سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بيان العارفين

 

صفحو :1

بيان العارفين

ڊاڪٽر  عبدالغفار سومرو

ڇپائيندڙ پاران

سنڌ جي ممتاز ڪلاسيڪي شاعر، اهل دل ۽ روشن ضمير عارف ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو جنم 20 شعبان  944هه/30 جنوري 1538ع ۾ ٿيو. هي اُهو زمانو آهي، جڏهن آزاد، خودمختيار خوشحال ۽ وسيع سنڌ تي ساندهه 48 ورهيه مثالي رعايا پرور حڪمراني ڪندڙ سنڌ دوست فرمانروا ڄام نظام الدين سمي عرف ڄام نندي جي وفات کي ڀريا 30 سال ۽ سنڌ تان مقامي حڪمرانيءَ کي ختم ٿئي 18 ورهيه گذري چڪا هئا. اُن وقت سنڌ جا ماڻهو پارسيون پُڇندڙ ڌارين حاڪمن ارغونن ۽ ترخانن جي ظالمانه دؤر ۾ مجبور ۽ لاچار بڻيل هئا.

پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ وچ ايشيا جي سياسي مانڌاڻ ۽ اُٿل پُٿل هند ۽ سنڌ جي تقدير تي وڏا گهرا سياسي اثر ڇڏيا آهن. وچ ايشيا ۾ صفوي، شيباني، اوزبڪ، مغل، ارغون ۽ ترخان قبيلا اقتدار جي خوني راند ۾ مصروف هئا ته عالمي سطح تي پورچو گيز، ڊچ، فرينچ ۽ انگريز نين تجارتي مارڪيٽن ۽ ڪالونين جي ڳولا ۾ سڄي دنيا ۾ سرگردان هئا. انهي دؤر تائين پورچوگيز وڌيڪ فعال نظر اچن ٿا جو هنن ننڍي کنڊ ۾ گوا ۽ ڊيو جهڙن اهم سامونڊي بندرن ۽ ماڳن تي قبضو ڪرڻ سان گڏ سال 1513ع ۾ هرمزنار تي پڻ قبضو ڪري ورتو. انهي دؤر ۾ اسماعيل صفويءَ هٿان شيباني افغانستان ۾ اقتدار جي جنگ هارائي ۽ سندس ساٿي به پنهنجن پنهنجن صوبن مان اقتدار تان محروم ٿيڻ لڳا. ساڳئي زماني ۾ عمر شيخ ميرزا جو پٽ ظهير الدين بابر فرغانا مان نڪري هندستان ۾ قسمت آزمائڻ لاءِ نڪتو ۽ ننڍي کنڊ  تي قبصو ڪري ويو. جڏهن ته سندس هٿان قنڌار جي اقتدار تان تڙجڻ کان پوءِ شاهه بيگ ارغون پنهنجي لشڪر سان شال ۽ سيوي جي پرڳڻن ۾ ڀٽڪڻ کان پوءِ پهرين باغبان تي ڪاهيو. هڪ سال ترسي هُن ٻن ڀائرن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي اقتداري ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل سنڌ تي ڪاهه ڪري چالاڪي ۽ عياريءَ سان سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ ويڙهاند ۾ سنڌ جو عظيم جرنيل دولهه دريا خان ڌارين  سان وڏي بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو.

اهڙي وايو منڊل ۾ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو جنم ۽ اُن جي تصوف جي دلپذير فڪر سان ڀرپور شعري تخليق، سنڌ جي نئين جنم جو نياپو ٿي سامهون آيو.

ڪتاب بيان العارفين جو هي مواد شاهه ڪريم رحه جي ملفوظات تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سندس برڪت ڀري زندگيءَ جي جهلڪ موجود آهي. هن اهم ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري  تحقيق ۽ تشريحي حوالن سان سَجائڻ ۽ سينگارڻ وارو مثالي علمي ڪم وڏيءَ محنت ۽ محبت سان اسان جي لائق محقق محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ڪيو آهي. هن ڪتاب کي بورڊ پاران ڇپائڻ وارو ڪم اصل ۾ لطيف سائينءَ جي فڪر ۽ ساڃاهه کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري اهم ڪم جي هڪ ڪڙي آهي. هڪ روايت آهي ته لطيف سائين قرآن مجيد ۽ مولانا رومي جي مثنويءَ سان گڏ هيءُ برڪت ڀريو رسالو هميشه پاڻ سان گڏ  رکندا هئا.

