سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 20

انيس انصاري

سنڌوماٿريءَ جو پراچين رسم الخط

 

اهو شخص ڪير هئو جنهن سڀ کان پهرين لکيو؟ پوءِ اها لکت کڻي ٻڙي يا ليڪ جي صورت ۾ ڇو نه هجي. ان پهرين لکندڙ لکت کي ڇا سان ۽ ڇا تي لکيو؟ اهي ڳالهيون تاريخ جي حوالي سان ثابت ته ڪري نه ٿيون سگهجن، البت جدا جدا قومن لکڻ جي فن کي ايجاد ڪرڻ جو سهرو پنهنجي ڪنهن هيرو ديوتا يا پيغمبر جي سر تي ٻڌو آهي.

مصرين مطابق پهريان جن لکيو سي هئا ديوتا تهوت (THOT) ۽ ديوي ايسيز (ISIS)، بابل وارن لکڻ جو فن ايجاد ڪندڙ ديوتا نيبو (NEBU) قرار ڏنو آهي. يونانين موجب ديوتا هرميس (hERMES) ۽ هندن موجب برهما ان فن جا ايجاد ڪندڙ هئا.

ارڙهين صديءَ جي انگلينڊ جي لکت جي ماهر جوزف چيمپن لکڻ جي فن کي ايجاد ڪندڙ خود خدا يا حضرت آدم کي مڃيو آهي.

ابن نديم ”الفهرست“ ۾ لکيو آهي، ”ڪعب، جنهن جي ڳالهه سان مان اتفاق نه ٿو ڪريان، چوي ٿو ته پهريون ماڻهو جنهن عربي، فارسي ۽ هر قسم جي لکت کي واضع ڪيو سو آدم عليه السلام هئو.

کوجنائن ثابت ڪيو آهي ته حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان ويهه هزار سال يا ان کان به اڳ تصويرن ٺاهڻ ۽ اڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي ويو. ٿي سگهي ٿو ته لکڻ جي فن جي شروعات تصويرن سان ٿي هجي. ڍڳن، سانن، گهوڙن، هرڻن، ٻين جانورن ۽ ماڻهن جون تصويرون اسپين جي التميرا، فرانس جي لساڪس کان علاوه لبيا، آفريڪا ۽ ٻين هنڌن تي غارن ۾ ڏٺيون ويون آهن. انهن لاءِ عالمن جو چوڻ آهي ته اهي ڪنهن خاص مقصد لاءِ ٺاهيون ويون هيون. اهو خاص مقصد پيغام رساني به ٿي سگهي ٿو، ته اهي موجوده تصويرون هن وقت پهرين لکت آهن. اهڙي طرح انهن تصويري لکتن سان گڏ پڪٽو گرام به وجود ۾ آيو.

ڄاڻ ڏيڻ جي طريقن مان هڪ طريقو اشارا به آهن. ڪنڌ کي خاص نموني لوڏڻ سان هاڪار يا ناڪار جو مطلب ادا ڪري سگهجي ٿو. هٿ کي ڪنهن طرف کڻڻ سان ڪنهن کي دڳ لائي سگهبو آهي. منهن تي خاص انداز جو تاثر پيدا ڪري خوشي، غم ۽ غصي وغيره جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح زمين تي ليڪ ڪڍي يا ليڪ کي هڪ طرف موڙ ڏئي يا گول، ٽڪنڊا، چورس، مستطيل يا جاميٽريءَ جي ٻي شڪل ٺاهي ماڻهو پنهنجي مدعا ٻڌائي سگهي ٿو. ان طرح جي اشارن مان آئيڊيوگرام (IDEOGRAM) لکت وجود ۾ آئي، جنهن ۾ لفظن جي بدران نشانين کي استعمال ڪيو ويو. اڄڪلهه جي رستي جون نشانيون (ROADSIGNS) آهن، تن کي موجوده وقت جو آئيڊيو گرام سمجهي سگهجي ٿو.

ان طرح اهو فن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو فونيٽڪ لکت ۾ ظاهر ٿيو. ان ۾ هر نشاني هڪ آواز لاءِ مقرر ڪئي ويئي. ايئن الف ب وجود ۾ آئي.

