سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:13 

ڀورل شاهه ۽ مير علي مدد جي اليڪشن ۾ چٽاڀيٽي

(چيل خان محمد)

سنڌ اسيمبليءَ جي 1955ع وارين چونڊن ۾ ٽنڊي الهيار جي اُترئين تڪ مان محمد حسن شاهه عرف ڀورل شاهه ۽ مير علي مدد جي چٽاڀيٽي لڳي. مير صاحب هڪ دولتمند ۽ پهچ وارو ماڻهو هو، جنهنڪري وڏن زميندارن ۽ خاندان ماڻهن سندس ورڪ پئي ڪيو. ڪيتريون موٽرون ۽ گاڏيون هر وقت سندس ڪم لاءِ تيار بيٺيون هيون. سندس مخالف اُميدوار ’ڀورل شاهه‘ ايڏو دولتمند ۽ اثر وارو ماڻهو ڪونه هو، پر جيئن ته اهي بيت هو ۽ ماڻهن سان سندس سلوڪ سٺو هو، تنهنڪري ان جي مقبوليت وڌندي ويئي. ڀورل شاهه جا ورڪر به اهڙا ڪي خاص ڪونه هئا ۽ نه ئي وٽن مشهوريءَ جو ڪو اهڙو اثرائتو طريقو هو. علي ٿلهو وچ بازار ۾ ويهي پيو واڪا ڪندو هو ته، متان ميرَ جي مال تي هرکجي سيّد جي سائِي پيتيءَ کي وساريو! هوڏانهن مير کي ڪي ٺڳ ورڪر ملي ويا، جن کيس آڏا اُبتا خرچ ڪرائي خوب پنهنجا ڀڀ ڀريا. ووٽرن جو وري اهو حال هو جو ڀت ته مير صاحب جو کاڌائون پر ووٽ ڏنائون ’ڀورل شاهه‘ کي. البت ڪُورين پٺاڻن شاهه صاحب کي مان ڪونه ڏنو ۽ نه ڪي پنهنجي مرشد ”محمد زمان“ جي سفارشي خط جو ڪو مرتبو سڃاتئون. پولنگ واري ڏينهن ’ڊاسوڙي‘ ۾ ڪليڪٽر، پوليس انسپيڪٽر، انجنيئر ۽ ٻيا سرڪاري عملدار اچي جمع ٿيا. شهر ۾ ڏاڍو چهچٽو لڳي ويو. نتيجي نڪرڻ تي مير صاحب هارايو ۽ ڀرول شاهه کٽيو. هن خبر سبب شاهه جي طرفداري ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ انهن ڏاڍا شادمانا ڪيا. ڀورل شاهه جي بنگلي تي ووٽرن لاءِ شيرن، شربتن جو زبردست انتظام ڪيو ويو. هڪ طرف اهي شادمانا هئا ته ٻئي طرف مير صاحب جي گهر ۾ ماتم هو. مير صاحب جو پوڙهو پيءُ سندس هارائڻ جي خبر ٻڌي بروقت گذاري ويو. هن واقعي کي سگهڙ خان محمد پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي.[

 

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ سبحان،

ساراهه ڪجي سبحان جي، جنهن جوڙيو جڳ جهان،

محمّد کي نور مان، جڙيو ربّ رحمان،

پرور جنهن لاءِ پيدا ڪيا، زمين ۽ آسمان،

سج، چنڊ تارا تنهن ۾، ٻيا نکٽ لک نيشان،

چارئي يار رسول جا، آهن پرين پهلوان،

اصل اهلبيتن کي، آهي شافع ڏنو شان،

لڙي پيا پاڻ ۾، هڪڙا جوڌا ٻه جوان،

هڪڙي پاسي ’مير‘ ٻيو ’ڀورل شاهه‘ سلطان،

ورڪ جنهن جي ۾ لکين، جنّ، ملڪ، انسان،

هڪڙا وڏيرا وچ ۾، ٻيا خاصا خاندان،

لکين جن جون لاريون، ٻيا موٽر مٿان ميدان،

’حسين علي شاهه‘ هلي اچي، دُرس ٻڌا دهمان،

ووٽ ڏيو ’ڀورل شاهه‘ کي، مڙئي مسلمان!

’علي ٿُلهو، اڳ وٺيو ڪري بازر منجهه بيان:

هليا اچو حسنين طرف، مومن مسلمان!

