سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: موهن جو دڙو

باب:

صفحو: 14

آصف رضا موريو

قديم سنڌي ڪاريگر

سينگار جا اولين خالق:

شروع کان وٺي پنهنجو پاڻ کي سنوارڻ انسان ذات جي اولين خواهش رهي آهي، پنهنجي ارتقائي دور ۾ به اهي پاڻ کي ٺهيل ٺڪيل فطرتي ۽ قدرتي نمونن جيئن سُڪل گاهه، ٻوٽن ۽ وڻن جي پنن، ڇوڏن، جانورن جي هڏن، نهن، کلن، پکين جي کنڀن، سپين، گهنگهن، پٿرن ۽ مختلف رنگن جي ٻجن وغيره سان سجائيندا هيا. ارتقا جي انهيءَ سفر ۾ کوڙ ساري عرصي کان پوءِ حضرت انسان پنهنجي اڳوڻي سينگار جي سامان جهڙيون شيون ڪاٺين، هڏن ۽ پٿرن مان ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ وقت جي رٿ تي سوار انساني ذهن اڃا اڳتي هلي سون، چاندي سان گڏ ٽامي ۽ ٻين ڌاتن مان ان جهڙا ئي زيورات ٺاهڻ شروع ڪيا، جهڙا هن جا ابا ڏاڏا پهريندا هئا.

جنهن وقت مهين جي دڙي وارو هي شهر پنهنجي عروج تي هيو ته اتان جا باشندا ارتقائي هنرمندي جون منزلون لتاڙيندي سون، چاندي، پتل، بنگار سان گڏ عاج گري، رتن جوتي، جواهر سازي ۽ هر قسم جي آرائشي ڪرت ۽ ڪاريگر کي به ڪمال تي رسايو.

مهين جي دڙي مان هٿ آيل ساز و سامان جي هنرمندي کي ويجهڙائي اسان پرکڻ مان انهن ڏاهن ڪاريگرن متعلق سولائي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٺاهڻ ۽ واپرائڻ وارا سماجي طور تي ڪيڏو نه سائنسي مزاج رکندڙ هوندا. شهري آباديون ڏيک، نماءَ ۽ خوش پوشاڪي ۾ گهڻيون سجاڳ هيون. ان لاءِ ئي سنڌي هنرمند، آبادي جي ضرورتن پٽاندڙ نئين کان نوان نقشا ۽ سينگار جو سامان جوڙيندا رهندا هيا.

هنر جا مخصوص نمونا شهر جي مختلف طبقن جي نمائندگي ڪرڻ سان سماجي گروهه کي ٻئي سماجي ٽولي سان ڳنڍيندا ۽ جدا جدا پڻ ڪندا هيا. يعني مختلف سامان سان آبادي جي طبقن جي درجه بندي ڪئي ويندي هئي. اهڙي طرح سنڌي مذهب ۽ تهذيب جون علامتون ٺڪر جي سامان، سينگار ۽ روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين تي چٽيون ۽ اُڪريون وينديون هيون ته جيئن معاشري جي مختلف گروهن سان گڏ شهري ۽ ڏورانهين (ڳوٺاڻي) آبادين وچ ۾ ڳانڍاپو قائم رکيو وڃي. شناختي علامتن، شڪلين ۽ نمونن جي نئين سر پيداواري ۽ مختلف خام مال جو استعمال آبادي جي مختلف گروهن کي هڪ ئي تهذيب ۽ عقيدي ۾ پروئڻ ۾ به مددگار ٿيندو هيو. هتي مختلف هنرن ۽ اڻ لڀ سامگري سان حاڪم طبقي يا نوابي گهراڻن لاءِ پهرڻ سجائڻ جا خوبصورت شهڪار جوڙيا ويندا هئا.

سنڌوماٿر جي هن شهر جي جواني واري عرصي دوران مذهبي ۽ سياسي رتبي جي ڏيکاءَ ۽ سڃاڻپ لاءِ دلچسپ شيون ٺاهڻ جي ڊوڙ ڪيترين ئي نين ڪاريگرين ۽ هنرن کي جنم ڏنو، جيئن سائي رنگ جي پٿر جي ٻُڙن کي رڱڻ جو هنر، مختلف پٿرن ۽ هڏن مان ڪڙا ڪولابا ٺاهڻ. جڏهن ته پراڻين حرفتن ۾ نوان نوان لاڙا متعارف ڪرايا ويندا رهيا. فيانسي جي هنر کي وڌيڪ ڪارائتو ۽ بهتر بڻايو ويو. ڪُٽِ جي پيداوار ۾ نوان طور طريقا منظرِ عام تي آيا. اهي ترقي يافته ساز و سامان سنڌو ماٿري جي پري پري تائين پکڙيل سمورن علائقن تائين تجارت خاطر اماڻيا ويندا هئا.

هتان هٿ آيل خوبصورت زيور چمڪندڙ ڪُٽِ ۽ فيانسي جون شيون، مختلف هٿرادو مرڪب قيمتي ۽ عام پٿرن تي ٿيل اڪري ۽ تراشي جو ڪم ڪار، ڪاريگري ۽ مهارت سان ٺاهيو ويندو هيو. تن جو معيار ڏسندڙن کي اچرج ۾ وجهيو ڇڏي. ڇو ته اهڙي جوڙجڪ ۽ خوبصورتي اڄڪلهه جي ساِئنسي دور، ۾ بيهارڻ به ڏکي پئي لڳي. هزارين سالن جي جفاڪش پورهين کان پوءِ سنڌي ڪاريگرن جيڪي هنر مندي جو اٽڪلون جوڙيون سي ڪٿي ڪٿي ايتريون ته سڌريل لڳن ٿيون جو اهي پنهنجي جوڙجڪ جي طور طريقن کي لڪائي پيون ڇڏين. جنهن سان ان سلسلي ۾ سنڌي ڪاريگري جي پروڙ ۽ پڙهائي مڪمل ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي.

مڻيا ٺاهڻ انساني حرفت ۾ تمام پراڻو فن آهي. هتي خوبصورت مڻيا يا مڻين جهڙا سينگار جا سامان پٿر، گهونگهي، هڏن، پڪل مٽي، فيروزن ۽ نيري رنگ جي پٿر لاجورد مان ٺاهيا ويندا هئا. هر مڻيو جيڪو آرائشي ۽ نمائشي شين ۾ استعمال ٿيندو هيو سو پنهنجو پاڻ ۾ هنر جو ڀنڊار آهي. سخت پٿر جيئن عقيق ۽ سنگ يشم (پکراج جو قسم) به مڻيا ٺاهڻ لاءِ ڪتب آندا ويندا هئا. انهن ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ سخت ترين ٽامو، پٿر جا ٺهيل برما استعمال ڪيا ويندا هئا. مختلف قيمتي رنگدار پٿرن مان به ٺاهيا ويندا آهن جن مان ڪجهه پٿر اڄ به قيمتي ۽ نيم قيمتي جواهر، رتنن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.

