سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :11

شعلو: جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ۽ جڏهن الاهي حڪم سان مردا قبرن مان زنده ٿي اٿندا ۽ سڀ سوال جواب ۽ حساب ڪتاب ۾ عاجز هوندا ته اهڙيءَ مهل هڪ جماعت پري کان پنهنجي سوارين تي نظر ايندي. انهن جماعت وارن جي جڏهن هن پريشان حال ماڻهن تي نظر پوندي ته هڪڙو انهن مان وڌي اچي انهن کان پڇندو ته هي ڪير آهن. آخر انهن جو اهو حال ڇو ٿيو آهي ۽ ايڏي تڪليف ۾ ڇو آهن؟ آواز ايندو ته اهي ماڻهو اهي آهن جن دنيا ۾ پنهنجي زندگي اهل عيال ۽ مال متاع جي فڪر ۾ گذاري ۽ خدا جي عبادت پنهنجي مقصد ۽ اُجوري خاطر ڪندا هئا. انهيءَ ڪري هاڻي حساب ڪتاب ۾ مبتلا آهن. جڏهن اهو جواب ٻڌندو ته موٽي اچي پنهنجي ٻين ساٿين کي ٻڌائيندو ته روز قيامت برپا ٿي(203) چڪو آهي ۽ خدا تعاليٰ پاڻ قاضي ٿي خلق کان حساب ڪتاب ٿو وٺي. جيئن ئي جماعت وارا اهو ٻڌندا ته پنهنجن گهوڙن کي تيز هڪلي روانا ٿي ويندا ۽ چوندا ته ويران زمين تي ڪهڙي ڍل. اها ڳالهه بيان ڪري حضرت جن فرمايو ته اها جماعت انهن ماڻهن جي هئي جيڪي خدا تعاليٰ کي سندس راضپي خاطر ياد ڪندا هئا ۽ نه ڪنهن شفقت ڪرامت واسطي!

شعلو: هڪ ڏينهن حضرت جبرئيل عليہ السلام جي نظر حور جي ڏند تي پئجي وئي. ان جي چمڪ ڏسي ڀانيائين ته خدا جي نور جو تجلو آهي. انهيءَ بيهوشيءَ جي حالت ۾ ان کي سجدو ڪرڻ لڳو ته ايتري ۾ اها حور اٿي اچي مٿان بيٺس ۽ چوڻ لڳي ته اهو سڀ ڪجهه انهن لاءِ آهي جيڪي ڪفر جي حالت تي قائم آهن. اهو ٻڌڻ کان پوءِ وڃي جبرئيل پنهنجي پوري هوش حواس ۾ آيو.اها ڳالهه ڪري حضرت جن چوڻ لڳا ته طالب کي ڪڏهن به ڪنهن شيءِ تي فريفته ٿيڻ نه کپي. مبادا اهو مڪر خدا جي طرفان هجي. ڇو ته قرآن ۾ والله خيرالماکرين (الله بهترين تدبير ڪندڙ آهي) وارد ٿيو آهي.

 شعلو:جڏهن بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ دوزخ وارا دوزخ ۾ ته خدا تعاليٰ ملائڪن کان پڇندو ته توهين ڇا ٿا ڏسو. هو چوندا ته بهشت وارن کي بهشت ۾ ۽ دوزخ وارن کي دوزخ ۾ ٿا ڏسون. ڪجهه مدت کان پوءِ وري ساڳيو خطاب ايندو ته هاڻي ڇا ٿا ڏسو؟ ملائڪ عرض ڪندا ته هينئر نه بهشت نظر اچي ٿو ۽ نه بهشت وارا. اهڙيءَ طرح نه دوزخ ۽ نه دوزخ وارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تڏهن آواز (204) ايندو ”الانسان سري وانا سره“ يعني ”انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ مان ان جو ڳجهه آهيان.“ اڳ ۾ خيال هيم ته انهن کي ظاهر ڪريان پر هينئر اهو خيال آهي ته ان کي لڪايان.

شعلو: جڏهن اهل بهشت، بهشت ۾ هوندا ته کين سير لاءِ نڪرڻ جو حڪم ٿيندو، سڀ کان اڳتي انبيائن جا خيما هوندا، ان کان پوءِ اوليائن جا شاميانا ۽ پوءِ ٻين سڀني جا هوندا. اهو سير جو سلسلو جو شروع ٿيندو ته ڪڏهن ختم نه ٿيندو. هر گهڙيءَ کان پوءِ هو ڪٿان نه ڪٿان پيا گذرندا ۽ اهڙيءَ طرح سير تفريح ۾ وقت ڪٽيندا. ائين گويا هو هميشہ هميشہ لاءِ ذات خداونديءَ جي سير ۾ مصروف گذاريندا.

شعلو: قيامت جي ڏينهن جڏهن ڪيترن شخصن کي حساب ڪتاب لاءِ خدا جي حضور ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ملائڪ انهن جي گناهن جي باري ۾ شاهدي ڏيڻ لڳندا ته هو عرض ڪندا ته اي مالڪ، تو پاڻ فرمايو هو ته ملائڪ انسان جا حاسد آهن، ۽ تنهنجي ۽ تنهنجي حبيب جي شريعت ۾ دشمن جي گواهي روا ناهي. ان کان پوءِ جڏهن انهن انسانن جا عضوا هٿ پير شاهدي ڏيڻ لڳندا تڏهن وري هو عرض ڪندا ته اهي عضوا اسان سان شريڪ ڪار هيا ۽ شريڪ ڪار جي گواهي به شريعت محمدي موجب جائز ناهي. تڏهن وري خدا تعاليٰ چوندو ته مان پاڻ شاهد آهيان. انهيءَ تي اهي ٻانها عرض ڪندا ته بيشڪ اي اسان جا مالڪ، پر پاڻ جهڙو ٻيو شاهد آڻ ڇو ته هڪ شاهد جي گواهي به شرع محمدي ۾ قابل قبول ڪونهي!(205)

فصل ٻيو

اڳين بزرگن ۽ ولين جون حڪايتون

شعلو: واقف اسرار الاهي ۾ مقبول ابرار فريدالدين عطار رحمت الله عليہ پنهنجي هڪ مناجات ۾ چيو آهي: اي خداوندا،ديندارن کي دين بخش ۽ ڪافرن کي ڪفر، پر مون کي درد دل جي ذرڙو عطار ڪر!

شعلو:هڪ ڏينهن مريدن مان ٻن ڄڻن پنهنجي پير کان پڇيو ته خدا جو وصال ڪيئن حاصل ٿي سگهي ٿو؟ چيائون مرڻ کان پوءَ. اهو ٻڌي انهن مان هڪ ڄڻي اٿي بيابان جي واٽ ورتي ۽ پاڻ سان اهڙي کڻي حالت ڪيائين جو جڏهن به سندس نفس ڪجهه کائڻ جي خواهش ٿي ڪئي ته جواب ۾ ٿي چيائين ته ڇا مردو به ڪڏهن کائيندو آهي. مطلب ته جڏهن به هن جي نفس اهڙي قسم جي خواهش ٿي ڪئي ته هن جو اهو ساڳيو جواب هو. اهڙيءَ طرح جڏهن چڱو خاصو وقت گذريو ته ان شخص تي حقيقت حال جو اهو انڪشاف ٿيو. ۽ کيس خدا جو وصال نصيب ٿيو. ان کان پوءِ هو موٽي پنهنجي پير جي مجلس ۾ آيو. اتفاق سان سندس ٻيو دوست انهيءَ ڏينهن به پير کان اهو ساڳيو سوال ڪرڻ لڳو. ان تي پير وراڻيس ته تون اڃا پيو سوال ڪرين. هوڏانهن جنهن منهنجي چوڻ تي عمل ڪيو، اهو واصل بالله ٿي ويو.

شعلو:هڪ ڏينهن سلطان العارفين بايزيد بسطامي سلطان التارڪين شيخ ابراهيم ادهم کي چيو ته اڄ شام اسان وٽ روزو افطار ڪجو. هن اها دعوت قبول ڪئي ۽ افطار جي وقت اچي حاضر ٿيو. شيخ بايزيد انهيءَ وقت ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ هٿ کڻي طعام جي طلب ڪئي ته فوراً طعام جا طبق اچي ويا، جيڪو ٻنهي ڄڻن ويهي کاڌو. موڪلائڻ وقت (206)ابراهيم ادهم وري بايزيد بسطامي کي عرض ڪيو ته سڀاڻي اسان وٽ روزو ڇوڙجو. بايزيد قبول ڪيو ۽ مقرر وقت اچي حاضر ٿيو. ابراهيم ادهم پڻ خدا جي درگاهه ۾ هٿ کڻي طعام لاءِ دعا گهري. بس پوءِ ته دير ئي ڪو نه ٿي ۽ ٿوري ويرم اندر طنبو طولان، شاميانا ۽ قناتون لڳي ويون ۽ زمين تي ڪيترن قسمن جا فرش وڇائجي ويا. ساڳئي وقت انهن شاميانن اندر سون ۽ چانديءَ جا برتن پڻ رکجي ويا ۽ قسمن قسمن جا طعام پڻ اچي رکيائون. ان کان پوءِ ٻنهي ڄڻن اٿي اهو طعام کاڌو. جڏهن کاڌو کائي بس ڪيائون ته بايزيد مٿي منهن ڪري عرض ڪرڻ لڳو ته خداوندا، جڏهن مون طعام جي درخواست ڪئي ته فقط ٻنهي ڄڻن لاءِ مس پورو کاڌو عنايت ڪيئي. ليڪن ابراهيم ادهم کي ايتريون نعمتون ! هاتفي آواز آيو ته اي بايزيد، تون اسان جي راهه ۾ جيڪي ڇڏي آئين، ان مناسبت سان توکي ڏنوسون، پر ابراهيم اسان جي واسطي بادشاهي ڇڏي آيو، ته هن کي انهيءَ اندازي سان عطا ڪيوسون.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو بادشاهه شڪار خاطر هڪ طرف روانو ٿيو. حڪم ڪيائين ته جنهن جي آڏو جيڪو شڪار نظر اچي ته فقط ان جو شڪار ڪري ۽ ٻي جي ڪڍ نه لڳي. اوچتو هڪ هرڻ سندس اڳيان اچي گذريو. بادشاهه پنهنجو گهوڙو سندس پويان کڻي ڇڏيو. پر هرڻ اڳتي نڪري ويو ۽ بادشاهه سندس پويان گهڻو پري جهنگ ۾ هليو ويو ۽ پنهنجي ساٿين کان جدا ٿي ويو. ائين هلندي هلندي ساڻو ٿي پيو. اتي اڃ به اچي کيس گهڻو ستايو ۽ پاڻي جي پڇا پئي ڪيائين. پر کيس پاڻي ڪٿان به نٿي مليو. بلڪ انهن ماڻهن سمجهيو ته هي به ٻين وانگر هڪ معمولي سپاهي آهي، تان جو سندس لشڪر وارن ڳولهي لڌس. بس ان کان پوءِ اهي ساڳيا ماڻهو ڦري آيس ۽ سندس وڏي تعظيم(207) ڪرڻ لڳا، جو محسوس ڪيائيون ته واقعي بادشاهه آهي. فوري طور صاف ۽ ٿڌو پاڻي کڻي آڻي حاضر ڪيائون. اها حڪايت بيان ڪري حضرت جن فرمايو ته ذڪر فڪر کان سواءِ ائين آهي جيئن بادشاهه لشڪر کان سواءِ !

شعلو:هڪ ڏينهن صاحب عزت و فضيلت، دين نبوي جي رونق، ذات صمد جو پسنديده، خدا جو برگذيده، مسلمانن جو امام يعني امام اعظم نعمان رضي الله عنہ ڪنهن ڳالهه تان پنهنجي گهر واريءَ سان ڪاوڙجي مسجد ۾ اچي ويهي رهيو. اها خبر وڃي وقت جي حاڪم وٽ پهتي، جيڪو وري في الفور امام صاحب جي گهر پهچي ويو. چورائي موڪليائين ته پردو ڪريو، ڇو ته ڪجهه چوڻو اٿم. آخر ائين ڪيائون ۽ پردي جي پٺيان ويهي امام صاحب جي گهر واريءَ سان مخاطب ٿيو ۽ چيائين ته امام صاحب کي ڇو ڪاوڙايو اٿوَ؟ هو ته انتهائي بزرگ قسم جي شخصيت آهي ۽ پنهنجي وقت جو ڏاهو انسان آهي. امام صاحب جي گهر واريءَ عرض ڪيو ته اي وقت جا حاڪم، امام صاحب شريعت مطابق هلت نٿو ڪري؟ اهو ٻڌي حاڪم چيو ته اهو وري ڪيئن؟  عورت چيو ته خدا تعاليٰ جو فرمان آهي ته مون عورتن کي کٻي پاسيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پر امام سمجهي ٿو ته آءٌ سڄي طرف جي آهيان ۽ انهيءَ مطابق هلان. اهو ٻڌي حاڪم سخت حيران ٿيو ۽ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ عورت کان پڇڻ لڳو ته اهو علم به ته امام صاحب کان پرايو اٿئي يا پنهنجي پيءُ جي گهران سکي آئي آهين؟ اهي جملا عورت تي ڏاڍو اثر انداز ٿيا ۽ پنهنجي پشيمانيءَ جو اظهار ڪيائين ۽ چوڻ لڳي ته مون واقعي غلطي ڪئي ۽ توبہ ٿي ڪريان. توهان هاڻي ڪيئن به ڪري امام صاحب کي مڃائي واپس گهر وٺي اچو. آخر اهو حاڪم پاڻ وڃي امام صاحب کي وٺي آيو.(208)

شعلو:چون ٿا ته هڪ بزرگ وڏو عارف وقت هو ۽ جڏهن هو وعظ ڪندو هو ته وقت جو بادشاهه ۽ ٻيا عالم ۽ معزز اچي مڙندا هئا. مطلب ته سڀ ماڻهو ننڍا توڙي وڏا کانئس ڏاڍو متاثر هئا ۽ ساڻس ڏاڍي عقيدت رکندا هئا. ڪو به سندس ڳالهه کي ٽاري نه سگهندو هو. آخر انهيءَ بزرگ جي نفس ۾ وسوسو اچي ويٺو ته آءٌ واقعي پهتل ٻانهو آهيان ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ ڪري منهنجي عزت ڪن ٿا. هڪ ڏينهن بزرگ پنهنجي نفس جي انهيءَ چال کي سمجهي ويو ۽ نفس کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته تو مون کي تو انهيءَ ڄار ۾ ڦاسايو آهي، هاڻي ڏس ته آءٌ توسان ڇا ٿو ڪريان. هڪ ڏينهن جڏهن وعظ جي مجلس ختم ٿي ته رات جو سڌو شهر جي مشهور رنڊيءَ وٽ اچي نڪتو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته هڪڙي رات جو توکي ڪيترو اجورو ملي ٿو. ان عورت جيڪي پئسا ٻڌايا، ان جيترا بزرگ کيس ڏنا ۽ پنهنجو مصلو به سندس حوالي ڪيائين. وڌيڪ چيائينس ته سڀاڻي جڏهن ڏينهن ٿئي ۽ آءٌ وعظ جي مجلس ۾ مشغول هجان ۽ گهڻا ماڻهو به ويٺل هجن ته تون اتي اچي نڪرجانءِ ۽ اهو مصلو اڇلائي منهنجي منهن ۾ هڻجانءِ ۽ چئجانءِ ته وٺ پنهنجو مصلو، جيڪو گذريل رات تو مون وٽ گروي رکيو هو. هاڻي مون کي پنهنجو معاوضو ڏي. سڀاڻي تي ان عورت ائين ڪيو ۽ جڏهن اهو بزرگ وعظ ۾ مشغول هو ۽ وقت جو بادشاهه ۽ ٻي خلق وٽس ويٺل هئي ته مصلو اڇلائي سندس منهن ۾ هنيائين ۽ پنهنجو معاوضو گهرڻ لڳي. اهو ڏسي بادشاهه ۽ ٻيا سڀ ماڻهو ڏاڍو بدظن ٿيا ۽ ان بزرگ کي جيڪو مٿي ٿلهي تي چڙهي وعظ ڪري رهيو هو لاهي، چڱي جٺ ڪيائونس ۽ جيڪا بيعزتي(209) ڪرڻي هين سان ڪيائونس. بلڪ سندس ڳچيءَ ۾ رسو وجهي سڄي شهر ۾ گهمايائونس ۽ آخر ۾ ملڪ نيڪالي به ڏنائونس. تڏهن ان بزرگ پنهنجي نفس کي مخاطب ٿي چيو ته تو مون کي گمراهه ٿي ڪيو، سو ان جي سيکت توکي ملڻ گهربي هئي.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪي عالم سڳورا وقت جي عارفه بيبي رابعه بصريءَ وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا ته جيڪڏهن ڪو رڳو لاالہٰ الا الله ٿو چئي ۽ محمد رسول الله نٿو چوي ته اهو ڪافر آهي. پر جيڪڏهن لالہٰ الا الله محمد رسول الله صَلي الله عليہ وسلّم گڏ ٿا چئون ته جهڙوڪ شرڪ ٿا ڪيون. ان سلسلي ۾ توهان جي ڇا راءِ آهي. بيبي وراڻيو ته منهنجي خيال موجب محمد رسول الله پڻ لاالہٰ الاالله ۾ سمايل آهي، ڇو ته اهو غير ناهي. انهن عالمن کي اهو قول پسند آيو.

شعلو: هڪ درويش پنهنجي ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ٿي ڏني ته خدا جي طرفان آواز آيس اي درويش پنهنجي ڏاڙهيءَ جي سينگار ۾ رڌل آهين، منهنجي يادگيري ڪهڙي وقت ڪندين !

درويش اهو ڏوراپو ٻڌي ڦڻي کي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ پنهنجي ڏاڙهي کي هٿن سان پٽڻ شروع ڪيائين ته انهيءَ جي ڪري مون کي اهو ڏرواپو مليو آهي. اتي وري هاتفي آواز آيس ته اي درويش، يا ته ڏاڙهيءَ کي ويٺو سينگارين يا وري ويٺو ان کي پٽين. اسان جي يادگيريءَ جو وقت توکي ڪڏهن ملندو؟

شعلو:هڪ ڏينهن سلطان التارڪين، عارف رباني، عاشق صادق، محبت خداونديءَ ۾ درهم برهم شخص ابراهيم ادهم رحمة الله عليہ واٽ وٺي پئي ويو. اها (210) سياري جي سخت رات هئي. آخر سرديءَ کان لاچار ٿي هارون رشيد جي سراءِ ۾ گهڙي آيو ۽ اچي حمام جو پاسو ورتائين ته جيئن سرديءَ کان ڪجهه بچاءُ ڪري سگهي. اتفاقاً انهيءَ وقت خليفو پاڻ به ويس مٽائڻ خاطر اتي اچي نڪتو. جيئن شاهي لباس لاٿائين ته هيٺان پهريل زرهه وارو پوش ظاهر ٿيو، جنهن جي سخت نوڪن جا نشان سندس بت تي واضح هئا. خليفو اها زرهه ابراهيم ادهم کي ڏيکاريندي چوڻ لڳو ته هي لباس بهتر آهي يا جيڪو لباس تو پهريو آهي، اهو بهتر آهي. ابراهيم ادهم پنهنجي دل ۾ ڏاڍو پشيمان ٿيڻ لڳو ته اوچتو خدائي آواز آيو ته اي هارون، تنهنجي ۽ ابراهيم جي وچ ۾ تمام وڏو فرق آهي. تون بادشاهي ٿو ڪرين. جيتوڻيڪ منهنجي يادگيريءَ خاطر وڏا مجاهدا ٿو ڪرين، پر ٻيءَ گهڙي تون پنهنجي لشڪر جي سنڀال تي به ڌيان ٿو ڪرين ۽ ان وقت تنهنجو سمورو خيال ان طرف هوندو آهي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته تنهنجي ۽ ابراهيم جي وچ ۾ فرق ڪيئن نه هوندو! مطلب ته ابراهيم هڪدم ٿي منهنجي يادگيريءَ ۾ مشغول آهي، جڏهن ته تون ٻه دلون ٿي هر ڪم پيو ڪرين.

شعلو:روايت آهي ته عارف رباني، ازل ۽ ابد جي صاحب جو پسنديده، پنهنجي وقت جو بزرگ احمد خضروي بلخي رحمة الله عليہ سخت مجاهدا ڪندو هو ۽ هميشہ پنهنجي نفس سان جنگ ۾ رڌل رهندو هو. هڪ ڏينهن ڪا جماعت وٽائنس اچي گذري جيڪي ڪنهن جهاد تي وڃي رهيا هئا. سندس نفس غازين ۽ غزوات جي شان ۾ جيڪي حديثون آهن، ياد ڏيارڻ شروع ڪيون ته جيئن هو به انهن سان شامل ٿئي. اتي احمد خضروي پنهنجي نفس کي چوڻ لڳو ته اهو سڀ تنهنجو مڪر آهي ڇو ته توکان ڪو به اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ وارو ڪم ته ٿيڻو ڪونهي. ٺيڪ آهي آءٌ جنگ تي روانو ٿيان ٿو پر توکي ڏينهن جو نه ته ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيندس ۽ نه ڪو پاڻيءَ جو ڍڪ ئي ملندءِ، بلڪ ساري رات پڻ بيداريءَ ۾ گذاريندس. نفس جواب ڏنو ته اهو سڀ(211) قبول آهي. اهو ٻڌي بزرگ حيران ٿيڻ لڳو ته پوءِ آخر جنگ منجهان نفس جي ڇا مراد آهي. آسمان ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته خداوندا مون کي هن بدنيت نفس جي مڪر کان واقف ڪر ته آخر اهو مون کي ڪهڙي مقصد خاطر جنگ تي اڀاري ٿو. آواز آيو ته وري به پنهنجي نفس کان پڇ ته اهو ئي توکي جواب ڏيندو. ان تي بزرگ پنهنجي نفس کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو سچ پچ ٻڌاءِ ته ڪافرن سان جنگ ڪرڻ مان توکي ڪهڙو مقصد حاصل ٿيندو. چوڻ لڳو ته منهنجو مقصد هو ته تون جڏهن اتي وڃين ۽ هڪ دفعو جنگ ڪرين ته مان هڪ ڀيري ڪسجي ختم ٿي وڃان ۽ هي بار بار ڪسڻ ۽ مرڻ کان ڇٽي پوان، جيڪا تون هر وقت منهنجي مخالفت ڪري رهيو آهين ۽ منهنجو ڪو مطلب پورو ٿيڻ نٿو ڏين. ٻيو منهنجو مقصد اهو آهي ته تون جڏهن شهيد ٿي ويندين ته شهادت کان پوءِ ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا ته ڪهڙو نه بزرگ هو جو سڄي عمر مجاهدن ۾ گذاري آخر ۾ شهادت جو پيالو پيتائين. ان ريت جڏهن ٻيا ماڻهو تنهنجي ساراهه ڪن ها ته اهو ڪارنامو به تو سر انجام ڏنو ته بحيثيت نفس مان ڏاڍو خوش ٿيان ها. انهيءَ بزرگ جڏهن نفس جو اهو جواب ٻڌو ته ويهي رهيو ۽ جهاد لاءِ روانو نه ٿيو، بلڪ پنهنجي مجاهدي ۾ مشغول ٿي ويو.

عبادت ۾ اها حڪايت بيان ڪري حضرت جن چوڻ لڳا ته اي طالب خدا جا، نفس جي مڪر جو خاص خيال ڪريو ڇو ته اهو مرڻ کان پوءِ به غرور ۽ وڏائي جي تدبير ڪرڻ گهري ٿو.

شعلو:روايت آهي ته جڏهن حقيقت ۾ ڪامل، شريعت تي عامل، ۽ عارف رباني شيخ محي الدين ابن عربي رحمةِ الله عليہ کي مرڻ کان پوءِ قبر ۾ پوري هليا ته سوال و جواب ڪرڻ وارا ملائڪ منڪر ۽ نڪير حاضر ٿيا. سندن هٿن ۾ گرز هئا ۽ شيخ ابن عربيءَ کان پڇڻ لڳا ته من ربک يعني تنهنجو رب ڪير آهي؟ ته شيخ (212) جواب ڏنو؛ ”الحقيقت ساري في الا کوان“ يعني ”حقيقت پوري جهان ۾ جاري ۽ ساري آهي“. ملائڪ حيران ٿيا ۽ رب العزت جي درگاهه ۾ سوال ڪرڻ لڳا ته خداوندا اسين شيخ جي انهيءَ جواب جو مطلب نٿا سمجهون. آواز آيو ته توهان ان ڳالهه کي ڇڏي ڏيو ۽ واپس هليا وڃو، ڇو ته ان جو مطلب هڪ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ ٻيو هو پاڻ ڄاڻي ٿو.

شعلو:ڪنهن درويش کي الله تعاليٰ جو قرب حاصل ٿيو ته آواز ٻڌائين ته اسان جي موڪليل پيغمبر رسالت مآب جي خدمت ۾ وڃ ۽ ان جي تابعداري اختيار ڪر. ڇو ته هاڻي اڪيلي اچڻ جو حڪم ناهي. عرض ڪرڻ لڳو ته خداوند، ان جي تابعداري اختيار ڪرڻ سان جيڪو مرتبو حاصل ٿيندو، اهو اڳيئي تو مون کي عنايت ڪيو آهي، پوءِ ان جي تابعداري ۾ اچڻ جو ڪهڙو فائدو. ليڪن فرمان ٿيو ته نه وڃ ۽ اسان جي رسول جي طفيلي ۾ اچ. درويش وري ساڳيو جواب ڏنو. پاڻ سڳورن کي ان ڳالهه جو جڏهن علم ٿيو ته کين ڏک پهتو ۽ انهيءَ سبب ڪري اهو درويش خدا جي درگاه مان تڙجي ويو. چون ٿا ته ان کان پوءِ اهو درويش برابر تنزل يعني ڏينهون ڏينهن هيٺ وڃي رهيو آهي ۽ ڪٿي به بيهڻ جي جڳهه نٿي مليس.

