سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 10

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

کوهن وارو شهر- موهن جو دڙو

موهن جو دڙو، ڏوڪري اسٽيشن (موجوده نالو موهن جو دڙو اسٽيشن) کان 14 ڪلوميٽر پري آهي. هن دڙي وارو پراڻو شهر ڪيترائي ڀيرا ناس ٿيو آهي، ۽ ٻيهر آباد پئي ٿيو آهي. اندازو آهي ته ست ڀيرا ڊٺو ۽ وري ٺهيو. مٿئين طبقي جو زمانو 1700 ق.م ۽ هيٺئين تهه جو زمانو 2500 ق.م يا 3000 ق.م مقررڪيو ويو آهي. يعني پراڻو  شهر پنج هزار سال يا ساڍا چار هزار سال اڳ هڪ ڀريو، ڀاڳو شهر هو.

1918ع کان اڳ هن دڙي جي اهميت جي ڪنهن کي به خبر نه  هئي. 1918ع ۾ هن دڙي مان ڪي اهڙيون مهرون هٿ آيون، جن مان معلوم پئي ٿيو، ته انهن هنڌن تي ضرور ڪو قديم شهر آباد هوندو، جيڪو هينئر دڙن جي صورت ۾ آهي. مسٽر آر. ڪي. بئنرجي ۽ آثار قديم کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل سرجان مارشل دلچسپي وٺي 1922ع ۾ دڙي جي کوٽائي ڪرائي. 1931ع تائين کوٽائي هلندي رهي. ان کان پوءِ فنڊن جي ڪميءَ جي ڪري ڪم رڪجي ويو. کوٽائي ڪندي جيڪي ڪجهه حاصل ٿيو، ان مان ثابت ٿيو ته اهي هڪ وڏي عاليشان ۽ مهذب شهر جا آثار هئا، جيڪو عيسوي سن کان ٽي هزار سال اڳ  آباد هو. ان مان معلوم ٿيو ته آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو نهايت مهذب زندگي گذاريندا هئا، ۽ منجهن شهريت جو شعور هو. موهن جي دڙي کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي دڙا ۽ ڀڙا سنڌ جي قديم تهذيب جا نشان آهن. هن دڙي کي موهن يا موئن جو دڙو سڏيو وڃي ٿو، پر دڙي جي پسگردائيءَ وارا ماڻهو هن کي ”مُنهين جو دڙو“ يا ”منهين جي ماڙي“ سڏيندا آهن.

دڙي جي کوٽائيءَ سان جيڪي انسانن جون کوپريون، هڏاوان پڃرا ۽ ٻيا اهڃاڻ مليا آهن، انهن کي ڏسي ماهرن اندازو لڳايو آهي، ته انهن ڏينهن ۾ دراوڙ نسل جا ماڻهو رهندا هئا، پر سمورا ماڻهو دراوڙ نسل جا نه هئا. انهن محققن جو خيال آهي، ته مختلف نسلن جا ماڻهو آباد هئا. گهٽ ۾ گھٽ چئن نسلن جي ماڻهن جا چٽا آثار ملن ٿا. دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ مليا آهن، ۽ انهن جي آڌار تي سنڌ جي تهذيب بابت جيڪي ڪجهه معلوم ٿيو آهي ان جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.

حڪومت جو نظام:

معلوم ٿئي ٿو ته هتي مذهبي طبقي جي حڪومت هئي، ۽ راجا جي ٺاهيل قانونن تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هوندو هو. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ امن امان هو، ۽ هر ڪو خوش هو. وڏن ڏڻن تي راجا ڀڀڪيدار ڪپڙا پائي، چيلهه سان تلوار ٻڌي، هاٿيءَ تي سوار ٿي پرجا کي درشن ڪرائيندو هو. ان بعد مندر ۾ راجا ۽ پرجا گڏجي پوڄا ڪندا هئا، ۽ راجا پرجا جي وچ ۾ ويڇو وڇاندر ڪونه رهندو هو. اهڙن موقعن تي راڳ روپ ۽ چرچي ڀوڳ جي هر ڪنهن کي اجازت هوندي هئي. عدل ۽ انصاف جو پورو پورو خيال رکيو ويندو هو.

ملڪ جو انتظام نهايت مناسب ۽ معقول هو، ۽ پرجا ان جي سختيءَ سان پابندي ڪندي هئي. خاص طرح سان شهر جو انتظام ته مقرر ڪيل قاعدن ۽ قانونن موجب هلندڙ هو. ائين ٿو ڀانئجي ته شهر جي انتظام ۽ سڌاري لاءِ باقاعده مونسپالٽيءَ جهڙو ادارو هو، جنهن جي رٿا موجب جايون جڙنديون هيون. گهٽيون ۽ ڪني پاڻيءَ جون ناليون ٺهنديون هيون، ۽ کوهه کوٽيا ويندا هئا. ماڻهو صفائي پسند هئا ۽ قانون جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. ڪوبه گهر يا ڪا ذاتي جاءِ وڏي سڙڪ يا ٻين عام ڀلي جي هنڌن تي نه ٺاهي ويندي هئي. اهوئي سبب آهي، جو سڙڪون کليل آهن. وڏي سڙڪ ٽيٽيهه فوٽ ويڪري آهي. ٻه-واٽي ياچو- واٽي تي هڪ سڙڪ ٻيءَ سڙڪ کي گوني ڪنڊ تي ڪراس ڪري ٿي. گهٽيون به نهايت سڌيون ۽ ڪشاديون آهن، ڪٿي به ڪو دخل ڪونهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو قانون جا سخت پابند هئا.

گهرن جي ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڍڪيل نالين جو بندوبست آهي. انهن نالين ٺاهڻ وقت صحت جي اصولن جو پورو پورو خيال رکيو ويو آهي، ايتريقدر جو نالين جو پاڻي نه گهٽين ۾ گندگي پيدا ڪندو هو، نه بانس ٿيندي هئي، ۽ نه گهٽيءَ مان لنگهندڙ ماڻهن جا ڪنهن به موقعي تي ڪپڙا خراب ٿي سگهندا هئا. نالين جو پاڻي وهي وڃي وڏي سڙڪ ڏانهن وڏي ناليءَ ۾ پوندو هو.

رهڻ جون جايون به سٽيل رٿا موجب ٺهيل نظر اچن ٿيون. گهرن جا اڱڻ ڪشادا آهن، ۽ روشنيءَ جو پورو پورو خيال رکيل آهي. گهر، گهر ۾ کوهه ۽ غسلخانو آهي. گهڻو ڪري سڀني گهرن ۾ پائخانه به آهن. غسلخانا ۽ پائخانا اڪثر هيٺين منزل تي آهن، پر ڪن جاين ۾ ٻيءَ منزل تي به انهن جا نشان ملن ٿا. ٻنهي حالتن ۾ گهر جي انهيءَ حصي ۾ آهن، جيڪي سڙڪ يا گهٽيءَ جي بلڪل لڳ آهي، ۽ انهن جا فرش لهوارا آهن، ته جيئن پاڻي سولائيءَ سان نيڪال ٿي وڃي.

