سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:8 

ناري جي اُٿل

1894ع/1895ع واري زبردست برسات سبب ناري واهه ۾ پڻ چاڙهه آيو، جنهنڪري واهه ۾ ڪيترن هنڌن تي گهارا پئجي ويا ۽ ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن جا ڪيترائي شهر ٻوڏ هيٺ اچي ويا. جيئن جيئن ٻوڏ جي خبر ڀروارن ڳوٺن تائين پهچڻ لڳي تيئن اتي جا باشندا سخت پريشان ٿيڻ لڳا ۽ منجهن اچي پنهنجي ساهه بچائڻ لاءِ ڦڙڦوٽ پئي. جنهن کي جيڪو وهٽ ٿي مليو سو تنهن تي چڙهي ٿي ڀڳو. پر اهڙي حال ۾ به ٿر جي هندن کي پنهنجي اناج ۽ ملڪيت بچائڻ جو فڪر هو. پاڻ مرن ته مرن پر سندن مال بچي. جڏهن حڪومت طرفان کين چتاءُ مليو ته پنهنجا ٻار ٻچا ڪڍي وڃو تڏهن انهن مطالبو ڪيو ته ٻارن ٻچن کان اڳ اسان جو اناج ۽ مال ڪڍيو وڃي، پر ناري جي ٻوڏ کان ڪٿي ٿي بچي سگهيا. آخر کين ٽپڙ ڇڏي ڀڄڻو پيو ۽ سندن ڇڏيل اناج ’ٿوري‘ قوم جي غريب ماڻهن لُٽي وڃي پنهنجا گهر ڀريا.

سگهڙ مير خان جمالي انهن سڀني مشهور ماڻهن ۽ ذاتين جا نالا پنهنجي ڪلام ۾ ڄاڻايا آهن جي ٻوڏ جي وقت پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ڀڳا هئا. خاص طور انهن هندن تان چٿرون ڪيون اٿس جن ٻوڏ جي وقت دولت کي پنهنجي ٻارن ٻچن کان وڌيڪ ٿي سمجهيو ۽ سگهڙ مدو فقير به ساڳيءَ ٻوڏ تي ڪلام چيو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو اٿس ته ٻوڏ جي وقت ماڻهو ايتري قدر ته پريشان هئا جو مسجد ۾ وڃي ٻڪرين جا ڦر ٻڌائون ۽ ڪيترا ماڻهو اهڙا به هئا جن بکن کان تنگ ٿي وڃي وڏيرن کان اناج ٿي پنيو. هن واقعي تي چيل ٻنهي سگهڙن جو ڪلام هتي ڏجي ٿو.[

 

(1)

مير خان جمالي جا چيل بيت

 

اول نام الله جو، ڪم ڪري ڪلتار،

مينهن کي جا موڪل ملي، آگي جي اختيار،

کِنوڻن کيل کڙا ڪيا، ڪيا اوهيرن انڌار،

ڪڪر آيا ڪيترا ڪوڙين ڪارونڀار،

ٿيو ٻوڙاءُ ”ٻروچ“ چئي ونگي سين ولهار.

ناري نياپا موڪليا چوڏس ۽ چوڌار:

آءٌ اچان ٿو ايڏانهين، لڙي ڏسندس لاڙ،

ٻوڙيندس ”ٻروچ“ چئي تڙ مڙيئي تڪرار.

اُٿل ڪيائين اروڙ کان، جئن موڪون ڪن ملار،

گام گبرن جا ٻوڙي، نڪري ٿيو نروار،

تنهن ۾ ڇوٽيون موٽيون منزلون،اونهان پنڌ اَپار،

لوهون ڏيندو لس اچي، جنهن جو ڏينهن ۾ ڏهڪار،

سُتي پهتو سانگهڙ کي، ڪيائين آڌيءَ جو آزار،

دانهن سڻي ديوان ڀڳا، ٻيا تَؤ مان تپيدار،

حفيظون(1)   حيران    ٿيون،   ڪئي   منشين    مارومار،

سپاهي سرڪار جا، صوبا صوبيدار،

ٽاهه پيو ٽپالين ۾، ڪيڏانهن ويا ڪوٽار،

ڪوري، موچي، ڪسبي ۽ لکين هئا لهار،

پرٽ، پڃارن پاڻ ۾، ڪئي واڍن وارووار،

مَهتا مڙي گڏ ٿيا، هندن جا هزار،

”اَنّ اسان جو اَولُون ٿيو، سڻي ٿي سرڪار“،

”اَنّ اوهان جو ٻن پيو، اوهين ڪڍو ٻچار ٻار“،

’نظاماڻي‘ ڀڳا ڄاڻي، پهتن پاڻي، رات وهاڻي،

ڪن ڪوڪ مٿي ڪوڪار،

ٻَڌائون گَڏا، کنيئون لڏا، بغدين مٿي بار،

ڀِڄي چڙهيا ڀيڙ تي ’سانگهڙ‘ جا سردار.

کَڻينس ڪريان کپري جي، ڪريان کاهي کي خوار،

ويٺل آهن ورهين کان ساري سڀ ڄمار.

ٻهڪو ٻروچن جو، مري اٿئي مهندار،

تن وٽ مئي مهاڻا، مانگر ماڇي، ڪُڙهين جا ڪمدار.

هندو لڳي حيران ٿيا، سيٺن ڇڏي سار،

اُٺَ به آندائون ايترا، کڻي ويا خرار،

ڀڄي چڙهيا ڀيڙ تي، ڪڍي ٻچا ٻار.

’گرهوڙ‘ مٿي غازي اٿئي مڱرين جو مهندار،

ڪئين ته مڙهيون ڊاهي، ماريائين هندن جا هزار،

تنهنکان پاڻي! هلج پاسو ڪري، پڇ پٿوري کان پار.

ماڻهن ميڙو مٽيو، مُٺا سي مينگهواڙ.

ناڏبه ڪندس ناڙ هڏي سان، ڪندس آهر سان آزار.

قبي منجهه ڪيترا اٿئي ڪامل ڪَلادار.

صوفين اتي سعيو ڪيو، ٿيا بُت کان بيزار،

ڀڄي چڙهيا ڀيڙ تي، ٻيا ڌڻ ڪاهي ڌنار.

ڪين ڇڏيندس ڪوٽ کي، وڻ ٻوڙيندس وڻڪار.

انبن سان انڌير ڪيائين، لس ڪِري پيا ليار،

ليمان سڀ لڙهي ويا، ڏاڙهن سندا ڏار،

پاڙ ڪڍيائين تن پــٖــــيرُن جي، گَجر ڪيائين گار،

مار ڪيائين مُوري تي، ناهي واڱڻن جو واپار،

ساڳ سڀوئي ساڙي ڇڏيئين، ناهي مِرچن تي ميار،

پاڻي پنهنجا پاريا، ڪيائين جي قول قرار.

گهڙي پيو گهٽين ۾، ڪوٺيائين ڪِراڙ:

چئي: مهنديان ماري آيس، هندن جا هزار،

مِسَرَ لڳي ماندا ٿيا، ٻانڀڻ ڪن ٻاڪار.

ماڻهو تن ملڪن جا ڪوٺيا ڪاردار:

ڀڄي         آئين(1)     ڀيڙا      ٿيو،         بچايو     بازار.

سوڍن سَتُوڻا ڪيا ڪمين سان قرار،

پئسا وٺو پنهنجا، ڪريو مارو مار.

تنهن ۾ پکا، تڏا،ٽوئا،منجا، هنيئون بندن سندا بار،

اهڙي ٻنگ ”ٻروچ“ چئي، بچايائون بازار.

لغڙ وانگي لُوهون ڏيئي، تڙ ڪيرايائين تڪرار،

پاسن کان پاڻي وهندي، هندن جا هزار،

بنگلا سڀ ’پيرون‘ ڪريا، ڪيائين رسالن ۾ راڙ،

ريلي اهڙا رڻ ڪيا، جيئن دونهان ڪن ڌنڌڪار،

جُٺ ڪندس ’جڳي‘ سان، لهندس ساماري جي سار،

رس رکيائين رام سان، ڪيائين الاهي توهار،

صاحب سگهائي موڪليا قاصد ۽ ڪوٽار:

ته ’نارو‘   اچي   ناڏيون(2)   ڪندو،    جئن    شڪارا

ڪن شڪار،

ڀڄي چڙهو ڀيڙ تي، اوهين ڪڍو ٻچا ٻار.

”ڪين ڀڄنداسون ڪڏهن، اسين ٻنڌ ٻڌون ٻيهار“.

چئي”ڪُچو کُسندو ڪونه ڪو، اَن کي سمجهائي

ٿي سرڪار“،

چئي: پئسا لايون پنهنجا، ڪريون حيلن جا هزار.

سڻي سمجهيا ڪينڪي مهتا ٿيا مردار،

ڪمي آندائون ڪيترا ۽ اوڏن ڪيا انڌار،

ٻنڌ مٿي ”ٻروچ“ چئي، هئا چور به چوڪيدار،

تن ۾ ’بابڪو‘ بهادر هو، جنهن ڪيا حيلن جا هزار،

سوسرائي سمهي رهيو، جنهن کي ڪيا اوجاڳن انڌار،

ٻي رُوڻ وڌيس رات جو، ڪيائين اَسر جو آزار،

پاڻيءَ پالوٽيون ڪيون، لڏايائين لهار،

گهڙي پيو گهٽين ۾، ڪيائين کٽين سان کينڪار،

’سوڍي‘ ستوڻا ڪيا، ناهي ’مينگهي‘ تي ميار،

مهتا لڳي ماندا ٿيا، هو ’کيئو‘ خبردار،

ماٺ ڪري ڀڄ ’مانگيان‘، ’لڙهه باري‘ وٽ بار،

جهڙي آهي تهڙي ويندي گذري،اسان جي آلهه توهار.

اتي ’عامل پيش‘ اٿي ويا، جن جا محرر هئا مهندار،

هوءِ تان راتو رات روان ٿيا، ڀڄي نائڪ ٿيا نروار،

مهتا وري گڏ ٿيا، ڪوٺيائون ڪِراڙ،

ٻاوا! وڃ ”ٻروچ“ چئي، هريءَ وٽ هيڪار،

مون کي مهتن مڪو آهي، مُکي ٿي مهندار،

واهه به اٿان ويجهڙو، ڪڍو ٻچا ٻار.

موت آيو مُلڪ ۾، مون تي نه آهه ميار،

اَنّ ڪڍايائون اڌ تي، اُجهي وين انبار،

ڍينگي اتي ڊوڙون وڌيون، جئن ڦري ڦيريدار،

چور لڳا تنهن’چانڊو‘ کي، آئي ’واڌوءَ‘ سندي وار،

ڇائي پئي ’ڇَتو‘ کي، جنهن اونڌا ڪيا آچار،

ڪارو منهن ٿيو ’ڪوڏوءَ‘ جو، جنهن کي خلق

ڪيو خوار،

ڪڻڪ بچيس ڪانه ڪا، جهٽ ڪري ويس جوار،

ٻاجهري ٻڏي ويس، ناهي مڱن تي ميار،

چانور چور کڻي ويس، گيهه ٻڏي ٿيس گار،

ڳڙ کڄي ويس ڳوٺ مان، کنڊن جا خرار،

کائي وڃي خوش ٿيا، ٻروچن جا ٻار،

’پانڌي‘    پواڙا(1)   ڪيا،   ڪئي    ’ورئــٖــي‘   وارو وار،

اها مصلحت ’مسعود‘ ڪئي، ڪوٺيائين ڪنڀار،

توکان ڀائر ڀڄي ويا، لڏي ويا لاڙ،

ڪَڙَن سان ئي ڪيترا ڪندس حيلن جا هزار،

اها جس ’نصير‘ کي ساري سڀ ڄمار،

ٻـيــٖــڙي آڻ ”ٻروچ“ چئي، تون سِرَائي سردار!

’پــٖــيرون‘ چاڙهن پاڻ سان، هو باريءَ سندو بار،

اڳيان دنگ درياءَ ۾، پرور! لنگهائين پار.

’ڪوري‘ ڀڳا ڪيترا تاڃن سان تڪرار،

’منجي‘ ماٺ ڪري، ڀڳا ’ٻلهو‘ کان ٻيهار،

اڌوڙن کي اتي ڇڏي، ڪڍيئون ٻچا ٻار،

جهاڳي گهڙيا جهاڳ ۾، ڪٿي تانگهو ڪٿي تار،

ٻارنهن ٻيڙيون آئيون، ٻُواڙهون ٻهپار،

مهاڻا هن ملڪ جا مستيءَ سان مواڙ،

’جيئري‘ تن سان جٺيون ڪيون، پيو پُٽن سان پچار،

مهتن کي ڪٿان موت کنيو، ڪَلها ڪن ڪوڪار،

گهِلـي ڪڍو گام مان، تاري منجهان تار،

ڪُوڙيون ڪبيون ڪينڪي، شاعر هون سچار،

سڙهه ٻڌي ساڄا ٿيا، ڪئي ونجهن وارو وار،

سِگها پهتا سڪيءَ کي، بندر لاٿائون بار،

تتي ڊڊا ڊاکر، گڏهه، گابا، ڪئي وهٽن وار،

مُوڙا کنيائون مٿن تي، ٿيا ’کاروڙي‘ تي خوار،

گام ’گبرن‘ جو پڌرو، ساري سڀ ڄمار،

’ڪانڀوءِ‘ جهڙا ڪيترا، هئا ڪِراڙن جا ڪمدار،

پاڙ ويئي، پئنچن جي اهڙو ڪيائون انڌار،

گام ٻڌائون گس تي بنايائون بازار،

ٽَري تنهن ’ٽُٻهي‘ تان، ’ڌونۡڪائي‘ رهن ڌار،

پَهَر وٺي ويو پانهنجي اُٺائي ’الهيار‘،

’پاهڙ‘ کڻي ويو پاڻ سين ’جيئند‘ جاني يار،

’آدم خان‘ اڳي ويو، پٺيان ’ڪرم‘ ڪئي ڪوڪار،

’شير خان‘ شتابيون ڪيون، جو ’محبت خان‘

هو مهندار،

وڃي پيا تنهن ٻيٽ مٿي ”ٻروچ“ چئي، جتي

هرڻن جا هزار،

ويهي رهيا ورهين کي، ساري سڀ ڄمار.

دانهين آيو ’دولت‘ وٽ هو سرائي سردار،

پٽ به منهنجا پڌرا، موڳا سي مواڙ،

اهو نشو ويندان نڪري، ٻيو کٽئي جو خمار،

کليو اوهين خوش ٿا ٿيو، سي ڪالهوڪا ٻار،

سوين اسان سُور ڏٺا، ڏاڍا ڏک ڏڪار،

گابا گڏي گام جا وڃي ٽوڙيان ان تي ٽار،

پهر ڪري ويهه پڌري، ڪر تُرهي تي تنوار،

ڦري ’فتح خان‘ بيٺو جُڙي سو جمعدار،

’جيئند‘ تنهن سان جٺيون ڪيون، ڏس ’ناري‘ سندا نار.

پاڻي پواڙا ڪيا، ڪڍو ٻچا ٻار،

لس وڃي تنهن ’لُولان‘ تي، ڪيو ’مُڏي‘ کي مهندار،

هو به راتو رات روان ٿيا سنجن ساڻ سوار،

پاڻي پنهنجا ياريا جي ڪيا قول قرار.