مڻيا ٺاهيندڙ سنڌي ڪاريگرن، گلابي رنگن جي قيمتي پٿرن کي گرمائش ڏئي سندن رنگ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي نئين اٽڪل ايجاد ڪئي، ان کان علاوه جواهرن جا قدرتي خاڪا ۽ رنگ اجاگر ڪرڻ ۾ به اهي ماهر هئا. عقيقن جي افقي ۽ عمودي پٽن مان وڏي مهارت سان مڻيا ٺهيا ويندا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن مختلف رنگن جي گهونگهن ۽ پٿرن مان انهن جا نقل پڻ تيار ڪيا ويندا هئا.

چيڪي مٽي، پڪي ٺڪر کان وٺي پٿرن سان ٺهيل سينگار جو سامان، سون چاندي ۽ عاج وغيره سان ٺهيل مختلف ڪڙا ڪولابا ۽ ڪيترن ئي نون مصالحن سان تيار ٿيل شيون سنڌي تهذيب جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادين ۾ مرد، عورتون، توڙي ٻار وڏي ذوق سان پهريندا هئا. هتان هٿ آيل ڪولابن جا طريقا ۽ نمونا پڻ ٻڌائن ٿا ته ڪيئن انهن وسيلي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ جاتن کي گڏ ۽ الڳ الڳ ڪيو ويندو هيو. ڪولابا يا ڪڙا اڪثر ڪري ٻانهن ۾ پاتا ويندا هئا. ٽي يا چار عموماً ڪرائي وٽ ۽ ٻه يا وڌيڪ ٺونٺ کان مٿي، جڏهن ته ٻنهي ٻانهن ۾ هڪ جيترا ڪڙا پهريا ويندا هئا.

ڌات جي ڪڙن کي اڪثر ڪري ٻه طرف کلندڙ ڪنارا هوندا هيا، جن کي زور سان کولي ڪرائي ۾ سولائي سان پائي وري زور ڏئي ڪنارن جا ٻئي ڇيڙا برابر ڪيا ويندا هئا. ڪوڏين ۽ گهونگهن جا ڪڙا بظاهر علامتن طور استعمال ڪيا ويندا هئا، پر انهن ڪڙن جي محدود دريافت ظاهر ڪري ٿي ته اهي سماج جي سڀني فردن لاءِ موجود نه هوندا هئا.

سون جو چڙو عورتن ۽ مردن لاءِ وارن ۾ لڳائڻ جو عام زيور لڳي ٿو. هڪ چڙو پاڻي جي ڦڙي جهڙو جنهن ۾ هڪ سائو رتن سون ۾ فريم ٿيل آهي ان کي ٻاهران ڊگهي نالي آهي. ڪاري ڊانمبر جا نشان ڌيان ڇڪرائن ٿا ته ڪڏهن ان کي ٻي ڪنهن شيءِ جي جڙت به هوندي، ممڪن آهي ته ننڍڙا مڻيا هجن، ان کي ڳچيءَ جي هار ۾ پويو ويندو هجي يا سينڌ تي ٽڪي وانگر، ڇو ته وچ نرڙ تي ٽڪي جهڙي شين جي استعمال جون ڪيتريون ئي نشانيون ملن ٿيون. اها ٽڪي جهڙي شيءِ اڪثر ڪري سون ۽ چاندي جي ٺهيل هوندي هئي. هتان هٿ آيل هڪ هار کي لڙڪندڙ مڻيا نيري فيئانسي، اڇي ياقوت ۽ سون سان ٺهيل آهن. هڪ ٻئي هار ۾ سخت ڪاغذ جهڙي سون جي ٽڪرن تي مڻيا جڙيل آهن. هڪ سوني هار کي مڻين جون ڇهه لڙيون آهن. هڪ ٻئي هار کي هلال، وٿيون ڪندڙ تان سان اندران پونرا سونا مڻيا آهن ۽ پيپ (بندوق جي نالي جهڙي) ساخت جو سائو رتن ڊگهي سنگ يِشم جي لڙڪندڙ ياقوتي مڻين سان ٻڌل آهي، سون جي سنهي تار سان ٻڌل آهن.

دڙي جي کوٽائي مان هٿ آيل پتل يا ٺڪر جي موتين تي ٺهيل زيورن ۽ وارن جو نمونو، انداز و اطورا ڏسي سولائي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ماڻهن وٽ ان وقت به ٺاهه ٺوهه ۽ سونهن سينگار جو معيار ڪيڏو ته اونچو هيو، ڇو ته اتان هٿ آيل سڀني مورتين کي هار، چوڙيون، هسڻيون، ڪولابا ۽ والا وغيره پاتل ڏيکاريل آهن. ڪيترين ئي عورتن جون مورتيون ۽ مجسما اگهاڙا پر زيورات سان ڀريل ۽ وارن جي مخصوص اسٽائل سان مليا آهن. هتان هٿ آيل رقاصه ڇوڪري جي مجسمي جو ئي مثال وٺو جيڪو آهي ته اگهاڙو پر هن جي ڳلي ۾ ڊگهو ايتري مقدار ۾ پهريل آهن جو سندس اوگهڙ ڍڪجي وئي آهي. سندس انداز سحر انگيز ۽ شوخي ٻين تهذيبن جي دريافتن کان مختلف آهي. اهڙي طرح ٻيا هٿ آيل مجسما به جوڙن، سربندن، ڳورين چوڙين، هارن، والن ۽ مختلف زيورن سان پوري طرح آراسته مليا آهن، ديويون گهڻو ڪري ننڍڙو چولو پائينديون هيون، جڏهن ته پوڄاري عورتون گوڏن کان هيٺ تائين ڊگها لباس پهرينديون هيون. عام عورتون به پنهنجو پاڻ کي گهڻو سجائينديون هيون. هنن وٽ مختلف قسم جا جوڙا ٺاهڻ جون ترڪيبون عام استعمال هيٺ هيون، ته وار گهنڊيدار ڪرڻ جي طريقن کان به واقف هيون. سونهن لاءِ زيورن ۽ ڪپڙن جو نماءُ عورتن سان گڏ مردن ۾ به سرس پيو لڳي، هتان هٿ آيل پروهت جي مجسمي جي ٻنهي ڪلهن ۽ ڇاتيءَ تي اجرڪ جهڙي چادر پاتل آهي. جنهن تي ڪپهه جي داڻن يا ڦٽين جهڙو ڀرت ڀريل لڳي ٿو، سندس پيشاني ۽ ٻانهن تي گول تعويذ جهڙو گول زيرو به نمائشي ٻڌايو وڃي ٿو. سندس وارن کي سليقي سان وچان سينڌ آهي ۽ ڏاڙهي جا خط به ورتل ظاهر ٿين ٿا.

ان کان علاوه ڪيترائي ٻيا مختلف نمونن جا هار، سنڌي ڪاريگرن جي مهارتي لياقت کي ظاهر ڪن ٿا. اهي قيمتي شيون ظاهر ڪن ٿيون ته هن تباهه ٿيل شهر جا باشندا پنهنجي آرائش، سينگار ۽ نماءَ متلق باشعور ۽ خبردار رهيا هوندا.

