سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :12

فصل ٽيون

سنڌ جي اوليائن جون حڪايتون

شعلو: عزت ۽ عرفان جو صاحب، ذات حق ۾ فاني، جوانمردن جو سرواڻ آفتاب ورع ۽ عرفان مخدوم نوح قدس الله سره جڏهن قرآن پاڪ جي هيءَ آيت ”قالَ نُوحُ رَب لاتَذَر عَلَي الارضِ مِن الڪاِفِريِن ِديَارا“ (سوره 26:71) معنيٰ ”نوح پنهنجي رب کي چيو ته زمين تي هڪڙي ڪافر کي به نه ڇڏ.“ پڙهندا هئا ته چوندا هئا ته انهيءَ آيت سان فقيرن لاءِ هيءُ اشارو آهي ته اهي هينئن پڙهن: قال روح رب لاتذر علي القلب من الوسواس ديارا. يعني روح خدا تعاليٰ کي ٻاڏائي ٿو ته اي خداوندا، منهنجي دل تان انساني توڙي شيطاني سڀ وسوسا دور ڪر، جيڪي مون کي غافل ڪن ٿا ۽ دل کي حق جي ذڪر کان پري ڪن ٿا.

شعلو:هڪ ڀيري مخدوم آجب لانگاهه رحمة الله عليہ جيڪو پاڻ رضا جو چشمو، وفا جو نقطو، سرِالاهي جو صاحب، حقائق ۽ دقائق جو ڄاڻو ۽ خدا جو پسنديده هو، پنهنجي هڪ مريد سان گڏجي ٻئي ڪنهن ڳوٺ طرف روانا ٿيا ۽ ٽپهريءَ جو وقت اچي ڪنهن واهڙ تي پهتا. ڏٺائون ته ٻيڙيءَ وارو ڪو نه هو. مريد چوڻ لڳو ته هتان موٽي ڪنهن ڳوٺ ۾ هلجي ڇو ته سياري جي رات آهي، ٿڌ تمام گهڻي پوندي، جيڪا پاڻ کان برداشت نه ٿيندي. پنهنجو خيال رکجي ته اهو بهتر آهي.(288)

اهو ٻڌي مخدوم چوڻ لڳو ته پاڻ اڄ رات هتي رهنداسين ۽ صبح جو اٿي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي پرينءَ ڀر هلنداسين. مريد جڏهن اهو ٻڌو ته رهڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ اتي ئي سمهي پيا. چون ٿا ته ڪجهه گهڙيون گذريون ته واهڙ هڪ ننڍي واهه جيان ٿي پيو ۽ آواز اچڻ لڳو ته اي مخدوم، جيڪڏهن توهان قبول ڪريو ته ڀلي لنگهي پار وڃو. ليڪن مخدوم قبول نه ڪيو. ڪجهه دير کان پوءِ اهو واهڙ وڌيڪ سوڙهو ٿي وک جيترو مس وڃي بچيو. وري ساڳيو آواز آيو. پر مخدوم هينئر به اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ جواب ڏنائين ته اي دريا، اسان کي تنهنجي مدد جي ضرورت نه آهي. اسان جي توڪل خدا تي آهي.

آخر صبح جو جڏهن سج اڀري مٿي آيو ته ٻيڙيءَ وارو به اچي حاضر ٿيو. پاڻ ان ۾ سوار ٿي ٻئي ڳوٺ اچي پهتا.

شعلو:مخدوم ساهڙ لنجار جيڪو عشق ۽ معرفت ۾ ڀڙ هو، شوق ۽ محبت جو دريا هو، غفار ۽ جبار ذات جو برگزيده هو. سو چوندو هو ته مون پنهنجي پير کان ٻڌو ته مريدن کي اها نصيحت ٿي ڪيائون ته جنهن ماڻهوءَ ۾ هي ٽي خصلتون ڏسو ان جي پچر هرگز نه ڇڏيو، ڇو ته ان ۾ توهان جو فائدو آهي، بلڪ توهان جو پير اهو ئي آهي. پهريون، جڏهن توهان ان وٽ ويهو ته توهان کي هن جي ڏسڻ سان خدا ياد اچي. ٻيو، جڏهن هو ڳالهائي ته توهان تي ان جو اثر ٿئي. ٽيون، ان کان موڪلائڻ وقت يا ان جي صحبت مان اٿڻ.(289) توهان لاءِ دشوار محسوس ٿئي.

شعلو:هڪ بزرگ چيو ته منهنجي گهر واري رب جي محبت ۾ گهڻو مشغول رهندي هئي. ايتريقدر جو هڪ ڏينهن رنگريز جي زال اسان جي گهر ۾ اچي چيو ته اسان ڏي سندس اجوري جا ڪجهه پئسا رهيل آهن. اهو ٻڌي گهر واريءَ چيس ته انهيءَ ملهه جو ان کڻي وڃ. ان عورت ڇا ڪيو جو پنهنجي مرضيءَ موجب جيترا ٽويا ان جا کڻي سگهي هلي وئي. ڪجهه دير کان پوءِ وري موٽي آئي ۽ چوڻ لڳي ته اڃان منهنجا ڇهه ٽويا رهن ٿا. گهر واري جو محبت الاهيءَ ۾ مشغول هئي سو سمجهيائين ته چوي ٿي ٻارهن. سو چيائنس ته ڀلي ٻارهن ٻيا ڀري کڻي وڃ. مطلب ته انهيءَ محويت ۾ ائين ٿي سمجهيائين ته ٻارهن ڇهه کان گهٽ آهن !

شعلو: وقت جي قطب ۽ خدا جي پسنديده ٻانهي مخدوم نوح جو هڪ خاص مريد هو، جيڪو خانوٽ ۾ رهندو هو، تنهن کي حبس دمَ جي اڏي پڪاوت هئي جو جڏهن خانوٽ کان نڪرندو هو ته اچي هالڪنڊيءَ ۾ دم کوليندو هو. اهڙيءَ طرح وري جڏهن هالڪنڊيءَ مان روانو ٿيندو هو ته حبس دم ڪندو هو، جيڪو وڃي خانوٽ ۾ کوليندو هو. حالانڪ انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ اڌ پهر(ڏيڍ ڪلاڪ) جو پنڌ هو.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪڪراله شهر ۾ اسان جي هڪ اهڙي درويش سان ملاقات ٿي، جيڪو ڇهن مهينن کان پوءِ روزو کوليندو هو. ان سان ڪيتريون ڪچهريون ٿيون جن ۾ ڪيتريون ڳالهيون ٻڌايائين. هڪ ڏينهن پنهنجي ڳالهه ڪندي ٻڌايائين ته آءٌ حج يعني ڪعبي جي زيارت لاءِ سنڀري نڪتس. واٽ تي آءٌ قافلي کان ڇڄي پري رهجي ويس.(290) ڏاڍو حيران پريشان ٿيس ۽ اهڙي جڳهه تي اچي پهتس جنهن کي موت جي وادي سڏڻ صحيح ٿيندو. ليڪن اوچتو هڪ درخت جي هيٺان ذڪر جي ضرب جو آواز ٻڌي، فوراً ان طرف وڌڻ لڳس. ويجهو وڃي ڏسان ته ڪنهن ماڻهوءَ جو مٿو نظر آيم ۽ اهو ذڪر ان جي زبان تي جاري هو. اهو منظر ڏسي مون کيس عرض ڪيو ته سخت بکايل آهيان ۽ رستو ڀٽڪي ويو آهيان، خدا جي واسطي منهنجي مدد ڪريو ۽ دڳ لايو. جواب ڏنائين ته چڱو تون هاڻي روانو ٿيءُ، پر ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ توکي هڪڙي قبر نظر ايندي. اتي توکي ڪڻڪ ۽ ان کي پيهڻ لاءِ جنڊ، اٽي جي ڇاڻي ۽ مٺاڻ سڀ موجود ملندا. اهو پچائي پنهنجي بک لاهجان ۽ پر پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ هرگز ڪا شيءِ ضايع نه ڪجانءِ، ان کان پوءِ توکي از خود رستي جو ڏس ملي ويندو.

