سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 3

 

موهن جي دڙي

جي تهذيب

۽

ثقافت

 

ايڇ.ٽي ليمبرڪ

سنڌو تهذيب- عروج ۽ زوال

        سنڌو تهذيب کي ٻين کان نمايان ۽ جدا ڪندڙ انتهائي لاجواب خصوصيت طور تسليم ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود جڏهن به ان جو ڪو نئون مثال سنڌو ماٿريءَ جي ”بادشاهي شهر“ کان دور ۽ اڃا به وڌيڪ دور واقع ڪنهن علائقي مان ملندو، تڏهن اهو وري نئين سر آثار قديم جي ڳولائن لاءِ حيران ۽ متعجب ڪرڻ جو سامان مهيا ڪندو. ٺڪر جي ٿانون جي ساڳي شڪل ۽ صورت ۽ مٿن نڪتل ساڳين چٽن ۽ تصويرن جو بار بار ۽ باقائدگيءَ سان ايڏيءَ وڏيءَ ايراضيءَ ۾ ڦهليل شهرن مان لڀڻ، ماڻهوءَ جي دل ۾ الهندي يورپ ۾ ”سامائين“ برتنن جي وسيع ايراضيءَ ۾ دريافت جو خيال پيدا ڪري ٿو، پر ان مان هي نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته سنڌوءَ جا ٺڪر وارا ٿانو خود سنڌو سلطنت ۾ شامل ٿيل علائقن ۾ تقسيم ڪرڻ جي غرض سان ڪو وڏي پيماني تي ٺاهيا ويندا هئا. مئڪي چوي ٿو ته ٺڪر جي ٿانون جي جنس کي خيال ۾ آڻيندي، معلوم پيو ٿئي ته ”موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ماڻهن ۾ تخليقي  قوت جي انتهائي حد تائين ڪوتاهي ۽ ڪمي هئي“ (1) پر حقيقت ۾ انهن وٽ تخليقي قوت جي شايد ايتريقدر ڪمي ڪانه هئي، جيتري اها دٻائي ويندي هئي يا ڄاڻي ٻُجهي ان جي حوصله شڪني ڪئي ويندي هئي. يعني ائين کڻي چئجي ته سنڌو لوڪن جي ماتحت ايراضين مان هر ايراضيءَ ۾، انهيءَ ”صنعت“ جي فن ۽ مهارت جي نظم ۽ ضبط جو ڪو مرڪزي ادارو باقاعدگيءَ سان ڪم هلائيندو هو ۽ سڄيءَ ”سلطنت“ ۾ هڪ مرڪز تان ٺڪر جي ٿانون جي تقسيم نه، بلڪه تربيت يافته ڪاريگرن جي تقسيم  ٿيندي هئي. اها ئي حالت ٽامي ۾ پتل جي اوزارن جي آهي. انهن اوزارن جا هر شهر ۾، جتان به اهي لڌا آهن، ساڳي قسم ۽ ماپ جا نمونا ڪم ۾ آندل ڏٺا ويا آهن ۽ هر هنڌ انهن جي هڪ ئي مقرر نمونن جي حد بندي رائج ملي آهي. اوزارن جي ٺاهڻ جي فن ۾ انهي حيرت انگيز ۽ عجيب هڪ جهڙائيءَ جا به ڪيئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. ان کان علاوه عام استعمال ۾ ايندڙ سڀني قديم شين جي ساخت ۾ ( مهرن وارن ”تعويذن“ کان علاوه) فني ۽ حرفتي مهارت، پروفيسر پگٽ جي قول موجب ڪڏهن به ماهرانه يڪرنگي کان مٿي نٿي پهچي. اهڙيءَ يڪسانيت جو سبب هن قياس ڪرڻ سان نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته سنڌو سلطنت جي دور ۾ سندن هر هڪ هنر ۽ فن جو نظام انهيءَ فن سان وابسته جماعت هلائيندي هئي.

ترڪيب ۽ فني طريقي ۾، زمان توڙي مڪان جي لحاظ کان جمود ۽ قدامت پسنديءَ کي عام طرح سان ’سنڌو‘ وارن ملڪن جي هنرن لاءِ مخصوص سمجهيو ويو آهي. اهو هن طرح جو انهيءَ تهذيب جي زندگيءَ جي سڄي دور ۾، جيڪو هن وقت تائين ڪيل کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيو آهي، ان جي ڪاريگرن ۽ هنرن ۾ ڪو به قابل قدر واڌارو يا سڌارو ڪو نه ٿيو. گذريل چند سالن کان وٺي انهيءَ نظرئي سان ڪجهه قدر اختلاف ڪيو ويو آهي، پر اهو انهن خصوصيتن جي وڏيءَ اڪثريت متعلق صحيح آهي، جيڪي انتهائي حد تائين ذاتي ۽ خصوصي طرح سنڌو لوڪن جون آهن. چنانچه ڌاتن مان ٺهيل اوزارن توڙي ’سنڌو‘ تحرير جي سلسلي ۾ نهايت آڳاٽن ۽ ويجهي کان ويجهي دور وارن نمونن ۾ ڪو به فرق نظر نه ٿو اچي. سر جان مارشل جو بيان آهي ته سندس طرفان موهن جي دڙي ۾ ڪيل تهن جي ورڇ ان جي اڏاوتي آثارن جي دورن سان واسطو رکي ٿي، ۽ نه مختلف تهن مان لڌل ’قديم شين‘ جي نوعيت تي، ڇاڪاڻ ته ”عام طور انهن قديم دور جي ننڍين کان ننڍين ۽ وڏين کان وڏين شين جي صورت ۽ نموني ۾ اهڙو ته مختصر ۽ ٿورڙو فرق ظاهر آهي، جو دڙي جي هڪ تهه مان لڌل شين کي ٻئي تهه مان لڌل شين کان جدا ۽ الڳ ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.“

انهيءَ باري ۾ هن وڌيڪ تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”جيڪڏهن موهن جي دڙي جي آباديءَ جو عرصو  ڊگهو هجي ها، ته پوءَ جيڪا يڪسانيت هتي ڏٺي ويئي آهي، سا هوند ممڪن نه رهي ها“ هن جيتري کوٽائي پاڻ ڪئي هئي، تنهن جو هن اندازو لڳايو هو ته ان وڌ ۾ وڌ پنج سؤ سالن جي عرصي جي نمائندگي ڪئي ٿي. پر ”جنهن منزل تي هيءَ تهذيب اسان جي اڳيان ظاهري ٿي ٿئي، ان منزل تي اها اسان کي اڳي ئي پوريءَ  طرح سان پنهنجي بلوغت کي پهتل نظر اچي ٿي ۽ انهيءَ ڪري اسين هيءُ اندازو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيون ٿا ته اها پنهنجي اوسر جو هڪ وڏو دور ان منزل کان اڳ ئي گذاري چڪي هئي(2). بهرحال هيءَ ڳالهه به ڪنهن ثابت ٿيل حد تائين پختي ڪانهي ته ڪن خاص حالتن ۾، هنرن ۽ ڪاريگرين جي طريقن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڊگهي عرصي تائين ڪا تبديلي رونما نه ٿي ٿئي ته اها ڪا غير معمولي يا غير فطري ڳالهه آهي. سر ليئو نارڊو وليءَ ”تل اشنا الالخ“ مان لڌل ٺڪر جي ٿانون ۾ هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي دوران ساڳيءَ هڪ حيرت انگيز يڪسانيت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.(3) اسين ان باري ۾ ڪهڙي به راءِ رکون، ته آيا هنرن ۽ ڪاريگرن جي معيار ۾ ترقي ۽ واڌارو ڊگهي ۽ لاڳيتي انساني تهذيب جي عرصي جي هڪ قدرتي ۽ لازمي وصف آهي يا نه، بهرحال اسان کي اهو به جڳائي ٿو ته اسين سر مارٽيمر وهيلر جي هن بيان کي به خيال ۾ رکون ته ”سنڌو لوڪن جي تمدن جي هن نام نهاد يڪسانيت کي وڌائي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ اها يڪسانيت جيتري قدر قديم دور جي ڪاريگرن جي جبلي ۽ فطري قدامت پسندي جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، اوتري قدر اهو نتيجو اسان جي پنهنجي تحقيق ۽ تطبيق جي ناقص ۽ فرسوده طريقن جي ڪري پڻ اخذ ڪيل ٿو ڀانئجي.“ ان جي باوجود، سر مارٽيمر پاڻ به اها شاهدي ڏئي ٿو ته خصوصاً سنڌو لوڪن جي ٺڪر جي ٿانون جي ساخت ۾ ”سنڌو تهذيب جي پوين دورن ۾ فني معيار جو تنزل ظاهر ظهور ڏسي سگهجي ٿو. ميڪي خود به ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو هو ته ٺڪر جي ٿانون جي چٽ ساليءَ جو پوين دورن جي ڀيٽ ۾، اوائلي دورن ۾ وڌيڪ عام رواج هو.(4) جيسين مهرن جو واسطو آهي، ته واٽس، هڙاپا جي انتهائي هيٺانهين سطح مان مليل هڪ اهڙي ننڍڙيءَ سهڻيءَ مهر ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي، جيڪا مخصوص قسم جي اوچي معيار جي جڙيل هئي.

ٻئي طرف، مئڪي موهن جي دڙي مان لڌل ٽامي جي تختين جو خاص طرح بيان ڪيو آهي، جي ان جي پوئين دور سان واسطو رکندڙ آهن ۽ اهي ڪاريگريءَ جي ڪنهن خاص معيار جون معلوم نه ٿي ٿيون. مطلب ته جيڪي به ٿوريون گهڻيون فن ۽ ڪاريگريءَ جون تبديليون نظر آيون آهن، سي اڪثر حالتن ۾ بهتريءَ بدران خرابيءَ ڏانهن لاڙو رکندڙ ڏٺيون ويون آهن باقي جيسيتائين ميسوپوٽيميا وارن جي ساڳين مثالن جو معاملو آهي، ته انهيءَسلسلي ۾ به ووليءَ سمير جي ڌاتوگرن جي فن ۾ آيل. ”افسوسناڪ ابتريءَ“ ڏانهن ئي ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪا انهن ۾ اوائلي گهراڻي جي دور وارن اعليٰ درجي جي پتل جي پلٽيل اوزارن جي ڀيٽ ۾ اڪيڊيا واري زماني جي ٺاٺارن جي هٿان، بي ڍنگي طريقي سان مترڪن سان ڪٽيل سٽيل شين جي صورت ۾ آيل هئي. سميريا جي ٻين قديم دور وارين شين ۾ به هو انهن جي ”عقل ۽ ڪاريگريءَ ۾ آهستي آهستي آيل تنزل جي نشاندهي ڪري ٿو. هن جي انهي سلسلي ۾ اها ئي راءِ آهي ته انهن جي ڪاريگري جي ڄميل ۽ بيٺل طور طريقن سندن فن جي اصليت کي درجي بدرجي ختم ڪري ڇڏيو.“ (5)