سنڌي زيورات هتان جي باشندن ۽ نوابي گهراڻن جي هنري قدرن ۽ هنرمندن جي ڪاريگري حاصلات جا پرتو آهن جيڪي قيمتي جواهرن ۽ ڌاتن تي ڪم ڪندا هئا. انتظامي ۽ سياسي وارثن جا والي پنهنجي مان ۽ مرتبي جي حساب سان مهرن، زيورات ۽ ٻيو قيمتي سامان پهريندي شهر جي نمايان علائقن ۽ صاف عمارتن ۾ رهندا هوندا.

جڏهن ته روايتي راڄن ۾ فيشن رڳو نماءُ نه پر سماجي ڌڙن جي چڱي طرح وهنوار لاءِ به ضروري هوندو هئو. قيمتي پٿر ۽ ڌات اڪثر ڪري فيشن طور استعمال ٿيندا هئا، جن تي اهم رسمون، تهوار ۽ علامتي نشانيون اڪريون وينديون هيون. جيڪي پهريندڙ کي تحفظ ڏيڻ يا ان جي سماجي ۽ اقتصادي سڃاڻپ ڪنديون هيون ۽ ان صورت ۾ قيمتي شيون وٺي امير گهراڻا پنهنجي دولت جو ذخيرو پڻ ڪندا هيا. سينگار جي سامان جي معياري خاڪن ۽ نمونن سان سماجي ۽ مذهبي معنائون پڻ منسلڪ هونديون هيون ان لاءِ اهي گهڻي ئي عرصي لاءِ قابل تقليد ۽ پائدار هوندا هئا.

جيئن ته مروجه سينگارن لاءِ زيوارت لازمي جز هوندا هئا. ان لاءِ زيوارت جا سستا نقل ۽ نمونا به آساني سان ملي ويندا هئا. اصلي ۽ قيمتي پٿرن جي نقل ٿيل زيورن جو نماءُ به اصلي زيورن جيان ئي ڪيو ويندو هيو ڇو ته اڄڪلهه جيان ان وقت به رڳو خوشحال طبقو ئي سون ۽ قيمتي جوهرن جي استعمال جو اهل هوندو هيو.

زيورن جو نماءَ لاءِ استعمال ايترو ئي پراڻو آهي جيتري بذات خود تهذيب. سنڌو ماٿري ۾ هن سونارڪي ڪم ۽ ڪسبي زيورات سازي جي ڪاريگري صدين کان ترقي ڪندي رهي آهي. سنڌي زيورن جو هن تهذيب جي تباهه شده شهرن مان لڀڻ ان ڳالهه جي ثبوت لاءِ ڪافي آهي جيڪو اسان جي گم ٿيل ماضي جو ورثو آهي.

قديم سنڌي زيورن جي ڪاريگري، گهڙت، خوبصورتي ۽ پائيداري اڄ به نه رڳو ڏسندڙ کي حيران ڪريو ڇڏي پر پنهنجي هنرمند خالقن جي مهارت جي ضامن هجڻ سان گڏ استعمال ڪندڙ جي خوش ذوقي جي شاهدي پڻ ڏئي ٿي.

 

جمناداس اختر

قديم سنڌ ۽ ان جا رابطا

برصغير ۾ تامل ناڊو ۾ رهڻ وارن دراوڙن، گجرات جي واپارين ۽ سنڌ جي واپارين، آرٽسٽن ۽ جهاز رانن تاريخ کان اڳ جي زماني ۽ ان کان پوءِ سوين هزارين ميل پري پنهنجي عظمت جو ثبوت ڏنو. ڪجهه مؤرخن جو ته ايتري تائين چوڻ آهي ته هڙاپا ۽ موهن جو دڙو جا رهاڪو دراوڙ نسل جا هئا. اصليت ڇا به هجي اڃا تائين ڪجهه به واضح نه آهي. زمين پنهنجا لڪل راز آهستي آهستي ٻاهر اوڳاڇي رهي آهي ۽ نوان نوان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. ڳچ سال اڳ تائين ائين سمجهيو ويندو هيو ته اسرائيل ۾ ”جيري چو“ دنيا جو سڀ کان آڳاٽو خطو هيو پر هينئر اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ڪوئٽه جي ويجهو موجود مهر ڳڙهه سڀ کان پهريان ذڪر ڪيل قصبي جو همعصر هيو. يعني ان جو بنياد اڄ کان لڳ ڀڳ 9 هزار سال پهريان رکيو ويو هو ۽ مهر ڳڙهه جي تمدن ئي ارتقائي منزلون طئي ڪندي موهن جو دڙو ۽ هڙپا جي تمدن جو روپ ڌاريو. اهڙي ريت ڪجهه سال اڳ تائين هي ڄاتو ويندو هو ته موهن جو دڙو ۽ هڙپا جي سلطنت جي ايراضي چاليهه هزار چورس ميل هئي پر هاڻي ڀارت ۾ مڌيا پرديش ۾ انهيءَ تمدن جو هڪ قصبو ڳولهڻ کان پوءِ هي نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته هيءَ سلطنت گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ لک چورس ميلن جي ايراضي جي لڳ ڀڳ موجود آهي. ان جو مطلب آهي ته هي سلطنت جنهن جو بنياد قديم سنڌ جي سپوتن رکيو هيو ڪنهن وقت ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ مهذب سلطنت هئي.

اڄ جنهن جڳهه تي موهن جي دڙي جو هوائي اڏو ۽ ان جي سامهون سرڪاري عمارتون ٺهيل آهن. انهن جو بنياد کوٽڻ وقت اتان به موهن جو دڙو جي تمدن سان تعلق رکندڙ شيون مليون هيون، ان جو مطلب آهي ته هي علائقو چار ديواري کان ٻاهر هيو. ان کي موهن جو دڙو جي ٻاهرين وستي چيو ويندو آهي. موهن جو دڙو جي سڀ کان وڏي عمارت يعني ٻڌ اسٽوپا جي هيٺان يقيناً يا ته پنج هزار سال پهريان جي ڪا عبادت گاهه (پرستش گاه) دفن ٿيل آهي يا عين ممڪن آهي ته مصر جي تلي امرنا وانگر سرڪاري دستاويزن جو ذخيرو ملي. ان جڳهه کي ڏسندي معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن وقت شهر جو هڪ حصو سنڌو درياهه ۾ ٻڏي ويو هو.

جيتوڻيڪ هتي هن وقت تائين سميري طرز جي ڪائي ڊڪشنري يا ڪتاب نه مليوآهي پر ڇا لاءِ ته اڃا شهر جي وڏي حصي جي کوٽائي ناهي ٿي تنهنڪري عين ممڪن آهي ته اهڙا دستاويز ملي وڃن جن مان قديم سنڌين جي زبان جو پتو پئجي سگهي. فادر هيراس، فن لينڊ ۽ روس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي تامل زبان ڳالهائيندڙ هئا، جڏهن ته مسٽر رائو جي دعويٰ آهي ته اهي ماڻهو سنسڪرت زبان ڳالهائيندڙ هئا، پر قطعي طور تي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. بروهڪي زبان ۾ تامل زبان جي ڪجهه لفظن جي موجودگي مان ڪجهه ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته بروهي دراصل قديم سنڌين جي رهيل کهيل نشاني آهن. اهڙي طرح ڪجهه ماهرن موهن جو دڙو ۽ عراق جي تجارتي رابطن جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته قديم عراقي سميري جا ڪيترائي لفظ دراصل پنج هزار سال پهريان جي سنڌين جي تامل زبان مان ورتا ويا آهن.