ڪاهه ڪيائين ’قبي‘ تي ويندي ’حسڻ‘ تي هيڪار،

چندين نانگ چررائي ڪئي، ارڙن سان انڌار،

لُنڊيون لوڙهي ڪيتريون، آئي واسينگن وار،

جُٺ ڪندو سئين جهان، منهنجي دڙي تي درٻار،

پِير  ڇڏي    ويا    پنهنجو،   مُلڪ    ڇڏي       مجاوار(1)،

’ڏاتو‘ ٽڪيو ڏيهه ۾، جنهن کي اولياء جو آڌار،

دنگ ’دلن‘ جو پڌرو نڪري ٿيو نروار،

’سمي‘ پنهنجي سوڀ لاءِ اهدي ڪيا انڌار،

ٻنڌ مٿي ”ٻروچ“ چئي، ڪيائون مارو مار،

ڪين ٽَريو ’ٽُٻهين‘ تان، نيائين هُرلن جا هزار،

مهڳ مٿي جي ماڻهو هئا، ڪيائين ’اوٺن‘ سان انڌار،

پهر ٻُڏي تنهن ’پنئي اوٺي‘ جي، جو هئو ڪورين

جو ڪمدار،

’داد‘ بيٺي دانهون ڪيون ’مرکي‘! پوئي مار،

گانڊو! انهيءَ گس سان، ٻوڙيئي ٻچا ٻار،

اجل اڳئي ائين ٿي چيو ته سُتي لهندس سار،

ڪاهي گَلو گڏهن جو ’منگهن‘ ٿيو مهندار،

رڻ ڪيائون رڍن سان، ڪَرَ ڪُتن جي ڪوڪار،

مُوڙا کنيئون مٿن تي، ڪڍيئون ٻچا ٻار،

سونهي(2)   لنگهي    سِگها    پهتا    قبي    جي    ڪنار،

جوءِ ۾ جَٽيئون ڪينڪي، ڪيئون الهه توهار،

’پَلين‘ سندي پهر جا اهي اٿئي پار.

لهر لڳي ويئي ’لياري‘ تي، تڙ ٻُڏا تڪرار،

ڪوٺيائين اچي ’ڪپرين‘ کي، ڀيڙا ٿيو ڀار(3)،

’ٻيڙو خان‘  ٻَتڙ آيو، سهي ڪيائين صوبيدار،

اها جُٺ ’جمال‘ جي، ساري سڀ ڄمار،

پڊ وڃايائين پنهنجو، ناهي ’ميرڻ‘ مٿي ميار،

’خيري‘ آڻي ڦڪڙيون ڪيون، هُلن جا هزار،

’آدم خان‘ اڳي ٿي چيو ’طاهر‘ کي تڪرار،

’باگو خان‘ بلوچ هو سرائي سردار،

ڳوئيُون ڪڍيئين ڳوٺ مان راهي پٺيان راڙ،

ٻوڏ کنيون تن ٻڪرين کي، رڙيون ڪن ريڍار،

ڀڄي چڙهيا ڀيڙ تي، ٻيو سبب ڪَين ستار.

اڳيان ملڪ اٿئي ميرن جو، ٽالپر ٽيليدار،

جٺ ڪندءِ جهان ۾ هو ساري سڀ ڄمار.

ڪير تان مونکي آڏو ڦري؟ لهان ’سونٺي‘ جي سار،

گام رهيو ’گيان‘ جو، ’جوڻيجا‘ ويهن ڌار،

ڪڙيا نيندس ڪيترا، منهنجو ’آراڙي‘ تي آر.

چُر مٿي چانڊين ويهي بنائي بازار،

ٻُٽ ڀڄي سي ٻاهر ويا ڪڍي ٻچا ٻار،

ڦيرو ڏنائين ’فتح‘ کي، جنهن جا گُجا ڪيائين گار،

سِرهي پهتو ’سير کن‘ کي، ناهي ’موچين‘ تي ميار،

’دريا خان‘ ماڻهو مڪو، جنهن جا ’ڪلر‘ هٺا ڪمدار،

’چانهيان‘ اتي دانهين آيا، ناهي ’مالهي‘ تي ميار،

انّ به آندائون ايترو، کڻي سي خرار،

ڀڄي اوهين ڀيڙا ٿيو ’ڀِڙٖي‘ مٿي ڀار،

سرديون گرميون وينديون گذري پاڻ تان، عليءَ

جي آڌار،

ڪين ٽريو ’ڪِينجهـٖـي جِي‘ تان، آئي ’ويراور‘،

جي وار،

’غلام علي‘ اتي گوڙيون ڪيون، ڪئي پُٽن

سان پچار،

ماڻهو ڪڍو ملڪ مان، ڌڻ سوڌا ڌنار،

تون به لڏا کڻي ’لس‘ ڀڄي وڃ، پوئتي ڪيم نهار،

ڪين ٽريو تنهن ’ڍنگرالي‘ تان ’ٽوڙي‘ هڏم ٽار،

سعيو اتي ’سيدن‘ ڪيو ڀڳا ڌارو ڌار،

ٻوڏ کنيو تنهن ’ٻُسٽان‘ کي، پئي ’ڪُنري،

۾ ڪوڪار،

ميمڻ لڳي ماندا ٿيا، ٻيا هندن جا به هزار،

مڙي پاڻ ۾ مصلحت جو ويهي ڪيائون ويچار،

ٻيٽ مٿي ”ٻروچ“ چئي بنايائون بازار،

ور ڪري وڃ ’وليءَ‘ کان، ڇڏ ’پئي‘ جي پچار،

لکين تو جئن لوٽيائون اڙد به انڌوڪار،

اهي عاشق اٿيئي اهڙا ڪڇيءَ جا ڪمدار،

’ڍاڀوڪڙ‘ مان پڌريو ٽوڀا هڏون تار،

’ڍوري‘ مٿان ڍري رکيائين ’آنگاس‘ تي آر،

ڪين ٽَريو تنهن ’مانجهاڪر‘ تان، ٻوڙيائين

’ٻاڪڙن‘ سندا ٻار،

منهن ۾ ’ماسرڪو‘ ڪيائين ’کرڇيلي‘ کي خوار،

رڻ ڪيائين ’رندن‘ سان، جن جا تڙ ٻُڏا تڪرار،

’مهري‘ ماڻهو موڪليو ’صوبي‘ ڏي سوار.

’ناري‘ ملڪ نهوڙيو اهڙو ڪيائين انڌار،

ڀڄي چڙهو ڀِٽن تي ’نبي سر‘ کان پار،

گهڙا ڀري ’گهوڙئي‘ جا، ڪيائين ڪاريگرن

سان ڪار،

راڄ رُلائين ’رامهور‘ جو ’نڙي‘ کان نروار،

پُري پهتو سو ’ڀرٖي‘ کي ’کاکڙ‘ ڪيائين خوار،

دار ڀريَئين ’دُريئيــٖــي‘ جي، اٿلي ڪيائين انڌار،

چوڌار چانڊيا ڀڳا، لاهي ’بانٺ‘ مٿي بار،

ڪين ڇڏيائين ’ڪولاچين‘ کي، ڪيائين

’انبن‘ سان انڌار،

ڪري پيو ’ڪُڙياني‘ تي ڪيائين ’گابڙلي‘

کي گر،

ڦيرو ڏنائين فقيرن کي، جي هئا ڪامل ڪلادار،

بانڪا ’بلالاڻي‘ اٿي اڙين جا آڌار،

مُنهن ڪري وڃ ’منگهان‘ ڏي، آئي ’وڏهر‘

سندي وار،

اوڏو وڃ ’اکوٽي‘ کي ’پاٻڻي‘ کان پار،

ڪين ڇڏيائين ’جسڪاڻين‘ کي ’ٽنگڙي‘ هڏمَ ٽار،

’ڪيِريا‘ ڪاهي ويا اُٺيون سي اوٺار،

راڻو ’راضي شاهه‘ اٿئي ’مُوهر‘ جو مهندار،

سَٽَ ڪيائين ’سيڙهي‘ تي، ڪيائين ’آري‘

تي انڌاري،

ڀر وٺي تون ’ڀِٽارٖي‘ جي لنگهه پراڻو پار،

ڳوٺ بچيو تنهن ’ڳونۡيَر‘ جو سيّد هئا سردار،

جهور ٻڌي تنهن ’جهڏي‘ تي نيائين هُرلن جا هزار،

جُٺ ڪيائين ’جسڪورين‘ سان، ڏسو پاڻي

سندا پار،

لڏا کڻي لس ڀڳا ڪيائون راڙهو راڙ،

’سعد خان‘ سَٽون ڏنيون ڪيائين تي ڪَمين

سان قرار:

پئسا وٺو پانهنجا ڪريو مارو مار،

ماڻهو ڪويَئين ملڪ مان هارين جا هزار،

ڪُچو کٿو ڪونه ڪو، اتي سندو سرڪار.

ٻهڪو ’ٻڍاڻين‘ جو اٿئي ’چانڊو‘ تي چوڌار،

پهر لڏايائين ’پهوڙن‘ جي ڌڻ سوڌا ڌراڙ،

ٻوڏ منجهان ”ٻروچ“ چئي، نڪري ٿيا نروار.

ٿاڻو ’ٿهيمن‘ جو اٿيئي ’بانکرالي‘ بازار،

لڏا کڻي لس ڀڳا، ڪيائون الله توهار،

آڌي ڏيئي ’انڙ‘ هليا، ’ڌميا‘ ڀڳا ڌار،

ماٺ ڪري ويا ’منگلجا‘، ٿيا ’نوحاڻي‘ نروار،

پاڙ ويئي پئنچن جي، اهڙو ڪيائون انڌار،

مارو پيو ’موتيءَ‘ کي، مکي ٿيو مهندار،

گانڊو ويو گدام ڇڏي آنن جا انبار،

کڻي کائي خوش ٿيا منجهانِ چور چڪار،

ڪين مٽيائين ’مرڙاڻين‘ کي، ڪيائين ’مغيري‘

مهندار،

پهر پڇي تن ’پتافين‘ جي، ڪيائين ’ٻگي‘ ۾ ٻاڪار،

هليو ويو ’حمالين‘ تي، ڪيائين ’احمداڻين‘ تي آر،

آڌيءَ جو پيو ’علياڻين‘ ۾، ’نارو‘ ٿيو نروار،

خاڪي ڇڏيائين ڪونه ڪو، اهڙو ڪيائين انڌار،

پالهو ڪيائين ’پروڙ‘ کي، ڪيائين ’خاناهي‘

کي خوار،

’ٻهري‘ منجهه ”ٻروچ“ چئي، پاڻيءَ ڪئي پاتار،

پاڻي پالوٽيون ڪيون، ناهي ’مُلن‘ تي ميار،

’خيرپورين‘ کي خوار ڪري، وڃي ٻوڙيائين ’ٻنگار‘،

ملهايائون ’محراب‘ کي، هئا ’چانڊيا‘ چوڪيدار،

پار پڇي تنهن ’پنگرئي‘ جا ’ڌٻڻيءَ‘ کان ڌار،

وس ڪيائين ’وَئِــي‘ سان، هئا ’کوسا‘ خبردار،

ڦيرو ڏنائين ’ڦانۡٽ‘ کي ڪيائين مارو مار،

اٿل ڪيائين ’ايندروڙن‘ تي ’چاڏي‘ تي چوڌار،

ڪين ڇڏيندس ’ڪلوين‘ کي، آهن اڙين جي آڌار،

ور ڏنائين تنهن ’ونگي‘ کي ڪيائين ’ڪاجهرساڻي‘

ڪار،

ڪري ڪاهه ’ڪيهي‘ تي ڪيائين ’قبن‘ سان قرار،

ٻوڙيندس ’ٻيري‘ کي ويندس هيبت تي هيڪار.

’جهاڳ‘ لنگهي وڃ ’جهاڳورن‘ کان، ناهي ’لوئن‘ تي

ليار،

شيڪي آيو ’سينهڙي‘ تي، پئي ’پاڌر‘ منجهه پچار،

مارو وڌائين ’مٺي‘ ۾، جتي هرڻن جا هزار،

ڪري پيو ’ڪڍڻ‘ ۾، آئي ’ولاسي‘ جي وار،

ساريو ساري ڪيترا شاعر سڀ شمار،

ڪندو ٻاجهه ”ٻروچ“ سان، هو ”جمالي“ جهونجهار،

ملڪن ۾ ”ميرخان“ چئي، مون ’نارو‘ ڪيو نروار،

مِٺو گڏيو کارٖي سان، ٿي ڪلمي جي پچار.

 

(2)

مَدُو فقير جا بيت

ساراهيان سچو ڌڻي، ڏس قادر جي ڪل،

جمعي ڏينهن جوٽيائين، ارڙهين رات ازل،

ماريائين مسڪينن کي، ڪانه پيس ڪهل،

ساري ساريان ڪيتري، آگي جي اڇل،

نَئي پئي ’نِداماڻين‘ تي، ڇٽڪي مٿان ڇل،

پوريا هئائون مسجد ۾، ٻڪرين سندا ڦر،

رهيو باقي ڪونه ڪو، ڀونگو نه ڪو گهر،

ڪوٽ ڀڳائين ڪيترا، ماڙيون ڪي محل،

جيڪي سُتا ٿي سيج تي، تن کلي پاتا کدر،

اوڇڻ اسان کي چڱو آهه، بچون شل هيڪر،

اڀريو سج خير جو، ڪيائون ڀڄڻ تي ڀر،

هجي ها پئسو پاند ۾، ته جاچين پٽ پڌر،

ٻوڙيائين ’ٻوٻيءَ‘ کي بيٺو پاڻي وڻ سڌر،

ڏنائين سيکت ’سيهون‘ کي، ٽپايائين ’ٽالپر‘،

جلهه ڪري جهليائين، وڃي ’ڀنڀرن‘ سندي ڀر،

’هوت‘ چيو ’پانڌيءَ‘ کي: لنگهو هن ڀر!

لڳي ماندائي ’ماڇين‘ کي جهليائون ’حاجي مراد‘

جو در:

هاڻ ته بک ٿا مرون، ڏجئين خان خبر.

متان دل لوڏيو، ڏيندو سانوَ اَنّ اوڌر.

موٽي ’مراد بخش‘ کان، جهليو پاڻيءَ ’سامورن‘ سر،

ڀڄو ڀونگا ڇڏي، اوهين گهوٽ به پنهنجا گهر،

ڪئين ڀڳا هئا ڪيترا، ڪي شوق منجهان ئي ’شر‘،

ڪيائين ڪاهه ’قلعي‘ تي، جهليائين ’بسيءَ‘

سندي ڀر،

نيئي پيو ’ناريجي‘ تي، مٿان خال خلل،

ڀتيون ڀڳائين ڪيتريون، ٻيا صُفا مٽيءَ سل،

پاڻي اچي پينتل ڪئي، جهليائين ’ڪنڊياريءَ‘

جي ڪپر،

بنگلا هن جا بنات جا هئا، ٻيا ڪوٽ ڪثر،

ٿيو واويلو ’وساڻن‘ سان، تون پت رکين پرور!

ٿيو خلل ’کاهي‘ ۾، ”تون ڏي خليفا! خبر،

’دينو وڏيرو‘ ٿو دانهون ڪري، هلي کنڊ

ٻڌو هيڪر،

نه ته ’سنڌڙي‘ ٿي سڃ ٿئي، جهليو پَٽن سندي ڀر،

تکي تار ڪري ڪڍجو، ڏهر وڏي جا در،

هن جو خيال گهڻو ’کپري‘ تي، هلي پوءِ

پئنچن ۾ پچر،

وسري وين وجود تان، ڪي قرب سندا ڪاڳر،

اهو حال ڏسي ”مدو فقير“ ٿو دانهن ڪري هيڪر،

پت رکين پرور! مڙنئي جي مسڪين چئي.