شعلو:چون ٿا ته هڪ ڏينهن خداوند تعاليٰ پنهنجي مقبول بندي عارف رباني بايزيد بسطاميءَ کي خطاب فرمايو ته اي بايزيد، جيڪڏهن تون بسطام جي شهر ۾ نه هجين ها، ته ٻين عابدن ۽ زاهدن بلڪ سموري خلق کي هلاڪ ڪري ڇڏيان ها. ڇو ته اهي پاڻ سان گڏ مون کي ياد ڪن ٿا ۽ تون پاڻ کي وساري يعني بيخود ٿي مون کي ياد ڪرين ٿو.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن درويش خدا تعاليٰ کان ٽي شيون گهريون. (213) پهريون مون کي اهڙو پير يا مرشد ملاءِ، جنهن جي مون کي گهرج هجي ۽ هن کي مون ۾ ڪا حاجت نه هجي. ٻيو حلال رزق ڏي ۽ ٽيون اهڙو رفيق ساٿي عنايت ڪر، جيڪو تنهنجي راه ڏانهن رهنمائي ڪري. آواز آيو ته اي درويش اسان توکي ٽيئي شيون ڏئي ڇڏيون. ليڪن تون انهن کان بي خبر آهين. درويش عرض ڪيو ته اهو ڪيئن؟ جواب آيو ته تنهنجو اهڙو پير مرشد مان آهيان. مون ۾ تنهنجي حاجت آهي پر تو ۾ منهنجي ڪا حاجت ڪونهي. حلال طعام اهو آهي ته تون هر وقت جڏهن پنهنجي ڪاوڙ کي کائي وڃين ٿو ته اهو حلال طعام آهي. ٽيون تنهنجو رفيق قرآن پاڪ آهي، ڇو ته اهو تنهنجي اسان ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو.

شعلو:هڪ ڏينهن اهل ملت جو پيشوا، قيامت جي مجمعي جي شمع، فقر وارن جي حجت، وقت جي قطب، شيخ ذوالنون مصري پنهنجي پٽ کي وعظ ۽ نصيحت طور پڇي رهيو هو ته هن شهر ۾ داناءُ ڪير آهي. جواب ڏنائين ته آءٌ وري پڇيائين ته نادان ڪير؟ جواب ڏنائين آءٌ؟ شيخ کي اها ڳالهه وڻي ۽ کيس چوڻ لڳو ته ڀلا مون کي نصيحت ڪر! هو کيس چوڻ لڳو ته پهرين ڪوڙ هرگز نه ڳالهايو. ٻيو ته سچائي تي هميشہ راضي رهو. ٽيون حرام نه کائو، باقي حلال کائڻ کان منع ڪونهي. ٻيا ماڻهو رڳو فرض ادا ڪن ٿا پر توهان انهن جي ادائگيءَ ۾ استقامت اختيار ڪريو. اهڙيءَ طرح عام ماڻهو وقتي ورد ۾ مشغول ٿيندا، پر توهان پنهنجي ورد وظيفن ۾ هميشگي اختيار ڪريو. ٻيا ماڻهو رڳو رمضان جا روزا رکندا، پر توهان هميشہ روزا رکو. شخص جڏهن اهي نصيحتون ٻڌيون ته پٽ کي چوڻ لڳو ته خدا جو قسم جيڪي ڪجهه چيو اٿئي، ان ۾ بيشڪ علم خداوندي شامل آهي.(214)

شعلو:هڪ شخص ٻڌو ته فلاڻي هنڌ هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جو ميوو نه ڪنهن ڏٺو آهي ۽ نه ڪنهن چکيو آهي، بس پوءِ ته انهيءَ شوق ۾ هر وسيءَ ۽ واهڻ لتاڙيندو ڪيئي شهر گهمندو آخر هڪ ڏينهن انهيءَ وڻ کي ڳولي لڌائين ۽ ڏٺائين ته واقعي ۾ ان ۾ ڦل لڳو پيو آهي. جيئن هٿ مٿي ڪري ميوو پٽڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ميوا مٿي هليا ويا. آخر وڻ تي چڙهي ويو ته جيئن ميوا پٽي سگهي. جئين ئي مٿي چڙهي ويو ته ميوا وري هيٺ لٽڪڻ لڳا. پاڻ وري ٿورو هيٺ لهي آيو ته ميوا وري مٿي چڙهي ويا. مطلب ته جيڪڏهن هو مٿي ٿي چڙهيو ته ميوا هيٺ لهي ٿي آيا ۽ جيڪڏهن هو پاڻ هيٺ لهي ٿي آيو ته ميوا مٿي چڙهي ٿي ويا. اهو لقاءُ ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ آخر عاجز ٿي چپ ڪري ويهي رهيو. ايتري ۾ هڪ شخص اچي اتان لنگهيو جنهن اهو سڀ ڪجهه ويٺي ڏٺو، تنهن چيس ته اهي ميوا توکي هرگز هٿ نه ايندا جيستائين تون پنهنجو سر ڪاٽي هيٺ زمين تي نٿو رکين. آخر ان شخص ائين ڪيو تڏهن وڃي پنهنجي مقصد مراد کي رسيو.

حضرت جن اها حڪايت بيان ڪري چوڻ لڳا ته هيءَ خدا جي طالبن واسطي هڪ قسم جي تمثيل هئي.

شعلو:روايت آهي ته دين و دنيا جو سلطان، يقين جي پهاڙ جو پکي، مجاهدي ڪندڙن جو بادشاهه، مريدن جو رهنما، ملڪ تفريد جو صاحب شيخ فريد شڪر گنج رحمة الله عليہ جوانيءَ جي شروع وارن ڏهاڙن ۾ ئي پير مرشد جي خدمت ۾ گهڻو مشغول رهندو هو. هو هرروز صبح جو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري کڻي ايندو هو ۽ شام جو ستر مٽ پاڻيءَ جا ڀري رکندو هو ۽ رات جو انهن سڀني مٽن جي هيٺان باه ٻاري رکندو هو ته سندس مرشد انهن ستر مٽن جي پاڻيءَ سان غسل ڪندو هو(215)

چون ٿا ته شيخ فريد حُسن ۽ جمال ۾ يوسف ثاني هو ۽ جيئن نبين ۾ حضرت يوسف مشهور آهي، تيئن اوليائن ۾ وري شخص فريد هو.

هڪ رات اوچتو شيخ فريد ڏٺو ته سڀني مٽن جي باه وسامي پئي آهي. ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ انهيءَ پريشانيءَ جي عالم ۾ گهر جي ڇت تي چڙهي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ته من ڪٿي باهه جي روشنائي نظر اچي. آخر هيٺ لهي ان طرف ڏانهن روانو ٿيو، جتي کيس روشني نظر آئي هئي. اتي جڏهن پهتو ته ڏٺائين ته اهو بادشاهه جو محل آهي ۽ سندس ڌيءَ ڏياٽي روشن ڪيو ويٺي آهي. شيخ فريد به اتي اچي پنهنجو عرض پيش ڪيو ته باهه جي ڳولا ۾ آيو آهيان. هوڏانهن بادشاهه جي ڌيءَ جي نظر جڏهن شيخ فريد جي حسن و جمال چهري تي پئي ته هوءَ مٿس موهت ٿي پئي ۽ چيائين ته جيڪڏهن تون اسان وٽ اچي رهندين ته تنهنجي باهه جي فرمائش پوري ڪئي ويندي. شيخ فريد وراڻيو ته ائين هرگز نه ٿيندو. ان تي بادشاهه جي ڌيءَ چيس ته پوءِ پنهنجي هڪ اک ڪڍي ڏي ته توکي باهه کڻڻ ڏيان. شيخ فريد فوراً پنهنجي آڱرين سان اکي ڪڍي سندس آڏو رکي ۽ باهه کڻي آڻي مٽ گرم ڪيائين ۽ پنهنجي اک تي پٽي ٻڌي ڇڏيائين. صبح جو پير غسل ڪري جڏهن ٻاهر آيو ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ سندس نظر وڃي شيخ فريد جي اک تي ٻڌل پٽيءَ تي پئي. پير پڇيس ته اک ۾ سور اٿئي ته اچ توکي مرهم رکون. پير جيئن سندس اک تان پٽي مٿي ڪئي ته اصل ماجرا معلوم ٿيس. فوراً هڪ ڀتر کڻي سندس اک تي گهمايائين ته اک اکين جهڙي ٿي وئي. چون ٿا ته ان کان پوءِ شخص فريد کي جلدي اهو مقصد حاصل ٿيو جنهن لاءِ ايڏي خدمت ٿي ڪيائين.

شعلو:هڪ بزرگ ٻڌو ته درياءَ جي ٻي ڪناري تي هڪ درويش اچي منزل ڪئي آهي، سو واهڙ تري پرينءَ ڀر اچي درويش سان ملاقي ٿيو. گهر موٽي اچي طعام تيار ڪرايائين ۽ گهر واريءَ کي چيائين ته تون کڻي وڃي درويش کي پڄائي اچ. زال (216) چيس ته وچ تي درياءَ آهي، ڪيئن وينديس؟ بزرگ چيس ته جڏهن درياءَ تي پهچين ته هن ريت چئج. اي خداوندا، منهنجي مڙس جي صدقي جيڪو ڪڏهن به منهنجي ويجهو نه آيو آهي، مون کي درياءَ منجهان رستو ڏي. ان عورت درياءَ تي اچي ائين چيو ته واقعي دريا خشڪ ٿي ويو ۽ ٻيءَ ڀر اچي اهو طعام درويش آڏو رکيائين. درويش طعام کائي خوش ٿيو ۽ ان عورت کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏنائين. ان تي عورت چوڻ لڳي ته پرين ڀر آءٌ درياءَ کي ڪيئن پار ڪنديس. چيائنس ته جڏهن ڪناري تي پهچين ته چئج. يا الاهي، انهيءَ سچ جي صدقي تي هن درويش ڪڏهن به طعام نه کاڌو آهي، مون کي درياءَ پار ڪراءِ. اهڙيءَ طرح واقعي ٻيهر خشڪ ٿي ويو ۽ اها عورت موٽي پنهنجي گهر آئي ۽ مڙس کي چوڻ لڳي ته بيشڪ توهان ٻئي خدا جا نيڪ ۽ صالح بندا آهيو، پر ڪوڙ ڇا جي لاءِ ڳالهايو ٿا؟ ڇو ته اهڙي رات مشڪل سان ٿي گذري جو تون منهنجي ويجهو نه ايندو هجين. اهڙيءَ طرح هن درويش لاءِ جيڪو کاڌو آءٌ کڻي ويس، اهو هن منهنجي آڏو ويهي کاڌو!

بزرگ جواب ڏنو ته اسان ٻنهي صحيح چيو آهي. مون کي سائين جو سوڳنڌ آهي ته آءٌ ڪڏهن به نفساني خواهش سبب تنهنجي ويجهو نه آيو آهيان، البت حق جي رضا ۽ تنهنجي حق ادا ڪرڻ خاطر ائين ڪيو اٿم. اهڙيءَ طرح هن درويش ڪڏهن به پنهنجي نفساني خواهش سبب کاڌو نه طلبيو آهي، مگر حق جي خاطر!

شعلو:ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن عاشق، صادق، صاحب يقين، خلوت نشين، عارف خدا ۽ مجذوب وقت بهلول رحمة الله عليہ درياءَ  جي ڪناري تي ويٺو هو ۽ مٽيءَ منجهان قلعو ٿي(217) ٺاهيائين. اوچتو وقت جو بادشاهه اچي اتان گذريو. بهلول بکايل هو سو ڪنڌ مٿي کڻي بادشاهه کي چوڻ لڳو ته هي محل جيڪو مون ٺاهيو آهي، سو تون هڪ درهم ۾ وٺندين ! بادشاهه چيو ته جيڪڏهن تون ڏيندين ڇو نه قبول ڪندس. ائين بهلول کان هڪ درهم عيوض وٺي روانو ٿيو. بادشاهه گهر اچي جڏهن آرامي ٿيو ته ننڊ ۾ پاڻ کي بهشت ۾ سير ڪندي ڏٺائين جيڪو موتين سان سينگاريل هو. پڇا ڪيائين ته اهو محل ڪنهن جو آهي ۽ منجهس ڪير رهندو. جواب آيس ته اهو محل خدا جو آهي ۽ بهلول درويش لاءِ تيار ڪيو ويو هو، پر ڪالهه هن اهو هڪ درهم ۾ توکي وڪڻي ڏنو آهي. تنهن ڪري هينئر اهو تنهنجي واسطي آهي. بادشاهه اڃان ڪجهه اڳتي وڌيو ته وڌيڪ عاليشان محلات ڏٺائين جنهن ۾ لعل، فيروزه ۽ ياقوت لڳل هئا. وري پڇا ڪيائين ته اهو محل ڪنهن جو آهي. جواب مليس ته اهو پڻ بهلول جي ملڪيت آهي پر اڃان تائين وڪيو نه اٿائين.

بادشاهه جيئن سجاڳ ٿيو ته سڌو بهلول وٽ آيو، جيڪو پنهنجي ساڳي ڪار ۾ مشغول هو ۽ پنهنجي سموري آرزو بيان ڪيائين ۽ کيس چوڻ لڳو ته بهلول اها شيءِ به وڪڻندين؟ چائين هائو بادشاهه پڇيس ته ڪيتري ۾؟ جواب ڏنائين ته ٻه لک. بادشاهه چيس ڪالهه هڪ درهم ۾ وڪي اٿئي ۽ اڄ ٻه لک ! وري چيائين پر اهي قبول ناهن، ڇو ته اڳ ۾ تو اها شيءِ نه ڏٺئي هئي.

شعلو:هڪڙي بادشاهه پنهنجي نينگر کي پڙهائڻ لاءِ هڪ استاد کي مقرر ڪيو. هڪ ڏينهن ان ڇوڪر پنهنجي استاد کي چيو ته مون کي اهڙو سبق سيکار جيڪو واقعي منهنجي لاءِ نفعي وارو ثابت ٿئي (218) ۽ آخر ۾ ڇوٽڪارو نصيب ٿئي. استاد چيس ته اها خاموشي آهي. انهيءَ ڳالهه ان نينگر تي ايترو اثر ڪيو جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏيائين جهڙو گونگو هجي ۽ ڪنهن به موقعي مهل تي ڪجهه نه ٿي ڪڇيائين. سندس پيءُ پريشان ٿيو ته ڪڏهن ته پٽس ڳالهائي. آخر پنهنجي امير امرائن سان صلاح ڪيائين جن چيس ته نينگر کي شڪار تي موڪلڻ گهرجي ته من اتي ڪجهه ڳالهائي. ائين ڪجهه ماڻهن سان هن کي شڪار تي موڪليائون. سڄو ڏينهن جهنگل ۾ رلندا رهيا پر کين ڪو شڪار هٿ نه آيو. لاچار نا اميد ٿي واپس موٽڻ جي ڪيائون. نينگر انهيءَ سموري عرصي ۾ هڪ حرف به نه ڪڇيو ۽ ساڳي ماٺ جي مهر چپن تي رکيو آيو. اوچتو انهيءَ وقت هڪ طرف کان تتر جي ٻولڻ جو آواز آيو. بس پوءِ ته شڪاري ان جي ڪڍ پئجي ويا ۽ آخر کڻي ان کي ڦاسايائون ۽ شهزادي جي آڏو جهلي آيا ۽ کانئس پڇڻ لڳا ته ان کي ڪُهي حلال ڪريون يا نه! شهزادي جواب ڏنو ته جيڪڏهن اڄ اهو تتر آواز نه ڪري ها، ته جيڪر ڪسجڻ کان بچي وڃي ها. شهزادي جو اهو ڳالهائڻ ٻڌي بادشاهه جا جاسوس ڏاڍو خوش ٿيا ته چڱو ٿيو جو ڪيئن به ڪري شهزادي ڳالهايو ته سهي ۽ ان ڪري اڳتي به ڳالهائيندو. ماڳ پهچڻ کان پوءِ اها ماجرا وڃي بادشاهه کي ٻڌايائون ته هو پڻ ڏاڍو خوش ٿيو. ليڪن وري جڏهن شهزادي سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائون ته هو ڪي ڪين ڪڇيو، بلڪ جهڙي ڀت ! چون ٿا ته شهزادي مرڻ گهڙيءَ تائين وري ڪجهه نه ڳالهايو !

شعلو:سلطان التارڪين، شيخ العارفين، ولايت جو بادشاهه ابراهيم ادهم هڪ دفعي پنهنجي ساٿين سان ڪبعِة الله جي طواف خاطر ٿي ويو. سندن پويان قافلي ۾ هڪ خوبصورت نينگر به ٿي آيو. اوچتو سندن نظر وڃي هن تي پئي ۽ ان کان پوءِ ٻيهر به ڪنڌ ورائي هن کي ڏٺائون.(219) ساٿي مريدن عرض ڪيو ته شريعت ۾ اهڙيءَ طرح ڇوڪرن کي ڏسڻ منع آهي ۽ توهان شريعت جي تابعداري ڇو نه ٿا ڪريو. جواب ڏنائون ته اهو ڇوڪرو منهنجو پٽ آهي جيڪو منهنجي بادشاهي ڇڏڻ وقت ماءُ جي پيٽ ۾ هو.

شعلو:هڪڙو پير پنهنجن مريدن سان گڏ خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ ٿي ويو. ليڪن سندن مريد کانئس ڪجهه فاصلي تي هئا. واٽ تي ڏٺائون ته هڪ مئل اٺ پيو آهي، جنهن کي ايترو وقت گذري ويو آهي جو سندس هر عضوي منجهان اوڀڙ اڀري آيو آهي. اهو پير ڪجهه دير ان اٺ مٿان بيهي رهيو ۽ خدا عزوجل جي وڏائي بيان ڪري وري اڳتي پنڌ پيو. ليڪن سندس پويان ايندڙ مريد ان اٺ جي مٿان بيهي رهيو ۽ مٿي منهن ڪري چوڻ لڳو ته اي خدا وندا، جيڪڏهن اڄ هيءُ اٺ زنده هجي ها ته هن ساوڪ ۾ چري ها ۽ مست ٿيو پيو گهمي ها. قدرت خدا جي سندس ان اشاري سان اٺ جيئرو ٿي پيو. ليڪن پاڻ وري پنهنجي پير پٺيان روانو ٿيو. خانه ڪعبي جي زيارت کان واندا ٿي جڏهن واپس ساڳي جڳهه تي پهتا ته اٺ کي نه ڏٺائون. اهو مريد گهڙي کن لاءِ سوچ ۾ گم ٿي ويو. ليڪن ايتري ۾ اٺ پري کان نظر آيو، جيڪو هينئر هر قسم جو گاهه کائي ٿلهو متارو ٿي پيو هو. پير جو اٺ کي ڏٺو ته مريدن کان پڇڻ لڳو ته توهان مان ڪنهن اها حرڪت ڪئي آهي؟ پهرين ته ڪنهن ڪين ڪڇيو پر پوءِ خبر پيس ته اها حرڪت سندس هڪ مريد جي هئي. پير هڪدم ان ڏانهن ڪرڙيون اکيون ڪري ڏسڻ لڳو ۽ چيائينس ته مان ۽ مون سان گڏ ٻيا جيڪي هئا، اهي به اهو ڪم ڪري ٿي سگهيا، ليڪن اسان رب جي رضا ۾ دخل اندازي نٿي ڪرڻ گهري، تون شايد هن سڀني کي پاڻ کان گهٽ ڄاڻي اهو ڪم سر انجام ڏنو ۽ حڪم الاهي جيڪو اٺ جي مرڻ(220) بابت صادر ٿيل هو، بي پرواهي کان ڪم ورتو. اهڙيءَ طرح تو سخت بي ادبي ڪئي جو اهو اٺ جيئرو ٿي پيو. هاڻي تنهنجي اها سزا آهي ته هن کان پوءِ ٻيهر ڪڏهن به اسان جي مجلس ۾ نه اچجان!

شعلو:غوث اعظم، عارف رباني، پيران پير ميران محي الدين شيخ عبدالقادر جيلاني قدس الله سره جي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ شهر ۾ ٿي ويا جو هڪ هنڌ ٻارن کي راند ڪندي ڏٺائون ته انهن مان هڪ نينگر زمين تي دائرو ٺاهي ٻين کي چوڻ لڳو ته جيڪو هن دائري ۾ داخل ٿيندو، اهو حضرت شيخ جيلانيءَ جو مريد ٿيندو. ايتري ۾ هڪ ڇوڪر کي الاهي توفيق نصيب ٿي ۽ ان دائري ۾ گهڙي پيو. گهڻي وقت کان پوءِ جڏهن هو وڏي عمر جو ٿيو ته هڪ ڏينهن ٻئي مريد سان گڏجي پيران پير جي خدمت ۾ آيو. پيران پير کيس سڃاڻي ورتو ۽ پنهنجي ٻئي مريد کي چوڻ لڳو ته ننڍڙيءَ ڄمار کان وٺي جڏهن مريدي جو ارادو ڪيو اٿائين ته اسان کيس قبول ڪيو آهي، ۽ کيس پنهنجن مريدن ۾ شامل سمجهون ٿا. ان کان پوءِ اهو شخص فوري طور ٻنهي هٿن سان دست بيعت مريد ٿيو.

شعلو: چون ٿا ته هڪڙي پير جا ڪيترائي مريد هئا.سو هڪ ڏينهن ڇا ڪيائين جو پنهنجي حجري جي آڏو هڪ ليڪو ڪڍي هڪ خادم کي اتي ويهاري ڇڏيائين. پاڻ حجري ۾ وڃي عبادت ڪرڻ لڳو. خادم کي چيائين ته جڏهن ڪو مريد اچي ته ان کي ٻڌائي ته جيڪو مريد اهو ليڪو ٽپي منهنجي حجري ۾ گهڙڻ جي (221) ڪوشش ڪندو، اهو بي ايمان آهي. گهڻا مريد آيا جيڪي اهو سخن ٻڌي ماٺ ڪري اتي ويهي ٿي رهيا، ليڪن آخر ۾ هڪ اهڙو مريد به آيو جيڪو اهو ليڪو ٽپي اندر حجري ۾ گهڙي ويو. پير مخاطب ٿي کيس چوڻ لڳو ته هتي ڇو آيو آهين؟ ڇا تو هن خادم جي ڳالهه نه ٻڌي؟ جواب ڏنائين ته ٻڌم. پر منهنجو پير تون آهين توکي ڇڏي ڪيڏانهن ويندس پير اهو جواب ٻڌي قبول ڪيو.

شعلو:هڪ ڏينهن حسن بصري، حبيب عجمي ۽ مالڪ بن دينار ٽيئي گڏجي مخدومه بيبي رابعه بصريءَ وٽ آيا. رابعه بصري ان وقت سخت بيمار هئي. اهو ڏسي سوال ڪيائون ته جڏهن خدا تعاليٰ پنهنجي ڪنهن دوست کي مشڪل سان دوچار ڪري ته اهو دوست ڇا ڪري؟ هڪڙي پاڻ ئي جواب ڏنو ته صبر ڪري. ان تي رابعه بصريءَ چيو ته ان کان وڌيڪ بهتر ڪهڙي ڳالهه آهي. ٻئي چيو ته شڪر ڪري چيائين ته ان کان وڌيڪ! ٽئين چيو ته انهيءَ مشڪل کي تحفو ڪري ڄاڻي. رابعه بصري چيو ته ٽيئي جواب مناسب آهن. ان تي هن ٽنهي ڄڻن کيس چيو ته تون ٻڌاءِ رابعه وراڻيو ته اهڙي وقت ۾ ان مشڪل منجهان ان دوست کي اهڙي لذت حاصل ٿيڻ گهرجي جو جيئن اهي ٽئي ڳالهيون وساري ويهي!

شعلو:هڪ بادشاهه کي نهايت سهڻي ڌيءَ هئي. هڪ ڏينهن هوءَ محل ۾ ويٺي هئي جو اوچتو سندس نظر دريءَ کان ٻاهر بيٺل هڪ بزرگ شخص تي وڃي پئي.(222) بادشاهه جي ڌيءَ ان بزرگ کي ڏسڻ سان مٿس مفتون ٿي پئي ۽ عشق جي چڻنگ سندس دل ۾ هر وقت دکڻ لڳي. آخر دل جهلي پيءُ کي چيائين ته منهنجي دل ۾ خداتعاليٰ جي يادگيريءَ جو ذوق شوق جاڳيو آهي ۽ دل ٿي چوي ته هي بادشاهي محل ڇڏي، ڪنهن اهڙي شخص جي وڃي خدمت ڪريان جيڪو خدا جي واٽ ڏيکاري. بادشاهه ڳالهه سمجهي ويو ۽ ان شخص کي گهرائي پنهنجي ڌيءَ جي نيڪ خواهش کان واقف ڪيائين ۽ چيائين ته مون کي تو جهڙو ٻيو نيڪ بزرگ نظر نٿو اچي، تنهن ڪري آءٌ کيس تنهنجي حوالي ڪريان ٿو. بزرگ گهڻي غور کان پوءِ اها آڇ قبول ڪئي.

بادشاهه ان شخص جي خانقاهه ڀرسان پنهنجي ڌيءَ لاءِ هڪ الڳ حجرو ٺهرائي ڏنو ته جيئن هوءَ وڃي اتي رهي سگهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ رات جو بادشاهه جي ڌيءَ تي شهوت اچي غلبو ڪيو ۽ اڌ رات جو پنهنجي حجري مان اٿي اچي شيخ جو دروازو کڙڪايائين ۽ چوڻ لڳي خدا جي واسطي دروازو کول. شخص اندران آواز ڏنو ته نه کوليندس. آخر جڏهن بلڪل نا اميد ٿي ته چوڻ لڳي ته اي شيخ، ياد رکجانءِ مون کي تو گهڻو ئي نراس ڪيو آهي ۽ منهنجي مراد پوري نٿو ڪرين، پر آءٌ به اهڙو حيلو هلائينديس جو تون ڦاسي کائيندين ۽ اها تنهنجي شيخي ۽ بزرگي مٽيءَ ۾ ملي ويندي. شيخ جواب ڏنو ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه سولي آهي، پر اهو ڪم مشڪل آهي. اهو جواب ٻڌي هوءَ بلڪل نا اميد ٿي موٽڻ لڳي ته سندس نظر وڃي هڪ پنهوار تي پئي ۽ دل جي خواهش ۽ حسد وچان پاڻ کڻي ان جي حوالي ڪيائين. شهزادي ان پنهوار مان اميد سان ٿي پئي سو ڇا ڪيائين جو پيءَ کي نياپو ڏياري موڪليائين ته تو جنهن بزرگ جي حوالي ڪيو هو، انهيءَ جا اجهو ٻين زماني وارن ماڻهن جهڙا ڪم آهن. هوڏانهن هن شيخ ڇا ڪيو هو جو شهزاديءَ کي قبوليت ۾ وٺڻ وقت پنهنجي(223) آلت وڍي صندوق ۾ وجهي وقت جي قاضيءَ وٽ امانت طور رکرائي ڇڏيائين. بادشاهه کي جڏهن ڌيءَ جو نياپو پهتو ته شخص کي گهرائي قاضيءَ جي حوالي ڪيائين. قاضيءَ شيخ کان پڇيو ته توکان اها تقصير واقعي ٿي آهي يا نه؟ جواب ڏنائين هائو. قاضيءَ حڪم ڪيو ته ان پاداش ۾ شيخ کي سوريءَ تي چاڙهيو. جڏهن شخص کي سوريءَ ڏانهن وٺي ٿي ويا ته سندس مريد جيڪي ان وقت اچي گڏ ٿيا هئا. عرض ڪرڻ لڳا ته اسان کي پڪ آهي ته اها تقصير تو ڪا نه ڪئي آهي ۽ اجايو پاڻ کي سوريءَ جي حوالي نه ڪر ۽ نه وري اسان فقيرن کي قيامت ڏينهن شرمندو ڪر. شيخ کي پنهنجي مريدن جي اها ڳالهه آئڙي ۽ شاهي ملازم کي چيائين ته مون کي بادشاهه وٽ وٺي هل جو مون کي هڪ عرض ڪرڻو آهي. آخر شخص کي بادشاهه جي آڏو آندو ويو جتي هن چيو ته قاضيءَ کي به گهرايو وڃي. اتي شخص قاضيءَ کان پنهنجي امانت رکيل صندوق گهرائڻ جي فرمائش ڪئي. جڏهن صندوق کي کوليائين ته سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ کين شخص  جي سچائيءَ تي ڀروسو آيو ۽ پنهنجي ڪئي تي شرمندگي ٿي. بس پوءِ ته بادشاهه پنهنجي ڌيءَ کي گنهگار ٺهرائي شهر نيڪالي ڏني. جڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي چڪو ته قاضيءَ شيخ کان پڇيو ته تو اها ڳالهه اڳ ۾ ظاهر ڇو نه ڪئي؟ جواب ڏنائين ته ان وقت جڏهن شهزاديءَ رات جي وقت مون کي دروازو کولڻ لاءِ چيو ۽ مون انڪار ڪيو، اهو منهنجو گناهه هو.