قديم عراق، سمير، شام قبرص، ايشاءِ ڪوچڪ، وسط ايشيا، يونان ۽ خليج جي رياستن ۾ جيڪي کوٽائيون ٿيون آهن انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم سنڌ جا واپاري خشڪي ۽ سمنڊ جي رستن جو استعمال ڪندي انهن ملڪن سان واپار ڪندا هئا. دجلا ۽ فرات جي ڪنارن جي ويجهو شمرا، فرت جي قريب ”باغوت“ نالي هڪ جاءِ تي ۽ نينوا ۾ چار هزار سال اڳ جا ٽي ٿانوَ مليا آهن جن تي مورن جون تصويرون آهن انهن مان چار مور وات ۾ ڦريون جهلي بيٺا آهن ۽ وچ ۾ ”سواستيڪا“ جو نشان ٺهيل آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جي بيان جي مطابق مور برصغير جو پکي آهي. ان جو مطلب ته ڇهه هزار سال پهريان سنڌ جا متمدن تاجر مغربي ايشيا ۾ ٻين شين کان علاوه مور به برآمد ڪندا هئا. انجيل (Kings x 72, IX 76)  مطابق حضرت سليمان عه پنهنجا تجارتي جهاز موڪلي ”اوخير“ مان هاٿي جا ڏند، باندر، مور ۽ ٻيون شيون گهرايون.

هاٿي جي ڏند، باندر ۽ مور جا عبراني نالا تامل ۽ سنسڪرت جي نالن سان ملندڙ جلندڙ آهن. عبراني زبان ۾ هڪ ڪپڙي جو نالو سادين (Sadin)  آهي عربي ۾ ان کي ساتن ۽ يونان ۾ سنڌون چوندا آهن، دراصل سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جو نالو آهي. اسيريا جا حڪمران –CENNO CHERIB (704 کان 681 قبل مسيح) اسيريا ۾ سنڌي ڪپهه جي پوک شروع ڪرائي هئي. اسيريا جا حڪمران اسر بني پالي (668 کان 277 قبل مسيح) جي لائبرري منجهان هڪ ڪتبو مليو آهي جنهن تي لفظ ”سينٿو“(Sinthu)  لکيل آهي. ان جو مطلب آهي ته سنڌو جو سوٽي ڪپڙو اسيريا ۾ سپلاءِ ڪيو ويندو هو. عبراني زبان ۾ ڪپهه جي لاءِ ”ڪريس“ جو لفظ ۽ يوناني زبان ۾ ”ڪرپس واس“ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي. دراصل هي سنڌي جو لفظ ”ڪپهه“ ۽ سنسڪرت جو لفظ ”ڪرپاس“ آهي.

موهن جي دڙي جو دور :

موهن جي دڙي جي کوٽائي مان جيڪا معلومات حاصل ٿي آهي ان تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون شايع ٿي چڪا آهن ان ڪري مون کي ان جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي. 1979ع ۾ خاص طور تي آءٌ دهلي کان موهن جو دڙو ويو هوس، مون ڪجهه اهڙيون شيون ڏٺيون جن جو ذڪر مارشل، وهيلر، اسٽوراٽ پگٽ ۽ ڊيلز جهڙن تاريخدانن به ناهي ڪيو. مثال طور موهن جي دڙي جي مشهور مهر ۾ هڪ ٻڪري جي قرباني جو منظر ڏيکاريو ويو آهي، نهايت اهم آهي ان ۾ ست رشي به بيٺا آهن. لفظ ”ست“ پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿو ڇو ته اسان جو نظام شمسي ڇهن ستارن ۽ هڪ آفتاب تي مشتمل آهي. قديم هندن ۽ يونانين ۾ ست رشين جو ذڪر آهي. ان مهر ۾ بيٺل ست رشي مني جون تصويرون توهان خوردبيني سان ڏسندا ته توهان کي معلوم ٿيندو ته انهن کي پڳڙيون، ڪڙتا ۽ پاجاما پهريل آهن. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مهر ڳڙهه جي کوٽائي ۾ هڪ مهر کي ڏسي فرانسيسي مؤرخ چيرگ پنهنجي وس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا هئا ته مهر ڳڙهه جا ماڻهو پڳڙي جو استعمال ڪندا هئا پر آءٌ موهن جي دڙي جي ذڪر ڪيل مهر جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پنج ساڍا پنج هزار سال پهريان به سنڌ جا ماڻهو پڳڙي، ڪڙتو ۽ پاجامو استعمال ڪندا هئا.

موهن جو دڙو ۾ هڪ ننڍڙو ڪمرو اسڪول جي ٻارن جو آهي، هي هڪ اهڙو اسڪول هيو جنهن ۾ رفع حاجت لا۽ به جڳهه ٺهيل هئي. هڪ ننڍڙو کوهه به آهي جتان ٻار پاڻي پيئندا هئا. موهن جو دڙو ۾ پڪل مٽي مان ٺهيل پکين ۽ جانورن جا ڪئي نمونا مليا آهن. عام طور تي چيو ويندو آهي ته اهي رانديڪا آهن جن سان ٻار کيڏيندا هئا پر اهي ايترا ننڍڙا  آهن جو انهن سان کيڏڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. دراصل استاد انهن وسيلي کين تعليم ڏيندا هئا. جيئن اڄڪلهه پرائمري اسڪولن ۾ ”الف سان اک“ ”بي سان بدڪ“ ۽ ”ت سان تارو“ پڙهايو ويندو آهي. مون موهن جو دڙو ۾ هڪ بلڊنگ ڏٺي جنهن ۾ رانديڪا وغيره تيار ڪرڻ جي فيڪٽري هئي.

موهن جو دڙو جا ماڻهو تمام گهڻا صفائي پسند هئا هر گهٽي جي ٻاهران روڊ جي هڪ پاسي گند ڪچرو اڇلائڻ جي لاءِ پڪين سرن جا کليل اسٽور ٺهيل هئا. ڇت تان مينهن جو پاڻي وهائڻ لاءِ پڪل مٽي جا پائيپ استعمال ڪيا ويندا هئا. تقريباً هر گهر ۾ کوهه ۽ غسلخانو هوندو هيو. غسل کان پوءِ ماڻهو جسم تي تيل جي مالش به ڪندا هئا. زمين جي هيٺان ٺهيل نالين وسيلي شهر جو سمورو گندو پاڻي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو. عورتون وارن ٺاهڻ لاءِ هاٿي جي ڏندن واريون ڦڻيون استعمال ڪنديون هيون. ٻار جانورن ۽ پکين جي شڪل جي اهڙن رانديڪن سان کيڏندا هئا جن سان سيٽيون پڻ وڄائي سگهبيون هيون. رانديڪا تيار ڪرڻ لاءِ شهر ۾ هڪ فيڪٽري هئي. ان مان سانچا ۽ رنگ مليا آهن. امير ماڻهو ڌوٻين کان ڪپڙا ڌورائيندا هئا. تنهنڪري ان شهر ۾ هڪڙي گهر ۾ ڌوٻي جي بٺي اڄ به موجود آهي. چمني ذريعي ان جو دونهون ڇت جي رستي کان ٻاهر نڪرندو هو. هتان جا ماڻهو ڏاند گاڏين جي ڊوڙ ۽ ڍڳن جي ويڙهه ڏسڻ جا شوقين هئا. هاٿين تي به سواري ڪندا هئا. عورتون قيمتي مڻڪن جا هار ۽ سونا زيور پائينديون هيون. حڪمران جي بت (مجسمي) مان معلوم ٿئي ٿو ته حجامت ڪرائڻ جو رواج هيو. اهڙا ڪپڙا به استعمال ڪيا ويا هئا جن تي ڄارين ۽ ٻين شين جي شڪلين جا ٺپا لڳايا ويندا هئا.