 

 

سيّد غوث محمّد شاهه جي وفات

(چيل بچايو رند)

مُتهلي جي ڀر ۾ ڳوٺ شفيع محمد شاهه، تعلقي سنجهوري ۾ بخاري خاندان جا سادات رهندا هئا. پوئين دور ۾ هن خاندان جو پريو مڙس سيّد شفيع محمد شاهه هڪ سخي مرد ۽ مهمان نواز ماڻهو هو. سندس ننڍو ڀاءُ ميان غوث محمد شاهه، ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس هن بي وقتي موت سبب سندس عزيزن، دوستن ۽ ٻين راڄن کي سخت صدمو پهتو. سيّد شفيع محمد شاهه جي خاندان جا راڻي پور جي پيرن، رئيس فقير بخش ڪاڇي ۽ مقبول شاهه ڀيئن واري سان گهاٽا ناتا هئا، تنهنڪري انهن سڀني کي سيّد غوث محمد شاهه جي وفات ڏاڍو ڏک پهچايو، جن ڏانهن شاعر پنهنجي ڪلام ۾ اشارو ڪيو آهي.

ڪري واڪا ويڙهه ۾، ٿيون دوڏن جون ڌڌڪاريون،

رسيون ٿي ’راڻي پور‘ ۾، جي تهتان ويون تارون،

پئي هئي ڪل ڪنڌيءَ ۾، ڪيون ڪنڌيءَ ڪوڪارون،

’مقبول شاهه‘ مٿي مرد جي، ٿي ڏنيون اوڇنگارون،

’فقير بخش‘ فڪر ڪيا، وجهايئين ٿي ولي لاءِ ڦارون،

آيا شهر ’مُتهلي‘ ۾، ٽڙڪن پيون ٽاريون،

ڏهه ڏهه ڳوڙها ڏينهن ۾، ٽمائن ٿيون ٽاريون،

سڻي هالاڻو ’شاهه‘ جو، ڪيون پکين پچارون،

ته مرد لڏي ويو ’متهلي‘ مان، جو هو دردن جو دارون،

پوءِ لاهي مرد ميارون، وڃي ويٺو وسئن ۾.

 

پوپٽ بڪڪ جو مَهير جبل ۾ چيتو مارڻ*

(چيل ڪارو سگهڙ)

[اٽڪل ستن سالن جي ڳالهه آهي ته ڪوهستان جي مَهيرَ جبل ۾ هڪ خونخوار چيتو رهندو هو. هن چيتي ماڻهن جو ڪيترو ئي چوپايو مال کائي ناس ڪري ڇڏيو. آسپاس جي رهاڪن چيتي کي ڳولي مارڻ ۾ وسئون ڪونه گهٽايو پر چيتو هٿ نه آيو. هڪ دفعي ’شودي ٻوهيرٖي‘ جون اُٺيون چرندي چيتي واري جُوءِ ۾ وڃي پهتيون. اُٺين کي ورائڻ لاءِ ’شودو‘ به اچي پهتو، پر همت نه ساري موٽي ويو ويو ۽ وڃي ٻين کي ڄاڻ ڪيائين. ٽي ڀائر پوپٽ، ڀِريو ۽ علو ۽ ٻيا چيتي مارڻ لاءِ سنڀريا. ٻه ٻه ڄڻا ٿي گهٽ جهلي چيتي جي انتظار ۾ ويهي رهيا. شام ٿي ته چيتو گجگوڙ ڪندو پنهنجي غار کان ٻاهر نڪتو. ڀريي بندوق جي گولي ڇوڙي پر چيتو وار گسائي وري غار ۾ لڪي ويو ۽ سڄي رات ٻاهر ڪونه نڪتو. صبوح جي وقت، اهو خيال ڪري ته چيتو زخمي ٿي پيو آهي سڀيئي غار ۾ گهڙي ويا. چيتي نهايت غضبناڪ گجگوڙ سان مٿن حملو ڪيو. ڀِريو، ڪانڙو ۽ علو زخمي ٿي پيا. پوپٽ، چيتي جي ڪاپار ۾ ڀالو هڻي ڪڍيو، جنهن کان پوءِ چيتو ۽ پوپٽ ٻئي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا. چيتي هڪ زورائتو چنبو هڻي پوپٽ جي ٻانهن زخمي ڪري ڇڏي، پر پوپٽ به بهادر مڙس هو سو چيتي کي دسي مٿس چڙهي ويٺو ۽ کيس گهوگهو ڏيئي ڀائرن کي سڏ ڪرڻ لڳو. ڀِريي ۽ ڪانڙي ته بدحواسي جي حالت ۾ سندس سڏ ئي ڪونه ٻڌا ۽ علو کين پري کان بيهي هڪلون ڪرڻ لڳو. باقي شودو چيتي جي گجگوڙ ٻڌي پوئين پيرين وٺي ڀڳو، چئي: منهنجا ننڍڙا ٻار رُلي ويندا. آخر پوپٽ چاقو سان چيتي جو پيٽ ڦاڙي وڌو. پوءِ اوٻاهيو چيتي کي ڪلهي تي کڻي سڀني سان گڏجي ڳوٺ پهتو. ڪاري سگهڙ، پوپٽ بڪڪ جي بهادريءَ واري هن واقعي کي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي جو هيٺ ڏجو ٿو].

ساراهيان سچو ڌڻي، ڪم سندا ڪلتار،

مڃيان محمّد ڪارڻي، جو اُمت جو آڌار،

نوري يار نبيءَ جا، مصلحتي مهنديار:

اها اتي ئي ٿي، آئي ٻيءَ جي وار،

مرون    سُجهي    ٿو    ’مهير‘   ۾    چِٽو(1)   چوڪيدار،

سو جاءِ جوڙائي بيٺو، پَسو آگي جا اختيار،

اُٺيون ’شودي ٻوهيري‘ جون، ٿيون چرن ڌارو ڌار،

سي جهاڳي وييون جُوءِ ۾، جتي ’چٽو‘ چوڪيدار،

’چٽو‘ تن کي چڪاسي ٿو، گهِڻيا ڪري گار(2)،

’ٻوهيرو‘ آيو ٻُڌ تي، وري ويو وينجهار(3)،

’ڪانڙا‘ آيا ”ڪارو“ چئي، ڪن ’بڪڪ‘

کي بَڇڪار،

هي به چارئي شينهن سنڀوڙا، وڃن ’چِٽــٖــي‘ تي

چوڌار(4)،

سوڀون ڏين ٿو اُن کي، تون صاحب رب ستار!

ويري ويٺاس ويجهڙا، ’ڀِريائو‘ ’پوپٽ‘ ڌار،

سانجهيءَ ويل ’سگهڙ‘ چئي، آيو گينور ڪري

گجڪار،

تڏهن بندوق ڇوڙي ڀريائي، گاءُ گسايو يار(5)،

’پوپٽ‘ تنهن کي پڙ ۾، لايو لِچو منجهه لغار،

دُڪار! دَهڪو، ڏور ڦَهڪو، تتي ڪانَ

ڪئي ڪڏڪار(1)،

وِير واڍوڙيو واگُهه وڃي پنهنجي ڏر تي ڌار(2)،

صبح جو سونچو ڪري، آيا مِرونءَ تي مهنديار(3)،

ويري تنهن کي ورائي ويا، چؤڪنڊيءَ چوڌار،

’ڀريائو‘ پنهنجي ڀائرن سان، ڇڻيو نِگـهَه ڪري

نَهار،

تڏهن ’چٽو‘ اُٿيو چڪر ڪري، گوڙ ڪري گرنار،

اُڇلايائين اُنهن کي، سي پيا ’ڀريائو‘ ’علو‘ ڌار،

’پوپٽ‘ تنهن کي پِڙ ڪري، هنئي ڪڍي

منجهه ڪپار،

ڀِري آئي بندوق ۾، ٿي ٽيئي ٽڪر ڌار،

هڪل ڪري هٿ وڌا، تنهن ’پوپٽ‘ پَلٿيدار،

’پوپٽ‘ ’چِٽو‘ پاڻ ۾ ٿا پِڙ ملهائين يار،

وجهي وات ٻانهن ۾، تنهن نشاني ڪي نَهار،

باز تنهن بهادر جو جوڙين ربّ جبّار!

’پوپٽ‘ هڻي پَٽ سين تنهن گوڏا ڏنا ڌار،

نَهري جهلي نڙيءَ ۾، ڪِي ڀائرن کي بڇڪار،

ٽي سَڏ سورهيه ڪيا، ’ڀريائي‘ کي جهونجهار،

سُئا ڪين ’سُگهڙ‘ چئي، نه ته ڪانڙي ڪئي

ڪڏڪار،

’عرضي‘ اُسريو ئي ڪينڪي، جنهن کي وڙهڻ

جي نه ٿي وار،

 

ڇَڻيو هوند ڇپر تان، پر اڳيان ٿياس ڪَرگ

جي قطار،

مِرونءَ پنهنجي ماڳ تي، ڪِي ٿي هڪل

۽ هونگار،

تڏهن ’شودي‘ جي ”سگهڙ“ چئي سَنڌٖين ڇڏي سار،

”مِرون ماريندو مونکي، منهنجا رُلي ويندا ٻار“،

اِها صلاح سورهيه ڪري، منهن ڇڏيو مهنديار،

سنگتين جي    ”سانئر“   چئي،      مٿس    ناهه    ميار(1).

اهو اتي ئي ٿيو، آئي ٻئي جي وار،

’علو‘ اُٿي نه سگهيو، پَٽيءَ ڏنائين ٿي پار،

ڀِريا وڃ ’بڪڪ‘ ڏي، تنهن جي سگهولهج سار،

چاقو ڪڍي چست مان، ويو تيڏيءَ وار،

ڪُٺائينس ٿي ”ڪارو“ چئي، ماريائين مُردار،

مِرون ماري مُچ ٿي ويٺا سي وينجهار،

وٖير سائيءَ جو واگهه وٺي، ويا کٽي سوڀ سنگهار(2)،

وير ورياماڻي وري آيو، ’او ڀايو‘ اَجهي دار،

ڪاوڙجي ڪلهو هڻي، تنهن مِرون کنيو مهنديار،

ناهي ڪم ڪنواٽن جو، ٿا باري کڻن بار،

پَهلوان کڻي پِڙ نان، آيو گهر جهونجهار،

’بڪڪ‘ ڀائر ’ڀوتاڻين‘ جا، عهدي اجهيدار،

مانجهي مُڙڻا ڪينڪي، جن جي دِسِين

۾ ڌڌڪار(3)،

ڏني سگهه ’سائينڏني‘ کي صاحب ربّ ستار،

قائم ڪِيرا تنهن جا، ٻيون پاڙون منجهه پاتار(4).

مدد تو سان مصطفيٰ، ٻيا چار نَبي جا يار،

گهوڙي ڏينم گهوٽ تون، هجي سَنجين سين سينگار،

ٻيا ڀِي ڌَڻا کوڊي مونکي ڏيندا مصلحتي مهنديار،

’پوپٽ‘ پِيرن اَڏيو، ڪندو باغ بهار،

سو ڍڳو ڏيندو سَگهو، هڪلي سو هيڪار،

اَسان چيو ايترو، اڳيان سالڪ لهندا سار،

ڪلمي جي قطار، ڇُٽو شل ايمان سين.

 

صوفي قلندر بخش جي شهادت

 

[فقير قلندر بخش صوفي ناري جي مشهور درويش صوفي محمد صديق عرف صادق فقير جو پڙ پوٽو ۽ حاجي محمد صوفي جو وڏو فرزند هو. سندس ولادت سنه 1880ع ڌاري ٿي. مشهور شاعر محمد هاشم ”مخلص“ کان عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي هئائين. صورت سان گڏ سيرت جو به سهڻو هو. صوفي صاحب نهايت ئي رحمدل، بيخوف ۽ بي ريا هوندو هو. ڪوبه سوالي سندس در تان خالي نه ويندو هو، ايستائين جو پنهنجي بدن جا ڪپڙا به لاهي سوالين کي ڏيئي ڇڏيندو هو. ڳوٺ جي غريب بيوهه عورتن ۽ يتيم ٻارن کي گهر ويٺي مدد پهچائيندو هو. حق ۽ صداقت جو ڪوڏيو هو. انهي حق گوئي سبب کيس بمبئي ڪائونسل جي ميمبري ۽ لوڪلبورڊ جي صدارت به ڇڏڻي پيئي. علم وارن ماڻهن جو وٽس قدر ۽ چاهه هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به شعر چوندو هو. سندس شاهي ڪتب خانو اڄ به محفوظ ۽ موجود آهي. سندس نيڪي ۽ سچائي جي شهرت سبب خود ڀائر ڦري سندس دشمن ٿي پيا ۽ هنن صوفي صاحب کي شهيد ڪرائڻ جا گهاٽ گهڙيا. آخر 8- محرم سنه 1349هه، جمعي جي ڏينهن ڪن ماڻهن سان گڏ سندس ڀائرن جي چرچ تي قلندر بخش جي ٻنين کي ملندڙ پاڻي اچي بند ڪيو. صوفي جا ٻه وفادار نوڪر ’گل‘ ۽ ’وزير‘ انهي تڪرار کي حل ڪرڻ ويا جي مارجي ويا. جڏهين صوفيءَ کي اها خبر پيئي ته پاڻ روزي جي حالت ۾ ٻنيءَ ڏانهن ويو. پر اهي ماڻهو جيئن ته آيا ئي کيس قتل ڪرڻ جي خيال سان هئا، تنهنڪري انهن مٿس ڪهاڙين سان حملو ڪري، کيس شهيد ڪري ڇڏيو. هن افسوسناڪ واقعي کي ٽن شاعرن يارو شر، ڏاتار بخش ۽ پانڌي آريسر بيان ڪيو آهي جو هتي ڏجي ٿو].

 

(1)

فقير يارو شر جا چيل بيت

 

اول نام الله جو، قدرت ڌڻي ڪيڏو!

سڄو جڳ سردار کي، هاديءَ ڏنو هيڏو!

اُمتي عربي ڄام جو، الست ۾ ايڏو،

وڏيءَ    مڻيا     مرد       هو،     وڳهه    ۾       ويڏو(1)،

راجا راڄن جو ڌڻي، ڏڍ جبل جيڏو(2)،

سورهيه سمجهان ڪونه ڪو، عالم ۾ ايڏو،

چوڏس چنڊ چٽو جيئن، ان جو طالع هو تيڏو،

ڪنهن رضا سان ريڏو، نه ته لک مرد جو مَٽ هو.

 

لک مردن جو مٽ هو ”شر“ چئي شاني،

بيشڪ هو بهادر هو، دل جو دوراني،

اِيءَ گادي غازين جي هئي ناميل نيشاني،

’قلندر بخش‘ ڪيهر هو، جنهن جا ڏهيسر ڏاني،

سورهيه چوڏهين سنه ۾، ويو پاري پهلواني،

راجا رائيفل سامهون، ڏينهن جمعي جاني،

ان    پيتو    کير    خمير    جو،      مرد       مهماني(3)،

هئي رضا رباني، نه ته لک مرد جو مٽ هو.

 

لک مرد جو مَٽ هو، شاهه عليءَ جو شينهن،

ڪُل ڳالهه ۾ ڪمال هو، غازي گل غنيءُ،

صوفي سرويچ هو، سامن جهل صريح،

وٺو موتيءَ مينهُن، نه ته ڪئمپ لڙي ها ڪانه ڪا.

 

ڪئمپ لڙي ها ڪانه ڪا، ساڻ هٿيارن حرام،

فوجن ۾ سو فِٽ هو، تنهن جو  سو    ڄرڪن    سلام(1)،

وڄي ولايت کان پري ويو، نر جو نام،

’انڊيا‘ ۾ عيان هو، تنهن اَرڏي جو احڪام،

جڏهن ڪري شوق شڪار جو، تڏهن کائي طعام،

ڪيئي شينهن ٻَڌائي ”شر“ چئي، ويهي پوءِ وريام،

ان رليءَ جي موت کان، هن اصل ڪيو انجام،

ته ڏبو سِر سخاوت ۾، ڪنجهڻ آهه ڪلام(2)،

جتان ڄميو هر هي ڄام، سا ماڳهون مِٽي هئي ايتري.