هيءٌ ڪتاب 2002ع ۾ اوقاف کاتي ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت پاران پڌرو ٿيو ۽ هاڻي بورڊ پاران  هن پهرئين ڇاپي جي اشاعت کي آءٌ سنڌ جي ڪلاسيڪي اتهاس سان چاهه رکندڙن لاءِ سٺو سؤڻ سمجهان ٿو.

ڄام شورو،  سنڌ                                                       اعجاز احمد منگي

اڱارو  16- ذوالقعد 1428هه                                               سيڪريٽري

بطمابق 27- نومبر 2007ع                                            سنڌي ادبي بورڊ

       فصل -2: اولاد جي باري ۾ ارشادات       

* تشريحي حوالا

* فهرست 1: قرآني آيتون، حديثون ۽ قول      

* فهرست 2: مقدمي، متن ۽ حوالن ۾ آيل ڪتاب     

* فهرست 3: ماڻهن جا نالا     

* فهرست 4: ماڳن، مڪانن، شهرن ۽ ذاتين جا نالا    

* قلمي ڪتاب بيان العارفين جو عڪس


 

 

 

تعارف

باسمہ تعاليٰ

سنه1937ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ڪتاب بيان العارفين ۾ آيل سنڌي بيتن ۽ انهن جي معنيٰ ۽ تشريح کي شايع ڪيو، ۽ ان اشاعت سان ڪتاب بيان العارفين جو نالو وڌيڪ مشهور ٿيو، پر نالي جي مشهوري کان سواءِ هن ڪتاب جي قيمتي مواد جي اهميت توڙي شاهه عبدالڪريم جي عظمت سامهون نه آئي. ان جي تلافي هاڻي ٿي رهي آهي، جو ڪتاب بيان العارفين پهريون ڀيرو، سڄو سربستو، صحيح سنڌي ترجمي جي صورت ۾ شايع ٿي رهيو آهي. ڪتاب جي اصل فارسي متن جو عڪس به پويان شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن، ڪو محقق ترجمي کي اصل متن سان ڀيٽي پنهنجي تسلي ڪري سگهي.

اصل فارسي ڪتاب ڏانهن متوجهه ٿيڻ، ان جي اهميت محسوس ڪرڻ، ۽ ان جي سنڌي ترجمي جي عزم ڪرڻ جو سهرو محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي سر تي سونهي، جنهن جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي طور هيءُ اهم ڪتاب روان سنڌي ترجمي جي صورت ۾ شايع ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالغفار سومري هن کان اڳ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ فهم تي خاطر خواهه تحقيق ڪري، سنڌ يونيورسٽي  مان پي - ايڇ - ڊي حاصل ڪئي ۽ ان ڪاميابي سندس واسطي علمي تحقيق جي طور طريقي، توڙي اعليٰ فڪر ۽ فلسفي جي تجزيي جي راهه روشن ڪئي. پنهنجي انهيءَ اعليٰ صلاحيت سان، هن صاحب بيان العارفين جي سنڌي ترجمي کي توڙي ميين شاهه ڪريم جي متصوفانه فڪر کي اعليٰ ۾ اعليٰ معيارن مطابق پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي.

ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر موصوف جي اعليٰ تنقيدي ۽ تشريحي بصيرت تي شاهد آهي. ان ۾ زير بحث آندل سڀ ذيلي موضوع وڏي معلومات ۽ معنيٰ وار آهن، پر انهن مان ٻه خاص اهميت رکن ٿا: هڪ بيان العارفين ۾ صوفي فڪر ۽ ان جا ماخذ ۽ ٻيوشاهه ڪريم جو عرفان. پهرئين مان سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جو تاريخي پس منظر اجاگر ٿئي ٿو ۽ ٻئي مان سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جو روح روشن ٿئي ٿو. انهيءَ لحاظ سان، سنڌ ۾ صوفيانه فڪر جي تاريخ ۽ ترويج ۾ هي مقدمو هڪ دستاويزي حيثيت رکي ٿو. ان سان گڏ، متن جي آخر ۾ ڏنل تشريحي حوالا، اعليٰ علمي تحقيق جو آئينو آهن جن جي مطالعي سان پڙهندڙ جي معلومات ۾ مزيد اضافو ٿيندو.

هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان، پهريون ڀيرون ميين شاهه ڪريم جي ذاتي ۽ فڪري عظمت جو صحيح اندازو ٿئي ٿو. اها عظمت اڄ کان چار سئو سال اڳ واري سنڌ جي هڪ مثالي فرد جي آهي، جيڪو ساڳئي وقت وڏي عيال وارو شخص آهي، قوت گذر لاءِ ٻني ڪاهيندڙ هر هاري آهي، غريبن جو هڏڏوکي ۽ حال ڀائي آهي، مظلومن جو مددگار ۽ سندن واسطي حڪمرانن وٽ حق جون سفارشون ڪندڙ آهي، صالحن لاءِ ديني ۽ روحاني رهبر ۽ مرشد آهي، سالڪن لاءِ صوفيانه فڪر جو شارح آهي، ۽ ذاتي طور تي صوفي باصفا واري عملي زندگي گذاريندڙ عارف آهي.

معاصرانه روايت (ص 93) مطابق شاهه عبدالڪريم قرآن شريف جا ٻه سيپارا پڙهيو هو. باوجود ان جي، سندس بيانن ۽ وضاحتن ۾، عربي ۽ فارسي عبارتن توڙي تصوف جي اهم ڪتابي ماخذن جي اعليٰ ڄاڻ جا مثال موجود آهن. بيشڪ اهو سندس ذاتي صلاحيت ۽ اَفضلَيت  جو معجزو هو، پر ان مان اهو گمان پڻ نڪري ٿو ته ان وقت سنڌ ۾ ابتدائي مڪتبي تعليم معياري رهنمائي واري هئي ۽ ٻاهريون صحبتي ماحول به وڏي فيض وارو هو.

بيان العارفين ۾ ميين شاهه ڪريم جو همعصر درويش توڙي کائنس اڳ وارن عارفن بابت ڪافي مواد موجود آهي، جنهن جي مطالعي سان ان دور جي معاصرانه ماحول جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي. ميين شاهه ڪريم جي زباني جن بزرگن توڙي ماڳن مڪانن جا نالا بيان ٿيا آهن، تن بابت وڌيڪ معلومات مهيا ڪرڻ سان هن تحقيق جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو. مثلاً: شاهه عبداللطيف جي رسالي ۽ سوانح تي تحقيق ڪندي، راقم کي بيان العارفين ۾ آيل ڪن نالن بابت هيٺيان اهڃاڻ مليا:

* حسين گاڏر (ص125) گاڏار فقير جو مقام، ميرپور بٺوري کان 12 - ميل ڏکڻ - اوڀر ڪاري گونگڙي تي آهي، جتي ساليانو ميلو لڳي ٿو.

* پير لاکو (ص 329) جاتي طرف آهي.

* سيد جعفر(ص 64) ٻڍي ٽالپر شهر جي اتر - اولهه طرف آهي ۽ جتي ساليانو ميلو لڳي ٿو.

* سيد لعل شاهه (280) لعل جي نالي ٻه مقام: هڪ لال ڇتو، رڙي جي ٻيلي کان اتر، ٻيو لعل محموداڻي، ميين حسن علي کان اوڀر، جتي ميلو لڳي.