شعلو:چون ٿا ته هڪڙي طالب خدا جي طلب ۾ ٽيهن سالن(224) جو روزو رکيو ۽ انهيءَ دوران هن هر هنڌ بزرگ جي وڃي وڏي خدمت ڪئي، پر آخر تائين کيس پنهنجو مقصد حاصل نٿي ٿيو. ڪن بزرگن کيس اشارو ڏنو ته وقت جي شيخ ۽ قطب ۽ زماني جي مرشد شيخ ذوالنون مصري جي خدمت ۾ وڃ جو اتي توکي گوهر مقصود حاصل ٿيندو. آخر هو اچي ذوالنون مصريءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جنهن کيس پاڻ وٽ ويهاريو ۽ طعام کڻي اچي کيس کائڻ لاءِ ڏنائون. پهريائين ته اهو طالب خدا جو ڏاڍو دلگير ۽ نا اميد ٿيو، پر بک به کيس سالن جي هئي سو کائڻ کي لڳي ويو. ايترو عرصو جو طعام نه کاڌو هئائين، سو کائڻ سان ننڊ اچي مٿس غلبو ڪيو، ۽ سمهڻيءَ جي نماز به کانئس ويندي رهي. ننڊ ۾ ڏٺائين ته هو خدا جي درٻار ۾ پهتو آهي ۽ پنهنجو گوهر مقصود حاصل ڪيو اٿائين. هوڏانهن شيخ مصريءَ کي خدا جي طرفان عتاب آيو ته تو اسان جي طالب کي ڇو کاريو جو اسان اهڙن بي مراد وارن يا انهن کي جيڪي اسانجي راه ۾ سخت مجاهدا ۽ تڪليفون ڪڍندا آهن، انهن کي تمام گهڻو گهرندا آهن.

شعلو:چون ٿا ته هڪ ڏينهن سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي رحمة الله عليہ تي الاهي شوق اچي غلبو ڪيو ۽ عرش تي وڃي پهتو ”چوڻ لڳو، اي عرش مون کي خدا تعاليٰ جي خبر ڏي جو پاڻ چيو اٿس:الرحمٰن علي العرش استواه(سورة:20/5) معنيٰ: ”ٻاجهارو رب عرش تي آهي“ عرش جواب ڏنو ته جنهن کي تون هتي ڳولهڻ لاءِ آيو آهين، تنهن کي ڌرتيءَ وارن خاڪين يعني انسانن ۾ ڳول. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي:(225) ِانا عرضنا الاَمانةَ عَليٰ السمواتِ وَلارضِ وَالِجبالِ فَابَينَ ان يجملنها واَشفَقن ِمنهَا وحَملَها الانسَانُ اِنِہُ کانَ  َظلُوماً َجهُولاً:(33/72) معنيٰ: اسان آسمانن، زمين ۽ جبلن کي امانت جي آڇ ڪئي، پر ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ پوئتي هٽيا. پوءِ ان کي انسان پاڻ تي کنيو، بيشڪ هو پاڻ سان زيادتي ڪندڙ آهي ۽ جاهل آهي.“

اي بايزيد، خدا تعاليٰ پنهنجي اشتياق جي اميد خاڪي انسانن ۾ رکي آهي. ان ڪري تون اتي وڃي ڳولينس، هو انسانن ۾ آهي، هتي نه آهي:

[90]

اُنَهِين ۾ آهي، جي تون ڀانئين جُهو پڙا،

تِاڙي جي لاهي، ته اُجارو لوڪُ ٿئي.

]هو انهيءَ هنڌ آهي، جنهن کي تو جهوپڙا ڪري ڀانيو آهي. ماڻهو جيڪڏهن اندر جي تاڙي لاهي ته جيڪر کيس سڀ نيڪ روشن ٿئي.[

[91]

منهن ڪر منجهارا، ٻاهر ڍونڍ ۾ ڍور جيئن،

اُڪري آرا، ڪنڌيءَ پڄڻ ڏاکڙو.

]پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاءِ، ڍور وانگر ٻاهر نه ڳول، تکي وهڪري کي پار ڪري ڪناري تي رسڻ ڏکيو ڪم آهي.[

شعلو:هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته غوث الثقلين عارف رباني، پسنديده درگاهه خداوندي ميران محي الدين شيخ عبدالقادر جيلاني ڪنهن اهڙي جڳهه تي ويٺا هئا، جو سندن سمورو ڌيان ان طرف هيو ته ڪيئن مختلف شيون خدا جي تسبيح ۾ مشغول آهن. في الفور خدا جي درگاهه مان آواز آيو: اي غوث الاعظم، اسان جو ذڪر ڇڏي غير سان مشغول ٿيو آهين ! اهو خطاب ٻڌي پاڻ حيران ٿي ويا ۽ فوري طور زاريءَ ۾ پئجي ويا ۽ دعا گهرڻ لڳا ته اي خداوندا، منهنجي لاءِ اهو دروازو ئي بند ڪر ته جيئن ٻيهر اهي تسبيحون ٻڌي تو کان غافل نه ٿيان.(226)

شعلو:اڳين بزرگن فرمايو آهي ته الاهي سخن جيڪي اسين چئون ٿا سي ٻين کي به ٻڌائڻ کپن ته جيئن اهي ٻڌي جيڪڏهن ڪنڌ ڌوڻيندا تڏهن به هنن لاءِ اها غنيمت آهي.

شعلو:هڪ دفعي ڪجهه مهمان زماني جي يڪتا عورت بيبي رابعه بصريءَ وٽ اچي ترسيا. گهر ۾ ٻن مانين جو اٽو مس هو. اهي به جڏهن پچايائين ته در تي اچي فقير خدا واسطي سين هنئي. ٻئي مانيون کڻي ان جي حوالي ڪيائين. مهمان تعجب ۾ پئجي ويا ته اهي ٻه مانيون به اسان کي نه ڏنائين بلڪ فقير کي ڏئي ڇڏيائين. بيبي رابعه مهمانن جي پريشاني سمجهي وئي ۽ کين چيائين ته مون اهي مانيون خدا واسطي ان ڪري ڏنيو آهن ته جيئن هو زياده ڪري ڏئي. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ٻانهي ظاهر ٿي جيڪا شهزاديءَ طرفان موڪليل مانيون کڻي حاضر ٿي ۽ چوڻ لڳي ته هي اڻويهه مانيون سائڻ توهان لاءِ موڪليون آهن. بيبيءَ جڏهن مانيون ڳڻيون ته اڻويهه نڪتيون. بيبي اهي قبول نه ڪيون ۽ ٻانهيءَ کي چوڻ لڳي ته سائڻ کي چئجانءِ ته مون خدا واسطي اڪي انگ ۾ مانيون نه ڏنيون هيون  جو مون کي اڪي انگ ۾ ملن.

حضرت جن جڏهن پهتا ته چوڻ لڳا ته اسان کي اهو گمان هو ته ڪو بيبي رابعه ان ٻانهيءَ جو راز فاش ڪندي. ڇاڪاڻ ته اصل ۾ مانيون ويهه ئي هيون پر هڪڙي ماني ٻانهيءَ چورائي هئي.

شعلو:ڪنهن شخص وٽ هڪ گڏهه هو جيڪو سندس روزگار جو واحد وسيلو هو. اتفاقاً سندس گڏهه گم ٿي ويو. ڏاڍي ڳولا ڪيائين پر نه لڌو. آخر جڏهن تمام لاچار ٿيو ته  شهر جي شيخ ۽ پير مرشد وٽ عرض کڻي آيو ته منهنجو گڏهه گم ٿي ويو آهي، يا ته اهو ڳولهي ڏيو يا خدا واسطي مون کي ايترا پئسا ڏيو جو ٻيو گڏهه وٺان. ان مرشد ڀلاري پڇيس ته تنهنجو گڏهه ڪيترو لهندو هو. وراڻيائين پنجاهه درهم. ان پير جا ڪيترائي مريد هئا. پنجاهه ڄڻا ته ان وقت به وٽس ويٺا هئا. سو انهن کي چيائين ته هن شخص کي هڪ هڪ درهم ڏيو. سڀ (227) مريد پير جي حڪم جي بجاآواريءَ ۾ لڳي ويا، ۽ ڪٿان به هٿ ڪري هڪ هڪ درهم ان شخص کي ڏنائون. اهڙيءَ طرح اڻونجاهه مريدن هڪ هڪ درهم ڪري ان شخص کي ڏنو. هڪڙو مريد تمام غريب مسڪين هو، کيس هڪ درهم جي به وسعت ڪو نه هئي ۽ نه وري ڪنهن کان اڌارو وٺي سگهيو. آخر لاچار ٿي ان شخص کي چيائين ته اهي پئسا جيڪي توکي مليا آهن، اهي خرچ راهه سمجهه، باقي تنهنجو گڏهه فلاڻي چراگاهه ۾ جيڪو ڪافي پري آهي، اتي وڃ ته توکي ملي ويندو. ان شخص ائين ڪيو ۽ هن کي واقعي پنهنجو گڏهه مليو ويو.

هوڏانهن غريب مسڪين مريد جڏهن پير جي خدمت ۾ آيو ته پير پڇيس ته تو هن گڏهه واري شخص کي درهم ڏنو يا نه؟ مريد ويچارو ڏاڍو ڦڪو ٿيو ۽ ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو. ان تي پير چيس ته هي اڻونجاهه مريد به صاحب ڪرامت هئا پر هنن پنهنجي ڪرامت ظاهر نه ڪئي. تو هنن وانگر عقيدو نه رکيو، ۽ پنهنجي ڪرامت ظاهر ڪيئي. هاڻي تنهنجي اها سزا آهي ته هن کان پوءِ اسان جي مجلس ۾ ڪڏهن به نه اچج. پنهنجي مريدن کي به جهليائين ته هن کي پنهنجي مجلس ۾ ڪڏهن اچڻ نه ڏين.

شعلو:هڪ دفعي شيخ بايزيد بسطامي ڪنهن ويراني مان گذري رهيو هو ته پٽ تي ڪنهن جي کوپڙي پيل ڏٺائين، جنهن جي پيشانيءَ تي هي لفظ لکيل هئا. خسرالدنيا ولاخره يعني ”دنيا ۽ آخرت ٻئي چٽ ڪيائين.“ بايزيد اهي لفظ پڙهي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو.

چون ٿا ته انهيءَ ڳالهه ڪرڻ وقت حضرت جي پيشانيءَ تي به رونق اچي وئي ۽ پاڻ چوڻ لڳا ته واقعي جيڪو شخص دنيا ۽ آخرت ٻنهي طرف ڪو(228) التفات نٿو ڪري ۽ ڄاڻي واڻي انهن کان لاتعلق رهي ٿو ته اهو ضرور واصل بالله ٿئي ٿو.

شعلو:هڪڙي مريد پنهنجي پير کي نهايت نماڻائيءَ سان عرض ڪيو ته مون کي خدا تعاليٰ جي حوالي ڪريو. پير وراڻيو ته توکي خدا جي حوالي نٿا ڪريون، بلڪ خدا کي تنهنجي حوالي ٿا ڪريون.

شعلو:هڪ دفعي عارف ۽ قطب رباني شيخ شبلي رحمةِ الله عليہ جو مريد سندن اجازت سان ڪعبِة الله جي زيارت جي ارادي سان روانو ٿيو. هر منزل تي ڍاٻي ڪرڻ وقت مراقبو ٿي ڪيائين ۽ جيستائين مراقبي ۾ پنهنجي مرشد جو ديدار نٿي ڪيائين، ايستائين اڳتي نٿي وڌيو. هڪ ڏينهن مراقبي ۾ پنهنجي مرشد کي بادشاهه جي قيد ۾ ڏٺائين. ان وقت سندن سامهون وضوءَ وارو ڪؤنرو رکيل هو. جلال ۾ اچي ان ڪؤنري طرف جو نظر ڪيائين ته اهو ڪؤنرو وٺي اڏاڻو ۽ ان بادشاهه جي شهر مٿان اچي ڪڙڪيو. ڪؤنري جي ڪرڻ سان ڪيترا ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترو سارو نقصان ٿيو. بادشاهه کي جڏهن اها خبر پئي ته هن عالمن کي گهرائي پڇيو ته اها قيامت جي نشاني ته ڪونهي ته هڪ ڪؤنري سان هي شهر تباهه ٿئي. جواب ڏنائون ته نه. اڃان اهو ذڪر هليو پئي ته بادشاهه کي خبر ته انهيءَ ڪؤنري سندس شاهي طنبيلي ۾ ڪيترن گهوڙن کي زخمي ۽ مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ آخر ۾ اهو ڪؤنرو انهيءَ قيدخانه وٽ وڃي پهتو آهي جتي شيخ شبلي نظر بند آهي.

بادشاهه اهو ٻڌي پنهنجا امير امرا ۽ مشير ساڻ ڪري، شيخ شبليءَ جي خدمت ۾ آيو ۽ وڏي عاجزيءَ سان(229) اچي عرض ڪيائين ته ڪهڙو سبب آهي جو هڪ ڪؤنرو اسان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بنيو آهي؟ شيخ شبليءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته سندس هڪ مريد آهي جو ڪعبِة الله جي زيارت لاءِ ويل آهي، تنهن خواب ۾ مون کي قيد ۾ ڏٺو آهي جنهن ڪري هن پنهنجي ڪونري کي حڪم ڪيو آهي ته اهو اچي توهان کي خبردار ڪري. اهو ٻڌي هڪدم شيخ کي وڏي عزت ۽ مان شان سان قيد مان ٻاهر وٺي آيا ۽ شيخ جي حڪم کان پوءِ اهو ڪونرو واپس اڏامي ويو. ان مريد جڏهن اهو ڪونرو ڏٺو تنهن کان پوءِ ڪعبي طرف اڳئين منزل ڏانهن روانو ٿيو.

شعلو:هڪ درويش تي خدا تعاليٰ ايڏو مهربان هو جو هڪ ڪڪر سندس حڪم مطابق هلندو هو جتي به هو ويندو هو يا ڪٿي ويهندو هو ته اهو ڪڪر مٿس ڇانو ڪندو هو.هڪ ڏينهن اهو ڪڪر غائب ٿي ويو ۽ هاڻي مٿس ڪو ڇانو ڪرڻ وارو نه هو. درويش ڏاڍو پريشان ٿيو. گهڻيئي حيلا هلايائين ۽ ڪيترن بزرگن درويش وٽ ويو، پر ڪامياب نه ٿيو. آخر هڪ بزرگ ڏس ڏنس ته فلاڻي بادشاهه جي خدمت ۾ وڃ ۽ ان کي پنهنجي مقصد لاءِ عرض ڪر. هي شخص جڏهن ان بادشاهه وٽ پهتو ته بادشاهه ان وقت جهنگ ۾ شڪار ڪري رهيو هو. بادشاهه پاڻ عارف ڪامل هو سو سمجهي ويو ته هي شخص ڪهڙي مقصد لاءِ آيو آهي. پنهنجي خدمتگار کي چيائين ته هن جو خاص خيال رک. بادشاهه جڏهن پنهنجي ماڳ تي موٽي آيو ته پهريائين ان کي هڪ محل ڏيکاريائين جيڪو نهايت عاليشان طرز تي ٺهيل هو. سڄو محل عجيب نقش و نگار ۽ هيرن جواهرن سان سينگاريل هو. محل اندر ڪيئي حسين و جميل نازڪ بدن ڪنيزون ريشم ۽ ڪيمخواب پهري ويٺل هيون. سندن لباس تي نهايت قيمتي هيرا موتي(230) جڙيل هئا ۽ سندن سمورو بدن سون ۽ چانديءَ سان ڍڪيل هو. هن آيل درويش کي پهريائين انهيءَ محل جو سير ڪرايو. ليڪن آخر  ۾ کيس هڪ اهڙي جهوپڙيءَ ۾ پڻ وٺي آيا جتي هڪ عورت ويٺي هئي ۽ چرخي تي سٽ ڪَتي رهي هئي. اهو سٽ وڪڻي جيڪي مليس ٿي ان مان ٻن مانين جو اٽو مس ٿي مليو، جنهن مان هڪ ماني پاڻ ٿي کاڌائين ته ٻي ان بادشاهه کي ٿي ڏنائين. اتي بادشاهه پنهنجو شاهي چرغو هٽائي هيٺان چتين لڳل پهراڻ جنهن ۾ لوه جون ميخون لڳل هيون. ان درويش کي ڏيکاريو. اهو به چيائينس ته اها عورت منهنجي زال آهي ۽ لباس منهنجو اهو آهي.

هوڏانهن بادشاهه جي زال جو اڳ ۾ ٻڌو هو ته اڄ سندن گهر تي هڪ مهمان اچي رهيو آهي ته هن ٽي مانيون تيار ڪيون هيون. هوءَ دل ۾ ڏاڍو خوش هئي ته ڪو طالب خدا سندن مهمان بنجي رهيو آهي. ليڪن جڏهن بادشاهه ٻڌايس ته هي درويش ڪڪر جو طالب آهي ۽ ان نيت سان هتي آيو آهي ته ان عورت ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چوڻ لڳي ته مون سمجهيو هو ته هي درويش طالب خدا هوندا.

آخرڪار هن درويش کي پنهنجو مقصد حاصل ٿيو تڏهن کيس رخصت ڪيائون.

شعلو:هڪ دفعي ڪي بزرگ عارفه يگانه بيبي رابعه بصريءَ(231) ڏانهن سيڙجي ملاقات لاءِ آيا. رابعه بصري کين مخاطب ٿي چوڻ لڳي ته ڇا توهان کي خداوندا تعاليٰ جي رضامندي ۽ ڪاوڙ جي خبر پوندي آهي؟ هنن جواب ڏنو ته اسان کان وڌيڪ توکي خبر آهي. ان تي بيبي رابعه چوڻ لڳي ته جڏهن خدا جا فقير صرف سلام ڏياري موڪليندا آهن پر پاڻ نه ايندا آهن، سمجهندي آهيان ته خدا تعاليٰ ناراض آهي. ليڪن جڏهن هو پاڻ هلي ايندا آهن ته سمجهندي آهيان ته خداوندا تعاليٰ راضي آهي. اهو سخن انهن بزرگ کي ڏاڍو پسند آيو.

شعلو:هڪ دفعي ڪي ٻه درويش سفر ڪندي ڪنهن مسجد ۾ اچي مقيم ٿيا. سمهڻي نماز کان پوءِ جڏهن سڀ نمازي هليا ويا ته هنن گوشائتو ويهي وحدت جا سخت ورجايا. ان کان پوءِ رمز طور ويهي هڪ ٻئي کي پنهنجون ٽوپيون اڇلائي هنيائون. اوچتو کين محسوس ٿيو ته ڪو ٽيون شخص به مسجد ۾ ڪنهن ڪنڊ ۾ موجود آهي. فوراً ماٺ ٿي ويا ۽ ظاهري دنيا جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته جيئن ٻي ڪنهن کي خبر نه پوي.

شعلو:هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته وقت جو عارف ۽ خدا جو برگزيده ميران محمد جنهن کي مهدي جو لقب هو، ٺٽي ۾ تشريف فرما هو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي مريدن کان پڇيو ته فلاڻي مريد کي پورو هفتو ٿيو آهي جو اسان وٽ نه آيو آهي، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ جواب ڏنائون ته هو بيمار آهي. اهو ٻڌي(232) ميران محمد پنهنجي مريدن کي چيو ته اٿو ته هلي هن جي عيادت ڪريون. جڏهن هن مريد جي گهر پهتا ته پڇيائونس ته ڪهڙي بيماري آهي. هن جواب ڏنو ته ڪا بيماري ڪونهي البت هڪ هفتو ٿيو آهي، جو خدا تعاليٰ مون کي قطب جي درجي تي پهچايو آهي، ليڪن آءٌ اهو درجو قبول نه ڪري رهيو آهيان. هينئر به آءٌ پريشان آهيان ته اهو درجو قبول ڪريان يا نه ! پاڻ چيائونس ته اها چڱ مڙسي هرگز قبول نه ڪجانءَ. مرد اهو آهي جيڪو غلامن وانگر پنهنجي ڪم ڪار ۾ هميشہ مشغول رهي ۽ ڪڏهن به مرتبو قبول نه ڪري.

 اها ڳالهه ڪري حضرت جن فرمايو ته ميران محمد جونپري رحمة الله عليہ وڏو بزرگ هو، ايتري قدر جو پنج سئو بادشاهن جا پٽ دنيا کي ترڪ ڪري هن جا مريد ٿيا هئا.

شعلو:ڪنهن بادشاهه کي هڪ خوبصورت ڌيءَ هئي جنهن کي هن شاهي محل ۾ وڏي ناز نعم سان پاليو هو. اوچتو هڪ ڏينهن الاهي شوق ۽ محبت اچي ان شهزاديءَ تي غلبو ڪيو ۽ شاهي ويس وڳا لاهي پنهنجي اگهاڙي تن بدن کي خدا جي حوالي ڪيائين. اهڙي حال سان هوءَ بازارين ۽ گهٽين ۾ گهمندي رهي. جيڪڏهن کيس ڪو پنهنجي گهر ۾ وٺي ٿي ويو ته ڪجهه نٿي ڳالهايائين ۽ جواب ۾ ڪي نٿي ڪڇيائين. آخر هڪ ڏينهن واپاريءَ جي دڪان تي بيهي ان کي چوڻ لڳي مون کي ڪٿي لڪاءِ جو اهڙو مرد اچي رهيو آهي جيڪو مون کي اگهاڙو ڏسي وٺندو. هن واپاريءَ جواب ڏنو عجيب ڳالهه  آهي هي ماڻهو جيڪي بيٺا آهن انهن ۾ ڪو مرد ڪونهي جنهن توکي انهيءَ حالت ۾ ڏٺو هجي؟ شهزادي کيس چوڻ لڳي تون انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي ڏي ۽ خدا واسطي مون کي ڪٿي لڪاءِ !

واپاريءَ سوچيو ته هن چري عورت کي ڪنهن اهڙي جڳهه تي لڪائجي ته جئين مري کپي وڃي ۽ ٻين جي جان به ڇٽي پوي. اهو سوچي هن کي وٺي آڻي گهر جي تنور ۾ بند ڪيانءِ ۽ ان جي مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏيائين. اڃان ٿوري دير نه گذري هئي(233) ته هڪ مرد ظاهر ٿيو ۽ تنور جي مٿان بيهي سڏ ڪرڻ لڳو ته ٻاهر نڪري اچ. اندران جواب آيو ته اگهاڙي آهيان. انهيءَ مرد ڇا ڪيو جو پنهنجي چادر لاهي اندر اڇلايائين ته اها عورت چادر ڍڪي ٻاهر نڪري آئي. سندس ڪنهن به عضوي کي باهه نه ساڙيو هو. ان کان پوءِ ڪافي دير تائين ويهي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪيائيون ۽ وحدت واريون رمزون ويهي پاڻ ۾ ونڊيائون.

آخر ۾ واپاريءَ ان شهزاديءَ کان پڇيو ته ان مرد کان سواءِ هتي ڪي به مرد ڪين هئا، جنهن کان تون پنهنجو اگهاڙو بدن ڍڪين ها. جواب ڏنائين ته اهي سڀ نامرد هئا، مرد صرف اهل الله هوندا آهن.

حضرت جن چوندا هئا ته انهيءَ عورت ائين به چيو ته بيبي رابعه بصريءَ ٻيو سڀ ڪجهه خدا جي واسطي قربان ڪيو هو، پر پنهنجو ست سيل قائم رکيو هئائين. ليڪن مون پنهنجو سڀ ڪجهه ست سيل به خدا واسطي قربان ڪري ڇڏيو!

شعلو:هڪ ڏينهن سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي رحمة الله عليہ خرقان شهر جي ڀرسان اچي لنگهيو. اتي پنهنجن ساٿين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته هتي اسان کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي خوشبو اچي رهي آهي. جيڪو اسان کان پوءِ پيدا ٿيندو، پر اسان جو مريد هوندو ۽ سندس نالو ابوالحسن هوندو. اسان خدا جي راهه ۾ جنهن منزل تي ايڏي ذڪر فڪر کان پوءِ پهتا آهيون، هو فوري طور اتي پهچندو.

چون ٿا ته ابوالحسن کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته بايزيد پنهنجي جواب ۾ چيو هو ته هو مسافر آهي ۽ نه مقيم. توهان ان سوال جو ڪهڙو جواب ڏيو ٿا؟ ابوالحسن وراڻيو ته اسين ٻئي يعني مسافر به آهيون ته مقيم به !.

شعلو:هڪ فقير هو جنهن کي اها ڳالهه اچي ذهن ۾ ويٺي ته ڏينهن ۽ رات ۾ هڪ اهڙي گهڙي آهي جيڪا قبوليت(234) واري آهي. انهيءَ خيال سان وڃي هڪ جبل تي ويٺو ۽ مسلسل اها دعا گهرندو رهيو ته خداوندا هن جبل کي سون بناءِ. اوچتو هن جي دعا قبول پئي ۽ سڄو جبل سون جي ٿي پيو. ان کان پوءِ وري ٻي دعا گهرڻ لڳو ته اي مولا، جيڪو تو کان ٿوري يا ننڍي شيءِ جي گهر ڪري، ان جو ڪارو منهن ڪر. هن اڃان اها دعا مس پوري ڪئي ته سندس منهن ڪارو ٿي پيو. وري مٿي منهن ڪري چوڻ لڳو ته خداوندا، مون اهو ڪو نه گهريو هو ته منهن ڪارو ٿئي. هاتفي آواز آيو ته اي درويش تو تمام ننڍي شيءِ جي گهر ڪئي هئي. منهنجي عنايت تمام وڏي آهي، ۽ منهنجو لطف تمام وسيع آهي. اهو ئي سبب آهي جو تنهنجو منهن ڪارو ٿي پيو آهي.