 

سا ماڳهون مِٽي ايتري، خاوند هئي خلقي،

جيڪا وڻي خاڪ خدا کي، مولــٖــي سا مُڪِي،

’صوفي‘ انهيءَ سيگهه مان، هاديءَ ڪيو حقي،

شهادت جو ”شر“ چئي، مرد هو متقي،

اُن کي مدعي ماري هاڪو نه ڪو، نه ڪا ٻيائي

ٻُڪي،

لکي هئي لوح قلم ۾، ’صوفيءَ‘ لئي سُرڪي،

ان لکئي ڪانه لڪي، جا هئي نوري ڳالهه نصيب ۾.

 

 نوري   ڳالهه    نصيب    ۾،    ڳايان    ڇو نه    ڳوڌو(3)،

يڪي دل ”يارو“ چئي، هُو هئو لکن جو لوڌو(4)،

سورهيه سو ٿو ڳائجي، جيڪو هِنۡياتو هوندو(5)،

ٻيا مرد گهڻا ملڪ ۾، تيئن هي ديمن ۾ دودو(6)،

اگهيو در الله جي، وڃي صوفيءَ جو سودو،

هو سُئو، نڪي مرندو، آهي صوفي ياد سڀن کي.

صوفي ياد سڀن کي، آهه ڪٽڪ جهل ڪافي،

مٽي ماڳهون ايتري هئي، صوفيءَ جي صافي،

شهادت جو ”شر“ چئي، شرف مليس شافي،

جيئري جنت کٽي ويو، محشر ٿيس معافي،

مليس اَمر انصافي، هُو هو ڳولو انهيءَ ڳالهه جو.

 

ڳولو هو انهيءَ ڳالهه جو، گهُريو ٿي ائين جوان،

شهادت جا ”شر“ چئي، مليس درجا دو جهان،

صوفي جي سر مٿي هئي، طاقت ڪنهن کي ڪانه،

ساريل هئا سڀڪنهن کي، اَرڏي جا ارڪان،

مانيءَ وانگر مدعيءَ کي، کائي ڇڏي ها خان،

بيشڪ بادشاهن جي، ٿي سُڌ رکي سلطان،

انهيءَ پر انگريز سان، ٿي دنگ هنيو دوران،

غرض نه ڪڍيائين غنيم جي، امر ۽ اعلان،

هل! هِنيون تنهنجو، اهو جگر جوان،!

خاوند خوب خلقيو، تنهنجو شاهي شان،

واڏر، ورڏي وات ۾، زابر منجهه زبان،

هرڪو هيبت نه جهلي، منهن چڙهي ميدان،

انهيءَ مرد مٿير مان، هئا گورن کي گمان،

انڊيا ۾ ارمان، ٿيا صوفيءَ سندي سر جا.

 

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ سلطان،

قصو ڪريان ٿو قلندر بخش جو، بيتن ۾ بيان:

طالع وڏي طويل هو، پُرس پهلوان،

جهنگلي جهنگن ۾ ڊنا ٿي، انهيءَ جي اعلان،

تنهن تي صاحبلوڪ سڙيا پئي، پچن جيئن پڪوان،

غازي    اُترَ گوڙ    جان،   هو    زبرو    منجهه    زبان(1)،

جڏهن قلندر بخش ڪوثر رسيو، وٺي شهادت شان،

ڪمشنر ڪڙهي ويا، جي هئا درباري ديوان،

گورن پئي گوڏا پٽيا، حاڪم هئا حيران،

’صوفيءَ‘ وائي وات ۾، ڀُورن منجهه بيان،

اڄ    آڙو    لڏيو    انگريز جو،   جهُڙ    لٿو    آسمان(1)،

تخت ڌڻيءَ کي تار ملي، اُن وقت امتحان،

ته قول اٿئي قلندر بخش جو، دهرا وراهج دان،

مانُ سڃاڻي مرد جو، ڪو جو قدردان،

سُوءَ ڪجان صوفي لئي، تخت نه ويهجان تان نه،

تنهنجي! انگريزيءَ جو اَڌلڏيو، ڪوٽ ڀڳو ڪوهستان،

يارهن بادشاهيون ياد ڪجان، اٿئي جيڪي

منجهه جهان،

ٻارهين ٽوپيءَ تون ٻجهين ٿو، دنگ پنهنجي دوران،

تڏهن يارن کي ”يارو“ چئي، خبر پيئي ڪانه،

صوفي ويو صاحبيءَ مان، ساز کڻي سامان،

جو هو اوٽ اِنڊيا جي، چوگرد چوگان،

اُن سان ڪئين راجائون رفيق هئا، جوڌپوري جوان،

هن کان مٿي سر سردار جو، روءِ چوان رحمان،

هند سارينئي سومرا! سنڌ سڄي سلطان!

ساري انڊيا ۾ ارمان، صوفيءَ سندي سر جا.

 

صوفيءَ جو سر جو، توڙئون ڪريو تپاس،

هن جو شوق شڪار سان، هو پيڙ هائتو پياس،

جهنگلي مرون جهنگ جا، تن مور نه سڌاريو ماس،

کنيائون پئي خوف ۾، سِڪ ٻڏندو ساس،

شينهن تان شامت لٿي، روجهن تان راڪاس،

سي اڄ   ڪندا    آساس،   جو    صوفي شها کڻي ويو(2).

صوفي       شيها    کڻي    ويو،   پهلوانيون     پاور(1)،

اُن جي مٽيءَ موت ملوڪ ٿيو، بيشڪ بهادر،

سخي، خان خدائيءَ ۾، هو نالي نشانبر،

ڪل گادين ۾ گل هو، ملڪن ۾ مشر،

صوفي سچ سمونڊ هو، ڪلان ساڻ ڪڪر،

ملڪن ۾ ماڻڪ هو، تنهن جو هو نوريءَ پاس نظر،

هو جن ڏٺو ڏهيسر، تن کي ڪارا ويس ڪلهن تي.

 

ڪارا ويس ڪُلهن تي، هئو ڏهيسر ڏڍ،

لڳيءَ مهل ميدان تي، غازي هئو گڍ(2)،

جبل ويڏو جوان هو، جنگ جهونجهاري جنڊ،

اروڙ ٻند انگريز لاءِ، هئو مهيسر منڍ،

فرنگي تنهن فقير مان، کايو ويٺو هو کنڊ،

جو سِڌيون ٻڌائيندو هو صاحبلوڪن کي،

نظاري نڇنڊ(3)،

چوان چوڏهينءَ چنڊ، ’صوفي‘ ورن سون جي.

 

صوفي ورن سون جي، تنهن جو درس ٻڌو ديدار،

اُن جو مغز ماهيءَ سانهه جيئن، ڪنڌ ڪُلهن ڪپار،

چيلهه سنهي، منهن موڪرو، تڪ ٻاهر تڪرار،

هٿ،    ڪرايون    سگهه    ڀريا،     ڪُل    وٽائون وار(4)،

شمّ اکيون شير جون، گلابي گلزار،

ڏند موتي، چپ چُونڊوان، نڪ نيزي نروار(5)،

سُونهارِي صوفيءَ جي، هئي چمن گل چوڌار،

عطر، مشڪ، عنبير سان، ڄڻ ڪڪر ڪارونڀار،

مون فوٽو ڏٺو هو فقير جو، سڄو ميگهه ملهار،

ڇاپي واري ڇاپيو هو، ڪاغذ مٿي قرار،

تنهن انصافيءَ انصاف ڪيو هو، ويس رکي ولهار،

پير پٽولا، ڄنگهون، بڪيون، تنهن جو ديک

وارو ديدار،

ساري اڏاوت امير جي، ڄڻ بادل وسن بهار،

پهري پوشاڪون پَٽ جون، چوئا چندن هار،

ڪنهين اوڍيو ڪونه ڪو، صوفيءَ جو سينگار،

جيڪو آهي محمّد ڄام مهندار، سو ڪندو

شفاعت ”شر“ چئي.

 

ڪندو شفاعت ”شر“ چئي، مديني جو مير،

صوفي چوڏهين سنه جو، اصل هئڙو وير،

زيارت لئي زماني آيو، فرمودي لاءِ فقير،

ڀؤنر گلن ۾ ڀٽڪيو، ورتائين تڪين جو تاثير،

جهڙيون هيون فوجون فرنگيءَ جون،تهڙو ڪئمپن ساڻ ڪبير،

ملهائي هليو ملير، صوفي شهادت ساٿ سان.

 

صوفي شهادت ساٿ سان، تنهن کي سوڀ ملي سولي،

پاڙهي جماعت جمعي جي، ويو حورن ڏي هلي،

راجا رائيفل سامهون، ويو کٿوريو کلي،

اُن کي شهادت ”شر“ چئي، محرم منجهه ملي،

حشر ڏاينهن هلي، وڃي هو گڏيو ’حسنين‘ سان.

 

هو گڏيو حسنين کي، ڌيان اوهين ڌاريو،

يڪيءَ دل ”يارو“ چئي، ساعت اوهين ساريو،

مرتبو ملوڪ جو، تاريخ اوهين تاريو،

هوڏانهن پئي سيج وڇائي سيّد لئي، هيڏانهن

صوفي سينگاريو،

جائزي هو جنّت جو، سورهيه سوڀارو،

ٿيو ماڳهين موچارو، صوفي شهادت ساٿ سان.

 

صوفي شهادت ساٿ سان، گلزاريو گوهر،

اُن جو بهشت اندر بخت وريو، ويٺو تخت

مٿي تونگر،

شهادت جو ”شر“ چئي، پهري هليو پر،

اُن کان قادر وٺندو ڪونه ڪو، پڇاڻو پرور،

صوفي تنهن جو سر، وڃي حاضر ٿيو حضور ۾.

 

حاضر ٿيو حضور ۾، هو تان شير سخي،

اَنگ اگهاڙو ڪونه ڇڏيائين، نه ڪا پيٽ بکي،

عبادت ڪندو هو الله جي، ڪنان لوڪ لڪي،

اُن جي رازق پت رکي، هليو صوفي شهادت ساٿ سان.

 

هليو صوفي شهادت ساٿ سان، تنهن جا ويا لُڙ لهي،

ڏوهن ۽ گناهن جي، اُن تي رَتي ڪانه رهي،

هُو ته جيئري جنّت کٽي ويو، واري ڏوهه وَهي،

ڪلمون راس ڪهي، سڀ دعائون ڪريو

صوفي کي.

 

(2)

صوفي ڏاتار بخش جا بيت

 

صفت ڪريان سبحان جي، جو رازق ربّ رحيم،

مالڪ آهي ملڪ جو، قدرت ساڻ قديم،

پيدا ڪيائين پيغمبر کي، جو فائق آهي فهيم،

اَجهو آخر زماني جو، مرسل آهي مقيم،

سَڀرا ۽ سقيم، ڇٽندا خفيل تنهن جي.

 

قصو ڪريان ٿو قضا جو، تنهان پوءِ تڪرار،

’قلندر بخش‘ ڪيهر هو، منجهه سومرن سردار،

رهندو هو شهر ’صوفيءَ‘ ۾، آهر جي آڌار،

پنهنجو مٽ پاڻ هو، پهلوانيءَ ۾ پار،

سهڻو صورت جو گهڻو، اعليٰ حُسن اَپار،

اکيون آهُو جهڙيون، وار گهنڊيدار،

رنگ روءِ گلاب جي، چال ڪبڪ رفتار،

سخا جو پڻ شينهن هو، لٽيائين خزانا خرار،

مومن متّقي هو، ڪندو هو بندگي بيشمار،

مُلڪان ملڪ مشهور هو، نانءُ سندس نروار،

محبت ۾ مڪمل هو، هئس غريبن سان پيار،

اِنصاف ۽ عدل جو، هو سڄئي سينگار،

نه ڪندو هو خيال ڪنهن جو، نه ريا رشتيدار،

ملڪ سندس مطيع هئا، هو ملڪن جو مختيار،

ڪماني ۽ ڪليڪٽر ڪندا هئا نمي نمسڪار،

اوج سندس اعليٰ هو، پر قضا ڪئي ٻي ڪار،

دوست ڦري دشمن ٿيا، ٻيا هاري ڪمدار،

ڀاءَ وٽانس باغي ٿيا، ڏسي نام سندس نروار،

بچندا پيا هئا پَر ۾، نه ڪندا هئا اظهار،

ڳجهيون ڳوهيندا هئا پاڻ ۾، ڪري ڪيئي ويچار،

پر طاقت نه هئن تِر جيتري، لاشڪ هئا لاچار،

لکيو پري، ڪين ٽري، اِيءُ آگي جو اقرار.

دغا رکي دل ۾، ڪيائون پاڻيءَ لاءِ پُڪار،

ته ٻنيون وڃن ٿيون ٻج کان، هاڻ ڪجي ڪو تڪرار،

سنباهي ساٿي موڪليائون، کولڻ پاڻيءَ پار،

اُهي شيطان هئا سومرا، خادم خدمتگار،

جن کي ننگ نه پيو    نمڪ جو،   ٿيا    خوڪ    خوار(1)،

’گل‘ ۽ ’وزير‘ گڏ ويا ڏسڻ، صوفي سندن سردار،

پر منهن ۾ آين موذي اُهي، جي هئا جهيڙي لاءِ تيار،

پوءِ مرد موٽيا ڪينڪي، هئي لکئي ائين لغار،

پائي حليميءَ جو هار، شير شهادت رسيا.

 

شير شهادت رسيا، مولــيٰ وڌاين مانُ،

’صوفي‘ پڻ سڌو ويو، ڏسڻ شهيدن جو شان،

ڪوفي ڪاهي آيا، گوڙ ڪري گهمسان،

شير شهادت رسيا، ٿي پڙ ۾ پهلوان،

موليٰ ڏنن مان، شهادت جي سيج جو.

 

شهادت جي سيج جو، سريو کين شان،

سنه تيرهن سؤ اوڻونجاهه، محرم مهيني مان،

اَٺين تاريخ، ڏينهن جمعو، اهو ٿيو اعلان:

”شير شهادت رسيا، پڙ ۾ پهلوان“.

”ڏاتار بخش“ ڏکوين تي، الله ڪندو احسان،

موليٰ     مهربان،     ڪندو       مهر    معصومن(1)   تي.

  

(3)

پانڌي آريسر جو نظم

 

هردم ڪر تون ياد ڌڻي،

جنهن جي آهي جوڙ گهڻي،

حَسن حُسين دوست ڌڻي،

تن جي محبت مونکي وڻي.

قلندر صوفي ڪيهر ڪنڌار.

محمّد مير مٺو مهندار،

سهڻا صحابي تنهن جا يار،

حَسن حُسين هينئين جا هار،

نرمل نيڪ چوان نروار،

غازي گوهر سي گلزار.

صادق، صابر تن جي ڳال،

سڀئي سڻو موچاري مقال،

چوڏهين سن ۾ صحيح سوال،

صوفي قلندر حُسن جمال،

تجلا تخت ڪري چمڪار.

زاهد عابد زور چوان،

قرآن پڙهندڙ دؤر چوان،

محبت مصري مور چوان،

ڪندڙ غريبن غور چوان،

ياري يتيمن رکي يار.

ور ور ڏيئي وصف ڪجي،

ڀلي بهادر صفت ڪجي،

محبت من ۾ مست ڪجي،

چال چڱيءَ تي چست ڪجي،

لکي اُماڻ تون اخبار.

تنهن ٿي لڏيو لوڪ منجهان،

صدقي سِر ڪيو شوق منجهان،

ذاڪر ٿيو جو ذوق منجهان،

ڇاتي نه ڏڪيس ڇونڪ منجهان،

بيشڪ مرد چوان مختار.