سنڌو ماٿري جي پراچين لکت مصري هيرو غلافيءَ وانگر پڪٽو گرام آهي. پڪٽو گرام ۽ آئيڊيو گرام ۾ فرق سمجهڻ لاءِ هيءُ مثال ڏئي سگهجي ٿو. سادي پڪٽو گرافيءَ ۾ گول، سج لاءِ ڪم آندو ويندو آهي، پر ساڳيو گول، آئڊيو گرافيءَ ۾ چمڪندڙ، روشن ڏينهن يا وقت لاءِ به ڪم اچي سگهي ٿو.

ٽي مکيه تهذيبون مصري، بابلي ۽ سنڌي، نيل ندي، فرات، دجله ۽ سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي وجود ۾ آيون ۽ ترقي ڪري اوج تي پهتيون. انهن ٽنهي تهذيبن کي پنهنجي لکت هئي. انهن لکتن مان قديم مصري ۽ بابلي لکتون ته عالمن پڙهيون آهن، پر سنڌي لکت باوجود ڪافي ڪوششن جي، اڃا پوري طرح پڙهي به نه وئي آهي. جيتوڻيڪ ڪيترن عالمن انهن کي پڙهڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي.

اهي ڪهڙا سبب آهن جو قديم مصري ۽ بابلي لکتون ته پڙهيون ويون پر سنڌي لکت پڙهجي نه سگهي، ان جو وستار هيٺ ڪجي ٿو.

پراڻي مصر ۾ هيرو غلافي طرز تحرير رائج هئي. هيءَ لکت پڪٽو گرام هئي جنهن ۾ پکين، جانورن، ماڻهن وغيره جي شڪلين کي ابلاغ (پيغام) جو ذريعو بڻايو ويو هو. وقت گذرڻ سان هيرو غلافي کي وڌيڪ سولو بڻائي هيراٽڪ لکت کي وجود ۾ آندو ويو. مصر جڏهن يونانين جي قبضي ۾ آئي ته اتي يوناني رسم الخط پڻ استعمال ٿيڻ لڳو.

سن 1799ع ۾ نيپولين جي فوج ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ انجنيئر بوخارڊ کي نيل نديءَ جي ڊيلٽا ۾ روسيٽا جي جاءِ تي هڪ ڪارو پٿر هٿ آيو، جنهن کي هٿ اچڻ واري هنڌ جي نالي سان روسيٽا پٿر سڏيو ويو. ان پٿر تي ٻن زبانن ۾ ٽي متن اُڪريل هئا. ان تي 14 سٽون مصري هيرو غلافي ۾ 32 سٽون ڊيموٽڪ لکت ۾ ۽ 54 سٽون يوناني رسم الخط ۾ اڪريل هيون. بعد ۾ اهو پٿر انگلينڊ آندو ويو، جنهن تان پلاسٽر آف پيرس سان نقل بڻائي جدا جدا ملڪن ڏانهن موڪليا ويا، جتي مصريات جي ماهرن ان کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن مان فرانس جو هڪ عالم چيمپولين، جو مصر جي قبطي زبان جو ڄاڻو هو. ان پٿر تي يونان لپيءَ ۾ ان زبان ۾ اڪريل اکرن کي پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان طرح مصر جي قديم زبان پڙهڻ ۾ ڪاميابي ٿي ۽ اتان جي رهڻي ڪهڻي ۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ٿي.

