سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :2

هن سلسلي ۾ ٻيو نهايت اهم ڪتاب جنهن مان ترجمي توڙي ماڳن مڪانن، ذاتين ۽ ماڻهن جي نالن سمجهڻ ۾ مدد ملي، اهو بيان العارفين جو پراڻي سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو هو، جيڪو عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ سنه 1213 هه ۾ مڪمل ڪيو. اڳتي هلي، اهو ساڳيو ترجمو سنه 1293 هه ۾ مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي مطبع مرغوب هرديار بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو ڪتاب علامه دائود پوٽي شاهه ڪريم جي ڪلام مرتب ڪرڻ وقت پڻ استعمال ڪيو. اسان پڻ هن ڪتاب مان استفادو ڪيو. ليڪن ان ۾ ڪن هنڌن تي ڪي نقل ڇڏيل آهن، ته ڪٿي ايڪڙ ٻيڪڙ ٿورو گهڻو پنهنجي طرفان اضافو ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح منجهس ڪي بيت غائب پڻ آهن. اهو ئي سبب آهي، جو اسان سڄو سارو دارومدار علي مير شاهه واري نسخي تي رکيو آهي، جيڪو هر لحاظ کان معياري آهي ۽ ان ڪري ان جو عڪس پڻ گڏ ڇاپيو آهي.منصوره وارو نسخو پڻ ڪن هنڌن تي ناقص هو، تنهن ڪري، ان جون اخلاقي پڙهڻيون نه ڏنيون اٿئون، جيڪي هونئن به تمام ٿوريون آهن. البت عڪسي ڪتاب جي آخر ۾ منصوره واري قلمي نسخي ۾ شاهه عبدالڪريم جي خاندان ويندي شاهه عبداللطيف تائين، قابل مؤلف 467 شعرن تي مشتمل جيڪو منظوم احوال ڏنو آهي، ان جو عڪس پڻ ڏنو آهي ته جئن اهو مواد به هميشہ لاءِ محفوظ ٿي وڃي.

آخر ۾ آءٌ انهن سڀني سڄڻن ۽ گهڻگهرن جو ٿورائتو آهيان، جن جي مدد ۽ همت افزائي سبب هي تاريخي ڪم سر انجام ٿي سگهيو. انهن ۾ خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، صدر علامه آءِ . آءِ قاضي ميموريل سوسائٽي جنهن ڪتاب جي مسودي کي نظر مان ڪڍيو ۽ وقت بوقت رهنمائي ڪئي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، ته هن ڪتاب جي ابتدائي مرحلن ۾ علامه آءِ آءِ  قاضي سوسائٽي جو تعاون حاصل رهيو. جناب علي مير شاهه پنهنجي خاندان طرفان ساهه سان سانڍيل بيان العارفين جو نسخو ڏيئي، هن سڄي ڪم کي هڪ نئين رخ سان مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏنو. قاضي شوڪت علي ۽ برادرم سليم الله صديقي پاٽائي پڻ منهنجي خصوصي شڪريي جا مستحق آهن، جن پنهنجي ڪتبخانن مان متسفيد ٿيڻ جو هر وقت ڀرپور موقعو ڏنو.

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو فيبروري 2002ع ۾ سنڌ اوقاف کاتي ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا جي تعاون سان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا شاهه عبداللطيف جي حوالي سان هن ڪتاب جي اهميت کي محسوس ڪندي ٻئي ڇاپي شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪيو، جنهن لاءِ آءٌ بورڊ جي لائق سيڪريٽري محترم اعجاز احمد منگيءَ جو ٿورائتو آهيان، ڪن مهربان دوستن سڄڻن پهرين ڇاپي ۾ ڪن اوڻاين ۽ غلطين جي نشاندهي ڪئي جن ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ جناب محمد ايوب ٻنڌاڻي شامل آهن. هن ڇاپي ۾ مناسب هنڌن تي اها اصلاح ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح انهيءَ عرصي دوران پنهنجي معلومات ۾ جيڪو واڌارو ٿيو، انهيءَ جي آڌار تي ڪجهه نوان اضافا ڪيا ويا آهن. محترم امين الله علوي ۽ محترم سليم الله صديقي صاحب جن پروفن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي جنهن لاءِ هو ٻئي صاحب شڪريي جا مستحق آهن.

اميد ته هيءَ ڪاوش سنڌي ادب جي گهڻگهرن ۽ تصوف جي شائقين وٽ قبوليت جو شرف ماڻيندي.

بنگلو سيڪريٽري – 7،       باٿ آئلينڊ، ڪراچي                   عبدالغفار سومرو

1- ذوالحج 1422هه/ بمطابق 13- فيبروري 2002ع

 

مقدمو

شاهه ڪريم جي سوانح

شاهه عبدالڪريم 20 شعبان 944 هه/30- جنوري 1538ع تي مٽيارين جي شهر ۾ ڄائو ۽ 7- ذوالقعد 1032 هه/1- سيپٽمبر 1623ع تي پنهنجي ڳوٺ بلڙيءَ ۾ وفات ڪيائين. موجوده ڪتاب ”بيان العارفين“ جي خاص خصوصيت اها آهي، ته اهو شاهه ڪريم جي هڪ سڄاڻ مريد محمد رضا بن عبدالواسع داروغه گهر جيڪو ٺٽي جو رهندڙ هو، تنهن شاهه ڪريم جي وفات کان فقطه ڇهه سال پوءِ يعني 1038 هه/1629ع ۾ لکي پورو ڪيو. ان لحاظ سان انتهائي مستند تذڪرو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه ڪريم جي خاندان جو مختصر ۽ سندس حياتيءَ جو مفصل احوال ڏنل آهي. ان سان گڏ سندس تعليمات ۽ هدايتون، صوفيانه اقوال ۽ عارفانه گفتا، جيڪي پنهنجي مريدن آڏو يا ٻين بزرگن سان ملاقاتن يا مجلسن ۾ ارشاد فرمايائون گڏ ڪيل آهن. ان کان سواءِ شاهه ڪريم جو شجره نسب ۽ سلسله طريقت پڻ ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ شاهه ڪريم جي اولاد جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته شاهه ڪريم کي اٺ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. شاهه ڪريم جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد گادي نشين ٿيو. سندس ٻئي ڀاءُ جلال شاهه جي چوٿين پيڙهيءَ مان، سنڌي ٻوليءَ جو  عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو.

بيان العارفين مان شاهه ڪريم جي حياتيءَ بابت جن خاص ڳالهين جي خبر پوي ٿي سي هيٺين ريت آهن.

(الف) شاهه ڪريم جي تربيت سندس والده ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو اڃان ننڍو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو.

(ب) شاهه ڪريم ننڍپڻ ۾ مڪتبي تعليم ڏانهن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، جيتوڻيڪ سندس وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه جو خيال هو ته پڙهي عالم فاضل ٿئي.

(ج) شاهه ڪريم ننڍي هوندي کان طبعاً فڪر ۽ سماع جي طرف مائل هو. جئن ته هو پڙهائي ڇڏي به وڃي سماع ۾ شريڪ ٿيندو هو.

(د) جوانيءَ ۾ هو پاڻ به سماع ۾ حصو وٺندو هو. هڪ ڏينهن اهڙي محفل ۾ مشغول هو جو وڏي ڀاڻس اتان وٺي اچي قاضيءَ آڏو پيش ڪيس ۽ سندس نڪاح پڙهايو ويو.

(هه) جيستائين سيد جلال شاهه جيئرو هو، ته شاهه ڪريم گهر ٻار جي  بار کان آجو هو ۽ گهڻو وقت سماع ۽ ذڪر جي محفلن ۾ گذاريندو هو.

(و) هڪ ٻن حوالن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪافي سير و سفر پڻ ڪيو هئائين. گجرات جي شهر احمد آباد تائين ويل ٿو ڏسجي، جتي پڻ سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيو ۽ اتي ئي هندي بيت ٻڌائين، جن مان ڪي بيان العارفين ۾ آيل آهن.

(ز) شاهه ڪريم محنت مشقت ۽ سخت پورهئي واري زندگي گذاري. پنهنجي ٻني پاڻ آباد ڪندو هو، بلڪ گهرو ڪم ڪار به پاڻ ڪندو هو. ايترو به ذڪر ٿيل آهي، ته پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ٻارن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن چانور وغيره رڌي تيار ڪندو هو.

(ح) جيتوڻيڪ شاديءَ جي باري ۾ صوفين جو نظريو ڪنهن حد تائين غير رواجي رهيو آهي، ليڪن شاهه ڪريم جا شاديءَ جي باري ۾ خيالات گهڻو سخت ۽ انوکا آهن.

(ط) شاهه ڪريم صوفين وانگر معمول مطابق عبادت کان سواءِ سخت رياضتون پڻ ڪيون. هن ڪتاب ۾ انهيءَ ڳالهه تي نهايت تفصيل سان روشني وڌل آهي، ته شاهه ڪريم پنهنجو ڏينهن ۽ رات ڪهڙيءَ ريت ڪهڙين مشغولين ۾ گذاريندو هو.

(ي) هن کي سماع سان فطري ۽ غير معمولي لڳاءُ هو. ايتري قدر جو جڏهن ڪنهن قوال يا ذڪر کان ڪو اعليٰ معنيٰ ۽ فهم وارو بيت ٻڌندو هو، ته مٿس وجد جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ اڪثر ڪري پنهنجي ڪلهن تي رکيل چادر انعام طور ڏئي، پوءِ اٿندو هو. مطلب ته ڪڏهن به قوال کي هٿين خالي وڃڻ نه ڏيندو هو.