* لڌو فقير (ص 276) شيخ لڌو ميرپور بٺوري کان 8 ميل ڏکڻ - اولهه، جاڙيجن جي ڳوٺ کان اولهه ٽڪر تي آهي. ميرپور بٺوري کان 3- ميل اتر طرف بگو شير جو مقام آهي، جتي چون ٿا ته شاهه ڪريم چلو ڪڍيو.

* دُٻي ڳوٺ (ص 394)، کور واهه کان اوڀر 12 - ميل ديهه داسڙڪي ۾ آهي جتي دُٻي وارا داسڙا رهن.

* ڊنڊي (ص 291) ۽ ڏاڏون (ص ص 20، 360) ٻئي ڳوٺ ٽنڊي محمد خان کان بلڙي ڏانهن ويندڙ شاهي رستي لڳ (سڄي پاسي) موجود آهن.

* راڌڻ ڳوٺ (ص 331)/راڌوڙي ڳوٺ جيڪو بلڙي کان چار ميل اوڀر طرف موجود آهي.

* راهوٽ (ص ص 138، 315)، ٻني جي شهر کان ٻه ميل اوڀر طرف موجود آهي.

* لنداڻ پرڳڻو (ص 331)، غالباً ماتلي کان اتر - اوڀر طرف، جتي ديهه لنڊاڻا،

* ڪاتيار ڳوٺ (ص 302، 379) بلڙي کان اتر طرف،ڪاتيارن جا ٽي ڳوٺ آهن: جهنگ ڪاتيار، ملاڪاتيار ۽ عبدالرحيم ڪاتيار شايد مراد جهنگ ڪاتيار آهي.

* ڳوٺ مناهيجي] ص 313[ ڳوٺ مناهين، جيڪو کور واهه کان 15 - ميل ڏکڻ - اوڀر طرف آهي(مناهين نالو جتن جي پاڙي جو جيڪي شاهه ڪريم جا مريد آهن).

* هٽڙي ]ص ص 308، 334[، بٺوري کان 4 ميل اتر (هن وقت اتي ڀٽون).

مٿيان ڳوٺ سڀ بلڙيءَ جي آسپاس آهن جن جي سڃاڻپ سان ميين شاهه ڪريم جي اچ وڃ واري ويجهي علائقي جو نقشو نروار ٿئي ٿو. وڌيڪ اهم تحقيق انهن بزرگن جي ڳوٺن ۽ ڳالهين بابت مزيد معلومات مان ٿيندي جن جا نالا بيان العارفين ۾ آيا آهن. ڪتاب جو عالمانه مقدمو اهڙي تحقيقي مطالعي لاءِ دروازو کولي ٿو.

 هن ڪتاب جي شروعاتي تياري، ڪمپوزنگ ۽ بٽر پيپر جي مرحلن تائين، علامه قاضي رسالو رٿا ۽ اشاعت جي امداد سان ٿي. ڪتاب جي ڇپائي جي پورائي، حڪومت سنڌ جي اوقاف کاتي طرفان ڏنل گرانٽ سان ٿي، جنهن لاءِ متحرم شيخ قبول احمد، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ جو تعاون شامل حال رهيو. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو شاهه عبداللطيف جي رسالي جي ناياب پهرئين بمبئي ڇاپي جي اشاعت کان پوءِ هي ٻيو اهم ڪتاب آهي جيڪو سنڌ حڪومت جي اوقاف کاتي ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت جي گڏيل ڪوشش سان خدمت طور شايع ٿي رهيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي                                               نبي بخش

حيدرآباد                                       (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

15- ذوالحج 1422 هه                     صدر، علامه آءِ آءِ قاضي يادگار سوسائٽي)