مصر جي قديم لکت وانگر ميسوپوٽيما (بابلي تهذيب) جي لکت، جا خط ميخي، جنهن کي چپر واري لکت چيو ويندو آهي. ڪافي عرصي تائين پڙهجي نه سگهي. اها لکت آلي مٽيءَ جي تختين تي ڪنهن ڪاٺي يا ٻيءَ سخت چيز سان لکي ويندي هئي. ان ڪري ان لکت جو شروعاتي حصو ويڪرو ۽ آخري حصو سوڙهو نوڪدار هوندو هو. ان لکت جي، ميخ سان مشابهت ڪري ان کي خط ميخي چيو ويندو آهي. انهن تختين کي لکڻ کان پوءِ باهه ۾ پچايو ويندو هو. اهڙيون تختيون ڪافي تعداد ۾ پراڻن شهرن ارڪ، ڪش، لاگاش، پنور، اُر وغيره مان هٿ آيون آهن. انهيءَ لکت جي تختين کي خاص جڳهن ۾ رکيو ويندو هئو. جن هنڌن کي ان وقت جون لئبرريون چيو وڃي ته بيجا نه ٿيندو. خط ميخي کي پڙهڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون ويون پر ان کي چڱيءَ طرح پڙهڻ جو سهرو انگريز متسشرق سر هينري رانسن جو سر آهي.

ڪرمان شاهه (ايران) کان اوڀر طرف 32 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ بستي بهستون نالي آهي. جنهن جي ڀرسان هڪ پهاڙي ساڳي نالي واري آهي، ان ڪوهه بهستون (شيرين فرهاد واري ڪهاڻي واري) تي دارا پهرين جي زماني ۾ مورتيون ۽ لکتون اڪيريون ويون هيون. ان ۾ خط ميخي ۾ ٽن زبانن پراچين، پارسي، بابلي ۽ ايلمي ۾ ساڳيو مضمون لکيو ويو آهي. 1835ع ۾ رانسن پاڻ کي خطري ۾ وجهي ان پهاڙيءَ تي چڙهي انهن لکتن کي نقل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کين پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. آخر 1850ع ۾ ان لکت جو گهڻو حصو ٻين ڄاڻن جي مدد سان پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

جهڙي طرح قديم مصري هيرو غلافي ۽ قديم بابلي ڪيونيفارم لکتن لاءِ روسيٽا پٿر ۽ بهستون تي اڪر، ڪنجيون ثابت ٿيون آهن. اهڙي طرح جي ڪا لکت جا سنڌو ماٿريءَ جي قديم لکت ۾ مدد ڪري هٿ اچي ڪا نه سگهي آهي. تنهن هوندي به وقت جي عالمن ان لپيءَ جي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا آهن. ڪن اها دعويٰ ڪئي آهي ته ان لکت کي هڪ نه ٻي زبان ۾ پڙهيو آهي. اها دعوي ڪيتري حقيقت رکي ٿي سو وقت ٻڌائيندو.

قديم مصر ۾ ميسوپوٽيميا جون لکتون اسان کي گهڻ اکرين ۽ گهڻي تعداد ۾ جدا جدا شين تي مليون آهن. مصر ۾ اهي پيپرس ٻوٽي جي پنن تي مندرن ۽ گهرن جي ديوارن تي ۽ پٿرن تي لکيون يا اڪيريون ويون هيون. ان کان سواءِ اهي مٽيءَ جي تختين تي به لکيون وينديون هيون. اهي لکتون واريءَ ۾ دٻيل رهڻ سبب ڪافي محفوظ آهن. ساڳي طرح ميسوپوٽيميا جون مٽيءَ جون تختيون محفوظ حالت ۾ هٿ آيون آهن.

سنڌي لکتون اسان کي هڪ خاص قسم جي پٿر پڪي مٽي ۽ ٽامي وغيره تي ملن ٿيون. اهي لکتون ٿورن اکرن ۾ تصويرن سان گڏ يا تصويرن کان سواءِ هٿ آيون آهن. سنڌي لکت نه ڪنهن ديوار تي لکيل هٿ آئي آهي ۽ نه ڪنهن ٽڪريءَ تي. ممڪن آهي ته پنن، ڪاٺ، ڪپڙي ۽ ٻين چيزن تي پڻ لکيو ويو هجي پر هتان جي موسم، مٽي، ڪلر ۽ بار بار ايندڙ ٻوڏن انهن کي ختم ڪري ڇڏيو هجي.