شعلو: هڪ ڏينهن ڪو خدا جو ديوانو دنيا جا سڀ ڪم ڪار ڦٽا ڪري جهنگ منهن ڏيئي هليو. پاڻ سان صرف گدائي واسطي هڪ ڪاسو کنيائين. واٽ تي هڪ بزرگ گڏيس جنهن ڏسي کيس چيو ته هي هٿ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟ جواب ڏنائين ته اهو ٺڪر جو ڪاسو آهي، جيڪو گدائي واسطي کنيو اٿم. بزرگ چيس ته اهو به اجايو کنيو اٿئي، جيڪو رزق ڏيندو اهو ڪاسو به پاڻهي موڪليندو. ان درويش به ان مهل اهو ڪاسو کڻي پٽ تي ٺڪاءُ ڪرايو ۽ پاڻ روانو ٿي ويو.

شعلو: ٻنهي جهانن ۾ خدا جو پسنديده بزرگ سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي رحمة الله عليہ فرمائيندو هو ته جڏهن منهنجي دل ۾ هن دنيا جو خيال ايندو آهي ته آءٌ صرف وضو ڪندو آهيان پر جيڪڏهن آخرت جو خيال يا فڪر لاحق ٿيندو اٿم ته پوءِ غسل ڪندو آهيان. ڇو ته هيءَ دنيا آخرت جي مقابلي ۾ ڪمتر آهي ۽ آخرت جو درجو گهڻو بلند آهي، ان ۾ بهشت ۽ ٻيون گهڻيون شيون آهن. ان ڪري آخرت جو خطرو وڏو ۽ وڌيڪ آهي.(235) انهيءَ ڪري آءٌ غسل ڪندو آهيان.

شعلو:هڪ بزرگ پنهنجي مريدن کي هدايت ڪري رهيو هو ته عورتن جي ويجهو نه وڃو بلڪ ان ڳالهه جو خيال ڪريو ته جيئن توهان جو پاسو به انهن جي چادرن کي نه لڳي. هن سلسلي ۾ خاص خيال ڪريو ۽ ان نصيحت تي سختيءَ سان عمل ڪريو. مريد ايڏي تاڪيد ٻڌي ان نصيحت تي عمل ڪرڻ لڳا. اتفاقاً هڪ ڏينهن اهو بزرگ پنهنجي مريدن سان گڏ بازار مان اچي لنگهيو. سندس مريد پٺيان پٺيان هئا. ڏٺائون ته اهو بزرگ عورتن جي وچ مان ٿي گذريو ۽ ان ڳالهه جو خيال نٿي ڪيائين، ته متان ڪنهن عورت کي پاسو لڳي وڃي يا ان جو ڪپڙو ۽ چادر چنبڙي پوي. مريدن عرض ڪيو ته سائين اسان کي اهڙين ڳالهين کان سختيءَ سان منع ڪندا آهيو، پر پاڻ ان تي عمل ڇو نه ٿا ڪريو؟ جواب ڏنائين ته هي اهي عورتون ناهن جن کان مون توهان کي منع ڪئي آهي. مون توهان کي جن عورتن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهي آهن جيڪي پنهنجي گهر جي چوديواريءَ کان ٻاهر نٿيون نڪرن ۽ پرهيزگار آهن.

شعلو:چون ٿا ته عيد جو ڏهاڙو هو. انهيءَ ڏينهن علم جو بحر ۽ حلم جو پهاڙ، همت جو صاحب، ازلي ۽ ابدي مالڪ جو دوست شيخ سعدي رحمت الله عليہ پنهنجي پٽ سان گڏجي عيدگاه طرف وڃي رهيو هو. اتي ماڻهن جو وڏو انبوه هو سو، پٽ کي چيائين ته منهنجي چادر جي ڪنڊ کي سوگهو ڪري جهلج ته متان ماڻهن جي انبوه ۾ گم نه ٿي وڃين. جيڪڏهن چادر جي اها ڪنڊ توکان ڇڏائجي وئي ته پوءِ مون کي هرگز ڳولي نه سگهندين.

اها ڳالهه ڪري حضرت جن چوڻ لڳا ته طالب کي گهرجي ته ڪڏهن به اسم خدا جو دل تان نه وساري، نه ته اهڙو فراق اچي ويندس جو خدا کان گهڻو پري رهجي ويندو.(236)

شعلو: هڪ ڀيري ڪنهن شهر ۾ اچي قحط پيو. ڪيتري وقت کان برسات جو ڦڙو به نه پيو. بک ۽ بدحالي کان ماڻهو مرڻ ۽ شهر ڇڏڻ لڳا. آخر ۾ وڃي بادشاهه ۽ سندس زال بچيا. ڪجهه وقت کان پوءِ بادشاهه به گذاري ويو. باقي سندس زال وڃي بچي، جيڪا انهيءَ بک ۽ بدحاليءَ جي عالم ۾ مٽيءَ ۾ پوريل رهيل کهيل ان جا داڻا پئي ڳولهيندي هئي. ايتري قدر جو پورا ست ڏينهن گڏ ڪرڻ کان پوءِ هڪ ويلي جو قوت گڏ ٿيندو هو ۽ انهن جي ماني پچائي بک ٽاريندي هئي. هڪ دفعي جڏهن ستن ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ ان جا داڻا ڪٺا ڪري ماني پچائي تيار ڪيائين ته هڪ بکايل ڪانو اچي نڪتو. ڪانو جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي هئي سو بادشاهه جي زال اها هڪڙي ماني به ان ڪانو کي کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ صبر ڪري ويهي رهي. ڪانو جڏهن ماني کائي ڍؤ ڪيو ته منهن مٿي ڪري آسمان ڏي ڏسڻ لڳو. بس پوءِ ته اچي برسات پئي. سڄو ملڪ خوشحال ٿي ويو. مردا جئرا ٿي پيا. سڪر سڻائي ٿي وئي. ان جا انبار لڳي ويا. سڀني ماڻهن ان ڍوئي وڃي پنهنجا گهر ڀريا. مطلب ته ان کان پوءِ ماڻهو خوشحال ٿي ويا ۽ خوش گذارڻ لڳا. ليڪن اهو سڀ انهيءَ هڪڙي مانيءَ جي برڪت سببان ٿيو، جنهن ڪري رحمت الاهي جوش ۾ آئي.

شعلو:چون ٿا ته زماني جي برگزيده هستي بيبي(237) رابعه بصري ڪڏهن به اعوذ بالله من الشيطان الرجيم نه چيو هو. هڪ دفعي پڇيائونس ته اعوذ بالله ڇو نه ٿي چئين؟ جواب ڏنائين ته شيطان سان منهنجي ڪا دشمني ناهي، نڪي ان ڏانهن ڪو انتقام رهيل اٿم.

شعلو:هڪ بزرگ کي رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي صحبت نصيب هئي. سندس هڪ ننڍي ڌيءَ هئي جيڪا سڄو ڏينهن گڏين سان راند ڪندي هئي. هن اڳڙين منجهان ڪيتريون انساني شڪليون ٺاهيون هيون ۽ انهن کي ڪيترا نالا ڏنا هئائين. هڪ وڏي گڏي کي “سيد” ٿي چيائين. اتفاقاً هڪ ڏينهن جڏهن ڇوڪري راند ۾ مشغول هئي ته سندس پيءَ کيس ڏسي ورتو ۽ ان ڳالهه کي سخت ناپسند ڪيائين. هو اهي سڀ رانديڪا کسي انهن کي ساڙڻ لڳو، تنهن تي ڌيءَ چيس ته انهيءَ سيد کي نه ساڙ جو. پڻس انهيءَ ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ سڀئي کڻي باهه ۾ اڇلايائين.

ٻئي دفعي جڏهن اهو درويش رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي صحبت ۾ آيو ته پاڻ سڳورن کڻي منهن ڦيرايو ۽ پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪيائون. اهو بزرگ حيران ٿيو ته ڪهڙي خطا ڪئي اٿم جو هينئن ناراض ٿيا آهن. چيائونس ته تو وڏو ڏوهه ڪيو آهي، جو تنهنجي ڌيءَ توکي ٻڌايو ته هن سيد کي باهه ۾ نه ساڙ جو، تڏهن به ان جو چوڻ نه ڪيو. گويا تو سيدن جي عزت ۽ مرتبي جو ڪو خيال نه ڪيو. اهو عتاب ٻڌي اهو بزرگ توبه تائب ٿيو.

شعلو:زماني جو قطب فاني في الله ۽ بقا الله شخص جنيد بغدادي رحمةِة الله عليہ جو قول آهي ته ٻارنهن سال وحدت جي درياءَ ڪناري قيام ڪيوسون. اتي اسان ڏٺو ته ڪيترن خدا جي طالبن (238) جون ڪشتيون ٻڏي غرق ٿي پئي ويون. البت اهڙيون چند ٻڏڻ کان بچي ٿي ويون، جن وٽ صبر جو سڙهه، يقين جو کوهو ۽ همت جو سکاڻ ساڻ هو، صرف اهي ئي ٻيڙيون سلامتيءَ سان ڪناري تي ٿي پهتيون.

شعلو:هڪڙو درويش اڪيلو ئي اڪيلو جهنگ ۾ وڃي خدا کي ياد ڪرڻ لڳو ۽ دنيا جي سڀني ڌنڌن ۽ لاڳاپن کان پاڻ پلي ويٺو. هڪ ڏينهن مراقبي ۾ دنيا کي ڏٺائين جيڪا کيس چئي رهي هئي ته مون کي قبول ڪر. درويش چوڻ لڳس ته تو ڪنهن سان وفا نه ڪئي آهي ۽ نه ڪنهن وٽ تون هميشہ رهي آهين. بلڪ جڏهن ڇڏي ويندي آهين ته ٻڌائيندي به نه آهين. ان ڪري توکي قبول ڪرڻ هرگز مناسب ڪونهي. دنيا اهو ٻڌي چوڻ لڳس ته مون کي قبول ڪر. توسان آءٌ وعدو ٿي ڪريان ته رواني ٿيڻ وقت آءٌ توکي ٻڌائيندس. آخر درويش اها آڇ قبول ڪئي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وزير جو پٽ سخت بيمار ٿي پيو. ڪنهن جي ڏس ڏيڻ تي هن درويش وٽ وٺي آيس، جيڪو درويش جي دعا سان چڱو ڀلو ٿي پيو. وري بادشاهه جي ڌيءَ بيمار ٿي پئي ۽ ذري گهٽ مرڻ تي هئي بلڪ ٻين طبيبن لاعلاج سمجهي جواب ڏئي ڇڏيو هو، جو ان کي به هن درويش وٽ وٺي آيا. درويش جي دعا سان اها به شفاياب ٿي پئي. بادشاهه اهي ڳالهيون ڏسي درويش جو معتقد ٿي پيو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح ان درويش سان ڪرايائين. هينئر درويش بادشاهه جو نياڻو ۽ خاص مقرب ٿي پيو، تنهن ڪري وٽس دولت به ان انداز سان اچڻ لڳي. هر وقت طرحين جا طعام واپرائڻ ۽ مختلف قسمن جون پوشاڪون اوڍڻ لڳو. مطلب ته هر ڪنهن سندن عزت ٿي ڪئي.(239) ڪيترائي سال زندگي ان نموني ۾ گذاريائين. ليڪن دل ۾ اهو خيال رهندو آيس ته دنيا ڪڏهن نه ڪڏهن کيس ڇڏي ويندي. ان ڪري پنهنجو درويشي لباس هڪ صندوق ۾ سانڍي رکي ڇڏيائين. ۽ ان وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو.

هڪ ڏينهن محل ۾ صرف بادشاهه ۽ درويش موجود هئا. اتفاقاً بادشاهه کي ننڊ اچي غلبو ڪيو سو هن درويش جي گوڏي تي مٿو رکي ليٽي پيو ۽ کيس ننڊ کڻي وئي. ٺيڪ انهيءَ مهل دنيا اچي درويش جي آڏو حاضر ٿي ۽ کيس چوڻ لڳي ته آءٌ توکي خبردار ڪرڻ آئي آهيان ته آءٌ توکان موڪلائڻ واري آهيان. درويش اهو ٻڌي سخت ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو ۽ بادشاهه جي منهن ۾ گهوري نهارڻ لڳو. هوڏانهن انهيءَ وقت بادشاهه خواب ٿي ڏٺو ته شيطان کيس چئي رهيو هو ته تنهنجو ناٺي توکي ماري پاڻ بادشاهه ٿيڻ گهري ٿو. اوچتو انهيءَ مهل ڪٿان ڪو ڪک اڏامي اچي بادشاهه جي وات ۾ پيو. درويش خيال ڪيو ته اهو ڪيئن به ڪري هٽائجي. انهيءَ خيال سان هن پنهنجو چاقو ڪڍي ان ڪک کي آهستگيءَ سان هٽائڻ لڳو ته بادشاهه جي اک کلي پئي. بادشاهه جو دوريش جي هٿ ۾ چاقو ڏٺو سو پڪ ٿيس ته سندس خواب سچو هو. وٺي وڏي آواز سان سڏ ڪيائين ته ماڻهو اچي مڙيا. بادشاهه ناٺيءَ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته مون توکي هيتري عزت ڏني ۽ توکي ايترو مرتبو مليو مون توسان ڪهڙي برائي ڪئي جو تون منهنجي خون جو پياسو ٿي پئين؟ درويش گهڻئي عذر ڏنا پر ڪا ڪانه ٻڌائونس. بيعزتو ڪري زنجير ڳچيءَ ۾ وجهي کڻي قيد ۾ رکيائونس. انهيءَ وقت درويش بادشاهه جي محل ۾ رکرايل صندوق گهرائي ۽ پنهنجو لباس ڪڍي(240) پاتو ۽ بادشاهه کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ڪو خيال نه ڪجو اسان دنيا کي چند ڏينهن لاءِ قبول ڪيو هو ۽ هينئر ان کي وري ترڪ ڪريون ٿا.

حضرت جن اها ڳالهه مڪمل ڪري چوڻ لڳا ته اهي آهن دنيا جا مڪر ۽ فريب. دنيا جنهن کي ڪا بقا ڪانهي، ان جي دام ۾ هرگز نه اچو. بلڪ ان جي ويجهو نه وڃو ته جيئن هلاڪ ۽ وبال کان بچي سگهو.

شعلو:هڪ ڀيري عارفن جو بادشاهه، زاهدن جو شرف، سالڪن جو نڪ،بسطام جو پير بايزيد جهنگ ۾ چلي ۾ مشغول هو. جڏهن چلو پورو ٿيو ته خدا تعاليٰ کان طعام جي گهر ڪيائين ته جيئن روزو کولي سگهي. آواز آيو ته جيستائين شهر جو رخ نه ڪندين تيستائين توکي ڪو طعام ملڻ مشڪل آهي. بلڪ تيستائين توکي اسان جي قدرت جي خبر نه پوندي. انهيءَ ۾ اسان حڪمت رکي آهي ته تون شهر ۾ وڃين ۽ توکي جيڪي کائڻ لاءِ ملي اها واپرائين.

شعلو:ڪنهن شهر جي پسگردائي ۾ هڪ شخص رهندو هو جيڪو پنهنجو گهڻو وقت بيابان ۾ گذاريندو هو. اڪثر ڪري ڇهه مهينا روزو رکندو هو ۽ اهو سمورو وقت دروازو بند ڪري عبادت ڪندو هو. جڏهن افطار لاءِ ٻاهر نڪرندو هو ته وقت جو بادشاهه جيڪو سندس معتقد هو زيارت لاءِ اچي حاضر ٿيندو هو. هو پاڻ سان ڪجهه طعام پڻ کڻائي ايندو هو. اهو درويش هميشہ ان ريت افطار ڪندو هو. گهڻو وقت انهيءَ شخص جو اهو معمول رهيو. هڪ ڏينهن ان بادشاهه جي هڪ ٻئي درويش سان ملاقات ٿي ته ان سان ڪچهري ڪندي کيس انهيءَ شخص جي تعريف ڪيائين. چوڻ لڳو ته هو وڏي مجاهدي وارو انسان آهي جيڪو ڇهه مهينا روزو رکي ٿو. اهو ٻڌي درويش چوڻ لڳو ته توهان غلط سمجهيو آهي. دراصل(241) هو سڀ ڪجهه کائي پئي ٿو پر توهان کي خبر ناهي. بادشاهه حيران ٿي پڇڻ لڳو ته اهو وري ڪيئن؟ کولي سمجهايو. هن درويش جواب ڏنو ته اصل ۾ توهان جي طرفان عزت ۽ مرتبوئي هن جي وڏي قوت آهي. بادشاهه چوڻ لڳو ته هن کي انهن ڳالهين جي ڪا پرواهه ناهي. درويش چيو ته پوءِ ڀلا توهان هينئن ڪريو جو هاڻي جڏهن ان جو چلو پورو ٿئي ته توهان ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي وٽس موڪليو. جڏهن اهو درويش حجري کان ٻاهر اچي ته ان کي چوي ته بادشاهه جيڪو اڳي توهان جو ايڏو معتقد هو هينئر توهان بابت پنهنجي خيال کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي.

بادشاهه ائين ڪيو ۽ جڏهن چلي پوري ٿيڻ جو وقت آيو ته هن ٻن ڄڻن کي موڪليو، جن انهيءَ درويش جي آڏو اچي اهڙي گفتگو ڪئي. جيئن ان عابد شخص اها گفتگو ٻڌي ته واقعي سخت ملول ٿي پيو. ويتر جو بادشاهه روزي کولڻ وقت نه آيس ته وڌيڪ پڪ ٿيس. ٽن ڏينهن کان پوءِ حجري جو دروازو کوليائون ته ڏٺائون ته عابد شخص مري چڪو آهي. اها خبر ٻڌي ان درويش بادشاهه کي چيو مون صحيح چيو هو يا غلط بادشاهه جواب ڏنو ته توهان بلڪل صحيح چيو هو.

شعلو:چون ٿا ته ولايت جي بادشاهه ۽ وقت جي شيخ سلطان ابراهيم ادهم وٽ جيڪو شخص مريد ٿيڻ لاءِ ايندو هو ان کي ٽي شرط ٻڌائيندا هئا. جيڪڏهن اهي قبول ڪندو هو ته ان کي مريديءَ ۾ قبول ڪندا هئا. اهي ٽي شرط هن ريت هئا. پهريون مريد کي چوندا هئا ته جنهن ڪم جي ڪري توهان محتاجي محسوس ڪريو ان جو ذمو اسان پاڻ تي کڻون ٿا، توهان خاموش ٿي ويهي رهندا. ٻيو ته اٽي ۽ لٽي جو ذمو به اسان تي آهي. ٽيون ٻانگ صلواة به آءٌ پاڻ چوندس. جيڪي ماڻهو مريد ٿيڻ ايندا هئا ته اهي (242)ڳالهيون ٻڌي حيران ٿيندا هئا. گهڻا اهي ڳالهيون قبول نه ڪندا هئا. هو چوندا هئا ته اسين خود پير جي خدمت لاءِ اچون ٿا ۽ نه پنهنجي خدمت واسطي ! البت ڪجهه ماڻهو جيڪي وڌيڪ سمجهدار هوندا هئا اهي ڳالهيون قبول ڪندا هئا. انهن جو خيال هو ته جيتوڻيڪ پير هٿان مريدن جي خدمت ترڪ ادب ۾ شامل آهي، پر اسان لاءِ اهو ڪافي آهي ته قيامت جي ڏينهن ابراهيم ادهم جي مريدن جي قطار ۾ شامل هونداسين.

شعلو: ڪنهن بزرگ جو هڪ بادشاهه ڏاڍو معتقد هو. هڪ ڏينهن ٻئي ملڪ جي بادشاهه هن بادشاهه کي چورائي موڪليو ته پنهنجي ڌيءَ جو سڱ مون کي ڏي نه ته توسان جنگ ٿيندي ۽ آءٌ تنهنجي ملڪ تي چڙهائي ڪري ان کي برباد ڪندس. هن بادشاهه جواب ڏياري موڪليس ته اهو ڪم مون کان هرگز نه ٿيندو. اهو ٻڌي هن بادشاهه حملي جي نيت سان پنهنجو لشڪر چاڙهي موڪليو. هيڏانهن جڏهن بادشاهه کي خبر پئي ته فوراً ان بزرگ جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. اهو بزرگ ان وقت مراقبي ۾ ويٺل هو. تنهن ڪري بادشاهه بيهي انتظار ڪرڻ لڳو. بزرگ جڏهن مراقبي مان ڪنڌ مٿي کنيو ته پڇا ڪيائين ته ڪير بيٺو آهي؟ بادشاهه جواب ڏنو ته توهان جو خادم. بزرگ پڇيس ته خدمت جو ارادو رکين ٿو. جواب ڏنائين ته هائو. بزرگ چيس ته پوءِ پنهنجي ڌيءَ مون کي نڪاح ۾ ڏي. بادشاهه في الفور محل تي آيو ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پرڻي لاءِ تيار ڪري ان بزرگ وٽ وٺي آيو. بزرگ عورت کي حجري ۾ ڇڏي وري اچي مراقبي (243) ۾ ويهي رهيو. ليڪن بادشاهه پهريائين وانگر اتي بيٺو رهيو ۽ اتان چريو ئي ڪو نه. آخر بزرگ جڏهن محسوس ڪيو ته وري ڪنڌ مٿي ڪري پڇڻ لڳو ته ڪير بيٺو آهي؟ بادشاهه ساڳيو جواب ڏنو ته توهان جو خادم. بزرگ چيو ته اڃان خدمت جي تمنا رکين ٿو. جواب ڏنائين ته هائو. بزرگ چيس ته پوءِ پنهنجي بدن تان کل جو ٽڪرو لاهي ڏي. بادشاهه انهيءَ مهل ڪن ماڻهن کي چيو جن سندس کل لاهي ان بزرگ جي حوالي ڪئي. ٽئين ڀيري وري بزرگ مراقبي ۾ مشغول ٿي ويو. ليڪن بادشاهه ساڳي ريت اتي ئي ائين بيٺو رهيو. بزرگ وري ڪنچي مٿي کڻي پڇيو ته اڃا ڪير بيٺو آهي. بادشاهه ساڳيو جواب ڏنو. بزرگ پڇيس ته بندگيءَ جي اميد رکين ٿو؟ جواب ڏنائين ته هائو. بزرگ چيس ته پوءِ پنهنجو سر ڌار ڪري، اسان جي حوالي ڪر. بادشاهه ائين به ڪيو. مطلب ته جيئن بزرگ چيو ٿي ته بادشاهه بنا ڪڇڻ جي ائين ٿي ڪيو.

بزرگ جڏهن اهو سڀ ڪجهه مشاهدي ۾ ڏٺو فوراً ان بادشاهه جي سر کي حڪم ڪيائين ته وڃي ڌڙ سان مليو ۽ کل وڃي بدن سان ملي. ان کان پوءِ ان کي اٿڻ جو حڪم ڪيائين ته بادشاهه صحيح سلامت اٿي بيهي رهيو. بزرگ پڇيس ته ڇا ڏٺئي. بادشاهه جواب ڏنو ته جڏهن مون پنهنجي ڌيءَ تنهنجي نڪاح ۾ ڏني معلوم ٿيو ته دنيا جون سڀ ولايتون منهنجي حڪم هيٺ آهن ۽ ٻيو ڪو بادشاهه ڪونهي. جڏهن مون پنهنجي کل لاهي تنهنجي حوالي ڪئي ته خدا تعاليٰ جو مشاهدو نصيب ٿيو. وري جڏهن سر تن کان جدا ٿيو ته پاڻ کي واصل بحق ڏٺم ۽ پنهنجو مقصد پورو ٿيندي ڏٺم. بزرگ چيس ته دراصل جيڪي ڪجهه تو پاڻ ڏٺو، مون اهو ئي توکي موٽائي ڏنو.(244) جيڪڏهن اڃان ڪجهه ٻيو ڏين ها ته ان جي عيوض پڻ توکي ضرور ڪجهه ملي ها.

شعلو: چون ٿا ته زماني جو شيخ، عارف يگانو، خدا جو پسنديده، پير عصر شيخ حسن بصري رحمة الله عليہ گهڻو ڪري جڏهن وعظ ڪندو هو ته سامعين جي حال مطابق گفتگو ڪندو هو. ليڪن هڪ ڏينهن هو منبر تي ويهي وعظ ڪري رهيو ته بي اختيار سندس زبان منجهان حقيقت جا ڳوڙها نڪتا ۽ اسرار الاهي جا نعرا واشگاف ٿيڻ لڳا، پاڻ حيران ٿي ويو ته آخر ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ خادم کي گهرائي چيائين ته ڏس ته مجلس ۾ ڪو اهل الله ته اچي نه ويٺو آهي. خادم وڃي ڏٺو، پر کيس ڪوئي نظر نه آيو. واپس اچي ٻڌايائين ته مجلس ۾ اهڙو ڪو شخص ويٺل ڪونهي. ان تي شيخ بصري چيس ته مسجد کان ٻاهر وڃي معلوم ڪر. جيئن اهو خادم مسجد کان ٻاهر آيو ته ڏٺائين ته بيبي رابعه بصري هڪ سوراخ منجهان مسجد اندر نهاري رهي هئي ۽ وعظ ٻڌي رهي هئي. خادم اندر اچي شيخ کي ان حقيقت کان واقف ڪيو. چيائين ته هائو اسان کي به اها حقيقت معلوم ٿي آهي.

شعلو:ڪنهن زماني ۾ هڪڙو فقير ۽ بادشاهه جو پٽ پاڻ ۾ يار هوندا هئا. اوچتو بادشاهه مري ويو ۽ سندس پٽ تخت تي ويٺو. فقير ان وقت ڪنهن ٻئي ملڪ ويل هو. هڪ ڏينهن ان فقير کان ڪنهن غريب هڪ درهم گهريو. فقير چيس ته مون سان گڏجي هل ته وقت جي بادشاهه کان جيڪو منهنجو يار آهي، ان کان توکي درهم وٺي ڏيان. سائل قبول ڪيو ۽ بادشاهه ڏي روانا ٿيا.

