سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 9

ڀيرومل مهر چند آڏواڻي

مهن جي دڙي جي کوٽائي

۽ ان جي عاليشان سڀيتا

سرزمين جو ذڪر:

        لاڙڪاڻي ضلعي جي لبدريا تعلقي ۾، لاڙڪاڻي جي شهر کان پنهجويهه ميل پري ۽ ڏوڪري اسٽيشن کان فقط ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي، هڪ ويرانوآهي، جو عام طرح ” مهن جو دڙو“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن انهيءَ نالي جي معنيٰ ڄاڻائي آهي.”Mound of the dead“ هن مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“ ۽ رڳو چُڪ کان ”مئن“ بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو، ته پڪ ٿينديس ته صحيح اچار آهي ”مهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معنيٰ آهي ”مات ٿيلن جو دڙو.“ (1)

قديم زماني ۾ سنڌو ندي مهن جي دڙي وٽان وهندي هئي. اتي جو اصلوڪو شهر سنڌو نديءَ ۽ الهندي ناري جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو. سر زمين جاچڻ سان ايئن سمجهڻ ۾ پيو اچي، ته اتي اصل پنج ٻيٽ هئا، جي پوءِ نديءَ جي اتان رخ ڦيرائن ۽ مٿان واري وري وڃڻ سبب گڏجي ويا ۽ هاڻي ٻيٽن جو گويا هڪ ڇڳو ٿي پيا آهن. هينئر اتي دڙا ئي دڙا لڳا پيا آهن، جي اٽڪل اڍائي سؤ ايڪڙ زمين جا والاري بيٺا آهن. ڪي دڙا ويهه ته ڪي ٽيهه فوٽ اوچا آهن. انهن جي وچ ۾ هڪ وڏو دڙو اٽڪل ستر فوٽ اوچو آهي، تنهن تي هڪ مندر اڏيل هو، جو ڪيترن ورهين کان ڊٺو پيو هو، پر هاڻي چڱي مشهوري ملي اٿس.

تباهيءَ جا سبب:

مهن جي دڙي واري زمين تي اصل هڪ عاليشان شهر ٻڌل هو، جنهن جي نالي جي ڪنهن کي به سڌ ڪانهي. اهو شهر پوءِ ڊهي دڙو ٿي پيو ۽ اتي جا رهاڪو منجهس دٻجي مري ويا، تنهنڪري. ”مهن جو دڙو“ سڏجڻ ۾ آيو. اهو شهر ڪيئن تباهه ٿيو، تن بابت ڪن جو چوڻ آهي ته سنڌو نديءَ جي سيلاب يا ٻوڏن سبب ۽ ڀر وارن جبلن تان برسات جي پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب زمين دوز ٿيو. دڙي جي اندران جيڪي جايون هينئر لڌيون آهن، تن ۾ ڪن هنڌ باهه لڳڻ جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر هن طرف جا رهاڪو هن وسيل شهر جي ويران ٿيڻ بابت عام هيٺين ڳالهه ڪن ٿا.

اسٿاني ڏند ڪٿا (Local Tradition):

سومرن جي صاحبيءَ ۾ دلو راءِ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جنهن ڪيترائي ڪلور ڪيا هئا، هن کي هيءَ وٺ هئي، ته سندس صاحبيءَ ۾ جيڪا به جوان ڇوڪري پرڻبي هئي، سا پهرينءَ رات پاڻ وٽ گهرائي وٺندو هو. هن قهر جي ڪم ڪري رعيتي ماڻهن جي رڳ رڳ کيس پئي پٽيو. ڪنهن وقت خود سندس سڳي ڀاڻيجي ٿي پرڻي، ته ان لاءِ به حڪم ٿيو ته پهرينءَ رات سندس محلات ۾ موڪلي وڃي. انهيءَ تي ڀيڻس ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي، وڃي پيرن تي ڪريس ۽ هٿ ٻڌي، ليلائي چيائينس ته ”منهنجي آنڊي ڄائيءَ کي پنهنجي نياڻي سمجهه. سندس ست نه بگاڙيو!“ پر هي مادئمهرو ڪين مڙيو. هو پنهنجي ڳالهه تي هوڏ ٻڌي بيٺو ته هي ماءُ ڌيءُ ٻئي لوساٽجي ويون ۽ اوڇنگارون ڏيئي زار زار روئڻ لڳيون. سچ چيو اٿن ته ”آهه غريبان قهر خدائي!“ هنن اٻلائن جي آهه عرش تائين پهتي، ته ڏسو قادر جي قدرت، جو دلو راءِ جي بڇڙي مراد پوري ٿيڻ کان اڳي ئي اهڙو سخت طوفان لڳو، جنهن ڌرتي ۽ آسمان گڏ هڪ ڪري ڇڏيا. اوڏيءَ مهل اوڙڪون به اهڙيون وسيون، جي نه ڪنهن ڏٺيون نه ٻڌيون. اوچتو شهر جي مٿان وڄ ڪري ۽ ڌرتي به ڌٻي، جنهن ڪري دلو راءِ جي نگري (برهمڻ آباد) ناس ٿي ويئي ۽ ٻيا ڪيترا وسيل شهر جي سندس صاحبيءَ ۾ بلي بلي هئا، سي سڀ ويران ٿي ويا. (2) انهيءَ الاهي آفت وقت لاڙڪاڻي طرف هن وسيع شهر جون جايون زمين دوز ٿيون ۽ ڪئين ماڻهو دٻجي مري ويا. اهو ماهو ٿيو، تنهنڪري اهو ”مهن جو دڙو“ يعني مات ٿيلن جو دڙو سڏجڻ ۾ آيو.

دڙي جي کوٽائي:

انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ هن قِسم جون کوجنائون رڳو الور، برهمڻ آباد ۽ ٻين ٿورن هنڌ ٿيون هيون، جو تن ڏينهن ۾ اهي هنڌ نهايت آڳاٽا ليکبا هئا. سن 1910ع ۾ ميرپور خاص جي نزديڪ ڪا هوءَ دڙي جي کوٽائي، مسٽر هينري ڪزنس آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ ڪرائي، اتان ٻڌ ڌرمي واري زماني جون ڪي حقيقتون معلوم ٿيون. مهن جي دڙي جي سڌ جيتوڻيڪ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن، توڙي لاڙڪاڻي ضلع جي روينيو عملدارن کي اڳي ئي هئي، پر ڪنهن نهاريس به ڪونه ٿي. هتي پوءِ سن 1922ع ۾ کوٽائي ٿي ۽ ان لاءِ هڪ اتفاقي سبب اچي بڻيو.