(ڪ) شاهه ڪريم اسلام جي اوائلي صوفين جي زهد ۽ تقويٰ جو اعليٰ مثال هو. هو ٿورو کائڻ، ٿورو ڳالهائڻ ۽ ٿورو سمهڻ واري اصول جو عملي نمونو هو. سندس زندگي اعليٰ انساني اخلاق ۽ آدرش جو مثال هئي. پاڻ بنا ڪنهن دعويٰ ڪرڻ جي پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي زندگيءَ جو عملي تعبير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. پاڻ تمام سادو کائيندو هو. اڪثر روزي ۽ فاقي ۾ گذاريندو هو. ڪي ويلا اهڙا به ايندا هئا، جو گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪي ڪين هوندو هو. پر عين وقت تي ڪو سوالي اچي نڪرندو هو ته پاڻ ته ڇڏيو، پر گهر ڀاتين کي به بکيو رکي، سائل کي پيٽ ڀري کارائيندو هو.

(ل) شاهه ڪريم جو زمانو ارغونن ۽ ترخانن جي استبداد ۽ ڏاڍ جو زمانو هو. جنهن ۾ مقامي ماڻهن سان عام جام زيادتيون ٿينديون هيون. پر جڏهن به ڪو ستايل يا مظلوم وٽن دانهن کڻي ايندو هو، ته پاڻ ان جي داد رسيءَ لاءِ گڏجي، ان حڪمران تائين ويندو هو. پوءِ ڪڏهن اهو ڪم ٿيندو به هو ته ڪڏهن نه به ٿيندو هو. هن سلسلي ۾ پاڻ اهڙي شخص وٽ به بار بار هلي ٿي ويو. جنهن ڀلي کيس هن کان اڳ سکڻين هٿين موٽائي ڇڏيو هجي. بلڪ ڪڏهن ته ائين به ٿيو هوندو جو اڳلي کين مورڳو عزت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هجي.

(م)شاهه ڪريم جا پنهنجي وقت جي عالمن ۽ بزرگن سان سٺا تعلقات هئا ۽ خاص طور تي مخدوم نوح  رحه  سان وڏي عقيدت هئس. بيان العارفين جي لکيت موجب جيتوڻيڪ بظاهر سلطان ابراهيم بهاري کان قادري طريقي ۾ ذڪر جي تلقين ورتي هئائين، پر اصل ۾ شاهه ڪريم اويسي طريقي جو بزرگ هو. جيئن شاهه لطيف جي سوانح نگار مير سانگي پڻ لکيو آهي ته شاهه ڪريم کان وٺي شاهه لطيف تائين، هيءُ خاندان قادري طريقي سان منسلڪ رهيو. تاهم شاهه عبداللطيف پاڻ اويسي طريقي کي پسند ڪيو، جيڪا ڳالهه مخدوم محمد معين ٺٽويءَ سان سندس خط و ڪتابت مان ظاهر ٿئي ٿي.

مجموعي طور، بيان العارفين مان اهو تاثر ملي ٿو، ته شاهه ڪريم ڀرپور عملي زندگي گذاري، جنهن ۾ انساني همدردي ۽ اعليٰ اخلاق جا ڪيئي مثال موجود آهن. بلڪ سندس زندگيءَ مان تصوف بابت انهيءَ عام منفي راءِ جي ترديد ٿئي ٿي، جنهن مطابق صوفين کي مورد الزام ٺهرايو وڃي ٿو، ته اهي عمل جي دنيا کان ڀڄي خانقاهن ۾ پناهه وٺن ٿا ۽ ٻين جي ڪمائي تي گذر سفر ڪن ٿا. بيان العارفين مان اهو به پتو پوي ٿو ته شاهه ڪريم ڪڏهن به پنهنجي طرفان ڪرامت ڏيکارڻ جي دعويٰ نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين. مطلب ته سندس تصوف جا اصول ڪنهن به مرحلي تي هن جي عمل ۾ حائل يا رڪاوٽ نه بڻيا، نه رڳو پاڻ انهن تي عمل ڪري ڏيکاريائين، بلڪ ٻين کي به اهڙي تلقين ڪندو رهيو، ته انسان جو عمل ۽ ڪردار ئي سندس اصل قدر يا سڃاڻپ آهي.

شاهه ڪريم جي سماع جي روايت

صوفي ادب ۽ تذڪرن ۾ سماع ۽ ذڪر جو شروع کان وٺي بيان ملي ٿو. صوفين جي اولين تصنيفات ابونصر سراج جو ڪتاب اللمع (378 هه)، ابوطالب مڪيءَ جو ”قوت القلوب“ (382 هه)، ڪلاباذيءَ جو ڪتاب ”التعرف“ ( 380 هه)، هجويريءَ جو ڪشف المحجوب (465 هه)، قشيريءَ جو رساله قشيريه (465 هه) ۽ امام غزاليءَ جو ”احياء علوم الدين“ شامل آهن. اهڙيءَ طرح ستين صدي هجري يا تيرهين صدي عيسويءَ ۾ لکيل، شيخ شهاب الدين سهروديءَ جو ’عوارف المعارف‘ ۾ پڻ سماع تي پورو باب موجود آهي. برصغير پاڪ و هند ۾ سڀ کان اول چشتي سلسلي جي بزرگن وٽ ۽ تنهن کان پوءِ سهروردين وٽ سماع کي اهم حيثيت حاصل رهي آهي. انهن ذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪيترائي صوفي سڳورا ڪڏهن ڪڏهن سماع جي دوران جذب ۽ محبت جي غلبي سبب فاني دنيا کي ڇڏي، واصل بالله ٿي ويا. هجويري ڪشف المحجوب ۾ پنهنجي اکين ڏٺو هڪ اهڙو واقعو بيان ڪيو آهي. چشتي سلسلي جي مشهور بزرگ بختيار ڪاڪِيءَ لاءِ مستند روايت آهي ته هيٺئين شعر ٻڌڻ کان پوءِ مٿس اهڙو حال پيو جو ٽن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ حال ۾ گذاري ويو.

ڪشتگان خِنجرِ تسليم را،
هر مان ازغيب جاني ديگر است.

]تسليم جي ڪاتيءَ سان ڪٺلن کي هر گهڙيءَ غيب جي طرفان هڪ نئين زندگي ملي ٿي.[

شيخ بهاءَ الدين زڪريا ملتاني(661 هه) لاءِ به مشهور آهي، ته هو سماع ٻڌندو هو. روايت آهي ته هڪ دفعي عبدالله روميءَ نالي قوال ملتان آيو. شيخ جي خدمت ۾ حاضر ٿي چوڻ لڳو، ته سندس راڳ شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي پڻ شوق سان ٻڌندو هو. اهو ٻڌي شيخ فرمايو ته پوءِ زڪريا به ضرور اهو راڳ ٻڌندو. قوال سمهڻيءَ جي نماز کان پوءِ راڳ شروع ڪيو. جنهن ۾ هيٺئين بند جو ورجاءَ هو.

مستان که شراب ناب خور دند
از پهلوئي خود کباب خوردند

]اهي مست جن خالص شراب پيتو آهي، انهن پنهنجي ئي جسم جي ڪنهن حصي کي ڪباب ڪري کاڌو آهي.[

سنڌي تصوف جي تاريخ ۾ نائين صدي هجري يا پندرهين صدي عيسويءَ ۾ درويش احمد ] مخدوم احمد ڀٽي[ جيڪو هالڪنڊيءَ جو هو، هڪ دفعي جڏهن نيرن ڪوٽ ۾ سماع جي محفل ۾ هو، ۽ هيٺيون بيت ٻڌائين، ته سندس روح پرواز ڪري ويو.

سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جان نه ورن
ڪهڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.

بيان العارفين مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه ڪريم کي جوانيءَ کان سماع طرف فطري لاڙو هو. بلڪ هن ڪتاب ۾ سندس زندگيءَ جو پهريون وڏو واقعو ٻڌايو ويو آهي. سو اهو ته سندس وڏو ڀاءُ اڪثر سماع جي محفلن مان زوريءَ گهر وٺي ويندو هو. اهڙيءَ طرح جڏهن شادي ٿي ڪرايائونس، تڏهن به سماع جي محفل ۾ مشغول هو جو وڏي ڀاڻس ميان جلال وٺي آڻي قاضيءَ آڏو پيش ڪيس، ته جئن سندس نڪاح پڙهيو وڃي. سماع سان بيحد لڳاءُ ان مان به ظاهر آهي ته پاڻ آخر ۾ ائين چوندو هو، ته ٻيا ماڻهو دنيا جا ٻيا فن ۽ هنر سکيا، آءٌ ڪجهه به نه سکيس سواءِ سماع جي. سورهين صديءَ جي شروع ۾ لکيل تاريخ معصومي جي حوالي مان معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ ۾ صوفيانه سماع جو وڏو زور هو. بهرحال شاهه ڪريم جي زندگيءَ ۾ سماع جي غير معمولي اهميت سبب ئي هن ڪتاب ۾ هڪ پورو فصل سماع تي موجود آهي. شاهه ڪريم سماع جو وڏو قدردان هو ۽ جيئن بيان ٿيل آهي، ته جڏهن به سماع جي محفل ختم ٿيندي هئي، ته قوال کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏئي اٿندو هو. مطلب ته قوال کي ڪڏهن به خالي هٿين وڃڻ نه ڏيندو هو. بلڪ ائين به ٿيو ته جڏهن هڪ دفعي سندس بدن تي رڳو هڪ قميص پاتل هئي، ته اها به لاهي قوال کي ڏنائين. دراصل صوفين وٽ هن روايت جو بنياد رسول اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو اهو عمل آهي، جو پاڻ ڪعب بن زهير کان قصيده بانت سعاد کان ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي ڪلهن واري چادر لاهي، ان کي انعام طور ڏني هئائون.