اهي ڳالهيون فوري اسان کي ڦيرائي گهرائي انهيءَ اصلوڪي خيال تي پهچائين ٿيون ته سنڌو لوڪن جون مکيه صنعتي ۽ ڪاريگريءَ جون شيون هڪ سخت ۽ اڏول جماعتي نظام جي تحت هيون، ڇاڪاڻ ته اسان جو اهو خيال هن عام تصور سان پوريءَ طرح ٺهڪي اچي ٿو ته سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ زندگيءَ جو نظام صدين تائين ڪن اهڙن حڪمرانن جي ضابطي هيٺ هلندڙ هو، جن جو سڄو اختيار ڪلي تسليم ٿيل مذهبي قائدن ۽ دستورن تحت هلندڙ هو. پروفيسر پگٽ جي لفظن ۾ ”ان جي پنهنجي روزمره جي ننڍين ننڍين ڳالهين کي به صدين تائين جيئن جو تيئن محفوظ رکڻ ۽ ان جي اهڙي حيرت انگيز دستور پسنديءَ مان.... يقينن هڪ اهڙي سماجي نظام جي نشاندهي ٿئي ٿي، جنهن ۾ (مندر) جي ناقابل تبديل روايتن کي وقت جي حڪمران جي ذاتي آرزوئن ۽ خواهشن کان وڌيڪ وڏي اهميت حاصل هئي (6).“ اهڙيءَ طرح، جاين جي بار بار نئين سر ٺهڻ جي صورت ۾ به گهٽين جي اصلوڪين حدن جي باريڪيءَ سان ڪيل حفاظت، دستياب ٿيل بيشمار وٽن ۾ ڪوڙن وٽن جي ڪلي عدم موجودگي (جن سچن ۽ تز وٽن جي آڌار تي انهيءَ زماني جي مروج تور ۽ ماپ جي اڪائيءَ ٻيڻ واڌو ڏهائيءَ جو نظام اخذ ڪيو ويو آهي) گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ محنت ۽ سچائيءَ سان بنايل نظام کي صاف ڪرڻ جو معياري انتظام – اهي سڀ ڳالهيون هڪ خبردار ۽ قابل شهري انتظاميه جي نشاندهي ڪن ٿيون. ساڳيءَ طرح سان اناج جا وڏا وڏا گدام ۽ (هڙاپا ۾) انهن سان گڏ اناج کي ڪٽي سٽي صاف ڪرڻ جا ٿلها، ۽ ساڳئي وقت مزورن جي رهڻ لاءِ ٺهيل جهوپڙين ۽ ڪچن گهرن جون ”ڊگهيون قطارون،“ ملڪ جي زراعتي معيشت تي رياست جي ضابطي جو ثبوت پيش ڪري رهيون آهن، ۽ انهيءَ حڪومت جي نوعيت جو عڪس موهن جي دڙي واري ڪوٽ تي تعمير ٿيل عمارتن مان پڻ ملي ٿو، ۽ انهيءَ نوعيت جي تصديق، هڙاپا جي ساڳئي قسم جي ڪوٽ جي ڀٽ سان جلوسن ڏسڻ لاءِ ٺهيل ٿلهن مان پڻ ٿئي ٿي. ڇا، اهي ”بلند جايون“ ڪنهن اهڙي ”قومي“ سرپرست ديوتا جون ته نه هيون، جنهن جي نمائندگي وقت جي پروهت- راجا يا پروهتن جي پشت مان پيدا ٿيل وارثن طرفان ڪئي ويندي هئي جن جو انتظامي اوزار هڪ اهڙي باضابطه دفتري حڪومت هئي، جنهن جو بنيادي پاليسي اصول هي هو ته اها ئي ”بهتر ڄاڻي ٿي“ ته سنڌو ديس ۽ ان جي ماتحت علائقن ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي ڀلائي ڇا ۾ هئي؟

اهو سخت ۽ اڏول نظام پنهنجي پوري جوڀن ۾ ڪيترو وقت هليو سو ڪنهن به طرح سان واضح ڪونهي. جيئن ته اسين موهن جي دڙي ۽ چانهون دڙي جي هيٺانهن طبقن ۾ زيرِ زمين پاڻيءَ جي موجودگيءَ سبب انهن گاديءَ وارن مکيه شهرن جي انتهائي اوائلي ۽ ابتدائي آبادين وارن حصن تائين نه ٿا پهچي سگهون ۽ جڏير جي دڙي ۽ نوهتو جي ڀرسان ڳاڙهي ڀڙي جي شهادتن جو به اڃا انتظار ئي ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري اسان کي نسبتاً ”ٻاهر ڀرين“ شهادتن تي غور ڪرڻو پوي ٿو، جيڪي سردست اسان وٽ موجود آهن، پوءِ انهن جو اصل حقيقتن جي سڃاڻپ جي سلسلي ۾ في الحال  قدر ۽ قيمت ڇا به هجي. سنڌو لوڪن جو لوٿل تي قبضو شايد ٽن صدين تائين هليو، جنهن کان پوءِ انهن جو ضابطو ختم ٿي ويل، يا ڪنهن ٻئي تمدن واريءَ اهڙيءَ قوم جي وڌندڙ اثر جي دٻاءَ کان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ هلڪو ٿيندي نظر اچي ٿو، جيڪا شايد انهيءَ علائقي جي اصلوڪن رهاڪن تي ئي مشتمل هئي ۽ جنهن پنهنجي پهرين حڪمرانن جي تمدن جون ڪجهه روايتون پنهنجي لاءِ انتظامي سهولت طور کڻي اختيار ڪيون هيون. سنڌو لوڪن جي حڪمراني دور کان بعد واري دور سان واسطو رکندڙ هتان جي آرضي تهه مان لڌل شين جي ريڊيو، ڪاربان چڪاس مان ان دور جو اهڙو سال مليو آهي، جيڪو اُر جي تباهيءَ واري سال کان ڪو گهڻو پوءِ جو نه آهي. راجستان جي ”ڪالي بنگن“ آثارن مان لڌل شين جي ساڳئي طريقي سان ڪيل چڪاس مان مليل سال پڻ ٻڌائين ٿا ته سنڌو لوڪ انهيءَ جاءِ کي به انهيءَ ئي دور ۾ ترڪ ڪري ويا هئا. جيتوڻيڪ اُها سر زمين اُن زماني ۾، سامونڊي واپار جي ماٺائيءَ جي خطرناڪ اثر هيٺ به اڃا آيل ڪانه هئي. هن جاءِ تي پڻ سنڌو لوڪن جي حڪومت جو دور ٽن سؤ سالن تائين هليل نظر اچي ٿو. (7) اهڙيءَ طرح هيءُ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ” سنڌو سلطنت“ پنهنجي طاقت جي چوٽيءَ واري نڪتي تي سال 2150 قبل مسيح ڌاري پهتي هئي ۽ سال 1750 قبل مسيح کان اڳي ئي انهيءَ نڪتي تان هٽڻ ۽ هيٺ لهڻ لڳي هئي.

جڏهن اسين گاديءَ واري شهر، موهن جي دڙي، طرف ڌيان ڪريون ٿا، تڏهن ايئن پيو معلوم ٿئي ته جنهن زماني ۾ اُر اڃا ترقيءَ جي اوج تي هو، تڏهن سنڌو تهذيب جو هيءُ شاهه شهر، اڳي ئي زوال پذير ٿي چڪو هو، نه فقط آباديءَ وارو سڀني کان مٿيون تهه، بلڪه ان سان لڳو لڳ هيٺيون تهه به، جيڪي ٻيئي وقت جي لحاظ کان هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي جي نمائندگي ڪن ٿا، ان جي تنزل جا بيشمار ثبوت ظاهر ڪري رهيا آهن. اتفاق سان موهن جي دڙي ۾ ريڊيو ڪاربن طريقي سان اڳ ۾ ئي جسمي شين جي تحقيقات ڪئي ويئي. مثلاً سڙيل ڪڻڪ جي داڻن جي، جيڪي پوئين زماني واري آباديءَ جي سطح مان هٿ آيا هئا ۽ انهن جي چڪاس مان ڪڻڪ جي داڻن جي عمر بابت اهڙا سال مليا، جيڪي ”ان(ڏکڻ عراق) جي زوال واري سن جي سالن سان (8) ٺهڪي بيهن ٿا. جيتوڻيڪ اڪيلي هن تجربي تي اهڙي نتيجي لاءِ ڀروسو ڪرڻ اعتبار جوڳي ڳالهه ڪانهي، ان جي باوجود هن خيال لاءِ معقول سبب ملي ٿو ته موهن جو دڙو سميريا جي اُر واري دور کان پوءِ به قائم هو، پر انهيءَ زماني ۾ سنڌوءَ جو اهو شهر ابتريءَ واري دور ۾ داخل ٿي چڪو هو ۽ پنهنجي وجود کي جيئن تيئن ڪري محض گهلي رهيو هو. اُن جي انهيءَ دور جي جاچنا ڪرڻ کان اڳ ۾، اسان کي ڪجهه پٺتي نهاري، هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته هن شهر جي زندگيءَ تي طبعي حالات، خصوصاً سنڌو نديءَ جي چال چلت جون ان کان اڳين دورن ۾ ڪهڙيءَ طرح اثر انداز ٿيڻ جو امڪان هو.

موهن جي دڙي جي پوئين دور کان اڳ جي صدين- ڇهن يا ڪجهه وڌيڪ؟ جي عرصي ۾، جنهن ۾ موهن جي دڙي جي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهو شهر آسپاس واري ميدان کان درجي بدرجي اتانهون ٿيندو رهيو هو. کوٽائي ڪندڙن جي مختلف جماعتن منجهان سڀني کان اوائلي کوٽائي ڪندڙن آباديءَ وارن مختلف تهن جي چاليهن فوٽن هيٺ تائين بلڪل سڌي سنئين کوٽائي ڪئي ۽ هيءَ ڳالهه حيرت انگيز معلوم ٿيندي ته ڊاڪٽر مئڪي طرفان چاليهن فوٽن جي اونهائيءَ وارن تهن جو وقت جي لحاظ کان پهريون اندازو فقط ٽي صديون هو ۽ هُن شهر جي هِن اوچائيءَ طرف اهڙيءَ تيز رفتاريءَ سان واڌ لاءِ ٻوڏين ۾ ٿيندڙ تباهيءَ کي بنيادي سبب طور شمار ڪونه ٿي ڪيو. هن جي طرفان انهيءَ باري ۾ اصرار ڪيو ويو ته پڪين سرن سان، اهڙيءَ آب و هوا ۾، جهڙي سنڌ جي اترئين حصي ۾ ملي ٿي، ڪنهن قسم جي ڊگهيءَ عمر کي منسوب ڪرڻ غلطي آهي. جن ماڻهن ٿوري ئي مينهن پوڻ کان پوءِ، پڪين سرن کي ڪلر جي اثر کان ڀڄندي ڀُرندي ڏٺو آهي، سي انهيءَ ڳالهه کي فوري طور محسوس ڪندا ته هن حالت ۾ پاڻي ۽ گهم ڪيڏو وڏو نقصان ڪري سگهن ٿا.“ ان کان سواءِ ” گهرن مان گند ڪچري جي ڦٽي ڪرڻ، ڀتين ۽ ڇتين تان پاڻيءَ سان گپ چِڪ جي ڳري هيٺ لهڻ،.....۽ هوا جي ذريعي دريائي چيڪي مٽيءَ جي ذرن جي جمع ٿيڻ ڪري، شهر جي آباديءَ واري سڄي دور ۾ ان جي سطح ۾ مستقل طور آهستي آهستي واڌ ايندي رهي، ۽ انهيءَ سبب جي ڪري جڏهن به گهرن جي فرش ۽ ٻاهرين گِهٽين جي سطحن ۾ آيل فرق تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي ٿيو، تڏهن ڀتين، فرشن ۽ ڇتين جي سطح کي مٿي ڪرڻ ضروري ٿي پيو.“ سر ليئونارڊو ولي ڏاڍيءَ وضاحت سان ڏيکاري ٿو ته ڪيئن نه اُر شهر ۾ به جاين جون سطحون، سيلاب جي سبب کان اثر پذير ٿيڻ کانسواءِ ئي، مستقل طور ساڳئي اهڙي ئي طريقي سان مٿي چڙهنديون ٿي رهيون. (9)