سن 1918ع کان وٺي مسٽر رکلداس بئنرجي، ايم- اي آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپريٽينڊنٽ بهاولپور رياست جا گشت ڪندو، مهراڻ يا هاڪڙي جا سڪل پيٽ جاچيندو، سنڌ ۾ آيو. واٽ تي بهاولپور رياست ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سنڌو نديءَ جا ارڙهن سڪل پيٽ نظر آيس! انهن کان سواءِ ٻڌ ڌرم واري زماني جي ستاويهن وڏن ۽ ٽيونجاهه ننڍن شهرن جا ويرانا سرحد سنڌ، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڏٺائين.(3) اهي سڀ هنڌ اک مان ڪڍندو سن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي طرف مهن جي دڙي وٽ اچي بيٺو. ان وقت هڪ اوچي دڙي تي ڊٺل ٺل ۽ ٻڌ ڌرم وارن جو هڪ مٺ (مندر) هو، جنهن جون ڀتيون سنڌو نديءَ جي سپاٽ (سطح) کان ڇائيتاليهه فوٽ اُتاهيون هيون. مندر جي چوڌاري ڀيڪشن (ٻڌ ڌرم جي ساڌن) جي رهڻ جي لاءِ ڪوٺيون هيون ۽ انهن ڪوٺين جي وچ ۾ مندر واري عمارت هئي. اتان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ هئي ۽ پٺيان ٻئي طرف کان هيٺ لهڻ لاءِ به ڏاڪڻ هئي. اتي هڪ وڏو ٿلهو هو، جنهن تي ٺل بيٺل هو. ان جي پاسي وارين ڀتين جي مٿان ٻه سوڙهيون ڏاڪڻيون هيون، جن مان هڪڙي اتر ته ٻي ڏکڻ طرف ٿي وئي. اتي هڪ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ گوتم ٻڌ جو پتلو رکيل هو. چون ٿا ته انهيءَ پتلي تي اڳي سوني پني چڙهيل هئي، ڀر وارا ڳوٺاڻا ڀانئيندا هئا ته هتي ڪو ڌن پوريل آهي، سي هتي اچي، وقت بوقت، زمين کوٽيندا هئا. سرون کپنديون هين، ته اهي هتان ڪڍي کڻي ويندا هئا.

مسٽر بئنرجيءَ هتي اچي، پير سان ٻهر اٿلايو، ته ٺڪر جي ٿانون ٿپن جا ٽڪر ٽوٽا ڏٺائين، جن تي نهايت عمدو ۽ عجيب ڪم ٿيل هو. ڪي پٿر جون ٺهيل ڇريون به هٿ آيس. جي نئين پٿر واري زماني جون هيون. هن سڄاڻي انهن ٿورين شين لهڻ شرط سمجهيو ته هيءَ هنڌ کوٽائڻ جي لائق آهي. خود کيس اوڏيءَ مهل اها ڳالهه من نڪا چت هئي ته هتان اهڙي سڀيتا جو پتو پوندو، جا اڳ ڪنهن به ڳولي نه لڌي آهي، پر هتي جي زمين جا پنجن هزارن ورهين جي جهوني سڀيتا پنهنجي پيٽ ۾ پائي ويٺي هئي، سا ڪوڏر جي پهرئين ئي لپي سان پڌري ڪرڻ لڳي، جنهن ڪري مسٽر بئنرجيءَ جي هيڪاري دل وري.(4) آرڪيالاجيڪل کاتي وارا کوٽائيءَ جو ڪم ڪرائيندا ئي سياري ۾ آهن. مسٽر بئنرجيءَ سن 22-1923ع وارو سيارو ته اُتي کوٽائي ڪرائي، پر ٻئي سياري ۾ به اُتي اچي، زمين وڌيڪ کوٽايائين ۽ سندس لايا سجايا ٿيا.

چئن زمانن جون عمارتون ۽ لڌل شيون:

مسٽر بئنرجيءَ مهن جي دڙي بابت جيڪي رپورٽون ٻنهي سالن ۾ سرڪار کي موڪليون، سي آرڪيالاجيڪل کاتن جي ساليانين رپورٽن ۾ ڇپيل آهن. انهن ۾ ڄاڻايو اٿس، ته دڙي کوٽيندي معلوم ٿيو، ته ان ۾ چئن جدا جدا زمانن جون عمارتون آهن. انهن عمارتن اندران جدا جدا زمانن جا سڪا، چقمق جا ٽڪر، ڪچ جون ڪنگڻيون، راند ڪرڻ لاءِ ڍارا، اڇي سنگ مرمر جون ٺهيل ڌوپ ڇٽيون ۽ پتلا لڌا آهن. هڪ چٽسالي ٿيل مورتي لڌي آهي، جا ڪنهن ڏاڙهيءَ سان مڙس جي سسي آهي ۽ مٿي تي کوپريءَ جي شڪل جهڙي ٽوپي اٿس. دڙي جي اندر مردا به پوريل هئا ۽ مُردن دفن ڪرڻ جا نمونا به نرالا هئا. مسٽر بئنرجيءَ هتي جي عمارتن مان جيڪي شيون لڌيون، تن ۾ تنت مال پٿر، عاج ۽ ڄئو جون ٺهيل مهرون آهن، جن تي قسمين قسمين جانورن جون شڪليون اُڪريل آهن. انهن تي ڪي اکر به اُڪريل آهن. جي هاڻوڪيءَ ڪنهن به ٻوليءَ جي صورتخطيءَ سان ملي نٿا اچن. اهي اکر اڄ تائين ڪو پوريءَ ريت پڙهي ڪونه سگهيو آهي، پر انهن اکرن سمجهڻ جي ڪوشش گهڻا ئي عالم ڪن پيا.(5) مسٽر بئنرجي اهي مهرون ڏسي گد گد ٿيو، جو سمجهيائين ته ڪا شيءِ لڌي اٿم. ايئن سمجهڻ لاءِ سبب هئس.