متان مُڙو ’مير‘ ڏي، ٿيو بي ادب بيمانُ،

سائي پيتي اٿوَ ’شاهه‘ جي، نظاري نيشان،

 

پوءِ سٽڪو هو سائيءَ ۾، جئن وڏ ڦڙوئي ورنان،

مٿان مينگهه ملهار ٿي، ۽ گوڙ ڪيا گهمسان،

’حاجي گلو‘ بيٺو هو حُب ۾، در جهليو دربان،

کيڪاريائين ٿي خوشيءَ مان، گهڻو ڏيو مان،

’علي ڍورائي‘، ’شاهه‘ جو سنڀاليو ٿي سامان،

’ڪُوريو‘ به هڪڙو هو ڪم ۾، نالي ’عبدالله خان‘،

سايون ٽڪيٽون هئس هٿن ۾، جن تي نالن جا نيشان،

قطارون ’ڪُورين‘ جون ۽ ’ماڇي‘ هئا مستان،

ميڙاڪا ماڻهن جا، بندا هئا بي بيان،

خلقت گهڻو خوش هئي، ته مرشد کي مليو مان،

”خان محمّد“به خوشيءَ مان، ڪري ٿو’ڀورل‘جو بيان،

ڏس آگي جا احسان، جو ماري ويو ’مير‘ کي.

ماري ويو ’مير‘ کي، ’سيّد‘ پاڻ سڌر،

سوين بيٺل سڪ ۾، هٿ ٻڌي حاضر،

لٿو اچي ’شاهه‘ جو لاهوتي لشڪر،

گولا ٻريا گَسن تي، بجلين ڪيا بحر،

ڊپٽي آيو ’ڊاسوڙي‘ ۾، ۽ ڪئين ڪليڪٽر،

سوين صوبيدار آيا، ارڏا انسپيڪٽر،

شِيشَن وارو شور رکيو هو بانڪي بهادر،

چيف انجنيئر هو چُپ ۾، انگريز آفيسر،

گِٽۡمِٽۡ ٻول انگريزي، ٻي پئي ٿي ڪانه خبر،

گوڙ متو هو گورن جو، ۽ متا ڌم ڌمچر،

سوين هئا  سپاهي ۽ ڪرڙا ڪمشنر،

ٻيا پڻ هئا ڪيترا ٽِنڊرِيل ٽوپئر،

’محمد‘ آيو ميدان ۾، ’علي شاهه‘ انور،

سوڀ لکيل سيّد کي، ڏيج ڏنا ڏاتر،

اهي ڀلايون ’ڀورل‘ تي، ڪيون پاڪ ڌڻي پرور،

”خان محمد“بيان ’ڀورل‘جو ڪري، هوش رکي هيڪر،

پوءِ ڪامل ٿيو ڪثر، البت ’اميرن‘ کان.

البت ’اميرن‘ کان، هن کي موليٰ ڏنو مان،

’پولنگ‘ تي پهريون نمبر، پرين پهلوان،

راضي جنهن مان راڄ هئا، هندو، مسلمان،

چئي: ڏيو ووٽ ’ڀورل‘ کي، ته محشر ۾ ملي مان،

ماندو ٿيو ’مير‘ هو، جنهن جي جلي ويئي جان،

خرچ جنهن جو اجايو ويو، زر ٿي به زيان،

پر ڏنو ڪونه ’پٺاڻن‘ هو، ’ڀورل شاهه‘ کي مان،

’محمد زمان‘ جي مهر سان هو، هڪ خط نيشان،

نڪو مڃئون مرشد کي، نڪو آندئون ايمان،

ملڪن ۾ مبارڪون ٿيون، عيدون منجهه آسمان،

حورن ڳايا هيج مان، سهرا سر سجان،

صفت سڻو سيّد جي، ماٺ ڪري مهربان!

”خان محمد“ خوش ٿيو، مليو مرشد کي ڏان،

وري ڏس آگي جو احسان، ملي سوڀ سيّد کي.