شهر جي حفاظت لاءِ، شهر کي چوڌاري اَٺ فوٽ ٿلهي ڀت ڏنل هئي، جنهن کي ڪيترن هنڌن تان وڏا در هوندا هئا. رات جو اهي بند ڪيا ويندا هئا، ۽ حڪومت پاران انهن تي چوڪيدار مقرر ڪيل هئا. شهر جي پوري وچ تي هڪ وڏو هال آهي، جيڪو شايد ميونسپالٽيءَ جهڙي اداري جي آفيس هئي. ان کان سواءِ شهرين جي صحت، صفائي، تفريح ۽ وهنجڻ لاءِ تلاءِ سرڪاري اسپتالون ۽ باغ هوندا هئا. اهو ڏيکاري ٿو، ته حڪمران طبقي کي عوام جي سهوليت ۽ بهبود جو هر وقت خيال هوندو هو.

اهي رٿائون ۽ سٽائون، انتظام ۽ اصول ڏسي آثار قديمه جا ماهر دنگ رهجي ويا. هنن کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت آهي ته اڄ کان اٽڪل پنج هزار سال اڳ شهر جي هڪ ميونسپالٽي هئي، جيڪا شهرين جي صحت ۽ صفائي، وندر ۽ ورونهن-مطلب ته هر ڳالهه جو خيال رکندي هئي ۽ عوام به ايترو مهذب، متمدن ۽ شائسته هو، جو انهن قاعدن جو سختيءَ سان پابند هو.

مذهب :

موهن جي دڙي جي ماڻهن جي مذهب بابت ڪابه يقيني راءِ قائم نه ڪئي ويئي آهي. ڪابه اهڙي جاءِ نه ملي آهي، جنهن لاءِ يقيني طور چئي سگهجي ته اهو مندر يا عبادتگاهه هو. عبادتگاهه ضرور هوندا، پر جيئن ته جاين جي سٽاءُ هڪجهڙي آهي، انهيءَ ڪري نشاندهي ٿي نه ٿي سگهي. وڏي حمام ( Great Bath) کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته شايد ڪنهن خاص ڏڻ تي سڀ ماڻهو گڏجي سنان ڪندا هئا. اها رسم ضرور سندن مذهبي رسم هوندي.

مهرن جي تصويرن ۽ صورتن کي ڏسي اندازو لڳايو ويو آهي ته هو فطرت پرست هئا ۽ بت پرستيءَ کي سندن مذهب ۾ دخل نه هو. ڪي اهڃاڻ اهڙا به مليا آهن، جن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته ڪنهن وقت هو توحيد پرست به هئا. ان کان پوءِ سندن مذهب ۾ بگاڙو آيو ۽ هو ديوين ۽ ديوتائن ۽ جانورن جا پوڄاري بنجي ويا.

مهرن تي ديوين جون تصويرون ملن ٿيون. ان مان اندازو لڳايو ويو آهي ته هو ”مانا“ يا ديويءَ جا پوڄاري هئا. ان کان سواءِ ڪي شڪليون ديوتائن جون به مليون آهن، جن جي مٿي تي ڏاند يا ٻڪر وانگر سنڱ آهن. ان مان اندازو لڳايو ويو آهي ته شايد ڏاند ۽ ٻڪر انهن جي مذهب ۾ مقدس سمجهيا ويندا هئا. ڪن مهرن تي ديوتائن سان گڏ جانورن جون شڪليون ڏيکاريون ويون آهن. ڪي اهڙيون به مورتيون مليون آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ديوتائن کي جانورن جي شڪل ۾  ظاهر ڪيو ويو آهي.

انساني شڪلين کان سواءِ ڪن مهرن تي پپر، انجير ۽ ٻير جا وڻ به ملن ٿا. ائين ٿو ڀانئجي ته اهي وڻ مقدس سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ”لنگ پوڄا“ جان نشان به هتان مليا آهن. کوٽائيءَ مان ڪي تعويذ به مليا آهن، جن تي عام طرح جانورن جون تصويرون نڪتل آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته بابل جي ماڻهن وانگر هو به دعا تعويذ ۽ سڳي ڌاڳي ۾ يقين رکندا هئا. هتان ڪي به اهڙا نشان نه مليا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ته هتي جا ماڻهو مُردن کي پوريندا هئا يا ساڙيندا هئا. اندازو آهي ته هو مُردن کي پوريندا هئا، پر قبرن جا نشان مٽجي ويا آهن. جيئن ته ماڻهو صفائي ۽ سٿرائيءَ سان رهندا هئا، انهيءَ ڪري اندازو لڳايو ويو آهي، ته انهيءَ ڳالهه ۾ يقين رکندا هئا ته روح ٻيو روپ وٺي ٿو.

انهن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته هندو ڌرم جي ڪيترين ڳالهين جو تصور سنڌ جي قديم مذهب تان ورتل آهي؛ مثلاً درگا ديويءَ جي پوڄا،”شو ديوتا“ جي پوڄا، گانءِ پوڄا، پير کي پاڪ سمجهڻ، لنگ پوڄا، جوڻ جو عقيدو وغيره.

سماج :

موهن جي دڙي مان جيڪي مهرون نڪيتون آهن، انهن تي اکر لکيل آهن. جيئن ته اهي اکر پڙهڻ ۾ نه ٿا اچن، انهيءَ ڪري سنڌ جي تهذيب جون ڪيتريون ڳالهيون اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهن. تازو خبر آئي آهي ته ”فنلئنڊ“ جي ماهرن، مهرن جا اکر پڙهيا آهن. انهن جون پڙهڻيون ۽ ڪڍيل نتيجا اڃا تائين اسان وٽ نه پهتا آهن. البت ايترو معلوم ٿيو آهي ته ”فنشن“ ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ان زماني ۾ سماج چئن ذاتن يا طبقن تي مشتمل هو. اها ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته هندن جي چئن ذاتين وارو تصور اتان ورتل آهي. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي ماڻهن ۾ چار ذاتيون هيون، ان هوندي  به منجهن نفرت ۽ نفاق ڪونه هو. هو امن پسند هئا ۽ ايڪي اتفاق سان رهندا هئا. دڙي جي کوٽائي مان ڪنهن به قسم جا هٿيار هٿ نه آيا آهن. اهو ڏيکاري ٿو ته هو جنگجو ۽ جهيڙاڪر نه هئا.

دڙي جا اڪثر ماڻهو زراعت پيشه هئا، پر شهر ۾ ڪمي ڪاسبي، سونارا ۽ لوهار، ڪوري ۽ نيرولي، رازا ۽ واڍا، موچي ۽ سوچي به موجود هئا. ڳئون، مينهن، رڍ، ٻڪري، ڪتو، ڪڪڙ ۽ مور گهرن ۾ پاليندا هئا. گهوڙي جي نسل جا نشان ڪونه مليا آهن. ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي جا نشان مليا آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪپهه پوکي ويندي هئي ۽ سوٽي ڪپڙو اُڻيو ويندو هو. البت اوني ڪپڙي جا اهڃاڻ ڪونه ٿا ملن. مردن جا گهڻو ڪري پٺا اگهاڙا هوندا هئا ۽ ڌوتي يا گوڏ ٻڌڻ جو رواج عام هو. ان مان ڀانئجي ٿو ته گوڏ ٻڌڻ جو رواج سنڌ ۾ قديم زماني کان هليو اچي. اجرڪ نما چادر ويڙهڻ جو رواج به موجود هو. اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ ۾ اجرڪ جو راوج به قديم زماني کان موجود آهي. نيرولين جي دوڪانن جا اهڃاڻ به مليا آهن. اڄ به سنڌ جا ماڻهو نير ۾ ٻڏل ڪپڙا خاص طرح سان گوڏيون پائيندا آهن.