ان وقت هندوستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل هو. هڙپا ۽ مهن جي دڙي مان لڌل شيون گهرائي، پاڻ تپاسيائين، هو صاحب يڪدم سمجهي ويو، ته ههڙي کوجنا پنجاب ۽ سنڌ ۾ اڳي ڪنهن به ڪانه ڪئي آهي. مهرن تي جيڪي اکر اڪريل هئا، سي جيتوڻيڪ پاڻ به پڙهي ڪونه ٿي سگهيو، ته به ايترو سمجهيائين ته انهن مهرن تي جيڪي اکر اُڪريل آهن ۽ شڪليون نڪتل آهن، سي ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن جي قديم سڀيتا سان ڪجهه قدر ملي ٿيون اچن، پوءِ ته ڇا ڪيائين جو مهن جي دڙي مان لڌل عمارتن ۽ شين ۽ سڀني مهرن جا فوٽا ”السٽريٽڊ لنڊن نيوز“ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيائين، ته من ڪو عالم هنن نين شين تي ڪا روشني وجهي سگهي. سندس اهو ليک فوٽن (تصويرن) سميت ”السٽريٽيڊ نيوز“ جي 20 سيپٽمبر 1924ع واري پرچي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ته ٺيڪ ٻئي هفتي ساڳي مخزن ۾ پروفيسر اي.ايڇ.سئس ظاهر ڪيو ته انهيءَ ساڳي سڀيتا جا اهڃاڻ ميسوپوٽيميا طرف به مليا آهن. مهرون به ساڳيون ته عمارتن جي اڏاوت جو نمونو به ساڳيو! سگهوئي پوءِ ايران طرفان به انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جون ثابتيون مليون، جنهن ڪري آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته پنجاب ۽ سنڌ کان وٺي ايران، عراق ۽ ميسوپوٽيميا تائين ڪنهن قديم زماني ۾ هڪڙي ئي تهذيب هئي. هن نئينءَ کوجنا ڪيترن ئي هنڌن جي عالمن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. هندوستان، يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي به اخبارون ۽ مخزنون ڇپجن ٿيون، تن سڀني ۾ مهن جي دڙي بابت ليکن پٺيان ليک ڇپيا، جنهن ڪري مهن جو دڙو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو!

سر جان مارشل پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ مهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت پاڻ اُتي وڃي رهيو. ڏوڪري اسٽيشن کان وٺي مهن جي دڙي تائين رستو ٺهرايائين، عملي لاءِ جايون جوڙايائين ۽ اٽڪل هڪ هزار مزور دڙي جي کوٽڻ لاءِ رکيائين، جن مان ڪيترائي بروهي هئا، جي پنهنجون ڀنگيون اڏي اتي رهيا. ايئن مهن جي دڙي وٽ هڪ ڳوٽ ٻڌجي ويو. سر جان مارشل پنهنجي سر مزدورن کي سمجهائيندو هو ته کوٽائي ڪيئن ڪجي. مزدورن جي لاءِ هيءُ نئون ڪم هو، پر اهڙو ته هري ويا جو اَن جو داڻو به لهندا هئا، ته اهو به آڻي ڏيندا هئس. دڙي مان گهڻيون ئي شيون لڌيون.

جيئن جيئن نيون شيون پئي لڌيون تيئن تيئن انهن جو مختصر ذڪر اخبارن ۽ مخزنن ۾ پئي ڇپيو. آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن عالمن پڇ پڇا لاتي ته اسان کي چٽيءَ ريت کولي ٻڌايو ته اتان ڇا ڇا لڌو اٿوَ! سر جان مارشل سندين اُڻتڻ لاهڻ لاءِ پنهنجي صحيح سان ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ليک لکيا. آخر هڪ وڏو سهڻو ڪتاب، ٻن جلدن ۾، باتصوير، مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا بابت ڇپيائين، جنهن جي قيمت ڏهه گنيون (ڏيڍ سؤ روپيا، اڃان به وڌيڪ) آهي. سن 1922ع کان وٺي 1927ع تائين جيڪا کوٽائي ٿي تنهن جو سربستو ذڪر ان ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ کان پوءِ به دڙو کوٽايو اٿن. مسٽر بئنرجي جنهن پهريائين اهو دڙو کوٽايو هو، تنهن مهن جي دڙي بابت ڌار ڪتاب لکيو. مسٽر دڪشت ۽ مسٽر مئڪي به ڪيترو وقت پنهنجي نظرداريءَ هيٺ دڙو کوٽايو هو. مسٽر مئڪي به ڌار ڪتاب لکيو آهي. انهيءَ ريت مهن جي دڙي بابت ٻين به ڪتاب لکيا آهن.

مهن جي دڙي وارن جي شڪل شبيهه پوشاڪ ۽ زيور  :

شڪل شبيهه: مهن جي دڙي مان جيڪي پتلا هٿ آيا آهن، تن مان قديم سنڌين جي شڪل ۽ مهانڊن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هو قد جا بندرا ۽ بت ۾ سٽروٽرا هئا. چپ ڀريل ۽ اکيون سوڙهيون هين. اهي مهانڊا فقط مهن جي دڙي جي رهاڪن جا هئا، يا عام طرح سڀني سنڌين جا هئا، تنهن بابت ڪا به ڪافي ثابتي ڪانهي. سڀني پتلن ۾ ڏسجي ٿو ته ماڻهن جو ڪنڌ ٿلهو ۽ ڀر ڀريو آهي ۽ ڳٽن جا هڏا چپٿڙا اٿن. پتلن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر آهي ته مرد ننڍيون ڏاڙهيون رکائيندا هئا. مڇون ڪن جون ڪوڙيل، ته ڪن جون رکيل هونديون هيون. مٿي جا وار پيشاني وٽان وَرائي، پٺيان ويڙهي، منجهن ڪنگو اٽڪائي ڇڏيندا هئا، جنهن ڪري انهن کي ويڙهڻ جو ضرور ڪونه ٿيندو هو.

زناني شڪل وارن پتلن مان ڏسجي ٿو ته ڪي زالون پنهنجا وار ڳچيءَ وٽان وَرائي، پوئتان کليل ڇڏينديون هيون ۽ ڪي چوٽي ويڙهي سڱ وانگر چنهبدار ڪنديون هيون.

پوشاڪ:

مردن جي پوشاڪ ڌوتي ۽ چادر هئي، جنهن جو پلئه ساڄي بغل هيٺان لنگهائي، ڏائي ڪلهي تي اڇلي وجهندا هئا. ڪن پتلن مان ايئن سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڌوتيءَ بدران هڪ اهڙي گهگهري پيل اٿن، جهڙي هن وقت لنگها (دهلاري) پهرين ٿا. ڪي مورتيون بنهه اگهاڙيون آهن ۽ ڪن ماڻهن کي لنگوٽ چڙهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

زيور:

مهن جي دڙي واري زماني ۾ زالون توڙي مرد زيور عام طرح پائيندا هئا، ڪنٺي يا هسي، تائٿ ۽ منڊيون، مرد به پائيندا هئا. انهن کان سواءِ زالون ڳن يا پنڙا، داڻن جا هار، چانديءَ يا سون جون ڪنگڻيون ۽ نورا پائينديون هيون، ڪن پتلن ۾ زالن کي بڪ تي ٻانهن  ڪلهي تائين پيل ڏسجي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي، ته انهيءَ زماني ۾ چوڙيگر به هوندا هئا. ڪن زيورن تي جڙت جڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ڪري چئبو ته جڙوئا به هئا. ڪن گهرن مان، زمين جي هيٺان پوريل، ڪي ٽامي جا باسڻ برتڻ آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر دڪشت لڌا، جن سان گڏ هڪ مڙيل ڪارائي به هئي. هڪ ٿانءَ ۾ قيمتي زيور پيل هئا، جن تي جڙت جڙيل هئي. سر جان مارشل انهن زيورن لڀڻ کان سگهو ئي پوءِ ”لسٽريٽينڊ لنڊن نيوز“ ۾ لکيوته ”سونا زيور اهڙيءَ عمدي ريت گهڙيل آهن ۽ اوجر (پالش) اهڙي اُچي اٿن، جو ڄڻ ته لنڊن جي بانڊ اسٽريٽ (سونارن جي گهٽي) مان هينئر گهڙجي آيا آهن ۽ پنجن هزارن ورهين جا جهونا ڀانئجن ئي ڪين ٿا.

قيمتي پٿر:

مهن جي دڙي مان جيڪي زيورات هٿ آيا آهن، تنهن مان پتو پوي ٿو ته قديم سنڌ جا رهاڪو عقيق يا سنگ سليماني (Agate)، نيلم، فيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر، هار جي داڻن توڙي زيورن لاءِ جڙت طور ڪم آڻيندا هئا. هڙپا توڙي مهن جي دڙي مان شيشو ڪونه لڌو آهي، پر انهيءَ زمانيءَ ۾ ڪاريگر هڪ اهڙو ليپ ٺاهيندا هئا، جو سڪڻ کان پوءِ شيشي وانگر بکندو هو. انهيءَ مان داڻا ٺاهيندا هئا، جي قيمتي پٿرن بدران ڪم آڻيندا هئا. سن 24- 1995ع ۾ هڪ سهڻو هار لڌو، جو خود ساک پيو ڀري ته ڪنهن قابل ڪاريگر جو جوڙيل آهي.

مسٽر رکلداس بئنرجي، جنهن مهن جو دڙو پهريائين پهريائين کوٽايو هو، سو ته وينجهارن جي ساراهه مان ڍاپي ئي نٿو. چي رگ ويد ۾ جن آرين جو ذڪر آهي، تن کي به اهڙو هنر ڪونه هو جهڙو مهن جي دڙي جي ڪاريگرن کي هو. سر جان مارشل به انهيءَ هار جي گهڻي ساک ڪئي آهي.

کيتي ۽ ٻيا هنر:

پوک: قديم سنڌ جي پوکي راهيءَ بابت گهڻو پتو ڪونه پيو آهي، باقي مهن جي دڙي مان ڪڻڪ ۽ جَوَ لڌا آهن، جيتوڻيڪ ترن جو هڪ داڻو به ڪونه لڌو آهي، ته به ايئن وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته، ترن جي پوک به ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته رگويد مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ترن ۽ جَوَن جا فصل ڀلا ٿيندا هئا، هن وقت اَنَ پيهڻ لاءِ جيڪي جنڊ ڪم اچن ٿا، سي عيسوي سن  کان ٻه صديون کن اڳي چالو ٿيا هئا. اڳي جنڊن جو نمونو ئي ٻيو هوندو هو. اهي ائور نموني جا جنڊ مهن جي دڙي مان تمام گهڻا لڌا اهن. انهيءَ مان مسٽر مئڪي اهو انومان ڪڍيو آهي ته اَن جي پوکي گهڻي ٿيندي هئي، جنهن ڪري ماڻهن وٽ جنڊ به گهڻا هوندا هئا.

کاڌو:

ڪڻڪ، جَوَن کان سواءِ ماڻهو کجور به کائيندا هئا. کارڪن جون ککڙيون کوٽائي ڪندي هٿ آيون آهن. ان وقت ماڻهو مڇي ماس، بلڪه ڳائو گوشت به کائيندا هئا. درياهه جي مڇيءَ جا ته خوراڪي هئا، پر ڪڇئون ۽ ڪميون به ڪين ڇڏيندا هئا!

ڪتڻ ۽ اُڻڻ جو هنر:

ڪيترا ائٽ ۽ ٽڪ لڌا آهن: ڪي سادا ته ڪي اچا، انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته غريبن توڙي شاهوڪارن جي گهرن ۾ چرخي چورڻ جو رواج هو. دڙي منجهان هڪ چانديءَ جو ٿانءُ جواهرات ۽ مڻين سان ڀريل لڌو، جو اُچيءَ طرح اڻيل ڪپڙي سان ويڙهيل هو. ان ۾ ديسي ڪپهه ڪم آيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته پنج هزار ورهيه اڳي سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک ٿيندي هئي ۽ انهيءَ قديم زماني ۾ ئي سنڌي ماڻهن وٽ ڪپڙي اُڻڻ لاءِ آڏاڻا به هئا.

ڌاتو:

        قديم زماني جي ماڻهن وانگر، مهن جي دڙي جا رهاڪو، پٿر جا اوزار ۽ ٿانءَ ٿپا ته ڪم آڻيندا هئا، پر ٽامي جي سُڌَ هين، جنهن مان پڻ باسڻ برتن، اوزار بلڪه ڪي ڳهڻا به جوڙيندا هئا ۽ لوهه جو ذرو به ڪونه لڌو آهي، پر هيءُ زمانو ئي اهڙو هو، جنهن ۾ ماڻهن کي لوهه مارڻ جو عقل اڃا آيو ئي ڪونه هو. قلعي به ڌار ڪانه لڌي آهي. باقي رڳو ٽامي سان گڏيل هٿ آئي آهي. مهن جي دڙي وارا ٽامو ۽ قلعي گڏي ”برائتر“ (Bronze) ٺاهيندا هئا، جنهن مان به ٿانءَ ٿپا ۽ اوزار جوڙيندا هئا. مسٽر محمد ثناءُ الله، هند سرڪار جو آرڪيالاجيڪل ڪيمسٽ چوي ٿو ته ٽامي ۽ قلعي مان ”برانز“ جوڙڻ جي سُڌ سنڌو ماٿر جي ماڻهن کي عيسوي سن کان ٽي هزار ورهيه اڳ بلڪه انهيءَ کان به اڳي هئي.