انهن ماڻهن جو شهري نظام نهايت مستعد ۽ منظم هيو. گهٽين ۽ بازارن جي صفائي باقائدگي سان ڪئي ويندي هئي. اَنَ جا وڏا وڏا گدام ٺاهيا ويندا هئا. يا ته حڪومت پاڻ اَنَ جو واپار ڪندي هئي يا وري وڏا نظام کان واقف هيا. هڪ ايڪو سورنهن ۾ ورهايل هوندو هيو ۽ اهو سسٽم گهڻو ڪري چنڊ جي مختلف شڪلين تي ڌاريل هيو. ان جو مطلب اهو به هيو ته قديم سنڌي چنڊ جي پوڄا ڪندا هئا. يا وري سندن مهينا چنڊ جي مختلف شڪلين تي مشتمل هئا. اهي ماڻهو شطرنج جا شوقين هئا. شطرنج جا مهرا ڪيترين ئي جاين تي مليا آهن. ماپڻ تورڻ جي لاءِ اڄڪلهه جهڙا ڦٽا /تختا استعمال ڪندا هئا. انهن جا ماهر فن تعمير گهرن ۽ شهرن جي تعمير باضابطه طور تي منصوبه بندي مطابق ڪندا هئا. تنهنڪري قديم عراق (سمير) جي مقابلي ۾ موهن جو دڙو ۽ هڙپا جي پلاننگ ڪافي بهتر آهي.

موهن جي دڙي جا ماڻهو ڌوم ڌام سان خوشي ۽ غم جا ڏينهن ملهائيندا هئا. تلاءِ جي ڪناري ميلا لڳائيندا هئا جتي وهنجڻ کان پوءِ مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون هيون. انهن تلائن ۾ عورتن جي لاءِ وهنجڻ جو الڳ انتظام هوندو هيو. اهي ماڻهو ناچ ۽ موسيقي جا شوقين هيا. ناچڻي جو هڪ مجسمو نچڻ واري صورت ۾ مليو آهي.

موهن جو دڙو هڪ قلعي ۾ بند ٿيل شهر هيو ان جي چوڌاري ديواريون ڪافي ويڪريون ۽ پڪين سرن سان ٺهيل آهن. ڌاڙيلن ۽ حمله آورن جو پتو لڳائڻ جي لاءِ چوڌاري ڀتين تي برج بڻيل هئا. انهن تي هٿيار بند محافظ پهرو ڏيندا هئا. شهر جي صفائي، ان جي ورڇ، قلعه بندي جي موجودگي جو مطلب آهي ته حڪومت پنهنجي انتظاميه جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ماڻهن کان ٽيڪس وٺندي هئي.

قديم سنڌ جا واپاري جتي ڪيترن ئي پري جي ملڪن ۾ واپار سانگي ويندا هئا اتي انهن ملڪن ۾ پنهنجي نئين آبادي به قائم ڪندا هئا. جتي انهن جا پنهنجا ايجنٽ مختلف شين جو واپار ڪندا هئا. سنڌ مان جيڪو واپاري مال ٻاهر موڪليو ويندو هو. اهو ڪاٺي يا ڪپڙي جي ڳنڍين ۾ رکيو ويندو هيو ۽ هر ڳنڍ تي مال موڪلڻ واري جي مهر لڳل هوندي هئي ۽ موڪلڻ واري قوم يا واپاريءَ جو نالو لکيل هوندو هيو. عراق جي مختلف شهرن ۾ سنڌي واپارين جون مهرون مليون آهن. لڳ ڀڳ 3 هزار سال پهريان واري هڪ قبر ۾ به هڪ اهڙي مهر ملي آهي جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اها قبر ڪنهن سنڌي واپاري جي آهي.

                                           (ترجمو: احسان دانش)

دادا سنڌي

موهن جي دڙي جو پرڏيهي واپار

اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته سنڌ منڍ کان ئي تهذيب ۽ تمدن، ادب ۽ ڪلچر، صنعت ۽ حرفت تجارت ۽ ڪاريگري جو مرڪز پئي رهيو آهي ۽ ان قديم تهذيب، تمدن ۽ تجارت جي تاريخ بابت وڄڙوٽ، موهن، ڏيٿري ۽ ڪاهو جا دڙا واضح مثال آهن. آثار قديمه جي ماهرن انهن دڙن ۽ ڀڙن کي ڏسي، سنڌ جي عظيم ماضي جو دل کولي اعتراف ڪيو آهي. مسٽر آر.جي.بينر چيو آهي ته ”تاريخ جي دور کان به گهڻو اڳ، هن ملڪ جي گود ۾، انساني تهذيب ۽ تمدن جنم ورتو“. ڊاڪٽر نوحا ايس ڪريمر لکي ٿو ته ”بيشڪ تهذيب ۽ تمدن جو سرچشمو، جنهن مان، سڄي دنيا سيراب ٿي، علم ۽ عرفان جي وسعت ۾، قدم رکندي اڳتي وڌندي ويئي، سا ان تاريخي خاندان جي مرهون منت آهي، جنهن کي ”واديءِ سنڌ“ سڏيو وڃي ٿو- (1) قديم بابلي ادب ۽ تاريخ ۾، سنڌ کي”سج اڀرڻ جو ديس“ سڏيو ويو آهي. نيپولين بونا پارٽ، درياءَ نيل کان درياءَ سنڌ تائين، واري خطي کي ”دنيا جي دل“ سڏيو آهي- (2) موهن جو دڙو، سنڌ جي ان قديم تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز هو، جنهن جي بين الاقوامي تجارت ۽ پرڏيهي واپار، دنيا ۾، پنهنجو ڌاڪو ڄمايو.