موهن جي دڙي جي پسگردائيءَ واري سيلابي ميدان جي سطح سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ سان گڏ ريٽ جي مخصوص عمل جي ڪري پڻ درجي بدرجي مٿي چڙهندي رهي هوندي. جيتوڻيڪ ميداني علائقي جي سطح جي چاڙهه جي رفتار، شهر جي سطح ۾ ايندڙ واڌ جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر گهٽ هوندي، اسان کي اهو معلوم ناهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌو نديءَ جو وهڪرو ڪهڙو هو ۽ نه وري اها خبر آهي ته اها هڪ ئي شاخ جي صورت ۾ سمنڊ ۾ وڃي ڇڙندي هئي يا موهن جي دڙي کان ڪجهه مٿڀرو اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان کان سواءِ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن جي دور ۾ ستلج ندي هاڪڙا نارا ۾ وڃي پوندي هئي ۽ نه سنڌو نديءَ ۾، جيسين سنڌو نديءَ جو واسطو آهي، ته انهيءَ نديءَ گذريل ٻن هزار سالن جي دوران سنڌ مان جيڪي پيٽ ڦيرايا آهن، تن ۾ ثابتين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي ٻن شاخن واري صورت انهيءَ مدت جي ٻه ڀاڱي ٽئين حصي جي دوران قائم رهي، جنهن کانپوءِ ست صديون اها ندي هڪ ئي يڪي وهڪري جي صورت ۾ وهي، سمنڊ ۾ ڇڙڻ کان ٿورو اڳي، وڃي هڪ ننڍڙي ڪيٽي ٺاهيندي (10) هئي، اهو ممڪن آهي ته سنڌو ندي پنهنجي هيٺانهين حصي ۾، اڳي پڻ تمام گهڻيءَ مدت جي دوران هڪ ئي وهڪري رستي يا ورهائجي ٻن شاخن ۾ وهڻ جو نمونو واري وٽيءَ سان اختيار ڪندي رهي آهي.

سنڌو لوڪن لاءِ هڪ ئي اهڙيءَ نديءَ جي اٿل واريءَ حد اندر شهر جو بنياد ٻڏڻ جي ڀيٽ ۾، جيڪا پنهنجي پاڻيءَ جي سڄي مقدار ۽ ريٽ کي کڻي سڄيءَ سنڌ مان گذري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، درياءَ جي ٻن وڏين شاخن مان ڪهڙيءَ به هڪ جي ويجهڙائيءَ ۾ بنياد وجهڻ گهٽ خطري وارو هو، ۽ جڏهن سنڌو ندي هڪ ئي وهڪري جي صورت ۾ موهن جي دڙي جي پاسي کان وهندڙ هجي ها، يا جڏهن اها پنهنجي پاڻيءَ ۽ ريٽ جي سمورو يا گهڻو مقدار انهيءَ هڪ شاخ وچان ڌڪي سمنڊ تائين پهچائيندڙ هجي ها، جنهن جي قريب اهو شهر ٻڌل هو، ته پوءِ ڪئي سال لنگهي سگهيا ٿي، جو پاڻيءَ جي ڪا تمام وڏي اٿل ٿي سگهي ها ۽ ان جي نتيجي ۾ گهڻي مقدار ۾ ريٽ جي جمع ٿيڻ جي توقع ڪري سگهجي ها.

سر ڪلاڊ انگليز، جيڪو سنڌو نديءَ جي معاملات جي متعلق اعليٰ ترين اختياري آهي. انهيءَ سيلابي ميدان جي تمام وڏي ۽ دور تائين ڦهليل علائقي ۾ درياءَ جي انهيءَ عمل ذريعي سطح ۾ ايندڙ سراسري چاڙهه جو تخمينو هڪ صديءَ پٺيان ست انچ لڳايو آهي، پر سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ شاخ (يڪي هڪ ويڪري واريءَ) جي آسپاس ۽ ويجهڙائيءَ واري ميدان جي صورت ۾ اُها سراسري ”هڪ سؤ سالن ۾ هڪ فوٽ جيتري هجي ها. بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، هن انهيءَ تخميني لڳائڻ ۾ ستلج نديءَ جي اهڙي ريٽ جي جمع ٿيڻ جي رفتار کي ڌيان ۾ رکيو آهي. اسان کي هن هنڌ سر جان مارشل جي هن راءِ کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ”جنهن رفتار سان درياءَ جو ريٽ ڄمندو ۽ گڏ ٿيندو رهيو، اهو (موجوده رفتار جي بنياد تي) ڪافي وڌيڪ ٿي سگهيو ٿي، ڇو ته سنڌو ندي هڪ سست رفتار سان وهندڙ درياءُ آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ ان جي ڀيٽ ۾ ريٽ وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان گڏ ٿيندو(11) رهي ٿو.“ يقيناً، جيڪڏهن ڊاڪٽر ڊيل جي کوٽاين دوران جيڪي64-1965ع ۾ موهن جي دڙي ۾ ڪيون ويون، شهر جي آباديءَ واريءَ سطح جي گند ڪچري جا ذرا پرزا ايتريقدر گهڻيءَ اونهائيءَ مان ٻاهر ڪڍيا ويا، جيڪا موهن جي دڙي جي پسگردائيءَ واري ميدان جي مٿاڇري کان اوڻيتاليهه فوٽ هيٺ هئي، ته پوءِ ماڻهوءَ کي هي نتيجو ڪڍڻو پوندو ته يا درياءَ جي ريٽ جي جمع ٿيڻ جي رفتار انتهائي تيز هئي، يا انهيءَ سرزمين تي ماڻهن جي آبادي انهيءَ زماني کان گهڻو اڳي ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ عام طرح سان سنڌو ماٿريءَ واريءَ تهذيب جي ظهور ۾ اچڻ متعلق عقيدو رکيو وڃي ٿو. هن هنڌ تي سر جان مارشل طرفان ڏنل هڪ ٻيءَ راءِ کي جاءِ ڏيڻ موزون ٿيندو.... ”مجموعي طور انهيءَ سڄي مسئلي تي غور ڪرڻ سان واضع ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب درياءَ جي ڪپن تي انهيءَ زماني کان ڪيئي صديون اڳ وجود ۾ اچي چڪي هوندي، جڏهن اها پوءِ اسان جي ڄاڻ ۾ آئي آهي، ڪيترو اڳي، تنهن بابت ماڻهو فقط اندازو ئي ڪري سگهي ٿو، پر ائين چوڻ معقول ۽ مناسب ٿيندو ته اهڙي نتيجي جي ظهور پذير ٿيڻ لاءِ هڪ هزار سال به تمام گهٽ عرصو شمار ڪري سگهجي ٿو.“ (12)

ڊاڪٽر ڊيل جي تحقيقات کان اڳ، ميدان جي مٿاڇري کان هيٺ، اونهي ۾ اونها هنڌ، جن تي کليل کوٽاين ذريعي آباديءَ جا آثار ظاهر ٿيا هئا، سي سن 1932ع ۾ چوويهه فوٽ ۽ سن 1950ع ۾ ڇويهه فوٽ هيٺ هئا، ٻنهي حالتن ۾ زير زمين پاڻيءَ جي موجودگيءَ وڌيڪ هيٺ کوٽاين ڪرڻ جو رستو روڪي ڇڏيو. انهن هنڌن تي آباديءَ جون اهڙيون سطحون انهيءَ ٿلهي ۽ اڻ ٽٽل پٽي کان گهڻو هيٺ موجود هيون، جيڪي مارشل ۽ مئڪي طرفان ”اوائلي دور“ جي نالي سان سڏيون ويون آهن، انهيءَ انتهائي اونهي نقطي کان، جتان سڃاڻپ ۾ اچي سگهندڙ شيون، جهڙوڪ: ڪچيون سرون، هٿ آيون آهن، هيٺئين مفاصلي کي حساب ۾ آڻڻ سان، انهن سطحن جي قدامت کي 2400-2500ق.م کان وڌيڪ دور نه ٿو رکي سگهجي. اسين، البت اهو فرض ڪري سگهون ٿا ته اهي نقطا انهيءَ زماني جي آسپاس واري ٻاهرئين ميدان ۾ عام سطح سان مطابقت رکن ٿا. جيڪڏهن ائين هجي ها ته چوئيتاليهن صدين جي دوران مٿاڇري جي چوويهن فوٽن تائين مٿي چڙهڻ واري عمل جي سراسري رفتار ست انچ في صديءَ جي حساب سان ٿي هوندي. ممڪن آهي ته اها رفتار ڪجهه وڌيڪ تڪڙي هجي. هيٺئين شهر ۾ ڊي- ڪي دڙو، جتي اهي تحقيقي ڪاروايون ڪيون ويون هيون. سنڌو لوڪن جي آباديءَ جي اوچي کان اوچي سطح، انهيءَ نقطي کان، جتي سن 1932ع ۾ ڪيل کوٽاين ۾ ماڻهو پهتا هئا. اٽڪل ڇائيتاليهه فوٽ مٿي بيٺل آهي. انهيءَ هنڌ جي آسپاس ڪيل کوٽاين ۾ ٻن هنڌن تي ”مئڪي“ کي ڊٺل جاين ۽ ڀتين جون وڏي مقدار ۾ نشانيون نظر آيون، جن کي هن انهيءَ پڪي پختي شهر جي زندگيءَ جي ٻن مختلف دورن ۾ آيل غير معمولي ٻوڏ جي اثرات سان تعبير ڪيو. اڏاوتن جي اها ڊِاهه ڊوهه-مئڪي انهن ٻنهي سطحن ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇڏيل ريٽ جي موجودگيءَ جو بيان نه ڪيو آهي. ڏهن فوٽن جي عُمق واري مفاصلي تي موجود ٻن مختلف مٿاڇرن تي ٿيل آهي. انهن ٻنهي سطحن جي ”درمياني“ وقفي کي، جيڪو ٿلهي ليکي ٽن دورن تي مشتمل آهي، موهن جي دڙي جو ”انتهائي ترقيءَ ۽ نهايت خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ وارو دور“ چئجي ٿو. (13) ميسوپوٽيميا واريءَ هن شهادت مان، ته اهو دور ”اُر“ واري ٽئين گهراڻي جي ابتدا ۽ ”لارسا“ دور جي اختتام جي وچ تي آيو هو، جنهن جو اسان اڳيئي ذڪر ڪري آيا آهيون. اهو نتيجو اخذ ڪرڻ صحيح معلوم ٿئي ٿو. اسين جيڪڏهن انهيءَ دور کي 2050 کان 1850 ق.م تائين ٻن صدين جو عرصو فرض ڪري وٺنداسون ته اسين اصل حقيقت جي گهڻو قريب نه ته ان کان گهڻو پري نه ٿا ٿي سگهون ۽ انهيءَ دور ۾ جاين جون سطحون هڪ سؤ سالن جي پٺيان اٽڪل پنجن فوٽن جي حساب سان مٿي چڙهيون هونديون.