بيان العارفين جي مصنف موجب شاهه ڪريم اڪثر پاڻ سماع ڪندو هو يا سماع ۾ حصو وٺندو هو. اهو سماع جو شوق ئي هو، جيڪو کيس گجرات ۽ احمد آباد تائين وٺي ويو ۽ جتي هندي دوهن ۽ بيتن ٻڌڻ جو اتفاق ٿيس. شاهه ڪريم وٽ سماع جي حيثيت ذڪر برابر هئي ۽ اها ڪا عيب يا نئين ڳالهه به نه هئي. ابوطالب مڪي ’قُوت القلوب‘، ۾ چوي ٿو ته سماع ذڪر جي صورت آهي، بشرطيڪ ان سان خدا جي طرف رجوع ٿئي. شاهه ڪريم لاءِ روايت آهي ته ائين ڪيترا ڀيرا ٿيو هوندو، جو سماع دوران ڪنهن بيت ٻڌڻ سان مٿن حال يا وجد طاري ٿي ويندو هو ۽ وري ڪجهه دير کان پوءِ هوش ۾ ايندو هو، ته وري سماع ۾ شروع ٿي ويندو هو. بيان العارفين مان خبر پوي ٿي ته انهيءَ زماني ۾ سماع کي بهشت جي نعمتن مان هڪ نعمت تصور ڪيو ويندو هو. هڪ ٻيو قول اهو به آهي، ته خداتعاليٰ تائين پهچڻ جي سولي واٽ سماع آهي. انهيءَ ڪري پاڻ مريدن کي به سماع ۾ حصي وٺڻ جي هدايت ڪندا هئا ۽ کين اها ڳالهه هرگز نه وڻندي هئي، ته ڪو مريد سماع اڌ ۾ ڇڏي اٿي وڃي. هن سلسلي ۾ چوندا هئا ته سماع جا آداب پوري طرح بجا آڻيو.

بهرحال سنڌ ۾ صوفيانه سماع جي روايت جيڪا شاهه ڪريم وٽ ملي ٿي، ان کي شاهه لطيف نهايت منظم طريقي سان مروج ۽ جاري رکيو.

حڪايتن ۾ حقيقت جو پهلو

عام طور سوال پڇيو وڃي ٿو ته تصوف جديد دور جي انسان لاءِ ڪهڙي ڪارج جو آهي؟ اهو سوال ان پس منظر ۾ ڪيو وڃي ٿو، ته صوفيانه ادب ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙيون حڪايتون، نقل ۽ واقعا بيان ٿيل هوندا آهن جيڪي عقل کان ٻاهر يا بعيد از قياس سمجهيا وڃن. ان جو هڪڙو سڌو سنئون جواب اهو آهي، ته خالص عقل جي رستي حقيقت کي سمجهڻ وارن جو تعداد ڪنهن به دور ۾ تمام ٿورو يا نه هئڻ جي برابر رهيو آهي. اهو ئي سببّ آهي جو دنيا جي سموري مذهبي ۽ اعليٰ ادب ۾ سمجهاڻيءَ جو مؤثر طريقو تمثيل، نقل نظير ۽ ڪهاڻيون رهيون آهن.

انهيءَ ڪري اهو صحيح آهي، ته تصوف ۽ خاص طور ملفوظاتي ادب (Hagiography) ۾ واقعي ڪيئي اهڙيون ڳالهيون جيڪي بظاهر طبعي لحاظ کان ناممڪن يا عقل کان ٻاهر لڳن ٿيون بيان ڪيل آهن، پر گهڻو غور ڪري ڏسبو، ته انهن ۾ ڪو عيب به ڪونهي، ڇو ته اهي گهڻيون ڳالهيون صرف نصيحت جي لحاظ کان بيان ٿيل آهن. اصل مقصد انسان جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کيس چڱائي ۽ برائي جي تميز کان واقف ڪرڻ آهي. هتي بنيادي سوال نصيحت جو آهي ۽ ان لاءِ مابعد طبعياتي يعني عقل کان ٻاهر وارن طريقن جي ضرورت آهي. انساني تاريخ ۽ فڪر جو اڀياس، جنهن ۾ خود مذهب شامل آهي، ٻڌائي ٿو ته اهو مابعد طبعياتي طريقي کان سواءِ ناممڪن آهي.

انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو ته اوائلي دور ۾ ديون ۽ پرين جون ڪهاڻيون يا جانورن ۽ پکين جي زباني ڪهاڻيون، انساني نفسيات جي عين مطابق هيون. ليڪن جئن انسان فڪري ارتقا جا مرحلا طئي ڪيا، ته سندس موضوع سڌو سنئون انسان پاڻ بنجي پيو. اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ صوفيانه ادب تي صحيح نظر اچي ٿي، جتي هر ڳالهه جو محور انسان جي پنهنجي ذات ۽ ان جو شعور آهي. اهو سندس ذات جو شعور ئي آهي، جيڪو کيس خدا جي ذات جوشعور بخشي سگهي ٿو. انهيءَ لحاظ کان سڀني صوفين جو بنيادي اصول يا متو ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو رهيو آهي. سمورو صوفي ادب خداشناسي، خودشناسي ۽ انسان شناسي تي مشتمل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو صوفي ادب ۾ سڄو زور ٻين انسانن جي حقن جي شناس ۽ ادائگي، انهن سان برتاءُ ۽ سلوڪ، انسان جا باهمي حق ۽ فرض، اٿڻ ويهڻ جا آداب، هڪ ٻئي سان برابريءَ جي هلت ۽ عزت وغيره جهڙن اعليٰ انساني قدرن تي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هنن انسان جي منفي قوتن: غصو ۽ غيبت، ڪوڙ ۽ ڪپت، وڏائي ۽ هٺ ۽ ٻين اهڙن اوگڻن جي ختم ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي ۽ انساني شخصيت جي مثبت پهلوئن سچ ۽ سهپ، صبر ۽ شڪر، اميد ۽ توڪل، مساوات ۽ محبت وغيره تي زور ڏنو. حقيقت به اها آهي ته انساني معاشري جي بقا ۽ دوام لاءِ منفي قوتن جي مقابلي ۾ مثبت قوتن کي روبعمل آڻڻو آهي. صوفين جي سڄي فلسفي ۾ انسان جي انسان سان ۽ انسان جي ڪائنات ۽ خدا سان تعلقات ۾ اها ئي ڳالهه نظر ايندي.

انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو ته صوفيانه ادب ۾ جيڪي به نقل نظير آهن انهن جو ماحصل انسان جي پنهنجي ذات جي تصحيح ۽ اصلاح آهي. وري اهي نقل يا حڪايتون گهڻي ڀاڱي ولين ۽ ٻين وڏين شخصيتن جي حوالي سان آندل آهن. اهو ان ڪري ڇاڪاڻ ته انساني نفسيات وڏين شخصيتن جي حوالي سان گهڻو متاثر ٿيندي رهي آهي ۽ اصلاح جو اهي وڏو ۾ وڏو ذريعو رهيون آهن، بلڪ اهي بني نوع انسان لاءِ روشنيءَ جي مينار جي حيثيت رکن ٿا. هاڻي جئن ته صوفين جو مطمح نظر هميشه نصيحت ۽ هدايت هئي، تنهن ڪري هنن هروڀرو ڳالهه جي اصليت تي زور نه ڏنو آهي، جنهن ۾ پڻ سندن بالغ نظر شامل آهي. هنن وٽ ڳالهه يا قصي جي هيئت(form) ۽ ترتيب غير ضروري ۽ ثانوي آهي، ڇو ته هنن جو اصل مقصد انساني عمل ۽ ڪردار جي اصلاح آهي.

شاهه ڪريم جي دور جو سياسي ۽ سماجي پس منظر

سورهين صدي سنڌ جي تاريخ ۾ انتهائي انتشار ۽ وڳُوڙ جو زمانو هو جنهن جي شروعات سن 946 هه/1521ع ۾ سنڌ جي مقامي حڪمرانن سمن جي شاهه بيگ ارغون هٿان شڪست سان ٿي، ۽ سنڌ تي ڌارين جو راڄ قائم ٿي ويو. شاهه بيگ ارغون اڃا پاڻ کي پوريءَ ريت مضبوط نه ڪيو هو، جو ٻن سالن اندر گذاري ويو. سندس مرڻ کانپوءِ هن جو پٽ شاهه حسن ارغون حڪمران ٿيو ته هڪ ڀيرو وري سما خاندان طرفان ڄام فيروز وڏو لشڪر وٺي، ساڻس مقابلو ڪيو، پر بري طرح ناڪام ٿيو.