ان دور ۾، سنڌ جا ٻه مشهور شهر، ڏکڻ ۾ موهن جو دڙو ۽ اتر ۾ هڙپا، مهراڻ جي ڪپ تي، جهاز راني سبب، اندروني ۽ بيروني واپار ڪري، دولتمند ۽ اعلي تهذيب جا مرڪز هئا،. موهن جو دڙو، جيئن ته هڪ متمدن ۽ ترقي يافته شهر هو، ان ڪري هت هرشيءِ جي فراواني هئي ۽ وڏي پائي تي واپار هلندو هو. مشهور مؤرخ مولائي شيدائي، موهن جي دڙي جي تجارتي اهميت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”موهن جو دڙو مهراڻ جو وڏو واپاري بندر ۽ مال جو مارڪيٽ هو. هت ٻاهريون واپاري قومون به رهنديون هيون. سنڌي واپاري ايماندار ۽ سچائي شعار هئا. ايمانداري ۽ حڪمت عملي ڪري، سندن واپار ترقي ڪئي. وٽن بئنڪن، ايجنٽن، دلالن، هنڊين، ٻيجڪن ۽ ليلين جو دستور هو. هر هڪ قافلي ۽ جهاز سان، واپاري جو ايجنٽ موجود رهندو هو. (3) جناب محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ”موهن جو دڙو، قديم ترين زماني ۾، هڪ واپاري مرڪز هو. سندس خوشحالي جو سبب ان جو اندروني ۽ بيروني واپار ئي هو. سنڌوندي جي ڪناري تي، آباد هئڻ ڪري، هتي ٻيڙين وسيلي، ملڪ جي اندر پئدا ٿيندڙ سامان، آندو ۽ نيو ويندو هو. ........ قديم زماني ۾ هت ٻين ملڪن مان واپاري شيون گهرائي، گدامن ۾ رکندا هئا. (4)

پراڻي زماني ۾، موهن جو دڙو، ڪراچي وانگر هڪ بين الاقوامي تجارتي شهر هو، جتي ساري دنيا جا تاجر رهندا هئا، جن جي ثابتي انهن مختلف قومن ۽ نسلن جي هڏائن پڃرن ۽ کوپرين مان ملي ٿي، جن جي مالڪن هن سر زمين تي، رهائش اختيار ڪئي ۽ آخر هتي ئي مري کپي ويا. هت بين الاقوامي واپار ٻن رستن سان ٿيندو هو. پهريون خڪشي رستي: هي واپار وڏن قافلن جي صورت ۾ هلندو هو، جنهن ۾ بيل گاڏيون، اٺ، گهوڙا ۽ گڏهه ڪم ايندا هئا، جن تي گهڻو ڪري نهرن جسمن واريون شيون، کنيون وينديون هيون، اهو واپار بلوچستان جي لڪن وسيلي، ايران ۽ اوڀر قريب جي ملڪن سان هلندو هو. اهڙي طرح ڪاٺياواڙ ڏکڻ هندستان ۽ ٻين علائقن مان، هي تجارتي مال آڻڻ وارا قافلا ايندا هئا- (5)

ٻيو بحري رستي:

هي واپار، دريائن ۽ سمنڊ رستي هلندو هو. هي شهر جيئن ته سنڌو جي ڪناري تي هو، ان ڪري هت ٻيڙا ۽ جهاز، جام هئا سنڌ جي ٻين علائقن جو مال، ٻيڙين رستي هت پهچندو هو. پنجاب ۽ ٻين ندين وسيلي، چين ۽ ڪشمير جو مال هت پهچندو هو. اهي ٻيڙيون اعلي درجي جون ٺهيل هيون. مسافرن جي رهڻ لاءِ منجهن ڪمرا ٺهيل هئا ۽ مال کي مينهن ۽ اس کان بچائڻ لاءِ گدام هئا. اهي ٻيڙيون گهڻو ڪري، تراکڙيون هونديون هيون- (6) هتان جا رهاڪو، ٻاهريون واپار، سامونڊي جهاز رستي ڪندا هئا. اهي سنڌي، جهازن جوڙڻ ۽ جهاز راني جي فن ۾ نهايت ڀڙ هئا. هنن ساري دنيا کي، جهاز راني جي فن کان واقف ڪيو. ايڇ.آر هال لکي ٿو ته ”سنڌين ئي، جهاز راني کي، دنيا سان روشناس ڪرايو“. قدرت الله فاطمي لکي ٿو ته ”قديم زماني کان، سنڌ جا رهاڪو، بحري تجارت ڪندا هئا ۽ ٻيڙا يا جهاز ٺاهيندا هئا. هو درياءَ رستي، مال آڻڻ ۽ نيڻ کان واقف هئا. تجارت لاءِ مضبوط جهاز ٺاهيا ويندا هئا جيڪي اولهه طرف نيل ندي ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ ۽ اوڀر طرف گنگا ندي واري، دوآبي جي نهرن ۾، هلندڙ دنگين جهڙا هوندا هئا. (7)

موهن جي دڙي جي واپارين جا، ساري دنيا سان تجارتي ناتا هئا. سڀني وڏن ۽ شاهوڪار ملڪن ۾، هنن جون بينڪون هيون. ان دور ۾ سندن واپار، مغربي ملڪن سان گهڻو ڪري ايراني نار رستي هلندو هو. اهي سنڌي واپاري هيڏانهن ڪشمير قنڌار ۽ ايران، ته هوڏانهن وچ هندستان، مدراس ۽ راجپوتانا تائين ويندا هئا. ملبار سان به سندن واپاري ناتا هئا. جتان ڏونگهيون ۽ ناريل جي تاندورن مان ٺهيل رسيون آڻيندا هئا. ڊاڪٽر چندر باس لکي ٿو ته ”انهن پڻي لوڪن مان ڪن ميسوپوٽيما ۾ بيٺڪون وڌيون ۽ سريا جي سامونڊي ڪناري طرف ۽ ڀونچ سمنڊ جي، ٻيٽن ۾ وڃي رهيا. هو آفريڪا جي اترڏانهن به ويا. ميسوپوٽيما جا سميري ۽ بابلي ڪئلدي، اصل ۾ سنڌوماٿري جا پڻي آهن. (8)

عراق، بابل، مصر، فونيقيه ۽ فلسطين جي قديم آثارن مان صاف ظاهر آهي ته، هنن شهرن جا موهن جي دڙي سان، تجارتي ناتا هئا. ڊاڪٽر ڊبليو هنٽر لکي ٿو ته ”موهن جي دڙي جا آڳاٽا سنڌي، سينائي اپٻيٽ ۽ سوئيز تائين پهتا. ميمفنس جي ديوارن تي انهن جون رنگين تصويرون، اڪريل آهن، جن اتي واپار سانگي بيٺڪون وڌيون هيون. (9) نارمن برائون جو خيال آهي ته مصر، فونيقيه ۽ عراق جون تهذيبون، سنڌين جي ڪري ئي ترقي ڪئي. هن دور ۾، سنڌ جو واپار وڏي پئماني تي، مصر سان هلندو هو. مصر جي ٽئين خاندان جي حڪومت جي زماني ۾، سنڌ جو مال، بابل کان، خشڪي رستي، ميمفنس پهچندو هو، جتان ٻيڙين وسيلي، اهو ڪريٽ ۽ يونان ويندو هو، جتان مصر ايندو هو. مصر جي يارهين خاندان جي دور ۾، اهرام تعمير ٿيا، تڏهن هتان جي واپار ترقي ڪئي (10) سنڌ مان جيڪي شيون مصر وينديون هيون، تن مان سوٽي ڪپڙو سرِ فهرست آهي. ان زماني ۾ هت تمام اوچو ڪپڙو ٺهندو هو، جنهن کي ”سنڌڻ ململ“ چئبو هو، سَر جان مارشل لکي ٿو ته ”سنڌو ماٿر ۾، سوٽي ڪپڙي جي صنعت ايڏي ته عروج تي هئي، جو اتان جي ٺهيل ململ مصر ۽ يورپ ڏانهن ويندي هئي. (11) ان کانسواءِ مصر جا حڪمران جَو، ڪڻڪ ۽ ڪپهه به هتان گهرائيندا هئا. فنيقي جهازران، هتان کارڪن جو شراب کڻي مصر ۾ وڪڻندا هئا ڇو ته مصري جراح، مردن جي ممين ٺاهڻ وقت، پهريائين انهن کي هن قسم جي شراب سان ڌوئيندا هئا. اهڙي طرح لاک ۽ نير به هتان ويندو هو، جيڪو ممين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. ان کانسواءِ مصالحو، سرهاڻ ۽ ناريل به مصر وڏي تعداد ۾ موڪليو ويندو هو.