مئڪي کي شهر جي اندرين حدن ۾ پنهنجي ڪيل کوٽاين مان جيڪي شهادتون هٿ آيون، تن کي هن پسگردائيءَ واري ميدان ۾ جدا جدا هنڌن تي کوٽيل کاهين مان دستياب ٿيل شين سان ملائي نتيجن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جاين مان ٻن ۾، جن مان هڪ جاءِ ”ڊي-ڪي دڙي“ جي اترينءَ ڪنڊ وٽ هئي، هن کي ڳريل ۽ ڀُريل سرن جي ٻن تهن جي وچ ۾ وارياسي مٽيءَ جو هڪ تلهه مليو. انهن جي آڌار تي هو هنن نتيجن تي پهچي ٿو ته مٽيءَ جو مٿانهون ۽ تراکڙو تهه انهيءَ ساڳئي سيلاب جي نتيجي ۾ پاڻيءَ مان آٺرجي ڄميو آهي، جيڪو شهر جي اوج واري زماني ۾ آيو هو ۽ ان جي ڀڳل ٽٽل جاين جا ٽڪر ٽوٽا زمين تي وڇائي هليو ويو هو، ۽ هيٺانهون ۽ وڌيڪ اونهي چيڪي مٽيءَ وارو سخت تهه شهر جي انهيءَ دور کان اڳ ۾ آيل ڪنهن اوائلي سيلاب جي تباهيءَ جي نشاندهي (14) ڪري ٿو. آٺرجي هيٺ ويٺل انهن ٻن جدا جدا تهن کي، مئڪي جي ارض سطح جي ماپ جي بنيادي انگ سان ڀيٽيندي، ظاهر ٿئي ٿو ته انهن ٻن تهن مان پهريون تهه ميدان جي موجوده سطح کان ڪي ڏهه فوٽ مٿي آهي، ۽ هيٺيون تهه انهيءَ سطح جي لڳ ڀڳ سنوت تي واقعي آهي. وري، ٻاهرئين ميدان جي انهن ٻنهي متبادل تهن جون سطحون ان جي موجوده سطح کان هيٺ ترتيبوار هڪ کان ٽن فوٽن، ۽ ڇهن ۽ ستن فوٽن جي درميان موجود ڏٺيون ويون. جيڪڏهن انتهائي محتاط حساب لڳايو وڃي ته ميدان جو مٿاڇرو سراسر طور هڪ صديءَ جي پويان ست انچ مٿي چڙهيو آهي، ته پوءِ ايئن نظر ايندو ته مئڪي وارين کاهين ۾ جن سيلابن وارياسي مٽيءَ جا اهي تهه ٺاهيا هوندا. سي، ڪن مناسب صدين جي وڇوٽيءَ سان، خود عيسوي سن جي شروع کان پوءِ ئي آيا هوندا. مئڪي، شهر جي مٿي چڙهندڙ سطحن ۽ ٻاهر ميدان جي قدرتي چاڙهه جي وچ ۾ نسبتي تعلق ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾، هن ڳالهه جو خيال ئي نه رکيو آهي ته موهن جي دڙي جي اوج واري زماني ۽ ان جي آخري دورن ۾ ڪيتري قدر نه وڏي ناموافقت هوندي. بهرحال، هو پاڻ ئي اها ڳالهه قبول ڪري ٿو ته ”جيئن ته شهر کان ٻاهرئين ميدان جي سطح شهر جي گهٽين جي سطح کان ڪافي حد تائين هيٺ هوندي، ان ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ جو، سواءِ ڪنهن وڏيءَ ٻوڏ جي، گهٽين ۾ اندر داخل ٿيڻ مشڪل هوندو، پر سيلابن جو عمارتن تي، سم جي صورت ۾، جيڪو خطرناڪ اثر ٿي رهيو هو. تنهن جو ثبوت اسان جي کوٽاين مان مليل ڀڳل ٽٽل سرن جا هيٺ ڄميل تهه آهن. شهر جي تاريخ جي وچولي ٽئين درجي وارين ڀتين کي پاڻيءَ مان آٺرجي هيٺ ويٺل مٽيءَ کان پڻ زبردست نقصان پهتو آهي ۽ انهيءَ دور جو اختتام پاڻيءَ جي سيمي سبب دڙي جي حد کان زياهه آلي ٿي وڃڻ ڪري آيو. اها حقيقت هن مان ثابت آهي ته شهر جي رستن جي پاسن کان ٺهيل ٿلهن جهڙيون هلڪيون اڏاوتون به ويهي رهيون آهن.“

هيءَ ڳالهه خاص طور قابل غور آهي ته کوٽائي ڪندڙ طرفان دريائي ريٽ جي انهن ٽن ٿلهن تهن بابت، جيڪي کيس ڊي-ڪي دڙي جي مرڪزي حصي ۾ جدا جدا سطحن تي مليا“، هڪ لفظ به نه چيو ويو آهي. اهڙو هڪ ئي مثال، جيڪو مون کي نظر ۾ اچي ٿو ۽ جيڪو مئڪي کي شهر جي ”آباديءَ واي حصي جي اندر“ کوٽائي ڪندي سامهون آيو، سو هڪ تمام اوائلي تهه ۾ هو، جيڪو سندن سطحي ماپ جي بنيادي انگ کان پنجٽيهه فوٽ هيٺ ۽ ٻاهرئين سيلابي ميدان جي جديد سطح کان چوڏهن فوٽ هيٺ هو. هو چوي ٿو ته ”انهيءَ بنيادي سطح کان هيٺ سخت مٽيءَ جي تهه ۾ ڪٿي ڪٿي خاڪي رنگ جي واريءَ جي موجودگي ان دور ۾ اتي سيلاب اچڻ جو واضح ثبوت (15) آهي.“ انهيءَ سخت مٽيءَ جي تهه مان ڪو ڀروسي جوڳو مطلب ڪڍڻ هڪ مسئلو آهي. عمارتن جي سطح سان ان جي نسبتي تعلق مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو تهه شهر جي تاريخ جي اوائلي زماني ۾ ڄميو آهي، پر خود ان جي پنهنجي ڪافي گهڻي ٿولهه- ڏهن فوٽن کان مٿڀري- ڏيکاري ٿي ته اهو هنڌ، جيڪوشهر جي آباد علائقي جي آخري ڇيڙي کان گهڻو پري ڪونهي، طويل زماني تائين بار بار سيلابن جي زد ۾ ايندو رهيو آهي. بهرحال، جيڪڏهن مئڪي ”ڊي ڪي دڙي“ وارين سندس کوٽاين مان مليل شهادتن جي مطلب ڪڍڻ ۾ صحيح آهي ته پوءِ اسان کي هيءُ نتيجو ڪڍڻو پوي ٿو ته موهن جي دڙي جي تاريخ جي وچولي دور ۾ ٻن يا ٽن صدين جي وقفي سان اٽڪل ٽي غير معمولي ٻوڏون آيون هيون. انهن جهڙيون ٻوڏون غير معمولي اسباب جي نتيجي ۾ اينديون آهن، جهڙوڪ: هماليا جبلن جي مٿانهين چوٽين وٽ جبل جي ڪن وڏين ڇپن يا برف جي وڏين ڇپن جن سنڌونديءَ يا ان جي معاون (16) درياهن جي بالائي حصن ۾ پاڻيءَ جي وڏي مقدار کي هيٺ وهي اچڻ کان ڪنهن وڏيءَ مدت تائين روڪي رکيو هو، تن جي اوچتو ٽٽڻ سبب پاڻيءَ جي اٿاهه مقدار جو انهن رڪاوٽن مان آزاد ٿي هيٺئين طرف وڏيءَ طاقت ۽ وڏي زور سان وهي اچڻ، پر هن ڳالهه جو پوءِ به گهڻو امڪان ڪونهي ته خود اهڙيون تباهه ڪن اٿلون به، جيڪي اهڙن غيرمعمولي واقعن جي رونما ٿيڻ سان پيدا ٿين ٿيون. پاڻيءَ جو ايڏو مقدار کڻي اينديون هونديون، جو اهو موهن جي دڙي جي ايڏين اوچين گهٽين تائين اندر بار بار داخل ٿي ويندو هوندو. پر هيءَ حقيقت ناقابل ترديد آهي ته شهر جي ٻاهرين حصن وارين عمارتن جي ڀتين جي چوڌاري رڳو پنجن فوٽن تائين ٻوڏ جو پاڻي به لڳاتار ڪجهه هفتا  جيڪڏهن بيهي ٿي سگهيو، ته پوءِ اهو نه فقط انهن ڀتين کي ڳاري، ڪيرائي سگهيو ٿي، پر سيمو ڪري ڪافي ڪجهه اندر ڀرو به پنهنجو اثر پيدا ڪري سگهيو ٿي. گهڻي قدر خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ ريت درياهه جو سيلابي پاڻي شهر جي مٿانهين سطحن ۾ وڏي پيماني تي جاين کي ڪيرائڻ ۽ انهن جي ملبي جي جمع ٿيڻ جو سبب بڻايو. ان کان ڪجهه گهٽ پيماني جي تباهي مٿي بيان ڪيل واقعن کان گهٽ ڊرامائي واقعن جي نتيجي ۾ به ٿي سگهي هوندي. جهڙوڪ: هماليه جبلن جي علائقي ۾ ڀاڇاٽي موسم ۾ برف جو تيزيءَ سان ڳرڻ ۽ ساڳئي وقت تي جبلن کان هيٺ ميداني علائقي ۾ زرودار برساتين جو شروع ٿيڻ ۽ شهر جي طويل حد تائين تاريخ جي مختلف دورن ۾، ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ، اهڙي نموني سان آيل پاڻيءَ جي جهجهي مقدار واريون غير متوقع ٻوڏون ۽ انهن جي ڇر ۽ سيمي جا مضر اثرات.