محرم مهينو چنڊ ڏٺو،

ماتم جو اچي مينهن وٺو،

وجهه وٺي اچي ويري ويٺو،

صاحبزادو تن شير ڪٺو،

اهو الله جو هو اسرار.

فرض نماز جو پڙهيو فقير،

قلب اندر ۾ عشق امير،

صحيح سومرو دل جو سڌير،

عقل اڪابر ٻاونگير،

اجل چيو تون ٿي هوشيار.

امر سڻي سڏ اُٿيو امير،

بيشڪ ’ناري‘ ملڪ جو مير،

حُسن جلوو ماهه منير،

ٻيا گڏ ساڻس ’گل‘ ’وزير‘،

هٿن خالي، ري هٿيار.

’وزير‘ ’گل‘ ٻه ٻانهان گڏيا،

اوچتو اچي ات اجل سڏيا،

دل ۾ دلبر ڪينڪي لُڏيا،

ڪوڏئون ڪيهر آيا ڪُڏيا،

صدقي ڪيئون سِر سؤ وار.

آيا پڙ ۾ بانڪا باخبر،

هُل هلي ويو ڏاڍو حشر،

لڪي ويٺو هو شوم شمر،

هٿ ۾ رکيو تيز تبر،

ڪوفين وانگر ٿيا منهن ڪار.

جاهل ويٺا هئڙا جهنگ،

ڀڙوا ڀيٽو پِي سڀ ڀنگ،

نڪتا نور نڀاڳا نِهنگ،

چوويهه چيلهه ٻڌي اٿيا چنگ،

تن ۾ ’ڀونگر‘ هئو بدڪار.

دشمن ڀاءُ ٿيو جنهن ويرا،

ڪوريو ماس وڍين ٿا جيرا،

هٿ پير، بڪيون، ٻانهون پيرا،

گهاءُ جگر ۾ ڪيڙا گهيرا،

ڌڙ ڪپي ڪيئون سر کؤن ڌار.

چوڏس چاري چور ويٺا،

بي دين ڀولُو ڀُوڪ بيٺا،

بڇڙا موذي پليت مٺا،

ربّ کان رهزن رول رٺا،

ٿيڙا خجلئون خوڪ خوار.

تيرنهن سؤ سنه اوڻونجاهه،

محرم مهيني مانُ ڏجان،

اٺين تاريخ عجب ڪجان،

ڏينهن جمعي جو جوڙ رکجان،

ٽيئي ڪُسي ويا ڪيهر ڪنڌار.

امر الله جو آيو اُن دم،

تقدير تڏهن ڪيڙو ڪم،

نه ته سامهون ڪير اچي رستم،

غازي مرد جو ملڪ ۾ غم،

عالم ساري ۾ اوڇنگار.

ٻئي گڏ ماريا در جا ٻانها،

گهورجي جاني ويڙا جوانا،

ڪنڌڙو ڪوري ڪيئون قربانا،

ناري ۾ ٿيا نر نيشانا،

ڏيهه ساري ۾ هو ڏهڪار.

”پانڌي فقير“ ڪر تون صبر،

الحمد پڙهي ڪر تون شڪر،

ڏاڍو ربّ ڏهاڻي ڏر،

واحد ڏي تون جلدئي ور،

ڪلمي ساڻ جيءُ جيار.

 

 

عبدالرحمان بروهي جو پوليس جي پهري مان ڀڄڻ

(چيل محمد خان بلوچ)

[عبدالرحمان بروهي اتر سنڌ جو هڪ مشهور ڌاڙيل هو، جنهن لاءِ مشهور آهي ته هو نهايت غريب پرور هو. هزارين غريب سندس مدد تي پلبا هئا. هي گهڻو ڪري وڏن وڏن زميندارن ۽ شاهوڪارن کي ڦري مال ’غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، جنهنڪري غريب ماڻهو سندس ساراهه مان ڍاپندا ئي ڪين هئا. 1932ع ۾ هڪ ڀيرو پاڻ، دينو ڪاسائي، بَکُو ۽ ٻين چئن ساٿين سميت گرفتار ٿي پيو. کين سکر جيل ۾ رکيو ويو، جتان وري کين ريل گاڏي ۾ ڪنهن ٻئي طرف نيو ٿي ويو. احمد شاهه، عبدالواحد جمعدار ۽ ٻيا ڪيترا هٿياربند پوليس وارا سندن نگراني ڪري رهيا هئا. اوچتو ڪنهن سبب گاڏي هڪڙي هنڌ بيهي رهي، عبدالرحمان اهو موقعو غنيمت سمجهيو ۽ هوشيار ٿي ساٿين کي هڪل ڪيائين، جنهن تي سندس ساٿين وٺي پوليس تي حملو ڪيو ۽ پوليس وارن کان هٿيار ڦري ڀڄي ويا. پر جيئن ته رستي جا واقف ڪونه هئا تنهنڪري ڀٽڪي ڪنهن جهنگ ۾ وڃي نڪتا. اتي پوليس به اچي رسين، ٻنهي طرفن کان گوليون هليون،  آخرڪار ڌاڙيل بيوس ٿي وري جهلجي پيا. انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي سگهڙ محمد خان بلوچ پنهنجي ڪلام ۾ پوليس جي ڦڙڦوٽ ۽ پريشاني بيان ڪندي عبدالرحمٰن ۽ سندس ساٿين جي ساراهه ڪئي آهي ۽ چيو اٿس ته: اهڙا بهادر انعام جي لائق هئا پر سرڪار سندن قدرداني نه ڪئي. عبدالرحمان ڌاڙيل کي ڪجھ عرصي کان پوءِ خون جي الزام هيٺ عام ماڻهن اڳيان ڦاسي ڏني ويئي].

پهرين صفت خدا جي ڪريان، ٻيو نبيءَ جي نروار،

پِير، پيغمبر، پنجتن، ٻيا آهن چارئي يار،

سَوَ اُتم پيغمبرن جا، پر محمّد مڙني مختيار،

فقير، امير هزارين پيدا ڪيا پروردگار،

ٻاجهه ڪندو ٻاجهارو، رازق رکڻهار،

اهو عرض الله کي آهي، ته راهه رسول ڏيکار،

نوڙيس ڪين نماز تي، ويا پنجئي وقت پاتار،

فرض ادا مان ڪين ڪيا، جو آهي نفس جي مار،

ربّ سائين! تون راضي ٿي، مون اڻ تارُو کي تار،

نڪو مان منجهه تار ترڻ آ، نڪو ثمر آ بسيار،

ساجهر صحيح سلامت، سائين! ڪُل جو ٻيڙو تار.

قصو هڪڙو عجب ٻڌوسين، آهي مزيدار،

’عبدالرحمان بروهي‘ هو، جيڪو ڌاڙي جو سينگار،

هڪڙو ’دينو‘ ڪاسائي، ٻيو ’بَکُو‘ بهري دار،

سڀئي ست ڄڻا هئا سانڀرو، جن جا نالا نه آهن نروار،

قيد هئا سکر ۾، جيڪي وڃڻا هئا وڻڪار،

سنڀرايائون سپاهه کي، جيڪي تڪڙا منجهه تلوار،

اڳيئون ڪم ڪمينن ناهي، سمجهي ٿو اسرار،

اهو ٻڌي واڪو اُٿي هليا، هي ڪرڙا ڪاردار،

ٽپ ڏيئي اٿيو اتي، هو هيبتناڪ هسوار،

’اقبال احمد‘ ’شاهپور‘ مان نڪري ٿيو نروار،

’عبدالواحد‘ جي خدمت ڪيو، جو آهي جمعدار،

سنڀري گهاٽ ظالم اٿي هليو، ڪُوپو ڪُل ڪنڌار،

هلڻ ويل خوشيءَ مان هليا، ٿيا ريل مٿي هسوار،

آخر اتي رسيا، جتي ڀؤ سندي ڀلڪار،

ڪَل چري ڪڙڪو ٿيو، متا ڌم ڌڪار،

گاڏي بيٺي برپٽ ۾، ٿيو هُلچو هُلڪار،

’عبدالرحمان‘ پنهنجي سنگتين سان بيٺو هو هوشيار،

دڙڪو تنهن جو اڳيون جهلي سگهي نه سرڪار،

هڪل سان بي ايمان ٿيا، اڳيون چارئي جوان چوڌار،

ڪارتوس ڏنائونس ڳٺن سان، ٻيا ڇڏيائون سڀ هٿيار،

هڪڙا  ڪريا    پٽن    تان،   گاڏيءَ    جي    ته    گدار،

ڪپڙا پنهنجا پاڻ ڦاڙين، سنگتين جي آڌار،

سکر ڏانهن هو سونهان نه ٿين، پيا پڇائين بازار،

ڄڻ گدڙ ڦاٿا آويءَ ۾، ڪن ڪُوڪان ڪارونڀار،

وڙهڻ سان مڙسن ڪين گهٽايو، پر ٿيڙا نيٺ لاچار،

اهڙا مرد ته مر جال هجن، دشمن تي ڏهڪار،

انعامن جي لائق هيا، پر کُٽي آ سرڪار،

مار پوي تن موڳن تي، جن ڪيو ڪم ڪسار،

دانهن ٻڌائون ’دهلي‘ ۾، ٿي اوندهه انڌوڪار،

هوڏانهن ’هندستان‘ ۽ ’چين ۾ چلي لڙائي چوڌار،

خبر ’خراسان‘ پئي، ’امرتسر‘ پهتو اسرار،

لوڪن ٻڌو ’لاڙڪاڻي‘ هر هنڌ هئو ويچار،

ڏاهه پئي هت ڏکڻ پاسي، ’جيسلمير‘ پچار،

’سنڌ‘ سڄي ۾ مشهور ٿيڙا، ’ڪوئيٽا‘ ڪارونڀار،

باهه لڳي ڀنڀور کي، جتان هوت هليا هسوار،

نماڻي سان ناحق ٿيڙو، بيحد بيقرار،

عجيبن سان اوچتا، ويا گڏجي منجهن گَدار،

خان پنهون سان خوش ٿي، وڃي پهتا منجهه پهاڙ،

’ڪيچ‘، ’گنگا‘، مڪران ۾ هت قصو ڪن سچار،

سام سلامت سومري، موٽائي هئي ماڙ،

مومل ڏي منهن ڪونه هو، پر سوڍي کي هئا ساڙ،

مجنون يڪي مست هو، ليليٰ ڪارڻ ڌار،

سهڻي پنهنجي سوز ۾، هئي ملڻ لاءِ ميهار،

’هير‘ سيالڻ ’رانجهي‘ ڪارڻ روئي زارئون زار،

’سيف الملوڪ‘ ڪارڻ اپڇرا ’بديع الجمال‘ ڪڍيا پار،

’ليلان‘ لاڏ گهڻي سبب، ور مٽايو هار،

’ڪونرو‘ گهڻي قرب منجهان، کڻي ڏنو هو هار،

’سسئي‘ پنهنجي ’پنهل‘ ڪاڻ، ڪاهيو ٿي ڪوهيار،

شيرين جي لقاءَ سبب ’فرهاد‘ ڪيو سر ڌار،

ائين هر عاشق جو وارو آيو، سمجهه تون سردار!

”محمد خان“ بلوچ چئي، ويا سڀ گڏجي منجهه گذار،

هاڻي ڪلمي جي آڌار، سڀڪو پهتو سير کي.

 

 

ڪوئيٽا وارو زلزلو

 

3- مئي 1935ع ۾ ڪوئيٽا جو زلزلو خدا جو قهر ۽ غضب پاڻ سان کڻي آيو. سڄي مخلوق مٺڙيءَ ننڊ ۾ آرامي هئي ته اسر وقت سوا ٽين بچي اوچتو ڌرتيءَ جي اندران خوفناڪ آواز اچڻ لڳا ۽ زمين آهستي آهستي چرپر شروع ڪئي. ان کان پوءِ هڪ زوردار ڌوڏو آيو، جنهن جي اثر کان وڏا وڏا محل ۽ بنگلا اچي پٽ تي پيا. سندن بدنصيب رهواسي ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهيا ۽ هزارين مڻ مٽيءَ جي هيٺ دٻجي مري ويا. هن زلزلي سبب ٿيل تباهيءَ جو اندازو ان مان ئي ٿئي ٿو جو هڪ سؤ ٽيهه ميل ڊيگهه ۽ ويهه ميل ويڪر واري ڳتيل ايراضي زلزلي جي اثر هيٺ آئي، جنهن ۾ مکيه شهرن ڪوئيٽا، مستونگ ۽ قلات سان گڏ هڪ سؤ ننڍا ڳوٺ پڻ تباهه ٿي ويا. مالي نقصان جو ته ڪاٿوئي ڪونه هو. ڪروڙين روپين جو مال ڌرتي هيٺ دٻجي ويو. ڪا جاءِ سلامت نه بچي، ريلوي اسٽيشن ۽ ريلوي لائن تباهه ٿي ويئي. ڪيترا امير ۽ ڪاروباري ماڻهو، پنهنجو سڀڪجھ وڃائي رستي تي پنڻ لڳا. مائرن پنهنجي ٻچڙن جي لاشن کي چرين وانگر مٽيءَ جي دڙن جي هيٺان پئي کوٽيو. ڪيترا معصوم ٻچڙا پنهنجي مائٽن لاءِ ٻاڪاري رهيا هئا. مطلب ته هر طرف واويلا ۽ نفسانفسي لڳي پيئي هئي. سرڪاري رپورٽ مطابق اندازاً 80 هزار انسان هن زلزلي ۾ مئا. هڪ گهر ۾ هڪ سؤ سورهن ڀاتين مان فقط ٻه ڄڻا بچيا ۽ شهر جي چئن هزار سپاهين سان رڳو ويهه ڄڻا وڃي بچيا.

هن زلزلي جي خبرن پهچڻ تي سڄيءَ سنڌ ۾ ماتم ڇانئجي ويو، ڇاڪاڻ ته مرڻ وارن ۾ سنڌين جو به وڏو تعداد شامل هو، جي گرميءَ جي موسم ۾ آبهوا بدلائڻ لاءِ ڪوئيٽا ويا هئا. تنهن کان سواءِ فقط شڪارپور جا 12 هزار ماڻهو ڪوئيٽا ۾ ئي رهندا هئا، جي پڻ هن زلزلي ۾ مري ويا. هن دردناڪ واقعي تي مولوي احمد ملاح ۽ ثناءالله ”ثنائي“ ڪلام چيو آهي. مولوي احمد ملاح پنهنجيءَ روايت ۾ دنيا جي بي ثباتي ۽ ناپائداري جو ذڪر ڪندي نصيحت ٿو ڪري ته انسان کي گهرجي ته گمراهي ۽ برائي کي ڇڏي نيڪي جي واٽ وٺي ته جيئن خدا جي قهر کان بچي سگهي. مولوي احمد ملاح جو هيءُ نظم سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي.