مان جڏهن اتي پهتس ته واقعي سڀ ڪجهه نظر آيو جنهن جي باري ۾ مون کي ڏس مليو هو. مون ائين ئي ڪيو جئن مون کي چيو ويو هو. ان کان پوءِ مون کي رستي جي خبر به پئجي وئي. ليڪن انهيءَ ماني کائڻ جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو ان کان پوءِ مون لاءِ ماني کائڻ ۽ نه کائڻ ٻئي برابر آهن.

شعلو:مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جيڪو حلم جو پهاڙ ۽ علم لدني جو سمنڊ هو چوندو هو ته اسان کائون پيئون ٿا، ليڪن ڪڏهن به ڍؤ ياد نه اٿم.

شعلو:فرمايائون ته اسان جي عزيزن مان هڪڙو سيد جيڪو مٽيارين ۾ رهندو هو، تنهن ڳالهائڻ بند ڪري سڪوت ۽ خاموشي(291) اختيار ڪئي، ۽ ڪنهن سان به گفتگو نٿي ڪيائين. آخر جڏهن چلو پورو ڪيائين ۽ ٻاهر نڪتو ته گهوڙي تي سوار ٿي ان کي پاڻي پيارڻ لاءِ ڪنهن واهڙ جو رخ رکيائين. اتي پهچي گهوڙي کي پاڻي پيارڻ لاءِ آواز ڪيائين. اڃا اتي ئي بيٺو هو ته عملن جي ڪاتب ملائڪ جو آواز ٻڌائين، جيڪو ٻئي کي چئي رهيو هو ته اهو آواز ڪڍيو اٿس، اهو سندس حساب ۾ لکو. اهو ٻڌي پاڻ ملائڪن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ڇا ايترو ڳالهائڻ به لکندؤ؟ انهيءَ تي ٻئي ملائڪ پهرئين کي چيو ته اهو جيڪو چيو اٿس، اهو به لکوس. چون ٿا ته ان کان پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين وري هڪ لفظ نه ڳالهايائين.

شعلو:هڪ دفعي مخدوم نوح رحه جيڪو پاڻ ۽ نصيحت جو صاحب عقل ۽ شرع جو امين، اصل ۽ فرع جو عارف ۽ عاشق يگانو هو، پنهنجي مجلس ۾ ويٺو هو ته سندس خاص مريد لڌو فقير ٻين ڪيترن ماڻهن سان گڏ اچي اتي نڪتو، خدا تعاليٰ مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جي ظاهري اکين ۾ بغير سرمي جي حقيقي بينائي ڏني هئي، سو جڏهن لڌي فقير سان آيل جماعتن جي ماڻهن هڪ هڪ ڪري ساڻس هٿ ملائڻ شروع ڪيو ته اها روش پاڻ کي پسند نه آين. فرمايائون ته اي لڌا، اسين دارلحرب يعني جنگ جي ميدان ۾ نه ويٺا هئاسون جو تون پوري جماعت وٺي آيو آهين.

شعلو: عزت ۽ وحدت جو صاحب، احسان ڪرم جو آفتاب، عرفان جو دريا، ننڍن ۽ وڏن ۾ مقبول شيخ ڀرڪيي رحمةِ الله عليہ جي ڳالهه ٿا ڪن ته پاڻ فرمايائين ته هڪ دفعي آءٌ رب تعاليٰ جو نورشهود ۾ مستغرق هوس جو آواز ٻڌم ته اي ڀرڪيا، ٻانهو رهڻ چاهين ٿو؟ چيم نه !(292) وري آواز آيو ته غلام ٿيڻ چاهين ٿو؟ چيم نه ! ٽي دفعا اهو آواز ايندو رهيو ۽ مان هر دفعي انڪار ڪندو رهيس. آخر آواز آيو ته جيڪڏهن ٻانهو به نه ۽ غلام به نه ٿو ٿيڻ چاهين ته پوءِ ڇا ٿو گهرين ؟ عرض ڪيم ته ڪي ڪين آهيان ۽ ڪين به نٿو ٿيڻ گهران. جڏهن اهو چئي چڪس مون محسوس ڪيو ته قدرت پنهنجو شفقت وارو هٿ مون مٿان دراز ڪيو.

حضرت جن چوڻ لڳا ته ان کان پوءِ خدا تعاليٰ وٽ شيخ ڀرڪيي جو عرفان قبول پيو.

شعلو:هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جو مريد جنهن جو نالو قطب هو، سير سفر تي نڪتل هو. اوچتو کيس بوبڪن جي شهر ۾ رات پئجي وئي، ته طالبعلم گهيري ويس. پڇڻ لڳس ته ڪنهن جو مريد آهين؟ جواب ڏنائين ته خدا جو مريد آهيان. طالبعلم جواب ٻڌي غصي ۾ اچي ويا ۽ سوچيائون ته هن کي شهر جي وڏي عالم ۽ فاضل مخدوم جعفر وٽ وڃي کيس تعزير ڏيارجي. جڏهن کيس هو پڪڙي وٺي هلڻ لڳا ته الٽو چوڻ لڳو خدا منهنجو مريد آهي. اهو ٻڌي طالبعلم وڌيڪ ڪاوڙ ڪرڻ لڳا ۽ فوري طور مخدوم جي آڏو پيش ڪيائون. اتي پهچڻ کان پوءِ مخدوم پڇيس ته تو واقعي ائين چيو آهي؟ جواب ڏنائين ته هائو. مخدوم وري پڇيس ته ائين ڇو چيئه. ڇو ته انهيءَ سان توتي شريعت جي حد لازم اچي ٿي. جواب ڏيڻ لڳو ته مون تي حد لازم ڪو نه ٿي اچي، ڇو ته مون جيڪي چيو آهي اهو معنوي لحاظ کان چيو اٿم. مخدوم پڇيس ان جو ڇا مطلب ! چيائين جڏهن خدا جو مريد چيم ته ان جو مطلب هو ته خدا جي ارادي ۽ آرزو کان سواءِ منهنجي دل ۾ ٻي ڪا شيءِ ڪو نه هئي. پر جڏهن اهو چيم ته خدا منهنجو مريد آهي،(293) ان جو مطلب آهي ته خدا تعاليٰ جيڪي ارادو ڪيو آهي ياد ڪندو اهو ضرور ظهور ۾ ايندو. مطلب ته شروع ۾ توڙي آخر ۾ اسان جي باري ۾ ارادو سندس ئي آهي. اسان کي اتي ڪو وس ڪونهي، جيڪي ڪري ٿو هو پاڻ ڪري ٿو. البت آءٌ پاڻ مخدوم نوح جو مريد آهيان.

شعلو:مخدوم جوڻو جيڪو بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺ دٻيءَ جو رهواسي هو ۽ پنهنجي وقت جي مشائخن مان هو، ان کان نقل آهي ته مائي نوري اصل ۾ مهاڻن جي قبيلي مان هئي، جنهن کي ڄام تماچي پنهنجي پٽ راڻي بڻايو ۽ کيس محل ۾ آڻي رهايائين. هڪ ڀيري هوءَ سيج تي چڙهي ويٺي هئي ۽ هر طرف مشڪ ۽ عنبر ڇٽڪاريل هئا ۽ ڪيتريون ٻانهيون سندس خدمت ۾ حاضر هيون ته اوچتو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. سڀئي عورتون سندس چوڌاريءَ مڙي آيون ۽ چوڻ لڳس ته پنهنجي پيءَ واري مڇيءَ جي ٽوڪري ياد پيئي اٿئي ڇا جو ايترو ويٺي ٿي روئين؟ چوڻ لڳي ته نه ان ڪري نٿي روئان. بلڪ سوچيان ٿي ته جيڪڏهن مون کي ڄام تماچيءَ سان محبت هجي ها ۽ منهنجي دل هن کي گهري ها ته هن جڳهه تي ڪيئن پهچان ها ! هينئر ته اها هن جي محبت آهي جيڪا مون کي ڇڪي هتي کڻي آئي ۽ هن هنڌ پهچايائين !