        مصر کانپوءِ، عراق، بابل ۽ فلسطين سان، موهن جي دڙي جو، وڏي پئماني تي واپار هلندو هو. عراق جي شهرن KISH ۽ URR مان، موهن جي دڙي جا سڪا لڌا آهن. ان دور ۾، هنن ملڪن سان، سنڌ جو واپار، خشڪي ۽ سامونڊي رستي هلندو هو. خشڪي جي رستي قافلا، عراق جي مارڪيٽن جو مال کڻي، سنڌ ۾ پهچائيندا هئا. عربي سمنڊ جي رستي، سنڌ جا غوراب بابل تائين ويندا هئا. ڪلداني، مصري، فنيقي ۽ عرب جا جهازران، ايراني نار ۽ مڪران جو ڪنارو ڏيئي سنڌ ۾ ايندا هئا. بابل تي موهن جي دڙي جا وڏا ٿورا هئا. ارنلڊ ونسن جو چوڻ آهي ته ”بابل جي شهرت ۽ عظمت، صرف سنڌ جي ڪري ئي آهي. بابل ۾ هتان جي واپارين جون تجارتي ڪوٺيون هيون“ (12) ان زماني ۾ بابل کي عمارتي ڪاٺ جي سخت ضرورت هئي، جيڪو سنڌ مان ئي گهرايو ويندو هو. HICOUSENS لکي ٿو ته ”بابل ۽ اشور وارا سنڌ مان عمارتي ڪاٺ نير ۽ لاک گهرائيندا هئا.“ ٻي خاص جنس، ”سنڌڻ ململ“ هئي، جيڪا ايراني نار کان ايندي هئي، جتان يهودين کي سنڌ جي خبر پيئي ۽ هنن به هتان ململ ۽ ٻين جنسن جو واپار شروع ڪيو. عراق، بابل ۽ فلسطين وارا، سنڌ مان ڪپهه، اوني ڪپڙو، ناريل، انب، نارنگيون، ڪرمچي رنگ، چانور ۽ سرخي طور استعمال ٿيندڙ ڳاڙهو پائوڊر موهن جي دڙي مان گهرائيندا هئا. (13)

        دمشق سان به هتان جو واپار وڏي پئماني هلندو هو. مسٽر ڪينيڊي لکي ٿو ته ”ان زماني ۾، سنڌ جا مور، باندر ۽ عاج اوفير بندر تان، حضرت سليمان جي ٻيڙين ۾، بيت المقدس پهتا“. سنڌ جا مور ڪنعان ڏانهن به موڪليا ويا هئا. هن دور ۾، فونيقيه جو شهر سنڌ جي مال جي وڏي منڊي هو. حضرت سليمان، فونيقيه جي شهر طور، جي ”بادشاهه حرم“ سان، ان ڪري ئي معاهدو ڪيو هو ته فونيقي ٻيڙين جي مدد سان خليج فارس جي رستي، سنڌ مان سوٽي ڪپڙو، عاج، ڀولا ۽ سون وغيره، جهڙو تجارتي سامان، ملڪ سليمان پهچائي سگهجي. ان ۾ اسان جا واپاري جهاز ران به شامل هئا. اوفير سون جو مترادف آهي ۽ سنڌ جا واپاري جهازران، سون جهڙي قيمتي ڌاتو جو واپار ڪندا هئا. اوفير، سپارا ۽ پنور سنڌ جي پئداوار ڪري دولتمند هئا ۽ ٻاهرئين دنيا ۾، اهڙين قيمتي شين ڪري، سنڌ مشهور هئي. بخت نصر، فونيقيه جي شهر طور کي، ان ڪري تباهه ڪيو، جو سنڌ جي تجارت سان، سندس شهر بابل، نينوا، دمشق وغيره، سڌو سنئون فائدو حاصل ڪري سگهن. جڏهن اهو تباهه ٿيو، تڏهن بابل جي رونق وڌي ويئي. هتان جي بازارن ۾، سنڌي تاجر، ڪثرت سان نظر ايندا هئا. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتان جا تاجر جهازران خليج فارس جي رستي، مٿين ملڪن ۾، تجارت جو سامان کڻي ويندا هئا. رالنسن لکي ٿو ته ”اشوري شهنشاهه ٽئين جي زماني جي ڪيترن ئي ڪتبن تي ڀولن، هاٿين ۽ ٻين شين جون تصويرون آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڪثرت سان ملن ٿيون ۽ هتان ئي، ان سرزمين تي پهتيون“. (14)

        عراق سان به موهن جي دڙي جو واپار، وڏي پئماني تي هلندو هو. سمير عراق جو پراڻو نالو آهي. گارڊن چائلڊ لکي ٿو ته ”سير مان، جيڪي به عجيب شيون مليون آهن، سي سڀ سنڌ مان اتي ويون“.ڊاڪٽر سيمويل ڪريمر جو چوڻ آهي ته ”سمير جي صحيفن ۾، جنهن دلمون جو ذڪر، وري وري آيل آهي، اهو سنڌ جو ئي ٻيو نالو آهي ته سمير جو عظيم ديوتا، انيڪي ڪو، جيڪو سمير جو پهريون حاڪم هو، کي ان تي فخر هو ته، دلمون جا جهاز هت لنگر انداز ٿيندا هئا. بادشاهه ارنانشي، جيڪو ساڍا چار هزار سال اڳ سمير تي راڄ ڪندو هو، تنهن سنڌ جي ڪاٺين سان ڀريل جهاز جو، پنهنجي بندر لغاش ۾ اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي. (15) سرغن اعظم کي به، ان تي فخر هو ته، سنڌ جا جهاز ان جي بندرگاهه عڪاد ۾، ايندا هئا. عاج، ڪاٺ، سون، ٽامو، سوٽي ڪپڙو ۽ ڪپهه عام طور هتان سمير وينديون هيون. موهن جي دڙي جي واپارين جون، سمير ۾ ڪوٺيون به هيون، جيڪي خليج فارس جي ڪناري ارض الهند، هندورابي ۽ هنديان جي نالي سان سڏبيون هيون.

        موهن جي دڙي جا واپاري، دنيا جي ٻين ملڪن مان، ضرورت جون شيون سنڌ ۾ آڻيندا هئا. آمدني (Import) واري مال ۾ ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون. سَر ايڊون پاسڪو، ان مال جي مڪمل فهرست ڏني آهي، جيڪا هن ريت آهي:

سون= ڏکڻ هندستان، افغانستان، ايران ۽ ٿٻيٽ.