ثناءالله ”ثنائي“ پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي هڪ ڳوٺ ’وڪڙي‘ جي ڪنهن حافظ کان ٻُڌل روايت کي بيان ڪيو آهي. اهو حافظ گهمڻ سانگي بنا ٽڪيٽ ڪوئيٽا وڃي نڪتو هو ۽ زلزلي جي وقت اتي ئي موجود هو. اُتان موٽڻ کان پوءِ اچي ”ثنائي“ کي زلزلي جو احوال ٻڌايائين. هن حافظ جي بيان موجب، هڪ شخص عالم ڪلهوڙو پنهنجي زال ۽ عيال سميت ڪوئيٽا گهمڻ ويو. قرآن جو حافظ ۽ درويش صفت ماڻهو هو. سندس زال بيحد حسين هئي. جيئن ته ان وقت ڪوئيٽا ۾ عيش پرستي ۽ بدڪاري گهڻي هئي، تنهنڪري ڪي ماڻهو سندس زال تي بُري نظر وجهڻ لڳا. آخر حافظ جي زال ’نور بيبي‘ جي حُسن جي هاڪ ڪوئيٽا جي هڪ عياش ۽ ظالم شاهوڪار ’قطب شاهه‘ پٺاڻ تائين پهتي. قطب شاهه، سلطان بيبي نالي هڪ مشهور ڌوتيءَ کي حافظ جي گهر موڪليو، جنهن نور بيبيءَ کي اچي ڌتاريو ته ’هينئر تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي عمر آهي، تون ڇو گهر ۾ قيد ٿي ويٺي آهين؟ هل ته آءٌ توکي قطب شاهه جي حويلي گهمائي اچان‘. حافظ به هن ڌوتيءَ جي مڪر ۾ اچي پنهنجي زال کي موڪل ڏني ته هوءَ ڀلي وڃي گهمي اچي، پر جڏهن ڪافي رات گذرڻ کان پوءِ به سندس زال ڪانه موٽي تڏهن حافظ پاڻ قطب شاهه جي حويليءَ تي وڃي پنهنجيءَ زال جي پڇا ڪئي، جنهن تي قطب شاهه کيس جواب ڏنو ته ’تنهنجي زال مون ڀيڻ ڪئي آهي، تون ڪو خيال نه ڪر، سڀاڻي تو وٽ موٽي ايندي‘. پر هوءَ ٻئي ڏينهن به ڪانه موٽي. حافظ وري قطب شاهه جي حويليءَ تي ويو پر کيس صاف جواب مليو ته ’تنهنجي زال هتي ڪانهي‘. تنهن تي حافظ ڏاڍيون ليلڙاٽيون پاتيون پر قطب شاهه کي مٿس رحم نه آيو ۽ کيس پنهنجي نوڪرن کان تڙائي ڪڍي ڇڏيائين. حافظ ويچارو هيڏي وڏي شهر ۾ ڦرجي ويو. سندس سنها ٻار ماءُ کان سواءِ لڇڻ لڳا. گهڻئي ڊڪ ڊوڙ ڪيائين پر قطب شاهه جهڙي جابر ماڻهو جي مقابلي ۾ سندس ڪنهن به ڪانه ٻڌي. هر طرف کان نااميد ٿيڻ کان پوءِ حافظ، خدا کي ٻاڏايو ته ’اي خدا! اُن وقت تائين داڻو پاڻي نه کائيندس جيستائين منهنجو داد نه ٿيندو‘. حافظ مٿو ۽ پير اگهاڙا ڪري ستن ڏينهن تائين هڪ هنڌ تي بيٺو قرآن جي تلاوت ڪندو رهيو. هفتي جي پوئين ڏينهن تي بيهوش ٿي ڪِري پيو. جنهن کان پوءِ کيس خواب ۾ بشارت ملي ته خدا تنهنجو عرض ٻڌو آهي ۽ اڄ رات ڪوئيٽا جو شهر غرق ٿي ويندو ۽ آخر ائين ئي ٿيو.

 

حاجي احمد ملاح جو چيل نظم

 

اکيون کول اِنسان! هڪ منٽ ۾،

مَ ٿي مست مهمان، هڪ منٽ ۾،

اٿئي روح رهاڻ، هڪ منٽ ۾،

گهمي ڏس گلستان، هڪ منٽ ۾.

 

اڃا ياد جپان، برما، بهار،

ته آيو وري اوچتو اشتهار،

ڪيو قهر ڪوئيٽا تي قادر قهار،

ختم ڪم ڪوهستان، هڪ منٽ ۾.

 

سَنجهي جو سُتا جي ٿڌي هِير تي،

بدن گل بنيا بادِ شبگير تي،

اَسر وقت وريو وڳر وير تي،

تباهيءَ جو طوفان، هڪ منٽ ۾.

 

اَسر وقت اکڙيون گهڻيءَ ڳهر ۾،

ته ڪوئيٽا اچي ويو ڪنهن قهر ۾،

سدا شُغل شاديون جنهين شهر ۾،

سُڄي ڪُوڪ اُت ڪانه، هڪ منٽ ۾.

 

سنجهي شهر ۾ ٿيون شغل شاديون،

گُلن سين مڙهيون گهوٽ لئي گاديون،

فجر وقت فرياد فرياديون،

خوشيون کيل خيمان، هڪ منٽ ۾.

 

سَنجهي جو سُتا خان، کَٽَ تي کِلي،

اَسُر وقت ويا سڀ مٽيءَ ۾ ملي،

رهين دل جو دل ۾ اِرادو دلي،

سُڃا ساز سامان، هڪ منٽ ۾.

وچينءَ وقت گلشن ۾ ڪن گهوٽ گشت،

ڀنڀرڪي بنيا سي بيابان دشت،

ٻري باهه اُت جنهن کي ڀانيئون بهشت،

ڦِٽا باغ بستان، هڪ منٽ ۾.

 

سڄڻ! ڇا سَليان ڳالهه اِن سُور جي،

مصيبت سندي موت مذڪور جي،

ته ويا پهرئين پُور ۾ پورجي،

عجب رنگ انسان، هڪ منٽ ۾.

 

جتي باغ بنگلا ۽ بستان ڪَئين،

مَرن لئي مِڙيا مال مستان ڪَئين،

زبردست هئا زيردستان ڪَئين،

ٿيا ترت تابان، هڪ منٽ ۾.

 

سحر وقت سڀڪو مٺيءَ ننڊ ۾،

ته آين اجل جي چِٺي ننڊ ۾،

نه ڪنهن، ڪنهن جي صورت ڏٺي ننڊ ۾،

جدا ٿيا جگر جان، هڪ منٽ ۾.

 

اَسُر وقت آرام ويڙن وڻي،

ته ڌرتي ڌُٻي ساڻ دهشت گهڻي،

هنئي ڀِيڙ ڀِتين، پئي ڇِت ڇڻي،

سرن هيٺ سروان، هڪ منٽ ۾.

 

منجهان ’سنڌ‘ ’پنجاب‘ ’ڪابل‘ ’قنڌار‘،

’دلي‘ خواه ٻئي ديس مان ڌار ڌار،

اڳوڻن تي اڳرا مڙيا مت سڌار،

ٿيا دوڳ دگران، هڪ منٽ ۾.

”جمعي رات جاني، ستاويهين صفر،

سَوا ٽين بجي“ ٿيو سُتن سڏ سفر،

نگهوسار ٿيا شاهه، نوڪر نفر،

ڦِٽن نام نيشان، هڪ منٽ ۾.

 

سڻو، ڊيگهه سؤ ٽيهه، ويهه ميل ويڪ،

انهي وچ ۾ آيو ڪو لوڏو ئي هيڪ،

نه ڪئي ڪنهن ڪنهين سان سلام عليڪ،

ٻريا شمع پروان، هڪ منٽ ۾.

 

مکيه شهر مستونگ ڪوئٽيا، قلات،

ننڍا ڳوٺ هڪ سؤ، لڳي جن جي لاٽ،

جتي عيش هر ڪنهن هئا حاصلات،

مڙيئي ملڪ ميدان، هڪ منٽ ۾.

 

لکڻ هار لـٖـيکو ٻُڌايو ٻڌي،

اَسي کن هزارن ڪر ويندا وڌي،

ڪري ڪهل ڪَرَ ڪنهن نه لالن لڌي،

ٿين حال حيران، هڪ منٽ ۾.

 

مئا مِير، ماڙيون ڊهِي ڍير ٿيون،

دڙن هيٺ دانهون گهڻي دير ٿيون،

وِلهن جون نه واهُون تنهين وير ٿيون،

وَرتئون راهه رحمان، هڪ منٽ ۾.

 

ننڍا نَو ڪمشنر، رمي ويا رئيس،

بچيا ويهه منجهان چئن هزارن پوليس،

ڪِريا ڪوٽ، ٿيا ڪوئٽيا پاس ڪيس،

ڪپر هيٺ ڪپتان، هڪ منٽ ۾.

ختم کـٖـيل کاتي، هوائيءَ سندو،

رسالو به چَٽ، ريلوائِــيءَ سندو،

هليو ڪوس، اُن ڪارروائيءَ سندو،

حڪم ساڻ حنّان، هڪ منٽ ۾.

 

ڀِتين ۾ اچي ويا، بهادر بلوچ،

نِياءَ جن نِبيريا، ڪري سمجهه سوچ،

ويا لال لٽجي، ڪندي لوڇ پوڇ،

ٿيا خون ڪئين خان، هڪ منٽ ۾.

 

گهڻا گهوٽ گهوڙا، ڇِپن ۾ ڇِنا،

لَٽا لاش لالن، ڪَڙهِي ٿيا ڪنا،

نه سرڪار کوٽيا، نه کوٽڻ ڏنا،

دَڙن هيٺ ديوان، هڪ منٽ ۾.

 

هئا سؤ تي سورهن ڄڻا هڪ ڪٽنب،

مڙن کي رکيا موت سيني تي سُنب،

بچيا اُت ٻه باقي منجهان باغ انب،

غمن ۾ سي غلطان، هڪ منٽ ۾.

 

سندا شهر شڪارپور شاهوڪار،

هئا ڪـٖـي انهيءَ هنڌ، ٻارهن هزار،

انهن مان بچيا، هڪ سؤ جي شُمار،

ٻيا سڀ بيابان، هڪ منٽ ۾.

 

دڙن هيٺ دانهون، ٿيون زاروزار،

ڪڍي ڪٻير مونکي، ته ڏيندس هزار،

نه آين ڪو اوڏو، ڪندي انتظار،

ڏنائون جلي جان، هڪ منٽ ۾.

سڄي شهر تان، سانۡر ڦِريو سُتي،

حشر حادثا اڄ هزارين هتي،

جتي راڄ هئا، روڄ راڙها اُتي،

متا گوڙ گهمسان، هڪ منٽ ۾.

 

جتي ٿي رهيا راڄ ڍوليا ۽ ڍٽ،

اَجل سڀ اجاڙيا، اُمالڪ اُڦت،

بچيا سؤ تي ڏهه، چار تن ۾ به چٽ،

ڦٽيو نَڪ، ڦٽي ران، هڪ منٽ ۾.

 

جتي مغز واسيو، ويا واس مان،

هئي هِير هٻڪار، هر پاس مان،

بيهي اُت سگهي ڪونه اڄ باس مان،

لُڙهي ويا سي لوبان، هڪ منٽ ۾.

 

پُنا دادلن جا دڙن هيٺ دم،

اسر وقت ڪَيئون آستانو عدم،

ٿيا ڪوئٽيا ۾ ڪروڙين پدم،

نقد مال نقصان، هڪ منٽ ۾.

 

جتي گهوٽ گهوڙن تي، گهوڙا اُتي،

جتي لال هئا، لعل ڳوڙها اُتي،

جتي وصل وايون، وڇوڙا اُتي،

امن هنڌ اَرمان، هڪ منٽ ۾.

 

ڪُنڍين ۾ جِني ڪالهه ڪانيون ڪجل،

مٿي تان مٽي اُن کي واري اَجل،

هميشہ هوندو هڪ خدا عزّوجل،

ٿين خاڪ خاقان، هڪ منٽ ۾.

هئي آس جنهن اولياءَ ۾ وڏي،

اُنهيءَ کي به آفت، اهائي گڏي،

خدا پاڪ خالي ڪرائي ڇڏي،

حويلي ’حسن جان‘، هڪ منٽ ۾.

 

گدا ٿيو وتي ’گل محمد‘ وزير،

وڃي ڪُل وڳر مان رهيو راڄ وير،

بدن ۾ بکون سِر اُگهاڙو امير،

ويس شوڪتون شان، هڪ منٽ ۾.

 

سدائين هيون جي سُهاڳن ڀريون،

سدا لئي ٿيون سي ڏهاڳن ڀريون،

بکون هاڻ ڀوڳين، ڀاڳن ڀريون،

پريءَ روءِ پريشان، هڪ منٽ ۾.

 

اَميرن جو اولاد اڄ ڇورڙو،

ملي تن کي مشڪل ٽُڪر ڀورڙو،

مليا ڪالهه جن، جي ڪُڇن ٿورڙو،

پُلائون ۽ پڪوان، هڪ منٽ ۾.

 

سوالي ٿيا اڄ سوين سيٺيون،

هُيون ڪالهه ڀرپور جن بيٺيون،

لٽا ليڙ اُن تي لٽون ويٺيون،

پسڻ ۾ پشيمان، هڪ منٽ ۾.

 

لهو سار ساوا! سقيمن سندي،

رُلئي ڀاڳ رنڙين، يتيمن سندي،

اها ڪار آهي ڪريمن سندي،

ٿين عفو عصيان، هڪ منٽ ۾.

سُڪن گڏ اندر آگ آلا ٻرن،

ڦٽو شهر شامت ڪنان منڪرن،

ڏسيو ڏيهه ۾ ڏوهه، ڏونگر ڏرن،

جبل منجهه جولان هڪ منٽ ۾.

 

غضب غافلن تي گڙيو ٿو گڙي،

مٿي ڪنهن به آيو نه مورهين مُڙي،

وَتن جي جُڙيا، تن نه جوڙي جُڙي،

وسيون شهر ويران، هڪ منٽ ۾.

 

ڏيکاري ٿو ڏاتار، ڏوهين ڏمر،

ڪنبي تان ٻَڌن ڪم چڱي تي ڪمر،

پُڇي ڪين ايندو الاهي اَمر،

اُجڙ اهل ايوان، هڪ منٽ ۾.

 

غضب غافلن تي ٿو گوڙيون ڪري،

ڪڏهن قهر هڻندن تباهيءَ تري،

ڪو سمجهي ته وهلو خدا ڏي وري،

ڇڏي ڪار ڪفران، هڪ منٽ ۾.

 

عرضدار ”احمد“ جو آڌار هُو،

لهي مانَ سڪرات ۾ سار هُو،

پڙهي پاڪ ڪلمون پسان پار هُو،

اَمن ساڻ ايمان، هڪ منٽ ۾.

 

(2)

ثنا الله ”ثنائي “ جو نظم 

خدا پاڪ بي نياز ۽ ڪارساز،

نگهان ٻانهن جو داناءِ راز.

ڪري فيل کي ’ابرهي‘ کان ذليل،

بچائي وٺي باهه مان خوش خليل.

ادا! اڄ به جيڪر ٿئي ڪو خليل،

ته جنّت مثل باهه بڻجي دليل.

هو نمرود جهڙو وڏو بادشاهه،

سو مڇرن هٿائون ٿيو پڻ تباهه.

اسان ڏي مُڪائين محمّد منير،

دنيا، دين، عقبيٰ اندر دستگير.

اچي ها نه جي سو ڀلو بادشاهه،

ته عالم سمورو ٿئي ها تباهه.

وسيلو وٺي اُن محمّد جو نانءُ،

لکان حال ڪوئٽيا جي اجڙڻ جو آنءُ،

عجب شهر ڪوئيٽا جو هو نامدار،

سدائين سيارو نه ساوڻ، بهار.

نه گرميءَ جو جنهن ۾ ٿي جهولو لڳو،

منجهس عيش جو پئي نظارو لڳو.

پٿر جون پڪيون ماڙيون هت هزار،

مثل بهشت جي بنگلا بيشمار.

چڱا چست چوسول، بازر ڀلي،

نه نالو مٽيءَ جو، صفا هر ڳلي.

سندس رنگ محلن اندر راڳ هو،

ته سيٺين سندو بخت ۽ ڀاڳ هو.

اُنهن آدمين هئي نه گرمي ڏٺي،

نه آلي ٿي تن جي پگهر ۾ پُٺي.