هوڏانهن شهزادي پنهنجي وزير کي چيو ته دينارن جي هڪ ڳوٿري پاڻ سان کڻو ته پنهنجي يار فقير کي ڳولي ان جي حوالي ڪريون. اڃان شهر کان ٻاهر مس نڪتا ته رستي تي فقير ملي وين.(245) جيئن هڪ ٻئي کي ڏٺائون ته وڏي سڪ سان مليا ۽ ويهي ڳچ دير ڪچهري ڪيائون. اتي فقير بادشاهه کي عرض ڪيو ته هن مسڪين کي هڪ درهم ڏياريو. بادشاهه اشارو ڪيو ته ان مسڪين کي صرف هڪڙو درهم ڏنو وڃي. فقير جي موڪلائڻ کان پوءِ وزير پڇيو ته سائين، هيءَ سڄي ڳوٿري جيڪا ساڻ کڻائي اٿو، سا کيس ڇو نه ڏنو!؟ هڪڙو درهم ڏيڻ مناسب ڪو نه هو. بادشاهه جواب ڏنو ته جيڪڏهن هو گهر نه ڪري ها يا سوال نه ڪري ها ته جيڪر سڄي ٿيلهي ان جي حوالي ڪريان . هاڻي جڏهن ان طمع رکي ته پوءِ هڪ درهم هن لاءِ ڪافي آهي. هن حڪايت کان پوءِ حضرت جن هي بيت پڙهيو:

توڏانهن توتي ڏاڻ، هي پاڻ اتي مڱڻو،

اِنهين پارين آسُئو، ڪو چئي وڃائي پاڻ.

]اي مالڪ تنهنجي طرفان دان تو جهڙو آهي، باقي هي (بندو) پنهنجي وت آهر گهرجائو آهي. اهڙي روش سان بيوقوف ماڻهو پاڻ ڳالهائي پنهنجو نقصان ڪري ٿو.[

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ پير بسطاميءَ کي مٿي تي لٺ وهائي ڪڍي. ايتري قدر جو سندس مٿي مان رت وهڻ لڳو. فوراً ٻيو شخص پنهنجي گهران بسري پچائي ان جي مٿان مکڻ رکي اچي حاضر ٿيو ۽ پير کان پڇڻ لڳو ته آخر هي ڌڪ توهان کي ڪنهن هنيو. پير تڪڙ ۾ جواب ڏنو ته جنهن اها بسري آندي آهي. ان تي وري انهيءَ شخص پڇيو ته بسري ڪنهن آندي آهي. پير وراڻيو ته جنهن لٺ هنئي آهي، جيتوڻيڪ اهو شخص بار بار اهو سوال ورجائيندو رهيو پر پير هميشہ اهو ئي جواب ٿي ڏنو. مطلب ته آخر تائين اهو ڪو نه ٻڌايائين ته لٺ ڪنهن هنئي هيئس.

شعلو: چون ٿا ته هڪ گودڙي پوش فقير ڪنهن سوناري جي پٽ تي عاشق ٿي(246) پيو ۽ گهڻو وقت ان سوناري جي دڪان جي آڏو بيٺو هوندو هو. اهو ڇوڪرو به ان دڪان تي ڪم ڪندو هو. جڏهن سونارو ۽ پٽ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ويندا هئا ته هي فقير سندن دڪان تي وڃي هيٺ ڪيرايل مٽيءَ کي وڏي حسرت وچان هٿن ۾ کڻندو ۽ ان کي مهٽيندو رهندو هو ته اها سندس محبوب جي دڪان جي مٽي آهي. هڪ ڏينهن وقت جي بادشاهه ان سوناري وٽ هڪ نهايت قيمتي موتي ڏياري موڪليو ته ان کي منڊيءَ ۾ جڙوات ڪري ڏي. اتفاقاً دڪان بند ڪرڻ وقت اهو موتي خاڪ ۾ ڪري پيو. هوڏانهن فقير دڪان بند ٿيڻ کان پوءِ معمول مطابق ان خاڪ کي ميڙڻ لڳو ته اهو موتي سندس هٿ چڙهي ويو. فقير اهو موتي کڻي پنهنجي گودڙيءَ ۾ سوگهو ڪيو. ٻئي ڏينهن جڏهن سوناري کي موتي نظر نه آيو ته بادشاهه جي خوف کان سخت حيران پريشان ٿيو. فقير اهو ڏسي سمجهي ويو ته ڇا ماجرا آهي سو سوناري کان پڇيائين ته ڇا معاملو آهي؟ سوناري چيو ته موتي گم ٿي ويو آهي. فقير چيس ته جيڪڏهن ڪو توکي اهو موتي هٿ ڪري ڏئي ته ڇا تون پنهنجو پٽ ٿوري دير ان جي حوالي ڪندين. سوناري وراڻيو ته بلڪل آءٌ پنهنجو پٽ هميشہ لاءِ سندس خدمت ۾ ڏئي ڇڏيندس.

اهو ٻڌي فقير پنهنجي گودڙيءَ مان موتي ڪڍي سندس حوالي ڪيو. سونارو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ فقير جي لاءِ پنهنجي دڪان جي ڀرسان هڪ حجرو کڻي ٺهرايائين ۽ پٽ کي ان جي خدمت جو حڪم ڪيائين. فقير کي جڏهن خبر پئي ته سندس محبوب هن وٽ اچڻ وارو آهي ته ان جي مهمانيءَ لاءِ کاڌي جي بندوبست ۾ لڳي ويو. ٿورا چانور وٺي ديڳڙي ۾ وجهي باهه تي کڻي رکيائين.ٿوريءَ دير ۾ خيال آيس ته محبوب واسطي طعام تيار ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون مناسب ناهن. تنهن ڪري ڪاٺيون ڪڍي پنهنجو پير کڻي باهه ۾ وڌائين. باهه جڏهن پير کي ساڙي گوڏي تائين پهتي ته ڇوڪر وٺي رڙيون ڪيون.(247) ڇوڪر جو پيءُ ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي حجري کان ٻاهر بيٺا هئا فوري طور اندر گهڙي پيا ته مبادا فقير ڇوڪر سان زيادتي نه ڪري. ليڪن جيئن هو اندر گهڙيا ته فقير حجري جي ڳڙکي مان ٻاهر نڪري هميشہ لاءِ گم ٿي ويو. ڇوڪر کان جڏهن پڇيائون ته هن سڄي ماجرا بيان ڪري ٻڌاين. بلڪ هو افسوس ڪرڻ لڳو ته آءٌ هاڻي هن فقير کان سواءِ ڪيئن زنده رهندس. اهو به چيائين ته توهان هتي نه اچو ها ته بهتر.

حضرت جن اها ڳالهه مڪمل ڪري چوڻ لڳا ته عشق مجازي ۾ ڪڏهن به ڦاسڻ نه گهرجي. پر جيڪڏهن ڪو ڦاسي ته پوءِ ائين ڪرڻ گهرجي جيئن هن فقير ڪيو.

شعلو: پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي زماني ۾ هڪ فاسق هوندو هو، جنهن جي ڪا رات گناهه کان سواءِ نه گذرندي هئي، سندس وفات کان پوءِ الله جي رسول کي ٻڌايائون ته فلاڻي شخص کي هلي دفن ڪريو. پاڻ سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيا ۽ هن کي دفنايائون. ليڪن سندس جنازي ۾ هلڻ وقت پاڻ پٻن تي هلي رهيا هئا. يارن پڇيو ته ڪهڙي سبب کان سڄا پير زمين تي نٿا رکو. فرمايائون ته هن ميت جي نماز لاءِ آسمان کان ايترا ملائڪ آيا آهن جو پيرن رکڻ جي جاءِ ڪانهي. ان کان پوءِ جڏهن انهيءَ شخص جي گهر تي آيا ته سندس پٽن کان پڇيائون ته هي شخص ڪهڙو ڪم ڪندو هو ۽ ڪهڙي عبادت ۾ وقت گذاريندو هو؟ چيائون ته زاني هو ۽ اهڙو گناهه ڪونهي جو ڇڏيو هجيس، پر سمهڻ وقت هميشہ هي الفاظ(248) چوندو هو، سبحان الله المقدر لما يشاءَ بقدرت وفعال لمايريد بعزت برحمتک يا ارحم الراحمين. معنيٰ ”پاڪ آهي اهو خدا جيڪو پنهنجي قدرت سان جيڪي وڻيس ٿو سو جوڙي، ۽ جيڪو پنهنجي سگهه سان جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو: اي ٻاجهارن ۾ ٻاجهارا تون پنهنجي ٻاجهه ڪر“ ان دعا کان پوءِ وڌيڪ چوندو هو. اي خداوندا، جيڏي تنهنجي وڏائي آهي ۽ جهڙو تون آهين، تيڏي ۽ تهڙي مون کي اميد آهي. پر پوءِ يقين ٿين ته ايترو شرف انهيءَ دعا جي برڪت سان مليو هوس.

هن حڪايت کان پوءِ حضرت جن هي بيت پڙهيو.

[93]

جُهوڙيرا جهڻڪن، مٿي مين مڱڻا،

سپڙ رات سمگئا، ڏکئا ڏينهن ڏسن،

گهر ٿا گهوٽ وڃن، چنتا لٿي چارڻين.

]معنيٰ: طريدار مڱڻا اٺن تي سوار ٿيو جهونگاريندا وڃن ٿا. سپڙ ڄام کين رات نوازيو ۽ اهي ڏينهن جو صاف نظر اچن ٿا. اهي گهوٽ هاڻي گهر ٿا وڃن ۽ چارڻن جي چنتا لهي ويئي آهي.[

شعلو:هڪڙو پير هو، جنهن جا ڪيترائي مريد هئا. هڪ ڏينهن سوداگر ان پير جي مريدن سميت دعوت ڪئي. دعوت جو اهتمام مٿي ماڙيءَ تي ڪيل هو، جتي سڀني مهمانن لاءِ عاليشان وڇاڻو پٿريل هو. طعام کان سواءِ سماع ۽ راڳ جو بندوبست به هو. اوچتو جڏهن سماع جي محفل عروج تي هئي ته هڪڙي مريد کي اچي حال پيو. جيڪو اٿي نچڻ لڳو ۽ زور سان پير زمين تي هڻڻ لڳو. ايتريقدر جو جيڪڏهن مريد اٿي کيس نه جهلين ها ته جيڪر ڪوٺي کان هيٺ ڪري مري وڃي ها. اهو ڏسي پير پنهنجي مريدن کي چيو ته ڇڏي ڏيوس ته ڀلي زمين تي وڃي ڪري. گهڻي دير کان پوءِ محفل ختم ٿي ۽ اهو مريد هوش ۾ آيو ته ٻين کيس(249) جيڪي وهيو واپرايو هو، تنهن کان واقف ڪيائونس ۽ اهو به ٻڌايائونس ته پير جو ڇا چوڻ هو. اهو مريد پير جي فرمان واري ڳالهه ٻڌي حيران ٿيو ۽ پير جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪرڻ لڳو ته ڪهڙي سبب کان پاڻ کيس هيٺ ڪرڻ کان روڪڻ جي منع ٿي ڪيائون.

پير ٻڌايس ته مون گهريو ٿي جڏهن توتي حال پيل هو ته تون خدا سان واصل ٿين. مبادا ٻيهر اهڙو موقعو ملڻ ممڪن نه ٿئي. مطلب ته جيڪڏهن مرين ته سڌو خدا سان وڃي ملين.

شعلو:هڪ ڀيري ڪنهن بادشاهزادي کي عشق الاهي اچي سوار ٿيو، سو بادشاهي ڇڏي فقرو فاقه کڻي اختيار ڪيائين. حضرت رسالتمآب صلي الله عليہ وسلم جي محبت ۾ مديني جو سفر اختيار ڪيائين ۽ روضي پاڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي سمورو وقت بيٺو هوندو هو. هڪ رات پيغمبر عليہ الصلواة والسلام کي خواب ۾ ڏٺائين جن کيس هيءَ صلواة پڙهڻ لاءِ چيو: اللهم صلي عليٰ محمد صلواة انت لها اهلُ وهولها اهلُ. بس پوءِ ته ڏينهن رات اها صلواة سڳوري پيو پڙهندو هو.

هڪ ڏينهن اتي روم جو بادشاهه زيارت لاءِ آيو. هن جڏهن شهزادي کي ان حالت ۾ ڏٺو ته کيس گهڻو خيال ٿيو. سو ڇا ڪيائين جو دينارن سان ڀريل ڳوٿري ان جي حوالي ڪيائين. شهزادي پڇيس ته هيءَ ڳوٿري مون کي ڇا لاءِ ٿا ڏيو. بادشاهه جواب ڏنس ته جيئن کاڌو کائي سگهين ۽ پنهنجي ڪمزوري دور ڪري سگهين. شهزادو چوڻ لڳو ته آءٌ پاڻ بادشاهه هوس ۽ پنهنجو ملڪ ڇڏي هتي آيو آهيان، مون ڪيترائي دينار خرچ ڪيا آهن تڏهن ته اها ڪمزوري ۽ هيڻائي نصيب ٿي اٿم، تنهن ڪري هينئر اهي دينار قبول نه ڪندس. اهو سوچي دل ۾ خيال ڪيائين ته هاڻي جيڪڏهن هتي وڌيڪ رهندس ته مشهوري وڌي ويندي، تنهن ڪري، بهتر اهو آهي ته روضي پاڪ جي ڪنڊ ڇڏي ڪٿي ٻي جڳهه تي وڃي رهجي. اڃان(250) سوچ ۾ هو ته خواب ۾ رسول پاڪ صلي الله عليہ وسلم کي ڏٺائين جيڪي کيس چئي رهيا هئا ته اي دوست اسان کي ڇڏي ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ جئين اهو آواز ٻڌائين ته واپس خداوند تعاليٰ جو برگزيده بندو ۽ پسنديده ٻانهو بنجي ويو.

شعلو:هڪ ڀيري ڪو پير پنهنجي مريد تي گهڻو راضي ٿيو ۽ سوچيائين ته ان کي ڪجهه عنايت ڪري. مريد جو امتحان وٺڻ لاءِ ان کي چيائين ته منهنجي لاءِ هڪ گڏهه ڪاهي اچ. مريد ائين ڪيو. مريد کي وڌيڪ امتحان ۾ وجهڻ لاءِ پير هن کي پنهنجي خواهش کان واقف ڪيو. مريد ويچارو اٿيو ۽ هڪ چولو هيٺ وڇايائين ۽ پٽڪو لاهي اولوڪري بيٺو ته جيئن ٻيو ڪو ماڻهو پير کي نه ڏسي. اهو ڏسي پير هڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ کيس مريد جي اطاعت تي ڪو شڪ نه رهيو ۽ کيس اهڙي دعا ڪيائين جو اهو مريد صاحب معرفت بڻجي ويو.

شعلو:هڪ دفعي برگزيده عام و خاص، پرده نشينن جو سردار بيبي رابعه بصري کي ڏٺائون ته سندس هڪ هٿ ۾ باهه ۽ ٻي هٿ ۾ پاڻي هيس ۽ چئي رهي هئي ته انهيءَ باهه سان بهشت رهڻ نه ڏيندس ۽ پاڻيءَ سان دوزخ جي باهه اجهائيندس. اهو ان ڪري جيئن خبر پوي ته خدا جا طالب سندس ڪهڙي مقصد خاطر عبادت ڪن ٿا!

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو درويش اچي ڪنهن بادشاهي محل جي هيٺان گذريو. اوچتو سندس نظر وڃي مٿي ماڙيءَ تي بيٺل(251) بادشاهه جي ڌيءَ تي پئي. جيڪا سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. درويش پهرين نظر سان عشق جو شڪار ٿي پيو ۽ دل ۾ ان جي وصل جي خواهش کڻي بادشاهه کي اچي عرض ڪيائين ته پنهنجي ڌيءَ منهنجي نڪاح ۾ ڏيو. بادشاهه پهرين ته ڏاڍو حيران ٿيو. آخر وزيرن ۽ مشيرن کي گهرائي انهن سان صلاح مصلحت ڪيائين. سڀني جي صلاح بيٺي ته درويش کان اهڙي شيءِ جي فرمائش ڪئي وڃي جيڪا هو پوري ڪري نه سگهي. اهو سوچي درويش کي چيائيون ته جيڪڏهن تون هيترا موتي ۽ مرجان کڻي ايندين ته تنهنجو نڪاح ڪرايو ويندو. درويش اها ڳالهه قبول ڪئي. ليڪن پڇيائين ته اهي موتي ۽ مرجان ڪٿي ملندا؟ ٻڌايائونس ته اهي فلاڻي سمنڊ جي تري ۾ ملندا. درويش سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيٺو ۽ ٿوري هيٺانهين ڪيائين ته جيئن ان ۾ پاڻي وهي اچي، ڇڄ کڻي ان پاڻيءَ ۾ هڻڻ لڳو ته جيئن موتي ڳولي سگهي.

هوڏانهن سمنڊ کي خدا ئي حڪم اچي پهتو ته جيڪي موتي مرجان گوهر آبدار تنهنجي پيٽ ۾ آهن، اهي ڪڍي ڪناري تي آڻ نه ته اسان جو دوست توکي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو. خدا جي حڪم موجب سمنڊ مان ڪيترائي موتي نڪري اچي ڪناري تي پيا جن مان جيترا درويش کڻي سگهيو اهي کڻي اچي بادشاهه جي آڏو رکيائين ۽ باقي ڪيترا اتي ڇڏي ڏنائين. بادشاهه جڏهن ڏٺو ته درويش اهو شرط ته پورو ڪري ڇڏيو. سو وري پنهنجي وزيرن سان صلاح ڪيائين. چيائون ته درويش کي اصل اهڙو ڪم ڏسيو جيڪو هو هرگز نه ڪري سگهي. انهيءَ بادشاهه جي ڀرسان هڪ زور آور بادشاهه هو، جيڪو هر سال وڏو لشڪر وٺي اچي هن ملڪ تي حمله آور ٿيندو هو ۽ شهر ۽ ڳوٺ تباهه ڪري ويندو هو.(252)

اهو سوچي درويش کي چيائون ته جيڪڏهن تون ان بادشاهه جو سر وڍي ايندين ته تنهنجي مراد ضروري پوري ٿيندي. درويش قبول ڪيو ۽ پنڌ ڪندو اچي ان بادشاهه جي ملڪ ۾ پهتو. بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿي عرض ڪرڻ لڳو ته مون کي اهڙي حاجت اچي پئي آهي جو توهان جي سر وڍڻ کان سواءِ ان جو پورو ٿيڻ محال آهي. اهو بادشاهه درويشن ۽ فقيرن جو معقد هو، سو اهو ٻڌي درويش جي ڏاڍي تعظيم بجا آندائين ۽ چيائين ته منهنجو سر آهي. ڀلي هينئر به وڍ. پر ڳالهه  اها آهي ته منهنجي ملڪ ۽ هن بادشاهه جي ملڪ جي وچ ۾ ڇهن مهينن جو پنڌ آهي. ان ڪري، جيڪڏهن تون هتي منهنجو سر وڍي، کڻي ويندين ته اهو رستي ۾ ڪنو ٿي ويندو ۽ صورت ئي مٽجي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته هو بادشاهه ان کي قبول نه ڪري ۽ تنهنجي اها مشقت ضايع وڃي. هاڻي جيڪڏهن منهنجي ڳالهه مڃين ته آءٌ توسان گڏجي هلڻ لاءِ تيار آهيان. پوءِ جڏهن ان ملڪ جي ويجهو پهچون ته تون منهنجو سر وڍي تازو کڻي وڃي ان بادشاهه کي پيش ڪجانءَ. درويش ان ڳالهه کي قبول ڪيو ۽ ٻئي گڏجي هن ملڪ ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن ان شهر جي ٻاهران هڪ باغ جي ويجهو پهتا ته بادشاهه وري درويش کي چيو ته منهنجو سر حاضر آهي. پر مون کي شڪ ٿو پوي ته هومتان وري توسان ڪو ٻيو حيلو بهانو ڪن، تنهن ڪري تون پهرين بادشاهه وٽ وڃ ۽ کيس چؤ ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته ان بادشاهه کي زنده سلامت پيش ڪجي يا ان جو سر وڍي کڻي اچان.

هاڻي جڏهن بادشاهه ۽ وزير اها ڳالهه ٻڌي ته دل ۾ چوڻ لڳا ته انهيءَ بادشاهه جو زنده اچڻ ته نا ممڪن آهي.(253) ان کان سواءِ وچ ۾ ڇهن مهينن جو پنڌ آهي. الله پاڪ مالڪ آهي. انهن ڇهن مهينن ۾ الائجي ڇا ٿي ويندو. اهو سوچي درويش کي چيائون ته هن کي زنده وٺي اچ. هنن اهو سوچيو ئي ڪو نه ته ڪو درويش بادشاهه کي اڳئي پاڻ سان وٺي آيو هو. هيڏانهن درويش ٿوري دير ۾ بادشاهه کي وٺي آڻي حاضر ڪيو. سڀ ڏاڍا حيران ٿيا ته هي ڇا ٿي ويو. سڀني آيل بادشاهه جي تعظيم ۽ تڪريم ڪئي. جنهن تي هن کين مخاطب ٿي چيو ته ڇو هن درويش کي تڪليف ۾ وڌو اٿو. هاڻي جيڪڏهن پنهنجو خير گهرو ٿا ته هن کي بادشاهه جي ڌيءَ پرڻائي ڏيو. بس پوءِ سڀني شاديءَ جي کڻي تياري ڪئي ۽ ڪنوار کي سينگاري وٺي آيا. درويش ڪنوار کي ڏسي بادشاهه ۽ ٻين مهمان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته اها منهنجي ڌيءَ سمان آهي. آءٌ ان کي ڇا ڪندس؟ اهو منهنجو ڪم ئي ناهي. منهنجو مطلب آهي ته ان کي هن بادشاهه جي نڪاح ۾ ڏيو. آخر جڏهن بادشاهه جي ڌيءَ جو نڪاح هن بادشاهه سان ٿي ويو ته درويش چوڻ لڳو ته هن سموري مشقت مان منهنجو مقصد صرف اهو معلوم ڪرڻ هو جو ٻڌو هئم ته ”من طلب شيءَ وجد وجد“ يعني جنهن ڪنهن شيءِ جي طلب ۾ جدوجهد ڪئي ته اها ان کي ملندي.

مون اهو ڏسڻ ٿي گهريو ته بادشاهه جي ڌيءَ سان نڪاح جيڪو ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي، اهو ٿي سگهي ٿو ته پوءِ خدا جي طلب ۾ پڻ ثابت قدم رهڻ سان، اها حاصل ٿي سگهي ٿي.

شعلو: سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي قدس الله سره سخت مجاهده ۽ ڪشالا ڪڍندو هو. هڪ دفعي بک اچي کيس بيحال ڪيو ۽ پريشانيءَ وچان ٻي ڪنهن شخص کان مانيءَ جو ٽڪر گهريائين. جڏهن (254) اهو مانيءَ ٽڪر مليس ته ان کي پٽ تي کڻي اڇلايائين ۽ نفس کي چوڻ لڳو ته آءٌ توکي پنهنجي هٿن سان اهو کڻي ڪو نه کارائيندس. جيڪڏهن پاڻ ٻاهر اچي کائين ته ڀلي. نفس اهو ٻڌي ٻاهر نڪري آيو. شيخ پاڻ وٺي ڀڳو جو سمجهيائين ته نفس کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيو اٿم. آواز آيس ته اي بايزيد، پاڻ کي نفس کان آجو ڪري سمجهين ٿو ته غني ٿي ويو آهين، حالانڪ اهو لقب ته مون کي جڳائي. جڏهن بايزيد اهي ڪلما ٻڌا ته توبه تائب ٿيو ۽ پنهنجي نفس کي وري اندر اچڻ ڏنائين.

شعلو:چون ٿا ته هڪ ڪسبياڻي عورت پنهنجي پيشي ۾ مشهور هئي. پر سندس رهائش هڪ درويش جي ڀرسان هئي ۽ اهو درويش هر وقت چوندو هوس ته هن عورت جو مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو. هڪ ڏينهن اها عورت رستي ۾ وڃي رهي هئي ته هي درويش به اتان اچي لنگهيو ۽ سندس چادر جو پلؤ هن عورت کي لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها عورت مري وئي. هڪ ڏينهن ان بزرگ خواب ۾ ڏٺو ته منڪر ۽ نڪير هٿن ۾ وڏا گرز کڻي ان عورت جي قبر ۾ داخل ٿيا. اڃا کڻي هڻڻ جي تياريءَ ۾ هئا ته درگاهه خداونديءَ مان آواز آيو ته اي ملائڪو ان عورت کي ڇڏي ڏيو، ڇو ته ان جيڪي به گناهه ڪيا هئا، سي اسان کيس بخشي ڇڏيا ۽ ان جو سبب اهو آهي ته هڪ ڏينهن ان عورت جو پلؤ اسان جي هڪ درويش جي چادر سان لڳو هو. اوچتو اهو درويش ننڊ مان سجاڳ ٿي ويهي رهيو ۽ خداوندا تعاليٰ جا شڪرانا بجا آڻڻ لڳو.

شعلو:هڪ ڏينهن ٻه درويش پاڻ ۾ گڏجي عابدن جي شمع ۽ (255) عارفن جي اڳواڻ شيخ بهاءَ الدين ملتاني قدس الله سره جي خدمت ۾ روانا ٿيا. اڃان ٿورو فاصلو مس طئي ڪيو هئائون جو ڦورن اچي کين جهليو. انهن مان هڪڙو شخص جيڪو نئون مريد ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو هو ان کي ته ماري ڇڏيائون. ليڪن ٻئي جي ڪنڌ تي جڏهن ڇرو رکيائون ته هن پنهنجي پير کي سنڀاريو. اوچتو غيب مان هڪ هٿ ظاهر ٿيو جنهن چور جي هٿ مان ڇري کسي پري اڇلائي ۽ چور کي به ماري وڌائين. آواز آيو ته اسان کي ائين تڪڙ ۾ ڇو ياد ڪيئه. اها حڪايت بيان ڪري حضرت جن فرمايو ته ان جو مطلب هو ته اسان پاڻ پهچون ها، ياد ڪرڻ جي ضرورت ڪو نه هئي.

شعلو: چون ٿا ته ڪنهن بادشاهه جي در تي هڪ دربان هوندو هو، جيڪو غريبن جون شڪايتون بادشاهه تائين پهچائيندو هو. سندس انهيءَ ڪم سبب حضرت خضر عليہ السلام هر روز وٽس اچي ڪچهري ڪندو هو. جڏهن انهيءَ ڳالهه کي گهڻا ڏينهن ٿي ويا ته کيس خيال آيو ته هيءَ جڳهه حضرت خضر عليہ السلام جي اچڻ لاءِ مناسب ناهي. ان ڪري سوچيائين ته بادشاهه جي نوڪري ڇڏي ٻي ڪا ڪنڊ وڃي وسائجي ته جيئن حضرت خضر عليہ السلام اتي اچي وڃي سگهي. پر جڏهن ائين ڪيائين ته ڪيترن ڏينهن تائين حضرت خضر عليہ السلام وٽس آيو ئي ڪو نه. ان ڪري اها جڳهه ڇڏي وري اچي دربان ٿيو ته حضرت خضر عليہ السلام وٽس اچي حاضر ٿيو. دربان چوڻ لڳس ته تنهنجي ڪري هي جڳهه ڇڏي وڃي گوشائتو ٿي ويٺس، پر اتي تون ڪو نه آئين، ۽ هيءَ جڳهه جيڪا تنهنجي لائق نه آهي اتي (256) تون اچين ٿو. خضر عليہ السلام جواب ڏنس ته  خدا تعاليٰ وٽ تنهنجي ٻي ڪا عبادت ڪم جي ناهي، سواءِ ان جي ته تون غريبن ۽ ڏتڙيلن جون خبرون بادشاهه تائين پهچائين ٿو. هتي منهنجي اچڻ جو ڪارڻ اهو ئي آهي.