شاهه حسن ارغون جيتوڻيڪ پنجٽيهه سال حڪومت ڪئي، پر هن جو دور به انتهائي افراتفري ۽ ڪشمڪش جو عالم ثابت ٿيو. همايون سن 1540ع ۾ شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، سنڌ جو رخ رکيو ۽ تقريباً ٽي سال سانده سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. شاهه حسن سياسي چال طور کيس ڪٿي به آرام سان ويهڻ نه ٿي ڏنو. جتي به ويو ٿي، ته هن لاءِ تڪليفون ٿي پيدا ڪيائين. آخر همايون قنڌار جو رخ رکيو. شاهه حسن ارغون لاولد فوت ٿيو ته سندس بيگم مرزا عيسيٰ ترخان سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح هو سنڌ جو حڪمران ٿيو. پر جئن مرزا عيسيٰ حڪمران ٿيو، ته بکر جي حڪمران سلطان محمود کيس مڃڻ کان انڪار ڪيو. آخر مرزا عيسيٰ ترخان بکر تي 1555ع ۾ حملو ڪيو. هو اڃان بکر ۾ ئي هو، ته پورچو گيزن ٺٽي تي حملو ڪري، شهر کي باهه ڏيئي، وڏي ڦرلٽ ڪئي ۽ الائجي ڪيترن انسانن جو ناحق قتلام ڪيائون. چون ٿا ته اصل ۾ مرزا عيسيٰ پورچو گيزن کي سلطان محمود جي خلاف پنهنجي مدد لاءِ گهرايو هو. پر جڏهن کيس ٺٽي ۾ نه ڏٺائون، ته وڌيڪ ترسڻ جي بجاءِ انتهائي ذليل ۽ ڪمينه صفت هجڻ جو مظاهرو ڪيائون. مطلب ته شاهه حسن جي مرڻ کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي. بکر کان سيوهڻ تائين سلطان محمود جو تسلط هو، ته سيوهڻ کان ٺٽي تائين مرزا عيسيٰ جو حڪم هلندو هو.

اهڙيءَ طرح مرزا عيسيٰ ترخان ارڙهن سال حڪمراني ڪندو رهيو ۽ جڏهن سن 1566ع ۾ وفات ڪيائين، ته سندس پٽ مرزا محمد باقي بيگ تخت نشين ٿيو. هو ڏاڍو ظالم ۽ سفاڪ ثابت ٿيو. ايتريقدر جو سندس ننڍو ڀاءُ ۽ نياڻو به مخالف ٿي ويا ۽ انهن جي سڏ تي سلطان محمود بکر مان مرزا باقيءَ تي چڙهائي ڪري آيو، پر ڪو به فيصلو ٿي نه سگهيو.

اهو ئي زمانو هو، جڏهن اڪبر بادشاهه سنڌ کي مغل سلطنت  سان ملائڻ خاطر سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو، جنهن جي نتيجي ۾ اتر سنڌ تي سنه 982 هه/1574ع ۾ سندس قبضو ٿي ويو. ٺٽي جي حڪمران مرزا باقي اهو حال ڏسي، اڪبر بادشاهه سان مصالحت جو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ڌيءَ اڪبر بادشاهه جي حرم ۾ دهليءَ ڏياري موڪليائين. جنهن کي هن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوءَ واپس موٽي آئي. آخر مرزا باقيءَ جهڙي اڌ چرئي ۽ ظالم حڪمران مان سنڌ جي جان ائين خلاصي ٿي، جو سنه 993 هه/ 1585ع ۾ هو چريو ٿي پيو ۽ ترار کڻي پاڻ کي ڦٽي وڌائين ۽ پوءِ انهن ڦٽن وگهي ئي سندس موت ٿيو.

مرزا باقيءَ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ مرزا جاني بيگ حڪران ٿيو، جيڪو پڻ پيءَ وانگر ظالم ۽ جابر ٿيو، پهريائين ته هن پيءَ جي بدلي خاطر ڪيترن بيڏوهي انسانن کي پڪڙي ناحق مارائي ڇڏيو. انهن افعالن جي ڪري جلد ئي هو اڪبر بادشاهه جو اعتماد وڃائي ويٺو، جنهن ڪري سنه 1000هه/1591ع ۾ عبدالرحيم خان خانان اڪبري لشڪر وٺي سنڌ ۾ داخل ٿيو. پوري هڪ سال جي ڪشمڪش کان پوءِ جاني بيگ آڻ مڃي. مرزا جاني بيگ کي وٺي وڃي دهليءَ ۾ رهايائون ۽ سنڌ ۾ سندس سورهن سالن جي پٽ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪيائون. ان کان پوءِ جيستائين سنڌ مغلن جي سلطنت ۾ شامل رهي، ته دهليءَ کان ٺٽي جا نواب مقرر ٿيندا رهيا.

مغل صوبيدارن ۽ انهن جي نائبن جي وقت ۾ سنڌ سان ڇا وهيو واپريو، ان جو تفصيل همعصر“تاريخ مظهر شاهجهاني” ۾ چٽيل آهي، جيڪا 1039هه کان 1040هه دوران يوسف ميرڪ تصنيف ڪئي. جئين مصنف ديباچي ۾ پاڻ ڄاڻايو آهي، ته سندس تاليف جو سبب مغلن جي نائبن طرفان اهي مظالم ۽ ڏاڍايون هيون، جيڪي هنن ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکر ۾ سنڌ جي عوام سان روا رکيا ۽ يوسف ميرڪ پاڻ انهن جو اکين ڏٺو شاهد هو. هن جي لکڻ موجب سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جو امن امان ڪو نه هو جنهن ڪري عوام جي عزت ۽ مال ملڪيت قطعي محفوظ نه هئا. حڪمرانن کلئي عام ماڻهن جي بيعزتي ٿي ڪئي ۽ اجايا سجايا محصول ۽ اوڳاڙيون ٿي ڪيون. ٻنين ۾ جڏهن فصل پچي تيار ٿيندا هئا، ته سرڪار جا هٿ ٺوڪيا ماڻهو ڍل مقرر ڪرڻ لاءِ نڪرندا هئا ۽ ايڏي جمعبندي لاڳو ڪندا هئا جو پوکيندڙن لاءِ ڪجهه نه بچندو هو، بلڪ ڍورن ڍڳن سميت ارڪو ترڪو ضبط ڪري، بقايا جي وصولي ڪئي ويندي هئي.

مٿين ڳالهين جي تصديق بيان العارفين مان پڻ ٿئي ٿي. جئن اهو ذڪر آيو آهي، ته مغلن جا ڪيترا جاگيردار اهڙا هوندا هئا، جو زمين آباد ڪندڙ هارين کي آباديءَ جو پورو حصو ڪو نه ڏيندا هئا. خود شاهه ڪريم سان اهڙا واقعا ٿيا، جنهن ۾ سندس پٽن جو مغلن جي جاگيردار سان جهيڙو ٿي پيو ۽ جهيڙي ۾ مغلن جا مٿا ڦاٽي پيا. جنهن جي دانهن مرزا جاني بيگ تائين وڃي پهتي. شاهه ڪريم ٺٽي ۾ اچي جلال بن علي شيرزايءَ کي سفارش طور پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ وٽس آيو، ته جئن معاملو رفع دفع ٿئي، ليڪن جڏهن جلال شيرازي هلڻ کان انڪار ڪيو ته پاڻ اڪيلي سر وڃي مرزا جاني بيگ وٽ حاضر ٿيو. جنهن تي سندن چتين لڳل لباس جو ايڏو اثر ٿيو جو جاگيردار جي دعويٰ رد ڪرڻي پيس.

اهڙيءَ طرح ٻئي قسم جون زيادتيون به عام جام هيون ۽ انهيءَ ڪري مقامي ماڻهو شاهه ڪريم وٽ ايندا هئا ته هو ساڻن گڏ هلي انصاف وٺي ڏئي. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن دادرسيءَ لاءِ ٻين سان ميڙ بنجي به گڏجي ويندا هئا. جيڪڏهن هڪ دفعو مُهت نه ملندو هون، ته ٻيو دفعو به گڏجي وڃڻ ۾ عار نه سمجهندا هئا.

سنڌ هند ۾ تذڪرن ۽ ملفوظات جي روايت

برصغير ۾ علي هجويريءَ جو ڪشف المحجوب (450هه/1057ع) تصوف بابت پهرين تصنيف آهي، بلڪ فارسيءَ ۾ پڻ اهو تصوف تي پهرين باقاعدي تحرير آهي. ڪشف المحجوب جتي تصوف جي بنيادي تصورات جي سمجهاڻي آهي، اتي اهو ڪنهن حد تائين تذڪرو به آهي. ليڪن اهو ملفوظات ۾ شمار نٿو ٿئي، ڇو ته ملفوظات اهڙي تحرير کي چيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪنهن هڪ صوفي بزرگ جي زندگي ۽  تعليمات خاص طور ان جي گفتگو ۽ قولن کان سواءِ سندس نصيحتن ۽ حڪايتن کي جمع ڪيو ويو هجي. ان لحاظ کان برصغير ۾ پهريان ملفوظات چشتي سلسلي جي بزرگن جا آهن، جنهن ۾ سڀ کان اول“انيس الارواح” آهي. جيڪا خواجه عثمان هارونيءَ ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جو مرتب خواجه معين الدين چشتي اجميري(631هه/1234ع) ڄاڻايو وڃي ٿو. ٻئي نمبر تي خواجه معين الدين اجميريءَ ڏانهن منسوب ملفوظات “دليل العارفين” آهي جنهن جو مرتب قطب الدين بختيار ڪاڪي آهي. ٽئين نمبر قطب الدين بختيار ڪاڪي(633هه/1236ع) ڏانهن منسوب “فوائد السالڪين” آهي، جنهن جو مرتب فريد الدين گنج شڪر (663هه/1265ع) آهي. پنجين نمبر تي “راحت القلوب” آهي، جيڪا گنج شڪر ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جو مرتب خواجه نظام الدين اولياءُ آهي(724هه/1324ع). گنج شڪر ڏانهن ٻي ملفوظات “اسرار الاوليا“ پڻ منسوب آهي جنهن جو مرتب خواجه بدرالدين اسحاق آهي. نظام الدين اوليا ڏانهن هڪ کان وڌيڪ ملفوظات منسوب آهن، پهرين“فضل الفوائد” جيڪا امير حسن سجزي مرتب ڪئي.