ڪي مرد مٿي تي وٽيل پڳڙي ۽ بدن تي جهولڙي (قميص يا صدري جو هڪ قسم) پائيندا هئا. ان مان ڀائنجي ٿو ته مٿي تي پڳڙي ۽ قميص يا چولي جي بدران هلڪي صدري پائڻ جو رواج به سنڌ ۾ قديم زماني کان هليو اچي. عورتون جڏهن ٻاهر نڪرنديون هيون، ته هڪ ڊگهي چادر سان سڄو جسم ڍڪي ڇڏينديون هيون. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ جون عورتون اجرڪ يا ڊگهي چادر سان سڄو بدن ڍڪي، فقط اکيون ظاهر ڪري نڪرنديون آهن. عورتن سان گڏ مرد به وڏا وار رکندا هئا. اڄ به ٻهراڙيءَ جا ڪيترا مرد وڏا وار رکائيندا آهن. ڪي مرد وري پوئتان وار ڪٽائي ٻٽونئڙو نمونو ڪرائي ڇڏيندا هئا. عورتون ۽ مرد ٻئي زيور پائيندا هئا. مرد ڪنن ۾ والا پائڻ فخر سمجهندا هئا. اڄ به ٻهراڙيءَ ۾ ڪي مرد ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن. عورتون موتين، مڻين ۽ ڪوڏن جا هار، پيرن ۾ جهانجهرن جي نموني جو زيور، نڪ ۾ بولو، ٻانهن ۾ ڪنگڻيون ۽ آڱرين ۾ ڇلا پائينديون هيون.

مرد ڏاڙهيون رکائيندا هئا. ڪن جون ڏاڙهيون وڏيون هونديون هيون ۽ ڪن جون وري شرعي نموني خط ورتل هونديون هيون. ڪي وري ڏاڙهيون رکائي مڇون صاف ڪرائي ڇڏيندا هئا. ڪي وري ڏاڙهي صفا ڪوڙائي ڇڏيندا هئا. عورتون چوٽي به ڪنديون هيون، ته ڪڏهن وري اڳڙي يا ڌاڳي سان وار ٻڌي ڇڏينديون هيون.

عورتون سينگار به ڪنديون هيون ۽ وارن ۾ ڦڻي به ڏينديون هيون. ڪاٺ جون ڦڻيون به مليون آهن، جن جو رواج اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي. ان کان سواءِ عاج جون ڦڻيون به هٿ آيون آهن. سرائي سرميداڻي به ملي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو سرمو پائيندا هئا. ڌات جا آئينا به مليا آهن، پائوڊر نموني جي شيءِ به ملي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته عورتون منهن کي پائوڊر لڳائينديون هيون. سندر ڪم آڻڻ جا اهڃاڻ به مليا آهن.

واندڪائيءَ ۾ عورتون ائٽ ويهي ڪتينديون هيون ۽ مرد وري وندر ۽ ورونهه لاءِ چونڪ ۽ چوپڙ راند ڪندا هئا. هڪ مهري، يڪتاري ۽ ڍولڪ وڄائڻ جي به ملي آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته هتي جا ماڻهو راڳ ۽ ناچ سان دل وندرائيندا هئا. ٿي سگهي ٿو، ته راڳ ۽ ناچ سندن مذهب جو حصو هجي. ڪڪڙن وڙهائڻ جو رواج به موجود هو. ٻارن لاءِ رانديڪا به موجود هئا ۽ ٻارن جي راندين جو رواج به هو. چدي راند ۽ اٽي ڏڪر جو رواج انهن ڏينهن کان هليو اچي. رانديڪا گهڻو ڪري مٽيءَ مان ٺاهي پچايا ويندا هئا. اهڙن رانديڪن ۾ بيل گاڏيون، جانورن ۽ پکين جون مورتون مليون آهن. اهڙي قسم جي رانديڪن جو رواج اڄ تائين سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود آهي. جوڳياڻيون اهي رانديڪا ٺاهي کڻي اينديون آهن ۽ اَن لپ جي بدلي ٻارن کي ڏيئي وينديون آهن.

صنعت وحرفت:

مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، ته هتي هر قسم جا ڪاريگر موجود هئا. عورتون گهرن ۾ سٽ ڪتينديون رهنديون هيون. ڪپڙو اڻيو به ويندو هو، ته رڱيو به ويندو هو. نير جي ڪپڙن جو رواج عام هو. سونارا موجود هئا، جيڪي چاندي ۽ سون مان به زيور ٺاهيندا هئا. عقيق، سنگ سليمان ۽ سنگ پشپ سان مڻيا به ٺاهيا ويندا هئا. ان کان سواءِ اڇي ۽ نيري مسالي مان به مڻيا ٺاهيا ويندا هئا. اهڙن مڻين جو رواج اڃا تائين سنڌ ۾ موجود آهي. اسٽائيٽ ۽ چينيءَ جا مڻيا به مليا آهن. سوزن ڪاري ۽ ڪٽائيءَ جي هنر ۾ به ماهر هئا. زردوزي ۽ ڪشيده ڪاري جي ڪم کان به واقف هئا. سبڻ ۽ ڀرڻ جون سُيون به مليون آهن، جن جي مٿي کان ڌاڳي وجهڻ جي جاءِ به آهي.

ٺڪر جي ٿانون جو گهڻو استعمال هو. ڪنڀر چڪ تي ڪيترن ئي قسمن جا ٿانو ٺاهيندا هئا. جهڙوڪ: دلا، مٽ، ڪُنا ۽ پاٽيون وغيره. ڪي ٿانو هٿ جا ٺهيل به آهن. چڪ تي ٿانو ٺاهڻ کان پوءِ هڪ مسالي سان ٿانون کي رڱيو ويندو هو، جيڪو مٽي ۽ لوهه مان ٺاهيو ويندو هو. ان کان پوءِ ڪاري يا ڪارسري ڳاڙهي مسالي سان چٽسالي ڪرڻ جو رواج اڃا تائين سنڌ ۾ موجود آهي. چٽساليءَ ۾ گول ۽ جاميٽريءَ جي ڊزائين ۾ چٽ به آهن، ته وڻ ٻوٽا به نڪتل آهن. ان کان سواءِ پکين ۽ جانورن جون شڪليون به آهن، ته اڀريل سج به ڏيکاريل آهي. چٽسالي پختي به آهي، ته ان ۾ لطافت ۽ نزاڪت به آهي. وڻ جا پن نهايت احتياط سان ڪڍيل آهن ۽ جانورن کي پنهنجي فطري ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سج جي شڪل ڦڻيءَ جي نموني تي ڪڍي ويئي آهي. ڦڻيءَ جا ڏندا ڄڻ سج جا ڪرڻا آهن.

ٺڪر جي ٿانون کان سواءِ ٺڪر جون گُنديون، ٺڪر جا نلڪا، ٺڪر جا ڪوئا مار، ٺڪر جا ڦيٿا، ائٽ، چوڙيون، ديوين، ديوتائن، جانورن ۽ پکين جون مورتون به ٺڪر جون مليون آهن.