شعلو:هڪڙو شخص بازار ۾ جڻيا وڪڻي رهيو هو، جن مان ڪن جو ملهه هڪ درهم ته ٻين جو ٻه درهم هيو. اتفاقاً سلطان التارڪين، وقت جو شيخ ۽ خدا جي محبت ۾ درهم برهم ابراهيم ادهم رحمةِ الله اچي اتان لنگهيو. ان شخص کان پڇيائين ته مون کي جڻيو خريد ڪرڻو آهي ڏيندين. هن جواب ڏنو ته هائو. پڇيائين ته ڪيتري ۾ ڏيندين. هن شخص چيو ته هڪ لک درهم. ابراهيم ادهم چوڻ لڳس ته عجيب ڳالهه آهي جو ٻين کي ته هڪ درهم ۾ ٿو وڪڻين، باقي مون کي هڪ لک ۾. ان شخص جواب ڏنو ته جنهن جڻيي سان ابراهيم ادهم جهڙي شخص جو بت ڍڪجي، ان جي قيمت ٻه لک به گهٽ آهي. پوءِ خبر پئي ته جڻيا وڪڻندڙ شخص خود صاحب ولايت هو.

شعلو:هڪ ڀيري ڪنهن بادشاهه ڀرواري ملڪ کي تاراج ۽ ان کي زير ڪرڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن سندس وزيرن کي اها خبر پئي ته بادشاهه کي چيائون ته جنگ جي تياري سازو سامان سان ڪرڻ گهرجي. بادشاهه اهو ٻڌي چيو ته هائو حلوو ۽ ماني تيار ڪريو. بادشاهه پاڻ صاحب ولايت هو. ليڪن سندس وزير ۽ امير امراءَ ان ڳالهه کان ناواقف هئا. تنهن ڪري اهي هر وقت اهو ئي چوندا رهيا ته جنگ لاءِ لشڪر ۽ سازو سامان تيار ڪرايو. پر بادشاهه اهو ئي ساڳيو جواب ٿي ڏنو. آخر انهيءَ حالت ۾ ئي اچي ٻئي ملڪ جو بادشاهه پنهنجي لشڪر سوڌو مٿن ڪڙڪيو ۽ تخت تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ان بادشاهه کين چيو ته آءٌ ايترو ويجهو اچي پهتس پر تڏهن به توهان ڪجهه نه ڪيو. هيڏانهن بادشاهه پنهنجي وزير کي چيو ته مون گهڻا ڏينهن حلوو ماني ويهي کاڌو هاڻي تون کاءُ.(257) ائين چئي بادشاهي حوالي ڪري پاڻ رمندو رهيو.

اها ڳالهه ڪري حضرت جن چيو ته اڳيان بادشاهه ڏينهن جي پهرئين پهر ۾ بار کڻند اهئا، پر پوئين پهر ۾ هٿ وٺي مريد ڪندا هئا.

شعلو:هڪ دفعي ڪو بزرگ وقت جي مخدومه بيبي رابعه بصري وٽ آيل هو. انهيءَ وقت رابعه بصريءَ اهو گفتو پئي ڪڍيو ته جيڪي خدا جا طالب آهن، ڪعبو پاڻ انهن جي زيارت لاءِ اچي ٿو ۽ انهن جو طواف ڪري ٿو. پر جيڪڏهن ڪو انهن مان ڪعبي جي طواف جي نيت ڪري ٿو ته ڪعبو ان کان لڪي وڃي ٿو. انهيءَ بزرگ کي انهن گفتن تي يقين نٿي آيو. رابعه بصري سمجهي وئي سو هن کي چيائين ته مٿي نهار بزرگ مٿي نهاريو ته ڏٺائين ته واقعي ڪعبو بيبي رابعه بصريءَ جي چوڌاري گهمي رهيو هو.

شعلو:هڪ بزرگ هو جنهن کي جيڪڏهن ڪو رنجائيندو هو ته پاڻ ان جو رزق ڪشادو ٿيندو هو ۽ فقر فاقا ڄڻ ختم ٿي ويندا هئس. بلڪ اهو ماڻهو خوشحال ٿي ويندو هو. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن بزرگ جي خدمت ڪندو هو ته ان جو رزق تنگ ٿي پوندو هو ۽ اهو مصيبت ۾ ڦاسي پوندو هو. آخر هڪ ڏينهن هن کان پڇيائون ته ان جو ڪهڙو سبب آهي ته جيڪو توهان کي رنجائي ٿو ان جي رزق ۾ ڪشادگي ٿئي ٿي ۽ جيڪو خدمت ڪري ٿو اهو مصيبت ۾ ڦاسي ٿو. بزرگ جواب ڏنو ته فقير ٻن قسمن جا آهن. پهريان اهڙي پاڻي وانگر آهن جيڪو ٿانءَ ۾ پيل آهي، جنهن کي گرم ڪري سگهجي ٿو. ٻيا درياءَ وانگر آهن جو انهن کي گرم ڪري نٿو سگهجي. بلڪ اهو پاڻي جيڪو ٿانءَ ۾ گرم ٿيل هوندو آهي، ان کي (258) به جڏهن درياءَ ۾ وجهندا آهن ته اهو به ٿڌو ٿي پوندو. پر جيڪڏهن درياءَ گرم ٿي پوي ته ان کي ڪو به ٿڌو ڪري نه سگهندو آهي. اسان به اهڙي درياءَ وانگر آهيون جو جيڪڏهن گرم ٿي وڃون ته ڪو به ٿڌو ڪري نٿو سگهي.

شعلو:خليفي هارون رشيد جي ڳالهه ٿا ڪن ته هن اها حديث ٻڌي ته سال ۾ هڪ دفعو پنهنجي گهر کي لٽائڻ گهرجي. هڪ ڏينهن پاڻ گهر کان ٻاهر نڪري بيهي رهيو ۽ حڪم ڪيائين ته جنهن کي جيڪي وڻي سو کڻي وڃي. پوءِ ٿيو به ائين جنهن کي جيڪي هٿ آيو ٿي سو کڻي ٿي ويو. ليڪن انهيءَ سموري عمل دوران هڪ اهڙي ڪنيز به هئي، جيڪا خليفي جي صرف جتي کڻي بيهي رهي، باقي قيمتي موتين ۽ جواهرن کي هٿ به نه لاتائين. بلڪ ڪجهه وقت کان پوءِ خليفي جي مٿي تي هٿ رکي بيهي رهي ۽ چيائين ته مون توکي قبول ڪيو. گويا خليفو پاڻ به لٽ جي سامان ۾ شامل هو ۽ اهو هن ڪنيز جي حصي ۾ آيو. خليفو سڄي مام سمجهي ويو ۽ هن پڻ ڪنيز کي پنهنجو حرم قبول ڪيو ۽ ٻين سڀني جي مقابلي ۾ وڌيڪ قرب ڏيڻ لڳو.

حضرت جن کي هيءَ حڪايت ڏاڍي پسند هئي ۽ پاڻ محفل ۾ اڪثر ان کي ورجائيندا رهندا هئا.

شعلو:هڪ بزرگ گوشي نشين ٿي خدا جي عبادت ڪندو هو. ليڪن هڪ ڏينهن سندس دل ۾ عورت جو خيال آيو ۽ ان نيت سان هن نڪاح ڪيو. پهرين رات ئي سندس زال حامله ٿي وئي. ان کان پوءِ وري زال جي ويجهو نه ويو. بلڪ سمورو وقت حجري اندر گذاريندو هو. حمل جي مدت پوري ٿيڻ بعد سندس گهر واريءَ کي ڌيءَ ڄائي. هوڏانهن جو بادشاهه هن بزرگ جو گهڻو معتقد هو ۽ هميشہ سندس حاضريءَ ۾ پيو ايندو هو. بلڪ سندس دل جي تمنا هئي ته ڪڏهن اهو بزرگ کيس ڪنهن شيءِ جي فرمائش ڪري. بزرگ جي جڏهن ڌيءَ جوان ٿي ته ماڻس کيس پڻس ڏي ڏياري موڪليو. بزرگ ڏٺو ته سندس ڌيءَ جوان ٿي(259) وئي آهي. سوچيائين ته هن جي اٿارڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. آخر هڪ ڏينهن مريدن سوڌو پاڻ بادشاهه جي خدمت ۾ هلي آيو. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بزرگ جي وڏي عزت ۽ تعظيم ڪيائين. بزرگ بادشاهه کي چيو ته هڪ ڏينهن جڏهن آءٌ درياءَ وٽان لنگهي رهيو هوس ته مون واڳونءَ جو آواز ٻڌو. اهڙو آواز وڪڻڻ گهران ٿو، ڇا تون اهو وٺندين؟ بادشاهه ته ان فڪر ۾ هو ته بزرگ جي ڪا فرمائش پوري ڪريان. چيائين ته هائو، ڇو نه خريد ڪندس. بزرگ ٻه دفعا اهڙو آواز ڪڍيو. بادشاهه ان جي عيوض بزرگ کي ٻه ٿيلهيون دينارن جون پيش ڪيون. بزرگ اهي وٺي گهر واپس ٿيو. مريدن کي بزرگ جي اها ڳالهه پسند نه آئي. سو کيس چوڻ لڳا ته توهان هن کان اڳ ڪڏهن به بادشاهه وٽ نه هليا ۽ نه ڪڏهن کانئس ڪنهن شيءِ جي گهر ڪئي. هينئر توهان کي ڇا ٿي ويو هو. انهيءَ نموني ۾ آواز ڪڍي بادشاهه کان اهي دينار قبول ڪيو. ڇا توهان بادشاهه کي ڪلام الاهي يا حديث نبوي ٻڌائي نه ٿي سگهيا؟ بزرگ جواب ڏنو ته آءٌ بادشاهه وٽ مردار شيءِ جي واسطي هلي ويو هوس. ان ڪري قرآن يا حديث پڙهڻ مناسب نه هو. مردار ڪم جي لاءِ مردار ڳالهه ڪرڻ پئجي ويم.

شعلو:هڪ ڀيري ڪو مريد عشق ۽ معرفت جي داناءَ، شوق ۽ تڪريم جي درياءَ ۽ اسرارن جي عارف شيخ شقيق بلخي کان ڪعبي جي زيارت لاءِ اجازت وٺي روانو ٿيو. شيخ چيس ته واٽ تي بايزيد جي زيارت ڪندو وڃجانءِ. مريد جڏهن بايزيد جي مڪان تي پهتو ته نهايت ادب سان ويهي رهيو. شيخ چيس ته پنهنجي پير جو ڪو گفتو ٻڌاءَ. مريد جواب ڏنو ته منهنجي پير جو هڪڙو (260) سخن اهو آهي ته جيڪڏهن هيءَ سموري زمين لوهه جي ٿي پوي ۽ سڀ آسمان ٽامي جا ٿي پون ۽ آسمان مان برسات جو هڪ قطرو به نه ٽپڪي جنهن ڪري ڌرتي تي ڪو اوڀڙ نه اَڀري. اهڙيءَ صورت ۾ هي سڄو عالم منهنجو عيال هجي، پر تڏهن به منهنجي دل ۾ اهو خيال هرگز نه ايندو ته ان سموري خلق کي ڪير کارائيندو!

اهو ٻڌي شيخ چوڻ لڳو ته خدا جو قسم جيڪڏهن آءٌ اهڙي وقت ۾ ڪانءُ هجان ته انهيءَ مشرڪ جي ملڪ مٿان اڏامڻ ڪڏهن به پسند نه ڪريان ها. مريد اهو ٻڌي سخت پريشان ٿي ويو. حج اتي ئي وسري ويس ۽ پوئين پير وٺي ڀڳو ۽ سڌو اچي پنهنجي مرشد وٽ ساهي پٽيائين. جيڪي ٻڌي آيو هو سو سمورو بيان ڪيائين. سندس مرشد اهو سڀ ڪجهه ٻڌي چيس ته هاڻي وري واپس وڃ ۽ پڇي اچ ته آخر ڇا ڪجي؟ مريد وري اچي شيخ بايزيد وٽ پهتو، جنهن اها ڳالهه ٻڌي چيو ته هينئر ته پاڻ اڳي کان به وڌيڪ ڪم خراب ٿيو. بهرحال هن ڪاغذ جو ٽڪرو کنيو ۽ ان تي لکڻ شروع ڪيائين. ”بسم الله الرحمان الرحيم“ ۽ ان جي آخر ۾ لکيائين ته بايزيد ڪجهه ناهي يعني نيست آهي.

اهو ڪاغذ ٽڪر ويڙهي ان مريد کي ڏنائين ته وڃي پنهنجي پير کي پهچائي. هيڏانهن جڏهن اهو ڪاغذ کڻي مريد شقيق بلخي جي خدمت ۾ پهتو ته هن جو آخري وقت اچي پهتو هو. جيئن ئي اهو ڪاغذ شقيق کي مليو ته هو کولي ان کي پڙهڻ لڳو، ۽ حاضرين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته آءٌ هينئر نئين طرح مسلمان ٿيان ٿو. ائين چئي ڪلمو لا الہٰ الا الله محمد رسول الله پڙهيائين ۽ وڃي حق سان مليو.

شعلو:ڪنهن زماني ۾ هڪڙو بادشاهه ڪنهن بزرگ جو ڏاڍو معتقد هو ۽ هن جي هميشہ اها خواهش هوندي هئي ته جيڪر اهو بزرگ هن کان ڪجهه نه ڪجهه قبول ڪري. هوڏانهن بزرگ وري ڪنهن به شيءِ قبول ڪرڻ جي خيال ۾ نه هو. آخر هڪ ڏينهن بادشاهه وٽ اهو بزرگ ويو ۽ کيس چوڻ لڳو ته منهنجي ڪا مدعا آهي، جيڪڏهن قبول(261) ڪريو ته بيان ڪريان. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو اهو ته اسان تي احسان ٿيندو، جيڪڏهن توهان اهڙو موقعو ڏيندئو. بزرگ چيو ته مون کي پنهنجي طهارت خاني جي خدمت لاءِ رکو. بادشاهه جواب ڏنو ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. پر بزرگ چيو ته اسان جي خوشي انهيءَ ۾ آهي. بادشاهه پنهنجي قول سبب مجبور ٿي پيو ۽ لاچار اها ڳالهه قبول ڪيائين. هن بزرگ وٽ ڪو اهڙو دارو هو جو جڏهن بادشاهه ڪا حاجت ڪري نڪرندو هو ته اندر وڃي سندس ڪيل گندگيءَ مٿان اهو دارو ڇڙڪائيندو هو، جنهن ڪري اها گندگي ڳري زمين ۾ هلي ويندي هئي.

انهيءَ واقعي کي گهڻا ڏينهن ڪو نه گذريا ته بادشاهه جي ويجهن ماڻهن کيس وڃي عجيب و غريب ڳالهيون ٻڌايون ته اهو بزرگ ڪرفتي کائي ٿو وڃي، ڇو ته اسان کيس ڪڏهن به ٻاهر کڻي ايندي نه ڏٺو آهي. بادشاهه کي به دل ۾ وسوسو اچي پيو ته اها ڳالهه واقعي ائين هوندي. آخر هڪ ڏينهن اهو بزرگ بادشاهه وٽ آيو ته بادشاهه کڻي پنهنجي تي رومال رکيو ۽ منهن کڻي ڦيريائين. بزرگ سمجهي ويو ته بادشاهه ٻين جي ڳالهين ۾ اچي ويو آهي، سو ڇا ڪيائين جو فوراً بادشاهه جو هٿ وٺي کيس انهيءَ هنڌ وٺي آيو ۽ کيسي مان اهو دارو ڪڍي هيٺ زمين تي هاريائين ته جيڪا به گندگي هئي اها پاڻي ٿي پئي ۽ زمين چهي وئي. ان کان پوءِ اهو بزرگ بادشاهه کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته مون سڀ کان وڌيڪ نيچ ڪم اختيار ڪيو، تڏهن به تنهنجي وزيرن مون تي اهڙا بهتان هنيا. پر جيڪڏهن تون مون کي ڪا جاگير يا علائقو بخشين ها ته اهي مون کي وڏي آزار ۾ وجهن ها، بلڪ مون کي ضرور ڪاٺ ۾ هڻن ها.(262)

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن مريد سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي قدس الله سره جي جبي تي هڪ وڇون ڏٺو. سو ويجهو وڃي ان کي جبي تان هٽائڻ لڳو ته متان شيخ کي ڏنگي وجهي. اهو ڏسي شخص چيس ته ان کي ڇڏي ڏي. ڇاڪاڻ ته ان کي چاليهه سال ٿيا آهن جو اهو جبي ۾ ئي آهي. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن مون کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪندو آهي.

شعلو: ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي هڪڙو بادشاهه وڏو لشڪر تيار ڪري وڏي دٻدٻي سان ڀرواري بادشاهه جي ملڪ تي چڙهائي ڪري آيو. هي بادشاهه وري ان زماني جو هڪ درويش جو ڏاڍو عقيدتمند هو، سو جيتوڻيڪ سندس وزيرن کيس چيو ته هن بادشاهه جو لشڪر ويجهو اچي پهتو آهي ڪجهه ڪريو. پر هي بادشاهه وري وڃي ان بزرگ جي خدمت ۾ ويهي ٿي رهيو ۽ پنهنجو حال احوال ان کي ٿي ٻڌايائين. بزرگ هر ڀيري بادشاهه کي تسلي ٿي ڏني ته خدا خير ڪندو،ڳڻتي ۽ فڪر اجايو آهي. آخر هن بادشاهه جو لشڪر تمام ويجهو اچي پهتو تڏهن بادشاهه وري به وڃي ان درويش وٽ حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هينئر دشمن در تي اچي پهتو آهي. اهو ٻڌي بزرگ بادشاهه جو هٿ هٿ ۾ وٺي مخالف بادشاهه جي درٻار ۾ هليو آيو. اتي ويهڻ کان پوءِ درويش هڪ سنهي ڪاٺي کڻي زمين ۾ کوڙي ۽ هن مخالف بادشاهه کي چوڻ لڳو ته اها مون کي زمين مان ڪڍي ڏيکار. هن بادشاهه چيو ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، سو اٿي ان ڪاٺيءَ کي ڇڪ ڏئي ٻاهر ڪڍڻ لڳو. پر ان ڪاٺي کي ڪڍي نه سگهيو. آخر پنهنجي لشڪر جي پهلوانن کي گهرايائين، پر اهي به ڪڍڻ ۾ ناڪام ٿيا. بادشاهه جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو ته پنهنجي لشڪر کي واپس موٽڻ جو حڪم(263) ڏنائين، ۽ چوڻ لڳو ته جنهن ملڪ ۾ اهڙا درويش هجن، ان ملڪ کي ڪير فتح ڪري نٿو سگهي.

شعلو:چون ٿا ته لقمان حڪيم کي وقت جي بادشاهه ڪنهن خاص مطلب خاطر هڪ کوهه ۾ پورايو هو. البت سندس مرضيءَ موجب ڪيترا مڻ تيل ۽ تر اتي موجود ڪري ڏنو هئائين. لقمان انهيءَ تيل منجهان ڏيئو روشن ڪري رکندو هو ۽ تر کائي پيٽ ڀريندو هو. ان ڳالهه کي ڪيترو وقت گذري ويو ۽ ان وچ ۾ بادشاهه مري ويو. پر لقمان جي ڪنهن کي خبر نه رهي، هوڏانهن کوهه جو ڍڪيل منهن مٿان گاهه ڄمي آيو. آخر اهو ملڪ هڪ ٻئي بادشاهه جي قبضي ۾ اچي ويو. هي بادشاهه حد کان وڌيڪ ٿلهو هو. بلڪ کيس ٿولهه جي بيماري هئي. جيئن ڪجهه کائيندو هو ته اڃان وڌيڪ ٿلهو ٿيندو هو. ان ڪري ڏاڍي تڪليف ۾ هو ۽ پريشان هو. هڪ ڏينهن پنهنجي ملڪ جي سڀني حڪيمن کي جمع ڪيائين، پر پوءِ به کيس ڪو فائدو نه ٿيو. ڪنهن چيس ته اڄ جيڪڏهن لقمان حڪيم هجي ها ته توهان جي بيماريءَ جو ضرور علاج ڪري ها. بادشاهه اهو ٻڌي لقمان جي ڳولا جو حڪم ڏنو. ڪنهن ٻڌايس ته اڳئين بادشاهه جي وقت ۾ لقمان کي هڪ کوهه ۾ پورايو هئائون ته سندس حڪمت جي خبر پوي. ليڪن ان کانپوءِ اهو بادشاهه مري ويو ۽ هينئر ڪنهن کي خبر ناهي ته لقمان ڪٿي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هو، مري ويو هجي. بادشاهه اهو ٻڌي سڄي ملڪ جا وڏي عمر وارا ماڻهو جمع ڪرايا ۽ انهن کان لقمان جي پڇا ڪيائون. آخر انهيءَ جڳهه کي وڃي ڳولي لڌائون ۽ جئين ان کوهه جو منهن کوليائون ته اندران آواز ٻڌائون. سڀ ڏاڍا خوش ٿيا، پر جڏهن لقمان تي نظر پين(264) ته ڏٺائون ته گوشت جي هڪ ٻوٽي وڃي بچيو آهي جيڪو چرڻ پرڻ کان لاچار آهي. آخر کانئس پڇيائون ته توکي اتان ڪيئن ڪڍجي. جواب ڏنائين ته مون کي هتان ڪپهه ۾ ويڙهي ڪڍو نه ته آءٌ اتي ئي مري ويندس. انهيءَ طريقي سان کيس ٻاهر ڪڍي هوا کان محفوظ گرم جڳهه تي آڻي رهايائونس. لقمان چين ته هينئر منهنجي خوراڪ اها آهي ته هر روز مون کي پاءُ گوشت جو رڌي ان جو رهو پياريو. ڪجهه ڏينهن تائين ائين ڪيائون ته هو تندرست ٿي پيو ۽ جڏهن هلڻ جهڙو ٿيو ته بادشاهه جي درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو. بادشاهه جيڪو پنهنجي ٿولهه کان پريشان هو پڇڻ لڳيس ته ان جو ڪهڙو علاج آهي؟ لقمان جواب ڏنو ته ان مرض جو ڪو علاج ڪونهي ۽ تون ٻن مهينن کان پوءِ مري ويندين، ڇو ته تنهنجا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن. بادشاهه جڏهن اهو جواب ٻڌو ته سخت پريشان ٿيو ۽ انهيءَ ڳڻتي ۽ پريشانيءَ اندر ويو ڳرندو. تان جو ٻن مهينن ۾ سندس اها ٿولهه ويندي رهي بلڪ ٻين بيمارين کان به ڇوٽڪارو ملي ويس. جڏهن ٻه مهينا پورا ٿيا ته لقمان کي گهرائي چوڻ لڳو ته تو چيو هو ته آءٌ ٻن مهينن ۾ پورو ٿي ويندس. لقمان چيس ته جڏهن تنهنجو وقت پورو ٿيندو ته پوءِ تون ضرور مرندين. البت هينئر مون اها ڳالهه ڄاڻي واڻي ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته ان بيماريءَ جو علاج ڪونهي. تنهن ڪري مون توکي ائين چيو هو ته من موت جي ڳڻتيءَ ۾ تون سنهو ٿي پوين ۽ ان آزار کان ڇٽي پوين.

اها پوري پڪ ناهي ته هن ڳالهه ۾ حضرت جن لقمان حڪيم جو نالو ٿي کنيو يا ڪنهن حڪيم جي لاءِ ائين ٿي چيائون.

شعلو:هڪڙي پير جا ٻه خادم هئا. انهن مان هڪڙو(265) ڏاڍا مجاهدا ڪندو هو ته ٻيو تمام گهٽ. پر پير جي نظر شفقت هن ٿوري مجاهدي ڪندڙ خادم تي هئي. آخر هڪ ڏينهن پِير کان پڇيائون ته توهان جي شفقت واري نظر هن ٿوري مجاهدي واري خادم تي آهي، ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ پير چيو، چڱو هاڻي ترسو، ته توهان کي سڀ خبر پئجي ويندي. پير هڪدم هڪ اٺ گهرائي ان کي ذبح ڪيو. پهريائين ان مريد کي گهرايائين جنهن گهڻا مجاهدا ٿي ڪيا. ان کي چيائين ته هن اٺ کي کڻي مٿي گهر جي ڇت تي پڄايو. اهو ٻڌي اهو مرد سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ چوڻ لڳو ته اهو منهنجي وس کان ٻاهر آهي. پر جڏهن ٻئي مريد کي سڏيائون ته هو هڪدم ڪمر ڪشي بيٺو ۽ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اهو ڏسي پير فرمايو ته هاڻي توهان کي خبر پئي ته ڪير منهنجي حڪم ۾ آهي. بس اهو ئي سبب آهي جو هن ٻئي مريد تي منهنجي شفقت واري نظر گهڻي آهي.

شعلو:چون ٿا ته هڪ ڀيري زماني جا ٻه طالبعلم يڪرنگ موحد، جمال الاهي ۾ گم، ملڪ تفريد ۾ پهتل، نبي ڪريم وٽ مقبول يعني شيخ محي الدين ابن عربي قدس الله سره جي شهر ۾ ان قصد سان پهتا جو ٻڌو هئائون ته هو شريعت خلاف معنائون ۽ تعبير ٿو ڪري. هنن جو خيال هو ته شخص سان بحث ڪبو ۽ ڏسبو ته هو اسان وارن دليلن جو ڪهڙو جواب ٿو ڏئي، ليڪن جڏهن ان شهر ۾ پهتا ته کين خبر پئي ته شيخ تازو وفات ڪري ويو آهي. ٻئي سوچ ۾ پئجي ويا ته جنهن ڳالهه جي ڪري هيڏي تڪليف ڪئي سون، اهو مسئلو حل نه ٿيو. اڃان انهيءَ سوچ ۾ هئا ته سندن اک لڳي وئي، (266) خواب ۾ ڏٺائون ته جمعي جو ڏهاڙو آهي ۽ ڪافي ماڻهو گڏ ٿيا آهن. اتي شيخ ابن عربي به موجود آهي ۽ پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جن کيس چئي رهيا آهن ته اي محي الدين اٿ ۽ منبر تي اچي اهو وعظ ڪر جيڪو هن کان اڳ تون دنيا ۾ ڪندو هئين. شخص حضور عليہ الصلواة والسلام جي حڪم موجب ائين ڪيو ۽ منبر تي اچي خطبو چيائين.