بهرحال انهن سڀني ۾ وڌيڪ مفصل، مستند ۽ مقبول فوائد الفواد آهي جنهن ۾ ڪل 188 مجلسن جو احوال قلمبند آهي ۽ اها پندرهن سالن جي عرصي دوران(707 هجري کان 722 هجري) نهايت عقيدت وچان سجزي مرتب ڪئي ۽ آخر ۾ قبوليت خاطر مرشد جي خدمت ۾ پيش ڪيائين.

وري اٺين صدي هجريءَ ۾ چشتي بزرگن بابت امير سيد خورد ڪرمانيءَ جو لکيل تذڪرو”سير الاوليا“ جيڪو هن سن 770هه/1370ع ڌاري تصنيف ڪيو، ان ڪري نهايت معتبر ۽ جامع آهي، ڇاڪاڻ ته مصنف خانداني طور ان سلسلي سان وابسته هيو ۽ پاڻ عالم فاضل شخص هو. هن تذڪري ۾ چشتي صوفين جي سلسلي ۾ سوانح سان گڏ سندن تعليمات کي نهايت مؤثر ۽ دلپذير انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ڪجهه بابن جا عنوان وغيره بيان العارفين سان ڪي قدر مشترڪ آهن. ان کان سواءِ ڪي نقل ۽ اقوال به مشترڪ آهن. جن جي نشاندهي تشريحي حوالن ۾ ڪئي ويندي. امير خورد امير خسرو جو همعصر هو ۽ نظام الدين اولياء جي صحبت جو شرف حاصل هوس.

ڏهين صدي هجريءَ ۾ لکيل ٻيو اهم تذڪرو شيخ حامد بن فضل الله جماليءَ جو“سيرالعارفين” آهي جيڪو هن سن 941 هه/1535ع ڌاري لکي مڪمل ڪيو. هن ۾ چشتي سلسلي جي بزرگن ۽ ملتان جي سهروردي بزرگن کان سواءِ ٻين ڪجهه اهڙن صوفين جو ذڪر شامل آهي جن سان مصنف سنڌ ۽ ملتان جي سيرو سفر دوران مليو. هن سلسلي ۾ خاص طور سنڌ ۾ سمن جي دور جي قابل ذڪر هستي مخدوم بلاول آهي، جنهن وٽ هن شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو عوارف المعارف ڏٺو.

يارهين صديءَ جي شروع جو هڪ نهايت اهم تذڪرو“گلزار ابرار” آهي، جيڪو غوثي مانڊوي سال (1012هه/1604ع کان 1019هه/1610ع) دوران تصنيف ڪيو. اهو تذڪرو جئن ته گجرات ۾ لکيو ويو، تنهن ڪري منجهس سنڌ جي ڪيترن بزرگن جو ذڪر موجود آهي، جن مان خاص طور قاضي قادن، مخدوم نوح رحه، مخدوم بلاول ۽ شيخ عيسيٰ جندالله برهانپوري جيڪو اصل ۾ پاٽ جو هو، قابل ذڪر آهن. غوثي مانڊوي شيخ عيسيٰ جندالله جو وڏو عقيدتمند هو، تنهن ڪري ان جو ۽ سندس خاندان جي ٻين فردن جو احوال تفصيل سان ڏنو اٿس.

هن تذرڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ دور ۾ پڻ سماع ۽ سنڌي ڪافيون سنڌ کان ٻاهر گجرات ۾ گهڻو مقبول هئا. هن سلسلي ۾ مصنف خاص طور شيخ لاڏجيي جو ذڪر ڪري ٿو ته هو سنڌي ڪافين ڳائڻ سبب ڪيڏو مشهور هو ۽ سندس ڳائڻ ۾ ڪيڏو تاثير هو. غوثي قاضي قادن جو احوال ڏيندي سندس شاعريءَ جو به ذڪر ڪيو آهي، بلڪ سندس ڪن بيتن جو فارسيءَ نثر ۾ ترجمو پڻ ڏنو آهي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ گجرات ۾ سنڌي شعر و شاعري کي گهڻي پذيرائي حاصل هئي. دراصل اهو ئي دور هو، جڏهن سنڌ جا ڪيترا عالم ۽ بزرگ سنڌ مان نقل مڪاني ڪري وڃي گجرات ۽ احمد آباد ۾ آباد ٿيا هئا. گجرات جي پاڙيسري ملڪ هجڻ سبب سنڌ وارن جو اتي اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. خود شاهه ڪريم پاڻ به گجرات ۽ احمد آباد ويو هو، جتي هنديءَ ۾ بيتن ۽ دوهن ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو هوس ۽ ڪي دوها کيس ايترا پسند هئا جو اهي پاڻ مريدن آڏو اڪثر ڪري پڙهندو هو، جنهن ڪري بيان العارفين واري پڻ ٽي هندي بيت نقل ڪيا آهن.

’گلزار ابرار‘ بيان العارفين کي صرف ارڙهن سال اڳ ۾ تصنيف ڪيو ويو، جنهن ڪري سنڌي بزرگن بابت منجهس ڪي روايتون بلڪل ساڳيون بيان العارفين واريون بيان ٿيل آهن. ان کان سواءِ گلزار ابرار ۽ بيان العارفين مصنف جا ڪي فڪري ماخذ ساڳيا معلوم ٿين ٿا، تشريحي حوالن ۾ انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪيل آهي. جڏهن گجرات ۾ غوثي مانڊوي گلزار ابرار تصنيف ڪري رهيو هو، تڏهن سنڌ اندر سيد عبدالقادر“حديقة الاوليا” نالي پهريون تذڪرو سال 1016 هه/1607ع ۾ لکي پورو ڪيو. جنهن ۾ هن سنڌ جي ايڪتاليهن بزرگن جو احوال ڏنو ۽ سڀ کان پهريائين شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني سهروديءَ جو احوال ڏنائين ۽ ان لاءِ مولانا جاميءَ جي مشهور تذڪره “نفحات الانس” جو حوالو ڏنائين.

حديقة الاوليا بيان العارفين کان صرف 22 سال اڳ لکيو ويو، جنهن ڪري ٻنهي ۾ ڪن بزرگن بابت ساڳيون روايتون بيان ٿيل آهن.

انهيءَ ساڳي عرصي دوران سنڌ اندر جيڪو ٻيو تذڪرو لکيو ويو، اهو “رساله فتحيه” آهي، جيڪو مخدوم نوح جي سوانح ۽ تعليمات بابت چيو وڃي ٿو. اهو رسالو مخدوم نوح رحه جي پوٽي مخدوم فتح سن 1019 هه/1610ع ۾ تاليف ڪيو. جيڪو مخدوم خاندان وٽ محفوظ آهي. جئن ته مخدوم نوح سان شاهه ڪريم جي وڏي عقيدت هئي، ان لحاظ کان هن رسالي جو مطالعو دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. بهرحال مخدوم نوح رحه متعلق ٻيو مفصل تذڪرو ”دليل الذاڪرين“ سال 1106 هه/1694ع ۾ حاجي پنهور نالي مرتب ڪيو، جيڪو مخدوم خاندان جو مريد ۽ عقيدتمند هو. ظاهر آهي ته هيءَ ملفوظات  بيان العارفين کان گهڻو پوءِ جي آهي. وڏي ڳالهه ته مصنف وٽ بيان العارفين موجود هو، جنهن مان استفادو ڪري، ان مان ڪي نقل يا حڪايتون جيڪي، شاهه ڪريم بابت هئا، تن کي درج ڪيو اٿس. هي ڪتاب به قلمي صورت ۾ آهي، جنهن جي فوٽو ڪاپي جناب قاضي شوڪت علي پراڻن هالن واري کان عنايت ٿي ۽ اسان تشريحي حوالن ۾ انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي.

سنڌ جي صوفين ۽ بزرگن جي سلسلي ۾ آخري وڏي ڪاوش مير علي شير فاتح جا ڪتاب“تحفةِ الڪرام” ۽ ”معيار سالڪانِ طريقت“ آهن، جيڪي هن ترتيبوار سن 1181هه ۽ 1202 هه ۾ مرتب ڪيا. تحفةِ الڪرام ۾ انهن ساڳين بزرگن جو احوال علائقي جي حساب سان ڏنل آهي. جڏهن ته ٻئي ڪتاب ۾ هن هر هجري صديءَ جي بزرگن جو حوال الڳ ڪري ڏنو آهي. ان ڪري ڪي قدر تفصيل سان آهي، ليڪن ٻنهي ۾ مواد تقريباً ساڳيو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته تحفةِ الڪرام لکڻ وقت مير علي شير جي آڏو بيان العارفين هيو، تنهن ڪري ڪيترن ئي بزرگن بابت اهي ساڳيون ڳالهيون دهرايون اٿس، بلڪ شاهه ڪريم بابت احوال ته بلڪل ساڳئي جو ساڳيو بيان العارفين تان ورتو اٿس. البت ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ ڪن بزرگن بابت ڪي نيون ڳالهيون آيل آهن. بهرحال مير علي شير قانع پنهنجي لکيتن ۾ بيان العارفين“ کي اهم ماخذ طور استعمال ڪيو آهي.