موهن جي دڙي جا ڪاريگر ڌات کي پگهاري يا ڪٽي مختلف شين ٺاهڻ ۾ به مهارت رکندا هئا، هو چاندي، سون، ٽامي، ڪٽ ۽ پتل مان شيون ٺاهي سگهندا هئا. خاص طرح سان ٽامي مان گهڻو ڪم ورتو ويندو هو. ٽامي جا ٿانو، ڪهاڙيون، خنجر، چاقو، چوڙيون، منڊيون ۽ واليون وغيره ٺاهيون وينديون هيون. ڪٽ مان ٺهيل گلدان، پيالا، تسريون ۽ ڍڪڻ سوڌيون ڌيڳڙيون مليون آهن. ڪي ٿانو ڍالي تيار ڪيا ويا آهن، ته ڪي وري ڪٽي بنايا ويا آهن. ڌات جي ٿانون تي چٽسالي به ٿيل آهي. ڪن تي جانورن جون تصويرون به ڇاپيل آهن. ڌات مان مهرون به ٺهيل آهن، جن تي اکر ۽ تصويرون اڪريل آهن. مڇيءَ جي شڪار جون ڪُنڊيون به مليون آهن، جيڪي ٽامي جون ٺهيل آهن.

ڌات مان ٺهيل مورتيون به مليون آهن، جيڪي ٽامي ۽ ڪٽ مان نهايت نفاست سان ٺاهيون ويون آهن. هڪ ناچڻيءَ جي مورتي به ملي آهي، جيڪا اهڙي قسم جي فنڪاريءَ جو اعليٰ نمونو آهي. ان کان سواءِ جانورن جون مورتون به مليون آهن. ان سلسلي ۾ مينهن جي مورتي قابل ذڪر آهي.

پٿر سان ٺهيل شيون تمام گهٽ مليون آهن. ان هوندي به ڪجهه شيون مليون آهن، جهڙوڪ: مورتيون، مهرون، اٽي پيهڻ جا جنڊ، تور جا وٽ، ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا وغيره.

سنڌ جا ڪاريگر، مهرن ٺاهڻ ۾ ڏاڍا ماهر هئا. هتان وڏي تعداد ۾ مهرون مليون آهن، جيڪي ”اسٽيائيٽ“ مان ٺاهيون ويون آهن، ۽ مختلف سائيزن ۾ آهن. انهن تي جانورن جون تصويرون به آهن، ته اکر به اڪريل آهن. معلوم ٿو ٿئي ته اهي مهرون وڏن پٿرن کي ڪٽي ٺاهيون ويون هونديون. ان ڪم لاءِ ضرور ڪا ڪارائي ڪتب آندي ويئي هوندي. ائين ٿو ڀائنجي ته اهي مهرون گهڻي قدر ٺپي هڻڻ لاءِ ڪتب آنديون وينديون هونديون. ڪن مهرن تي ڌاڳي ٻڌڻ جي جاءِ ڪيل آهن. ڀانئجي ٿو، ته اهي مهرون تعويذ طور ڳچيءَ ۾ يا ڏوري ۾ ٻڌيون وينديون هونديون.

عمارت سازي:

موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ جيڪي گهر ۽ ڀتيون نڪتيون آهن، انهن کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي. شهر ۽ ان جون جايون باقاعده سٽاءَ ۽ رٿا سان ٺهيل آهن. سڄي شهر جون جايون مضبوط پڪين سرن جون ٺهيل آهن. سرون قالبن جون ٺهيل آهن، ۽ ايتريون ته پختيون آهن، جو اڄ ائين پيون نظر اچن، ڄڻ تازيون ٺهيل آهن. جايون چوڪنڊيون ۽ گوني ڪنڊ تي پوريون ٺهيل آهن. ڪٿي به ڪو ور يا ڏنگ نظر نٿو اچي. گهر جون جايون ننڍيون به آهن ته وڏيون به آهن. سڀ کان ننڍي جاءِ ٻن ڪمرن واري آهي، ۽ سڀ کان وڏي جاءِ 34 هزار فوٽن تي ڦهليل آهي.

جايون عام طور تي هڪٻئي کان الڳ ٺهيل آهن. گهرن ۾ وڏا اڱڻ آهن. ڪيتريون جايون ٻه ماڙ آهن، ۽ مٿاهينءَ تي ٺهيل آهن. وڏين جاين ۾ ٻاهرئين در جي لڳ جدا ڪوٺي به آهي، جيڪا شايد نوڪرن ۽ دربانن لاءِ آهي. هر گهر ۾ گهڻو ڪري کوهه آهي، جيڪي نهايت ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهن. گهرن وارا کوهه ڪي ته اهڙا سوڙها آهن، جو سولائيءَ سان ڍڪي سگهجن ٿا. وڏين جاين ۾ درين ۽ روشندانن جا نشان ملن ٿا. ٻيءَ ماڙ تي چڙهڻ لاءِ سرن جون ٺهيل سوڙهيون ڏاڪڻيون آهن. ڪي ڏاڪڻيون ته تمام سوڙهيون آهن. جاين جا در تمام تنگ ۽ ننڍا آهن. تمام وڏين جاين جا در به اهڙا ئي سوڙها ۽ ننڍا آهن. ڪنهن گهر جو ٻاهريون در يا ڪا دري سڙڪ طرف نٿي کلي،. ان مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي، ته انهن جون عورتون سخت پردو ڪنديون هيون.

عام رهائشي گهرن کانسواءِ شهر جي مختلف حصن ۾ وڏيون جايون به آهن. ماهرن جو خيال آهي، ته يا ته اهي سرڪاري آفيسون هونديون يا حڪمران طبقي يا وڏن ماڻهن جا محلات هوندا. شهر جي اتر ۾ هڪ جاءِ آهي، جيڪا 242 فوٽ ڊگهي، ۽ 112 فوٽ ويڪري آهي. ڏکڻ ۾ هڪ جاءِ آهي، جيڪا 422 فوٽ ڊگهي ۽ 150 فوٽ ويڪري آهي. شهر جي هڪ طرف چورسي جاءِ آهي، جنهن جو هر هڪ پاسو 85 فوٽ آهي. ان ۾ دڪانن وانگر ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل آهن. ڀانئجي ٿو ته اهي دڪان هوندا، جتي خريد فروخت ٿيندي هوندي.

شهر جي ڏکڻ-اولهه طرف هڪ غير معمولي وسيع ۽ دلچسپ وهنجڻ جو تلاءُ آهي، جيڪو پڪين سرن جو نهايت ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهي. انهيءَ عمارت جي وچ ۾ هڪ حوض آهي، جيڪو 29 فوٽ ڊگهو، 23 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو آهي. حوض ۾ لهڻ لاءِ ڪنڊن تي ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. حوض جي لڳ ڪوٺيون آهن، جيڪي ڪپڙن بدلڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون. سڄي عمارت جي ڊيگهه 180 فوٽ ۽ ويڪر 108 فوٽ آهي. ان جي ڀت 8 فوٽ ٿلهي آهي. عمارت جي چوڌاري 15 فوٽ ويڪرو رستو آهي، جيڪو هڪ ٻاهرين ست فوٽ ٿلهي ڀت سان گهيريل آهي. هر ڪمري ۾ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻين جا نشان آهن. هڪ ڪمري ۾ هڪ تمام وڏو کوهه آهي، جنهن مان پاڻي ڪڍي تلاءُ ڀريو ويندو هو. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هڪ وڏو نالو آهي.