ملي سوڀ سيّد کي، هئي عام ڳالهه اها،

’مير‘ ته اصلي جو بادشاهه بيپرواهه،

هئي ڪانه ’مير‘ کي، ووٽن جي ڪل ڪا،

’مير‘ ڏٺو پئي ماڻهن جو، رايو ۽ ريا،

’دوست علي‘ جهڙا ’مير‘ کي، ويساهي وڙهيا،

پُر ڪيائون پنهنجا خانن ڀري کيسا،

’چوڌري فتح محمد‘ پڻ ورتا هئا پئسا،

چئي، مير بادشاهه! توکي ووٽ لک ڏبا،

 

’ڪرڙ ٿيٻي‘ جهڙا، ’مير‘ جي هئا ور ۾ بيٺا،

’ميهار‘ چيو ماڻهن کي: هلي کائو مير جا حلوا،

هڪڙيون تازيون تهريون، ٻيا ٻوڙ پلاءَ،

پٺاڻ، مير جي ڀت لئي، سنجهي مان سنڀريا،

گهڙي نه ويهن گهر ۾، تِل نه ٿي ترسيا،

’دوست عليءَ‘ جي بنگلي ۾، وير وڃي ويٺا،

’فيضو‘ ٿيلهيون هٿن ۾، ڪري سڏن جا واڪا،

”کائي وڃو خوب طرح، پرواهه نه ڪجو ڪا“،

’صاحب‘ جهڙا سوين، اچي جوان ويٺا جانٺا،

’دينو مُلي‘ دل تي، ڏنا ٻوٽين کي ٻَرا،

کاڌائون اُتي ڀَت ٿي، وراڪو ڏيو ورا،

’مير‘ جي هئو مَن ۾، ٿيندا سڀ سچا،

ڪوڙا ٿيا ڪيترا، قولن جا ڪچا،

کائڻ ويٺا ڪيترا، لوفر ۽ لچا،

ووٽ ڏين ’مير‘ کي، وڃي وجهن سائي پيتيءَ سڌا،

اهڙا ارواح ماڻهن جا، اچي ماڳ منڌا،

خبر ”خان محمّد“ کي پئي، جڏهن نر جا لڳا نعرا،

پوءِ ماڻهو ’مير‘ وارا، هڙ لڄي ٿيا لوڪ ۾.

 

لڄي ٿيا لوڪ ۾، سڙيو پاسو سارو،

’دوست عليءَ‘پڇيو ماڻهن کان، هڪل ڏيئي هڪوارو:

”ڀت کاڌو اٿو ’مير‘ جو، سڄو ڏينهن سارو،

مُڙي ويؤ ’مير‘ کان، قلب ڪري ڪارو“،

’چوڌري‘ رهيو چُپ ۾، ڏٺئين ”سيّد“ سوڀارو،

ڪِلو لڳو ’ڪرڙ‘ کي، ڪيو ناڻي ناصارو،

’فيضو‘ هو فڪر ۾، چليو نه ٿي چارو،

’ميهار‘ هو ماٺ ۾، جو نئون هو پڳ وارو،

خرچ کپائي ’مير‘ جو، کنيئون غيبت گلارو،

ٻڌي مري ويو ’مير‘ جو، پيءَ به پيارو،

دم نه ترسيو دنيا ۾، ويو وڄائي وارو،

عام ڳالهه اها هئي، اڃا لوڪ چئي ٿو سارو،

شاهن جو شان مٿي آهه، ڪنان امتي عزت وارو،

ڇا غريب گداگر پينو، هجي پنڻ وارو،

مهر ڪندو مريدن تي، ’ڀورل‘ ڀلارو،

”خان محمّد“ خوش آهي، ٿيو ’سيّد‘ سوڀارو،

ٿيو ڪامل ڪرارو، مشهور ديسان ديس ۾.

مشهور آهي ملڪ ۾، سرس سوايو،

سلاميءَ تي سيّد وٽ، ڪئين آيا ڪاهيو،

’ڀورل شاهه‘ بنگلي ۾، ويٺو بهاريون لايو،

کاڄ تن کي خوشيءَ مان، ٿي خان کارايو،

حرص منجهان ٿي هرڪو، وڌي وٽس آيو،

شيرا، شربت ڪيترا، ٿي حلوو هلايو،

چنگالي، چاشني، قورمون، ٿي رهبر رڌايو،

شرنائين شور مچايو، دهلن ڌمچر لايو،

ساز سرود ڪيترا، ڳائڻن ٿي ڳايو،

رسول ڪريمؐ جي زيارت، مون کي قادر! ڪرايو،

مديني ۾ مسڪين کي، گوهر گهرايو،

مرادون منهنجي من جون، پرور! پڄايو،

خاوند! ”خان محمّد“ جو، عرض به اگهايو،

ڪلمون پاڪ پڙهايو، مرڻ مهل مسڪين کي.

