪري يا نه ڇڏي !

شعلو:هڪ شخص شيخ ڀرڪيي رحه ڪاتيار جي خدمت ۾ اچي عرض ڪرڻ لڳو ته الائجي منهنجي گهر واري گم ٿي وئي آهي يا گهر ڇڏي هلي وئي آهي، پر ننڍڙا ٻار آهن جيڪي ويٺا ٿا روئن. خدا جي واسطي دعا گهرو ته جئن مون کي گهر واري ملي پوي ! اهو ٻڌي شيخ فوراً پنهنجي خادم کي حڪم ڏنو ته وڃ ۽ عورت کي وٺي اچ. خادم ويچارو جلد ئي اٿيو ۽ دروازي کان ٻاهر پهچي سوچڻ لڳو ته پر ڪيڏانهن وڃان. شيخ چيس ته اڳتي وڃ. آخر شيخ جو حڪم مڃي اڳتي ڪاهي پيو. جيئن اڳي وڌندو ويو ته اوچتو زمين هيٺ ٿيڻ شروع ٿي ۽ ائين ٿي لڳو ته ڄڻ هو زمين اندر گهڙندو ٿي ويو. آخر زمين مٿائنس وري وئي ۽ هو ڏاڪڻ ذريعي هيٺ پهچي ويو. اتي ڏٺائين ته شاهي خيما لڳل آهن ۽ قيمتي فرش وڇايل آهن (322) ۽ ڀرواري خيمي اندر ڪجهه مرد ۽ عورت جهڙوڪ قيد ۾ بند پيا آهن. بلڪ انهن جا هٿ ۽ پير چورن وانگر ٻڌل آهن.

هي خادم ان بزرگ جي سامهون ويو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته شيخ جنهن ڪم لاءِ مون کي هتي موڪليو آهي، اهو ڪم ڪري ڏيو. اهو بزرگ چوڻ لڳو ته اهو اسان جو نذرانو هو جيڪو ان شخص پاڻ ڏيڻو ڪيو هو، پر پوءِ ان وعدي تان ڦري ويو. خادم اهو جواب کڻي سموري حقيقت اچي شيخ ڀرڪيي کي ٻڌائي. اهو ٻڌي شيخ پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ ان شخص کي هٿ کان وٺي ان بزرگ جي خدمت ۾ آيو. شيخ عرض ڪرڻ لڳو ته هن جي عورت هن کي موٽاءِ. ائين ٻه دفعا چيائين پر بزرگ کي ڪو جواب نه ڏنو. بلڪ منهن کڻي ٻئي طرف ٿي ڪيائين. آخر شيخ بزرگ جي اجازت کان سواءِ ان شخص کي وٺي ان تنبوءَ طرف آيو جتي هن جي عورت قيد ۾ هئي. هن کي چيائين ته پنهنجي عورت کي سڃاڻ ۽ هن کي ٻاهر وٺي اچ. مريدن پنهنجي بزرگ کي چيو ته هي بنا اجازت عورت کي وٺي ٿا وڃن. تنهن تي ان بزرگ چيو ته هي مجذوب خدا جو آهي ۽ ان جي محبت ۾ مست آهي. هو جيڪڏهن سڀني کي ڇڏائي وٺي وڃي ها تڏهن به آءٌ کيس ڪجهه نه چوان ها. چون ٿا اهو بزرگ ڀلارو حضرت غوث الثقلين برهان المحققين عارف رباني ميران محي الدين عبدالقادر جيلاني هو.(323)

شعلو:هڪ ڀيري ڪنهن شخص وقت جي ولي ۽ بزرگ صابو سومرو جيڪو بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺ هٽڙيءَ جو رهندڙ هو، تنهن کان پڇيو ته ڪي اوليا بظاهر آرام جي ننڊ ۾ ستل نظر اچن ٿا، جڏهن ته ٻيا نماز روزي ۽ ورد وظيفن ۾ مشغول آهن. توهان انهن ٻنهي کي ڪيئن ٿا سمجهو؟. جواب ڏنائين ته ان جو مثال هن ريت آهي. جڏهن ننڍا ڇوڪرا ڏورو ويڙهي لاٽونءَ کي زمين تي اڇلائيندا آهن ته اهو اهڙي زور سان ڦرڻ لڳندو آهي جو ڄڻ ته هڪ هنڌ ِٽڪ هڻي بيٺو آهي ۽ ماڻهو سمجهندا آهن ته اهو بيٺو آهي. اهو مثال انهن سُتلن جو آهي. پر جڏهن ٿوري دير کان پوءِ اهو لاٽون آهستي ڦرڻ لڳندو آهي ته محسوس ٿيندو آهي ته اهو گول ڦري رهيو آهي. اهو مثال عابدن جو آهي.

شعلو:هڪڙي پير جو ڪو مريد هو جيڪو هڪ ڏينهن ڪنهن ٻئي پير سان اٽڪي پيو. انهيءَ پير هن مريد کي ڏاڍا پٽ پاراتا ۽ بددعائون ڪيون، بلڪ سندس خوب خبر ورتائين. آخر اهو مريد روئيندو پنهنجي پير وٽ دانهن کڻي آيو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي فلاڻي پير پٽيو آهي ۽ ڏاڍيون بددعائون ڪيون اٿس. هاڻي خدا خير ڪري. پير چيس ته فڪر نه ڪر. هن جي پٽ پاراتو توکي  هرگز ڪو نه لڳندو، ڇو ته مون کيس هڪ ڏينهن ڳنڍ ۾ پئسا ٻڌندي ڏٺو آهي.

شعلو: برگزيده بزرگ عارف يگانو شيخ ابراهيم جيڪو حظيره قدس ۾ فائز شيخ ريحان جهنگلي جي اولاد منجهان هو، جنهن جي رهائش نيرن ڪوٽ جي ڳوٺڙي رڪن پور ۾ هئي، (324) هڪ ڏينهن جگر گوشه نبي ڪريم، خفي ۽ جليءَ ۾ مشغول بزرگ ميران سيد علي شاهه شيرازيءَ ٺٽويءَ وٽ هلي آيو. ان وقت سندس هٿ ۾ تسبيح هئي. جڏهن سيد علي شيرازيءَ سان هٿ ملايائين ته سيد عليءَ چيس ته توهان به هٿ ۾ تسبيح رکو ٿا ! جواب ڏنائين ته جڏهن گهوڙو ڏٻرو ۽ ضعيف ٿي پوي ته پوءِ لڪڻ کڻڻ جي ضرورت پوي ٿي. ليڪن تازي گهوڙو به لڪڻ سان سونهي ٿو. اهو ٻڌي سيد علي خاموش ٿي ويو ۽ وڌيڪ ڪجهه نه چيائين.

شعلو:علم ۽ حڪمت جو خزانو، حلم ۽ عصمت ۾ يگانو، ٻانهن جو شرف، زاهده جو سرموڙ درويش پنيو سنهارو خدا واسطي ماڻهن جا ڪم ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڪجهه ماڻهو وٽس اچي چوڻ لڳا ته اسان جو وقت جي مغل حاڪم ۾ ڪم آهي، اسان سان گڏجي هلو. هوڏانهن اهو مغل حاڪم هن درويش جي بار بار اچڻ مان اڳيئي تنگ ٿي پيو هو، سو پنهنجي دربانن کي چئي ڇڏيو هئائين ته جيڪڏهن ٻيهر اهو درويش اچي ته خوب چهبڪ وهائي ڪڍجوس ته جيئن وري اسان وٽ نه اچي، هن اسان کي گهڻو ئي تنگ ڪيو آهي، آخر ٿيو به ائين. جڏهن پنيو درويش انهن ماڻهن سان گڏجي مغل حاڪم جي دروازي تي آيو ته دربانن سندس خوب مرمت ڪئي، ايتريقدر جو ڳالهه بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. تاهم درويش ڪجهه نه ڪڇيو.

اڃان هو واپس وڃي رهيو هو ته واٽ تي وري هڪ ٻيو حاجتمند مليس جنهن کي ان واقعي جي ڪا خبر نه هئي. اهو چوڻ لڳس ته ڪيتري عرصي کان توهان کي پيو ڳولهيان، اڄ الائي ڪيئن ملي ويا آهيو. خدا واسطي مون سان گڏجي هن مغل حاڪم وٽ هلو ته توهان جي برڪت سان من منهنجي جان خلاصي ٿئي.(325)

درويش پنيو هڪ لفظ به نه ڪڇيو ۽ ان شخص سان گڏجي وري ان مغل حاڪم جي دروازي تي اچي پهتو. دربان ڏسي پڇڻ لڳس ته وري ڇو آيو آهين. اڳين مار وسري وئي اٿئي ڇا؟ درويش چوڻ لڳو ته توهان جي هٿان مار کائي واپس ٿي ويس ته واٽ تي هي شخص مليو جيڪو خدا جو واسطو ڏيئي، هتي وٺي آيو آهي ته جيئن سندس مقصد پورو ٿئي. مغل حاڪم کي جڏهن اها خبر پئي ته ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي ٻاهر نڪري آيو ۽ اچي درويش کان معافي گهريائين. چون ٿا ته ان کان پوءِ ڪڏهن به درويش جو چوڻ نه موٽايائين.