ان خاص پٿر جنهن تي سنڌو ماٿريءَ جا قديم اکر اڪريل آهن، ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڏکڻ راجپوتانا جي اريالي ٽڪرين مان آندو ويو هو. پٿر کي ڪارائيءَ سان ڪٽي مهر بڻائي ان تي ڇيڻي ۽ مترڪي سان تصويرون ۽ اکر اڪيريا ويا ڏسڻ ۾ ٿا اچن. ڪن حالتن ۾ ان پٿر کي چوني جو تهه چاڙهي باهه ۾ تپائي تيار ڪيو ويو آهي.

عالمن جو خيال آهي ته اهي مهرون ڪنهن خاص ماڻهوءَ جي ملڪيت ڏيکارڻ لاءِ ٺپي طور استعمال ٿينديون هيون، ڪن مهرن جي پاسن ۾ ٽنگن جي موجودگي ٻڌائي ٿي ته انهن کي ڌاڳي ۾ پوئي ڏوري ۾ ٻڌو ويندو هو.

سنڌي لکت جي پهرين مهر سر اليگزينڊر ڪننگهام کي هڙاپا مان هٿ آئي، هو 1853ع ۽ 1856ع ۾ اتي ويل هو. ان مهر تي ڇهه مختلف نوعيت وارا اکر اڪريل هئا ۽ مٿس ڍڳي جي صورت به ٺهيل هئي. ان کي 1875ع ۾ ڪننگهام پنهنجي مضمون ۾ ”هڪ عجيب ۽ غريب چيز“ ڪري لکيو آهي.

سن 1884ع ۾ جي هاروي کي هڙپا مان هڪ ٻي مهر هٿ آئي، جنهن تي ساڳئي قسم جا پنج اکر اڪريل هئا پر ان تي ڍڳو ٺهيل ڪين هئون. اهڙي نموني جي ٽين مهر 1912ع ۾ پڻ هڙاپا مان هٿ آئي، انهن ٽنهي مهرن جون تصويرون ۽ تفصيل 1912ع ۾ مسٽر جي ايف فليٽ شايع ڪرايا.

سن 1922ع ڌاري راءِ بهادر بئنرجي کي موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي هڙاپا واري ساڳي نوعيت واريون ڪجهه مهرون هٿ آيون. ان بعد موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي وڌيڪ کوٽائي ڪندي ٻيون مهرون به هٿ آيون آهن.

انهن ٻن ڦٽن کان سواءِ ان قسم جون مهرون ٻين هنڌان به هٿ آيون آهن. سن 36-1935ع ۾ ارنيسٽ مئڪي چنهون دڙو کوٽايو، جنهن مان کيس اهڙيون 80 کن اڪريل چيزون مليون. سن 61-1954ع ۾ ايس آر راءِ سن، لوٿل جي کوٽائي ڪئي، جنهن ۾ کيس 71 مهرون مليون، لوٿل گجرات ۾ آهي. ساڳي طرح ڪالي بنگن (راجستان) مان بي بي لال ۽ بي ڪي ٿاپر کي کوٽائي ۾ اهڙيون مهرون مليون. ساڳي قسم جون مهرون مشرق قريب ۽ ٻين هنڌن تان پڻ هٿ آيون آهن.

واديءِ سنڌ جي قديم لکت بابت جدا جدا عالمن جا جدا جدا خيال آهن. انهن ڄاڻن مهرن کي جدا جدا ٻولين ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عالمن جو خيال آهي ته اها لکت علامتي نشاني جي صورت ۾ آهي. ڊاڪٽر جي آر هنٽر انهن نشانين جو تعداد 253 ٻڌايو آهي. پروفيسر اسٽيفن لينگڊن انهن عددن 288، سي جي گئڊ 254، سڊني سمٿ 396 ۽ اسٽوئرٽ پگت 400 ڏنو آهي.

آرلين زائيڊ تقريباً 300 نشانيون قبول ڪيون آهن. مان بنيادي نشانين جو تعداد 250 آهي. سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب ۾ 500 مهرن جا فوٽو ڏنا آهن ۽ ماڌهو سروپ وٽس هڙپا جي 900 مهرن جا، محمد اسحاق صديقي جدا جدا مهرن جو مطالعو ڪري هڪ فهرست تيار ڪئي آهي، جنهن موجب انهن مٿي ذڪر ڪيل چوڏهن سؤ مهرن تي ڪل 750 داخلائون آهن.