هٿيار:

        مهن جي دڙي مان ٿوريون پٿر ۽ ٽامي جون ٺهيل گدائون (Maces)، ٿورا ڀالا، ڪٽاريون، تير ۽ ڪمانون هٿ آيون آهن. ترار جوڙڻ جو ته رواج ئي گهڻو پوءِ پيو، تنهنڪري ترار ڪانه لڌي آهي، شهر کي عالم پناهه ڪانهي. ڪا زرهه به ڪانه لڌي آهي، جنهن ڪري ڀائنجي ٿو ته ملڪ ۾ لڙائي اڪثر ڪانه لڳندي هئي ۽ ماڻهو صلح سانت ۾ گذاريندا هئا.

وٽ ۽ ماپا:

        وٽ ۽ ماپا قسمين قسمين لڌا آهن. اُهي اڪثر نازڪ ۽ ننڍڙا آهن. ڪي مخروطي شڪل جا وڏا پٿر لڌا آهن، جن ۾ مٿان سوراخ آهي. انهن سوراخن مان ڏور لنگهائي سگهجي ٿي. اهي پٿر تور مهل وٽ ڪري ڪم آڻيندا هئا. ڪي ننڍا وٽ خاڪي رنگ جي سليٽ جا، پيپ جي شڪل جهڙا آهن، جي ايلم ۽ ميسوپوٽيميا جي وٽن سان مشابهت رکن ٿا، مسٽر اي-ايس مئڪي چوي ٿو ته مهن جي دڙي جا اهي وٽ ايلم ۽ ميسوپوٽيميا جي قديم وٽن کان وڌيڪ سوڌا ۽ پورا آهن.

ڪنڀارڪو هنر ۽ ڪاشيءَ جو ڪم:

مهن جي دڙي جي ماڻهن وٽ چانديءَ ۽ ٽامي جي ٿانون ۽ چمڪيدار ليپ جون ٺهيل گلاباشيون وغيره هونديون هيون، پر رواجي ٿانءَ ٿپا اڪثر ٺڪر جا هوندا هئن. سنڌ ۾ ٿانون ٿپن جوڙڻ جو هنر جڳن کان عام هو، پر مهن جي دڙي واري زماني ۾ سنڌي ماڻهو ڪنڀارڪي هنر ۾ اهڙا ته ڀڙ ٿي ويا هئا، جو چٽساليءَ سان ٿانءَ ٿپا جوڙيندا هئا! ڪي ٿانءَ اهڙا ته نفيس جوڙيندا هئا، جو اهي عام طرح ”ڪاغذي“ سڏجن ٿا. ڪاشيءَ جي ڪم جا آڳاٽا نمونا به رڳو مهن جي دڙي مان مليا آهن. مسٽر ارنيسٽ مئڪي چوي ٿو ته ”رومن جي وقت کان اڳ مصر ملڪ ۾ انهيءَ هنر جي مصري ماڻهن کي ڪل به ڪانه هئي.“ ڪن ٺڪر جي ٿانون تي جانورن جون شڪليون اهڙيون نڪتل آهن. جهيڙيون لڌل مهرن تي آهن.

سنگتراشي ۽ اُڪر جو ڪم:

        سنگتراشيءَ ۽ اُڪر جي ڪم ۾ مهن جي دڙي جي رهاڪن پنهنجيءَ قابليت جو چڱو ثبوت ڏنو آهي. ڍڳن، گينڊي ۽ ٻين جانورن جون شڪليون نهايت عمديءَ ريت مهرن تي ڪڍيون اٿن. ڪي شڪليون نوريئڙن جون آهن. جن ۾ نوريئڙا پڇ مٿي ڪيو بيٺا آهن ۽ اڳين چنبن سان ڪا شيءِ وات ڏي ڪيو، چڪيو چورو پيا ڪن! انهن جي ڊيگهه ٻه انچ مس آهي. هڪ داڻي تي ٽن باندرن جي شڪل آهي، جن جي منهن مان سندن شوخي پئي ظاهر ٿئي، پر ٻانهون ورائي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آهن! اهو داڻو ايڏو آهي، جو اکڙوٽ جي کل ۾ جيڪر سمائجي وڃي. ”مئنچيسٽر گارڊين“ ۾ مسٽر بريلسوفروڊ لکيو آهي ته هتان جيڪي ماڻهو ۽ ٻين ساهوارن جون شڪليون لڌيون آهن سي ان وقت جي ميسوپوٽيميا طرف جي ڪاريگريءَ کي شهه ڏيئي بيٺون آهن.

مهرون:

        مهن جي دڙي مان جملي 558 علحدن علحدن ڊولن ۽ قدن جون لڌيون آهن. ڪي ويلڻ جي شڪل جهڙيون ته ڪي چورس، ڪي ٻيڙي وانگر ته ڪي گونيءَ ڪنڊ واريون، ڪي ننڍڙيون ۽ نفيس ته ڪي وڏيون وڌيڪ چٽيون، ڪي عاج جون ٺهيل ته ڪي صابوني پٿر جون. ٿوريون مهرون ٺڪر جون آهن. ڪن مهرن کي سوراخ آهي جنهن مان ڌاڳو لنگهائي سگهجي ٿو. ڀائنجي ٿو ته مهن جي دڙي جا ماڻهو اهي مهرون ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا، يا ڪرائيءَ ۽ ٻانهن تي تائٿ وانگر ٻڌندا هئا. انهن مهرن تي شڪليون نڪتل آهن، جن مان ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جو ثبوت ملي ٿو. انهن مهرن تي اٿيل چٽ آهن، تن مان سمجهجي ٿو ته سيل مهر ڪرڻ مهل به اهي مهرون ڪم آڻيندا هئا. قديم زماني ۾ دستور هو ته ماڻهو ڪيڏانهن ٻاهر ويندا هئا، ته دروازن جي ٻاهران مهرون هڻندا هئا. هر هڪ مهر تي ديوتا جي شڪل نڪتل هوندي هئي. اهو ديوتا ڄڻ ته گهر جي نگاهه ڪندو هو ۽ سندين ملڪيت کي ڪو به هٿ ڪونه لائيندو هو. مهن جي دڙي جي ماڻهن وٽ به شايد اهو ئي دستور هو.

لکڻ جو هنر:

        مهن جي دڙي مان لڌل مهرن تي جانورن جي شڪلين کان سواءِ هڪ ٻه سٽ به لکيل آهي، پر اکر تصويرن جي صورت ۾ آهن. سڄيءَ دنيا ۾ جيڪي آئيوويٽائون چالو آهن، تن جا اکر اڪثر اهڙين تصويري لکيتن مان ٺهيل آهن. اڳي اکرن بدران جانورن وغيره جون شڪليون ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي هاڻوڪا اکر ٿيا آهن. مهرن ۾ اهڙن اکرن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي، ديوناگريءَ جي نموني ماترائون يا لاڪنائون (اعرابون) آهن جن مان سمجهجي ٿو ته هتي لکڻ جي هنر جي ترقي چڱي قدر ٿي هئي. اهڙي قسم جون مهرون ميسوپوٽيما طرفان به لڌيون آهن. جي عيسوي سن کان ٽي هزار کن ورهيه اڳ جون آهن. انهيءَ مان سر جان مارشل انومان ڪڍيو آهي ته مهن جي دڙي جي سڀيتا به انهيءَ قديم زماني جي آهي.