هن ڳالهه جو اڳي ئي ذڪر ڪيو ويو آهي ته موهن جي دڙي وارو ڪوٽ، شهر جي الهندي علائقي ۾ ڪچين سرن ۽ چيڪي مٽيءَ جي تمام وڏي ٿلهي تي مصنوعي طور ٺاهيل اٽڪل ويهن فوٽن جي اوچي دڙي تي اڏيو ويو هو. سر جان مارشل انهيءَ حقيقت مان اهو اندازو لڳايو ته انهيءَ ڳالهه جو مقصد سرڪاري عمارتن کي ”سيلابن“ سبب ٿيندڙ ان نقصان کان محفوظ ڪرڻ هو. ساڳيو ئي مقصد، ننڍي پيماني تي ۽ ساڳئي سامان مان ٺهيل انهن پڪن بنيادن يا انهن هيٺانهن ۽ ننڍن ٿلهن منجهان هڪ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو شهر جي اوائلي دور جو آهي، جنهن ۾ بعد ۾ اضافو به ڪيل آهي، اهو ”ڪچين سرن جي ڳري ڀري گڏجي هڪ ٿي وڃڻ سان هڪ يڪو پڪو مواد نظر اچي رهيو هو.“(17) هڪ ٻئي اهڙي اوائلي مثال بابت هو چوي ٿو ته ”هن ڳالهه ۾ ڪو  به شڪ شبهو نظر نه ٿو اچي ته اهو ڀراءُ ان وقت ڪيل آهي، جڏهن انهيءَ عمارت کي ٻوڏ جي اثر کان بچائڻ جي ارادي سان ڄاڻي واڻي مٿي ڪرڻو پيو هوندو.“ مارشل ته، هيءَ به دعويٰ ڪري ٿو ته ”سواءِ ڪن تمام ننڍين جاين جي سڀني ۾ فرش جي هڪ حصي کي ٿلهي جي صورت ۾ ايترو مٿي ۽ مضبوط ڪيو ويو هو، جو اهو جاءِ کي انهن ٻوڏين جي اثر کان محفوظ رکي سگهي، جيڪي انهيءَ دور ۾ سال بسال شهر لاءِ خطرو بنجڻ لڳيون هيون.“ مئڪي هن کان وڌيڪ محتاط هو. پوئين دور جو بيان ڪندي، هو لکي ٿو”ڪنهن سبب ڪري جيڪو غير معمولي ٻوڏين سان واسطو رکندڙ معلوم ٿئي ٿو، بعد جي دور واريون گهڻيون جايون، اهڙن ٿلهن جي مٿان ٺاهيون ويون آهن، جيڪي انهن جاين مٽيءَ يا ڪن حالتن ۾ سرن پچائڻ جي بٺن مان ڍوئي آندل سروٽن وغيره سان ڀري ٺاهيا ويا هئا..... آءٌ هن خيال جو آهيان ته ٻوڏين ۾ موهن دڙي جون گهڻيون جايون ڌرتيءَ جي هيٺ ويهي رهڻ ڪري ڪريون آهن..... گهڻيون جايون..... خاص مٿانهين جي مٿان به ٺهيل ناهن ۽ اهي انهن اوائلي هيٺ ويهي رهيل جاين جي مٿان تعمير ڪيل معلوم ٿين ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح اُهي سم سبب اڳوڻين هيٺ ويهي رهيل جاين جو واضح ثبوت پيش ڪن ٿيون.“ (18) هڪ ٻئي هنڌ تي هو چوي ٿو ته ”هن ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته پڪيءَ سر مان ٺهيل جاءِ ۽ سروٽن جا ٽڪرا پاڻيءَ کي چهڻ جا اثرائتا مئل ڪڪر آهن، جن ۾ پاڻيءَ جي سطح کان گهڻو مٿي تائين پاڻيءَ جي آلاڻ پهچي ويندي آهي....“ هو ڊي. ڪي ايراضيءَ ۽ ڀرپاسي واريءَ سر زمين جي ڪن ٻين حصن ۾ مليل مٿانهين جو حوالو ڏيندي، چوي ٿو؛ اڪثر حالتن ۾ گهم ۽ آلاڻ ڪچين سرن کي اهڙيءَ طرح ملائي ڇڏيو آهي، جو اهو سڄو مواد مٽيءَ جي هڪ وڏي ڇپ نظر اچي ٿي.... انهن مان اڪثر مٿانهان شهر جي وچولي زماني جي ٻئي دور ۾ پهرين وڏي سيلاب کان پوءِ جنهن جي اسان کي ثابتي ملي آهي، ٺاهيا ويا هئا. جيتوڻيڪ اهڙي چيڪيءَ مٽيءَ جي ٺهيل پڪي ٿلهي جو هيٺيون حصو ڪجهه وقت تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل به رهي ها، تڏهن به ان مٿان ٺهيل جاين کي پاڻيءَ جي چهجي مٿي چڙهڻ واري عمل کان پڪين سرن يا انهن جي ٽڪر ٽوٽن مان ٺهيل ٿلهن کان گهٽ نقصان پهچڻ جو خطرو هو.“(19)

ان ڪري کوٽائيءَ جو ڪم ڪندي پهرينءَ جماعت جا ماڻهو هن باري ۾ ٻه- چِتا ٿي پيا ته انهن مٿانهن جو مقصد جاين کي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي سيمي واري عمل جي ذريعي آلاڻ جي مٿي پهچڻ واريءَ آخري سطح کان به مٿي ڪرڻو. سيلابي ميدان جي سطح شهر جي آباديءَ واريءَ سطح جي درميان، جيئن ته وڌندڙ نامطابقت آهي، ان ڪري هاڻ اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته شهر جي جاين کي پاڻيءَ جي سيمي جي نتيجي ۾ پهچندڙ تباهيءَ کان ئي اصلي ۽ حقيقي خطرو هو.

ممڪن آهي ته شهر جي ڪن اهڙن حصن ۾، جيڪي ان جي آخري ڇيڙي کان پري هئا (۽ ان طرح سان پاڻيءَ جي سيمي کان، توڻي آسپاس واري پاڻيءَ کان، جيڪو ٻاهر کليل پٽن تي، هفتن تائين ٽن يا چئن فوٽن تائين موجود ٿي رهيو، محفوظ هئا)، ڪڏهن ڪڏهن ڪن ٻين سببن ڪري به جايون اهڙن ٿلهن تي ٺاهيون وينديون هيون. انهيءَ باري ۾ ڪوٽ واري دڙي جو مثال اڳي ئي ڏنو ويو آهي، سرڪاري عمارتن کي دشمنن يا حمله آور ڌاڙيلن جي زد کان محفوظ رکڻ يا شان و شوڪت لاءِ پڻ اهڙي طريقي سان مٿانهينءَ سطح تي ٺاهيو ويندو هو، جيڪڏهن پروهت-راجا هو، ته ان جو محل به اهڙيءَ طرح اوچائيءَ تي اڏجي سگهيو ٿي، جو اهو سڄي شهر جي مٿان ڪر کنيو بيٺو هجي! شهر جي وڌيڪ شاهوڪار ۽ خوشحال رهاڪن لاءِ، سندن جاين کي مٿانهينءَ تي جوڙائڻ لاءِ جيڪي ٻيا مقصد ٿي پئي سگهيا، تن مان هڪ انهيءَ ڳتيل شهر ۾ اونهاري جي موسم وارين ٻوساٽيندڙ راتين ۾ وڌيڪ تازي ۽ بهتر هوا حاصل ڪرڻ جو مقصد به ٿي سگهيو هوندو. ساڳيءَ طرح اهو به ممڪن هو ته شاهوڪار گهراڻا سندن پاسن ۾ رهندڙ گهٽ ذاتين وارن همساين جو، انهن جي گهرن اندر نهارڻ ناپسند ڪري، پنهنجين جاين کي مٿڀرو جوڙائيندا هوندا. اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهڙي گرم موسم ۾، جاين جون ڇتيون عام طرح سان اوچيون ۽ سڌيون سٺيون هونديون، جيئن اهي اڄ به ان پاسي جي عام رهائشي جاين ۾ ڏسجن ٿيون.

هاڻي اسين انهيءَ منزل تي پهتا آهيون، جتي اسين انهيءَ نمايان تبديليءَ جي اهميت تي غور ڪري سگهون ٿا، جيڪا موهن جي دڙي جي زندگيءَ جي آخري دور کي انهن سڀني ڳالهين کان جدا ڪري ٿي، جيڪي اتي اڳي واقعي ٿي چڪيون هيون. شهر جي کوٽائي ڪندڙ پهرينءَ جماعت جا اڳواڻ، سر جان مارشل ۽ ڊاڪٽر مئڪي، ٻيئي هن راءِ جا هئا ته شهر جي زندگيءَ جو اهو پويون ڌنڌلو دور اهڙي وقت تي نئين سر آبادڪاريءَ جي صورت ۾ شروع ٿيو، جڏهن اهو ڪافي گهڻي عرصي لاءِ ان کان اڳ مڪمل يا جزوي طور خيال ڪيو ويو هو. مئڪي جي راءِ موجب موهن جودڙو انهن ٻن قيامت خيز سيلابن منجهان ٻئي سيلاب جي دوران، جن جو اڳيئي ذڪر ٿي چڪو آهي، خالي ڪيو ويو هو، تباهه ٿيل ايراضيءَ جي مٽيءَ ۾ مليل ڪلر جو غير معمولي حد تائين گهڻو حصو انهيءَ نظريي کي هٿي ڏئي ٿو ته اهو علائقو ڪجهه وقت لاءِ غيرآباد ۽ قدرتي عناصر جي رحم ۽ وڪرم تي نڌڻڪو پيو رهيو. (20)

پر اها جاءِ وري ٻيهر آباد ڪئي ويئي ۽ سا به ”سنڌو“ لوڪن طرفان، پر نئون شهر پراڻي جي ڀيٽ ۾ نمايان طور سادو ۽ گهٽ درجي وارو هو. عمارتن جو معيار بي ڍنگو بڻجي چڪو آهي. جو گهرن جون جايون گهڻو ڪري انهن سرن مان ٺهيل معلوم ٿين ٿيون، جيڪي اڳين اوچاين تان ڊاهي ڊوهي آنديون ويئون آهن، ۽ اهي کڏون، جن مان مٽي ڪڍي وئي آهي، سي ڄڻ ته ڪنهن بم جي اثر کان وجود ۾ آيل کڏن وانگر سڄيءَ ايراضيءَ جي قابل استعمال حدن کي سوڙهو ڪن ٿيون، جنهن تي نئين اڏاوت ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ ڪري جايون هڪ ٻئي جي مٿان چڙهيو بيٺيون آهن. خوشحاليءَ واري دور جون وڏيون ۽ عاليشان عمارتون بنان سوچ سمجهه جي ننڍين ننڍين ڪوٺڙين ۾ ورهايون ويئون آهن ۽ گهٽين جي مقرر ٿيل انهن حدن ۾ ناجائز حددخليون ٿيل آهن، جن کي گذريل ڪيترين ئي صدين جي دوران سختيءَ سان برقرار رکيو ويو هو. اُٻهرائيءَ ۾ ٺهيل بي ڍنگن دڪانن جون وڏن رستن جي پاسن کان قطارون ٺهيون بيٺيون آهن، ۽ تعميري رٿائن جي معيارن ۾ آيل ابتريءَ جو هڪ وڌيڪ نمايان مثال اهو آهي ته ڪنڀارن جون آويون، جيڪي اڳين ڏينهن ۾ شهر جي اندرين حدن اندر ڪڏهن به برداشت نه ڪيون وڃن ها، هاڻي هتي هُتي قائم ٿيل ڏسجن ٿيون، ۽ حد ته اها آهي، جو انهن مان هڪ آوي ته رستي جي بلڪل وچ تي بيٺي آهي. (22)