اچن سنڌ ۾ ٿا اتان جا انگور،

ته بادام، بالو ۽ سردا، سيمور.

مزيدار ميوا منجهس جابجاء،

ٽڪي سير ڪشمش، مگر بي بها.

هئا هڪ وکر جا هزارين دڪان،

ملي مال سستو، ڪمي ڪابه ڪانه.

اُنهن آدمين وٽ دنيا هئي ائين،

اسان وٽ آهي ڀاڻ ڳائو جئين.

نه ليکو لکن جو، ڪروڙن جي ڪار،

گهڻا ڪار قارون واري ۾ تار.

جنهين رات هتڙي آ گهُلندي هوا،

ته چوندا هئاسين ٿي آهه ڪوئيٽا.

گرم سرد ملڪن جا ڪيئي امير،

هئا منجهه ڪوئيٽا جي آرام گير.

ٽڪيا سنڌ وارا اتي آدمي،

 گذاريندا ساوڻ اُتي هئا سُمهي.

پَسي سخت گرمي ۽ تابش جو تاءُ،

مَٽائڻ هوا، ويندا هئا وٺڻ واءُ.

ڪِني جون ته ڪوئيٽا ۾ جايون هيون،

ڪِني ٿي وٺڻ جون صلاحون ڪيون.

نه ڪوئيٽا سندو شهر هڪڙو هيو،

وليڪن وڏو ملڪ هو ٿي ويو.

نصارن جي لشڪر سندي ڇانوڻي،

اُتي هئي اَڏايل گهڻي ۾ گهڻي.

جي ڪوئيٽا ۾ ويندا هئا نامور،

ته ڏسندا هئن واٽ تي ڊاڪٽر.

غرض گلبدن، جوان، شهوت پرست،

اُتي ئي پَلِي ٿي ٿيا تندرست.

منجهس هر طرح جون لچايون هُيون،

لفنگن، لُچن جون ته جايون هيون.

هئا جي منجهس ڪي ڀلا آدمي،

هئي ڪانه ليڪن لچن جي ڪمي.

ڀلا آدمي پڻ منجهس هئا ڪثير،

وليڪن لچا پڻ هئا بي نظير.

لڳــٖــي جهنگ کي باهه جي ٿي بڙي،

سڪن ساڻ ساوا به ويندا سڙي.

هئو سنڌ جو هڪڙو ’حافظ فقير‘،

اکين کان انڌو پر هو روشن ضمير.

سندس شهر ’وڪڙي‘ ۾ آهي مڪان،

عمر جو به آهي ننڍو ۽ جوان.

اُنهيءَ جي به دل ۾ ٿي هئي آرزو،

ته ڪوئيٽا جي کاوان هوا ڪُوبڪُو.

روانو ٿيو ري ٽڪيٽ جي چڙهي،

وڃي جوان ڪوئيٽا ۾ پهتو ڦري.

اُتي هو ٿيو جڏهن ڪوئيٽا زيان،

اُهو هن طرح سان ڪري ٿو بيان:

ته حافظ هو هڪ گهوٽڪي جو غريب،

سندس نالو ’عالم‘ اسان جو حبيب.

اهو ذات جو هڪ ڪلهوڙو هئو،

نه ڪي جوان هو ۽ نه پوڙهو هئو.

شريعت جو صاحب ۽ پرهيزگار،

خدا جو بندو ۽ محمّد جو يار.

سندس زال هئي چنڊ جهڙي حَسين،

نزاڪت ساان نازڪ بدن نازنين.

سندس نالو هو ’نوربيبي‘ ڀلو،

عشاقن جي دل ۾ وجهـٖـي ولولو.

جي بازر ۾ نڪري گهمي ڪا گهڙي،

ته هڪ پلڪ ۾ ٿئي قيامت کڙي.

حسن ظاهري آهي وڏو زلزلو،

وجهي ملڪ ۾ گوڙ جو غلغلو.

ڏسڻ ۾ هئي گرچه سهڻي صفا،

مگر بدروش ۽ هئي بيوفا.

اکيون اُن سنديون هيون سدائين بکيون،

کلڻ سان جوانن جون ٽوڙي اکيون.

مٿيون حافظ درويش هيڙو سليم،

هُيو شهر ’ڪوئيٽا‘ اندر مقيم.

ٻه پٽ، هڪ نياڻي، ننڍي ڀيڻ، زال،

هُيو ساڻ ’عالم‘ جي ڪچڙو عيال.

ٻڌي شهر ’ڪوئيٽا‘ جي سارهه ثنا،

ڇڏي سنڌ ويو هو مٽائڻ هوا.

خبردار، مومن! دنيا آهه دام،

پکيءَ لئي آ داڻو ڍٻيءَ جو حرام.

گدڙ جهنگ ۾ ئي ڪري ٿو شڪار،

ڪتا شهر ۾ ڪين ڏيندس قرار.

ٻلي گهر ڇڏي جهنگ ۾ جي وئي،

ته قهري ڪتن جي وڃي ور چڙهي.

مسلمان گردش جي گرمي سهي،

رضا امن سان رڻ ۾ راضي رهي.

ٿڌي شهر ڪوئيٽا جي بيشڪ هوا،

مگر مرض ڀي هو منجهس لادوا.

ٻڌي زال درويش جي هيءَ مقال،

حرامين جا هرجا کڙا ٿيا خيال.

’قطب شاهه‘ ڪوئيٽا اندر مير هو،

دنيادار، مغرور بي پير هو.

دنيا ٿي ڪري سخت مغرور مست،

دنيا دار ٿيندو آهه شهوت پرست.

هجي پنهنجي گهر منجهه توڙي پلاءُ،

ته ڀي ڪانءُ ڪاري جان مردار کاءُ.

’قطب شاهه‘ جابر ’جمعي شاهه‘ جو،

دنيا جي سبب سخت گمراهه هو.

پٺاڻن ۾ شيوو آهه وهه واهه پيو،

جمعي رات ڄائو، ته سيّد ٿيو.

’قطب شاهه‘ کي ڀي پتو هي پيو،

ته ڪوئيٽا ۾ حافظ اچي ڪو ويو.

سندس زال نا پر چِٽو چنڊ آهه،

مزيدار مشڪڻ کلڻ کنڊ آهه.

ڪري ڪيترائي کلڻ ساڻ خون،

سياڻن، سَنوَن کي پيا جاڳي جنون،

’قطب شاهه‘ ڀڙوي هئي ڌاري ڀلي،

سندس نالو ’سلطان بيبي‘ دَلي.

مَڪَر ۾ هئي مشهور، ڀَڙوت ۾ ڀَڙ،

ڏئي جنب وارن کي پيرن جو پَڙ.

اشارو قطب شاهه جو ٿي ويو،

ته ’سلطان بيبي‘ اُٿي ڪم ڪيو.

اَچِي جلد حافظ جي گهر ۾ گهڙي،

مڪر ساڻ ڦاهي اَڏيائين ڦري.

چوي ’نور بيبيءَ‘ کي ٿي ناز سان:

امڙ خوش رهين مڙس جي راض سان.

امڙ! مڙس سان تون سلامت هجين،

مگر ڇا سبب منجهه ملامت رهين؟

طبيعت تنهنجي، ڌيءُ! ٻيو خير آهه،

ڳجهو رنج ڏيندر اهو ڪير آهه؟

پسي ’نور بيبي‘ سندو حال چال،

ڪيائين سهي جو ڪُڪڙ ۾ آ دال.

پوي چور کي ٿو پتو چور جو،

سُڃاڻن اُهي ٿا پتو ڍور جو.

امڙ! غم نه ڪر، هل ڪرايانءِ سير،

سهي ڪر تون نانيءَ سندو ڦير گهير.

هتئون آ حويلي ’قطب شاهه‘ جي،

سخي پِير ۽ دل جي درياءَ جي.

اُٿي هل ته توکي گهمائي اچان،

تنهنجي مڙس کان مان ٿي موڪل وٺان.

پسي هڪ جيڏيون سهيليون صفا،

لهي مونجهه ويندئي نه رهندي خفا.

اما! آهه زمانو کِلڻ واسطي،

ڏسڻ ۽ پسڻ ۽ چلڻ واسطي.

سوين دم دلاسا به دل کي ڏئي،

هليون حافظ کان موڪلائي ٻئي.

طمع ٿي ڪري آدميءَ کي خوار،

طمع ٿي پکيءَ کي بڻائي شڪار.

طمع حرص جنهن وقت پيدا ٿيو،

اکيون ٿيون انڌيون، هوش اُڏري ويو.

وڃڻ بعد حافظ کي هُرکر لڳي،

الائي مبادا ٿئي ڪا ٺڳي!

ڀتر پنهنجي نڪري هٿن مان ويو،

موٽائڻ آ مشڪل، پري جي پيو.

تتر ويو اُڏامي، ته موٽڻ محال،

پکيءَ کي هو پڃري ڪيو پائمال.

انهيءَ ڳالهه کي پَهر ٿي ويو پڪو،

ته جانگاهه ’سلطان‘ نياپو مڪو:

ته حافظ سڳورا! تنهنجي جوان جوءِ،

نه تو ساڻ موٽي ايندي پاڻ پوءِ.

ٻڌي هيءَ خبر خوف جهڙي خراب،

اُٿيو پاڻ ’عالم‘ شتابئون شتاب.

’قطب شاهه‘ جي در تي هو آيو هلي،

سڏڻ زال پنهنجي کي ٿيو مَن جلِي.

مگر هيءَ وراڻي ڏني ’قطب شاهه‘،

ته: حافظ سڳورا! نِڪر، پڪڙ راهه.

تنهنجي زال مون آهه بڻائي اَدي،

اسان جي نه آهي ڪا ميري مَدي.

سڀاڻي اوهان کي ورائي ڏبي،

وڃي ڪر تون فرحت، نه غفلت ڪبي.

ٻڌي اڻ گهڙيو هي دغا جو جواب،

ٿيو ڌڪ ڌڪو دل اندر بيحساب.

بڻي مَيٿ لاچار موٽيو غريب،

مگر خوف کان ڄڻ مٺو عنقريب.

جو ڪوئيٽا شهر جون لچايون گهڻيون،

اڳي عام حافظ هيون ڪي سڻيون.

سڄي رات هرکر اَندر ٿيو خراب،

اکين کي نه آيس ڪنهن وقت خواب.

خبر ناهي ڇا زال جو حال آهه؟

الائي ته ڇا قرب جو قال آهه؟

نڪا شاهه کان مون ڪا آندي مٽي،

خبر ناهه ’قطب شاهه‘ آ ڪهڙي سٽي!

جي مسڪين جي زال آهي حسين،

ته جنجال ٿيو عيش، آرام ڪين.

وڏيرا به وجهندا اُنهن ۾ اکيون،

مٽن مائٽن پڻ اُميدون رکيون.

جي غيرت ڪيائين ته ٿيندو ڦٽاءُ،

جي غيرت نه آيس ته ڀاڙين جو ڀاءُ.

سڄو شهر آ عيش آرام ۾،

مگر آهه ’حافظ‘ ته ماتام ۾.

سڄو شهر ماڻي رهيو آ مزا،

مگر ڪاٽي حافظ رهيو آهه سزا.

سڄو شهر زالون وٺي آ ستو،

مگر حافظ، هيڪل طبع ۾ تتو.

ڪڏهن پيو چوي: آهه سيّد سخي،

سخا جي ڪا نيّت، اُنهيءَ آ رکي.

ٻڌي دين منهنجي جي سارهه ثنا،

اسان سان ڪندو ڪانه ڪائي جفا.

صبح سان منهنجي زال ايندي هلي،

وٺي جام جامن جا جوڙا ڪلي.

نه پرواهه آ ڀل سڀاڻي ٿئي،

ڏسان جو ’قطب شاهه‘ ڇا ٿو ڏئي؟

فجر جو فرض اشراق کي ڀي بڙهيئين،

مذبذب جا اوهام دل مان تڙيئين.

’قطب شاهه‘ جي در ويچارو ويو،

وڃي زال لئي عرض عاجز ڪيو.

مگر جي گهَٽي کي بگهڙ ڪيو شڪار،

ته ديدار کان ڇو ٿئي شرمسار.

ملي مال جنهن وقت ڌاڙيل کي،

نه باسي، قبولي وڃي جيل کي.

ڳئون جي ٻَڌي ويو نبو يا نواب،

ته قرآن ته ڀي نه ٿيندو حساب.

’قطب شاهه‘ ڪاوڙ ڪئي يا نه ڪئي،

ڇِتــٖــي شور مان هيءَ وراڻي ڪئي.

هتي زال تنهنجي آهه آئي ڪڏهن؟

اسان وٽ نه آ تو وڃائي ڪڏهن،

ڪنهن جي روبرو ته اسان کي ڏني؟

مهانڊو ته ڏس جو گهرين ٿو اچي.

پَسي سخت اهڙو سخيءَ جو جواب،

ڪلهوڙي جي دل ۾ پيو پيچ تاب.

ڦُريَن جان ڪيائين ڦِري ڌاڙ ڌاڙ:

ائين شاهه سيّد! اسان کي نه ساڙ،

مان مسڪين آهيان، مسافر فقير،

ستمگر! ستم ڪر نه بڻجي شرير.

اسان سان نه ڪر ظلم، جبّار ٿي،

جو الله جابر ۽ قهار ٿِي!

ٻڌي سخت ورندي اها سنگدل،

اُٿيو قهر مان ۽ گهڻي منجهه بخل.

پٿر جي مثل ميٽ جي سر کڻي،

مسافر کي ڪڍيائين هيڪر هڻي.

پڇيائين جو نوڪر، ڪتن جان ڪري،

ته ’حافظ‘ کي لوڌي ڪڍو ائين پري.

جي ظالم ڪندو ظلم جو آ خيال،

بنا ڏوهه وجهندو اهو آهه وبال.

گهـياٖٽي آب پيتو وڃي واهه تؤن،

بگهڙ ان کي ويندو ڏٺو واهه تؤن.

چيائين: ته کانواس مان ريءَ عجب،

مگر ڪنهن نه ڪنهن ڏوهه جو ڏئي سبب،

وڃي پاڻ پاڻي پيڻ پيو پليد،

گهَٽي کي چوڻ شور مان ٿيو شديد:

ته بدمعاش! اوبر ڪرين ٿو پيو آب،

هيو پاڪ پاڻي، ڪيئي ڪُل خراب.

گهٽي کي پتو موت جو پئجي ويو،

ڊڄي خوف کان تڏهن اُن هيئن چيو:

ته پاڻي اوهان کان وهيو ٿو اچي،

اوهان ڏانهن ڪئن جوٺو منهنجو اچي!

بگهڙ کي جڏهن ڪانه حجت رهي،

ته ٻي ڳالهه ان جي اندر ۾ ٺهي.

گهٽي کي چيائين ڪري شور شر،

ته گاريون اسان کي ڏنيون هيون تو پَر.

گهٽي چيو ته سائين! سو هوندو ٻيو،

ڇهون ماهه مونکي آهه ڄائي ٿيو.

چوڻ پيو بگهڙ پوءِ ڇِتو ٿي شديد:

ته هوندو اُهو پيءُ تنهنجو پليد!

ائين چئي سندس پيٽ ڦاڙي وڌئين،

بنا ڏوهه، مسڪين ماري وڌئين.

جهلي مار ’حافظ‘ حقي ٿيو خوار،

ڦُرائي پنهنجي زال هو ٿيو بيمار.

ڏئي دانهن ڪنهن کي؟ نه ڪو غمگسار،

نه موجود دنيا، نه مائٽ، نه يار.

دنيا ريءَ نه فرياد حاڪم سڻي،

پٽِي منهن مٿو پيو ڀتين کي هڻي.