رانديون ۽ رانديڪا:

مهن جي دڙي مان سنگ سليماني ۽ ٻين پٿرن جون ٺهيل گوليون، شطرنج ۽ ڍارا لڌا آهن. اهي هاڻوڪن ڍارن وانگر ڊگها نه، پر ڪعب شڪل جا آهن. هن مان ظاهر آهي ته ماڻهن جي واندڪائي جي وندر اهي رانديون هيون. ان وقت جي ماڻهن کي پنهنجي ٻارن جي وندر جو به جهجهو اونو هوندو هو. جو ڪيترن قسمن جا رانديڪا به لڌا آهن، جي ماڻهن ، ڍڳن ۽ گهوڙن جون شڪليون آهن. هڪ ڍڳي جو پڇ ڇڪجي ٿو ته ڪنڌ پيو لوڏي! هڪ هاٿي آهي، جو جهنجڻو ٿي ڪم اچي ٿو. مهن جي دڙي مان هڪ ٺڪر جي ٺهيل گاڏي چيڪلن سان لڌي آهي. انهيءَ قسم جون گاڏيون عيسوي سن کان ٻٽيهه سؤ ورهيه اڳي ميسوپوٽيميا طرف چالو هيون، جنهنڪري چئبو ته گاڏين جو هي جهوني ۾ جهونو نمونو آهي.(7)

طبابت ۽ دوائون:

مهن جي دڙي مان ٿورو سلاجيت لڌو آهي. سلاجيت ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪڙو اڇو ۽ ٻيو ڪارو. هتان ڪارو سلاجيت لڌو آهي، جو بدهاضمي، ادرار، جيري ۽ هيانچي جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. هرڻ جا سڱ هتان لڌا آهن، جي پڻ شايد دوائن ۾ ڪم ايندا هئا. هندن جي ڌرمي پستڪن مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو قديم زماني کان وٺي طب مان واقف هئا ۽ ڪيترين ڪارائتن ٻوٽين جي سڌ هين.

تهذيب جي قدامت:

سر جان مارشل ظاهر ڪيو آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي مهرون هٿ آيون آهن، تن مان ڪي عيسوي سن کان 2758ع ورهيه، ته ڪي 3250 ورهيه اڳ جون آهن، يعني انهيءَ تهذيب جي ڄمار اٽڪل پنج هزار ورهيه اڳ آهي، ڪي چون ته پنج هزار ورهيه اڳي اها تهذيب ههڙي اعليٰ درجي کي رسيل هئي، تنهن مان ئي ظاهر آهي ته اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي انهيءَ تهذيب جو پايو پيو هوندو. جنهن ڪري چئبو ته اها تهذيب اڄ کان ست هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿي هوندي. تازو آڪٽوبر 1938ع ۾ نامور عالم ربورنڊ فادر ايڇ-هيرس مدراس يونيورسٽيءَ جي سهاري هيٺ هن مضمون تي تقرير ڪندي جيڪي چيو آهي تنهن مان ظاهر آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، تن جون لکتون هو ڪجهه قدر سمجهي سگهيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته ڪيترن مهرن ۾ سورج منڊل تي راسين ۽ نکشترن جو سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح اشارو آهي ۽ هڪ مهر تي مکيه راس بابت لکيل آهي ته ” ان جي رفتار تيز آهي“ پوءِ جوتش جي حساب موجب ڄاڻايو اٿس ته مهرن مان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جي ماڻهن کي جوتش وديا جي سڌ عيسوي سن کان 561ورهيه اڳي هئي ۽  ميسوپوٽيميا طرف جا ماڻهو اها وديا پوءِ سکيا ۽ لکڻ جو هنر به هنن هندوستان جي ماڻهن وٽان پوءِ پرايو، ميسوپوٽيميا جي ماڻهن پوءِ اهو هنر يورپ طرف ڦهلايو. مطلب ته فادر هيرس جي چوڻ موجب يورپ جي ماڻهن تي هندوستان سڀيتا جو آڳاٽي زماني ۾ گهڻو اثر ٿيو هو. (8)

قديم سنڌين جي لهه وچڙ:

مهن جي دڙي مان جيڪي شيون لڌيون آهن، تن مان رڳو ٿورين شين تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پنج هزار ورهيه اڳي قديم سنڌين جي لهه وچڙ ڪهڙن ڪهڙن هنڌن جي ماڻهن سان هئي.

مهن جي دڙي مان ڪي ٽامي جا باسڻ ۽ اوزار لڌا آهن. سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن مان ڪنهن ڪنهن هنڌان ٽامو ٿورڙي انداز ۾ لڀي ٿو، پر اها ڪچي ڌاتو ايتري ڪانهي، جنهن مان عام طرح باسڻ ٺاهي ڪم آڻجن. مطلب ته ٽامي جون کاڻيون سنڌ ۾ ڪينهن، تنهنڪري اهو ڌاتو قديم سنڌين ضرور ٻاهران آندو هوندو. هندوستان ۽ ان جي ڀر وارن ملڪن جي جاگرافيءَ جي جنهن کي سڌ هوندي. سو جهٽ سمجهي سگهندو ته قديم سنڌين پنهنجي روزمرهه جي کپ لاءِ ٽامو ضرور مدراس، راجپوتانا يا ڪشمير مان آندو هوندو، يا ته ايران ۽ ڏکڻ افغانستان مان آندو هوندائون، جو اُتي به ٽامي جون کاڻيون آهن. اهڙيءَ طرح رڳو ٽامي جي باسڻن ۽ اوزارن تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جا رهاڪو مدراس، راجپوتانا، ڪشمير، ايران ۽ ڏکڻ هندوستان يا انهن ڪن هنڌن جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ هئا، جنهنڪري ٽامو ملي سگهندو هو، جنهن مان پنهنجي گهرج جون شيون جوڙيندا هئا. هن مان هيءَ ڳالهه ثابت آهي ته پنج هزار ورهيه اڳ سنڌ ۾ قابل ٺاٺارا هوندا هئا، جي ههڙا عمده باسڻ جوڙي سگهندا هئا.