شعلو:درويش بي خويش، صاحب عزت و ورع يعقوب پليجو رهندڙ نارو پرڳڻو ستيار جي ڳالهه ڪن ٿا ته پورو هڪ سال طعام نه کاڌائين، تڏهن به بت ۾ ٿلهو متارو هو. هڪ ڏينهن مريد کي چيائين ته اڳتي اڌ پاءُ اٽي جي ماني تيار ڪندا ڪريو. مريد ائين ڪرڻ لڳو ۽ ڪيترن ڏينهن تائين اهو معمول رهيو. هڪ ڏينهن مريد ساڳئي ريت ماني پيش ڪئي ته ڪجهه حصو مانيءَ جو کائي باقي حصو مريد کي ڏنائين ته جيئن زنبيل ۾ وجهي محفوظ ڪري رکي. چون ٿا ته مريد ڇهه مهينا اهو مانيءَ ٽڪر سنڀالي رکيو، ليڪن هڪ ڏينهن جڏهن کيس ڏاڍي بک لڳي ته کائي ڇڏيائين. اوچتو هڪ ڏينهن درويش مريد کان انهيءَ پاروٿي مانيءَ ٽڪر جي گهر ڪئي. مريد ويچارو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هڪ ڏينهن ڏاڍو بکايل هوس سو مون اهو کائي ڇڏيو. درويش کيس مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته پوءِ تو ۾ ۽ هڪ چور جي وچ ۾ ڪهڙو فرق  آهي. هو بغير اجازت ٻين جون شيون کڻي ٿا وڃن ۽ تو به بنا اجازت ماني کائي ڇڏي آهي !

شعلو: زماني جو عارف ۽ وقت جو مخدوم (326) ميران سيد علي شيرازي هڪ ڏينهن پنهنجي پير مرشد قبله انوار نقطئه اسرار درويش آچر ٺٽويءَ جي پيرن کي زور ڏيئي رهيو هو. اتفاقاً درويش عبدالحليم مجذوب، جيڪو درويش دادو جي ڳوٺ ۾ مدفون آهي، اتان اچي لنگهيو ۽ سيد علي شيرازيءَ کي ان حالت ۾ ڏسي چوڻ لڳو، ”هتي ٻيءَ طرح ٿا گذاريو ۽ هتي هن طرح ٿا گذاريو،“ درويش آچر اهو ٻڌي وراڻيو ته ٻيا گهڻن ۾ ٿورا پر هي ٿورن ۾ ٿورو آهي. درويش عبدالحليم جڏهن اهو جواب ٻڌو ته اتان روانو ٿي ويو. هيڏانهن سيد علي پنهنجي مرشد آچر کان پڇيو ته عبدالحليم جي گفتي جو الائي ڇا مطلب هو ۽ توهان الائجي کيس ڪهڙو جواب ڏنو؟

درويش چيو ته سندس اشارو هو ته پيغمبر عليہ الصلواةِ والسلام جي حضور ۾ آءٌ هر قسم جي خدمت بجا آڻيندو آهيان، پر هتي وري هڪ سيد زادي کان پنهنجي خدمت ٿو ڪرايان. ان تي مون کيس جواب ڏنو ته هڪڙا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هميشہ پنهنجي لاءِ ٻين کان وڌيڪ نفعي جي طلب رکن ٿا ۽ اهي گهڻائيءَ ۾ آهن. ليڪن ڪي ٿورا اهڙا به آهن جيڪي ٻين کي پاڻ کان وڌيڪ نفعو ڏيڻ پسند ڪن ٿا ۽ اهي گهٽ آهن.پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي ٻين جي نفعي خاطر پنهنجو نقصان ڪن ٿا ۽ اهي تمام گهٽ آهن.(327)

شعلو:مجاهدي جي ميدان جو مرد ڪامل، عامل هدايت ۽ ڪامل عنايت سلطان عالم روح مخدوم نوح رحه هالڪنڊيءَ وارو هميشہ پنهنجي هٿن سان ڪم ڪار ڪندو هو ۽ ڪڏهن به ٻين کي تڪليف ڏيڻ نه گهرندو هو. هڪ ڏينهن مجلس ۾ ويٺو هو ته اڃ کيس ڏاڍو تنگ ڪيو. پاڻي ڪافي پري رکيل هو سو اٿي ان طرف هلڻ لڳو. اتي هڪ مريد ويٺو هو جيڪو اها ڳالهه سمجهي فوراً ان طرف ڊوڙيو ۽ پاڻيءَ جو ڪوزو ڀري آڻي مخدوم صاحب جي آڏو حاضر ڪيائين. پاڻ اهو پاڻيءَ سان ڀريل ڪوزو ورتائون، پر پاڻي نه پيتائون. بلڪ پاڻ انهيءَ مٽ تائين ويا ۽ اهو پاڻي ان ۾ وجهي وري ٻيهر ڪوزو ڀري پوءِ پنهنجي هٿن سان پيتائون ۽ ان کان پوءِ موٽي اچي مجلس ۾ ويٺا.

شعلو:هڪڙو درويش بهرام پور پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. ان ڳوٺ جي ٻنين ۾ اتان جا ڪئا ڏاڍو نقصان ڪندا هئا. هي درويش اتان جي ماڻهن کي ڀترن جي مٿان الحمد پڙهي ڏيندو هو، ماڻهو پوءِ اهي ڀتر وڃي زمين ۾ رکندا هئا ته ڪئا مري ويندا هئا. آخر انهيءَ درويش هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو ته ماڻهو وري اچي سندس پٽ کي عرض ڪرڻ لڳا. هن پڻ ماڻهن کي ڀترن تي سورة فاتحه پڙهي دم ڪري ڏني ته وڃي زمين ۾ رکن (328) پر هن دفعي انهن ڀترن جي رکڻ مان ڪو فائدو نه ٿيو. موٽي اچي کيس حقيقت ٻڌايائون. چوڻ لڳو ته منهنجو پيءُ سورة الحمد پڙهي ڇوڪاريندو هو، مون پڻ ائين ڪيو. ليڪن منهنجي پيءَ جي برڪت ظاهر هئي لڳي ٿو  اها برڪت هن سان گڏ ختم ٿي وئي. مون کي ان کان وڌيڪ خبر ناهي.

شعلو:عزت ۽ فتوت جو صاحب، حلم ۽ حميت جي کاڻ، عارف يگانو درويش يعقوب پليجو صاحب ڪرامت هو. هڪ ڏينهن کانئس پڇيائون ته پنهنجون ڪرامتون ڇو ٿا ظاهر ڪريو؟ جواب ڏنائين ته جيڪي ڪرامت کي ڪا شيءَ سمجهن ٿا، اهي ان کي لڪائن ٿا ۽ ظاهر نٿا ڪن.

شعلو: حضرت جن پاڻ ذڪر ڪيو ته هڪ دفعي آءٌ ۽ ميرڻ ڪاتيار گڏجي مخدوم نوح رحه جي زيارت لاءِ روانا ٿياسون. واٽ تي هڪ هندوستان جو درويش به اچي اسان سان مليو. اسان هلندي هلندي اهڙي هنڌ اچي پهتاسون جو اسان جي آڏو دريا ٿي وهيو. پاتڻي دريا جي ٻيءَ ڀر هو. اهو ڏسي ميرڻ ڪاتيار شاهي چوبدارن وانگر آواز ڏيڻ شروع ڪيا. انهيءَ درويش کي اها ڳالهه نه آئڙي ۽ چوڻ لڳو مون سمجهيو ٿي ته اوهين خدا جا طالب آهيو پر هينئر پڪ ٿي اٿم ته اوهان ڪنهن ٻئي گروهه منجهان آهيو. جيڪڏهن اسان کي هن جڳهه تي ٽي ڏينهن به گذري وڃن ها ڇا ٿي پوي ها. بلڪ هڪ گهڙي ترسڻ  جي بجاءِ توهان شاهي چوبدارن وانگر ملاح کي سڏڻ شروع ڪيو آهي.(329) ائين چئي هو هليو ويو.

شعلو:هڪڙا ٻه فقير وڏي شوق منجهان خدا جي باري ۾ خبرون پيا ڪندا هئا ۽ پنهنجي مرشد کان پڻ ان سلسلي ۾ پيا پڇندا هئا. انهن مان هڪڙي فقير وٽ نوڪر به هو. هڪ ڏينهن ڏٺائون ته اهو فقير اڳ ۾ ۽ پٺيان نوڪر سندس ڪؤنرو کنيو ٿي آيو. پير کي جڏهن اها خبر پئي ته چيائين ته ان فقير پاڻ کي ضايع ڪيو، ڇو ته هو خدا جي طلب کان پري آهي. اصل ۾ جيڪو پاڻ وٽ ڪو خادم نٿو رکي بلڪ پاڻ کي ان جي جڳهه تي سمجهي ٿو، اهو خدا سان واصل ٿي سگهي ٿو.

شعلو:هڪ دفعي بزرگن جو سالار، واقف اسرار ۽ مقبول ابرار مخدوم نجيم جيڪو سيوهڻ جي ڀرسان ريل ڳوٺ ۾ رهندو هو، زماني جي عارف ۽ بزرگ، علم ۽ عمل جي ڪعبي، ورع ۽ حلم جي قبلي مخدوم نوح رحه وٽ هلي آيو. چوڻ لڳو ته مخدوم ڪهڙي ڪم ۾ مشغول آهن؟ ڪو به جواب نه مليس ته وري وڏي آواز سان ساڳيو سوال ورجايائين. مخدوم صاحب ڪنڌ مٿي کڻي جواب ڏنو ته ڪجهه نه پيا ڪن ۽ ان وقت هيءَ آيت پڙهيائون:”والله خلقڪم وما تعملون“ (96:37 ) يعني ”الله توهان کي به خلقيو آهي، ۽ جيڪي توهان ڪريون ٿا.“

جڏهن اها آيت ٻڌائين ته پوءِ پري ٿي ويهي رهيو.