شعلو:هڪڙي فقير وڏي اتساهه منجهان ڪنهن بزرگ کان پڇاڪئي ته خدا سان ڪيئن واصل ٿجي؟ هن جواب ڏنو ته مرڻ پڄاڻان. فقير تي ايڏو اثر ٿيو،(294) جو ڪنڊ ۾ وڃي چيلهه سان ٻڌل ڪاتي ڪڍي پاڻ کي ذبح ڪري ڇڏيائين. هيڏانهن مريدن اچي بزرگ کي ٻڌايو ته هن فقير پاڻ کي ڪهي ڇڏيو. بزرگ چيو ته خدا تائين وڃي پهتو ۽ پنهنجو مقصد ماڻيائين. پر اسان هن کي ائين نه چيو هو ته پاڻ کي ڪاتيءَ سان ڪهي، بلڪ اسان جو مطلب هو ته مجاهدا ڪڍي  جيئرو پاڻ کي ماري يعني مئلن مثل جيئرو رهي.

شعلو:بزرگ ڀلاري، عالم ربانيءَ خدا سان حجتي مخدوم نوح رحه جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي هو اڪيلو جمعي نماز واسطي مسجد طرف وڃي رهيو هو ته رستي ۾ قاسم ڪوري جيڪو سندن خاص معتقد هو جي نظر وڃي مٿن پئي. هن ڏٺو ته مخدوم صاحب اڪيلا وڃي رهيا آهن ته خاموشيءَ سان سندن پويان هلڻ لڳو. مخدوم نوحه جڏهن سندس پاڇو ڏٺو ته پاڻ بيهي رهيا ۽ کيس چيائين ته ٻيا سڀ رستا ڇڏي هن رستي سان آيو آهين. اهو ٻڌي قاسم ڪوري دل ۾ شرمندو ٿيو، ۽ تڪڙو تڪڙو وکون ڀري هلڻ لڳو. ان کان پوءِ مخدوم نوحه وري سندس پويان هلڻ شرع ڪيو.

شعلو:وقت جي مشائخ هوٿي لاکي جي ٻن پٽن احمد ۽ محمد جيڪي پاڻ زماني جا عابد ۽ عارف هئا، تن جي ڳالهه آهي ته هنن بهشت کي خواب ۾ ڏٺو. اتي عاليشان قسم جا محل ۽ ماڙيون کين ڏسڻ ۾ آيا. ليڪن انهن جي اندر اهڙا شخص ويٺا هئا جن جا هٿ ڪپيل هئا. انهيءَ ڳالهه جو سبب معلوم ڪرڻ تي خبر پئي بلڪ انهن پاڻ ٻڌايو ته اسان سڀ عبادتون ڪندا هئاسين، پر جڏهن ٻانگ ڏيندڙ ٻانگ پوري ڪندو هو اسان ٻڪ نه جهليندا هئاسون ۽ نڪي هٿ منهن تي ڦيريندا هئاسون.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪو مريد پير سان گڏ هو (295) ۽ هو ٻئي ڪنهن طرف وڃي رهيا هئا. اوچتو رستي ۾ ڪو چور گڏين جنهن ڏسڻ سان پير جي مٿي تي لٺ وهائي ڪڍي. پير نظر ڦيرائي ان چور تي وڌي ته اهو چور ڪامل ولي ٿي پيو. مريد کي محسوس ٿيو سو پير کي چوڻ لڳو ته مون ڪيترو وقت توهان جي خدمت ڪئي آهي ۽ ايتري مشقت کنئي اٿم پر مون تي اها شفقت واري نظر نه ٿي آهي. ليڪن هو شخص جنهن توهان کي تڪليف پهچائي، ان کي هڪ گهڙيءَ ۾ خدا تائين پهچايو ڇڏيوَ ! پير جواب ڏنو ته هن کي جيڪي مون کي ڏيڻو هو سو ڏنائين ۽ مون کي جيڪي ڏيڻو هو سو مون ڏنو.

چون ٿا ته اهو پير حضرت جن پاڻ هئا.

شعلو:هڪ ڀيري سنڌ جو حڪمران مرزا شاهه حسين پنهنجي لشڪر سوڌو نيرن ڪوٽ پرڳڻي جي شهر اگهم ڪوٽ وٽان اچي گذريو. هوتي نالي بزرگ جيڪو اتي رهندو هو، اٿي سندس لشڪر سان گڏ هلڻ لڳو. بادشاهه کي جڏهن اها خبر وڃي ٻڌايائون ته فلاڻو بزرگ گڏ هلي رهيو آهي ته چيائين ضرور زمين جو مالڪ هوندو. اڳتي هليا ته مجذوب عمر بودلي وٽان سندس گذر ٿيو. ليڪن هن بادشاهه جي لاءِ ڪنهن به قسم جو توجه نه ڏنو ۽ نڪو خيال ٿيس ته ڪو بادشاهه گذري رهيو آهي. اها خبر وڃي شاهه حسين کي ٻڌايائون ته هن درويش ڪنهن به قسم جو تواضع بجا نه آندو. بادشاهه چيو ته پڪ هو زمين جي خفي کان آجو آهي.

شعلو:هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته عزت ۽ برڪت جي صاحب، حقيقت ۽ معرفت ۾ ڪامل، نبيءَ جي وارث ذات پاڪ جي برگزيده مخدوم نوح رحمةِ الله عليہ(296) وٽ هڪ ٻئي پٺيان ماڻهن جا ڪيترا ٽولا ملڻ آيا. سڀئي مخدوم سان دست بيعت ڪري رهيا هئا. انهن ۾ هڪڙو ننڍو ڇوڪرو به هو. ان جڏهن مخدوم سان هٿ ملايو ته خوش مزاجي ڪندي چيائون ته هي واقعي ڇوڪر آهي. جڏهن سڀني چيو ته هائو ته پاڻ فرمايائون ته ننڍي وهيءَ ۾ خدا هن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو آهي.

شعلو:هڪ دفعي درويش قطب فقير کي ڪنهن ڳوٺ ۾ رات پئجي وئي ته ڳوٺ جا ماڻهو مڙي آيس. چوڻ لڳا ته توهين جو چئو ٿا ته خدا تعاليٰ توهان جو دوست آهي ۽ اڻ گهريو توهان کي مان ڏئي ٿو ۽ پنهنجي فضيلت ظاهر نٿو ڪري، انهيءَ جو ڇا مطلب آهي !

دوريش جواب ڏنو ته ڇا توهان هيءَ حڪايت نه ٻڌي آهي؟ هڪ ڏينهن ڪو بادشاهه پنهنجي ماڙيءَ مٿان ويٺو هو. سندس چوڌاري ڪيتريون حسين و جميل عورتون ۽ ٻانهيون ويٺل هيون. ليڪن اوچتو ماڙيءَ هيٺان هڪ ٻاليڇائڻ عورت پنهنجي مٿي تي گندگيءَ جي ٽوڪري کڻي لنگهي ته بادشاهه جي نظر مٿس وڃي پئي. ڏسڻ سان ان تي عاشق ٿي پيو. بس پوءِ ته دير ئي نه ڪيائين، ان کي گهرائي وڏي عزت ۽ مرتبو ڏنائين ۽ سڀني عورتن ۽ ٻانهين کان مٿي کڻي ويهاريائينس. بلڪ انهن سڀني کي چيائين ته هن جي فرمانبرداري ڪريو. هاڻي ٻڌايو ته انهيءَ بادشاهه هن عورت ۾ ڇا ڏٺو هو جو ان کي اهو مرتبو بخشيائين !

شعلو:چون ٿا ته عارف الاهي ميرڻ ڪاتيار هڪ اهڙو بزرگ هو، جو اڪثر ڪري ذڪر ڪندي بيهوش ٿي ويندو هو. ذات حق ۾ ايترو مستغرق ٿي ويندو هو جو کيس ڪا خبر نه پوندي هئي. بلڪ ٻيا ماڻهو سمجهندا هئا ته هي جهان ڇڏي ٻئي جهان ۾ وڃي پهتو آهي.(297) اڪثر ڪري سورة ياسين جو ورد شروع ڪري ڇڏيندا هئا. ليڪن گهڻي دير کان پوءِ هو وري هوش ۾ اچي ويندو هو ۽ صحيح سالم اٿي ويهي رهندو هو.