ان کان پوءِ اهي طالبعلم جڏهن ننڊ مان بيدار ٿيا ته کين پشيمانيءَ جو احساس ٿيو ۽ وري اهڙو خيال دل ۾ نه آندائون.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪا عورت ڪجهه مانيون پچائي هڪ درويش وٽ کڻي آئي ته جيئن هو کائي. درويش اهي مانيون وٺي پاڻ وٽ ويٺلن ۾ ورهائي ڇڏيون ۽ پاڻ به هڪڙي کاڌائين. ڪجهه دير کان پوءِ ان درويش ڇا ڪيو جو آڱر هڻي جيڪي کاڌو هئائين ڪڍي ٻاهر ڪيائين. ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ اها ماني کاڌي ئي نه هئائين. بلڪ ٻين کي به چوڻ لڳو ته توهان پڻ جيڪي کاڌو آهي اهو ڪڍي ٻاهر ڪريو. پر هو ائين ڪري نه سگهيا. اهو ڏسي درويش چوڻ لڳو ته کاڌو ان کي کائڻ کپي جيڪو وري ائين سمورو ڪڍي ٻاهر ڪري.

شعلو:چون ٿا ته عنقا هڪ اهڙو پکي آهي جيڪو زمين ۽ آسمان جي وچ تي رهي ٿو. هڪ ڏينهن هڪڙو بزرگ عنقا جي شڪار لاءِ تيار ٿي نڪتو. اوچتو واٽ تي هميشہ جي حياتي ماڻيندڙ سلطان بحر حضرت خضر عليہ السلام گڏيس، جنهن پڇيس ته ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ جواب ڏنائين ته عنقا جي شڪار لاءِ ٿو وڃان. خضر عليہ السلام چيس ته اهو اهڙو پکي آهي، جنهن جو زمين تي پاڇو ئي ڪو نه ٿو پوي. بزرگ چوڻ لڳو ته ڇا پوءِ ان جي طلب به نه ڪجي ۽ اميد لاهي ويهي رهجي. خضر عليہ السلام وراڻيو(267) هائو واقعي اميد لاهڻ نه گهرجي ۽ ان جي طلب مدامي رکڻ گهرجي. اهو بزرگ پاڻ وڌيڪ شتابيءَ سان روانو ٿي ويو.

شعلو:هڪ دفعي ڪنهن پير جا ٻه مريد گڏ چنڊ کي ڏسي رهيا هئا. هڪڙو چوڻ لڳو، ڇا ته چنڊ آهي؟ ٻيو چوڻ لڳو، ڇا ته خدا جي ذات آهي، جنهن هن چنڊ کي پيدا ڪيو آهي! جڏهن پير کي اها خبر پئي ته چوڻ لڳو ته پهريون صاحب عرفان  آهي، البت ٻيو اڃان خام آهي.

شعلو:هڪ ڀيري ڪنهن پير جي ٻن مريدن رستي تي هڪ مئل ڪتو ڏٺو، هڪڙو چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اهو به خدا جي طرفان آهي ته آءٌ اهڙي خدا جي عبادت نه ڪندس. ٻيو چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اهو خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو ڪم آهي ته آءٌ اهڙي خدا جي عبادت هرگز نه ڪندس. جڏهن پير کي هنن ٻنهي جي گفتگو جي خبر پئي ته چيائين ته ٻنهي صحيح چيو آهي.

شعلو:چون ٿا ته هڪ ڏينهن شيطان کي ڌيءُ ڄائي. ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ کاڏيءَ هيٺان هٿ ڏئي غمگين ٿي ويهي رهيو. اڃان انهيءَ سوچ ۾ هو ته ڌيڻس اچي نڪتي ۽ چوڻ لڳس ته ڇو غمگين ٿيا آهيو؟ شيطان چوڻ لڳو تنهنجي ڪري پريشان آهيان، ڇو ته توکان ڪجهه نه ٿيندو ۽ خلق کي تون گمراه ڪري نه سگهندينءَ. ڌيڻس جواب ڏنو ته فڪر نه ڪريو، بلڪ خوش ٿيو، ڇو ته جڏهن به آءٌ ڪنهن بزرگ جو سڄو مٿو يا مٿي جو ڪجهه حصو اگهاڙو ڏسنديس ته ان تي حرف ڏينديس. اهو ٻڌي شيطان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي جڳهه تان اٿي کڙو ٿيو.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن بادشاهه هڪ بزرگ کي گهرايو ته جيئن ان جو وعظ يا نصيحت ٻڌي سگهي. اهو بزرگ بادشاهه وٽ اچڻ(268) لاءِ روانو ٿيو. واٽ تي هڪ هنڌ ڪافي پکي ويٺا هئا. جڏهن اهو درويش اتي پهتو ته پکي ٽاهه کائي وٺي اُڏاڻا. درويش اهو لقاءُ ڏسي سوچ ۾ پئجي ويو ته جڏهن مون کي ڏسڻ کان پوءِ پکي بيقرار ٿي اڏامڻ لڳن ٿا ته پوءِ انسانن تي منهنجي نصيحت ڪهڙو اثر ڪندي يا انهن کي ڪهڙو قرار ۽ سڪون ايندو. سو موٽي اچي مجاهدي ۾ لڳي ويو ۽ پورو هڪ سال ائين مجاهدي ۾ گذاريائين. آخر وري، هڪ ٻئي بادشاهه کيس دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرايو. هينئر جڏهن انهن پکين وٽان لنگهيو ته پکي اڏامڻ جي بجاءِ سندس چوڌاري مڙي آيا. آخر جڏهن بادشاهه وٽ پهتو ۽ پنهنجو هدايت ۽ نصيحت وارو وعظ شروع ڪيائين ته بادشاهه ۽ سندس ساٿي جيڪي پنج سئو کن ٿين ها ڏاڍو متاثر ٿيا. بلڪ هن جي نصيحت ٻڌڻ کان پوءِ سڀئي اٿي جهنگ منهن ڪري روانا ٿيا. بمصداق ففرا الي الله. مطلب ته دنيا و مافيها کي ترڪ ڪري پنهنجو نام و نشان مٽائي ڇڏيائون.

شعلو:چون ٿا ته حضرت رسالتمآب صلي الله عليہ وسلم جي وفات کان پوءِ مديني جي ڪيترن ماڻهن وڏيون عمارتون ٺاهيون ۽ سٺا ڪپڙا پائڻ لڳا ۽ ڀلا گهوڙا چڙهيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن ڪو درويش اچي مديني ۾ نڪتو ۽ اهي عمارتون ۽ ٺٺ ٺانگر ڏسندو هڪ مدرسي ۾ اچي ترسيو جتي ٻيا ڪيترا ماڻهو ويٺا هئا. درويش ويهڻ سان قرآن پاڪ جي هيءَ آيت پڙهي:

تبارڪ الذي بيده الملڪ وهو علي ڪل شيءِ قدير. ن الذي خلق الموت والحياة ليبلو ڪم ايکم احسن عملا(1:67) ترجمو: ”اها برڪت واري ذات آهي جنهن جي هٿ ۾ هيءَ دنيا آهي ۽ هر شيءَ تي قدرت وارو آهي. اهو ئي آهي جنهن موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو آهي ته جيئن توهان کي آزمائي ته ڪير سٺا ڪم ڪري ٿو.“(269)

هن درويش ان آيت جي پڄاڻي ۾ ”عملاً“ جي بجاءِ ”ثوبا“ معنيٰ ڪپڙا پڙهيو. جڏهن اتي ويٺلن اهو لفظ ٻڌو ته مٿس کلڻ لڳا. بلڪ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته شايد ديوانو آهي جو قرآن کي ائين غلط ٿو پڙهي. آخر درويش کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا ته تو اها آيت غلط پڙهي. درويش وري ساڳي آيت پڙهي پر هينئر”احسن عملا“ جي بجاءِ ”احسن فرسا“ پڙهيائين. وري انهن ماڻهن چيس ته هينئر به غلط پڙهيو اٿئي. ٽيئن دفعي ان درويش ”حسن عملا“ جي بجاءِ ”احسن عمارتاً“ پڙهيو ته وري مٿس کلڻ لڳا. آخر درويش چين ته ڀلا صحيح ڇا آهي. جواب ڏنائون ته ”حسن عملاً“. فقير اهو ٻڌي چوڻ لڳو، پر جڏهن اچي مون عمارتون، گهوڙا ۽ سٺا لباس ڏٺا ته مون سمجهيو ته هاڻي خدا توهان کي انهن شين سان آزمائي ٿو، ۽ عمل جي بجاءِ شايد اهي ڳالهيون وڃيون بچيون آهن. اهو ٻڌي اهو شخص ڏاڍو شرمندا ٿيا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيا ۽ ڪو جواب نه ڏنائون.

شعلو:هڪ ڏينهن هڪڙي فقير ٻئي کان پڇيو ته خدا کي ڪيئن ياد ڪرين ٿو؟ هن جواب ڏنو ته خدا کي هر وقت ياد ڪريان ٿو. سواءِ ٽن وقتن جي، ۽ اهي هي آهن پهريون جماع وقت، ٻيو قضا حاجت وقت ۽ ٽيون کاڌي کائڻ وقت. تڏهن هن فقير چيس ته اهي وقت ته پاڻ خدا کي ياد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موچارا آهن. پوءِ تون ڪيئن ٿو چئين ته تون هميشہ  ۽ هر وقت خدا کي ياد ڪرين ٿو. لڳي ٿو ته تو پنهنجي عمر ضايع ڪري ڇڏي ۽ اهو سمورو وقت غفلت ۾ گذاري ڇڏيئي !

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو درويش درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ستو پيو هو. اتفاقاً دريا ان ڪناري کان کائڻ شروع ڪيو. حضرت خضر عليہہ السلام اچي ان درويش کي خبردار ڪيو ته اٿي پري ٿيءُ ته دريا ۾ نه لڙهي وڃين. درويش وراڻيو ته اها فضول ڳالهه نه ڪر. ڪير آهي جو ائين ڪري ۽ مون کي درياءَ ۾ اڇلي. خضرؑ اهو جواب ٻڌي حيران ٿيو ته اهو ڪهڙو(270) جواب آهي جيڪو آءٌ ٻڌي رهيو آهيان. آواز آيو ته اي خضر ! جيڪي منهنجا طالب آهن، انهن کي ته تنهنجي ضرورت آهي، پر اهي جن جو آءٌ طالب آهيان، انهن کي تنهنجي ضرورت ناهي.

شعلو:هڪ بادشاهه کي ڌي هئي، جنهن جي شادي اڃان نه ٿي هئي. هڪ ڏينهن ان پيءُ کي چيو ته منهنجو نڪاح ڪنهن درويش سان ڪرايو. آخر هڪ ڏينهن بادشاهه کي هڪ اهڙو فقير ملي ويو جنهن کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏنائين. جڏهن ٻئي خلوت ۾ پهتا ته درويش کڻي مصلو وڇايو ۽ بادشاهه جي ڌيءَ کٽ تي چڙهي انتظار ڪرڻ لڳي. فقير ٻه رڪعتون پوريون ڪري ساڻس مخاطب ٿيو ۽ چوڻ لڳس ته هينئر مون کي مصحف يعني قرآن پاڪ آڻي ڏي ته تلاوت ڪريان. بادشاهه جي ڌيءَ چوڻ لڳس ته اڃان مصحف پاڪ سان اُنس رکين ٿو؟ مون ته سمجهيو هو ته تون ان جي ذڪر سان مشغول هوندين.

اها خبر نه هئي ته ڪو منهنجو نڪاح تو جهڙي شخص سان ٿي رهيو آهي، جيڪلو اڃان انهيءَ منزل تي نه پهتو آهي.

شعلو:معرفت جي سمنڊ ۽ خدا جي برگزيده بندي رحمان شيخ پوراني رحمة الله عليہہ جي ڳالهه ٿا ڪن ته هو ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي ناراض نه ٿيندو هو. ڪڏهن به ڪاوڙ مٿس غلبو نه ڪيو هو. کيس کاڏيءَ تي ڏاڙهي جا ٻه ٽي وار مس هئا. هڪ ڏينهن ڪنهن بدنيت شخص پڪو ارادو ڪيو ته اڄ شيخ کي ضرور چيڙائيندس. اهو سوچي هو روانو ٿيو. اڃان رستي تي ئي هو جو شيخ کي سامهون سواريءَ تي ايندي ڏٺائين. ويجهو وڃي کيس چوڻ لڳو ته اي شيخ. هيءَ تنهنجي ڏاڙهي آهي يا گڏهه جو پڇ. شيخ جواب ڏنو ته جيڪڏهن اها خدا جي درگاهه ۾ قبول آهي ته پوءِ اها ڏاڙهي آهي، ورنه اها گڏهه جي پڇ کان به بدتر آهي. اهو ٻڌي اهو شخص ڏاڍو شرمندو ٿيو.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو فقير اهڙي جڳهه تي اچي نڪتو جتي سندس پير ڀائي ٻيا ڪيترا فقير(271) موجود هئا. انهن مان هڪڙو ڪنڊ ۾ ڪنهن رسالي پڙهڻ ۾ مشغول هو. هي فقير سڌو ان وٽ وڃي ويهي رهيو. جڏهن هن کان پڇيائون ته ڪهڙو سبب آهي جو هنن سڀني کي ڇڏي هن رسالي پڙهندڙ مريد وٽ وڃي ويٺين. جواب ڏنائين ته هي ٻيا سڀ ڳالهين ۾ مشغول هئا ۽ جيڪڏهن انهن وٽ وڃان ها ته هو اجائي وڏائي ۾ پئجي وڃن ها. پر هو جيڪو مطالعي ۾ مشغول هو، سو بزرگن جي ارشادن ۽ هدايتن جي اثر تحت پنهنجي نفس جي اصلاح جي سامان ڪري رهيو هو. ان ڪري آءٌ وٽس وڃي ويٺس.

شعلو:هڪ ڏينهن عشق ۽ معرفت جي داناءَ، محبت ۽ شوق جي درياءَ، عشق الاهي ۾ پچيل ۽ الاهي اسرارن جي واقف شيخ حسن بصريءَ جي مريد ڪنهن بقال جي دڪان تي ويٺي ماني کاڌي. اتي ڪي ٻلا هڪ ٻئي کي چئي رهيا هئا ته اڄ شيخ حسن بصري هن دنيا مان گذاري ويو. اهو مريد ٻلن جي ٻولي سمجهندو هو، سو اهو ٻڌي شيخ جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. ڏٺائين ته شيخ ته صحيح سلامت ويٺو آهي، ليڪن ٻلن کان جيڪي ٻڌو هئائين، سو عرض ڪيائين. شيخ جواب ڏنو ته تو صحيح ٻڌو آهي. اڄ دراصل ڪجهه ساعتون خدا جي ياد کان سواءِ گذريون آهن. ان ڪري زمين آسمان ۾ غلغلو پئجي ويو آهي ته شيخ وفات ڪري ويو. انهن ٻلن پڻ اهو آواز ٻڌو هوندو!

شعلو:هڪ ڀيري ٻه فقير گهران سنڀري ڪنهن طرف وڃي رهيا هئا ته اوچتو انهن مان هڪڙو ڄڻو بيهي رهيو ۽ اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيهي رهيو. ان تي ٻئي مريد پڇيس ته ڇا ٿيو. جواب ڏنائين ته مون ڪڏهن(272) نيت کان سواءِ هڪڙو قدم به نه کنيو آهي. هينئر آءٌ پاڻ ۾ ان ڳالهه جي ڪمي ٿو محسوس ڪريان. اهو ٻڌي ٻيو چوڻ لڳس ته مون وري ڪڏهن به نيت سان ڪم نه ڪيو آهي، بلڪ منهنجو هر قدم بنا نيت جي هوندو آهي. حضرت جن هن ٻئي فقير جي جواب کي پسند ڪندا هئا.

شعلو:چون ٿا ته خدا جي برگزيده بندي شيخ پوران رحمة الله کي ٻنيءَ ٽڪر هو، جنهن جي ڀرسان هڪ ٻئي شخص جي زمين پڻ هئي. جڏهن پاڻي وهي ايندو هو ته هو شخص ڇا ڪندو هو جو شيخ جو آواندو ڪري پنهنجي ٻنيءَ ۾ پاڻي وهائيندو هو. انهيءَ ڪري شيخ جي زمين ۾ پاڻي ويندو ئي ڪو نه هو ۽ اها غير آباد پئي هوندي هئي. ان جي باوجود شيخ ڪڏهن ڪجهه نه چيو. آخر هڪ ڏينهن شيخ سنڀري وٽس ويو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته ادا جڏهن تنهنجي زمين پوريءَ ريت سيراب ٿي وڃي ۽ تنهنجي ڪاوڙ به پوري ٿئي ته پوءِ منهنجي زمين ڏانهن پاڻي ڇڏج. اهي لفظ چئي واپس هليو آيو.

شعلو:ڪنهن شهر جا ماڻهو ڏاڍا سچار هئا ۽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا هئا. شهر جي ڀرپاسي ۾ ڪيتريون کاڻيون هيون ۽ جڏهن رحمت الاهي پوندي هئي ته انهن کاڻين مان ڪيترا هيرا ۽ موتي کين لڀي پوندا هئا. اهي وڪڻي پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا.(273)

هڪ ڀيري ٻئي شهر جي ڪنهن ماڻهوءَ هن شهر جي هڪ عورت سان شادي ڪئي ۽ اچي هن شهر ۾ رهيو. هڪ ڏينهن اڃان کنوڻ تجلو مس ڏنو هو ته هن شخص چوڻ شروع ڪيو ته برسات ٿي اچي. جڏهن سندس زال اهي لفظ ٻڌا ته وٺي رڙيون ۽ دانهون ڪيائين جنهن تي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. انهن کي ڏسي عورت پنهنجي مڙس لاءِ چوڻ لڳي ته هي مرد ڪوڙ ٿو هڻي. منهنجي هن مان جان ڇڏايو. گڏ ٿيل ماڻهن عورت کي منٿون ڪري سمجهايو ته هن دفعي کيس بخش ڪر ۽ هن مرد کي به چيائون ته آئنده ائين نه چوندو ڪر. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها عورت ڳورهاري ٿي پئي ته سندس مڙس چوڻ لڳو ته توکي پٽ ڄمندو. اهو ٻڌي هڪ دفعو وري عورت کڻي دانهون ڪيون ۽ ماڻهو کڻي گڏ ڪيائين. چوڻ لڳي ته منهنجو مڙس ڪوڙو آهي ڇو ته هو غيب جي ڳالهين ۾ هٿ ٿو وجهي. منهنجو هن سان گڏ گذارڻ مشڪل آهي. منهنجي هن کان جان ڇڏايو. آخر ائين ڪيائون ۽ ڪجهه پئسا ڏيئي هن شخص کي انهيءَ شهر مان روانو ڪيائون.

حضرت جن اها ڳالهه پوري ڪري چوڻ لڳا ته اڳيان بزرگ غيب ۾ ڪڏهن به هٿ نه وجهندا هئا. پر اڄڪلهه درويش غيب جون خبرون ڏيڻ لڳا آهن، جيڪا عجيب و غريب ڳالهه آهي.

شعلو: ڪنهن شيخ عارف الله باقي باالله شيخ جنيد بغدادي رحمة الله عليہہ کي مرڻ کان پوءِ خواب ۾ ڏٺو. پڇڻ لڳس ته خدا تعاليٰ توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو. جواب ڏنائين ته مون کي مغفرت نصيب ٿي. ليڪن منهنجا دقيق اشارات ۽ تقريرون ڪنهن(274) ڪم نه آيا. البت اڌ رات جو اٿي جيڪي ٻه رڪعتون نماز جون پڙهندو هوس. اهي قبول پيون ۽ انهن جي ڪري مون کي ڇوٽڪارو نصيب ٿيو.

شعلو:هڪڙي پير سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ ڇڙو پئي گذاريائين. آخر جڏهن پيريءَ ورايس ته ضعيف ٿيو ۽ ڪن خير خواهن صلاح ڏنس ته هاڻي به نڪاح ڪر ته جيئن ڪا عورت اچي تنهنجي خدمت چاڪري ڪري. چوڻ لڳو ته هينئر مڙسي ئي نه رهي اٿم. پر جيڪڏهن ڪا عورت اهڙيءَ حالت ۾ مون کي قبول ڪري ته آءٌ تيار آهيان. آخر هن پير مرد لاءِ هڪ اهڙي عورت کي ڳولي لڌائون جنهن جي پڻ ڪڏهن شادي نه ٿي هئي ۽ سڄي عمر پاڪيزه زندگي گذاري هئائين. ان عورت کي وڃين چيائون ته جيڪڏهن فلاڻي پير کي تون قبول ڪرين ته بهتر. عورت جواب ڏنو ته مون کي مڙس جي ڪا ضرورت ڪونهي، البت جيڪڏهن شيخ مون کي قبول ڪندو ته مون کي منظور آهي. آخر ٻنهي جو نڪاح ڪرايو ويو.

جڏهن رات جو ٻئي اڪيلا ٿيا ته پير عورت کي چيو ته مون کي مصحف پاڪ کڻي ڏي ته ان سان ڪجهه ورونهه ڪريان. اهو ٻڌي عورت کيس چوڻ لڳي ته ڇا اڃان تون قرآن سان محبت رکين ٿو؟ مون کي تو ۾ اهڙو گمان نه هو. انهيءَ تي اهو پير چوڻ لڳو ته ڀلا وهاڻو کڻي ڏي ته ننڊ ڪريان. عورت چيس ته اها ته اڳينءَ کان به وڌيڪ خراب ڳالهه ڪئي اٿئي. وڌيڪ چيائنس محبت لاءِ توکي مصحف کپي ۽ ننڊ لاءِ توکي وهاڻو کپي، مون کي اها اميد نه هئي. پير اهو ٻڌي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته زال ته گهر ۾ ڪو نه آندي اٿم، البت ڪو مرد ماڻهو پلئه پيو اٿم.

شعلو:هڪ دفعي غوث الثقلين عارف رباني شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني قدس الله سره جو مريد واٽ وٺيو پئي ويو. اوچتو شاهي گماشتو گڏيس. جيڪو گاهه جي ڀري لڻائي بيٺو هو، تنهن اها ڀري کڻي سندس مٿي تي (275) رکي ۽ چوڻ لڳس ته اها منهنجي گهر تائين کڻائي هل. هن شخص چيس ته آءٌ شيخ جيلانيءَ جو مريد آهيان. اهو ٻڌي هن رهندو مٿي تي لٺ وهائي ڪڍيس. مريد اها سڄي ماجرا اچي پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ ٻڌائي، جنهن پڇيس ته ڇا تو هن شخص کي پنهنجو تعارف ڪرايو هو؟ چيائين ته مون کيس ٻڌايو هو. پير چيو ته هاڻي هو اڳتي ترقي نه ماڻيندو. ليڪن مريد دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن پير هن شخص کي بد دعا ۽ لعنت ملامت ڪري ها ته بهتر. ڪجهه عرصي کان پوءِ خبر پئي ته بادشاهه ان گاهه واري شخص کي شاهي گهوڙن جي سئيس مقرر ڪري ڇڏيو. جڏهن مريد کي اها خبر پئي ته وري اچي پير جي خدمت ۾ پهتو ۽ اها حقيقت ڪري ٻڌايائين. پير جواب ڏنو ته اڳتي ائين ڪو نه ٿيندو. اڃان ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته بادشاهه ان شخص کي ملڪي خبرداريءَ جي ذميواري ڏني. مريد وري اچي پير جي خدمت ۾ سربستو احوال ٻڌايو، پير به ساڳيو جواب ڏنو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جو هڪ امير گذاري ويو ته کڻي هن شخص کي ان جي جاءِ تي رکيائون. هن دفعي به پير پنهنجي مريد کي ساڳيو اڳي وارو جواب ڏنو. آخر اهو شخص وزير ٿيو. تڏهن به پير پنهنجي مريد کي اهو پهرين وارو جواب ڏنو. انت جڏهن بادشاهه گذاري ويو ته امير امرائن صلاح ڪري هن شخص کي کڻي بادشاهه بڻايو. هاڻي وري اهو مريد پنهنجي پير وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته سائين هو شخص ته بادشاهه ٿي ويو. پير چيو ته هاڻي اهو پنهنجي مرتبي تي پهتو آهي. آخر هڪ ڏينهن جيئن اهو شخص بادشاهه ٿيڻ بعد هڪ عاليشان چبوتري هيٺان ويٺو هو ته ان جا ٿنڀا پاڙ کان ٽٽي پيا ۽ (276) بادشاهه ان حجري جي ڇت هيٺان دٻجي مري ويو. چون ٿا ته ان ڏينهن کان وٺي اهو شخص ان حجري جي ڇت جي بار هيٺان برابر زمين اندر پيهبو وڃي.

شعلو:هڪ دفعي ڪو پير پنهنجي مريد کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سوچيائين ته هن سان ڪا خاص عنايت ڪري. خضر عليہ السلام کي پنهنجي ارادي کان واقف ڪيائين، جنهن چيس ته مريد جي آزمائش شرط آهي، ان کان پوءِ ڀلي کيس نوازجي. پير اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ٺڪر جي ڪني گهرائي ان ۾ پاڻي وجهي باهه تي ٽيڏي ڪري رکيائين. مريد اهو ڏسي چوڻ لڳو ته اي شيخ، ڪنيءَ کي سڌو نه رکيو اٿو.

مرشد جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي ته اها ڪو واقعي ٽيڏي آهي. مريد جي اها روش ڏسي کيس ڪا شيءِ عنايت نه ڪيائين.

شعلو:هڪ ڏينهن جڏهن عارف بالله فاني في الله خدا جو برگزيده بندو شيخ بهاءَ الدين ملتاني قدس الله سره پنهنجي مرشد وقت جي قطب ۽ پيرن جي فخر برگزيده خداوندي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي خدمت ۾ آيو ته مرشد مٿس تمام گهڻي شفقت ۽ عنايت ڪئي. اهو ڏسي ٻين مريدن کي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته اسان هيترا سال خدمت ڪئي آهي، پر اسان تي اها شفقت جي نظر اڃان تائين نه ٿي آهي. جڏهن پير کي اها خبر پئي ته سڀني مريدن کي گهرايائين ۽ کين چيائين ته درگاهه ۾ هيٺ وڇائڻ لاءِ گاه ۽ پن ڪٽي اچو، پر خيال رکجو ته اهو گاهه خدا جي ذڪر ۾ مشغول نه هجي.