شعلو:هڪ ڀيري عارف رباني فاني في الله باقي بالله مخدوم نوح رحه ٺٽي ۾ تشريف فرما ٿيا. ٺٽي جا ملا اهو ٻڌي گڏ ٿيا، چوڻ لڳا ته اسان ٻڌو آهي ته مخدوم قرآن شريف جي اڻ ٻڌل يا نئين معنيٰ ٿو ڪري. اهو سوچي سڀ وٽس هلي آيا ۽ اچي اهو مسئلو پيش ڪيائون. اتي هڪ مريد ويٺو هو ان چيو ته جڏهن مخدوم صاحب قرآن جي معنيٰ شروع ڪئي ته مون تسبيح جا مڻڪا سورڻ شروع ڪيا. هڪڙي معنيٰ تي هڪڙو مڻڪو تي سوريم. جڏهن پاڻ معنيٰ ڪري بس ڪيائون ته مون تسبيح جا مڻڪا ڳڻيا ته اهي پورا اسي ٿيا.

شعلو:هڪ شخص جو پٽ خدا جو طالب ٿي بيٺو. پيءَ نصيحت ڪندي چيس ته ڇو اسان جا حق ادا نٿو ڪرين؟ ڇا اسان توکي انهيءَ لاءِ پالي وڏو ڪيو هو. اسان کي اميد هئي ته تون وڏو ٿي اسان جي خدمت ڪندين. اهو ٻڌي پٽ اٿيو ۽ قرآن پاڪ کڻي پيءَ کي ڏنائين ته قسم کڻي چؤ ته جڏهن تو منهنجي ماءُ سان قربت ڪئي، ان مهل تنهنجي نيت ۾ اها ڳالهه هئي ته مون کي اهڙو پٽ عطا ٿيندو جيڪي منهنجي خدمت ڪندو. اهو شخص اهو ٻڌي خاموش ٿي ويو ۽ وڌيڪ ڪجهه نه ڪڇيو.

شعلو:هڪ ڀيري ڪيترا بزرگ ميڙ ڪري نڪتا. ساڻن درويش بي خويش، عامل ڪامل راڄو ستيو دل جنهن جي تربت ڳوٺ راڌڻ پرڳڻي لنڊاڻ ۾ آهي، پڻ گڏ هو. جڏهن هي سڀ ان قبيلي وارن وٽ پهتا ته هنن کين مهت نه ڏنو. سڀني کي ڏاڍو رنج پهتو ۽ ڪجهه نه کاڌائون. ليڪن درويش راڄو اهڙي وقت ۾ به انهيءَ قبيلي وارن جي هڪ گهر ۾ آيو ويو ٿي ۽ طعام (331) پئي کاڌائين. ٻين بزرگن کي جڏهن اها خبر پئي ته چوڻ لڳس اي راڄيا، اسان پاڻ کي بک ۾ ماري پاهه ڪيو آهي، پر تون انهن وٽ پيو ٿو وڃين ۽ کائين پيئن، جن اسانجو ڪو خيال نه ڪيو آهي. درويش راڄو چوڻ لڳو ته توهان کي جيڪي وڻيو سو ٻين سڀني قبيلي وارن سان ڪيو، باقي هن گهر واري جو اسين پاڻهي خيال ڪنداسين.

شعلو:خدا جي برگزيده بندي ميرڻ ڪاتيار جي ڳالهه ٿا ڪن ته هو جڏهن ماڻهن کي کاڌي کارائڻ جو خيال ڪندو هو ۽ ماڻهو تمام گهڻا هوندا هئا ۽ کاڌو ٿورو ته پوءِ عجيب اٽڪل ڪندو هو. جنهن ماڻهوءَ کي کاڌو کارائڻو هوندو هوس ته ان جي ڀرسان وڃي مذاق ۾ ان جي پڳ لاهي پاڻ وٺي اندر ڀڄندو هو ته اهو ماڻهو سندس پويان اندر هليو ايندو هو. پوءِ ان کي آرام سان ويهاري ماني کارائيندو هو.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪيترا طالبعلم سيڙجي وقت جي شيخ عارف يگانه، عالم صديق، عامل تحقيق، صاحب صدق، مسافر غائب و حاضر، محو ظاهر ۽ باطن قاضي قادن درٻيلي واري وٽ آيا. چوڻ لڳا ته اسان ٻڌو آهي ته توهان چئو ٿا ته آءٌ خدا کي اکين سان ڏسان ٿو ۽ ٻين کي به ڏيکاري سگهان ٿو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اسان کي ڏيکار. قاضي قادن چيو ته بهتر. هنن سڀني کي حجري ۾ ويهاري پاڻ اندر آيو ۽ انهن سڀني لاءِ قسمين قسمين جا طعام خاص طور گوشت جو جهجهو بندوبست ڪيائين (332) اهو سڀ آڻي انهن جي آڏو حاضر ڪيائين، جيڪو هنن سڀني کائي چڙهه ڪيو. پر هنن لاءِ آخر تائين پاڻي اصل نه آندائين. گوشت کائڻ کان پوءِ هنن گهڻو ئي پاڻي لاءِ چيو، پر کين هر وقت چوندو رهيو ته ڪجهه ترسو. هيڏانهن قاضي قادن حجري جو دروازو بند ڪري ٻاهران ڪڙو چاڙهي هليو ويو. هي سڀ آخر تائين پاڻي پاڻي ڪري گوڏن ۾ منهن وجهي ويهي رهيا، جهڙو مراقبو ڪري رهيا هجن ۽ انهيءَ حالت ۾ هو سڀ اونگهه ۾ پئجي ويا. صبح جو قاضي قادن اچي دروازو کوليو ته هو سڀ مٿس غصو ڏيکارڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان کي توهان مان اها اميد نه هئي.

انهيءَ تي قاضي قادن چين ته ڀلا توهان ننڊ ۾ ڪجهه ڏٺو. هڪڙن چيو ته اسان پاڻ کي پاڻيءَ جي کوهه اندر ڏٺو ۽ ٻين چيو ته اسان پاڻ کي درياءَ ۾ تڙڳندي ڏٺو، جتي اسان خوب پاڻي پئي پيتو. اهو ٻڌي قاضي قادن کين مخاطب ٿي چيو ته فقط هڪ رات اوهان سچي دل سان ٻيون سڀ ڳالهيون وساري پاڻيءَ جي طلب ڪئي ته اوهان کي ننڊ ۾ به پاڻي نصيب ٿيو. انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو خدا کي محبت وچان سالن جا سال ياد ڪن ٿا ۽ ان جي طلب ۾ ڪيترا ڪشالا ڪڍن ٿا، سي کيس ڇو ڪو نه ڏسي سگهندا. اهو ٻڌي اهي طالبعلم ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ ڪجهه ڪڇڻ کان سواءِ اتان روانا ٿي ويا.

شعلو:وقت جي ولي، عزت ۽ برڪت جي صاحب شيخ ڀرڪيي چڪيي ڪاتيار کي ڪن ماڻهن اچي ٻڌايو ته رڪن الدين پٽ ڏنو اهڙو آواز ٿو ڪڍي جو ان سان ٻڌندڙ جو دم پرواز ٿو ڪري وڃي. اهو ٻڌي شيخ ڀرڪيو چوڻ لڳو اسان ڪنهن کي مارڻ واري ڳالهه نٿا پسند ڪيون. البت ايتري سگهه پاڻ ۾ سمجهون ٿا ته حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي هن وقت تائين جيڪي مري چڪا آهن، انهن کي زنده ڪجي. ليڪن شرم ٿو اچي ته انهيءَ ڳالهه ۾ حضرت رسالتمآب (333) صِلّي الله عليہِ وسلم پڻ هٿ نه وڌو.

شعلو:صاحب ولايت ۽ عزت، صاحب هدايت ۽ بصيرت سيد حيدر شاهه سن تعلقي سيوهڻ واري جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن ماڻهن جي ميڙ ۾ بيهي چوڻ لڳو ته اسان خدا ڏانهن ويندڙ ايترين واٽن جي خبر رکون ٿا. جو هر ماڻهوءَ کي هڪ جدا رستي سان ان تائين پهچائي سگهون ٿا. ايتريقدر جو انهن مان ٻئي ڪنهن کي اها خبر نه پوندي ته ڪير ڪهڙي رستي سان ويو.

شعلو:قاضي قادن پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ ڏاهو انسان هو. هن جو تعلق بکر پرڳڻي ۾ درٻيلي شهر سان هو. هڪ ڏينهن هن ٻڌو ته ڪو ملامتي درويش مسجد جي محراب ۾ اگهاڙو ٿي قبلي جي طرف پير ڪري سمهي پيو آهي، سو درو کڻي اچي مٿانئس بيٺو ته جئن کيس هڻان. جڏهن پيرن وٽ بيهي درو الاريائين، ڏٺائين ته ان جڳهه تي درويش جو مٿو آهي. اهڙيءَ طرح وري ڪوشش ڪيائين ته مٿي جي جاءِ تي پير نظر آيس. ٻيهر پيرن جي طرف ويو ته اتي پڻ مٿو نظر آيس. اهڙيءَ طرح جڏهن به پيرن جي طرف ٿي ويو ته مٿو ٿي نظر آيس. اها صورتحال ڏسي ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو. ايتري ۾ ان درويش قاضيءَ جي طرف نهاريو ۽ چيائينس، پير جيڏانهن وڻنئي تيڏانهن ڪر، پر پنهنجي دل سنڀال ! اهو ٻڌي قاضيءَ درو کڻي هيٺ رکيو ۽ خدا جي طالبن ۾ شامل ٿي ويو. ان وقت هي بيت پڙهيائين.