جي ايم بانڊي لکيو آهي ته مارشل ۽ مئڪي 43 پتل جي پترن کي ڇپايو آهي ۽ هنٽر پنهنجي مطالعي 1934ع ۾ ڇويهه مهرون آنديون آهن. پابندي ڪل 123 ٽامي جي پترن جو ذڪر ڪيو آهي. سيد ايم اشفاق پاڪستان ۽ ڀارت مان هٿ آيل مهرن جو تعداد 200 ٻڌايو آهي.

سنڌوماٿريءَ جي مهرن تي اکر اڪريل آهن سي پهرين سٽ ۾ سڄي کان کٻي ٻي سٽ ۾ کٻي کان سڄي پڙهيا وڃن ٿا. سنڌو ماٿري جي قديم لکت جي زبان بابت پڻ اختلاف آهن. سنڌي عالم سراج ميمڻ ان کي خالص قديم سنڌي زبان تسليم ڪيو آهي.

منصور سليم لکيو آهي ته مهاڻا جي سنڌ ۾ رهن ٿا. انهن جي زبان جي مطالعي مان امڪان آهي ته سنڌي لکت تي ڪا روشني پئجي سگهي.

اي_ايڇ داني لکيو آهي ته ڪن محققن ان لکت کي سنڌي تحرير سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان لکت کي خالص سنڌي زبان قبول ڪرائڻ لاءِ ٺوس دليل هٿ اچي ڪو نه سگهيو آهي. اهو به پتو نه آهي ته ان وقت جي سنڌي زبان جي شڪل، صورت ۽ هئيت ڇا هئي. سر اليگزينڊر ڪننگهام، ڊاڪٽر ڪي پي جيسوال ۽ راءِ بهادر بشن سروپ انهن نشانين کي سنسڪرت چئي ان زبان ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ڪاربن 14 ۽ ٻين تجربن ثابت ڪيو آهي ته موهن جي دڙي جي سڀيتا آرين جي هندو پاڪ ۾ اچڻ کان اڳ جي آهي. ان ڪري آرلين زائيڊ پڻ تاريخي بنياد تي ان لکت کي سنسڪرت سان ڳنڍڻ غلط قرار ڏنو آهي.

منصور سليم لکي ٿو ته هڙپا جي زبان انڊو يورپي زبانن جي ڪٽنب مان نه آهي جو ان زبان ۾ لفظ جي شروعات ۽ پڄاڻي ساڳي قسم جي ڪين آهي. ان ڪري سنڌو ماٿري جي زبان سنسڪرت يا ان سان لاڳاپيل زبان نه ٿي سگهي ٿي.

مهاديون لکي ٿو ته سنڌي لکت کي سائنسي طريقن سان جيڪا سنڌي ان فيصلي تي پهچي ٿو ته اها پنهنجي بناوت مان ئي غير يورپي زبان آهي ۽ سندس لاڳاپو دراوڙي زبان سان ٿي سگهي ٿو.

پروفيسر اسٽيفن لينگڊن ۽ سي جي گئڊ جي خيال مطابق سنڌي لکت جا نشان سميري لکت سان ملي اچن ٿا. ان ڪي ڊاڪٽر ايل.اي.ويڊل انهن مهرن کي سميري رسم الخط جي مدد سان پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سنڌي سميري نو آبادي هئي. آرليند زائيڊ ان دعويٰ کي غلط چيو آهي ۽ کيس تاريخ کان نا واقفيت ۽ غير سائنسي قرار ڏنو آهي.

روزني، قديم سنڌي لکت کي هٽائيپ زبان ۾ پڙهيو آهي. زائيڊ ان کي به تاريخي غلطي چيو آهي ڇو جو هٽائيپ هيرو غلافي سنڌو لکت  کان اٽڪل هڪ هزار سال بعد جي آهي.