مٿي ذڪر ڪيل جاين جي اڏاوت ۽ پاڻيءَ جي نالين جي بناوت ظاهر ڪري ٿي، ته موهن جي دڙي جا ماڻهو عمارت سازيءَ ۾ وڏا ماهر هئا. هنن جي اڏاوت جي فن ۾ سادگي آهي؛ پر پختگي، سٽا ۽ سلجهاءُ آهي. فقط امير ۽ حاڪم سٺيون جايون نه ٺهرائيندا هئا، پر گهڻو ڪري سڀ شهري هڪ ئي نموني جي سٺين ۽ پڪين جاين ۾ رهندا هئا. ڪنهن به پُرشڪوه ۽ جاهه و جلال واري جڳهه جو نشان نه مليو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته سڀ ماڻهو لڳ ڀڳ هڪجهڙي زندگي گذاريندا هئا. ائين ڪو نه هو، ته هڪ پاسي تمام وڏا امير هئا، ۽ ٻئي پاسي صفا غريب ماڻهو هئا.

زراعت ۽ خوراڪ :

زراعت جا اوزار گهٽ مليا آهن. فقط ٻه هر ٽامي جا ٺهيل آهن. ان مان ڀانئجي ٿو ته شايد زراعت جا اوزار ڪاٺ مان ٺاهيندا هئا، جيڪي ڳري ويا آهن. البته اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي، ته هو پوکي راهي ڪندا هئا، ۽ ڏاندن سان هر ڏيندا هئا. ڪڻڪ، ڪپهه، جو ۽ گدرا پوکيندا هئا، ڇاڪاڻ جو انهن شين جا ٻج مليا آهن. کارڪن جون کوکڙيون به مليون آهن. ان مان ڀانئجي ٿو، ته کجيون به ملڪ ۾ ٿينديون هيون. ڳئون، مينهون ۽ ٻڪريون پاليندا هئا، ۽ انهن جو کير، مکڻ، ڏڌ ۽ ڌؤنرو ڪم آڻيندا هئا. انهن شين کان سواءِ مڇي ۽ ميوو به کائيندا هئا. اندازو آهي ته گوشت به کائيندا هئا.

بار ڍوئڻ ۽ ٻئي ڪم لاءِ وٽن بيل گاڏيون هونديون هيون، جنهن ۾ ٻه ڏاند ٻڌندا هئا. گاڏيءَ جي بناوت بلڪل اهڙي ئي هئي، جهڙي هينئر اتر سنڌ جي بيل گاڏين جي آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته موجوده بيل گاڏي موهن جي دڙي جي زماني کان هلي اچي. درياءَ جي ذريعي ٻيڙين تي سفر به ڪندا هئا. هنن کي سٺي نموني جون ٻيڙيون ٺاهڻ اينديون هيون.

کوهه:

موهن جي دڙي جي پڌري پٽ سڃاڻ ان جا کوهه آهن. هونئن به سڄيءَ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين کوهه هئا، جيڪي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به ڪم ايندا هئا، ته آبپاشيءَ لاءِ به استعمال ٿيندا هئا. سنڌي زبان ۾ ڪچي کوهه کي ”واءِ“ ۽ گهر واري ننڍي کوهه کي ”کوهي“ چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي سرزمين کوهن جي سرزمين رهي آهي، ان هوندي به جنهن نموني جا کوهه ۽ جيتري تعداد ۾ کوهن موهن جي دڙي واري شهر ۾ ملن ٿا، اهڙي نموني جا ۽ ايتري تعداد جا کوهه ماضي قريب ۾ توڙي ماضي بعيد ۾ ڪڏهن به سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه رهيا آهن. ڄڻ موهن جي دڙي واري شهر جي ويرانيءَ کان پوءِ اهڙي نوعيت جي کوهه جو رواج سنڌ مان ختم ٿي ويو. جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به شهر ۾ اهڙا ايترا کوهه رواج ۾ نه رهيا. هونئن ته کوهه هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هوندا هئا ۽ ڪن گهرن ۾ به کوهه ۽ کوهيون هونديون هيون، پر هر گهر ۾ اهڙي قسم جي کوهن جو رواج ڪو نه رهيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اهي ماڻهو جيڪي اهڙن کوهن جا شوقين هئا ۽ اهي ماڻهو جيڪي اهڙا نفيس کوهه تعمير ڪندا هئا، يا ته صفحهءِ هستيءَ تان مٽجي ۽ ميسارجي ويا، يا لڏپلاڻ ڪري هليا ويا، يا وري انهن جا پونير زماني جي لاهن چاڙهن سبب يا ڌارين جي ظلم ۽ ڏاڍ سبب پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ هنرن کان محروم ٿي، هيٺاهين طبي جي حيثيت ۾ رهيا. مطلب ته کوهه، موهن جي دڙي جي امتيازي خصوصيت آهن؛ هزارين سال گذرڻ جي باوجود صحيح سلامت موجود آهن ۽ هڪ عجيب منظر پيش ڪري رهيا آهن. هر گهر ۾ کوهه ملي ٿو. ان کان سواءِ ڪيترين ئي جاين، سڙڪن ۽ گهٽين جي ڪنارن تي به کوهه ملن ٿا. ڪي ڪي کوهه ته مٿي تائين هليا وڃن ٿا. ٻيو ڀيرو شهر آباد ٿيو آهي، ته کوهن جي ڪنارن کي مٿي ڪيو ويو آهي. گهڻي قدر کوهه گول آهن ۽ ننڍي منهن وارا آهن. هڪ کوهه جو منهن ايترو ته ننڍو آهي، جو ان جو قطر فقط هڪ فوٽ ڏهه انچ آهي. ٻن ٽن جاين تي بيضوي منهن وارا کوهه به موجود آهن. سنڌ ۾ اهڙا بيضوي منهن وارا کوهه ٻين هنڌن تي به نظر آيا آهن. اهڙا کوهه اڳين زماني ۾ درٻيلو ۽ ٻٻرلوءِ ۾ به هئا.