[98]

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو (334) هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.

]”جوڳيءَ مونکي سجاڳ ڪيو، نه ته مان اڳ ننڊ ۾ هيس، انهيءَ کان پوءِ مان پرينءَ جي پيچري تي هلڻ لڳو آهيان.[

شعلو:هڪ ڏينهن وقت جي شيخ ۽ عارف صاحب اسرار شيخ ڀرڪيي کان پڇيائون ته هن وقت هر ڪو ماڻهو وقت جي قطب ۽ غوث عارف رباني شيخ بهاءَ الدين ملتانيءَ جو مريد آهي، پر توهان ڪو نه آهيو. ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ انهيءَ وقت سندس هٿ ۾ کير جو پيالو هو سو ڇا ڪيائين جو ان پيالي سوڌو زمين ۾ ٽٻي هنيائين ۽ سڌو وڃي ملتان ۾ غوث بهاءَ الدين جي سجاده نشين جي گهر پهتو، جتي سجاده نشين اڃان پنهنجي پلنگ تي گهر واريءَ سان گڏ ويٺو هو، شيخ ڀرڪيي کين کير جو پيالو پيش ڪيو ته کيس چيائيون ڪجهه خيال ڪر ته ڪٿي اندر هليو آيو آهين، توکي ادب ڪرڻ گهربو هو. شيخ اهو ٻڌي پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪري دست بيعت لاءِ چيو ۽ وري کڻي ٽٻي هنيائين ته انهيءَ ساڳي هنڌ اچي نڪتو جتي اڃان اهي ماڻهو مجلس ۾ ويٺا هئا. اها ڳالهه سڀني کي ٻڌايائين ته هينئر ملتان ۾ دست بيعت ٿي آيو آهيان. سڀ حاضرين ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا.

شعلو:حضرت جن فرمايو ته ننڍي هوندي مان ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ سيد جلال هڪڙي ٿانءَ ۾ کائيندا هئاسين. اوچتو هڪ ڏينهن ٿالهه گم ٿي ويو ڪا خبر نٿي پئي ته ڪير کڻي ويو. منهنجو ڀاءُ اٿيو ۽ گهر کان ٻاهر (335) ڳولهڻ لڳو ته ڏٺائين ته وڻ ۾ ٽنگيو پيو آهي. هڪ دفعو ٻيهر به ائين ٿيو ته وري منهنجو وڏو ڀاءُ ڳولهي کڻي آيو. آخر تائين اها خبر نه پئي ته اسان جو اهو ٿالهه ڪير ٿي کڻي ويو، بظاهر ائين ٿي لڳو ته ڪو جن کڻي ٿي ويو.

شعلو: درويش بي خويش، متصرف اسرار ۽ متوڪل ابرار بهاءَ الدين گودڙيي لاءِ چون ٿا ته اوائل ۾ هو جوڻ ۾ رهندڙ عارف ۽ ولي موسيٰ رحه جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ ان کان ذڪر جي تلقين حاصل ڪئي هئائين. بلڪ هن جي خاص مريدن ۾ شامل هو ۽ ٻيا مريد ان سببان سندس وڏي عزت ڪندا هئا. ايتريقدر جو جڏهن اندر داخل ٿيندو هو ته سڀ اٿي بيهندا هئا ۽ جڏهن روانو ٿيندو هو ته وڏي تواضع ڪندا هئا. هڪ ڀيري جڏهن بهاءُ الدين مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جي مجلس ۾ آيو ته ڏٺائين ته سڀ مريد خدا جي ذڪر ۾ مشغول آهن ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جي اچڻ وڃڻ وقت ڪا تواضع نٿي ڪيائون، اهو ڏسي دل ۾ چوڻ لڳو ته اي بهاءُ الدين، توکي پنهنجي دل جي مراد ۽ مقصد هتان حاصل ٿيندو. ان کان پوءِ پنهنجي اصلوڪي پير مرشد کي ڇڏي مخدوم نوح جي خدمت ۾ وڏي جفا ڪشيءَ کان ڪم ورتائين. اهو ئي سبب هو جو هو پوءِ مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جي وڏن ۽ خاص يارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

شعلو:حضرت جن فرمايو ته هڪ ڏينهن آءٌ ڪنهن فقير وٽ ويٺو هوس. اتفاقاً بزرگن جي اڏامڻ جو ذڪر وچ ۾ آيو. اهو ٻڌي فقير چوڻ لڳو ته اهي اڏامڻ واريون ڳالهيون وقتي آهن. مان پاڻ ڪجهه وقت اهڙن فقيرن سان گڏ رهيو آهيان جيڪي اڏامندا هئا. پر هينئر انهن جي اڏامڻ جي ڪا خبر نه اٿم.

شعلو:(336) هڪڙي شخص صاحب تعظيم ۽ شرف، واقف اسرار شيخ ڀرڪيي ڪاتيار وٽ نذر باسيو ته جيڪڏهن منهنجو فلاڻو ڪم ٿي ويو ته آءٌ مينهن ڏئي ويندس. ڪجهه وقت کان پوءِ ان شخص جو واقعي اهو ڪم ٿي ويو  تنهن ڪري ڪنهن خادم کي موڪليائون ته ان شخص وٽان مينهن ڪاهي اچي. اهو خادم ان شخص وٽ پهچي مينهن ڪاهي اچي رهيو هو ته رستي ۾ دريا پار ڪرڻ وقت ٻڏڻ لڳو. مريد اهڙيءَ مهل مرشد کي گهڻو ئي ياد ڪيو، پر پاڻي به اونهو هو سو ٻڏڻ لڳو. آخر تنگ ٿي شيخ جي ڌيءَ لاءِ گاريون ڪڍڻ لڳو. پر ايتري ۾ ٻڏڻ کان بچي ويو ۽ مينهن سوڌو اچي ڪناري تي پهتو. مينهن ڪاهي اچي مرشد وٽ حاضر ٿيو. شيخ ڀرڪيي زنده ڏسي کيس چوڻ لڳو ته درياءَ سان زور بازي پاڻ ٿي ڪيئي ۽ گاريون اسان کي ٿي ڏنئي. مريد اهو ٻڌي دل ۾ ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ توبہ تائب ٿيو.

شعلو:هڪ ڏينهن درويش پلي سميجو ساڱري جي درياءَ جي ڪناري تي مڇي ڦاسائڻ جي ارادي سان ڄار هٿ ۾ جهلي ويٺو هو. ٿوري دير ۾ هن ڄار کڻي پاڻيءَ ۾ اڇليو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن مڇي ڦاسي، پر ڪافي دير کان پوءِ به ڪا مڇي ڄار ۾ ڪو نه آئي. خدا کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو يا ڏي يا وٺ. اڃان اتي ئي بيٺو هو ته واهڙ جو ڪپر سندس پيرن هيٺان کسڪي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ لڳو.(337) خوف وچان پٺتي هٽي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو  عجب آهي ته سندس ڏيڻ ڏکيو وٺڻ سولو آهي.

شعلو:حظيره قدس جو ساڪن سلطان روح مخدوم نوح رحه هالڪنڊيءَ وارو فرمائيندو هو ته فقط پنج لقما کائڻ گهرجن. ليڪن انهن مان به اسان ٻه خدا واسطي ڇڏي ڏنا ۽ باقي ٽي کائيندا آهيون.

شعلو:حضرت جن فرمايو ته خدا جي برگزيده بندي درويش احمد رونجهي جي هڪ ڏينهن مون سان ملاقات ٿي. چوڻ لڳو ته منهنجي پٽن لاءِ دعا گهر ته خدا کين جهجهو رزق ڏئي. مون کيس جواب ڏنو ته آءٌ اها دعا ڪندس جيڪا آءٌ پنهنجي پٽن لاءِ ڪندو آهيان. پڇڻ لڳو ته اها ڪهڙي دعا آهي؟ چيومانس اها هيءَ دعا آهي ته خداوندا منهنجي پٽن کي هڪڙي ويلي جي سگهه ڏئي، البت انهن کي پنهنجي معرفت مان ڀرپور حصو ڏي. درويش احمد کي چيم ته مون وٽ اها دعا آهي. ان کان سواءِ ٻي ڪونهي.

شعلو:مخدوم ساهڙ لنجار انڙپور واري جو هڪ مريد هو جيڪو هميشہ مرشد لاءِ ڪوزو ڀري رکندو هو. جڏهن پير مرشد وفات ڪئي تڏهن به ان مريد اها خدمت نه ڇڏي. بلڪ ٻين جا ڪؤنرا ڀري رکندو هو. تان جو اهو مريد پاڻ مرشد ٿي ويو پر پوءِ به اها عادت ترڪ نه ڪيائين.

حضرت جن کي اها ڳالهه ڏاڍي پسند هئي ۽ پاڻ ان کي بار بار دهرائيندا هئا.