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
 

1955ع واري برسات

(چيل مولوي حاجي احمد ملاح)

 

]سنه 1955ع ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ برسات گهڻي پئي. بدين، بٺوري، ماتلي، ميرپور، ڪوٽڙي، ڪنري، ڪراچي، ڪاڪ، ڪنڊياري، تلهار ۽ ٻين شهرن ۾ ٻوڏ جهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون. سارين ۽ ووڻن جا فصل تباهه ٿي ويا. چوپايو مال ۽ جهنگلي جانور وغيره به گهڻي تعداد ۾ مري ويا. ڍنڍون ڍورا پاڻيءَ ۾ زبردست چاڙهه آيو ۽ هالا، مٽياريون، ٺٽي، دادو ۽ نوابشاهه وٽان درياءُ جي بند ڀڄڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو. هالن وٽان درياءُ پائڻ لڳو. درياءُ جي وڌندڙ کاڌ کي بند ڪرائڻ ۾ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ ڪلهي تي ڪوڏر کڻي ٻين سان گڏ ڪم ۾ حصو ورتائين. درياءَ ۾ ڪن هنڌان گهارا پيا، جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو مري ويا. وڻج واپار سڀ بند ٿي ويو. هاري زميندار ۽ ڀاڳيا سڀ برسات بند ٿيڻ جون دعائون گهرڻ لڳا.

شاعر مولوي احمد ملاح پنهنجي ڪلام ۾ برسات جي انهن حالتن بيان ڪرڻ کان پوءِ خدا کي عرض ٿو ڪري ته: اي موليٰ! هاڻي اهي برساتون ٻئي ڪنهن ملڪ ڏانهن موڪل، جتي انهن جي ضرورت هجي. تنهنجا بندا انهن برساتن کان ايترو ته بيزار ٿي پيا آهن جو ”ڀيڄ موليٰ“ جي بدران ”بس موليٰ“ پيا پڪارين. شاعر جو هيءُ سڄو نظم گويا مناجات آهي، جنهن ۾ هو ڌڻي تعاليٰ کي برسات بند ڪرڻ لاءِ ٻاڏائي ٿو].

 