28- فيبروري 2002ع

مهاڳ

شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت مشهور روايت آهي ته هو هميشه پاڻ سان قرآن پاڪ کان علاوه مثنوي رومي ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات بيان العارفين گڏ رکندو هو. انهيءَ حقيقت جي مد نظر مون جڏهن شاهه لطيف جي فڪر تي ڊاڪٽريٽ لاءِ مقالي بعنوان شاهه عبداللطيف جو صوفيانه فڪر ۽ مولانا رومي تي تحقيق جو آغاز ڪيو ته مون انهن ڪتابن کي بنيادي ماخذ جي حيثيت ۾ آڏو رکيو. مولانا روميءَ جي مثنوي فارسيءَ کان علاوه دنيا جي هر سڌريل ٻوليءَ ۾ دستياب آهي. ليڪن سوال هو ته بيان العارفين جيڪو اڃا تائين قلمي صورت ۾ هو، اهو ڪٿان هٿ اچي. ڪافي وقت تائين مون پنهنجو مطالعو علامه دائود پوٽي جي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام تائين محدود رکيو، جيڪو هن سن 1938ع ۾ بيان العارفين جا ٽي قلمي نسخا ڀيٽي، اهو ڪتاب مرتب ڪيو هو ۽ جئن پاڻ لکيو اٿس ته سندس سڄو زور شاهه ڪريم جي بيتن جي صحيح پڙهڻين قائم ڪرڻ تي هو. ليڪن ان سان گڏ پاڻ بيان العارفين منجهان ڪجهه ملفوظات جيڪي بيتن سان مناسبت  رکندڙ سمجهيائين، انهن جو انتخاب ترجمو ڪري شامل ڪرڻ تي اڪتفا ڪيائين. هن ڪتاب جو سندس نظرثاني ٿيل ڇاپو سال 1958ع ۾ ٻيهر شايع ٿيو، آخري ڀيرو هي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان سن 1977ع ۾ شايع ٿيو.

علامه دائود پوٽي کان پوءِ ڪريم جو ڪلام ڪجهه وڌيڪ تحقيق سان سن 1963ع ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سکر مان شايع ڪرايو. ميمڻ صاحب ان کانپوءِ بيان العارفين جو منظوم سنڌي ترجمي جيڪو ڪاٺ ٻانڀڻ سنه 1213 هه ۾ مڪمل ڪيو هو، تنهن کي تحقيق جو موضوع بنائي، سنڌ  يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪئي ۽ انهيءَ تحقيق جي آڌار تي ڪريم جو ڪلام سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻي طرفان سن 1976ع ۾ نئين سر مرتب ڪري شايع ڪرايائين. نئين تحقيق دوران ميمڻ صاحب هڪ کان وڌيڪ قلمي نسخن کي آڏو رکيو ۽ ان ڪري هن نئين ڪتاب ۾ اڳي کان وڌيڪ مواد شامل ڪيائين. ليڪن وري به بيان العارفين جو سڄو سارو مواد سنڌيءَ ۾ نه آندائين ۽ نڪو ان جي لاءِ ڪو سبب ڄاڻايائين. اهڙيءَ صورت ۾ پڻ اها ڳالهه وڌيڪ اشتياق جو سبب بني، ته اصل ڪتاب ضرور ڏسڻ گهرجي ته ان ۾ ڪهڙو مواد شامل آهي. آخر ميمڻ عبدالمجيد طرفان مقدمي ۾ ڪيل نشاندهيءَ تي اسان اهو قلمي نسخو هٿ ڪري ورتو، جيڪو هن پاڻ مطالعي هيٺ آندو هو. اهو قلمي نسخو منصوره لائبرري جي ملڪيت هو، جيڪو سن 1243 هه ۾ محمد صالح نالي ڪاتب لکيو هو. انهيءَ نسخي جي مطالعي مان معلوم ٿيو، ته علامه دائود پوٽي توڙي ميمڻ عبدالمجيد اصل ڪتاب جو چوٿون يا پنجون حصو سنڌيءَ ۾ مس منتقل ڪيو هو. ليڪن ان جو سبب جيئن مٿي واضح ڪيو ويو، اهو هو ته هنن جو سڄو سارو ڌيان شاهه عبدالڪريم جي ڪلام کي صحيح صورت ۾ مرتب ڪرڻ طرف هو.