شعلو:نقل آهي ته وقت جي برگزيده، عارف رباني ۽ سلطان التارڪين ميران سيد يوسف بکري جي پٽ سيد ابراهيم چيو ته آءٌ جڏهن ننڍو هوس ته هڪ ڏينهن مون انهيءَ ڪمري جو دروازو کڙڪايو، جنهن جي اندر سندس پيءُ ويٺل هو. اندران آواز آيو ته ڪير آهي؟ جواب ۾ چيم سيد ابراهيم. اهي لفظ ٻڌي سخت غصي ۾ اچي ويا ۽ چوڻ لڳا ته جيڪڏهن ”سيد“ لفظ نه چئين ها ته ڇا ٿي پوي ها ۽ تنهنجي مرتبي ۾ ڪهڙي گهٽتائي ٿي پوي ها. ڇو ڪو نه چيئي ته فقير ابراهيم آهيان يا رڳو ابراهيم چئين ها. حضرت جن کي هيءَ ڳالهه ڏاڍي پسند هوندي هئي.

شعلو:هڪ دفعي زماني جو مرشد،طريقت جو شيخ ۽ عارف يگانو جرڪس پٽ ڏنو رحه جيڪو ونگي ۾ رهندو هو، پنهنجي مريدن جي جماعت سان ڪنهن طرف وڃي رهيو هو. رستي تي جڏهن هڪ وڏو بيابان نظر آين ته هڪڙي مريد سوچيو ته آءٌ تڪڙو تڪڙو ٻي رستي کان وڃي پير جو اڳ ٿو جهليان. پير جڏهن ان جڳهه تي پهتو، هن لڪي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اتفاقاً پير جي زبان مان نڪري ويو ته اهو ڪو چور آهي. ان کانپوءِ اهو مريد واقعي راهه کان هٽي ويو ۽ چوريءَ کي ڌنڌو بنائي ڇڏيائين ۽ کاٽ هڻڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن اهو چور خود پنهنجي پير جرڪس جي پٽن جي (298) مينهن چورائي ويو، جنهن تي سڄي گهر جو گذر سفر هو. سڀ ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ چور جو پيرو کنيائون. پتو پئجي ويو ته اها چوري ان مريد ڪئي آهي، جنهن کان پير کي نفرت هئي. جڏهن اها خبر پير جرڪس تائين پهتي ته هو چوڻ لڳو ته اهو مريد ڇا لاءِ چور بڻيو آهي. انهيءَ ڪم کي ڇڏي ڇو نه ٿو ڏئي ۽ اها ئي ڳالهه هن لاءِ بهتر آهي. چون ٿا انهيءَ گهڙيءَ اهو مريد توبہ تائب ٿيو. هيڏانهن اهو پير ۽ ٻيا ماڻهو اڃان پيرو کڻي، انهيءَ طرف وڃي رهيا ته واٽ تي ڏٺائون ته اهو شخص پاڻ اها مينهن موٽائي اچي رهيو هو. جڏهن مرشد تي نظر پيس ته مينهن کڻي ان جي حوالي ڪيائين. مرشد چيس ته چوري ڇو شروع ڪئي اٿئي. چوڻ لڳو ته پهرين به توهان پاڻ اهو پاراتو ڏنو ۽ هينئر وري توهان پاڻ دعا ڪئي جيڪا قبول ٿي.

شعلو:هڪ ڏينهن درويش بادو جيڪو نيرن ڪوٽ پرڳڻي جي ڳوٺ ناهيون ۾ رهندو هو ۽ مخدوم نوح عليہ الرحمةِ جو مريد هو، تنهن پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته منهنجي دل چاهي ٿي ته هاڻي هتان ڪنهن ٻي جڳهه تي هليو وڃان. مخدوم صاحب فرمايس ته اي بادا، چؤ لا الہٰ الا الله. اڃان اهي لفظ مس چيائين ته ائين ڦٿڪڻ لڳو جئن مڇي ڄار ۾ ڦٿڪندي آهي. آخر بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو. چيائون ته هن کي کڻي اندر حجري ۾ سمهاريو.(299) پورا ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون حجري ۾ بي خبر پيو هو ۽ کيس هن دنيا جي ڪا خبر نه هئي.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن سائل خدا جي برگزيده ٻانهي ۽ عارف يگاني مخدوم يعقوب پليجي رحمةِ الله عليہ، جيڪو ستيار پرڳڻي جي ناري نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو،. تنهن کان سوال ڪيو. مخدوم چيس ته وڃ ۽ اسان جو غلام جيڪو جهنگل ۾ مينهون چاري ٿو، تنهن کان وڃي هڪ مينهن وٺ. انهيءَ سائل ڳولهي اچي ان غلام کي هٿ ڪيو ۽ هن کان مينهن جي گهر ڪيائين. غلام کيس سڀني ۾ پليل ۽ ڀلي مينهن جيڪا ڇهه ڪاسا کير ڏيندي هئي، سا کڻي حوالي ڪئي. شام جو غلام جڏهن گهر موٽي آيو ته مخدوم پڇيس ته سائل کي مينهن ڏنئه. هن جواب ڏنو ته هائو سائل کي اها مينهن ڏنم جيڪا ڇهه ڪاسا کير جا ڏيندي هئي. اهو ٻڌي مخدوم ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳس ته مون هن کي ڪا به مينهن ڏيڻ لاءِ چيو هو. پر جئن ته تو هن کي ڀلي ۾ ڀلي مينهن ڏني آهي، انهيءَ عيوض آءٌ توکي آزاد ڪريان ٿو. ان کان پوءِ اندر اچي اها ڳالهه پنهنجي گهر واريءَ کي ٻڌايائين جيڪا پڻ ڏاڍو خوش ٿي. بلڪ اهو ٻڌي چوڻ لڳي ته هاڻي جڏهن تون پاڻ مينهن ڏيڻ لاءِ چيو ۽ غلام ڀلي مينهن ڏئي ڇڏي، ته منهنجا جيڪي به توتي حق آهن، اهي توکي بخشي ڇڏيم.

شعلو:هڪ ڏينهن پير پنهنجي ٻن مريدن کي چيو ته اسان وٽ جيڪي مينهون آهن، تن جو کير ڏهي اچو. ٻئي مريد ٻه ڪاسا (300) کير جا ڏهي واپس اچي رهيا هئا ته هڪڙي ٻئي کي چيو ته هڪڙو ڪاسو کير جو آءٌ ٿو پيان باقي هڪڙو کڻي پير وٽ هلون ٿا. ٻئي چيس ته پاڻ کان اهو ڪم هرگز نه ٿيندو ۽ ٻيو ته پير کي اها خبر پئجي ويندي ۽ ضرور هو اها ڳالهه سمجهي ويندو. هو چوڻ لڳو ته تون اجايو وسوسو نه ڪر ڇو ته آءٌ پير کي چوندس ته اڄ صرف هڪ ڪاسو کير جو ٿيو. آخر ٻنهي ڄڻن هڪ ڪاسو کير جو پيتو ۽ باقي هڪڙو ڪاسو کڻي پير وٽ پهتا ۽ چوڻ لڳا ته اڄ صرف هڪڙو ڪاسو کير جو ٿيو آهي. پير جڏهن اهو گفتو ٻڌو ته چوڻ لڳو واٽ تي توهان مان ڪنهن چيو ته هڪ ڪاسو پيئڻ گهرجي ۽ ڪنهن چيو ته نه پيئجي. ڇو ته پير کي خبر پئجي ويندي. اهو ٻڌي اهي ٻئي مريد ڏاڍا شرمندا ٿيا. ان کان پوءِ پير ان مريد تي نظر وڌي جنهن پهرين کير پيئڻ تي رضامندو ظاهر ڪيو هو ته اهو مريد انهيءَ نظر سببان وقت جو عارف بنجي ويو.وري جڏهن ٻئي مريد تي نظر وڌائون ته اهو به ڪاملن جي مرتبي کي وڃي رسيو. جڏهن ٻين مريدن کي اها خبر پئي ته چوڻ لڳا ته اسان هيڏي ساري مشقت ۽ ڪشالا ٿا ڪريون، پر اسان کي ڪجهه حاصل نٿو ٿئي. پر اهي جن کي تقصير ٿي آهي، اهي نوازجي ويا. پير چوڻ لڳو ته جيڪي اڳيئي صدمن ۾ آهن تن کي وڌيڪ صدمو نه ڏجي، بلڪ انهن تي شفقت ۽ نوازش ڪجي. چون ٿا ته اهي پير حضرت جن پاڻ هئا.