موهن جي دڙي جي تازي کوٽائيءَ مان هڪ اهڙو منفرد نوعيت جو کوهه  به مليو آهي، جنهن جو منهن پپل جي پن جهڙو آهي. جيئن ته ان جاءِ تي بند ٻڌو ويو آهي، انهيءَ ڪري کوهه کي لٽي ڇڏيو ويو آهي. ان جون سرون ڪڍي ميوزم جي ٻاهران رکيون ويون آهن. آثار قديمه وارن جو چوڻ آهي، ته اهڙي قسم جو کوهه انهن ئي سرن سان ٻيهر اڏيو ويندو، پر خبر نه آهي ته ڪڏهن؟

انهن کوهن جي ڪري ممڪن آهي، ته ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ، ٻين شين سان گڏ ”کوهن“ جي ڪري به مشهور هجي، ڇاڪاڻ جو ايترن کوهن جو رواج دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ڪو نه رهيو آهي. مطلب ته سنڌ جي هڪ سڃاڻ ان جا کوهه به هوندي. انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو، ته دنيا ۾ موهن جي دڙي کي قديم زماني ۾ ”کوهن وارو شهر“ به سڏيو ويندو هجي. هونئن به اسان وٽ ”کوهارا“ ذات آهي، جنهن جو مطلب آهي”کوهه وارا“. ڪيترا ”کوهارا“ ته موهن جي دڙي جي ڀرسان وارن ڳوٺن ۾ رهن ٿا. پر ان جو مطلب هروڀرو اهو نه آهي، ته هي ڪي موهن جي دڙي وارا ماڻهو آهن. هي پاڻ کي ڪلهوڙا (عباسي) سڏائين ٿا. ذات جي اصل نسل کي ڇڏي اسان ايترو چئي سگهون ٿا، ته سنڌي زبان ۾ ”کوهه وارا“ مان ”کوهارا“ لفظ جوڙيو آهي ۽ هن وقت تائين موجود آهي.

قديم آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته عراق، ايران، يمن ۽ ٻين عرب ملڪن سان موهن جي دڙي جي ماڻهن جا تجارتي ۽ ثقافتي تعلقات رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ ايندا ويندا رهيا آهن. ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو جڏهن هتي آيا هوندا، ته هتي جي کوهن کان ضرور متاثر ٿي ويا هوندا. انهيءَ نسبت جي ڪري، ٿي سگهي ٿو ته موهن جي دڙي واري شهر يا سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ جي ترڪيب ۾ کوهن وارا سڏيندا هجن.

اصحاب الرس (کوهن وارا):

قرآن حڪيم ۾ هڪ قديم قوم کي ”اصحاب الرس“ سڏيو ويو آهي. سوره ”الفرقان“ ۽ ”ق“ ۾ ان قديم قوم جو نالو آيو آهي. سوره ”ق“ ۾ قديم ترين قومن عاد ۽ ثمود سان گڏ ”اصحاب الرس“ جو ذڪر به آيو آهي:

”کذبت قبلهم قوم نوح و اصحاب الرس وثمود و ه عاد و فرعون و اخوان لوطة ه و اصحاب الايکة و قوم تبع کل کذب الرسل فحق وعيد“ (ق. 11-14)

(ان کان اڳ ۾ نوح جي قوم ۽ کوهه وارن ثمود ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن، اصحاب ايڪة ۽ تبع جي قوم-انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ انهن تي عذاب لازم ٿيو) قرآن ڪريم ۾ ٻي هنڌ آيو آهي:

و قوم نوح لما کذبوا الرسل اغرقنٰهم و جعلنٰهم للناس آية و اعتدنا للظالمين عذابا اليما ه و ه عادا و ه ثمودا و اصحاب الرس و قرونا بين ذالک کثيرا (الفرقان. 36-38) (اهوئي حال نوح جي قوم جو ٿيو، جڏهن انهن رسولن کي ڪوڙو ڪيو. اسان انهن کي غرق ڪري ڇڏيو، ۽ دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ عبرت جو اهڃاڻ بنايو، ۽ انهن ظالمن لاءِ اسان هڪ دردناڪ عذاب مهيا ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح عاد، ثمود ۽ اصحاب الرس ۽ وچ واري زماني جا ڪيترائي ماڻهو تباهه ڪيا ويا. انهن مان هر هڪ قوم کي اسان (اڳين قومن جي تباهه ٿيڻ جا) مثال ڏئي سمجهايو ۽ آخرڪار هر هڪ کي غارت ڪري ڇڏيو.)

”رس“ جي معنيٰ عربي زبان ۾ کوهه، ٻٽو کوهه، پراڻو کوهه ۽ ڪچو کوهه آهي. ان کان سواءِ غار، کاڻ، اهڃاڻ ۽ منڍ يا شروعات کي به ”رس“ چيو ويندو آهي.

علامه يوسف علي پنهنجي قرآن شريف جي انگريزي ترجمي جي تفسيري حاشئي ۾ ”رس“ جي معنيٰ کوهه کان سواءِ  ”مئل ماڻهن جو مدفن“ به ڄاڻايو آهي. “مئن جو دڙو“ جي به اها ئي معنيٰ آهي. قرآن حڪيم جي سڀني مترجمن ۽ مفسرن ”رس“ جي معنيٰ ”کوهه“ ڄاڻائي آهي.

عاد ۽ ثمود قومن جي ويران ماڳن ۽ مڪانن جا اهڃاڻ ۽ آثار واضح صورت ۾ ملن ٿا. قرآن مجيد جي مفسرن، مورخن، محققن، سياحن ۽ آثار قديمه جي ماهرن ان تي تفصيل سان روشني وڌي آهي.

عاد، حضرت نوح جي قوم کان پوءِ ٻي قديم قوم آهي، جنهن تي الله تعاليٰ جو عذاب نازل ٿيو. انهن جو وطن ”احقاف“ جو علائقو هو. هينئر ”احقاف“ عربستان جي ريگستان جي ڏکڻ-اولهه واري حصي جو نالو آهي، جيڪو سوين ميلن تائين پکڙيل آهي. هي وسيع رڻ پٽ حجاز، يمن ۽ يمامه جي وچ ۾ آهي. عاد قوم هن علائقي ۾ اڀري، اسري ۽ ترقي ڪري اولهائين سامونڊي ڪناري، عمان، حضرموت ۽ عراق تائين پکڙجي وئي. هن قوم پنهنجي ترقي جي دور ۾ وڏن ٿنڀن واريون عمارتون تعمير ڪيون هيون. حضرت هود عليه السلام هن قوم ڏانهن نبي ڪري موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو ۽ غرور ۽ تڪبر جو مظاهرو ڪيو. آخر مٿن هولناڪ عذاب نازل ٿيو. اٺ ڏينهن ۽ ست راتيون اهڙي تيز هوا لڳي، جنهن هنن جي آباديءَ کي ناس ڪري ڇڏيو. حضرت هود ۽ سندس پوئلڳن کي الله تعاليٰ انهيءَ عذاب کان بچائي ورتو.

ثمود قوم به هڪ قديم قوم هئي، جنهن قوم عاد کان پوءِ وڏي ترقي ڪئي. هو جبلن کي ٽُڪي جايون ٺاهيندا هئا. انهن جا آثار به ملن ٿا. هيءَ قوم سرزمين عرب ۾ آباد هئي. مدائن صالح ۾ اڄ تائين انهن جي اڏيل عمارتن مان ڪجهه موجود آهن. حضرت صالح عليه السلام کي هن قوم ڏانهن نبي ڪري موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو. آخر مٿن الله تعاليٰ جو عذاب نازل ٿيو. البت الله تعاليٰ جا فرمانبردار ٻانها انهيءَ گرفت کان محفوظ رهيا.