صاف ظاهر ته شهري انتظاميا جو سخت ضابطو، جيڪو شهر جي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي طويل عرصي جو هڪ نمايان نشان هو، سو ان جي پوئين دور جي ابتريءَ سان گڏوگڏ غائب ٿي چڪو آهي. هيءُ موهن جو دڙو اهو ساڳيو هڪ عظيم قوم جي گاديءَ جو شهر ۽ هڪ تجارتي سلطنت جو دارالحڪومت باقي نه رهيو آهي، ۽ نه وري هاڻي اهو پروهت- راجا جي رهڻ وارو مرڪزي شهر ئي رهيو آهي. هاڻي اتي ڪاريگرن، پيٽ گذر ڪندڙ ڪڙمين ڪاسبين ۽ مزدورن جو مجموعو اچي گڏ ٿيو آهي، جيڪي انهيءَ سرزمين تي هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا آهن. جيڪي ٿوريون گهڻيون شيون اتي ٺهن ٿيون، سي هاڻي ڏيساور لاءِ نه، پر شايد شين جي ڏي وٺ جي بنياد تي داخلي کپت لاءِ ٺاهيون وڃن ٿيون. بنان ڪنهن شڪ جي، اهو تنزل گذريل دور جي پڇاڙيءَ ڌاري ئي شروع ٿي چڪو هو، جڏهن ته شهر جو سامونڊي واپار ختم ٿي چڪو هو، جنهن کان هڪدم پوءِ ”سلطنت“ جي حدن اندر واقع تجارتي مرڪزن ۽ واپار وارن شاهراهن تي رهندڙ رعيتي ماڻهن ۾ پيدا ٿيل بي آراميءَ ۽ مقامي بدانتظاميءَ جي نتيجي ۾ قاعدي ۽ قانون جي ضابطي ۾ ڪجهه هلڪائي ۽ ڍلائي اچي ويئي. يقيناً، انهيءَ طاقتور واپاري قوم جي ماڻهن کي، جيڪي صدين کان وٺي موهن جي دڙي جي عظمت ۽ دولت سان سڃاتا ويندا هئا. جڏهن اهو مسئلو طئي ڪرڻو پيو هوندو ته انهيءَ شهر ۾ وري ٻيهر آباد ٿجي يا نه، جنهن کي اهڙيءَ برباديءَ ۽ تباهيءَ مان گذرڻو پيو هو، پنهنجي دل ۽ من کان خوب پڇڻو پيو هوندو ۽ گهڻي وقت تائين شش و پنج ۾ گذارڻو پيو هوندو. هنن ضرور پاڻ کان اهڙا سوال پڇيا هوندا ته اتي رهي وري ٻيهر واپار کي وڌائي سگهبو يا وڌيڪ عقلمنديءَ جو طريقو اهو ٿيندو ته پنهنجا نقصان هميشه لاءِ برداشت ڪري ڪنهن ٻئي طرف ڏانهن-شايد هڙاپا ۽ اترئين صوبي ڏانهن- لڏي هليو وڃجي-جيڪي ان وقت تائين سرسبز ۽ شاداب هئا. شايد هنن کي درياءَ جي آئينده جي ٻوڏن جي ظاهري خطرن آخرڪار فيصلي ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجي. هيءَ ڳالهه ڪا ناممڪن ناهي ته اهو فيصلو هنن انهن موقعن مان ڪنهن هڪ تي ڪيو هجي، جڏهن ته سنڌو درياءِ ڪنهن دور ۾ لاڳيتا ڪي سال ڦوڪجي مٿان لهندو هو، ۽ پاڻيءَ جو تباهڪن مقدار ساڻ آڻيندو هو. جيئن مئڪي هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته ”هر سال (هنن ٻن لفظن تي مصنف طرفان زور ڏنل آهي) شهر جي چوڌاري ٻن يا وڌيڪ فوٽن جيتري وڏي پاڻيءَ کان وڌيڪ بيهڻ سان ئي شهر جي شاهوڪار ۽ خوشحال طبقي جي لڏ پلاڻ لازمي بنجي ويندي هوندي، .... ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾، ٻيڙين جي مدد کان سواءِ هنن لاءِ مال اسباب جو آڻڻ نيڻ ناممڪن بنجي ويندو هوندو.“ ظاهر آهي ته لاڳيتن اهڙن موقعن تي بريءَ طرح ستايل ”واپاري برادريءَ“ جا ماڻهو وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيا هوندا، ۽ نيٺ هڪ ڀيري ٻاهر نڪري پوڻ کانپوءِ هو وري واپس نه آيا هجن. ان کان پوءِ هنن جو ڪهڙو حشر ٿيو، تنهن جي اسان کي ڪا خبر ڪانهي.

امڪان آهي ته ”عام ماڻهو“، جن ڪنهن عرصي کان پوءِ ٻيهر اچي شهر آباد ڪيو، تن ۾ سنڌو لوڪن جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو به شامل هجن، شايد اهي ”لوهم جي دڙي“ ۽ ”جهڪر“جا رهاڪو هئا، ۽ ڪي شايد ”چانهون دڙي“ کان آيل ٻوڏ جا ستايل پناهگير هيا، هن ڳالهه ۾ شڪ جو امڪان ڪونهي ته چانهون دڙي جي شهر جي ماڻهن کي هڪ ٻئي پٺيان آيل ٻوڏين جي ڪري اتان نڪرڻو پيو هو، جن ان شهر ۾ سندن رهائشي علائقي جي ڪجهه حصي کي زمين دوز ڪري ڇڏيو هو، بهرحال اسين هن باري ۾ خاطري سان ڪجهه نه ٿا چئي سگهون ته اتي اهي سيلاب به انهيءَ وقت ئي آيا هئا، جڏهن موهن جي دڙي واري اها ”خاص“ ٻوڏ آئي هئي، جنهن ”تاجر برادريءَ“ جي ماڻهن کي دائمي طور ۽ ”عام ماڻهن“ کي عارضي طور اتان لڏڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، (24) ڪنهن عام طبعي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي سوال کان قطع نظر، ٻاهرين ضلعن ۾ وڌندڙ بي آرامي ۽ عدم سلامتي، گاديءَ واري شهر جي ڪمزور ٿي ويل مرڪزي اختياريءَ جو پڻ سڌو سنئون نتيجو سمجهي سگهجي ٿي. بهرحال هن ڳالهه جي مڃڻ لاءِ ڪو به سبب ڪونهي ته انهيءَ شديد سيلاب جو، جنهن جي ڪري موهن جي دڙي يا ڪنهن ٻئي شئي کي عارضي طور ڇڏڻو پيو هو، انهيءَ جي آسپاس جي زرعي پيداوار تي به ڪو خاص نقصانڪار اثر پئجي سگهيو هوندو. هن ڳالهه جو اڳئي ذڪر ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ سخت ٻوڏن جا ذيلي اثر عام طور فائدي مند ٿيندا آهن، انهن جي نتيجي ۾ سيلابي پوک جي لائق ايراضيون وڌي وينديون آهن. انهيءَ ڪري، خاص طرح ”موهن جي دڙي“ جي شهر جي آخري دور ۾ ان جي آدمشماري ان جي اوج واري زماني جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن وڌيڪ نه، ته به اوتري ئي نظر اچي ٿي. ابتري ۽ تنزل فقط صنعت ۽ حرفت جي معيار ۾ آيل هو. ساڳئي وقت آسپاس جي ”ستايلن“ کي ڪشش ڪرڻ لاءِ، وري به انهيءَ شهر ۾ گذر سفر، جاءِ توڙي پناهه ۽ نسبتي طور سلامتيءَ جا ڪافي ذريعا موجود نظر آيا هوندا. پروفيسر پگٽ انهيءَ وقت ڌاري ڪُلي(kulli)  ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهن جا درميان لاڳاپن ۾ وڌيڪ ويجهڙائيءَ اچڻ جي ثبوت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، ۽ ساڳئي ئي دور ۾ هو بلوچستان ۾ ڪن ٻين هنڌن جا اهڙا مثال پيش ڪري ٿو، جن ۾ ٻين ”ثقافتن“ جي پراڻن ۽ قديم دور جي قائم ٿيل ڳوٺن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي ۽ انهن جي باشندن کي ماري_ڪٽي ختم ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جي مٿان وري نيون آباديون قائم ڪيل آهن. بهرحال ائين پيو ڀانئجي ته اسان کي انهي دور يا انهن دورن کي وڌيڪ باريڪيءَ سان طئي ڪرڻ لاءِ جڏهن اها بربادي ۽ تباهي آئي هئي.(25) وڌيڪ ثابتين هٿ ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهرحال انهيءَ جي وچ ۾ ”سنڌ جي شاهه شهر“ ۾ ”پرلهه کان اڳ جي سرڇائي“ اڃا به وڌيڪ ٽن يا زياده نسلن تائين گهلبي رهي.