شعلو:خدا جو نيڪ ۽ ڀلو ٻانهو ميرڻ ڪاتيار اڪثر ڪري چوندو هو ته عزرائيل عليہ السلام جي اسان تي ڪا دعويٰ ڪونهي.

شعلو:هڪ ڏينهن درويشن جو درويش، متقين جو اڳواڻ، پاڪ ۽ صاف انسانن جو سرواڻ داؤد رحمہِ الله عليہ جنهن جي تربت ڪولاب جي ڪناري تي جيڪا سندس نالي سان مشهور آهي(301) ۽ سندس ذات جي ڪري اهو هنڌ مشهور آهي، پنهنجن مريدن سان گڏ انهيءَ کڏ ۾ وهنجي رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي پڪڙڻ واري راند ۾ مشغول هئا. جيڪو پڪڙيو ٿي تنهن کي ٽٻي ٿي ڏياريائون. آخر هڪڙو وارو دائود درويش جو آيو. بس پوءِ ته ڪنهن کي پڪڙيندو ٿي ويو ۽ خوب ٽٻيون ٿي ڏياريائين ۽ انهن ٽٻين ۾ ئي پنهنجي مريدن کي، واصل بالله ۽ الهي جمال جو جلوو ٿي ڏيکاريائين.

شعلو:هڪ ڀيري مشقت ۽ مجاهدي ۾ مشهور درويش شيخ ڀرڪيو رحمةِ الله عليہ پنهنجي ڳوٺ ڪاتيار ۾ چلي ۾ ويٺل هو ته هڪ ٻيو درويش به ساڳئي ڳوٺ ۾ اچي چلي ۾ مشغول ٿيو. هي درويش چلي ۾ نه کائڻ برابر کاڌو واپرائيندو هو. ليڪن شيخ ڀرڪيي لاءِ هر روز مکيل ۽ مٺي ماني پهچندي هئي. سڄي ڳوٺ ۾ اهو چوٻول ٿي ويو ته شيخ ڀرڪيو چلي ۾ به سٺا طعام ٿو کائي، جڏهن ته هو درويش بکون ٿو ڪاٽي. آخر جڏهن چلو پورو ٿيو ۽ شيخ ڀرڪيي وٽ پنهنجي مريد آيا ته هن وات ۾ آڱر هڻي چاليهه ئي مانيون ڪڍي ٻاهر رکيون ۽ چوڻ لڳو ته مون جيڪي کاڌو اهو سڀ توهان جي آڏو آهي، ڀلي توهان به کڻي کائو.

شعلو:هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ جي ڍڳي گم ٿي وئي، سو بنا سنت پوري ڪرڻ جي وقت جي (302) درويش جرڪس پٽ ڏني رحمةِ الله عليہ ونگي واري وٽ دعا پنڻ ولاءِ هلي آيو. درويش دعا ۾ هي الفاظ چيا ته اي خداوندا، جيڪڏهن تنهنجي درگاهه ۾ اهو به روا آهي ته جيڪو سنت پوري ڪرڻ کانسواءِ دعا جو طالب ٿئي ته ان جي مدعا پوري نه ٿئي ته اها ڍڳي پيدا ڪر. چون ٿا ته اها دعا قبول پئي ۽ ڍڳي ملي وئي.

شعلو:خدا جو طالب، صدق ۽ صفا ۾ ڪامل ميرڻ ڪاتيار رحمةِ الله عليہ چوندو هو ته اسين جڏهن ذڪر ڪريون ٿا ته بلڪل اسانجي شڪل وصورت جهڙو ٻيو شخص سامهون اچي ويهي ٿو ۽ ذڪر ڪري ٿو. هو اسان کي چڱيءَ طرح نظر اچي ٿو.

شعلو: تجريد جي واٽ جو سالڪل ۽ توحيد جو پانڌيئڙو مخدوم زمان يعقوب پليجو رحه جنهن جو ڳوٺ نارو، ستيار پرڳڻي ۾ هو، هڪ دفعي مريدن سان گڏجي پنهنجي زمين تي آيو جتي مڱن جو فصل بيٺل هو. مريدن کي چيائون ته مڱ رڌي تيار ڪريو ته کائون. مريدن عرض ڪيو ته ٺڪر جي ڪني آهي سا به ڀڳل جنهن مان پاڻي وهي ٿو وڃي. درويش چين ته توهان پاڻيءَ سان ڀري باهه جي مٿان رکو. مريدن پاڻيءَ سان ڀري ان کي پاسيرو ڪري رکيو ته جئن ان مان پاڻي وهي نه وڃي. دريوش چوڻ لڳو ته ان کي سڌو ڪري رکو ته جئن منجهس گهڻا مڱ پچي سگهن ڇو ته اسان به الاهي ماڻهو آهيون. آخر درويش جي چوڻ موجب ڪني کي سڌو ڪري رکيائون ته منجهائنس هڪ ٽيپو پاڻيءَ جو ٻاهر نه نڪتو. سڀ عجب ۾ پئجي ويا ۽ جڏهن مڱ پچي تيار ٿيا ته کائي ڍؤ ڪيائون ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي آيا. گهڻن ڏينهن کان پوءِ (303) هڪ ڀيري وري مخدوم يعقوب پليجو پنهنجن مريدن سان زمين تي آيو ۽ زمين کي کيڙيءَ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا. اڃان ڪوڏر واري انهيءَ هنڌ تي پهريون لپو مس هنيو ته اها ٺڪر جي ڪني نڪري وڃي پري پئي. مطلب ته ڪوڏر جي ڌڪ لڳڻ سان نه ڀڳي ۽ ٻئي طرف وڃي پئي. درويش ان ڪوڏر واري کي چيو ته ٻيهر مٿس ڪوڏر هڻي. پر تڏهن به ڪنيءَ کي ڪجهه نه ٿيو. اهڙيءَ طرح ٽيون دفعو به ائين ڪيائون، پر ڪني نه ڀڳي ۽ ڌڪ لڳڻ سان ٿڙي ٻي هنڌ هلي ٿي وئي. آخر تائين ڪنيءَ ۾ نڪو سوراخ ٿيو ۽ نه ڀڳي نه ٽٽي.

شعلو:هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته اوائل عمر ۾ ميرڻ ڪاتيار گهران ڀنگ پي ٻاهر نڪتو ۽ سڌو پنهنجي ٻنيءَ جو رخ رکيائين. اتفاقاً رستي تي قدرت خداونديءَ سان مٿس الاهي جذب ۽ شوق جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. بس پوءِ ته سڀ ترڪ ڪري پاڻ کي عشق خداونديءَ ۾ فنا ڪري ڇڏيائين ايتريقدر جو ڪنهن ڳالهه جو هوش نه رهيس. آخر ڪن ماڻهن پڇيس ته هي رنگ توتي ڪيئن چڙهيو ۽ ڪنهن کان مليو؟ چوڻ لڳو ته جيستائين حضرت جن ملندا ته اهو راز ڪنهن کي نه ٻڌائيندس. ڪيتري وقت تائين اهو راز سيني ۾ سانڍي هلندو رهيو. انهيءَ دوران سندس حالت چرين جهڙي ٿي وئي ۽ هر ڪنهن کي ائين چيائين ته جيڪي مون وٽ هو، اهو هينئر هنن جي آڏو آهي. آخر جڏهن حضرت جن سان مليو ته چوڻ لڳو توهان کان سواءِ سر الاهي بيان ڪيم ته اجهو هيءَ حالت ٿي اٿم.