بهرحال اسان جو موضوع شاهه لطيف جي فڪر کي، شاهه ڪريم جي حوالي سان سمجهڻ ۽ ان جي اپٽار ڪرڻ هو، جنهن لاءِ شاهه ڪريم جي بيتن کان سواءِ ان ٻئي مواد جو مطالعو از حد ضروري هو، جيڪو فارسيءَ ۾ هو ۽ جنهن جو تمام ٿورو حصو سنڌيءَ ۾ منتقل ٿيو هو. بيان العارفين جي سرسري مطالعي مان معلوم ٿيو، ته ان ۾ واقعي تصوف جي بنيادي تصورات جي سمجهاڻي موجود آهي ۽ ان منجهان شاهه ڪريم جي فڪر ۽ عرفان کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو. ازانسواءِ اهو ڪتاب سنڌ جي تصوف جي ارتقا جي هڪ اهم ڪڙي آهي، جنهن مان شاهه لطيف جي فڪري اوسَر ۽ سندس تصوف کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي.

بيان العارفين تي اها تحقيق هلندڙ هئي، جو پتو پيو ته انهيءَ ڪتاب جو نهايت معتبر ۽ صحيح نسخو سيد علي مير شاهه جوڻن واري وٽ موجود آهي. شاهه صاحب ذاتي دوستي ۽ علمي ذوق سبب اهو نسخو ڪجهه وقت لاءِ تحقيق واسطي اسان جي حوالي ڪرڻ قبول ڪيو. اهو نسخو سن 1228 هه ۾ ضياءَ الدين بن گل محمد تاريخ 29 رمضان المبارڪ تي لکي پورو ڪيو. ڪتاب جي آخر ۾ شاهه ڪريم جو خانداني شجرو ۽ سلسله بيعت به ڏنل آهي. ورق گردانيءَ مان معلوم ٿيو ته اهو نسخو واقعي بهترين ۽ نهايت خوشخط لکيل هو جيڪو منصوره واري کان پاڻ پندرنهن سال اڳ لکيل هو. انهيءَ جستجو دوران هڪ ٽيون قلمي نسخو پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻي جي راشدي خاندان وٽان محترم صفي الله عباسي معرفت مليو. ليڪن ان جي شروعات ۾ ڪافي ورق ضايع ٿيل آهن ۽ آخر ۾ پڻ اڻپورو آهي. انهيءَ ڪري مٿس ڪتابت وغيره جو به ڪو سال لکيل ناهي. بهرحال انهن ٽنهي نسخن ۾ سيد علي مير شاهه وارو نسخو نهايت عمده ۽ هر لحاظ کان بهتر آهي.

اها سڄي حقيقت جڏهن مون سنڌ جي نامور عالم ۽ شاهه لطيف جي فاضل محقق ڊاڪٽر بلوچ کي ٻڌائي،ته هن پڻ ان ضرورت کي محسوس ڪيو ته بيان العارفين جو مڪمل سنڌي ترجمو شايع ٿيڻ گهرجي، بلڪ اهو هن کان اڳ شاهه جي رسالي جا ماخذ تحت شايع ٿيڻ گهربو هو. وڌيڪ ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو، ته هن ڪتاب جي غير معمولي اهميت سبب اصل فارسي متن کي به سنڌي ترجمي سان گڏ شايع ڪيو وڃي، ته جئن اهو ڪتاب هميشہ لاءِ محفوظ ٿي وڃي. پهريائين اهو ڪتاب محترم صفي الله جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ليڪن ڪجهه وقت کان پوءِ هو ڪن مجبورين سبب هي ڪم سر انجام ڏئي نه سگهيو. اهڙيءَ صورت ۾ اهو بار مون تي عائد ٿيو، شايد ان ڪري به ته ان سڄي ڪم جي تحريڪ منهنجي هٿان ٿي هئي. جيتوڻيڪ مون کي پنهنجي فارسي دانيءَ تي ايترو اعتماد نه هو، پر شايد غير معمولي دلچسپي سبب اهو سڀ ڪجهه مڪمن ٿي پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com