ڊاڪٽر پران ناٿ سنڌي لکت کي برهمي حرفن سان مشابهت ڏئي ڪن مهرن کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ انهن ۾ ديوي ديوتائن جا نالا پڙهيا آهن. جن مان ڪن جو سميري قوم سان تعلق هئو ۽ ڪن جو پراڻ ۽ نانترڪ مذهب سان. ان ڳالهه جي ترديد ۾ اهو چوڻ آهي ته نانترڪ ۽ پراڻن جو مذهب سنڌو تهذيب جي وڌڻ وسڻ کان سون سالن پوءِ جو آهي.

هڪ حيرت انگيز انڪشاف جي ڊي هيوسي ڪيو آهي لکي ٿو ته ايسٽر بيٽن جي لکت جا ڪي نشان سنڌي لکت قديم سان ملي اچن ٿا. ان کان سواءِ ٻنهي لکتن ۾ پهرين سٽ سڄي کان کٻي ۽ ٻي سٽ کٻي کان سڄي لکي وڃي ٿي. ان طرح هن صاحب انهن ٻنهي لکتن جو موازنو ڪيو آهي. محمد اسحاق صديقي ان تي اعتراض ڪندي لکيو آهي ته ايسٽر ٻيٽ هتان کان هزارين ميل پري آهي. ان کان سواءِ سنڌي لکت پنج هزار سال اڳ رواج ۾ اچي چڪي هئي ۽ ايسٽر ٻيٽن جي لکت اڄ کان ٿورو وقت اڳ رواج ۾ هئي.

آرلينڊ زائيڊ لکي ٿو، سنڌو ماٿري جي لکت کي ايسٽر ٻيٽن جي لکت سان ملائڻ لاءِ جي هيوسي، هين جيلڊرن ۽ بليوموريا جي دليل ڏنا آهن سي غلط سوچ جو مظاهرو ڪن ٿا. زائيڊ جي خيال موجب ايسٽر بيٽن جون نشانيون لکت ئي نه آهن. ان جو چوڻ آهي ته ايسٽر ٻيٽن جي هزارن نشانين مان ٿوريون چونڊي انهن کي سنڌي لکت سان ڀيٽڻ غلط آهي.

ناروي جو مشهور سيلاني ٿيوڊر هيئر ڊال پنهنجي ڪتاب اڪواڪو ۾ ايسٽر ٻيٽن ۽ اتي بتن تي اڪريل نشانن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي ڪتاب جو ذڪر پڻ ڪيو آهي جنهن ۾ ان طرح جي لکت آهي. هيئر ڊال لکيو آهي ته اها لکت گذريل صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين رائج هئي.

پڪوليءَ بابت ذڪر ڪندي زائيڊ لکيو آهي ته ايٽر سڪان جي ڇڙوڇڙ 40 نشانين کي، جي برتنن تي ٺهيل هيون. سنڌي لکت سان مشابهت ڏيڻ هڪ وڏي غلطي آهي. هن خيال ڏيکاريو آهي ته اهي نشانيون ڪنڀرن پنهنجي ٺهيل برتنن جي سڃاڻپ لاءِ ڏنيون هين.

لئنگڊن ۽ هينري هيراس جو خيال هو ته برهمي ٻولي سنڌو لکت مان ٽٽي نڪتي آهي، پر آسڪو پارپولا اها سندن غلطي تسليم ڪئي آهي.

مولانا ابو الجلال ندوي جو مضمون ”قديم مهرين“ ماه نو ڪراچي ۾ آگسٽ  کان ڊسمبر 56 تائين قسطوار ڇپيو، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته پندرهن سو مهرون مون پڙهي ورتيون آهن“ انهن جي زبان عربي آهي ۽ رسم الخط جنوبي عرب جي سباءِ معين جي ابجد سان تعلق رکي ٿو.

ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي مضمون ”سنڌي صورت خطي جو بڻ بڻياد“ ۾ لکيو آهي. موهن جو دڙو اصل ۾ معن جو دڙو آهي يعني معن قوم جو ڊٺل شهر، معن قوم عرب البائره ۾ شامل آهي. جن عربستان مان نڪري دنيا جي مختلف ملڪن تي حڪومت ڪئي آهي. ڪتبن مان ظاهر آهي ته معن، تبع ۽ سباجي قومن جو راڄ هن کان سواءِ سنڌ، ايران، عراق ۽ حبش (ائبيسينا) تي رائج هو.

هينري هيراس پنهنجي ڪتاب ”اوائلي انڊوميڊيٽرينين تهذبي جو مطالعو“ (اشاعت 1953) ۾ لکيو آهي ته موهن جي دڙي جي ٻولي دراوڙي آهي ۽ ان قديم سنڌي لکت کي ان ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. آسڪوپارپولا پنهنجو ويچار ظاهر ڪندي چيو آهي ته هيراس پنهنجي ان قياس ۾ بلڪل صحيح هيو ته موجوده دراوڙي ٻوليءَ جي ڀيٽ سان ان قديم ۽ گم ٿيل ٻوليءَ جي تشڪيل ممڪن ٿي سگهندي جا سڀني ٻولين جو بنياد هئي ۽ جنهن مان سڀ زبانون ڦٽي نڪتيون.

هيراس کان اول دراوڙي زبان جي شاخ بروهي زبان بابت اظهار ڪندي سر جان مارشل چيو هو ته آرين جي اچڻ کان اول جا دراوڙي زبان رائج هئي ان جي شاخ بروهي ٻولي اڃا پنهنجو وجود قائم رکندي اچي ٿي ۽ اها زبان بلوچستان ۽ افغانستان جي جابلو حصن ۾ پنهنجي اصليت ڪافي حد تائين برقرار رکندي آئي آهي.

پيرد ميرگي پنهنجي هڪ مضمون (اشاعت 1934ع) ۾ قديم سنڌي لکت کي بروهي ٻوليءَ ۾ هجڻ جي امڪان جو ذڪر ڪيو آهي.

هڙپا جي قبرستان37- R مان لڌل انساني هڏن مان 50 کان مٿي ڍانچن جي تجزيي بعد ڊِاڪٽر ڪينٿ ڪئينڊي ان نتيجي تي پهتو آهي ته انهن جي جسماني جوڙجڪ پاڪستان جي موجوده قومن سان ملي اچي ٿي ۽ نه ڏکڻ هندستان جي دراوڙين جي بدني جوڙجڪ سان.

پارپولا قديم سنڌي لکت کي بروهي ٻولي ۾ پڙهڻ جي نفي ڪندي لکي ٿو ته گذّريل چئن هزارن سالن جي دوران بروهي ٻولي ڪافي حد تائين تبديليءَ جو شڪار ٿي چڪي آهي. ان ڪري ان ٻوليءَ جي موجوده سٽاءَ مطابق سنڌي لکت کي پڙهڻ اجايو آهي.

والٽر فيئر سروس زبان جي 419 نشانين مان هڪ سو کي دراوڙي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان کان سواءِ آسڪو پارپولا ۽ سندس اسڪينڊين ساٿين ڪمپيوٽر جي ذريعي ان کي دراوڙي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪن روسي ماهرن ۽ ڀارتي عالم مهاديون پڻ پراڻي سنڌي کي دراوڙين زبان ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

مهاديون جو خيال آهي ته قديم سنڌي زبان ممڪن نه آهي ته پنهنجو اثر بعد ۾ ايندڙ زبانن تي ڇڏيو هجي. ان ڳالهه کي بنياد بڻائي پراڻي سنڌي لکت کي ٻن ٻولين انڊو آرين ۽ دراوڙي زبان ۾ پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

قديم سنڌي لکت کي ڪن ٻين ٻولين ۾ پڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي ويئي آهي، پر ڪن عالمن جو اهو خيال پڻ آهي ته هڙپا جي ٻولي (قديم سنڌي) هڪ اهڙي زبان جي ڪٽنب مان آهي جا ڪي به تاريخي اهڃاڻ پٺيان ڇڏڻ جي بدران معدوم ٿي وئي آهي.