چاندي = ڏکڻ هندستان، افغانستان، ايران، آرمينيا، برما.

ٽامو = ڏکڻ هندستان، افغانستان، بلوچستان ۽ راجپوتانا.

قلعي = افغانستان، ايران ۽ راجپوتانا

لاجورد = افغانستان

فيروزا = ايران ۽ خراسان

سنگ جراحت = ڪاٺياواڙ ۽ بلوچستان.

ياقوت = ڏکڻ هندستان.

سليٽ جو پٿر = راجپوتانا ۽ راج پيلا.

عقيق (سنگ سليماني) = راجپوتانا، ڪاٺياواڙ، ڪشمير ۽ دکن.

يشب = راجپوتانا ۽ راج پيلا.

سائو پٿر = راجپوتانا، ڪرشنا، گوادر، ندين جا ڪنارا.

ڳڳر ۽ ڪارو چن = هرمز ٻيٽ، يوموسيٰ، هالدي ۽ لکپت.

سنگ مرمر = راجپوتانا (16)

موهن جي دڙي جا واپاري مصر، سوسا ۽ عراق مان ٽامون گهرائيندا هئا. قبرص ۾ به ٽامي ۽ ڪٽ جو استعمال ٿيندو هو. قلعي اتر اولهه وارن ملڪن مان به گهرائي ويندي. هڪ قسم جو ٿلهو ڪپڙو ڪئسنوس، ايلام ۽ سمير کان هت ايندو هو. جناب محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ”موهن جي دڙي جا واپاري سون هندستان ۽ افغانستان مان گهرائيندا هئا. لاجورد ۽ زمرد ميسوپوٽيمان ۽ بدخشان مان ايندو هو. سندور وڏي مقدار ۾، ٻيڙين رستي هرمز ۽ ايراني نار جي ٻين ٻيٽن مان ايندو هو. ڪوڏ ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي پاسن کان گهرائبا هئا. (17)

        موهن جي دڙي ۾ تور ۽ ماپ جو بهترين سرشتو رائج هو. اهي وٽ ۽ ماپا ننڍڙا ۽ نازڪ هئا، جيڪي پٿرن جا ٺهيل هئا. اهي وٽ چورس، مخروطي ۽ دهل جي شڪلين جهڙا هئا. ننڍا وٽ، سوسا وانگر ٻڪي سان مناسبت رکن ٿا ۽ وڏا وٽ وري ڏهائي سان، وزن جي هڪ ايڪائي جو انداز 870 گرام آهي ۽ وڏو وزن 5975 گرام آهي. عام وزن 13464 گرام آهي. اهي واپاري مڻ کي ”منا“ سڏيندا هئا، جيڪو اصل ۾ بابل ۽ نينوا کان هت پهتو. هي تور ماپ جو سرشتو ساري دنيا ۾ مڃيل مڃايل ۽ اعليٰ پائي جو هو. مسٽر اي مئڪي جو چوڻ آهي ته ”موهن جي دڙي جا اهي وٽ، ايلم ۽ ميسوپوٽيما جي، قديم وٽن کان، وڌيڪ سوڌا ۽ پورا هئا“. (18)

واپار ۽ ڏيتي ليتي لاءِ، لکپڙهه ۽ صورتخطي جو علم هجڻ ضروري آهي. موهن جي دڙي وارن وٽ مڪمل رسم الخط ۽ طرز تحرير موجود هئي. مؤرخ لکن ٿا ته ”اها رسم الخط سميري قوم، عراق ۽ پوءِ سڄي مشرق ۾ رائج ڪئي. ان کي ڪيونيفارم (خط ميخي) سڏبو هو. اها صورتخطي، سميرين پڪچر گراف کي سڌاري ٺاهي هئي. (19) چون ٿا ته، ان جا اکر، ميخن ۽ تيرن وانگر هئا. خط ميخي ۾، 21 حرف آهن، ليڪن هڪڙي حرف کي ٻن ٽن طرحن سان لکيو وڃي ٿو. چون ٿا ته حضرت ابراهيم عه جو خط انهن اکرن ۾ هو. (20) ننيتيما جا واپاري، سامي آرائي خط استعمال ڪندا هئا، جيڪو مصري ۽ عراقي خط تان ورتل هو. اهو خط موهن جي دڙي جي، سنڌي واپارين وسيلي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيو، هي خط، اتر الهندي هندستان ۽ چيني ترڪستان، تائين رائج هو. 2 صديون ق. م، عيسوي 2 صدي ق. م، ايراني سلطنت ۾ فرمان، هن خط ۾ لکيو ويو. هي ٻن نمونن ۾ لکيو ويندو هو. پهريون ساڄي کان کاٻي طرف، جنهن جا اکر يوناني ۽ هندي حڪمرانن جي سڪن تي استعمال ٿيندا هئا ۽ ٻيو خط کاٻي کان ساڄي لکيو ويندو هو، جنهن کي برهمڻي خط چئبو هو. ڪاغذ نه هئڻ ڪري حساب ڪتاب، ڪپڙي تي لکيو ويندو هو. فنيقيا جي واپارين کان، موهن جي دڙي جا تاجر، حسابي انگن جو علم به سکيا.(21) ۽ اهڙي طرح تجارتي تاريخ ۾، پنهنجو خاص مقام حاصل ڪيائون.

        موهن جي دڙي جي هي عظيمَ تجارت ۽ معيشيت اسان جي تاريخ جو اهم باب آهي ۽ ڏيکاري ٿي ته ماضي ۾ سنڌ، هن ڏس ۾، بين الاقوامي لحاظ کان ڪيڏي نه اهميت جي حامل هئي.شال، اسين پنهنجي تاريخ مان ڪجهه هڙ حاصل ڪري سگهون.

 

حوالا

سنڌ جي طبي تاريخ-ج-اول نياز همايوني، ص 62

حوالو روزانه جنگ-سنڌ ايڊيشن، 1 جولاءِ 1971ع

مهراڻ تي جهاز راني-روزانه مهراڻ، سالگرهه نمبر، 1960ع

سنڌوماٿر جي سڀيتا-مترجم شمس نورالدين سرڪي، ص 16

قديم سنڌ- ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ص 165

سنڌ جا ٻه بندر-سنڌ صدين کان- ممتاز مرزا، ص 140

ايضاً، ص 130

بحواله قديم سنڌ، ص 82

بحواله تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي، ص 50

روزانه مهراڻ سالگرهه نمبر، 1960ع

تاريخ تمدن سنڌ، ص 32

 تاريخ تمدن سنڌ، ص 152

سنڌو ماٿر جي سڀيتا، ص 136

سنڌ جي طبي تاريخ- جلد اول، ص 213

سنڌ- مسلمانن کان اڳ، ايڇ.ٽي.لئمبرڪ

سنڌو ماٿر جي سڀيتا، ص 105

ايضاً، ص 106

ايضاً، ص 110

ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ-نئين زندگي، فيبروري 1968

تاريخ تمدن سنڌ، ص 19

21 عرب و هند ڪي تعلقات- سيد سليمان ندوي، ص 65

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org