بخش بخشڻهار! وڄڙيون وار واري بي ولهار،

سنڌ سڄي ٽمٽار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

هي ’بدينا‘ ۽ ’بٺورو‘، ’ماتلي‘ ۽ ’ميرپور‘،

تعلقا سڀ تار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

ڪوٽڙي، ڪُنري، ڪراچي، ڪاڪ، ڪنڊيارو، ڪنڊو،

تار ٿي تلهار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

هڪ ته ڪارونڀار ڪڙڪيو، ٻيو ڪڪر ڪارون ڪيون،

مينهن نايا نار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

ساريون سر سير ۾، وريو وڻن ووڻن مٿان،

غرق گل گلزار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

ڪجھ نه ٿئي ٿو ٻوڏ توڻي سوڪ ۾ سرڪار کان،

اي سدا سرڪا! وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

هڪ ڀريا ڍورا ڍنڍون، ٻيو ڍونڍ ڍورن ڍير ٿيا،

پئي مِرُن ۾ مار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

کولــٖــين تان خوب گهارا، روڪــٖــين تان رؤڻ بند،

بند پيا بيڪار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

هول ۾ ’هالا‘ ’مٽاريون‘، دف ’ٺٽو‘، ’دادو‘ نواب،

گام گهر ڪئين غار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

’طالب الموليٰ مذڪر‘ گڏ ضرورت ۾ ضرور،

سر ڪلهن ڪوڏار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

ڪئين ٻچن ٻارن ٻُڍن جون اڄ پڪارون ٿا ٻڌون،

اڇ اندر اڇنگار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

قوم جي   ڪاراٺ    مون  تي   ’ڪاروان‘    اخبار  ۾(1)،

ڪر ڪرم ڪلتار! وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

مفت مايون ڦُوڪ ڏيو مونکي ”مئو پٽيانس!“ ڪن،

چلهه مٿي چوڌار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

هٿ کڻن هاري، زميندارن ۾ زاريون روءِ زمين،

ڀاڳيا بيزار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

سر ڍڪي ڊاهين پيا ڪي در ڏيو دڪّان کي،

ويو بيهي واپار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

مِلڪ تنهنجي مُلڪ سارا، مينهن جا محتاج سڀ،

ڀُڄ، بمبئي، ملبار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

”ڀڄ بادل“ جي بجا بيوس بندا ”بس! بس!“ چون،

پُر ٿيا پينار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

اڳ به ڪيا آگا! تو آگم عرض ”احمد“ جا سڻي،

ٻي به ٻڌ ٻاڪار، وڄڙيون وار واري ٻي ولهار.

 

 

1956ع ۾ درياءَ جي اُٿل

 

]1956ع ۾ سخت برسات سبب، پنجاب ۾ ٻوڏ ٿي. جيئن ته پنجاب جي پنجن ئي ندين جو پاڻي سنڌ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، تنهنڪري سنڌو درياءَ ۾ زبردست چاڙهه ٿيو. پاڻيءَ جي دٻاءُ وڌڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن کان گهارا پوڻ شروع ٿيا. سکر، سڪرنڊ، هالا، سجاول، سنجر ۽ ساڪري ۾ گهارا پيا، اٽڪل ٽيهه ڳوٺ ٻوڏ هيٺ اچي ويا. ٺٽي ۾ پڻ ٻوڏ آئي جو ماڻهن پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي وڃي مڪليءَ تي پناهه ورتي، پاڻي مڪلي ٽڪريءَ تائين وڃي پهتو. جهنگ جبل هر طرف پاڻي ئي پاڻي پئي نظر آيو. ڪلياڻ بند ۾ ٽن ميلن تائين گهارو پئجي ويو. درياءَ جي هن اٿل جي خبر جڏهن حڪومت کي پيئي، تڏهن امير وزير هوائي جهازن ۾ چڙهي ٻوڏ هيٺ آيل ڳوٺن جو دورو ڪرڻ لڳا. هن واقعي بابت مولوي احمد ملاح ۽ دائود فقير جوکيي جو چيل ڪلام ڏجي ٿو. مولوي احمد ملاح پنهنجي ڪلام ۾ فقط حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعي جو ذڪر ڪيو آهي، پر دائود جوکيي هالا ۽ ٻين علائقن سان گڏ اتر سنڌ جي سکر ۽ سيوهڻ علائقن جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته اڙل واهه ۾ جڏهن گهارو پيو، تڏهن پاڻي گهوگهاٽ ڪندو ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو، جنهنڪري ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي وٺي ڀڳا، پر مهر قوم جي ماڻهن، جن جو اڳواڻ ’گلڻ ڄام‘ هو، تنهن سخت محنت ۽ جانفشاني سان واهه کي بند ٻڌو. بند سبب پاڻيءَ ڪچي طرف رخ رکيو. ڌنار درياءَ جي هن اٿل کي ڏسي مال ڇڏي وٺي ڀڳا، ۽ زبردست اٿل سبب جهنگ ۾ هڪڙو جانور به باقي ڪونه بچيو. شاعر، ٻوڏ جي دردناڪ حالت کان متاثر ٿي خدا کي سوال ٿو ڪري ته: اي خدا! هاڻي سنڌ وارن تي مهر ڪري، مهراڻ جي مستيءَ کي گهٽ ڪر، جو ويچارن ماڻهن ۾ هاڻي سهڻ جي طاقت ڪانهي. مهراڻ ۾ سخت مستي هئي، جنهنڪري ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوڌ ٿي. ماڻهو پنهنجا سر کڻي ڀڄڻ لڳا. هالن ۽ خانوٺ وٽ پڻ گهارا پيا. گهارن جي خبر ماڻهن کي سخت خوفزده ڪري ڇڏيو. دائود فقير کين پنهنجي ڪلام ۾ مشورو ٿو ڏئي ته اهڙي موقعي تي ڀٽائي تي لڏي وڃي پناهه وٺو، جتي عاشق اڳي ئي ڀٽ وسايو ويٺو آهي، نه ته درياءَ جي اها اٿل ڪنهن کي به جيئرو ڪونه ڇڏيندي.[

 

(1)