حضرت جن چيو ته اسان جڏهن هن کي انهيءَ حالت ۾ ڏٺو ته هٿ کان وٺي مخدوم نوح رحه وٽ وٺي آياسون، جن کيس ڏسي مون کي چيو ته جيڪي اسان جي هٿن مان وڃائجي ويو هو، اهو اڄ اسان کي وري موٽي مليو آهي (304) مخدوم نوح سان ملڻ کان پوءِ ميرڻ ڪاتيار چوڻ لڳو ته مون پڻ جيڪي وڃايو هو، هينئر محسوس ٿو ڪريان ته ان کان ٻيڻو مليو اٿم. ان کان پوءِ هن جڏهن به ائين چيو ته هن کي اتي رهڻ مان گهڻو فائدو پئي لڳو ته اسان کيس چيو ٿي ته پر اسان کي ڪجهه نٿو ملي. بهرحال جيڪڏهن توکي اتي رهڻ مان فائدو ٿئي ٿو ته پوءِ اسان وڌيڪ رهڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙيءَ  طرح پوءِ پورا ٽي ڏينهن اسان اتي ٽڪي پياسين.

شعلو:وقت جو مخدوم ۽ مشائخ، ڪرامت جو صاحب واقف اسرار الاهي، عشق خداونديءَ ۾ پڪل ۽ پختو رڪن الدين پٽ ونهيون رحه جيڪو سنڌ جي ڀٽ نالي ڳوٺ جو رهواسي هو، اڪثر مراقبي ۾ گذاريندو هو. مراقبي دوران جيڪڏهن ڪنهن شخص جو آواز ٻڌندو هو ته ڪنڌ مٿي کڻي اهڙو هيبتناڪ آواز ڪڍندو هو جو اڳلو اتي ئي دم ڏيندو هو. آخر هڪ ڏينهن اها خبر وقت جي عارف ۽ مرد مجاهد درويش پلي رحه جي ڪنن تائين وڃي پهتي. هو تيار ٿي هوٿي لاکي جي پٽ درويش احمد وٽ آيو ۽ ان کي سڄي حقيقت ٻڌائي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ڪيائين. ٻئي گڏجي روانا ٿيا ۽ پنڌ ڪندي اچي ان جاءِ تي پهتا. ڏٺائون ته درويش رڪن الدين پراڻ دريا جي ڪناري تي گدامڙيءَ جي وڻ هيٺان سماع ۾ مشغول هو. ٻئي ڄڻا ڪنڊ وٺي ويهي رهيا. ڪنهن وڃي درويش کي ٻڌايو ته احمد درويش آيو آهي، سو سماع ڇڏي احمد جي ڀرسان اچي وڏو خوفناڪ آواز (305) ڪيائين. ته جئن هو به ٻين ماڻهن وانگر مري وڃي. ليڪن احمد کي انهيءَ آواز ٻڌڻ سان ڪجهه نه ٿيو. اهو ڏسي سمجهيائين ته هي کانئس وڌيڪ بزرگ آهي. سو ڀرسان ويهي پڇڻ لڳو ته اي احمد، خداتعاليٰ جا ڪيترا نالا آهن؟ هن جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي. البت ايترو ڄاڻان ٿو ته عرش هيٺان هڪڙو وسيع و عريض ميدان آهي، جنهن جي ڊيگهه پنج سئو سالن جو پنڌ آهي. انهيءَ ميدان ۾ بي شمار سفيد پکي موجود آهن، جيڪي هر ڀيري ساهه کڻڻ سان اسم الله جو وٺن ٿا ۽ هر ڀيري خدا جو نئون نالو وٺن ٿا. يعني جيڪي پهرين ڀيري ساهه کڻڻ سان نالو ورتو هئائون. اهو ٻئي ڀيري نٿا وٺن. بلڪ نئين نالي سان ياد ڪن ٿا. مون کي انهن پکين جي پٺيءَ تي هٿ لائڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي. جڏهن درويش رڪن الدين اهو گفتو ٻڌو ته اٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي واٽ ورتائين. اهو ڏسي درويش پلي چوڻ لڳو ته رڪن الدين درجي ۾ احمد کان مٿي نه آهي. بلڪ هو ته نانگ مثل آهي جنهن جي ڏنگ سان ماڻهو مري ٿا وڃن.

شعلو:هڪڙو بزرگ سماع جو دلداده هو سو هڪ ڏينهن ريڻ دريا جي ڪناري تي ڪنهن قوال کي ٻڌي رهيو هو. جڏهن به ذاڪر بيت ٿي پڙهيو ته هن دريش تي ٻڌڻ سان ئي وجد ۽ حال غلبو ٿي ڪيو، بلڪ هوش حواس وڃائي ٿي ويٺو. آخر سماع ۾ ايڏو محو ٿي ويو جو درياءَ ۾ اندر ڪري پيو. ماڻهو هيٺ پاڻيءَ ۾ لهي ڳولهڻ لڳا پر هٿ نه آيو. پورن ٽن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ختم قرآن جو ڪڍرايائون جنهن ۾ فاتحه لاءِ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ويچارو قوال ڏاڍو پريشان هو ۽ اهو سمورو وقت فڪر ۾ مبتلا ڪنڌ هيٺ ڪيو گم سم ويٺو هو. آخر کاڏيءَ تي رکيل هٿ هٽائي وري ساڳئي جوش سان ٻيو بيت پڙهڻ شروع ڪيائين سندس اکين مان لڙڪ به وهي رهيا هئا. اهو آواز ٻڌڻ سان اوچتو اهو درويش درياءَ مان نڪري نروار ٿيو ۽ سڀني ماڻهن جي آڏو اچي بيٺو ۽ وري سماع ۾ لڳي ويو. (306) جڏهن سماع کان فارغ ٿيو ته وصيت ڪيائين ته مون کي مرڻ کان پوءِ اهڙي جڳهه تي دفن ڪجو جتي درويش اچي سماع ڪن ته جيئن انهن جي پيرن جي خاڪ اڏامي منهنجي قبر تي اچي پوي.

حضرت جن فرمايو ته انهيءَ درويش جي قبر مخدوم حسن هريڙي جي ميدان ۾ آهي، جتي مخدوم پاڻ سماع ڪندو هو.

شعلو:وقت جو شيخ ۽ امام، ارباب شوق وذوق، جهان جو ٿنڀ ۽ جذبي واري جو امام مخدوم حسن هريڙه رحه دائري ۾ رهندو هو ۽ اهو ڳوٺ ڊُڪ پرڳڻي ۾ واقع هو، هڪ دفعي هن ڏٺو ته ڪو شخص رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي حاضريءَ ۾ ويندو هو. هڪ دفعي هن ڏٺو ته ڪو شخص رسول الله جن وٽ خوشبو جو تحفو کڻي آيو. پاڻ سڳورن اهو کڻي حسن کي ڏنائون ته حاضرين ۾ تقسيم ڪري، هن اٿي سڀني حاضرين ۾ اها خوشبو تقسيم ڪئي. پر پاڻ لاءِ رڳو اهو ڪاغذ جو ٽڪر بچيس جنهن ۾ اها ويڙهيل هئي. پوءِ اهو ڪاغذ پنهنجي مٿي تي مهٽيائين. چون ٿا ته جيستائين جيئرو هو سندس مٿي مان اها خوشبوءِ ختم نه ٿي.

شعلو:چيائون ته هڪ دفعي آءٌ ۽ عيسو فقير گڏجي ڳوٺ کان ٺٽي طرف روانا ٿياسون. رستي ۾ رات پئجي وئي ۽ اسان کان رستو گم ٿي ويو. آءٌ اڳ ۾ هلي رهيو هوس ۽ پٺيان عيسو فقير هو. جيتوڻيڪ هو سمجهي ويو هو ته اسان رستو ڀلجي ويا آهيون، پر مجال جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي. آخر جڏهن مون پڇيومانس ڪٿي اچي نڪتا آهيون؟ چوڻ لڳو فلاڻي ڳوٺ ۾ آهيون. پڇيومانس (307) ته واٽ تي ٻڌايئي ڇو ڪو نه ته هي رستو ٺٽي وارو ناهي ۽ اصل رستو ڪو ٻيو آهي. چوڻ لڳو منهنجو سڌي رستي سان ڪهڙو واسطو يا ٺٽي ۾ منهنجو ڪهڙو غرض ! واسطو ته حضرت جن سان آهي، جيڏانهن توهان ويندا. آءٌ توهان جي ڪڍ آهيان.