        مون اها راءِ ڏني هئي ته موهن جي دڙي جي آخري پڄاڻِ شايد ڪنهن اهڙيءَ قدرتي آفت جي نتيجي ۾ آئي هوندي، جنهن اتان جي باشندن کي گذر سفر جي ذريعن کان محروم ڪيو هوندو. مثال طور سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ آيل ڪو وڏو ڦيرو. درياءَ جيئن وڌيڪ ڊگهي عرصي لاءِ پنهنجو دستوري وهڪرو قائم رکيو هوندو. جنهن مان شهر جي پسگردائيءَ ۽ ويجهڙائيءَ وارو علائقو رواجي طرح چڱي خاصيءَ باقائدگيءَ سان، ۽ ڪڏهن ڪڏهن حد کان وڌيڪ ايندڙ پاڻيءَ جي اٿل مان آباد ٿيندو رهندو هو- ۽ اهڙين تقريبن لاڳيتن هڪجهڙين حالتن جي مدد اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ستن کان وٺي اٺ صديون سمجهڻ گهرجي-تيئن ان جي لَٽ ۽ ريت جي تهه به تهه ڄمڻ ڪري درياءَ جي تري جي مٿي کڄي اچڻ، ۽ ان کان پوءِ ان جي پاڻيءَ جي وهڪري جو هيٺانهين سطح اختيار ڪري ٻئي مُنهن  سان وهڻ لاءِ زبردست ڦيرو کائڻ-ان جا امڪان اوڏائي وڌي ويا هوندا. اهڙيءَ طرح انهيءَ زماني ڌاري هن ڳالهه جو هڪ زبردست طبعي امڪان صاف نظر پئي آيو هوندو ته درياءَ جي پيٽ ۾ جلد ڦيرو اچڻ وارو آهي. سنڌو ماٿريءَ وچان گذريل ٻن هزار سالن جي عرصي دوران سنڌو درياءَ جي سڄي تاريخ اهڙن رخن بدلائڻ جي ڊگهي تاريخ رهي آهي، جن جي نتيجي ۾ متاثر علائقن جي ڪيفيت آسودگيءَ ۽ نيم- ريگستاني حالتن جي درميان ڦرندي گهرندي رهي آهي. (26) مون کي يقين آهي ته صحيح واقعو اهڙن ئي واقعن مان هڪ هو. درياءَ جي پيٽ ۾ هيءُ وڏو ڦيرو ان جي شهر کان اصلوڪي اوڀرندي پاسي واري رخ ۾ آيو، ۽ درياءَ اتان کان هٽي موهن جي دڙي کان ٽيهارو ميل پري اوڀر طرف وهڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ان اهي زمينون جن کي هو اڳي سائو ۽ آباد ڪندو آيو هو، خشڪ ساليءَ جي حالت ۾ فقط وقتي بارش جي رحم و ڪرم تي تيزيءَ سان ويران ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنيون. ممڪن آهي ته انهيءَ تبديليءَ مڪمل نااُميديءَ جي صورتحال جو احساس نه ٿيو هجي، پر هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته جيڪڏهن اڳي نه، ته عين انهيءَ ابتريءَ جي وقت، موهن جي دڙي جي ڪمزوريءَ الهندي طرف وارن ”وحشين“ کي ان تي حملي ڪرڻ لاءِ هرکائڻ جو ڪم ڏنو، هنن جا پهريان حملا ”ڌڪ هنيو ۽ ڀڳو“ جهڙا هوندا. پگٽ پوئين دور جي هڪ اهڙي قبرستان جي نشاندهي ڪري ٿو. جيڪو امڪان آهي ته انهن حمله آورن جو ئي هڪ قبرستان هجي. آباديءَ جي پوئين زماني وارين سطحن جي کوٽاين مان، اُنهن علامتن کان علاوه، ننڍيون تراريون ۽ پاهي واريون سهڻيون ڪهاڙيون پڻ مليون آهن، جيڪي سنڌو ديس ۾ ناياب هيون.

 پر اتر ايران ۽ ان کان به ڪجهه پرڀرو اولهه طرف عام هيون، (27) شهر جي رهاڪن کي بهرحال جلد ئي احساس ٿيو هوندو ته دشمن وڌيڪ تعداد ۾ وري ڄاڻ ٿو موٽي، هيءَ ڳالهه خاص طور تي توجه جي قابل آهي ته انهيءَ وقت ڌاري ماڻهن پنهنجيون قيمتي شيون زمين ۾ دفن ڪرڻ شروع ڪيون هيون. شهر جي کوٽائي ڪندڙ پهرين ماهرن کي ان جي آخري آباديءَ وارين مٿانهين سطحن مان قيمتي هيرن، جواهرن ۽ سون جا ڪيئي دفينا هٿ آيا هئا. وڌندڙ بي دليءَ ۽ همت هارڻ جي ڪري ماڻهن جلد ئي محسوس ڪري ورتو هوندو ته ڀرپور هٿياربند وحشين جو هاڻي هو گهڻي وقت تائين مقابلو نه ڪري سگهندا.

        انساني هڏن جي پڃرن جا ڍڳ، جن تي ڌڪن ۽ گهائن جا نشان صاف نظر اچن ٿا، موهن جي دڙي جي مختلف حصن ۾ هڪ ئي هنڌ تي ڪَٺا ملن ٿا ۽ انهن مان اڪثر شهر جي بلڪل آباديءَ وارين سطحن مان دستياب ٿيا آهن. اهي شهر جي انتهائي پوئين دور ۾ ان تي ٿيل حملن ۾ ماريل هوندا، ۽ ممڪن آهي ته انهن مان ڪي اُهي به هجن، جيڪي شهر ۾ ٿيل ”آخري ڪوس“ ۾ قتل ٿيا هجن، جيئن منهنجو رايو آهي، جيڪڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو بدلايو هو، ۽ شهر جي ويجهڙائيءَ ۾ ڪٿي به پوکي راهي ڪرڻ ذري گهٽ ناقابلِ عمل ٿي ويئي هئي، ته آباديءَ جو وڏو حصو گذر اوقات جي تلاش ۾ اڳيئي اتان لڏي هليو ويو هوندو. اهڙا ڪي ٿورا ئي ماڻهو هوندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن بحاليءَ جي اميد ۽ آسري ۾ پنهنجن گهرن گهاٽن کي چنبڙيا پيا هوندا، ۽ اهي ئي هئا، جيڪي نيٺ وڃي ترار جو کاڄ بڻيا.

        فاتح قوم جي ماڻهن جو موهن جي دڙي ۾ آباد ٿي ويهڻ جو ثبوت نه ٿو ملي، حالانڪه اُهي جهڪر، لوهم دڙي ۽ چانهُون دڙي جي ويران سرزمينن ۾ آباد ٿي ويٺا هئا. سنڌو تهذيب جي هِن شاهه شهر کي هُنن طرفان اِيئن نظر انداز ڪرڻ جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته هنن کي سابق دارالحڪومت واري شهر جي آسپاس پوکيءَ راهيءَ جا ڪي آثار نظر نه آيا هوندا. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن لاءِ هيءُ اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو ته انهن جي زندگيءَ جي طرز نيم-خانه بدوشيءَ واري هئي، ۽ اُهي فقط پنهنجي مال جي ڌڻن مان ٿيندڙ اُپت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي ڪڏهن ڪڏهن زراعت ڪندا هئا. انهن حمله آور ماڻهن جي دور جا، جن کي اسان ”جُهڪڙ وارن لوڪن“ جي نالي سان ڄاڻو ٿا، جيڪي قديم اوزار مليا آهن، انهن جو گهڻي کان گهڻو تعداد ۽ گهڻي کان گهڻا مختلف نمونا چانهُون جي دڙي مان دستياب ٿيا آهن، ۽ اهي بلوچستان جي پري پري تائين منتشر ٿيل هنڌن مان هٿ آيل شين سان به مماثلت رکن ٿا، انهن هنڌن ۾ شاهي-ٽمپ وارو ڪُجائو قبرستان ۽ اتر ايران جي سرزمين پڻ شامل آهن، انهن جي مليل نشانن ۾ ڪي مهرون به آهن، جي ايشيا مائنر مان هٿ آيل شين جي ياد تازي ڪن ٿيون. (28)

        جيستائين مون کي معلوم آهي، هيءَ راءِ ڪڏهن به ڪنهن عالم طرفان ڪانه ڏني وئي آهي ته اُهي ”وحشي لوڪ“ رگ ويد وارا آريا هئا، چيو وڃي ٿو ته اُهي آريائي هئا، جن سنڌو تهذيب کي موتمار ڌڪ هنيو هو. گهڻو وقت ٿيو ته اِها راءِ پيش ڪئي ويئي هئي ته ويدن جي اشلوڪن ۾ ”دَسيُزۡ“ جي جن شهر پناهه وارن شهرن جو اندر يا اگني ديوتائن هٿان تباهه و برباد ٿيڻ جو بار بار ذڪر ٿيل آهي، سي ضرور سنڌو لوڪن جا شهر هوندا، ٻئي طرف ويد ۾ ذڪر ڪيل مال وند ۽ تاجر ”پڻي“ جن کي سنڌي لوڪن سان شناخت ڪرڻ جي راءِ اول ئي سنه 1926ع (29) ۾ ڏني ويئي هئي. پروفيسر بَرو، سن 1962ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ رگ ويد جي اشلوڪن مان ٻه ٽڪرا نقل ڪيا، تن مان پهريون ٽڪرو جڏهن بعد واري دور ۾ لکيل هڪ ”برهمڻ“ نظم جي اشلوڪ سان گڏ پڙهجي ٿو، تڏهن اهو هن نظريي جي يقيناً تائيد ڪري ٿو ته آريا حمله آورن سچن پچن ننڍن توڙي وڏن شهرن کي ناس ڪيو هو، جيڪي سنڌو لوڪن کان علاوه ٻين ڪن ماڻهن جا به پئي ٿي سگهيا. ٻيو هڪ ٽڪرو به، جنهن ۾ هڪ ”تباهه ٿيل“ شهر جي نالي، ۽ ان جي زير ڪرڻ ۽ شهرين جي عام ڪوس ڪرڻ جو نالو ڏنو ويو آهي، انهيءَ راءِ جي تائيد ڪري ٿو. (30) ان جي باوجود آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ موهن جي دڙي کي ۽ ان جي آخري آباديءَ وارين سطحن مان گهڻن لاشن جي دريافت کي حوالي طور پيش ڪرڻ کي صحيح نه ٿو سمجهان. اهو نظريو هڙاپا ۽ ٻين اترين شهرن (31) جي سلسلي ۾ خواهه ڪيتريقدر به ظاهري طور معقول ۽ ممڪن نظر ايندو هجي، پر سنڌوءَ جي هيٺانهين علائقي وارن شهرن سان انهيءَ نظريي کي وابسته ڪرڻ ۾ ڪيترائي سنگين اعتراض موجود آهن.

رگِ ويد اندر ملندڙ داخلي شهادت مان ايئن پيو معلوم ٿئي ته ان جي اشلوڪن جو وڏو ڪُرو کيشتر جي ”پاڪ“ سرزمين تي، ستلج ۽ جمنا ندين جي درميان واقعي سرسوتي نديءَ جي آسپاس جوڙيو ويو هو. پنجاب فتح ڪيو ويوهو، ان جا درياءَ مشهور و معروف هئا، نه فقط اتان جي قديم نسل لوڪن سان جنگيون جهيڙا ٿي هئا، بلڪه خود آرين جي درميان قبائلي لڙائي پڻ ٿي گذري هئي. اِهي ۽ اشلوڪن ۾ ذڪر ٿيل ڪي مخصوص ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته اهي اشلوڪ هندوستان جي سرزمين ۾ پوءِ مرتب ڪيا ويا هئا، پر انهن ۾ ڪو به اهڙو ثبوت ڪونهي ته حمله آور ڪي سمنڊ تي به پهتا هئا. انهن ۾ ڪم آيل لفظ ”سموندر“ بظاهر سنڌو نديءَ ۽ (32) پنجند وارن درياهن جي ملڻ واري هنڌ کان هڪدم هيٺ ان جي اٿل سان تعلق رکي ٿو. هيءَ ڳالهه قابل غور آهي ته چيتو، جيڪو سنڌوءَ جي هيٺئين علائقي ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل جانور هو، تنهن جو رگ ويد ۾ ڪٿي به ذڪر آيل ڪونهي، ۽ مڇي مارڻ کي، جنهن کي سنڌ ۾ وڏي اهميت حاصل هئي، بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي. (33) انهيءَ ڪري هيءَ ڳالهه انتهائي حد تائين غيرامڪاني نظر اچي ٿي ته جنهن زماني ۾ رگ ويد مڪمل ڪيو ويو هو، جيڪو آرين جي پنجاب ۾ وارد ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻه صديون پوءِ لکيو ويو هوندو، تڏهن سنڌ جو ملڪ ڪو آرين جي قبضي ۾ هو، يا اهي اڃا انهيءَ ملڪ اندر داخل ئي ٿيا هئا. اشلوڪن جي مرتب ٿيڻ کان گهڻو اڳي، ”الهندي وارا وحشي“ چانهو دڙي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ٿي چڪا هئا، ۽ اهي ماڻهو، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، واضح طور بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا. پروفيسر پگٽ ڏيکاري ٿو ته هن باري ۾ اعتبار ڪرڻ لاءِ دليل آهن ته نئين آيل قوم وارن ”سنڌو“ جي ڪاريگرن جي پاڻ وٽ جبري ڀرتي ڪئي هئي، ۽ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن مان ڪي ٻيا عناصر، خاص طور آبادگار پڻ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهجي پيا هوندا. جتي هو پنهنجي هنن ”وحشي“ آقائن لاءِ سهولت سان فصل پوکي ۽ ٻي ڪار ڪرت ڪري پئي سگهيا.