قديم ترين قوم حضرت نوح جي قوم سان به اصحاب الرس جو نالو آيو آهي. دنيا جي هر ملڪ ۾ هڪ عظيم ۽ عالمگير طوفان جون روايتون موجود آهن. موجوده دور جي ماهرين آثار قديمه عراق جي سرزمين تي کوٽايون ڪري ثابت ڪيو آهي، ته ڪنهن زماني ۾ عظيم طوفان آيو هو ۽ هي علائقو ٻوڏ هيٺ اچي ويو هو. عراق جي مختلف قديم شهرن جي کوٽائين مان ڪيتريون ئي سميري پٽيون نڪتيون آهن، جن مان ڪجهه 1500 ق.م کان 2500 ق.م جي دور جون آهن. 3-1902ع ۾ جرمن آثار قديمه جي ماهرن موجوده ”فارا“ واري جاءِ جي کوٽائي ڪئي، جتي سميري دور ۾ ”شروڀڪ“ نالي شهر آباد هو. اتان جيڪي لکيل پٽيون نڪتيون، انهن تي انهيءَ وڏيءَ ٻوڏ جي ڪهاڻي لکيل آهي. ”اشوربني پال“ جي لائبريريءَ مان جيڪي پٽيون نڪتيون آهن، انهن تي به هڪ رزميه لکيل آهي، جنهن ۾ هيءُ وڏو واقعو بيان ٿيل آهي. انگلينڊ جي محڪمه آثار قديمه جي سابق ڊائريڪٽر جنرل سر ليونارڊ وولي پنهنجي ڪتاب (”ار“ ۾ کوٽايون) ۾ هن عظيم ٻوڏ بابت لکيو آهي:

”اسان ثابت ڪري چڪا آهيون، ته طوفان واقعي آيو هو، انهيءَ ڪري انهيءَ چوڻ جي ضرورت نه آهي، ته هي فقط سميري حڪمرانن جي فهرست ۾ شامل هڪ داستان آهي، يا سميرين جي من گهڙت ڪهاڻي آهي، يا بائيبل ۾ بيان ٿيل هڪ روايت وارو طوفان آهي.“

مطلب هي آهي ته مٿي قرآن حڪيم جي سورتن ۾ جن قديم قومن جا نالا آيا آهن، انهن مان حضرت نوح جي قوم، عاد ۽ ثمود جا قديم آثار ۽ اهڃاڻ موجود آهن ۽ عالمن، ماهرن ۽ مفسرن انهن جي نشاندهي ڪئي آهي. البت ”اصحاب الرس“ بابت عالم ۽ مفسر ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق نه آهن. ڪن جو چوڻ آهي، ته هيءَ هڪ قديم قوم هئي، جيڪا تباهه ٿي وئي. ڪن جو چوڻ آهي، ته هن قوم جو شهر ”يمامه“ جي علائقي ۾ هو. هي ماڻهو ثمود قوم جو ڪو قبيلو هو. موجوده نقشي ۾ هي هنڌ وادي رُمه جي علائقي ۾ آهي. اصحاب الرس کي ثمود قوم جو قبيلو يا انهن جا پونير مڃڻ صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو قرآن مجيد ۾ عاد ۽ ثمود قوم سان گڏ اصحاب الرس جو نالو به آيو آهي ۽ ان مان ائين ٿو ظاهر ٿئي، ته هيءَ قوم عاد ۽ ثمود کان جدا ٻي قوم هئي.

اصحاب الرس بابت جيڪي روايتون ملن ٿيون، اهي به جدا جدا نوعيت جون آهن. انهن مان ڪن ۾ وڌاءُ معلوم ٿئي ٿو ۽ ڪي روايتون روايت جي ڪسوٽيءَ تي پوريون ڪو نه ٿيون بيهن. انهن مان هيٺيون ڳالهيون البت ڌيان ڇڪائين ٿيون:

اصحاب الرس مان مراد آهي، کوهه وارا ماڻهو.

هن قوم ڏانهن نبي موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو. نه فقط ايترو، پر هن نبيءَ کي کوهه ۾ وجهي مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏيو.

هي ماڻهو صنوبر جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا.

هڪ ڪاري رنگ جي ماڻهوءَ انهيءَ نبيءَ تي ايمان آندو هو. هو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، انهن جي ملهه مان ماني وٺي ايندو هو ۽ کوهه جو ڍڪ لاهي، نبيءَ کي ماني کارائيندو هو.

هي ماڻهو پهريائين الله کي هڪ ڪري مڃيندا هئا ۽ نيڪيءَ جي راهه تي هئا، پر پوءِ منجهن بي راهه روي آئي. الله جي ذات سان شرڪ ڪرڻ لڳا ۽ الله جي حڪمن جا نافرمان ٿي پيا. هو الله جي موڪليل نبيءَ جي چئي تي نه هليا ۽ ان کي تڪليفون ڏنائون. آخر مٿن عذاب نازل ٿيو.

مٿين ڳالهين کي خيال ۾ رکي، جڏهن موهن جي دڙي جي آثارن ۽ اهڃاڻن تي نظر وجهجي ٿي، ته ائين ڀانئجي ته اصحاب الرس وارا اهي ”موهن جي دڙي“ وارا ئي ماڻهو آهن. اهو جائزو ڪجهه هن طرح پيش ڪري سگهجي ٿو:

کوهن جي لحاّظ کان سڄي دنيا ۾ موهن جو دڙو امتيازي خصوصيت رکي ٿو ۽ کوهه موهن جي دڙي جي سڃاڻ آهن.

اهڙا کوهه جيڪي سولائيءَ سان ڍڪي سگهجن ٿا، اهي موهن جي دڙي ۾ ئي آهن.

پپل جو پن، صنوبر جي پن جهڙو آهي، فقط تمام هلڪو فرق آهي. پپل جي پن کي ڏانڊيءَ وٽ چگهه ٿئي ٿو ۽ صنوبر جي پن ۾ ڏانڊيءَ وٽ سڌو سنئون آهي. باقي شڪل شبيهه ۾ هڪجهڙا آهن. موهن جي دڙي جي آثارن مان صاف ثابت ٿئي ٿو ته هي ماڻهو پپل جي پوڄا ڪندا هئا، ايتري قدر جو کوهه جو منهن پپل جي پن جهڙو ٺاهيو هئائون، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. انهيءَ لحاظ کان ٿي سگهي ٿو ته پپل جي وڻ جي بدران روايت ۾ صنوبر جو نالو آيو هجي. 

نبيءَ تي جنهن ماڻهو ايمان آندو هو، اهو ڪاري رنگ جو ٻڌايو ويو آهي. موهن جي دڙي ۾ جيڪي دراوڙ نسل جا ماڻهو هئا، اهي به ڪاري رنگ جا هئا.

دنيا جي تهذيبن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن به ماڻهن مادي ترقي ڪئي آهي، ته انهن ۾ تن آساني، عياشي ۽ بي راهه روي پيدا ٿي آهي. نتيجي ۾ اها تهذيب زوال پذير ٿيندي ٿيندي، ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ختم ٿي آهي. موهن جي دڙي جا آثار ۽ اهڃاڻ به اهوئي ڪجهه ٻڌائين ٿا. معلوم ائين ٿو ٿئي، ته تمام قديم زماني ۾ هو هڪ خدا جي پوڄا ڪندا هئا. مولانا ابو الڪلام آزاد پنهنجي تفسير ”ام الڪتاب“ ۾ به موهن جي دڙي جي قديم ترين ماڻهن لاءِ اهڙو رايو ظاهر ڪيو آهي. بعد ۾ هنن ۾ بت پرستي  ۽ وڻ-پوڄا آئي آهي. مادي ترقيءَ سبب منجهن جيڪا عياشي ۽ بي راهه روي پيدا ٿي هئي، ان جا آثار ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا.