شعلو:حضرت جن فرمايو ته هڪ ڏينهن هندوستان جي بهار پرڳڻي جو هڪ درويش جيڪو ٺٽي ۾ آيل هو (338) مون سان گڏ هو ۽ اسان ڪاڏي وڃي رهيا هئاسين واٽ تي هڪ هنڌ سماع ٿي رهيو هو، سو اسان اتي بيهي رهياسين. اهو درويش پڇڻ لڳو ته اهي ماڻهو ”همہ همہ“ چئي رهيا آهن، ان جو ڇا مطلب آهي؟. ٻڌايو مانس ته ان جو مطلب ”همہ اوست“ يعني ”سڀ هو پاڻ آهي“. وري پڇيائين ته انهن مان ڪجهه ”اح“ چئي رهيا آهن. ان جو ڇا مطلب آهي؟. ٻڌايومانس ته ”احد احد“ پيا چون. اهو ٻڌي ڳچيءَ ۾ ٻڌل تعويذ ۽ مڻڪا لاهي کڻي ڦٽي ڪيائين. ۽ پاڻ به سماع ۾ مشغول ٿي ويو.

شعلو: چون ٿا هڪ گروهه اهڙو آهي، جيڪو خدا جي راهه ۾ سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏڻ چاهي ٿو. يعني لن تنالوا البر حتيٰ تنفقوا مما تحبون (سورة92:3) يعني ”توهان هرگز نيڪيءَ کي نه رسندا جيستائين توهان پنهنجي پسند واريون شيون ڏئي نٿا ڇڏيو“ بلڪ اهي پنهنجن زالن لاءِ به انفاق يعني ڏئي ڇڏڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. آخر انهن جي هڪ بزرگ سان ملاقات ٿي ته هن کين پنهنجون زالون ڏيئي ڇڏڻ کان منع ڪئي ۽ کين چيائين ته اهو ان ڪري ڇاڪاڻ جو توهان ٻيهر انهن کي وٺي آڻي سگهو ٿا. اهو بزرگ چوڻ لڳو ته خدا جي واٽ ۾ اهڙي چيز ڏيو، جيڪا واپس ٿي نه سگهي ۽ اها دل آهي.

باب ستون

تصرفاتن جي بيان ۾:

زماني جي قطب، فاني في الله باقي باالله، سنت مصطفوي جو نگهبان، ملت جو معاون، الاهي اسرارن جو خزانو،انوار الاهي جي کاڻ، هدايات ۽ ولايت جو امين، عابدن جو شرف، زاهدن جو مرڪ، عارفن جو پيشوا، اهل صفا جو اڳواڻ، اهل رضا جو سرموڙ، (339) زماني ۽ وقت جو يڪتا، مريدن جي دلين جو پارکو، برگزيده يعني حضرت سيد عبدالڪريم قدس سره جي تصرفات، خوارق ۽ عادات، ڪرامتن ۽ برڪتن جو بيان. هن باب جي شروعات ۽ پڄاڻي ٻن فصلن تي مشتمل آهي، پهرئين فصل ۾ تصرفات ۽ ٻئي فصل ۾ خوارق، عادات ۽ ڪرامتون آهن.

فصل پهريون

تصرفات:

ڄاڻڻ گهرجي ته هن سلسلي ۾ حضرت جن جا مخفي توڙي ظاهري تصرفات تمام گهڻا آهن. انهن مريدن جو شمار ئي نٿو ڪري سگهجي ۽ اسان کي خبر ناهي ته ڪيترا آهن جن کي ظاهري ذڪر جي تلقين سان نوازيائون ۽ ٻيا الائجي ڪيترا آهن، جن کي باطني فيض رسايائون.

وري الائجي ڪيترن کي انهن جي تصرف جو حصول ٿيو ۽ ڪيترن تي شفقت ۽ عنايت ڪيائون، مطلب ته  عقل کي اها سگهه ڪانهي ته قدرت جي انهن رازن کي ظاهر ڪري سگهي، ائين فڪر وسيلي پڻ انهن جو اظهار ۽ سمجهاڻي مشڪل آهي، انهي سبب جي ڪري مون اختصار کان ڪم ورتو آهي ۽ صرف ڪي ڳالهيون جيڪي تصوف جي صاحبن کان ٻڌيون اٿم اهي لکڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو، ڇو ته جيڪڏهن سڀني مريدن کان تصوف جي باري ۾ ٻڌل واقعا هتي بيان ڪريان ها، ته ڪتاب تمام وڏو ٿي وڃي ها. اهو ئي سبب آهي جو مشت از خروار طور ڪجهه نقل هتي لکيا اٿم، اللهم ثبتنامع جميع المؤمنين عليٰ صراط المستقيم.

نقل:هڪ ڏينهن حضرت جن ٺٽي شهر ۾ پنهنجي خانقاهه اندر کاڌو پئي کاڌو. جڏهن کائي بس ڪيائون ته بچيل کاڌو مريدن ۾ ورهائڻ لاءِ چيائون. چون ٿا ته اتي ويٺل مريد کاڌو نه کاڌو پر اتي آيل هڪ سوداگر اهو بچيل کاڌو کائي پورو ڪيو (340). کائڻ جي دير هئي : سوداگر واصل باالله ٿي ويو ۽ صفت مجذوبي کڻي اختيار ڪيائين، بلڪ غيب جون خبرون ڏيڻ لڳو. جڏهن آخر اها خبر وڃي ان سوداگر جي پيءُ ماءُ کي پهتي ته اهي ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ ڪشالا ڪڍي اچي حضرت جن جي خدمت ۾ پهتا. حضرت جن انهن کي لاچار ڏسي دعا ڪيائون ته سندن پٽ اصلي حالت ۾ اچي، آخر ائين ٿيو ۽ اهو سوداگر پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ويو.

نقل:هڪ مريد چيو ته هڪ ڀيري آئون سهي سنبري حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ ٺٽي روانو ٿيس، جڏهن خدمت ۾ پهتس ته پاڻ حجري جي دروازي تي بيٺا هئا. مون کي اڪيلو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. موڪلائڻ وقت چوڻ لڳا ته جڏهن به ڪو شخص پنهنجي پير جي حاضري ۾ اچي ٿو ته ان جو اچڻ ڪڏهن به خالي نٿو وڃي. پڪ ڄاڻج ته هر ڀيري جيڪڏهن جو جي داڻي جيترو فائدو ٿئي ان کان وڌيڪ بهتر آهي جو هڪ ئي وقت سڀ ڪجهه ملي وڃي. ڇو ته جيڪي ٿورڙو ۽ آهستي آهستي ملي ٿو اهو ديرپا ۽ مستقل آهي، اهو ختم نٿو ٿئي. مريد چيو ته آءٌ جڏهن ڳوٺ موٽي آيس ته مون کي واقعي ان ڳالهه جي اهميت جو احساس ٿيو ۽ ان کان پوءِ مون پاڻ تي اها روش لازم ڪري ڇڏي.

نقل:هڪ مخلص ٻڌايو ته هڪ ڏينهن آءٌ ٺٽي شهر مان تيار ٿي حضرت جي خدمت ۾ روانو ٿيس. جڏهن سندن ڳوٺ پهتس ته پاڻ اتي ڪو نه هئا ۽ ڪنهن ٻئي طرف ويل هئا. مون ان طرف جو رخ رکيو، اهو شام جو وڳڙو هو، واٽ تي هڪ ڏکئي رستي ۾ اچي ڦاٿس جو هر طرف جهنگل ئي جهنگل هو تان جو (341) رستي ۾ ئي رات پئجي وئي. هلندي هلندي اچي پاڻيءَ جي هڪ اڻ کٽ ڇر ۾ ڦاٿس، ايتري قدر جو نڪرڻ جي ڪا به واه نظر نٿي آئي. سمجهيم ته هاڻي بچڻ مشڪل آهي. اوچتو آواز ٻڌم جيڪو چئي رهيو هو رستو هن طرف آهي، مون کي يقين ٿي ويو ته اهو آواز پڪ حضرت جن جو آهي. مون جڏهن ان طرف هلڻ شروع ڪيو ته واقعي ڪجهه دير کان پوءِ انهيءَ مصيبت مان نجات ملي وئي، ڪجهه دير مس پنڌ ڪيم ته اوچتو روشنيءَ جو ترورو نظر آيم، سو ڪيئن به ڪري اچي اتي پهتس، اتي بک به اچي مون کي کنيو، آخر ڪار اڌ رات جو اچي حضرت جن جي خدمت ۾ پهتس. انهي وقت سندس آڏو کير ۽ پينهون رڌل پيا هئا، جيڪي کڻي مون کي ڏنائون ۽ چوڻ لڳا ته ايتري مشقت ڪرڻ ۽ پاڻ کي ڏولائي ۾ وجهڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟ مون عرض ڪيو ته توهان صحيح فرمايو ٿا. پوءِ چوڻ لڳا ته جيستائين مريد پاڻ کي پتنگ جيان هر قسم جي قربانيءَ لاءِ تيار نٿو ڪري، تيستائين هو پنهنجي مراد نه ماڻيندو. خير، اها رات اتي رهي صبح جو روانا ٿياسون ته پاڻ به ٺٽي شهر هلڻ لاءِ گهوڙيءَ تي سوار ٿيا. آءٌ به ساڻن گڏ هلڻ لڳس. واٽ تي پنڌ جي ٿڪاوٽ سببان ڪيترا ڀيرا منهنجي خراب حالت ڏسي چيائون ته گهوڙيءَ جي زين کي وٺي هل. مون جڏهن ائين ڪيو ته مون کي محسوس ٿيو ته ڪا غيبي قوت مون کي طاقت ڏئي رهي هئي ۽ آءٌ ان جي تصرف ۾ هوس، ايتريقدر جو ان جو بيان ڪرڻ منهجي وس کان ٻاهر آهي.

گهڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مون هڪ ڏينهن حضرت جن کان پڇيو ته تجلي ڪنهن کي ٿا چون؟ چيائون ته زبان سان ان جو بيان مشڪل آهي، (342) البت دل کي ان جي آگاهي حاصل ٿئي ٿي. ان کان پوءِ مون کي وڏي راز جون نصيحتون ۽ نڪتا ٻڌايائون، جن جو منهنجي دل تي تمام گهڻو اثر ٿيو ۽ جڏهن آءٌ کانئن موڪلائي پنهنجي ڳوٺ آيس ته منهنجي دل ۾ تصرف ۽ الاهي عشق جي چوٽ هر وقت محسوس ٿيڻ لڳي.

هڪڙي مخلص کان نقل آهي ته هڪ ڀيري حضرت جن جي خدمت ۾ منهنجي هڪ پهتل فقير سان ملاقات ٿي، جنهن مون کي لا الہٰ الا الله جي ذڪر جي تلقين ڪئي. اهو ذڪر منهنجي دل ۾ نهايت محڪم ٿي ويو، پر گهڻي مشغوليءَ سبب ڪن ڏينهن کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان فاقا ڪڍڻ لڳس. آخر هڪ ڏينهن اهو فقير مون کي هٿ کان جهلي حضرت جن وٽ وٺي آيو. ان وقت منهنجي هٿ ۾ انهيءَ ذڪر وارو رسالو هيو ۽ دل ۾ اهو ذڪر جاري هيو. ٿوري دير ترسي مون کي چوڻ لڳا ته: ڪي بزرگ لا الہٰ الا الله جو ذڪر  ته ڪن ٿا، پر لفظ ”الله“ کي ٻاهر ڪڍن ٿا ۽ الف لام کي اندر نين ٿا. ليڪن بهترين طريقو ذڪر جو الله الله وارو آهي. ڇو ته سڀ انبياءَ ۽ اولياءَ پوئين ساهه کڻڻ وقت گريو ڪندا هئا، ان ڪري ته جڏهن پساهه پورا ٿين ته ”هو“ جو آواز ٻاهر نڪري ۽ ”الا“ جو آواز اندر رهجي وڃي.

ان مخلص جو بيان آهي ته جڏهن مون اهو نڪتو ٻڌو ته منهنجي دل تان ”لاالہٰ ال الله“ جو ذڪر هميشہ لاءِ غائب ٿي ويو ۽ ان جي بجاءِ ”الله“ جو ذڪر هميشہ لاءِ جاري ٿي ويو. اهڙيءَ طرح حضرت جن جي مريدي قبول ڪيم ۽ ان ڏينهن کان وٺي اهو ذڪر ڪندو اچان جنهن جي پاڻ تلقين ڪيائون.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن مخدوم عبدالرشيد بصير جيڪو پنهنجي وقت جو جيد عالم سڳورو هو، حضرت جن جي خدمت ۾ آيو. پاڻ نهايت شفقت جي نظر سان کيس نهارڻ لڳا. (343) چون ٿا ته مخدوم عبدالرشيد تي ان هڪڙي نظر تمام گهڻو اثر ڪيو جو ان کان پوءِ ذڪر حق ۾ ايترو مشغول ٿي ويو، جو کائڻ پيئڻ ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ترڪ ڪري ڇڏيائين. آخر اها حالت ڏسي هن جا پيءُ ماءُ ۽ ڀائر سخت پريشان ٿيا ۽ ميڙ ڪري حضرت جن وٽ هلي آيا ته خدا جي واسطي، ان صورتحال جو ازالو ڪريو. پاڻ جڏهن دعا ڪيائون ته هو وري ان ساڳي حالت تي موٽي آيو.

نقل آهي ته درويش عبداللطيف پڻ هڪ دفعي حضرت جن جي مجلس ۾ آيو ته سندس دل تي ذڪر الاهيءَ جو غلبو ٿي ويو ۽ پاڻ کي حضرت جن جي تصرف ۾ محسوس ڪيائين. آخر پنهنجي زبان مان چوڻ لڳو ته مون کي واقعي تمام گهڻو فائدو ٿيو.

هڪڙي مخلص چيو ته مرض جي حالت هوندي به آءٌ جڏهن حضرت جن جي صحبت ۾ ويس ته ڪڏهن به فائدي کان خالي نه موٽيس. بلڪ آءٌ جڏهن به  خدمت ۾ ويس ته مون پاڻ تي سندن تصرف محسوس ڪيو، ايتري قدر جو آءٌ پاڻ کان بيخبر ٿي ويندو هوس.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته عيسو فقير جيڪو حضرت جن جو ويجهو ساٿي هو، وٽن اچي پنهنجي پٽ جي شڪايت ڪرڻ لڳو ته هو گهڻو رلي ٿو ۽ ڪو ڪم ڪار نٿو ڪري. اهو ٻڌي پاڻ چوڻ لڳا ته ڍڳي گم ٿي وئي هيس، سا هينئر ملي اٿس، سو هاڻي سانتيڪو آهي.

هڪ ڀيري عيسو فقير سخت بيمار ٿي پيو سو پاڻ سنڀري ان جي عيادت لاءِ نڪتا. اتي پهچي چيائون ته هڪ رسو کڻي اچو ته جئن فقير کي ان سان ٻڌي ڇڏجي. چون ٿا ته فقير کي جڏهن رسي سان ٻڌائون ته هو واصل بالله ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ جيڪو ماڻهو کانئس پڇڻ ٿي آيو ته ان کي چوڻ لڳو (344) ته حضرت جن وٽ وڃو، جيڪي توهان کي خدا سان ملائي ڇڏيندا.

چون ٿا ته جڏهن عيسو فقير مرض الموت ۾ مبتلا ٿيو ته پاڻ کڻائي حضرت جن وٽ آيو. پاڻ ڏانهس مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته توکي تجريد ۽ تفريد ٻئي حاصل ٿيا، اڃان ٻيو وڌيڪ توکي ڇا گهرجي؟

هڪ لڱا اهو ساڳيو فقير مٿي تي ڪاٺين جي ڀري کڻي اچي حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جيئن حضرت جن مٿس نظر شفقت ڪئي ته سندس حالت غير ٿي وئي ۽ اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويس جنهن جي ڳولا ۾ هو.

انهيءَ ساڳئي فقير کان نقل آهي ته هڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته حضرت جن وٽ هڪ نهايت رعبدار نوراني شخصيت جنهن جي تعريف بيان کان ٻاهر آهي، تشريف فرما آهن. مان پاڻ سندن خدمت ۾ حاضر بيٺو هوس. ايتري ۾ مون ٻڌو ته انهيءَ شخص حضرت جن کي چيو ته عيسي فقير تي شفقت جي نظر رکجو. حضرت جن وراڻيو ته بيشڪ ائين ڪندس. چون ٿا ته اها شخصيت نبي ڪريم پيغمبر اسلام پاڻ هئا.

نقل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت جن کاڌو کائي رهيا هئا ته هڪڙو فقير اچي نڪتو. پاڻي جيڪي بچايو هئائون، اهو کڻي ان جي آڏو رکيائون. ان فقير جئن اهو کاڌو کائي بس ڪئي ته بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو ۽ پورا ڇهه مهينا بي خبر رهيو. آخر مس مس وڃي هوش ۾ آيو.

نقل ٿا ڪن ته هڪڙو شخص نصرپور جي پسگردائيءَ ۾ پنهنجن مڱن جي فصل ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ حضرت جن پنهنجي ڳوٺ ۾ هئا. حڪم الاهي جي تقاضا ٿي ته ان شخص کي اتي تلقين ۽ هدايت ڪن. آخر ائين ٿيو ۽ اهو شخص (345) اتي ئي ذڪر فڪر ۾ مشغول ٿي ويو.

هڪ مريد کان نقل آهي ته اوائل جوانيءَ ۾ آءٌ پنهنجي مال جو وڳ چاريندو هوس. منهنجا پيءُ ماءُ سکيا ستابا ۽ مالوند هئا. هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته ڪو شخص آيو، جيڪو مون کي چئي رهيو هو ته،  آهي ڪو جنهن کي اسان ذڪر جي تلقين ڪريون؟ مون چيو ته آءٌ حاضر آهيان، اها عنايت مون تي ڪئي وڃي. فرمايائون ته دنيا کي ترڪ ڪرڻو پوندوءِ ۽ توبہ ڪندين ! عرض ڪيم ته آءٌ تيار آهيان. ان کانپوءِ مون کي ذڪر جي تلقين ڪيائون ۽ پاڻ غائب ٿي ويا. آءٌ جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيس ته محسوس ڪيم ته واقعي منهنجي دل الله الله چئي رهي هئي. فوري طور دنيا کان قطع تعلق کڻي ڪيم ۽ توبہ تائب ٿيس. آخر هڪ سال کان پوءِ جڏهن حضرت جن جي خدمت ۾ اچڻ ٿيو ته محسوس ڪيم ته ذڪر جي اها تلقين حضرت جن ڪئي هئي.