آسڪو پارپولا (asko parpola) جو هيلسنڪي (فن لينڊ) يونيورسٽيءَ ۾ سنسڪرت جو پروفيسر آهي، تنهن ساٿين جي مدد سان ڪمپيوٽر جي ذريعي قديم سنڌي لکت جي نشانين کي تهذيب جي نشانين سان ڀيٽي کين دراوڙي زبان ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجا نتيجا دنيا جي اڳيان پيش به ڪيا اٿائين، پر تنهن هوندي لکي ٿو، ”مون کي يقين آهي ته انهي شوق ۽ جستجو (سنڌو لکت جي مطالعي) ۾ هاڻي نهايت دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ مون کي يقين آهي ته انهيءَ شوق ۽ جستجو ۾ ڪيترا ۽ نئين قسم جا ڪارگر ۽ اثرائتا قدم کنيا ويندا ته جيئن سنڌي لکت جي ڳجهارتن کي گوشهءِ راز مان ٻاهر ڪڍي، صفحهءِ هستي تي نروار ڪيو وڃي.

سنڌو لکت جون ڳجهارتون ڪڏهن صفحهءِ هستي تي نروار ٿينديون ان لاءِ منصور سليم ڊِان ۾ ڇپيل مضمون ”نقشن ديوار جي ڳجهارت.“ ridle of the writing on  ”the wall ۾ لکي ٿو، سنڌي لکت جي ڳجهارت حل ڪرڻ لاءِ ماهر آثار قديمه ان ڪوشش ۾ آهن، ته ”هڙپا ۾ ڪا اهڙي لئبريري هٿ اچي، جهڙي ميسوپوٽيميا ۾ هٿ آئي هئي يا روسيٽا پٿر وانگر ٻن يا ٽن ٻولين واري لکت هٿ اچي.“ سندس خيال موجب اهڙي لئبريري هڙپا ۾ موقع نمبر 2300- 2100 ۾ ڪنهن هنڌ هٿ اچي ويندي. ان طرح قديم سنڌي لکت کي يقيني طور پڙهي سگهبو.

هن وقت تائين سنڌي لکت (قديم) کي پڙهڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون ويون آهن، پر يقين سان نه ٿو چئي سگهجي ته عالمن جيڪي پڙهڻيڻون قائم ڪيون آهن، سي پڪ اهي آهن جي مهرن تي اڪريل آهن، پر اميد آهي ته عالمن جون سنڌي مهرن کي پڙهڻ جون ڪوششون يقين جي حد تائين بارآور ٿينديون ۽ دنيا جي اڳيان سنڌو ماٿري جي سڀيتا تاريخ، مذهب وعيره جو اهو باب کلندو جو اڃا هڪ راز آهي.

    

ڪتاب ۽ مضمون جن جو مطالعو ڪيو ويو

 

1.      the story of hand writing. by fair banks.

2.     the indus valley civilization. wheeler

3.     encyclopaedia britanica.

4.     encyclopaedia americana.

5.     constellations in the harappan seals. syed m.ashfaque

6.     a brif servey of work to date on the indian scripts. r.k zide

7.     inscribed copper tablets from b.m.pande.

8.     pakistan archeology no. 10-22.

9.     riddle of writing on the wall. mansoor saleem.

10. harappa script, partly deciphered. imtiaz gul.

11.  recent discoveries harappa. h. a. hamid.

12. study of the indus scripts.

13. indo sumerian seals deciphered.

14. studies in proto indo-meditaranian culture vol.1.

15. the indus valley script. ahmed nabi khan.

16. study of indu script i. mhadevan.

17. 17.recent developments in the study of indus script. asko parpola.

18. interpreting the indus script. asko parpola.

19. topanym in the harappan inscription. asko parpola.

20. الفهرست.                         ابن نديم

21. واديءِ سنڌ ڪا رسم الخط.              محمد اسحاق

22. سنڌي صورتخطي جو بڻ بڻياد. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ

23. واديءِ سنڌ ڪي قديم ترين تحرير.      ڊاڪٽر اي. ايڇ. داني

24. سنڌي ٻولي.                              سراج

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org