نه ڪورٽ ڏي ڪاهڙ، نه ويجهو وڪيل،

نه شاهد ڪو شامل، نه دعويٰ دليل.

ٿيو عرصو ويٺي نه واهر نه واهه،

سڄو ملڪ اوندهه، سجهي ڪانه راهه.

اڳئين وقت ۾ جي هئا بادشاهه،

غريبن مٿي هئي تنين جي نگاهه.

تنين جي درن تي جي دربان هئا،

فريادين کي رنڊڪ ڪندا ڪانه هئا.

ادا! اڄ به توڙي آ مختيارڪار،

ته ڀي در تي دربان جو آ هٿيار.

جي مسڪين محتاج مظلوم ٿيو،

سندس حال ڪنهن کي نه معلوم ٿيو.

دنيادار جي واسطي داد آهه،

غريبن تي ڪنهن جي نه امداد آهه.

غريبن جو آهي ڌڻي مددگار،

غريبن جو ناهي ٻيو ڪوبه يار.

جڏهن گذري ’حافظ‘ سان اهڙي هلت،

ويئي زال ڦرجي، هلي ويئي پت.

خدا ريءَ ڏٺائين نه ڪائي ڳلي،

جگر، جوش جذبات ۾ ويو جلي.

نه پاتئين جتي، سر اُگهاڙو ڪيئين،

خدا پاڪ کي ڏانهن، روئي ڏنئين.

پڙهڻ جوش مان پيو خدائي ڪلام،

اُگهاڙي مٿي ساڻ اُس ۾ مدام.

رکي ڀروسو ڪُل الله تي،

ڏنئين دانهن شاهن سندي شاهه کي.

نه کائڻ پيئڻ جي خبر ڪا لڌئين.

پڪو عهد پنهنجي خدا سان ٻڌئين.

مسلمان جو يار قرآن آهه،

۽ هيڻن جو هٿيار قرآن آهه.

مسلمان جي واهه قرآن آهه،

۽ دردن جو درمان قرآن آهه.

جي قرآن جو راز ٿئي بي غلاف،

ته ڳاري ڇڏي پاڪ ۾ ڪوهه ڪاف.

جي قرآن کي ڪو سچو ٿي پڙهي،

ته عرشن تي آواز اُن جو چڙهي.

جي قرآن جي ڪو وٺي نِئي پناهه،

بلائن جي چوطرف ٿئي بند راهه.

سنواري سچائيءَ سان ايمان کي،

’ڪلهوڙي‘ پڙهيو پاڪ قرآن کي.

قراءت قهر لئي پوءِ پڙهيائين پڪي،

بڻايئين اُها پنهنجي ڦُر جي ڦڪي.

سندس هر حرف ٿي چڙهيو عرش تي،

وڌو زلزلو جنهن اهو فرش تي.

نبيّن اڳين جي سچائي سندا،

۽ بد قوم جي بيحائيءَ سندا.

قصا جڏهن قرآن ۾ پيا اچن،

ته ’حافظ‘ جي دل ۾ پيا اُڌما مچن.

ته ظالم اڳيان ڪيئن ٿيا ٿي خراب!

اچي ٿو نه ڪوئيٽا تي ڇاکؤن عذاب؟

انهيءَ جوش کان دانهن قهري ڪري،

ته ڦاٽي فلڪ يا ته ڏونگر ڏري.

انهيءَ رح هفتو سڄوئي ويو،

پر ’حافظ‘ ننگي سر اهو ڪم ڪيو.

نه کاڌئين، نه پيتئين، نه ئي سُک سمهيو،

نه ڪوئيٽا شهر کي مزي سان گهميو.

سندس سوال آخر ٿيو مستجاب،

رسيا مَلڪ لاهوت جي ۾ شتاب.

دعا جو پَکي نيٺ پرواز ٿيو،

سندس عرش اعليٰ تي پرواز ٿيو.

اُهي دل جون آهون نه گهٽ ٿي گُسيون،

قهر جي ته روضي اندر نئي رسيون.

جڏهن نااميدي ۾ بيهوش ٿيو،

حقيقت جي درياءُ کي جوش ٿيو.

ٿيو هن طرح سان هي غيبي نِدا:

ته آهون اوهان جون قبوليون خدا.

جنهين رات ايندو ڪوئيٽا ۾ قهر،

زناڪار جو زيان ٿيندو شهر.

اجابت جي آئي بشارت جڏهن،

ته ’حافظ‘ پٽيو دم پنهنجو تڏهن.

ڪيئين ڳالهه ڪنهن ساڻ ظاهر اها،

ته اڄ رات ’ڪوئيٽا‘ به ٿيندي فنا.

مگر بي ويساهن نه ويساهه ڪيو،

ٻڌي ڳالهه شودن کلي ٿي چيو:

ته هن شخص کي پيو آ جاڳي جنون،

ڪيو زال جي ظلم آهي زبون.

پڄي ڪين ٿو قطب شاهه سان،

پٽيندو وتي ٿو تڏهن راهه سان.

چريائيءَ جون ناحق ٿو باتيون بڪي،

انهيءَ جي چوڻ تي ٿي ڌرتي ڏڪي!

خبردار، مومن! هي ماڻهوءَ جو ٻار،

خدا پاڪ جو آ وڏو رازدار.

ڌڻي دانهن مظلوم جي ٿو سڻي،

مٿي فرش جي عرش هڪدم هڻي.

نه مظلوم کي ڄاڻ هرگز حقير،

سندس سيني وارو تکو آهي تير.

خدا پاڪ هيڻن جو همراهه آهه،

نه بيواهه محتاج، بيواهه آهه.

”ثنائي“ ثمرڪش نئين جي فقير،

ته الله آهي سندءِ دستگير.

خبر    هن    طرح   سان    ڪري    ٿو    فقير(1)،

جو ’وڪڙائي حافظ‘ آ روشن ضمير.

مان ۽ دوست منهنجو هو ’عبدالرحيم‘،

جو حافظ ڪراچيءَ جو آهي مقيم.

ٽيو هڪ مسافر ’محمد الياس‘،

’جوڻيجو‘ هيو قوم جو پُر قياس.

انهيءَ رات مسجد ۾ هُياسين ٽئي،

سمهي ٿي اسان ڳالهه ’عالم‘ جي ڪئي.

ته هن رات ’حافظ‘ چئي ٿو پيو،

ته ڪوئيٽا تي ايندو وڏو زلزلو.

لڙي رات اڌرات ۽ چار وڳا،

اچي زلزلي جا نغارا لڳا.

وڄون ٿي ڪريون ۽ ٿيا ٿي ٺڪاءَ،

ڪيا گوڙ گجگاهه سيني ۾ گهاءَ.

هندوري مثل زلزلي ۾ زمين،

مٿي هيٺ جنبش ۾، قابو هئي ڪين.

ڀِتيون ٿي ڊٺيون ۽ ٿي بنگلا ڊٺا،

جبل کان وڏا اُت پٿر ٿي لڳا.

زبردست طوفان واڪا ڪيا،

خطا هوش هر ڪنهن جا ٿيندا ويا.

حقيقت ۾ توبن جو دڌڪار هو،

قيامت ٿي برپا انڌوڪار هو.

اسان جي به مسجد ائين ٿـٖـي لُڏي،

جيئن پينگهه ٻارن ننڍن جي لُڏي.

جيئڻ جو اسان آسرو هو ڇڏيو،

خدا پاڪ کي بس سڀن ٿي سڏيو.

ڊڄي خوف کان پوءِ، خدا جو ڪلام،

پڙهيوسين ادب سان، سمهڻ هو حرام.

پڙهيوسين انهيءَ رات ويهي ائين،

پڙهڻ جو پڪو حق چئجي جيئن.

رڪيبيءَ جي خاطر پڙهڻ آ ٻيو،

پڙهڻ سو ٻيو، خوف جنهن ۾ ٿيو.

وسيلي اُنهيءَ پاڪ قرآن جي،

نه مسجد ٽُٽي، ٽئي هياسين اُتي.

ڏٺي قوم ’يونس‘ جنهين دم بلا،

مٿي فلڪ جي آگ وارا اُلا.

وڄون ٿي ڪِريون ۽ جبل ٿي ٻريو،

گاجن پئي گجيو رنگ منهن جو ڦريو.

ڇتين تي هو بيٺو سڄوئي شهر،

ته پيدا ٿيو اوچتو هي قهر.

اُنهيءَ وقت يونس کي ڳولڻ لڳا،

اُگهاڙن مَٿن ساڻ ٻاهر ڀڳا.

مگر هو پيغمبر ٿيو ناپديد،

اچي ويو اَمر قهر وارو شديد.

وسئون بي وسا ٿي گهرن پيا دعا،

پڪارڻ لڳا، ’الاَمان يا خدا‘!

ٻچا ٻار، زالون ۽ پوڙها، جوان،

فريادون ڪري ڪُل گهرڻ پيا اَمان.

اُگهاڙي مٿي رات ساري رُنا،

پسي قهر قهّار وارو ڊنا.

خدا پاڪ کي رحم آيو مٿن،

ڏمر ڪين ڏاتر رسايو مٿن.

غضب هوريان هوريان ويو تن لهي،

ڪيئون امر الله وارو سهي.

ٽيهن حافظن ڀي ٿي پڙهيو قرآن،

نه تن کي ٿيو ظاهر ذرو ڪو زيان.

”ثنائي“ اُتي وچ تي اهڙو مثال،

ڏي ’حافظ‘ ٿو اڳتي سو هن طرح حال:

اسان جو نگهبان قرآن ٿيو،

ٽنهي جو ذرو ڀي نه نقصان ٿيو.

ٿيو شهر ڪوئيٽا جو سارو هضم،

اسان ڀي ڪيا ڏهه سيپارا ختم.

ٿيا خوف جهڙا ڪئين ڪڙڪاٽ کوڙ،

سڄو شهر ٿي ويو دڙا ڍير کوڙ.

مسين مس ڦُٽي پرهه، ٿي روشني،

نه مُلن، اڃان ٻانگ ئي ڪا ڏني.

اسان جي سنڌن ۾ تڏهن ساهه پيو،

انڌوڪار اُوندهه جڏهن ڏور ٿيو.

شهر جو لڌوسين، اُتي سڌ سماءُ،

پسيوسين ٿي هرجاءِ خدا جو لقاءُ.

سڄو شهر ٿي ويو ’موهن جا دڙا‘،

قلعا، ڪوٽ ٿي ويا ذرا پرزڙا.

 

* هيءُ روايت مير حيدر علي خان ٽالپور، ويٺل جهول ضلعي سانگهڙ جي قلمي بياض مان ورتل آهي.

(1) حفيظون = آفيسون.

(1) اَئين = اوهين. (2) ناڏيون = گوڙون، اُٿلُون.

(1) پواڙا = رڄ، ڍَؤ.

(1) مجاوار = مجاور.

(2) سونهي = پاڻيءَ جي شاخ. (3) ڀار = ڀائر.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان جمال رند کان ملي.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان جمال رند کان ملي.

هيءَ روايت ڪراچي مان صالح محمد سمي کان ملي.

(1) چٽو = چيتو.             (2) گار = گم.    (3) ٻُڌ = سُڌ، سَماءُ.

(4) سَنڀوڙا = سنڀريا، تيار ٿي.        (5) گاءُ = گهاءُ.

(1) دُڪار = بندوق. (2) واڍوڙيو = ڦَٽِيَل، زخميل. (3) سونچو = ڊپ، شڪ.

(1) سانئر = شاعر.           (2) سائِي = اُٺن، ڏاچي.

(3) دِسِيُون = ڏِسيون.                  (4) ڪِيرا = ڪِلا.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان معمور يوسفاڻي کان ملي.

(1) وڳهه = وڳهه ڪوٽ > ڪوٽ.  (2) ويڏو = جهڙو. (3) خمير = ازل، تقدير.

(1) فِٽ = Fit، پورو، ٺيڪ. سوجر = سولجر. (2) ڪلام = طعنو. (3) ڳوڌو = سورهيه. (4) لوڌو = شڪار اٿاريندڙ، ماريندڙ. (5) هنياتو = هنئين وارو، دلير. (6) ديمي = لشڪر.

(1) اُتر گوڙ = برسات وقت اُتر طرف ٿيندڙ گوڙ.

(1) آڙو = آڏ، جهَل.  (2) آساس = آرام، فرحت. شِيها = گوليون، اوزار.

(1) پاور = Power، طاقت، زور.  (2) گڍ = قلعو، ڪوٽ. (3) نظاري نڇنڊ = پڌري پٽ.

(4) وٽائون = وٽيل.  (5) چُونڊوان = وڻندڙ، سهڻا.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

(1) خوڪ = سُوئر، مِرُون. (2) گل ۽ وزير خاصخيلي، صوفي جا خاص خدمتگار.

(1) صوفي شهيد جو صغير فرزند شمس الحق، جو به دشمنن جي اک ۾ هو.

پانڌي ولد مانجهي آريسر ڳوٺ ڄارڪي، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ رهي ٿو. هو 1898ع ۾ ڄائو. سندس تعليم پارسيءَ ۾ ’ڪريما‘ ۽ ’ما مقيما‘ تائين آهي. هن وقت درس و تدريس ۽ حڪمت سندس خاص شغل آهن. سندس ڪلام مداحن، مناجاتن، معجزن، مناقبن ۽ مولودن تي مشتمل آهي.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

* هيءَ روايت اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان ”شور“ خانپوري کان ملي.

”هيڪڙائي حق“ مطبوع اسلاميه پريس، حيدرآباد تان ورتل.

* مولوي احمد ملاح سنه 11- 1312هه 93- 1894ع ڌاري، ڪنڊي لڳ روپا ماڙي تعلقي بدين ۾ ڄائو. ننڍي هوندي مال چاريندو هو، پر پوءِ پڙهڻ جو شوق ٿيس، جنهنڪري پهريائين ’ڀڳڙا ميمڻ‘ ۽ ’پيرو لشاريءَ‘ لڳ ’اوٺن‘ ۾ شروعاتي تعليم ختم ڪري، پوءِ سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين ۽ دستاربندي ڪرائي اچي بدين ۾ رهيو. ان بعد اتي هڪڙو مدرسو کوليائين ۽ توحيد جي تبليغ ۽ قبر پرستيءَ جي خلاف جهاد شروع ڪيائين. سندس شعر جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي ٿي هئي جنهنڪري سندس ڪلام ڏاڍو پختو آهي. ’فتح لواري‘، ’هيڪڙائي حق‘ ’گلشن احمد‘، ’گلزار احمد‘ ۽ ’معرفت الاهي‘ سندس ڪلام جا مجموعا آهن جيڪي شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت قرآن شريف جو ترجمو بيتن ۾ ڪري رهيو آهي، جنهن جو پهريون ڀاڱو (پاره عم) اسلاميه دارالاشاعت مان شايع ٿيو آهي.

* هيءُ روايت اُتر (روهڙي تعلقي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي.

ثناءالله ثنائي ولد مولوي الله بخش عباسي ڳوٺ کوهارا ۾ سنه 1312هه/ 1895ع ۾ ڄائو. ميان صدرالدين جنهن کي عام طرح ”سڌن سوائي“ سڏيندا آهن، ان جي خاندان مان آهي، جو ملتان مان لڏي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو هو. پنهنجي پيءُ جي نظرداريءَ هيٺ علم جي تحصيل ڪري دستاربند مولوي ٿيو. شاعريءَ ۾ به پنهنجي پيءُ کان تعليم ورتائين. هر قسم جو شعر چيو اٿس جنهن ۾ غزل، مولود، مداحون، ٽيهه اکريون، خطبا وغيره شامل آهن. پاڻ اڃان تائين حيات آهي.

(1) فقير محمد وڪڙائي جو بيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org