هڪ مريد کان نقل آهي ته حضرت جن جي صحبت مان فيض ياب ٿيڻ کان اڳ آءٌ سيد علي شيرازي، پير مراد ۽ عسيٰ لنگوٽيءَ جي مزارن تي ڪيترا چلا ڪڍي چڪو هوس ته جئن قلبي ذڪر حاصل ٿئي. مون ان نموني ڪافي وقت گذاريو،  پر ڪو فائدو نه ٿيو. آخر ٺٽي شهر ڏانهن واپس آيس، جتي هڪ هنڌ مون ڏٺو ته ڪي ماڻهو ذڪر ۾ مشغول  هئا. پڇا ڪيم ته هي ڪير آهن. پتو پيو ته اهي حضرت جن جا مريد هئا. مون سندن پڇا ڪئي. چيائون ته حجري ۾ آهن، مان اتي اچي حاضر ٿيس. پاڻ مون کي ڏسي چيائون ته انهن يارن سان وڃي ويهه ۽ ذڪر ۾ مشغول ٿيءُ. اهي لفظ ٻڌي انهيءَ ساعت منهنجي قلب ۾ الله الله جو ذڪر جاري ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ اٿي اچي انهن يارن سان ذڪر ۾ شامل ٿي ويس.(346)

هڪڙي ڪامل مريد کان نقل آهي ته آءٌ ٽي راتيون مسلسل حضرت جن جي خدمت ۾ هئس. آخر هڪ رات ڀنڀرڪي مهل منهنجي مٿي ۾ اچي ڦيريءَ جو اثر ٿيو ۽ اتان اٿي اچي هڪ واهڙ جي ڪناري تي وضو ڪيم. ايتري ۾ مون کي گهل اچي وئي ۽ ڏٺم ته حضرت جن مون کي هڪ ڏاڙهون ۽ مٺائي ڏئي رهيا آهن. وڌيڪ چيائون ته سترهن ڏينهن کان پوءِ مولانا محمد عالم ڪنهن جي فاتحه پڙهندو. مان جڏهن سجاڳ ٿيس ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي فرزند عطا ٿيو جو سمجهيم ته ڏاڙهونءَ مان اها مراد هئي. اهڙيءَ طرح سترهن ڏينهن کان پوءِ مولانا محمد عالم واري ڳالهه به صحيح ثابت ٿي مٺائيءَ جو اثر پڻ خدائي حڪم موجب ظاهر ٿيو جو اها سندن تصرف جي خاص نشاني هئي ۽ اها اهڙي عنايت هئي، جيڪا وڌيڪ رمز جو سبب هئي.

نقل آهي ته هڪ مريد ٻڌايو ته هڪ ڏهاڙي حضرت جن جو هڪ خاص مريد مون کي سندن خدمت ۾ وٺي آيو ۽ کين عرض ڪرڻ لڳو ته قبلا هن کي ذڪر جي تلقين ڪريو. حضرت جن انهيءَ وقت الله الله جو ذڪر ٿي فرمايو. مون تي انهيءَ جو ايڏو اثر ٿيو، جو اهو ذڪر هميشہ لاءِ منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويو.


 

فصل ٻيو

ڪرامتون:

ڄاڻڻ گهرجي ته حضرت جن جو مرتبو ڪرامتن کان مٿي آهي ۽ اُن ڪري کانئن ڪرامتن جو ظاهر ٿيڻ مناسب نٿو لڳي، پر ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڪرامتون ڪن يارن دوستن بيان ڪيون آهن، تنهن ڪري انهن مان ڪي هتي بيان ڪجن ٿيون. جيتوڻيڪ چون ٿا ته حضرت جن ڪرامتن کان ڪراهت ڪندا هئا ۽ انهن کي لڪائڻ جي ڪوشش (347) ڪندا هئا. پاڻ ڪرامتن کي ڪڏهن چڱو نه سمجهيائون. ان ڪري انهن جو ظاهر ظهور بيان نه ڪندا هئا ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪيترين جي خبر ڪونهي. پر جيڪڏهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ منجهان سندن ڪرامتن ۽ برڪتن کي ويهي ڪٺو ڪجي ته اهو وڏو ڪتاب بنجي پوندو. بهرحال هتي ڪجهه ڪرامتون جيڪي ٺٽي وارن کان معلوم ٿيون سي لکجن ٿيون.

هڪڙي سچي مريد کان نقل آهي ته آءٌ جڏهن ڳڀرو هوس ته هڪ ڏينهن پنهنجي استاد سان گڏجي جيڪو مون کي قرآن پڙهائيندو هو، سيد علي شيرازي رحمت الله عليہ جي درگاهه تي آياسون، اتي ڪيترا بزرگ سماع ۾ مشغول هئا. جڏهن ڪجهه دير گذري ته منهنجي استاد مون کي چيو ته تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو انهن سڀني ۾ شينهن وانگر آهي ۽ ٻيا سڀ سندس مطيع آهن. مون جواب ڏنو ته مون کي ڪو شينهن نظر نٿو اچي. ان کان پوءِ حضرت جن ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳا ته هن ڏانهن نهار. مون ڏٺو ته سندن جسم جو مٿيون حصو واقعي شينهن وانگر نظر آيو ۽ هيٺيون اڌ پنهنجي اصلي صورت ۾ هو. اهو حال ڏسي آئون سخت حيران  ٿيس ۽ عجب ۾ پئجي ويس، استاد کي چيم ته ڇا اهو شخص پاڻ انهيءَ شڪل ۾ ٿيو آهي؟ جواب ڏنائين ته هائو پاڻ انهيءَ شڪل کي پسند ڪري ٿو، اهو ٻڌي منهنجا هوش حواس اڏامي ويا، پنهنجي ماڳ موٽي اچڻ کان پوءِ ڪجهه سال انهي پريشاني ۾ گذريا. آخر هڪ ڏينهن جيڪي علم پڙهيو هيم ۽ جيڪي(348) ڪتاب رکيل هئا، اهي سڀ جا سڀ وڪڻي اچي حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس.

چون ٿا ته حضرت جن جي صغير سني هڪ ڀيري سندس وڏو ڀاءُ ميان سيد جلال کين پنهنجي ٻني ۾ نگهباني لاءِ ڇڏي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ ڪنهن شخص ڏٺو ته پاڻ ان جڳهه تي آهن ئي ڪو نه. اها حقيقت وڃي ميان جلال کي ٻڌايائون، جنهن ٻئي ماڻهو کي موڪليو ته وڃي حقيقت حال ڏسي اچ، اهو شخص جڏهن ٻنيءَ ۾ پهتو ته ڏٺائين ته حضرت جن واري جڳهه تي هڪ باز نگهباني ڪري رهيو هو ۽ پاڻ پري گوشي نشين ٿي عبادت ڪري رهيا هئا.

نقل آهي ته مرزا غازي ترخان جي دور ۾ بگهاڙ ۽ ان جي پسگردائي هڪڙي مغل جي جاگير ۾ هئا. اهو مغل پنهنجي ڏاڍائي ۾ مشهور هو. حضرت جن جي ڇوڪرن جو مغلن سان جهيڙو ٿي پيو، ايتري قدر جو مغلن جي سرادرن جا مٿا ڦاٽي پيا ۽ شديد زخمي به ٿيا، بلڪ رت وهڻ جي ڪري مرڻينگ حالت کي وڃي پهتا. انهي ڪري سڀني ساداتن کي کڻي ٻڌائون ۽ سزا طور نٽهڻ اُس ۾ ويهاري ڇڏيائون. اها خبر جڏهن حضرت جن کي پئي ته ميان عماد ۽ ٻين بزرگن کي ميڙ ڪري مغلن وٽ آيا، ليڪن مغلن مڃڻ کان انڪار ڪيو. آخر ۾ مغلن اهو  شرط رکيو ته توهان سڀ لکي ڏيو ته جيڪڏهن زخمي شخص مري پيو ته توهان هن جي ضمانت ۾ آهيو. اها ڳالهه ٻڌي بزرگ سوچ ۾ پئجي ويا (349) ليڪن حضرت جن فرمايو ان ۾ ڊڄڻ جي ڳالهه ڪونهي، اسان لکي ٿا ڏيون ته خداوند خير فرمائيندو. ان کان پوءِ وڃي ساداتن کي آزادي ملي.

انهي سڄي عرصي دوران مغلن منجهان هڪ شخص اگهاڙي تلوار کنيو پئي گهميو ۽ تلوار بار بار حضرت جن جي مٿان پئي اولاريائين، ليڪن پاڻ هن کي ڏسي مشڪندا رهيا، چون ٿا ته جڏهن حضرت جن گهر پهتا ته اهو شخص جيڪو مرڻينگ حالت ۾ هو سو ته بچي ويو، البت جيڪو تلوار کڻي اولرون ڪري رهيو هو، تنهنجي وات ۽ پيٽ مان اچي رت جاري ٿيو، اها حالت ڏسي ان شخص جي گهر واري ۽ سندس عزيز حضرت جن جي خدمت ۾ آيا ۽ ڳچي ۾ ڳارو وجهي حضرت جن جي پيرن تي ڪري پيا ته اسان کي معافي ملي ۽ اسان جي حق ۾ دعا ڪريو. پاڻ چيائون ته اسان کي ڪا خبر ناهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو شخص مري ويو ۽ سندس گهر واري حضرت جن وٽ اچي عرض ڪيو ته مون کي پنهنجي پٽ جي حوالي ڪريو، پر پاڻ اهو قبول نه ڪيائون، هاڻي ان شخص جي قبر حضرت جن جي مقري جي ٻاهريان احاطي ۾ آهي.