سڀئي مريد روانا ٿيا ۽ جلد ئي سائو گاهه ڪٽي جهجي انداز (277) ۾ آڻي گڏ ڪيائون. هوڏانهن شيخ شهاب الدين گهڻي ڳولا کان پوءِ ڪافي دير سان سڪو گاهه ڪٽي کڻي آيو. اهو ڏسي شيخ شهاب الدين ٻين مريدن جي آڏو بهاءُ الدين کان پڇيو ته تون سڪل گاهه ڇالاءِ کڻي آيو آهين. جواب ڏنائين ته آءٌ جتي به ويس ٿي ته سائي گاهه کي خدا جي ْذڪر ۾ مشغول ٿي ڏٺم. آخر ۾ اهو سڪل ۽ مئل گاهه نظر آيم. تنهن ڪري اهو کڻي اچي حاضر ٿيو آهيان. اهو ٻڌي شيخ هنن ٻين مريدن ڏانهن نهاريو ۽ کين چوڻ لڳو ته ڏٺوَ، توهان جي بهاؤالدين سان ريس ڪرڻ اجائي آهي. هينئر سڀ مريد پنهنجي روش تي پشيمان ٿيا ۽ وري ڪجهه نه ڪڇيائون.

هن حڪايت بيان ڪرڻ بعد حضرت جن چوڻ لڳا ته شيخ بهاؤالدين اها تفريق الائجي ڇو قبول ڪئي. اسان جو خيال آهي ته سڪا توڙي ساوا سڀ خدا جي ياد ۾ مشغول آهن.

شعلو:هڪڙو بزرگ خلق خدا جي نگاهه ۾ وڏي عزت ۽ مرتبي وارو شمار ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن سندس دل ۾ خيال آيو ته ماڻهو منهنجي ايڏي عزت ڪن ٿا ۽ گهڻو گهرن ٿا. تنهن ڪري، نفس کي سيکت ڏيڻ ضروري آهي. اها لابارن جي موسم هئي ۽ فصل پچي تيار بيٺا هئا. سو ڇا ڪيائين جو صبح جو اٿي ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ گهڙي پيو ۽ چڱو خاصو ان لڻي ڀري ٺاهي رکيائين. جيئن صبح جو هاري زمين تي آيا ته هي بزرگ ان جو گڏو مٿي تي رکي ڀڄڻ لڳو. ايتري ۾ مالڪ به اچي پهتو. بس پوءِ ته ڪڍ لڳس ۽ آخر پڪڙي وڌائونس. چڱي خاصي مار به ڪڍيائونس ۽ ڏاڙهي مٿو ڪوڙي گڏهه تي چاڙهي، اهو ان جو گڏو ساڻ رکي سڄي شهر ۾ گهمايائونس ۽ آخر ۾ شهر نيڪالي ڏنائونس.

اها حڪايت بيان ڪري حضرت جن چوڻ لڳا ته اڳيان بزرگان دين ائين وقت گذاريندا هئا. هو ڪڏهن به عزت ۽ مرتبي کي(278) قبول نه ڪندا هئا ۽ پنهنجي نفس کي اهڙي نموني ۾ تعزير ۽ سيکت ڏيندا هئا.

شعلو:هڪڙي ڏينهن ڪنهن بزرگ حجام کي سنوارت لاءِ گهرايو. هوڏانهن بزرگ پاڻ لا الہٰ الا الله جي ظاهري ذڪر ۾ مشغول هو. جڏهن حجام پاڪي چپن تي آندي، تڏهن بزرگ کي چيائين ته ٿوري دير صبر ڪريو، متان ٽڪو نه اچي وڃيو ۽ رت نه نڪري پوي. چيائين ته ڪيئن بس ڪريان، جو سج بس نٿو ڪري ۽ تيز هلندو پيو وڃي. جيڪڏهن سج به ٿوري ويرم لاءِ ترسي ته مان به هوند ترسان. پر جنهن صورت ۾ اهو به تيزيءَ سان هلندو ٿو وڃي، ته اهڙيءَ صورت ۾ مون کي ڪهڙي مجال آهي جو خدا جي يادگيريءَ کان غافل رهان ! ان کانپوءِ حضرت جن هي بيت پڙهيو:

 

[94]

تان ڪي ڳوري ڇُلِ، لاڙائو سج ٿئو.

هاڙهي ڌاري هُل، وڃي هوتن جو ٿئو.

]”اي ڪمزور تڪڙي وک وڌاءِ جو سج لهڻ وارو آهي. هاڙهي جبل جي آسپاس هوتن جو ئي هول ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.“[

شعلو:هڪڙو بزرگ هو جنهن لاڳيتو ٻارهن سال اها دعا ٿي پني ته اي مالڪ ملڪ جا مون کي اهڙي جماعت وارن ۾ هرگز شامل نه ڪج جن لاءِ ماڻهو آڱر کڻي اشارو ڪن.

شعلو:هڪڙو بزرگ هو جنهن کي پورا چوڏهن سال خدا تعاليٰ جي طرفان هاتفي آواز ايندو رهيو ته منهنجي طرفان ڪا شيءِ قبول ڪر. آخر چوڏهن سالن کان پوءِ اهو بزرگ چوڻ لڳو ته اي مالڪ، شيون ته ڌارين ۽ پراون ماڻهن کي ڏبيون آهن، مون کي انهن ڌارين ۾ شامل نه ڪجانءَ !

شعلو:هڪ درويش مراقبي ۾ خدا تعاليٰ کي چيو ته آءٌ حق(279) جي طلب خلق منجهه نٿو رکان. آواز آيو ته پر آءٌ انهن سان آهيان.

شعلو:هڪڙو بزرگ سدائين سفر ۾ گذاريندو هو ۽ هڪ ڏينهن اهڙي شهر ۾ اچي نڪتو جتي سڀ ڪافر رهندا هئا. اڃان هڪڙي ڪنڊ وٺي مس ويٺو هو ته ذڪر جو آواز ٻڌائين. ويجهو وڃي پڇا ڪيائين ته تون ڪير آهين جو هن جڳهه تي رهين ٿو، جتي ٻيو ڪو به مسلمان ڪو نه ٿو رهي ۽ تون وري ذڪر ۾ مشغول آهين. اهو ٻڌي ان ذڪر ڪندڙ بزرگ جواب ڏنس. مون پهرين سمجهيو هو ته تون ڪو مرد ماڻهو آهين. پر هينئر سمجهيم ته نه، تون عورت ذات آهين جو توکي سڀ ڪافر ٿا نظر اچن. اهو ٻڌي درويش ان بزرگ جو مريد ٿيو.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن بزرگ کي هاتفي آواز آيو ته تون پنهنجي پڳ وڪڻندين؟ بزرگ جواب ڏنو ته وڪڻندس، پر وٺندو ڪير؟ جواب آيو ته آءٌ وٺندس. بزرگ چيو ته مالڪ ڪهڙي قيمت ڏيندين؟ جواب آيو ته جيڪي هن دنيا ۾ آهي، اهو سڀ ۽ اٺ بهشت پڻ ڏيندس. ان کان سواءِ توکي دوزخ جي باهه کان به بچائيندسين. بزرگ چوڻ لڳو ته مون کي انهن شين جو ڪو خيال ڪونهي. وري آواز آيو ته منهنجي ديدار جي خواهش رکين ٿو؟ جواب ڏنائين ته ان جي به طمع ڪو نه اٿم. ارشاد ٿيو ته خاموش رهه، ورنه تنهنجا عيب سڄي خلق جي آڏو پڌرا ڪيا ويندا ۽ تنهنجي خواري ٿيندي. بزرگ عرض ڪيو ته خداوندا تنهنجي خاموشي به ضروري آهي، ورنه آءٌ سڄي خلق تي تنهنجي رحمت جو چرچو ڪندس ته قيامت تائين توکي ڪو سجدو نه ڪندو!! آواز آيو ته آءٌ خاموش آهيان، هاڻي تون به خاموش رهه!!

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن پير پنهنجي مريد کي ذڪر جي تلقين ڪندي چيو ته ماڻهن سان هرگز نه ڳالهايو ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنهن شيءِ لاءِ پڇي ته جواب ڏيو. مجبوريءَ جي حالت ۾ (280) آڱر سان اشارو ڪريو ته آءٌ جواب ڏيڻ کان لاچار آهيان.

شعلو:هڪڙو خدا جو طالب حجري جو دروازو بند ڪري، خدا جي ياد ۾ مشغول هو. دنيا و مافيها سان سڀ لاڳاپا ٽوڙي ۽ ماڻهن کان منهن موڙي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو. هوڏانهن ٻاهر هڪ چالاڪ شخص ڊاڙ هنئي ته آءٌ ڪو نمونو ڪري ان طالب کي حجري کان ٻاهر ضرور ڪڍندس. سو ڇا ڪيائين جو حجري جي ٻاهران بيهي رڙ ڪري چوڻ لڳو ته اي بزرگ، اندر لڪي ڇا لاءِ ويٺو آهين؟ جيڪڏهن تون بخشيل ٻانهن مان آهين ته ٻاهر نڪري اچ ته جيئن ٻي خلق خدا جي توکان بهره مند ٿئي. پر جيڪڏهن بخشيل ٻانهو نه آهين، تڏهن به ٻاهر اچ ته من ٻئي ڪنهن کي ڏسڻ سان تنهنجي مغرفت ٿئي ۽ انهيءَ برڪت سببان تون بخشيل ٻانهن ۾ شامل ٿي وڃين.

اها ڳالهه ڪري حضرت جن چوڻ لڳا ته اصلي جن ۽ شيطان لاحول پڙهڻ سان ڀڄي وڃن ٿا، پر انساني جن هرگز نٿا ڀڄن !

فرمايائون ته اڳيان بزرگ ذڪر جهر يعني وڏي آواز وارو ذڪر ايڏي زور سان شروع ڪندا هئا جو پهرين ضرب سان سندس چادر گوڏن وٽان ڦاٽي پوندي هئي.

شعلو:هڪڙو حجام صاحب ولايت هو ۽ نبي ڪريم عليہہ الصلواة والسلام جي مجلس ۾ ويندڙ هو. هوڏانهن هڪ سيد زادو ۽ انهيءَ حجام جو خادم هو. هڪ ڏينهن جڏهن اهو حجام مجلس ۾ ٿي آيو ته اهو خادم به پٺيان لڳو آيس. جڏهن دروازي تي پهتا ته ان حجام جوتا لاهي کيس ڏنا ته جيئن واپس اچڻ تائين جهلي بيهي. حجام اندر پهتو ته هن خادم جي دل ۾ خيال آيو ته هو به جيڪر اندر وڃي، پر دربانن کيس داخل ٿيڻ نه ڏنو. اها خبر پاڻ ڪريمن تائين پهتي ته دربانن کي چيائون ته جيڪڏهن منهنجي نسب جو شرم نٿا رکو ته انهيءَ جتي واري جو خيال ڪريو ته(281) اها ڪنهن جي آهي. جڏهن گهر موٽي آيا ته اچڻ سان ان خادم سان پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح ڪرائي ڇڏيو. ماڻهن کي جڏهن خبر پئي ته چوڻ لڳس توکي ڇا ٿيو جو پنهنجي ڌيءَ خادم جي حوالي ڪئي. جواب ڏنائين ته جنهن جاءِ تي آءٌ هيس، اتي نسب جي ڪا ڳالهه ڪو نه هئي، بلڪ حسب يعني عمل ئي ڪم واري شيءِ آهي.

شعلو:هڪ دفعي ٻه فقير گڏجي سير سفر تي نڪتا. هڪ ڳوٺ جي ٻاهران کين رات پئي ته اچي ڪتن وراين. ٻين کي ته ڀڄائي ڪڍيائون پر هڪڙو ڪتو سندن پچر ئي ڪونه پيو ڇڏي، آخر هڪ ڳوٺ ۾ اچي پهتا. هڪڙي فقير چيو ته هي ڪتو اسان سان مسخري ٿو ڪري، هاڻي اسين به کيس ڪو نه ڇڏينداسون. اهو چئي ان ڳوٺ جي ٻاهران پيئڻ واري پاڻيءَ تي نظر وڌائون ته ان جو اهو تاثير ٿيو جو جنهن ماڻهو اهو پاڻي ٿي پيتو، اهو تپ ۾ مبتلا ٿي ٿيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ جو هڪ ماڻهو ڏٻري ڏيل سان اچي وٽن پهتو. فقيرن پڇيس ته توکي ڇا ٿيو ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن جو ڇا حال آهي. انهيءَ شخص ٻڌاين ته مون کي سخت تپ آهي. بلڪ ڳوٺ جي سڀني ماڻهن جو اهو حال آهي. فقيرن ان شخص کي ڏس ڏنو ته جيڪڏهن هن ڪتي جا ڪجهه بج پٽي انهن کي باهه تي ساڙيندؤ ته انهيءَ جي بانس سان توهان جو تپ لهي ويندو. انهيءَ شخص ائين ڪيو ته واقعي سندس تپ ويندو رهيو. بس پوءِ ته اها ڳالهه ڳوٺ ۾ ڦهلجي وئي ۽ سڀئي ماڻهو ان ڪتي جي ڪڍ پئجي ويا. نه ڇڏيائونس بج پٽي پٽي وڃي ٻوٽي ڇڏيائونس. تڏهن فقير ان ڪتي کي چوڻ لڳا ته تون به اسان سان ڏاڍي ڪئي، پر هاڻي تون به اسان کي ياد ڪندين.(282)

شعلو:هڪڙي بادشاهه ٻئي ملڪ کي فتح ڪرڻ جي ارادي سان لشڪر ڪشي ڪئي. هن بادشاهه پنهنجن جاسوسن کي موڪليو ته وڃي خبر لهي اچو ته اهو بادشاهه ۽ لشڪر ڪٿي پهتا آهن. هن حملي ڪندڙ بادشاهه اها چالاڪي ڪئي هئي جو پنهنجي گهوڙن جا نعل ابتا هڻائي ڇڏيا هئائين. تنهن جي ڪري هنن جاسوسن جڏهن اهي نشان ڏٺا ته سمجهائون ته لشڪر سندن ملڪ جي طرف نه آيو آهي. اها خبر وڃي بادشاهه کي ٻڌايائون ته هو آرام سان ويهي رهيو. هوڏانهن اوچتو هو بادشاهه لشڪر سوڌو اچي هنن جي مٿان ڪڙڪيو.

انهيءَ مرحلي تي حضرت جن چوڻ لڳا ته خدا جا طالب پڻ ان طرح آهن جو بظاهر ته هو ماڻهن سان ملن ٿا، پر سندن اصل ارادو ۽ عزم خدا سان آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته هو اسان سان آهن حالانڪ اندر ۾ فعل وانگر باهه ۾ پچندا رهن ٿا.

شعلو:هڪ ڏينهن سلطان العارفين شيخ بايزيد بسطامي رحمة الله عليہہ سان واٽ ويندي ڪو نوجوان مليو. ان کان رزق بابت پڇيائين. نوجوان جواب ڏنو ته جيڪي ڏئي ٿو سو کاوان ٿو، پر جيڪڏهن نٿو ملي ته خاموش رهان ٿو. بايزيد چيس ائين ته اسان جي شهر ۾ ڪتا به ڪن ٿا، انهيءَ تي نوجوان پڇيس توهان سان ڇا معاملو آهي. بايزيد جواب ڏنو ته جڏهن ڪو شيءِ ڏئي ٿو ته پهرين کيس واپس موٽائي ڏيون ٿا، پر جيڪڏهن نٿو ڏئي ته چپ رهون ٿا.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو فقير پنهنجي پير جي زيارت لاءِ گهران سنڀري نڪتو، جڏهن پير وٽ حاضر ٿيو ته هو انهيءَ مهل مسجد ۾ ويٺو هو. ڪافي دير تائين ويٺي ڳالهيون ڪيائون. پر انهيءَ سموري عرصي دوران جيستائين پير ڳالهائيندو(283) رهيو ته هي مريد مسجد جا ڪک هٿ ۾ کڻي انهن کي ڦيرائيندو رهيو. جهڙوڪ آرام ئي نٿي آيس ۽ راند ويٺي ڪيائين. آخر پير اٿيو ۽ هن کي چيائين ته تون اتي ويهه آءٌ اچان ٿو. ايئن چئي ٿوري دير ۾ پنهنجي گهران اهڙا ڪک آڻي فقير جي هٿن ۾ ڏنائين ۽ فقير کي چوڻ لڳو ته مسجد جي ڪکن کي الٽ پلٽ ڪرڻ شيطان جي تسبيح آهي. سو جيڪڏهن توکي ڪکن سان راند کان سوءِ آرام نٿو اچي ته پوءِ انهن ڪکن سان ويهي کيڏ. اهو ٻڌي فقير کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ وري اهڙو ڪم نه ڪيائين.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو گودڙي پوش فقير جهنگ منجهان لنگهي رهيو هو ته اوچتو سندس مٿي مان هڪ جُون هيٺ ڪري پئي. خيال ڪيائين ته هن جهنگل ۾ هن ويچاريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه ملندو. سو قياس ڪري پٽ تان کڻي مٿي ۾ وجهي ڇڏيائين.

فرمايائون ته درويشن جو هڪ اهڙو گروهه به آهي جو انهن کي جيڪو ڏک ۽ تڪليف پڄائي ٿو ته هو پاڻ انهن تي احسان ڪن ٿا.

شعلو:هڪڙو درويش ڪنهن هنڌ بيٺو هو ته اوچتو ڪنهن پکيءَ جو آواز ٻڌائين. ٻڌڻ سان مٿس وجد ۽ حال جو غلبو ٿي ويو ۽ بيخبر ٿي زمين تي ڪري پيو. يعني خدا تعاليٰ جو غلبو ٿي ويس ۽ بيخبر ٿي زمين تي ڪري پيو. خدا تعاليٰ جي درگاهه مان آواز آيس ته اي درويش اسان جو سڏ ٻڌي بيهوش ٿيو آهين. انهيءَ آواز سان فوراً هوش ۾ آيو ۽ اٿي توبه تائب ٿيو.

شعلو:هڪ بزرگ کان سوال ڪيائون ته مجازي عشق ڪيئن ڪجي.؟ جواب ڏنائين مجاز مانيءَ جيان پچائجي. يعني ته نه اها ڪچي رهي نه سڙي وڃي. ان کانپوءِ حضرت جن هي بيت پڙهيو:

[95]

مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نڪري،

اکڙيو توهي، مڇڻ وهين وسهي (284)

]مجازي توکي موهي جلدي نڪري هليا ويندا. متان انهن اکين تي ڀروسو ڪري ويهي رهين.[

شعلو:هڪڙو بزرگ ڪعبي جي در تي بيهي ڌڻيءَ جي ياد ۾ مشغول هو. اوچتو سندس نظر غير عورت تي وڃي پئي. انهيءَ مهل غيب مان هڪ تير اچي سندس مٿي تي لڳو. بزرگ سوچڻ لڳو ته مون عبرت جي لحاظ کان عورت کي ڏٺو، پوءِ هي تير ڇالاءِ ! آواز آيو ته جيڪڏهن شهوت واري نظر سان ڏسين ها ته پوءِ توکي هميشہ لاءِ پاڻ وٽان تڙي ڪڍون ها.

شعلو:هڪڙو مريد جڏهن پير جي زيارت ڪري موٽيو ته، ٻين پڇيس ته پير جي زيارت مان توکي ڪهڙو فائدو ٿيو؟ جواب ڏنائين ته گهر کان ٻاهر پهرين قدم رکڻ سان اول ته خدا تعاليٰ منهنجا گناهه بخش ڪيا. ان کان پوءِ جيڪو ٻيو قدم مون کنيو ٿي ان جو اجر الله تعاليٰ الڳ ٿي ڏنو. مطلب ته پير جي زيارت مان جيڪي فائدا آهن، تن کي بيان ڪرڻ جي حاجت ڪونهي.

فرمايائون ته هڪ اهڙي جماعت به آهي جن پاڻ تي ننڊ کي حرام ڪيو آهي. پر جيڪڏهن کين ننڊ اچي وڃي ته اٿي جنابت جو غسل ڪندا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته اهو غسل واجب آهي، ڇو ته نوم يعني ننڊ عورت جو پڻ نالو آهي.

چيائون ته فقيرن جو هڪ اهڙو گروهه به آهي جيڪي پيرن سان پنڌ ڪو نه ڪن، بلڪ هوا ۾ اڏامن. انتهائي ضرورت وقت يا ڪنهن ڪم واسطي جڏهن بازار ۾ اچن، تڏهن به اڏامي اچي اتي لهن. ڪنهن کانئن پڇيو ته بزرگن هميش ڪرامتن کي ظاهر ڪرڻ کان منع ڪئي آهي، پوءِ توهان ظاهر ظهور ائين ڇو ٿا ڪريو. جواب ڏنائون ته اها ڪرامت نه آهي. اسان لاءِ اها ڳالهه بلڪل ٻين شين وانگر معمول مطابق آهي.(285)

شعلو:هڪ ڏينهن پير پنهنجي مريد کي نصيحت ڪئي ته هميشہ درياءَ سان واسطو رک ۽ ان سان محبت ڪر. مريد اها ڳالهه نه سمجهي ۽ پڇڻ لڳو ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ پير چيس ته هميشہ پاڻ سان پاڻيءَ جو ڪوزو رک ۽ اهو ئي تنهنجي لاءِ درياءَ آهي.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو شخص بزرگ جي زيارت لاءِ آيو. بزرگ پڇيس ته ڇا ٿو ڪرين ! اهو شخص چوڻ لڳو ته خدا ۽ ان جي قرآن سان مشغول آهيان. بزرگ چيس ته خبر اٿئي پڙهڻ مان ڇا مراد آهي؟. ٻڌايائينس ته زبان سان پڙهڻ ۽ حرفن کي اکين سان ڏسڻ ۽ دل سان هنڊائڻ. انهن ٽنهي سان به خدا سان نه ملين ته پوءِ الائجي ڇا سان مشغول آهين !

شعلو:هڪڙو بادشاهه علم وارن جو وڏو قدردان هو ۽ اڪثر انهن جي پٺيان نماز ادا ڪندو هو. پر هڪ ڏينهن ٻڌائين ته ڪو وڏو عالم ۽ فاضل بزرگ اچي پهتو آهي، سو ان جي پٺيان نماز پڙهيائين. ان بزرگ نماز جي هر رڪعت ۾ سورة فاتحه کان پوءِ سوره اخلاص پنج دفعا ٿي پڙهي. جڏهن نماز کان فارغ ٿيا ته بادشاهه چيس ته مون توکي عالم فاضل شخص سمجهي تنهنجي پٺيان نماز پڙهي، پر تو هر رڪعت ۾ صرف سورة اخلاص پڙهي. ان بزرگ جواب ڏنو ته جيئن تو مون کي ٻين بزرگن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فضيلت وارو سمجهيو، تيئن مون پڻ ان لحاظ کان قرآن جي ان سورة جو انتخاب ڪيو.

شعلو:هڪڙي فقير کي خدا جو وصل نصيب نٿي ٿيو. ۽ هي بيت پئي پڙهيائين:

[بيت]

ارتاس ملاءِ، جس ملدي من ملي،

ديا پيک اٺاءِ، نيت ڪا ڪبيرا ڪون.

اتي حضرت جن چوڻ لڳا ته انهن جي ٻوليءَ ۾ ”ديا“ خدا کي چون ٿا ۽ ”پيک“ قيامت کي ڪوٺين ٿا.

شعلو:هڪ ڏينهن بزرگ خدا تعاليٰ کي انگل ڪيو ته مون کي پاڻ ڏيکار. خدا تعاليٰ کيس پنهنجي پوري مخلوق ڏيکاري. ان کان پوءِ بزرگ کي آواز آيو ته مون کي ڏٺئي؟ بزرگ جواب ڏنو ”نه.“ وري آواز آيو ته پوءِ ڇا ڏٺئي؟ (286) بزرگ کي هينئر ڳالهه سمجهه ۾ آئي. سو چيائين ته هائو توکي ڏٺم. ان کان پوءِ اهو بزرگ صاحب عرفان ٿيو ۽ سندس محنت سجائي ٿي.

شعلو:هڪڙو فقير جهنگل ۾ ٿي ويو ته اوچتو شينهن اچي مٿس حملو ڪيو. فقير اصل ڀڄڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، بلڪ اتي ئي بيٺو رهيو ته ڀلي شينهن کائي وڃيس. جڏهن ٻئي بزرگ کي اها ڳالهه ٻڌايائون ته هو چوڻ لڳو، ان فقير غلط ڪيو جو نه ڀڳو. ڇو ته الله تعاليٰ جي قهاري صفت جو ظهور شينهن ۾ آهي ۽ جتي قهر جو ظهور ٿئي، اتي بيهڻ نه کپي ۽ اتان ڀڄي پناهه وٺڻ گهرجي. والله اعلم بالصواب.

شعلو:هڪڙو درويش اڪيلائي جي عالم ۾ جبل جي ڪنهن غار ۾ گذاريندو هو ۽ مٿس خدا تعاليٰ جي عنايت ۽ راضپو هو. هڪ ڏينهن ٻيو فقير پنهنجي پٽ کي وٺي سندس زيارت لاءِ ڪهي آيو. ڳچ وقت رهاڻ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هي ٻئي پيءُ پٽ گهر موٽي آيا ته فقير پنهنجي پٽ کي چيو ته مون کي اهو فقير ڪنهن تقصير سبب اصل درجي تي نظر نه آيو ۽ وڏي ڳالهه ته ان جي کيس خبر ناهي. پٽ پڇڻ لڳو ته اها ڪهڙي تقصير آهي. پيءُ چوڻ لڳو ته چڱو هاڻي  هينئن ڪر جو وڃي کيس چؤ ته هڪ ڏينهن جڏهن ان جبل مٿان ڏاڍو مينهن ٿي پيو ته تنهنجي دل ۾ اهو خيال آيو ته هن جبل تي مينهن جي وسڻ مان ڪهڙو فائدو !؟بس انهيءَ تقصير سبب هن جي اها منزل نه رهي آهي. پٽ اهو پيغام کڻي وڃي ان درويش کي پهچايو ته هن تسليم ڪيو ته واقعي ائين آهي. بلڪ هن کي چيائين ته هاڻي هيئن ڪر جو منهنجي ڳچيءَ ۾ (287) رسو وجهي هن سڄي جبل تي مون کي ڦيراءِ ! هن ڇوڪر ائين نه ڪيو ۽ اچي پيءَ کي سڄي ڳالهه ٻڌايائين. پيءُ چيس ته بيشڪ وڃ ۽ ائين ڪر. آخر هن درويش کي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي سڄي جبل ۾ رلايو ۽ اهو درويش مسلسل توبہ زاري ڪندو رهيو. اوچتو آواز آيو ته اسان تنهنجو گناهه بخش ڪيو، بلڪ تنهنجي اڳئين درجي ۾ اضافو ڪيو. والله اعلم بالصواب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com