انهيءَ دوران، ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿيل موهن جي دڙي ۾ ريت ۽ مٽيءَ چڙهڻ جو عمل شروع ٿي چڪو هو-اهو ساڳيو عمل، جنهن سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن ۾ عمارتن ۽ شهرن جي ڦٽل نشانن تي ساڳئي قسم جي خاڪي ۽ ميٽوڙي رنگ جي مٽيءَ جي چادر چاڙهي ڇڏي هئي- ڪنهن خيالي ڍنڍ جي مٽيءَ ۾ ڍڪجي ۽ جڪڙجي وڃڻ جو عمل نه، بلڪه ڌوڙين ۽ مٽيءَ جي آنڌين جي ڪلهن تي سوار ٿي ايندڙ دز ۽ واريءَ ۾ درجي بدرجي وڪوڙجي ٻوساٽجڻ، ۽ انهيءَ طرح سان ٺهيل دڙن جي مٿان پوندڙ برسات سبب ڄمي پڪي ٿي وڃڻ جو عمل. (34)

ساڳئي ئي طريقي سان، هڪ هزار کان به وڌيڪ سالن کان پوءِ، اُر شهر جي نئين سر آبادڪاريءَ جو خاتمو واقع ٿيو هو. فرات نديءَ اهو پيٽ بدلائي ڇڏيو، جنهن تي اُر شهر جي زندگيءَ جو هميشه انحصار رهندو آيو هو-”جڏهن نديءَ پنهنجو پيٽ بدلايو..... تڏهن ان جي پراڻي تري جي مٿي چڙهي خشڪ ٿيڻ جو نتيجو هيءُ ٿيو، ته پاڻيءَ تي ٿيندڙ آمدرفت جو خاتمو ٿي ويو.....۽ ساڳئي وقت زراعت به ختم ٿي ويئي. انهيءَ بدنصيب فاقه ڪش شهر کي ان کان پوءِ وجود ۾ رهڻ جو ڪو به سبب ڪو نه هو.... گهرن جون جايون ڀڄي ڀُري ڪري پيون. هوائون پوءِ خشڪ ٿيل ۽ ويران ميدانن مان لنگهندي پاڻ سان ريتيءَ جا گهاٽا ڪڪر کڻي اينديون رهيون، جن کي اهي ڊٺل جاين جي باقي بيٺل ڀتين جي پٺيان سٿينديون ۽ گڏ ڪنديون رهيون، ۽ جيڪو ڪنهن زماني ۾ هڪ عظيم شهر هو، سو نيٺ ويران برپٽ بنجي ويو. (35)“

 

 

حوالا

(1)سر جان مارشل ”موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس سولائيزيشن“ ج 1، صفحا 10، 103.

(2)سرايل-وولي، الالخ ”رپورٽس آف دي ريسرچ ڪاميٽي آف دي سوسائٽي آف ائنٽي ڪئيريز آف لنڊن“، نمبر 18 صفحا 10، 304، 8، 377.

(3)وهيلر، ص:94. ”دي انڊس سوليزيشن“ ٽيون ڇاپو 1968ع. مئڪي، ص:11. ”ازلي انڊس سولائيزيشن“ (ٻيو ڇاپو)

(4ـ)ايم. ايس. واٽس. ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ هڙاپا“ 1 ص:324. ايل وولي. ص: 116 ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“ ٻيو ڇاپو 1955ع. وولي. ”دي سميرينس“ ص:52، 44.

(5)پگٽ، ص:151”پري هسٽارڪ انڊيا“

(6)وهيلر، حوالو ڏنل ص:151.

(7)وهيلر بحواله ايضاً.

(8)اي مئڪي ”فردر ايڪس ڪئويشن ائٽ موهن جو دڙو“ دهلي 1938ع، ج.1، صفحا 8-7

ايل وولي،”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“ ص:8-771.

(9)ڊي . اي هومز ”دي ريسينٽ هسٽري آف دي انڊس جاگرافيڪل جرنل 134 ڀاڳي 3 ۾ (سيپٽمبر 1968) ص:382_367.

(10) سر ڪلاڊ انگليز”دي بهيوير ائنڊ ڪنٽرول آف رورس ائنڊ ڪئنالس“ وغيره. گورنمينٽ آف انديا ريسرچ پبليڪيشن نمبر 13، پونا 1949،ج. 1، ص: 172، مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص:7.

(11) مارشل،ص:103.

(12) مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“ وغيره ص:102, xiv

(13) اهڙين گهڻين ئي کاهين جو بيان مئڪي طرفان ”فردر ايڪس ڪنويشنس“ ص:1 کان 5 ۾ ڏنو ويو آهي. انهن منجهان ڇهن جي جاءِ وقوع صاف ظاهر نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل ٻين کاهين جا تفصيل هن طرح آهن.

(الف) ڊي.ڪي دڙي جي اترينءَ ڪنڊ کان اٽڪل 40 فوٽ، مئڪي ص:2، ان هنڌ تي ميدان جي مٿاڇري جي سطح سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل 159 فوٽ مٿي آهي.

(ب)ايل دڙي ۽........اسٽوپا دڙي جي ڏاکڻين لاهيءَ جي درميان، مئڪي، ص: 3، سلاميءَ ۾ دوباره داخل ٿيندڙ رستي طور بيٺل آهي،جنهن جي ڪري دري واري ڪوٽ کي ذري گهٽ ٻن اڌن ۾ ورهائي بيٺي آهي، سلاميءَ جو مٿاڇرو هن هنڌ تي سمنڊ جي سطح کان اٽڪل روءِ 6_55- آهي ۽ اها آسپاس واري ميدان جي سراسري اوچائي آهي.

(14) مئڪي، ”فردر ايڪس ڪئويشنس“، ص:2.

ايس.پگٽ، نوٽس وغيره ”ائنشنٽ انڊيا“ نمبر 4 (48-1948ع) ۾ مئڪي جي کوٽائي ۽ سندس طرفان ڏنل ارضي تهن جي خاڪي جي حوالن سان لکي ٿو، ”(تعميراتي سطحن جي) هڪ ٻئي جي اڳيان پٺيان اچڻ جي حالت ۾ هڪ اهم ڳالهه، مختلف سڄڻ تي دريائي ريٽ جي ٽن جدا جدا ٿلهن تهن جي موجودگي آهي.“

        فقط هڪ کان سواءِ ريٽ جي انهن ٽنهي تهن منجهان ڪو به شهر جي آباديءَ واري علائقي ۾ ڪونه هو، پر اهي تهه ٻاهرئين طرف کوٽيل کاهين ۾ موجود هئا.

(15)  مئڪي، ساڳيو ڪتاب ص 44.

(16) سن 1929ع واري وڏي ٻوڏ، شيئاڪ نديءَ تي واقع اهڙي ئي برفاني بند جي ٽٽڻ جو نتيجو هئي.

(17) مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص 125.

مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 142، 43

(18) مارشل، حوالو ڏنل ڪتاب ص 21.

مئڪي ۽ مارشل، ص 265.

(19) مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 2، 180، 181

(20) مئڪي ۽ مارشل حوالو ڏنل ڪتاب ص 265.

(21) مئڪي ”فردر ائڪس ڪئويشنس“، ص Xiii، ص 6 (فٽ نوٽ)، تصوير XX.

(22) مئڪي، حوالو ڏنل ڪتاب ص 6.

(23) مئڪي، اڳي ڏنل حوالو.

(24) مئڪي، ”چانهو دڙو ائڪس ڪئويشن“ (نيو هئوين، ڪَنيڪٽيڪٽ 1943ع) ص 63،59،18.

(25) ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص 4-192، 5-214.

(26) هن تاريخ جي جلد I جو حوالو، ”سنڌ اي جنرل انٽروڊڪشن“ ص 5-34.

سي ايف: ڊي. اي هومز، ”دي ريسينٽ هسٽري آف دي انڊس“ جاگرافيڪل جرنل، سيپٽمبر 1968ع ص 375 ۾ ”ائنٽي ڪئٽي 19“ 1945ع)، ڊورو ٿي مئڪي، ”اينشنٽ رور بيڊس ائنڊ ديڊ سٽيز“.

(27)  ايس. پگٽ، حوالو ڏنل ڪتاب ص 228،229.

(28)  ايس. پگٽ، حوالوڏنل ڪتاب ص 226، 223.

(29) راما پرساد چندا: ”دي انڊس وئلي ان دي ويدڪ پيريڊ“، آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، نمبر 31 (1926ع) ص 4 جي ميمايرس ۾ ۽ ”سروائيول آف دي پري هسٽارڪ سويليزيشن آف دي انڊس وئلي“، ايم. اي. ايس. آءِ، نمبر 41 (1929ع) رنگ آچاريه جي ’ويدڪ انڊيا‘، ڀاڱو I ص 148، 181-169، ۾ ”هسٽري آف دي پري-مسلمان انڊيا“.

(30)  ٽي. برو، ”جرنل آف انڊين هسٽري“، اپريل 1963ع، ص 5-163 ۾ ”لفظ ’آرما‘ جي اهميت بابت“ ۾.

(31) ايضاً 20-161. ٻن سوترن ۾ سرسوتي ۽ دريشاوتي ندين جي ڪنارن سان برباد ۽ ويران آبادين جو ذڪر آيو آهي.

(32) مئڪوڊونيل ائنڊ ڪيٿ، ”ويلڪ انڊيڪس آف نيمس ائنڊ سبجيڪٽس“ ص 432، ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا I“ ص 79.

ان جي ابتڙ، ڏسو راما پرساد چندا ايم. ايس، ايس، آءِ،نمبر 31 (1926ع)، ص 5-2“ ۾.

(33) ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ ص 101.

(34) ايڇ. ٽي لئمبرڪ، ”دي انڊس فلڊ، پلين ائنڊ دي انڊس سوليزيشن“،

جاگرافيڪل جرنل، ڊسمبر 1967ع، ص 491-49 ۾.

(35) سر ايل. وولي، ”ايڪس ڪئويشنس ائٽ اُر“ ص 248.

                                  (ترجموِسومار علي سومرو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org