نقل آهي ته مرزا جاني(بيگ) جي وقت ۾ سندس هڪ عزيز صالح محمد کي جنهاڻ جو علائقو جاگير ۾ ڏنل هو، حضرت جن جي ٻني به ان علائقي ۾ هئي، اتفاقن حضرت جن جي فرزند سان ان شخص جو اچي بٽئي تي جهيڙو ٿي پيو ۽ نوبت لٺبازي تائين وڃي پهتي، اها خبر جڏهن حضرت جن کي پهتي ته پاڻ ان وقت خلوت جي عالم ۾ انتهائي شوق ۽ محبت ۾ محو هئا، ليڪن اها ڳالهه ٻڌي پاڻ سخت غصي وچان ٻاهر نڪري پيا. (350)سندس غصي جو اهو عالم هو جو نڪرڻ سان سندس نظر وڃي حجري ٻاهران بيٺل وڻ تي پئي ته ان کي باهه لڳي وئي، بلڪ ائين به چون ٿا ته جيئن پاڻ ان وڻ کي ڏٺائون ته ان مان باهه جو هڪ شعلو نڪتو ۽ تنهن کان پوءِ وڻ سڙي ويو. اڄ تائين سڙيل حالت ۾ بيٺو آهي.

چون ٿا ته انهيءَ حالت ۾ ان جاءِ ڏانهن وڃي رهيا هئا جتي سندن پٽن جهڳڙو ڪيو هو ته واٽ تي هڪ گهوڙيسوار گڏين. پاڻ ان کان گهوڙو وٺي ان تي سوار ٿيا ته جيئن اندر جلد پهچن، ليڪن ڪجهه پنڌ کان پوءِ هڪ مريد گڏين جنهن عرض ڪيو ته سائين جن جي اتي پهچڻ سان معاملو وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو. اهو ٻڌي پاڻ گهوڙي تان لهي پيا ۽ غصي کي پيڻ خاطر زمين تي ويهي رهيا. اهڙيءَ طرح اڳتي وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائون.

هوڏانهن جاگيردار ٺٽي شهر ۾ پهچي مرزا جاني وٽ فريادي ٿيو. کين جڏهن اها خبر پئي ته پنهنجي ماڻهن کي چيائون ته هينئر سڀ فصل لڻي وٺو. بلڪ ٻيا چڱا ڀلا ماڻهو جن کي پڻ جاگيردار ان نٿي ڏنو سي به لاباري کي لڳي ويا. آخر مرزا جانيءَ جو ماڻهو، وٽن اچي پهتو ته کين مرزا طلب ڪيو آهي. پاڻ ٺٽي شهر ۾ وارد ٿيڻ سان پهريائين سيد جلال بن علي شيرزاي وٽ آيا. پاڻ ان کي گهڻو چيائون ته اسان سان گڏجي هل ته جئن معاملو خير خوبيءَ سان رفع دفع ٿي وڃي. ليڪن هو مرزا جي خوف وچان نه هليو. آخر پاڻ اڪيلا خدا تي توڪل ڪري (351) چتين لڳل لباس ۾ مرزا جي آڏو اچي پيش ٿيا. مرزا جاگيردار کي مخاطب ٿي چيو ته توسان ڪنهن زيادتي ڪئي آهي، هن حضرت جن ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن تي مرزا چيو ته ڇا هن گدڙي پوش فقير توکي تنگ ڪيو آهي ! اهو ٻڌي ان شخص تي هيبت طاري ٿي وئي ۽ چوڻ لڳو ته نه، البت هن شخص جي پٽن مون سان جٺ ڪئي آهي.

مرزا جاني بيگ چوڻ لڳو ته پوءِ آءٌ هن جي پٽن کي ٿو گهرايان. ليڪن چون ٿا ته آخر تائين مرزا کي حضرت جن جي پٽن کي  گهرائڻ جي توفيق نه ٿي. آخرڪار معاملو ائين ئي ختم ٿي ويو.

هڪ مريد کان نقل آهي ته هڪ ڏهاڙي حضرت جن گهران نڪري ڪنهن طرف وڃي رهيا هئا. راهه ويندي منهنجي پڻ ساڻن ملاقات ٿي، مون کي اها بلڪل خبر نه هئي ته، ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. مون کي ڏسندي چيائون ته تو پاڻ سان ڪوزو ڇو ڪو نه کنيو آهي؟ ڇو ته بظاهر ان جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. بهرحال مون محسوس ڪيو ته حضرت جن ڪنڊو ڪرڙن جو، خيال نٿي رکيو ۽ تمام تيزيءَ سان وڃي رهيا آهن ۽ آءٌ کين پڄي نه ٿي سگهيس. اهو سوچي منهنجي دل ۾ خيال آيو ته پوءِ جيڪر پاڻ اڏامڻ لڳن ته بهتر ڇو ته هونئن به پيرن لاءِ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اوچتو. مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳا ته اسان لاءِ اڏامڻ سولي ڳالهه آهي، پر خداوند تعاليٰ وٽ محنت ۽ مشقت ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ تي هلڻ وڌيڪ پسنديده عمل آهي.

نقل آهي ته هڪ دفعي پاڻ نويڪلائي جي عالم ۾ پنهنجي حجري اندر ويٺا هئا ۽ اتي صرف هڪڙو مريد موجود هو. ڳچ مدت کان پوءِ ان مريد ڏٺو(352) ته حضرت جن دنيا مان ڪوچ ڪري ويا آهن. سو وٺي روئڻ پٽڻ لڳو ته ساداتن کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس. ٿي سگهي ٿو ته هو مون کي ذميوار سمجهي مون کي تڪليف ڏين. آخر ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن پاڻ اٿي ويٺا ته مريد ويچارو حيرت ۾ پئجي ويو.

نقل آهي ته عيد جو موقعو هو ۽ حضرت جن جي پيرن ۾ سخت ڦلوڪڻا نڪتل هئا. ايتريقدر  جو هلڻ چلڻ کان لاچار هئا. دستور موجب پاڻ عيد جي نماز سومرن جي ڳوٺ ۾ پڙهندا هئا. اها جاءِ جتي نماز پڙهندا هئا سندن ڳوٺ کان ڪافي پري هئي. جيتوڻيڪ عيد واري ڏينهن کين ڪافي تڪليف هئي، پر پاڻ صبح جو سوير اٿي ان طرف روانا ٿيا. هڪ مريد چيو ته انهيءَ ڏينهن آءٌ به ساڻن گڏ هوس. ۽ پٺيان  پٺيان هلي رهيو هوس. اوچتو مون ڏٺو ته پاڻ ڀلجي ڪنهن ٻئي طرف وڃي رهيا آهن. اهو محسوس ڪري مون کي حڪم ڪيائون ته جيڪڏهن آءٌ ٻئي طرف وڃي رهيو آهيان ته تون اڳيان ٿيءٌ. آخر آءٌ اڳ ۾ ٿي هلڻ لڳس. هلندي هلندي اچي اسان واهڙ تي پهتاسون، جتان باقي ڳچ پنڌ تي سومرن جو ڳوٺ هو. اسان اتي ڏئي وٺي بيٺاسون، سو اتي ئي ويهي رهياسين. اڃان اتي ئي ويٺا هئاسين ته ، اوچتو خطيب پيش امام ۽ ٻيا ماڻهو اتي اچي سهڙيا ۽ عيد جي نماز اتي بيهي پڙهيائون. اسان اها رات اتي ٽڪي پياسون، جو پاڻ چيائون ته صبح جو واپس هلنداسون. رات جو جڏهن آءٌ ستس ته مون کي اچي تپ ورايو. مون ڪجهه به نه ڪڇيو، پر الائجي ڪيئن حضرت جن کي خبر پئجي وئي، سو پنهنجي چادر لاهي مون کي ويڙهڻ لاءِ ڏنائون. آخر صبح جو اٿي اسان پنهنجي ڳوٺ (353) روانا ٿياسون.

نقل آهي ته پنيو مهاڻو جيڪو ڄام هالي جي اميرن منجهان هو حضرت جن جو پڻ عقيدتمند هو. هن جو امر راڻي جي پٽ سان وڏو تڪرار هلندڙ هو ۽ نوبت وڃي جنگ و جدل تائين پهتي هئي. پنيي وٽ لشڪر ٿورو ۽ ڪمزور هو ۽ کيس اهو خطرو رهندو هو ته آخر ان تڪرار جو انجام ڇا نڪرندو. ليڪن دل ئي دل ۾ اهو خيال رهندو هوس ته جيڪڏهن حضرت جن ان ڏکئي وقت ۾ منهنجي دستگيري ڪئي ته پوءِ سڀ سڻائي ٿي پوندي. آخر ڪجهه عرصي کان پوءِ راڻو امر پنهنجي لشڪر سميت چڙهائي ڪري آيو، جڏهن ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا ته پنيي جي لشڪر پنهنجي ڪمزوريءَ سبب ميدان مان ڀڄڻ جو ارادو ٿي ڪيو. اوچتو هن ڏٺو ته حضرت جن پاڻ نمودار ٿيا ۽ کيس چئي رهيا هئا ته هرگز ميدان نه ڇڏج. اهي لفظ ٻڌي پنيو گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ اچي حضرت جن جي پيرن تي ڪريو. ٻين ماڻهن سمجهيو ته پنيو چريو ٿي پيو آهي ۽ الائجي ڇا ٿو چوي ۽ ڇا ٿو ڪري. اهي لفظ ٻڌي پنيو چوڻ لڳو ته حضرت ميران سيد عبدالڪريم پاڻ اسان جي مدد لاءِ آيا آهن. مطلب ته ان ريت حضرت جن پنيي کي مقابلي لاءِ همت ڏياري تيار ڪيو ۽ پاڻ غائب ٿي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com