اهڙين حالتن ۾ الله تعاليٰ ماڻهن جي هدايت ۽ رهنمائي لاءِ نبي يا رسول موڪليا آهن؛ اهي ڪنهن هڪ خطي يا ڪنهن هڪ زماني تائين محدود نه هئا؛ پر هر خطي ۽ هر زماني ۾ ايندا رهيا. آخر نبي ڪريم ﷴ مصطفيٰ ﷺ تي اهو سلسلو ختم ٿيو. پاڻ سڳورا آخري نبي آهن ۽ هر زماني ۾ هر ملڪ لاءِ آهن. کانئن پوءِ ڪو به نبي يا رسول اچڻو نه آهي.

        ٿي سگهي ٿو، الله تعاليٰ پنهنجي انهيءَ سنت موجب موهن جي دڙي قوم ڏانهن به نبي موڪليو هجي ۽ انهن ان جو انڪار ڪري، ان کي کوهه ۾ وجهي، ان جي مٿان ڍڪ ڏئي ڇڏيو هجي.

6- جيڪڏهن ”رس“ جي معنيٰ ”مري ويلن جو مدفن“ وٺجي ٿي، ته اها به موئن جي دڙي جي معنيٰ سان ٺهڪي اچي ٿي. ”موئن جو دڙو“ جي معنيٰ به اهائي آهي، يعني مري ويل ماڻهن جو دڙو.

7- مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي پنهنجي ڪتاب قصص القرآن جلد سوم ۾ اصحاب الرس بابت آيل روايتن جو جائزو وٺندي، ان جي قدامت جو يقين ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ”هي قوم حضرت عيسيٰ کان ته اڳ جي آهي، پر قديم العهد جي قوم آهي.“ (ص 103).

دنيا ۾ موهن جي دڙي جا آثار به قديم ترين دور جا چيا وڃن ٿا. انهن مڙني ڳالهين جي مدنظر هي رايو به ٿي سگهي ٿو، ته ”اصحاب الرس“ مان مراد موهن جي دڙي وارا ماڻهو هجن. هي هڪ اندازو آهي، وڌيڪ الله کي علم آهي. مفسرن، سياحن، راوين ۽ مورخن جو ڌيان سنڌ ڏانهن ۽ موهن جي دڙي ڏانهن انهيءَ ڪري نه ويو آهي، جو هنن هن قوم جا ماڳ ۽ مڪان به حضرت نوح جي قوم، عاد ۽ ثمود وانگر عراق، حجاز، يمن ۽ عربستان جي ٻين علائقن ۾ پئي ڳوليا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هو هن قوم جو ماڳ تعين ڪري نه سگهيا آهن. ان کان سوا موهن جي دڙي جا آثار ۽ اهڃاڻ به ويهين صديءَ کان اڳ دڙي هيٺ  دفن هئا؛ ۽ انهن جي اهميت جي ڪنهن کي به ڪَل ڪانه هئي.

موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو؟

        موهن جي دڙي جي نالي بابت به اختلاف راءِ آهي. ڪي ان کي ”موهن جو دڙو، ڪي ”موئن جو دڙو“، ڪي ”مهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مُهين جو دڙو“ چون ٿا. بهرحال آريائي مذهب جي پيشوا ”موهن“ سان هن جي ڪا به نسبت ڪانهي، ڇاڪاڻ جو ”موهن جو دڙو“ آريائي دور کان اڳ جو آهي.

        سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ ”مهن“ جي معنيٰ آهي: ”ولوڙو“. دراوڙي ٻوليءَ ۾ ”ما“ جي معنيٰ آهي؛ زمين جو ٽڪرو، يا آبادي“. ”هن“        جي معنيٰ آهي مارڻ، ڪهڻ، ماريندڙ، ڪهندڙ، موت، ڪوس. ڏکڻ هندستان جي دراوڙي علائقي جي سوني سڪي جو نالو به ”هن“ آهي. انهيءَ لحاظ کان ”ماهن“ يا ”موهن“ جي معنيٰ ”ڪوس جي جاءِ“ به ٿي سگهي ٿي، ته ”دولتمند شهر“ به ٿي سگهي ٿو. ٻئي معنائون موهن جي دڙي سان ٺهڪي اچن ٿيون. يعني موهن/ماهون/مهن ۾ عربي لفظ ”رس“ جي ٻي معنيٰ ۾ سمايل آهي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي.

ENGLISH:

1. The Holy Quran. Text, Translation and Commentary: A. Yousuf ali

2. Arabic-English Dictionary. Sang-e-Meel Publishers, Lahore, 1979.

3. The Bible, The Quran and Science: Maurice Bucaile, (English Translation).

4. Early Indus Civilization-Earnest Mackay, Landon, 1948.

5. Five Thousand Years of Pakistan, Sir Mortimer Wheeler, London, 1950.

6. Mohen-jo-Daro and the Indus civilization, sir john Marshall, 3 Vols: London, 1931.

7. Excavations at Harapa: Madho Sarup, Culcutta, 1940.

8. Explorations in sind: N. C. Mujamdar, Reprint Karachi 1981.

9. The Indus Civilizations: M. Wheeler, U. K. 1979.

10. Harapan Civilizations: Edited by Gregory L. Posschl. Oxford and IBH Publishing Co: New Delhi, 1982.

11. A History of summer and Akkad: Leonard W. King, London, 1910.

12, History of Babylon: Leonard W.King, London. 1915

13. Sumerian Literature and the Bible: S.N. Kramer, 1959.

14. Ancient Mesopotamia: Al oppentiem, Chicago, 1964.

15. Ancient Semitic Civilization: S. Morcati, New York, 1960.

16. Encyclopeadia Bratinicca.

17. Twin Rivers: Seaton Lyod, London, 1947.

18. The Decline and Fall of Roma Empire, Edward Gibbon.

19. The Wonder that was India: A. L. Basham, London 1985.

21. قرآن مجيد، سنڌي ترجمو: مولانا تاج محمود امروٽي.

22. قرآن حڪيم: ترجمو ۽ تفسير مولانا عبدالماجد دريا آبادي، تاج ڪمپني ڪراچي 1952ع.

23. تفهيم القرآن: تفسير قرآن مجيد: مولانا ابوالاعليٰ مودودي، جلد سوم، مڪتبه تعمير انسانيت لاهور، طبع هفتم 1947ع.

24. معارف القران: تفسير قرآن ڪريم، مولانا مفتي محمد شفيع، اداره المعارف، ڪراچي، 1983ع.

25. قصص القرآن: مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، جلد سوم، ناشران قرآن لاهور.

26. مصباح اللغات، عربي-اردو لغت، مولانا عبدالحفيظ، ڪراچي.

27. اُم الڪتاب: مولانا ابوالڪلام آزاد، شعاع ادب لاهور، 1962ع.

28. واديءِ سنڌ ڪي تهذيب: محمد ادريس صديقي، محڪمه آثار قديمه پاڪستان، 1959ع.

29. ارض القرآن: مولانا سيد سليمان ندوي، جلد اول، اعظم ڳڙهه، 1955ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org