شعلو:ڪنهن شخص کي پيريءَ ۾ خدا جي ياد جو خيال آيو، پر دل ۾ خيال آيس ته هينئر آءٌ ضعيف ٿي چڪو آهيان، سو خدا کي ڪيئن ياد ڪري سگهندس، ان لاءِ ته قوت ۽ سگهه کپي. اتفاقاً انهيءَ وقت هو هڪ جبل منجهان گذري رهيو هو، ڇا ڏسي ته ڪولين جي هيڏي ساري قطار آهي جيڪا برابر وڃي رهي آهي، اهو سوچي دل ۾ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن هي ڪمزور ڪوليون به پيون ٿيون هلن ۽ هلڻ کان بس ڪو نه اٿن ته مون کي به شايد ڪجهه اڳڀرو هلڻ سان راهه ملي وڃي. انهيءَ خيال سان خدا جي ياد ۾ مشغول ٿي ويو ۽ نيٺ بزرگيءَ جو وڏو درجو ماڻيائين.

هيءَ حڪايات اڳين بزرگن جي باري ۾ آهي، پر اسان هتي لکي آهي.

شعلو:هڪ ڏينهن ٻه شخص ڪنهن مسئلي پڇڻ خاطر وقت جي سڄاڻ قاضي مخدوم حسن رحه جيڪو بٺوري پرڳڻي جي هٽڙي نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو وٽ هلي آيا. مخدوم پنهنجي گهر هو، سو هنن اچي در کڙڪايو. ٿوري دير ۾ مخدوم کي گهر کان ٻاهر ايندي ڏٺائون. ليڪن هن جي پويان ڪو ماڻهو هو جيڪو کيس پٺيءَ تي ٻهارو هڻندو ٿي آيو. انهيءَ حالت ۾ هو جلدي اندر هليو ويو. آخر جڏهن ملاقاتي ٿيا ته پڇيائونس. اهو ڪير هو جيڪو توهان کي پٺيءَ کي ٻهارو هڻي رهيو هو؟ جواب ڏنائين ته اها منهنجي گهر واري هئي جيڪا سخت غصي ۾ هئي.(308)

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن واعظ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص ست ڀيرا الحمد پڙهي وهندڙ درياءَ تي شوڪاريندو ته درياء سڪي ويندو. هڪ شخص جيڪو وڏي ڪشالي بعد درياءَ پار ڪري گڏهه تي ڪاٺيون کڻي ايندو هو، اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. گهر پهچڻ شرط گڏهه کي سنڀرائي درياءَ جي ڪناري تي آيو ۽ جيئن واعظ چيو هو ته تيئن ڪيائين. واقعي درياءَ خشڪ ٿي ويو ۽ هو بنا ڪنهن تڪليف جي لنگهي پار پيو ۽ گڏهه تي ڪاٺيون رکي وري واپس موٽي آيو. ائين ڪيترو عرصو هو دريا پار ڪري ايندو ويندو رهيو.

گهڻن ڏينهن کان پوءِ اهو واعظ به درياءَ جي ڪناري تي اچي پهتو ڏٺائين، ته هڪڙو ڪاٺير آهي جيڪو ڪجهه پڙهي شُوڪاري ٿو ته درياءُ خشڪ ٿي وڃي ٿو. واعظ ان شخص کان پڇيو ته ڪهڙي سبب کان درياءَ خشڪ ٿي وڃي ٿو. هن جواب ڏنو ته جنهن ڏينهن اوهان کي ٻڌو هئم ته جيڪو به ست ڀيرا الحمد پڙهي درياءَ تي شوڪاريندو ته اهو سڪي ويندو، تڏهن کان وٺي آءٌ ائين ڪندو آهيان ۽ سولائي سان پار پهچي ويندو آهيان. واعظ پاڻ دل ۾ چيو ته ڇو نه مان به ائين ڪريان ته بنا ڪنهن تڪليف جي وڃي هن پار پهچان. سو الحمد پڙهي دم ڪيائين ۽ ور کنجي پاڻيءَ ۾ گهڙڻ لڳو ته پاڻي ورائي ويس ۽ ٻڏڻ لڳو. گهڻيون ئي دانهون ۽ ڪوڪون ڪيائين پر ڪجهه به ڪين وريس. ۽ انهيءَ شخص اهو سڄو لقاءُ بيٺي ڏٺو.

حضرت جن ان موقعي تي هي بيت پڙهيو:

[96]

ويساهه واري لنگهئو، اويساهي تار، (309)

ملو وڃي ڪن ڪر، تون ڪنر ڪوڏ نهار.

]ويساهه وارا درياءَ لنگهي پار پئجي ويا، ليڪن جن کي ويساهه ناهي، سي تار پاڻيءَ ۾ ڦاسي پون ٿا. ملان ڪنن تائين پاڻي ۾ ٻڏي ٿو وڃي، تون شوق وچان تماشو ڏس.[

شعلو:وقت جو بزرگ، وحدانيت جو پهلوان، جوانمردي ۽ سخاوت جي کاڻ، نبي ڪريم صلعم جي اولاد سيد رڪن الدين رحه مٽيارين وارو چوندو هو ته اسين پنهنجي ترڪشن کي تيرن سان ڀري ويٺا آهيون. پوءِ جڏهن انهن تيرن کي هلايون ٿا، ته ڪي ماڻهن جي ڪنن وٽان لنگهي وڃن ٿا ته ڪن جي منهن وٽان گذري وڃن ٿا. اهي ماڻهو جيڪي انهن جو نشانو نٿا بنجن، انهن کي ڪجهه نٿو ٿئي. البت جن مٿان اهي ڪارگر ٿين ٿا، ته اهي ڦٽجي پون ٿا ۽ قيامت تائين اٿي نٿا سگهن.

شعلو:هڪ ڏينهن ڪنهن درويش بهاءَ الدين گودڙيي کي چيو ته تون رڳو ٿو ڪتاب گڏ ڪرين يا خدا کي به ياد ٿو ڪرين. هن وراڻيو ته خدا ته گهڻا آهن، تون الائي ڪنهن جي باري ۾ ٿو پڇين.

اتي حضرت جن کان ڪنهن پڇيو ته ملان ڇا چيو ۽ درويش ڇا چيو؟ ملان ڏاڍي ڪاوڙ ۾ اچي ويو. البت درويش سنئين سبتي ڳالهه ڪئي ته ملان جيتوڻيڪ گهڻا خدا ڳڻي ٿا وڃن، پر آخر ۾ اهو ئي هڪڙو خدا آهي.

شعلو: خدا جو برگزيده ٻانهو ۽ ٻنهي جهانن جي فڪر کان فارغ درويش صالح ڪڪرالي وارو چوندو هو ته جيڪڏهن خدا تعاليٰ عدل ڪندو ته اسان جو ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ جيڪڏهن فضل ڪندو ته اسين عاجز ٿي پونداسون.

شعلو:هڪ ڏينهن عارف رباني(310)، برگزيده سبحاني، اڳين ولين جي شمع ۽ سچن جي صبح، خدا جي واٽ ۾ ڪٺل حسن سٺيو رحه ڳاهوٽ جو رهندڙ، وڻ جي هيٺان ويٺو هو. اوچتو وڻ جي مٿان ويٺل جهرڪيءَ وٺ لاٿي جيڪا درويش جي مٿان اچي پئي. فوراً اها جهرڪي به هيٺ ڪري پئي ۽ مري وئي. اتي ويٺل ماڻهن مان ڪي چوڻ لڳا ته جهرڪيءَ کي ڇا ڪيو جو اها مري پئي. درويش جواب ڏنو ته خدا جو قسم مون کي ڪا خبر ناهي. چون ٿا ته اها خبر جڏهن ٻئي درويش کي پئي ته هو چوڻ لڳو ته خداوندا، مون کي اهڙن ماڻهن کان پناهه ۾ رکج جن تي جيڪڏهن ڪا وٺ جهڙي شيءِ ڪري ٿي ته ساهوارا مري وڃن ٿا.