بيان العارفين ۾ صوفي فڪر ۽ ان جا ماخذ

سنڌ ۾ تصوف جي ارتقا کي ٻن واضح دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اوائلي دور کي جيڪڏهن اٺين صدي هجري يا چوڏهين صدي عيسوي تائين محدود ڪجي، ته ان ۾ درويشي، زهد ۽ فقر تي گهڻو زور هو ۽ صوفي بزرگ پاڻ ان جو عملي نمونو هئا. ٻئي دور ۾ صوفي فڪر داخل ٿئي ٿو، جنهن جي شروعات قاضي قادن سان ٿئي ٿي ۽ شاهه ڪريم ۾ ٻنهي روايتن جو سنگم نظر اچي ٿو. هتي ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ صوفي فڪر جي غلبي ۽ ترقيءَ جا ڪهڙا محرڪ هئا ۽ اهو فڪر بنيادي طور ڪٿان ۽ ڪيئن پهتو.

بيان العارفين مان معلوم ٿئي ٿو، ته شاهه ڪريم جي وقت يا ٻين لفظن ۾ سورهين عيسوي تائين سنڌ جا بزرگ ۽ صوفي اسلامي تصوف جي مثالي شخصيتن ۽ انهن جي شاندار فڪري ڪاوشن کان چڱيءَ  ريت واقف ٿي چڪا هئا. تاريخي لحاظ کان تيرهين صدي اندر سنڌ ۾ سهروردي سلسلي جو زور بلڪل واضح نظر اچي ٿو. سومرا ۽ سما گهڻي ڀاڱي ملتان جي سهروردي سلسلي سان وابسته هئا، جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي، ته سهروردي سلسلو سڌو سنئون نوح بکري ذريعي سنڌ ۾ پهچي چڪو هو. روايت آهي ته جڏهن بغداد ۾ بهاءَ الدين زڪريا شيخ شهاب الدين سهرورديءَ کان موڪلائڻ لڳو، ته شيخ فرمايس سنڌ ۾ اسان جو هڪ اهڙو دوست آهي، جيڪو تيل ۽ ڏيئو پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو، اسان کي صرف ان کي روشن ڪرڻ جي ضرورت هئي. تون واپسيءَ ۾ ان سان ملاقات ڪجانءِ . چون ٿا ته جڏهن بهاؤالدين زڪريا سنڌ پهتو ته نوح بکري ان کان اڳ وفات ڪري چڪو هو. نوح بکري، بکر جي قلعي ۾ مدفون ٿيو، جيڪو روهڙي ۽ سکر جي وچ درياءَ اندر ٽڪريءَ تي واقع آهي. سندس مقبرو ريلوي بند سان لڳو لڳ اڄ تائين موجود آهي. تيرهين صديءَ ۾ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڏوهٽو سيد محمد مڪي، جيڪو سنڌ هنڌ جي رضوي سيدن جو ابو ڏاڏو آهي، بکر ۾ اچي رهيو. جتي سنه 644هه/1248ع ۾ وفات ڪيائين.

اهڙيءَ طرح سورهين صديءَ ۾ سنڌ اندر قادري سلسلي جا ڪيترا بزرگ بلڪ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي خاندان جا ڪيترا فرد سنڌ اندر پهچي چڪا هئا. شاهه خيرالدين قادري جيڪو پراڻي سکر ۾ مدفون آهي، سال 911 هه /1507ع ۾ بغداد ۾ پيدا ٿيو ۽ 1028 هه/1634ع ۾ وفات ڪيائين. هو مخدوم نوح جو ننڍو همعصر ۽ سندس عقيدتمند هو. ان لحاظ کان هو شاه ڪريم جو پڻ همعصر هو.

شاهه ڪريم جو دور سنڌ ۾ فارسيءَ جي اوج جو زمانو هو، خاص ڪري ارغونن ۽ ترخانن جي حڪمرانيءَ سبب سنڌ ۾ فارسيءَ جو زور هو، ان ڪري فطري طور سنڌ جي تصوف تي فارسي زبان جي عظيم صوفي شاعرن جهڙوڪ عطار، رومي، سعدي ۽ جاميءَ جو نهايت واضح اثر ملي ٿو. بيان العارفين ۾ هڪ هنڌ فريد الدين عطار ۽ ٻئي هنڌ شيخ سعديءَ جا نالا ورتل آهن. اهڙيءَ طرح نقل حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهن مان ڪيترا عطار جي مشهور ۽ معروف ڪتاب تذڪرةِ الاولياءَ مان ورتل آهن. بيان العارفين ۽ تذڪرةِ الاولياءَ ۾ ڪيترن بزرگن ۽ ولين جون حڪايتون ساڳئي انداز ۾ بيان ٿيل آهن، جن مان خاص طور رابعه بصري، بايزيد بسطامي، جنيد بغدادي، ابراهيم ادهم ۽ ابوالحسن خرقاني قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ ٻنهي ۾ جن مشهور ومعروف صوفين جو ذڪر ملي ٿو. تن ۾ حسن بصري، ذوالنون مصري، حبيب عجمي، شقيق بلخي، ]حسين[ منصور حلاج، احمد بلخي خضروي شامل آهن. ليڪن ڪي نالا اهڙا به آهن، جيڪي تذڪرةِ الاوليا ۾ ناهن، جنهن جو مطلب آهي، ته ضرور ڪي ٻيا ڪتاب به مروج هئا.

بيبي رابعه بصريءَ جو حج تي وڃڻ ۽ سندس استقبال لاءِ ڪعبي جو اچڻ، يا وٽس مهمانن جو اچڻ جڏهن ته سندس گهر ۾ ٻن مانين جو اٽو موجود هو، سي جڏهن پچي تيار ٿيون، ته اهي به در تي آيل سائل کي ڏئي ڇڏيائين. جنهن کان پوءِ وري هڪ ٻانهي ويهه مانيون کڻي آئي. اهڙيءَ طرح بيبي رابعه بصريءَ جو هٿ ۾ باهه ۽ پاڻي کڻي نڪرڻ ته جيئن بهشت ۽ دوزخ کي ختم ڪري، ته جئن الله جا ٻانها سندس بي لوث اطاعت ۽ عبادت ڪن. اهي سڀ نقل ۽ ٻيون حڪايتون تذڪره ۾ موجود آهن.

بايزيد جو عرش تي پهچڻ، ان کان خدا جو ڏس پڇڻ ۽ عرش جو جواب، ته ان کي سندس ٻانهن ۾ ڳول. ان کان سواءِ ڪي ٻيا نقل پڻ تذڪره مان ورتل آهن. وڌيڪ تفصيل سان هن ڪتاب جي پڇاڙي ۾ حاشين تحت مشترڪ ۽ ممڪن ماخذن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح اسان بيان العارفين ۾ آندل قرآن ڪريم جي آيتن، حديثن ۽ صوفين جي اقوالن جي ممڪن ماخذن جي پڻ نشاندهي ۽ وضاحت ڪئي آهي.

بيان العارفين مان عطار جي تذڪره کان علاوه جن ٻين ڪتابن جي نشاندهي ٿئي ٿي، اهي، ”مُنطق الطير“، ۽ ”پندنامه“ آهن. هڪ هنڌ عطار جي هيٺئين شعر کي سڌو سنئون آڻڻ بجاءِ ان جو حوالو ڏنل آهي.

ڪفر ڪافر راو دين ديندار را
ذره  دردت  دل  عطار  را .

اهو شعر عطار جي جڳ مشهور ڪتاب منطق الطير مان ورتل آهي.

اهڙيءَ طرح تجريد تفريد جيڪي تصوف جا بنيادي اصطلاح آهن ۽ شاهه ڪريم پنهنجي هيٺين بيت ۾ انهن جي غير معمولي افاديت تي روشني وڌي آهي.

جي تجريدان نڱئا، پيٺا ۾ تفريد
هن ڪڏهين ٿئي، هن ڏهاڙي عيد.

”تجريد“ ۽ ”تفريد“ جي نهايت عام فهم سمجهاڻي عطار ”پندنامه“ ۾ ڏني آهي. اهي شعر اسان حوالن ۾ سمجهاڻيءَ خاطر ڏنا آهن. تجريد ۽ تفريد جي سمجهاڻي شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي ڪتاب عوارف المعارف ۾ به ڏنل آهي جيڪو پڻ سنڌ جي صوفين ۾ نهايت مقبول هو.

بيان العارفين ۾ جيڪو شاهه ڪريم جو آخري بيت ڏنل آهي، ان ۾ حسن خرقانيءَ جو وڏو درجو ڄاڻايل آهي ۽ دعا ڪيل آهي ته اي مالڪ جئن هن کي نوازيئي تيئن اسان تي به پنهنجي خاص نوازش ڪر.

خرقان خوش ڪري، اچي ويٺاسون،
جئائين ڏنئه حسن کي، تئائين ڏيندين تون.

ظاهر آهي ته هن بيت ۾ يارهين صديءَ جي مشهور صوفي ابوالحسن خرقانيءَ(وفات 424 هه/1033ع) جو ذڪر آهي. هو محمود غزنويءَ جي زماني ۾ ٿي گذريو ۽ بادشاهه جي ساڻس وڏي عقيدت هئي. عطار پنهنجي مشهور تصنيف تذڪره ۾لڳ ڀڳ پنجاهه صفحن تي مشتمل سندس احوال ۽ ڪرامتون بيان ڪيون آهن. هن بيت مان واضح ٿئي ٿو، ته شاهه ڪريم کي حسن خرقانيءَ جي شخصيت سان وڏو اُنس هو جنهن ڪري، سمورن صوفين منجهان صرف حسن خرقانيءَ جو نالو سندس شعر ۾ آيو آهي. خرقاني سماع جو پڻ وڏو ذوق رکندڙ هو.