مهن جي دڙي مان ڪي سونا زيور به لڌا آهن، سون جو ذڪر رگويد ۾ گهڻن ئي هنڌ آهي. آڳاٽن رشين سنڌو نديءَ کي ”سوني“ ڪوٺيو آهي هن جو سبب هيءُ آهي ته سنڌو نديءَ جي واريءَ مان اٺ تائين سون جا ذرا لڀن ٿا. حقيقتن سڀني وڏين ندين جي واريءَ مان سون جا جزا لڀن ٿا. مطلب ته سنڌي ماڻهن کي سنڌو نديءَ منجهان ئي سون ملندو هو، پر اهو ڪيتري قدر ملندو هون، سو چئي نٿو سگهجي. سون هٿ ڪرڻ لاءِ قديم سنڌين کي به واٽ هئي.

مهن جي دڙي مان هڪ پتلو لڌو آهي، جنهن تي گيڙوءَ يا داءَ سان چٽسالي نڪتل آهي. سنڌ ۾ گيڙو يا داءُ ٿئي ئي ڪونه. سنڌ کي ويجهي ۾ ويجهو هنڌ، جتان گيڙو ججهي انداز ۾ ملي سگهي ٿو، سو لکپت جو شهر آهي. وچ هندوستان مان به ڪيترن هنڌان گيڙو ملي سگهي ٿو، پر آڳاٽي وقت کان وٺي ايراني نار طرفان سنڌ ۽ ٻين پاسن ڏي گيڙو ججهي انداز ۾ پئي آيو آهي. جو انهيءَ پاسي گيڙو، رنگ جو وڌيڪ تکو آهي. قديم سنڌ جو واپار مغربي ملڪن سان گهڻو هلندو ئي ايراني نار جي رستي هو. حاصل مطلب ته مهن جي دڙي مان لڌل شين مان رڳو انهن ٿورڙين شين تي ويچار ڪجي ٿو ته ايئن وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ جيتوڻيڪ آگ گاڏيون ڪين هيون، ته به سنڌ جو وڻج واپار هيڏانهن ڪشمير ۽ قنڌار، هوڏانهِن وچ هندوستان توڙي ڏکڻ هندوستان طرف سان هلندو هو. اسان جي پرڳڻي کي قادر پنهنجي قدرت سان سمنڊ توڙي خشڪيءَ جي رستي ايران سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ طرف وارن سان آڳاٽن سنڌين جي لهه وچڙ انهن ئي واٽن کان ٿيندي هئي.

سڀيتا جا بانيڪار:

مهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي اندران ڪي کوپريون به لڌيون آهن جن جي چڱيءَ ريت چڪاس ڪري ڪرنل آر.بي سيويل هندوستان جي زولاجيڪل سروي جي ڊائريڪٽر ۽ سندس همڪار ڊاڪٽر بي.ايس گوها ظاهر ڪيو ته منهن جي دڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ته چئن قومن جا ماڻهو رهندا  هئا، جن مان هڪڙا ڪول ۽ سنٿال ٻيا دراوڙ، ٽيان آپائين چوٿان منگول قوم جا هئا. انهن جدا جدا قومن جي ماڻهن مان مهن جي دڙي واري تهذيب يا سڀيتا جو پايو ڪهڙيءَ قوم جي ماڻهن وڌو، تنهن بابت عالمن جا جدا جدا رايا آهن، پر وڌيڪ وزن آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جي راءِ لهڻو.

مسٽر رکلداس بئنرجي، آرڪيالاجيڪل کاتي جو سپرنٽينڊنٽ، جنهن پهريائين پهريائين منهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي هئي، تنهن جو توڙي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جو چوڻ آهي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙ لوڪن جي آهي ۽ اهي ئي انهيءَ سڀيتا جا بانيڪار آهن.

راءِ بهادر راما پرساد چند، سپريٽينڊنٽ، آرڪيالاجيڪل سيڪشن، انڊين ميوزم، ڪلڪتي وارو چوي ٿو ته ”هيستائين جيڪي شيون لڌيون آهن، تن مان اهڙي ڪا ثابتي ملي ئي ڪانه ٿي، جنهن مان سمجهي سگهجي ته هڙپا ۽ مهن جي دڙي وارا شهر جن اڏيا، تن جي سڀيتا رگويد وارن آرين جهڙي هئي. اٽلندو هيءَ ثابتي ملي آهي ته انهيءَ آڳاٽي سڀيتا جا بانيڪار ويدن جا مڃيندڙ نه هئا.“ وڌيڪ هيئن به چيو اٿس ته ”اهي ”پڻي“ يعني واپاري لوڪ هئا، جن هڙپا ۽ مهن جي دڙي وارا شهر ٻڌا.“ رگ ويد ۾ ”پڻي“ لوڪن جو ذڪر آهي. راءِ بهادر جي چوڻ موجب اهي پڻي لوڪ دراوڙ هئا ۽ سندن قلعا آريه لوڪن اچي ڊاٺا جيئن رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي.(9) مطلب ته هيستائين جيڪي ثابتيون مليون آهن، تن مان آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ايئن سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته مهن جي دڙي جي سڀيتا ويدن جي مڃيندڙ آرين کان اڳ جي آهي ۽ ان جو شرف دراوڙ لوڪن کي ڏين ٿا. فادر هيرس جو به اهو ئي چوڻ آهي ته هيءَ قديم دراوڙن جي سڀيتا آهي، جنهن جو پتو اسان کي اڃا هاڻ پيو آهي.(15)

مهن جي دڙي جي اهميت:

سنڌ ۾ مهن جي دڙي ۽ پنجاب ۾ هڙپا جي کوٽائي ٿيڻ کان اڳ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن مصر ملڪ ۽ وچ ايشيا طرفان اعليٰ درجي جي تهذيب جي اهڃاڻ معلوم ڪيا هئا ۽ اهڙو ڪو اهڃاڻ هندوستان مان اڃا معلوم ڪونه ٿيو هون. انهيءَ سبب اهو ئي اثر دلين تي ويٺل هون ته قديم مصر ملڪ ۽ وچ ايشيا طرف جي رهاڪن جڏهن اعليٰ درجي جي ترقي ڪئي هئي تڏهن هندوستان جي ماڻهن جي حالت جهنگلين يا اڻ سڌريلن کان گهڻو بهتر نه هئي. هينئر مهن جي دڙي مان جيڪي حقيقتون معلوم ٿيون آهن، تن دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا ڪپاٽ کوليا آهن ۽ اڳوڻي غلط فهمي هينئر بنهه دور ٿي ويئي آهي. ڪيترائي عالم هينئر قبول ڪرڻ لڳا آهن ته اهو زمانو گذري ويو جو قديم مصر ۽ قديم يونان جي سڀيتا سڀني کان آڳاٽي ليکي ويندي هئي. اهو وقت ويو، جو فرات ۽ نيل ندين جي ڪنٺي وٽ جيڪي ڪم ٿي گذريا سي سڄيءَ دنيا ۾ آڳاٽا ليکبا هئا. هيئنر پهريون نمبر اسان جي سنڌو ماٿر سمجهڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جي قديم سڀيتا انهن سڀني هنڌن جي قديم سڀيتا کي شهه ڏيئي بيٺي آهي. هن مان هيڪاري ظاهر آهي ته قديم سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سڀيتا جو پايو پاڻيهي وڌو هو ۽ ٻين تان نقل ڪونه ڪيو هئائون. هن وقت جيڪڏهن ڪو دنيا جي تاريخ لکندو، ته کيس ضرور پنهنجي تاريخ سنڌ جي قديم سڀيتا جي ساک سان شروع ڪرڻي پوندي. تازو مسٽر ڊبليو-ايڇ-موئر لنڊ ۽ بابو اٽلچندر چئٽرجي قديم هندوستان جي تاريخ ڇپائي پڌري ڪئي آهي ته شروع ئي سنڌو ماٿر جي قديم سڀيتا سان ڪئي اٿن. ٻين ڪن يورپي ۽ ڏيهي عالمن به ايئن ڪيو آهي. هيئنر ڪرڻو ئي ايئن پوندو، جو مشرق جي سڀني ملڪن ۾ اڄ جو دڙو اهميت وارو هنڌ آهي.

مصنف جو شخصي رايو:

مهن جي دڙي ۽ هڙپا مان جهڙيون مهرون هٿ آيون آهن، تهڙيون ساڳيون ميسوپوٽيميا طرفان به هٿ آيون آهن ۽ انهن مان ڪي عيسوي سنه کان 3250 ورهيه اڳ جون آهن. انهيءَ سبب سر جان مارشل جو چوڻ آهي ته مهن جي دڙي جي تهذيب جي ڄمار پنج هزار ورهيه آهي، جيڪڏهن ميسوپوٽيميا طرفان اَٺ ڏهه هزار ورهيه اڳ جون مهرون هٿ اچن ها ۽ اهي مهن جي دڙي وارين مهرن سان ملي اچن ها ته پوءِ خود سر جان مارشل چوي ها ته مهن جي دڙي جي سڀيتا به اٺ ڏهه هزار ورهيه اڳ جي آهي. مطلب ته تهذيب جي ڄمار جو تخمينو لڌل مهرن تي ٻڌل آهي، جنهن ڪري مصنف جي خيال موجب اهو تخمينو اڃا پورو نه سمجهڻ گهرجي. هن لاءِ ٻيو به سبب آهي.

سر جان مارشل ۽ ٻين آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جو چوڻ آهي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙ لوڪن جي آهي جو آرين جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ هئا. اتهاسڪ (تاريخي) زماني جي احوال ڏيندي. اسين ڪيترا حوالا ۽ سندون ڏيئي ڄاڻائينداسون ته مها ڀارت واريءَ لڙائيءَ کي اڄ پنج هزار کن ورهيه ٿيا آهن، جيڪڏهن مهن جي دڙي واري سڀيتا جي ڄمار به پنج هزار ورهيه آهي، ته چئبو ته اها مها ڀارت واري زماني جي سڀيتا آهي. جنهن صورت ۾ آرين جي هندوستان ۾ حڪومت مها ڀارت واري زماني کان گهڻواڳي هئي، تنهن صورت ۾ چئبو ته هن سڀيتا جا بانيڪار آريه لوڪ هئا. جيڪڏهن سچ پچ اها دراوڙن جي سڀيتا آهي، ته پوءِ چئبو ته انهيءَ سڀتا جي ڄمار پنج هزار ورهيه نه، پر ان کا ٻيڻي ٽيڻي آهي. انهيءَ سبب مصنف جو شخصي رايو آهي ته جيستائين ڪي پڪيون پختيون ثابتيون نه مليون آهن، تيستائين سڀيتا جي ڄمار ۽ بانيڪار جي حال لبيءَ ۾ رهڻ گهرجي

                                            (اصل مقابلي جو اختصار)

 

حوالا ۽ حاشيا

سنڌي ءَ ۾ ”ماهو“ معنيٰ خون يا ڪوس، ڪٿي لٺ لڳندي آهي ۽ ڪي ماڻهو اڦٽ مري ويندا آهن ته چئبو آهي ته ”ماهو“ ٿيو. ساڳيءَ طرح جنگين ۽ زلزلن سبب به ماهو ٿئي ٿو، ”ماهو جو ڌاتو يا بنياد آهي سنسڪرت لفظ ”مش“ معنيٰ ڪهڻ يا ناس ڪرڻ، پراڪرت ۾ ان جو اچار آهي ”ميهه“. سنڌيءَ ۾ چئون ”مهو-ماهو“ ان جو ڦيرو ڪبو ته عام صورت واحد ۾ چئبو ”مهي- ماهي“ جمع ”مهن- ماهن“ پر ”مهين“ به چئبو آهي: انهيءَ سبب ” مهن جو دڙو“ معنيٰ ”مات يا خون ٿيلن جو دڙو“ (Mound of the killed)

تحفة الڪرام“ موجب برهمڻ آباد، ڀنڀور ۽ اهڙا ٻيا شهر عيسوي اٺين صديءَ جي وچ ڌاري ويران ٿيا هئا.

3. Dr. Suniti Kumar Chatteji: Modern Review, December, 1924.

4.“Mr. Banerji, one of the greatest scholars that India has ever produced, at onece realized the great importance of that discovery (at Mohan Jo Daro). The civilization the relice of which so accidently came into his hands. Was totally unknown civilization, not only in India, but all over the world. That was the beginning of the discovery of a new period in the history of man. “ Re. H. Hearas: Journal of Indian History, April 1937 P-1.

فادر هئرس جو چوڻ آهي ته پاڻ اهي لکتيون سمجهي سگهيو آهي، پر جيڪي سمجهيو اٿس سو برابر آهي يا نه تنهن ڳالهه جي تصديق اڄ تائين ڪنهن ڪانه ڪئي آهي. ڏسو صفحو 66-67 هيٺان انگريزي نوٽ.

6. Sir John Marshall: Mohan-Jo-Daro and Indus civilization Vol:1 P.36-37.

7. Sir John MarshallL Mohan-Jo-Daro and Indus civilization Vol:1 P. 395.

8. Sindh Observe Karachi, Wednesday, 27 october 1937, P-7.

9.  Memoir of the Archeaological Survery of India No. 31,P-5

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org