شعلو:مخدوم اسماعيل سومرو جيڪو فقير به هو ته غني به هو، مجاهدي ۽ رياضت جو صاحب هو وڏو مالدار ماڻهو هو. وٽس ڪيترو ئي ماهيو مال موجود هو. هڪ ڏينهن سندس ڌيءَ مخدوم عثمان رحمةِ الله عليہ جيڪو پنهنجي وقت جي ڏاهن انسانن مان هڪ هو، تنهن کان پڇيو ته اسان جون نوڪراڻيون جڏهن ڏڌ ولوڙينديون آهن، تڏهن پيرن جو زور ڏيئي مانڌاڻيءَ کي گهمائينديون آهن. ان وقت ڏڌ جا ڦڙا پيرن کي لڳي وري اچي چاڏيءَ ۾ پوندا آهن، سي پاڪ آهن يا نه؟ مخدوم جواب ۾ هي بيت پڙهيو:

[97]

چارئي پَلَئَه چڪ ۾، پڇي پاريهر وٺ،

ان اهڙي احتياط سين، ڦٺ پڄاڻان ڦٺ.

]چادر جا چارئي پلاند گپ چڪ ۾ آهن، پر پڇي ٿو ته ڪبوتر جي وٺ بابت؟ (311) اهڙي احتياط جو نتيجو جٺ ڦٺ ئي آهي.[

ان کان پوءِ چيائين ته بادشاهن جا انعام کائو ٿا ۽ پڇو ٿا اهڙا مسئلا؟

شعلو:هڪ درويش، عمر بودلي لاءِ جيڪو مجذوب ۽ حال کان بيحال هو، ان لاءِ چوندو هو ته بيشڪ هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پر منجهس هڪڙي خراب عادت آهي. اها هيءَ ته جيتوڻيڪ هو پنهنجي جڳهه ڪجهه عرصي لاءِ ڇڏي وڃي ٿو، ليڪن وري موٽي اچي اتي ويهي ٿو.

شعلو:هڪڙو مجذوب هميشہ اهي لفظ پيو چوندو هو ته آءٌ وڃان ٿو وڃان ٿو، پر ڪٿي به ترسان نٿو. حضرت جن کي اهي الفاظ ڏاڍا وڻندا هئا ۽ اڪثر دهرائيندا رهندا هئا.

شعلو:دلين جو شرف، اڪابرن ۾ وڻيل ۽ ابرارن ۾ پسنديده درويش ميان سليمان جيڪو اگهم ڪوٽ جو رهندڙ هو. تنهن کي چار زالون هيون. جنهن گهر واريءَ سان گهڻو انس هوندو هوس، ان کي جڏهن ڪو ڪم ڪار چوندو هو، ته هي الفاظ ڪڍندو هو ”اي انڌي، هيءَ ڪم ڪر.“ چون ٿا ته ائين چوڻ سان ان عورت جي نظر بيهجي ويندي هئي ۽ وري جڏهن پيار مان ائين چوندو هوس ته شال تنهنجو اڳيون نور روشن ٿئي، ته ان جو اڳيون نور واپس ايندو هو. چون ٿا هن جي گهر وارين سان اڪثر ائين ٿيندو رهندو هو.

شعلو:ولين جو اڳواڻ، پرهيزگارن ۾ ڀلو، ظاهر ۽ باطن ۾ گم، غائب ۽ حاضر جو مسافر، ورع جو صاحب، پنهنجي وقت جو يگانو مخدوم عربي دياڻو رحه هالڪنڊيءَ ۾ رهندو هو. هڪ رات پنهنجي جاءِ ۾ ويٺو هو ته اوچتو ڇت تان پاڻي وهندو اچي سندس چادر تي ڪريو. (312) دل جو وهم دور ڪرڻ لاءِ فوري طور چادر لاهي خادم کي ڏنائين ته جئن درياءَ تي وڃي ڌوئي اچي. خادم ڏاڍو پريشان ٿيو ته اڌ رات جو ڪيڏانهن ويندس. بهرحال پير جو حڪم مڃڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو ۽ چادر کڻي درياءَ طرف روانو ٿيو. اڃان شهر ڇڏي ٻاهر ٿيو ته ڏسي ته منجهند جو وقت ۽ سخت گرمي آهي ۽ ڪافي ماڻهو اچي وڃي رهيا آهن. دل ۾ عجب کائيندو اچي درياءَ تي پهتو ۽ چادر ڌوئي واپس ورڻ لڳو. وري جڏهن پير جي خدمت ۾ پهتو، ڏسي ته اتي ساڳي رات آهي. هر طرف اونداهي آهي ۽ ڪٿي به روشنيءَ جو نالو نشان ڪونهي. مخدوم ڌوتل چادر ڌسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خادم کي چوڻ لڳو ته مون کان جيڪي گهرڻو هجئي سو گهر ! هن جواب ڏنو ته توهان جيڪي ڏيندؤ سو قبول آهي. مخدوم چيس ته پوءِ ڇنڇر جي رات سمهڻيءَ جي نماز کان پوءِ صلواةِ غنا پڙهندو ڪر، جنهن جي هر رڪعت ۾ فاتح ۽ آيةِ الڪرسيءَ کان پوءِ اٺ دفعا انا اعطينا ۽ يارهن ڀيرا سورة اخلاص پڙهج. مون تي خدا تعاليٰ جيڪو پنهنجو ڪرم ڪيو آهي، انهيءَ نفل کان وڌيڪ مون ڪا شيءِ نه ڏٺي.

شعلو: مناهيجي ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ بزرگ چوندو هو ته خدا تعاليٰ تائين پهچڻ جي سولي ۾ سولي واٽ سماع آهي ۽ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا اهڙي آسان واٽ ڪانهي.

شعلو:هڪ ڏينهن وقت جي وليءَ، خدا جي عشق ۾ پڪل درويش حسن سٺيي ڪنهن طالبعلم کان پڇيو ته بهشت ۾ سماع هوندو يا نه؟ هن جواب ڏنو نه.اهو ٻڌي درويش چوڻ لڳو، پوءِ اسان جي ڪهڙي ڪم جو سماع کان سواءِ اسان کي ان جي ضرورت به ڪونهي !

شعلو:هڪ ڏينهن (313) زماني جو شيخ ۽ مخدوم، عشق ۽ معرفت جو داناءَ، رياضت ۽ مجاهدي جو صاحب درويش هوتي لاکو، جنهن جي تربت ساڱري جي ڪپ تي نصرپور پرڳڻي ۾ آهي، پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪري رهيو ته سماع کي هرگز ترڪ نه ڪجو يعني سماع کي ڏسڻ ۽ پاڻ ان ۾ شامل ٿيڻ نه ڇڏجو. ان کان پوءِ پنهنجي ڳالهه ڪري ٻڌايائون ته هڪ ڏينهن آءٌ ٻين ڪيترن بزرگن سان گڏ سماع ۾ مشغول هوس. اوچتو اتي هڪڙو شخص آيو جنهن کي ڳاڙهو لباس پاتل هو ۽ اچڻ سان سماع ۾ شامل ٿي ويو. انهيءَ شخص جي ڏسڻ سان اسان سڀني کي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ اسان جي دل ۾ درد الاهي ۽ وجد شوق و محبت جو نئون جذبو جاڳي اٿيو. بلڪ انهيءَ سماع ۾ هڪ مئل شخص جيئرو ٿي پيو ۽ الفت الاهيءَ ۾ رڱجي ويو. مون کي به خدا تعاليٰ جيڪي نصيب ڪيو آهي، انهيءَ جو سبب ۽ ڪارڻ اهو واقعو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com