تذڪره جي روايت موجب حسن خرقانيءَ جي ڄمڻ ۽ ولايت جي پيشن گوئي بايزيد بسطامي(وفات 260هه) ڪئي هئي، حالانڪ ٻنهي ۾ اوڻيتاليهن سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي شهر خرقان ۽ بسطام هڪ ٻئي کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي آهن. حسن خرقانيءَ کان بايزيد سان وڏي عقيدت هئي. آخر انهيءَ عقيدت سبب کيس اويسي طريقي سان فيض مليو. گويا حسن خرقانيءَ جي فضيلت جو وڏو سبب اهو اويسي هجڻ پڻ آهي. غالباً شاهه ڪريم جي مٿئين بيت ۾ انهيءَ فيض جي نشاندهي ۽ تمنا ڪئي وئي آهي. ڪي صوفي اويسي طريقي کي انهيءَ ڪري مٿانهون سمجهن ٿا، جو انهيءَ طريقي ۾ خدا جي طرفان سڌو سنئون فيض يا انعام ملي ٿو. شاهه ڪريم به انهيءَ ڪري پاڻ کي اويسي نسبت سان ظاهر ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪيو آهي. جيتوڻيڪ بيان العارفين جي شروع ۾ هڪ روايت آندل آهي، جنهن مطابق پاڻ هڪ اهڙي گمنام شخص جي پير و مرشد سمجهي وڏي خدمت ڪيائين، جنهن جو واسطو بهار ملڪ سان هو.

بهرحال اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ اويسي طريقي کي وڏن وڏن صوفي بزرگن گهڻو پسند ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مخدوم نوح رحه لاءِ پڻ اويسي طريقو مشهور آهي ۽ سڀني تذڪرن ۾ ان ڳالهه تي زور آهي. اها ڳالهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي به صادق اچي ٿي، ڇو ته شاهه ڪريم کان وٺي شاهه حبيب تائين اهو سمورو خاندان قادري طريقي سان منسلڪ بيان ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو شجرو پڻ لکت ۾ ملي ٿو ۽ جيڪا حقيقت سندن ذڪر فڪر جي طريقي مان پڻ واضح ٿئي ٿي . ليڪن پوءِ به شاهه لطيف پنهنجي وقت جي عالم ۽ فاضل شخص مخدوم محمد معين ٺٽويءَ ڏانهن خط لکي، اويسي طريقي بابت وڌيڪ پڪ ۽ خاطري ڪئي هئي. شاهه لطيف ۽ مخدوم معين ٺٽويءَ جي وچ ۾ ٿيل اها خط و ڪتابت اڃا تائين محفوظ آهي.

ڏٺو وڃي ته سنڌي تصوف جي اوائلي شاعريءَ واري روايت ۾ صوفين جي نالن کڻڻ جو تمام گهٽ رواج هو. غالباً اهو شاهه ڪريم هو، جنهن شاعريءَ ۾ حسن خرقانيءَ جهڙي صوفيءَ جو نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ لحاظ کان شاهه لطيف وري صرف منصور حلاج جو نالو ورتو آهي.

تذڪره عطار کان پوءِ جنهن ٻي شخصيت جو نالو بيان العارفين جي مرتب ورتو آهي ۽ جنهن جو شاهه ڪريم جي فڪر تي ممڪن اثر نظر اچي ٿو، اهو فارسي زبان جو وڏو صوفي شاعر ۽ نثر نويس مولانا عبدالرحمان جامي (817هه -898 هه) ۽ سندس ڪتاب ”لوايح“ آهي. پهرين ته بيان العارفين جي شروعات نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي جنهن قول ”لااحصي ثناءَ عليڪ اَنت ڪما اثنيت علي نفسڪ“ سان ڪئي وئي، اهو ساڳيو قول ”لوايح“ جي بلڪل آغاز ۾ ڏنل آهي. بلڪ لوايح ۾ ڪجهه وڌيڪ الفاظ پڻ آهن.

ان کان پوءِ ”توحيد ۽ ان جي سمجهاڻي“ واري باب تحت وحدت  الوجود جي جنهن انداز ۾ سمجهاڻي ڏني وئي آهي، ۽ جيڪي فارسي شعر حوالي طور آندا ويا آهن، اهي لوايح مان ورتل آهن. مثال طور: صفحي 191 تي هيٺيان شعر آندل آهن.

زد خنده که من بعکس خوبان جهان
در پرده عيان باشم و بي پرده نهان

دراصل اهي ٻئي سٽو لائح 15 جي رباعي جون آهن، جنهن جون پهريون ٻه سٽو هن ريت آهن يا مڪمل رباعي هن طرح آهي:

باگلرخ خويش گفتم اي غنچه دهان
هر لخط مپوش چهره چون عشوه گران

زد خنده که من بعکس خوبان جهان
در پرده عيان باشم و بي پرده نهان .

]مون پنهنجي گلابي چهري رکندڙ محبوب کي چيو، اي مکڙيءَ جهڙي وات وارا معشوق، هر لمحي پنهنجي چهري کي نازو اندز سان نه لڪاءِ! ان تي هو کلي چوڻ لڳو: مان دنيا جي ٻين معشوقن جي برعڪس پردي ۾ هجڻ جي باوجود ظاهر آهيان ۽ وري بنا پردي جي لڪل پڻ آهيان.[

”لوايح جامي“ تصوف ۽ سلوڪ ۾ فڪري لحاظ کان چوٽيءَ جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ خواجه عبدالله انصاري، ابن عربي، صدرالدين قونوي، مولانا رومي ۽ محمود شبستريءَ جا حوالا ملن ٿا. تصوف جي بنيادي مسئلن جهڙوڪ: خدا ۽ انسان جي تعلق، وجود ۽ عدم، فنا ۽ فقر جي عقلي ۽ فلسفيانه انداز ۾ وضاحت ڪيل آهي. مثلاً: ”فنا جو مطلب آهي ته ذات حق جو ايترو غلبو ٿئي، جو انسان جي اندر ۾ حق جي شعور کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه رهي. وري فنا درفنا جو مطلب آهي، ته انسان کي پنهنجي فنائيت جي به خبر نه رهي.“ اهو سڄو خيال لوايح جي هيٺين رباعي ۾ سمايل آهي.

آنرا که فنا شيوه و فقر آينست
ني ڪشف و يقين نه معرفت نه دينست

رفت اوز ميان همين خدا ماند خدا
”الفقر اذاتم هو الله“ اينست

]جن فنا کي پنهنجو شيوو ۽ فقر کي طريقو بنايو آهي، انهن لاءِ نه ڪشف آهي نه يقين, نه معرفت ۽ نه دين ! جڏهن سڀڪجهه وچان هليو ويو ته رڳو خدا ئي خدا رهيو. فقر جي پڄاڻي خود خدا آهي جو اهو ئي مطلب آهي.[

بيان العارفين ۾ صفحي 34 تي اهو ساڳيو خيال هن ريت بيان ڪيو ويو آهي، ته درويشيءَ مان مراد آهي، نه ڪشف نه ڪرامت، نه يقين نه معرفت، يعني فنا ۽ فقر. ان لحاظ کان بيان العارفين ۾ فقر يا فقيريءَ کي بذات خود مقصد ڄاڻايو ويو آهي. نبي ڪريم صلي الله عليہ و آلہٖ وسلم جن جو قول ”الفقر فخري“ جو اهو ئي مطلب ڄاڻايو ويو آهي.

”اذا تم الفقر هو الله“ جي وڌيڪ سمجهاڻي شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي حوالي سان صفحي (151) تي ملي ٿي، جو هن سڀ درجا ڪشف، ڪرامت، غوثي ۽ شيخي قبول نه ڪيا، پر آخر ۾ فقيريءَ جو درجو قبول ڪيائين، جتي اهو مقولو آيل آهي.

خدا، ڪائنات ۽ انسان جي باهمي تعلق جي سمجهاڻيءَ لاءِ بيان العارفين جي صفحي 142 تي هيٺيان شعر ڏنل آهن.

عالمي چيست بر زخي جامع
صورت خلق حق درو واقع
عالمي نيست ولي هست نما
حق هست ولي نيست نما

]هي عالم ڇا آهي؟ هڪ گڏيل برزخ جنهن ۾ مخلوق ۽ حق ٻنهي جي صورت واقع آهي. عالم آهي ئي ڪو نه، پر لڳي ٿو ته آهي. حق آهي پر ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.[

هتي اها ڳالهه قابل توجهه آهي ته مٿي ڄاڻايل پهريان ٻه شعر دراصل مولانا جاميءَ جي مشهور مثنويءَ “سلسلہ الذهب” مان ورتل آهن، جتي ”عالمي“ جي بجاءِ لفظ ”آدمي“ آهي، ۽ صحيح پڙهڻي هن ريت آهي:

آدمي چيست برزخي جامع
صورت خلق و حق درو واقع

]انسان ڇا آهي؟ اهو هڪ برزخ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ مخلوق ۽ حق جي صورت واقع آهي.[

اهڙيءَ طرح جيستائين هيٺين باقي ٻن سٽن جو تعلق آهي يعني:

عالمي نيست ولي هست نما
حق هست ولي نيست نما
ته اهي ٻه سٽون بنيادي طور مثنوي مولانا رومي جي پنجين دفتر جي هيٺئين عنوان مان تصرف ڪري جوڙيل آهن.

مثالِ عالم هستِ نيست نما و عالم نيست هِست نما

]سمجهاڻي بابت موجود عالم جيڪو بظاهر معدوم آهي ۽ معدوم عالم جيڪو بظاهر موجود آهي.[

 رومي مٿئين موضوع جي وضاحت ڪندي هيئن چيو آهي:

نيست رابنمود هست آن محتشم
هست رابنمود برشڪل عدم

]انهيءَ جاه و جلال وري ”نيست“ کي هست ظاهر ڪيو آهي ۽ ”موجود“ کي ”معدوم“ جي شڪل ۾ ڏيکاريو اٿس.[

دراصل هي مولانا روميءَ جو نهايت پسنديده موضوع آهي. هڪ ٻئي هنڌ ان جي سمجهاڻي هن ريت ڏئي ٿو.

اين جهان نيست چون هستان شده
و آن جهانِ هست بس پنهان شده

]هي جهان جيڪو نيست آهي، سو هستيءَ وارو ٿو لڳي، جڏهن ته هو جهان جيڪو اصل ۾ هستيءَ وارو آهي سو مخفي يا ڳجهه وانگر آهي.[

هڪ ٻئي هنڌ چوي ٿو:

ما عدم هائيم و هستي هانما
توجود مطلقي هستي هائي ما.

]اسين عدم يعني معدوم، پر ظاهر ۾ هستي يا وجود آهي. تون وجود مطلق آهين ۽ اسان جو وجود توسان آهي.[

اسلامي تصوف ۾ عام طور ۽ سنڌ جي تصوف ۾ خاص طور ”پاڻ سڃاڻڻ“ ۽ وجود جي نفي جا پهلو انتهائي واضح آهن. هن سلسلي ۾ شاهه ڪريم جو هيٺيون بيت خاص طور قابل ذڪر آهي:

پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءَ لَهُه
توهان ڌار نه سپرين، منهن منجهين پاءِ.

انهيءَ خيال تي ايترو زور ڏنو ويو آهي، جو چيائون ته طالب کي گهرجي ته پنهنجو وجود وڃائي، ائين ڪرڻ سان ئي اهو راز هٿ ايندس جيڪو ”فصوص“ ۽ ”لمعات“ ۾ به نه ملندس. ان سلسلي ۾ هي شعر ڏنل آهي:

رونفي وجود کن که دريابي
سري که نيابي در فصوص و لمعات

اهي ٻه سٽون دراصل جاميءَ جي هيٺ ڏنل رباعي مان ورتل آهن، جيڪا ”اشعةِ اللمعات“ جي آخر ۾ آندل آهي.

توحيد حق اي خلاصه مخترعات
باشد به سخن يافتن از ممتعنات
رونفي وجود کن که درخود يا بي
سري که نيابي ز ”فصوص“ و ”لمعات“.

]حق تعاليٰ جي توحيد بابت سڀني نين ڪاوشن جو اهو خلاصو آهي، ته ان جو بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. بس، وڃ ۽ وڃي پنهنجي وجود جي نفي ڪر ته پنهنجو پاڻ ۾ توکي اهو راز ملندو، جيڪو ”فصوص“ ۽ “لمعات” ۾ به نه ملندءِ ![

جاميءَ جي مٿي مذڪوره رباعيءَ ۾ جن ٻن ڪتابن ”فصوص“ يعني ابن عربيءَ جي فصوص الحڪم ۽ عراقيءَ جي ”لمعات” جو ذڪر آيو آهي، هتي ضروري ٿو لڳي ته انهن تي ڪجهه روشني وڌي وڃي. اهو انهيءَ ڪري، ڇاڪاڻ ته بيان العارفين ۾ انهن ٻنهي ڪتابن جي واضح اثرات کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

”فصوص الحڪم“ اسلامي دنيا جي عظيم صوفي ذهن محي الدين ابن عربي (560هه/1165ع-638هه/ 1240ع ) جي فڪري ڪاوش جو نتيجو آهي.فص لفظ جي لغوي معنيٰ ِٽڪ يا نگينه ۽ اصطلاحي معنيٰ حقيقت يعني ڳجهه يا راز يا سر آهي. سمورو ڪتاب ڪل 27 فصوص تي مشتمل آهي ۽ هر فصل ۾ حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي خاتم الانبيا صلي الله  عليہ وآلہٖ وسلم جن تائين هر نبيءَ جي حوالي سان ساڻس مخصوص حڪمت الاهي جي اسرارن جي تشريح ۽ توضيح ملي ٿي. مثلاً: پهرين فص ۾ حضرت آدم جي حوالي سان مشهور حديث قدسي ”ان الله خلق آدم عليٰ صورتہ“ يعني ”بيشڪ الله تعاليٰ آدم عليه السلام کي پنهنجي صورت تي پيدا ڪيو“. جي سمجهاڻي ڏنل آهي. اتي ئي اهو بحث ڪيو ويو آهي، ته ڪيئن انسان خدا جي ذات جو مظهر آهي. ان کان پوءِ انهيءَ ساڳي فص تحت ٻي مشهور قدسي حديث ”ڪنت ڪنزاً  مخفياً فاحببت ان اُعَرف فخلقت الخلق” يعني مان لڪل خزانو هوس پوءِ مون محبت وچان خيال ڪيو ته آءٌ سڃاتو وڃان، جنهن ڪري مون خلق کي پيدا ڪيو.“ هن حديث جي تشريح ڪندي ابن عربي چوي ٿو، ته دراصل اها ساڳي ذات آهي، جيڪا حقيقت جي لحاظ کان حق آهي ته ظاهر جي لحاظ کان خلق يا مخلوق آهي. ٻين لفظن ۾ ذات حق جو ظاهري پهلو هي عالم آهي ۽ عالم جو باطني پهلو حق جي ذات آهي. ليڪن هتي پهچڻ کان پوءِ ابن عربي وري خبردار ڪري ٿو ته ان جو ٻيو ڪو مطلب نه وٺجو ڇو ته حق وري به حق آهي ۽ مخلوق وري مخلوق. ان حقيقت کي هو صحيح بخاريءَ جي هن حديث سان واضح ڪري ٿو: ”کان الله ولم يکن معہ شيئا“ يعني الله تعاليٰ هو ۽ ان سان گڏ ٻي ڪا شيءِ نه هئي. يا جيئن ان جي وضاحت ۾ صوفين جو قول آهي ”الان کما ڪان“. هو (اها ذات) هن وقت به ائين آهي، جئن ان وقت هو.

ابن عربي زندگيءَ جا آخري سال بغداد ۾ گذاريا ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. بغداد ۾ هو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ سان مليو ۽ ان کان علاوه صدرالدين قونويءَ جي ساڻس ملاقات ٿي ته هو کانئس از حد متاثر ٿيو. ابن عربي وحدت الوجود جي منفرد عقلي تشريح سبب اسلامي تصوف تي نهايت ديرپا اثر ڇڏيا ۽ ان ڪري کيس شيخ اڪبر جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

بيان العارفين ۾ ابن عربيءَ جي جنهن مخصوص نقطئه نظر جو حوالو ملي ٿو اهو آهي: ”خدا ذات جي ڪري احد آهي ۽ صفات جي ڪري واحد.“ ابن عربيءَ هي بحث فصوص الحڪم ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪيو آهي. خاص طور فص اسماعيلي ۽ يوسفيءَ ۾ جتي هو اهي الفاظ استعمال ڪري ٿو. ابن عربيءَ جو مشهور شارح ڪاشاني هن امر جي وضاحت ڪندي لکي ٿو: ”حق تعاليٰ پنهنجي ذات جي ڪري احد آهي ۽ اتي ڪنهن به قسم جي ڪثرت ڪونهي. ليڪن الوهيت جي لحاظ کان ڏانهس بي شمار بلڪ اڻ کٽ نسبتون آهن. ان جو مثال هڪ جي انگ جي ٻين سڄن يا اڻپورن انگن سان نسبت آهي.“

اهڙيءَ طرح فص شعيبيءَ ۾ چوي ٿو ته عالم ۾ جيڪا به ڪثرت آهي، اها سڀ ان واحد حقيقيءَ ۾ موجود آهي، جيڪو وجود مطلق آهي ۽ ڪثرت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي.

بيان العارفين ۾ هڪ ٻيو اهم بحث تنزيہ ۽ تشبيہ جو آهي، جتي پڻ اهو ساڳيو فصوص الحڪم وارو نظريو دهرايل آهي. بنيادي سوال آهي ته خدا جي ذات منزه  آهي يا مشبہ يا ٻئي؟ ابن عربي ان ڳالهه جي نهايت زور شور سان تائيد ڪري ٿو، ته خدا جي ذات منزه به آهي ته مشبه پڻ. هو پنهنجي پر ۾ تنقيد ڪندي چوي ٿو، ته محض تشبيہ جو مطلب خدا جي ذات کي محدود ڪرڻ آهي ۽ محض تنزيہ جو مطلب خدا جي ذات کي مقيد ڪرڻ آهي. هن سلسلي ۾ سندس هيٺيان اشعار آهن:

فان قلت بالتنزيہ کنت مقيداً- وان قلت بالتشبيہ کنت محدداً.

ابن عربي هي سڄو بحث فص نوحيءَ ۾ نهايت وضاحت سان ڪيو آهي. هو ان خيال جو پڻ آهي ته حضرت نوح عليہ السلام جي دعوت محض تنزيہ تي مبني هئي، جڏهن ته سندس قوم محض تشبيہ تي عقيدو رکندڙ هئي. جيڪڏهن حضرت نوح عليہ السلام جي دعوت ۾ تنزيہ ۽ تشبيہ ٻئي هجن ها، جهڙيءَ طرح رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ڪيو ته هو ضرور ڪامياب ٿئي ها. ابن عربيءَ مطابق ليس ڪمثلہ شيءُ ۾ تنزيہ ۽ تشبيہ ٻئي آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com