دائود جوکيي جا چيل بيت

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي سڀن سان ساڻي،

بحر گهڻو باريءَ جو، ’پنجاب‘ ڏي پاڻي،

جَر اُماڻي ٿو جبل مان، مالڪ ڪري ماڻي،

هيءُ ٻُڌو هن سال جي، ڪيان ٿو ڪهاڻي:

سن ڇاهتر ۾ ڇوهو ٿي، پهتو اچي پاڻي(1)،

هندن بند ڪيو هيڪاري، ’پاڪستان‘ جو پاڻي،

مينهن وسايا مولــيٰ هت، گهڻو ڪري هاڻي،

هندو ڪل هيسجي ويا، جيئن وتي شيء ويڳاڻي،

نظر ڪري نَهرُو کي، ڇڏيو صاحب سڃاڻي،

زور ڀڳو زمين جو، ٿي ست ڇڏي ساڻي،

دؤر ڪري درياءُ لٿو، سنڀالي سانوڻي،

سڌو آيو ’سکر‘ تي، پَٽ پائي پاڻي،

وهندو آيو چڙهندو، اها وڌيڪ ڳالهه واکاڻي،

جوڙي ڏنائين جنگ ’جمن جَتيءَ‘ سان، سيّد

ڏسي ’سيوهاڻي‘،

دير نه ڪيائين ”دائود“ چئي، جوش ڏيکاريئين جواڻي،

پاسا جهلي پاڻي، ڪيرائڻ لڳو ڪپرن کي.

 

ڪيرائڻ لڳو ڪپرن کي، هو اِلاهي بحر آيو،

سامهون ڀرسان ’سيوهڻ‘ جي، اچي واحد وهايو،

چڪر ڏئي چوڌاري، ’اڙل‘ ۾ آيو،

’جَتِي جُمن‘ جنهن کي، حڪم ساڻ هٽايو،

اٿل ڪري اورتي، اورينءَ ڀر آيو،

ڳلو ڏيئي ڳوٺن کي، جنهن لکن کي لڏايو،

سڌو بيهي صفن کان، پاڻيءَ اچي پايو،

جتان زور زمين کي، اتان کنيو وڃي کايو،

ڀيريون ڏيئي ڀر سان، چريو وڃي چايو،

رَءُ ڪري ’رئيسن جي ڳوٺ‘ تي، اتر کان آيو،

لاکيڻي کي لڏڻ جو، هو چڱن چوايو،

’ڏهريءَ‘ رکيو ڏاتر تي، تنهن کي موليٰ منجهايو،

قرب سان ڪيترن پئي، بند کي بنايو،

ڏاڍو ڪري ’ڏاهرين‘، بند کي ڀِچايو،

پورهيو پهلوانن جو، وائيَ ڪين وڃايو،

بحر اهڙي کان بنگلن کي، باريءَ مڃايو،

درياءَ کي ”دائود“ چئي، هو مينهن مچايو،

’غازي گلڻ ڄام‘نه گهٻرايو، ڏسي پاڻي ڪُل پهاڙ جو.

پاڻي ڪُل پهاڙ جو، قدرت آندو ڪري،

هيٺ مٿانهين هڪجهڙي، ويو بحر ڪل ڀري،

جدا انهيءَ جاءِ کان، ويو پاڻي ٿي پري،

وهندڙ پاڻي ويو هليو، سڌي سير ڪري،

’ڪَچــٖــي‘ وارا ڪُل ئي، ڪڍيائين ٻاهر ڪري،

بحر ڏسي ڀڄي ويا، دانهون ڌنار ڪري،

جانور ڪو جهنگل ۾، چو هو ڪونه چري،

مستيءَ سان مٿانهينءَ تي، پيو ڪُن ڪري،

هلندي وهندي هيڪاندا، ويو لانگها لک ڪري،

درياءَ اهو ”دائود“ چئي، پيو هاڻي وهي هري،

پتڻ کان پري، لنگهيو وڃن ’لال‘ تي.

 

لنگهيو وڃن ’لال‘ تي، کڻي سيڻاهه سڌر،

ڪيرايو پئي ڪپر کي، درياءُ ڪري ڌڌڪر،

دل سان ڳالهه درياءَ جي، ڪيان ٿو حقيقت هينئر:

چڙهي پيو چوڌاري، ڪرون ڇڏي ڪپر،

مستي ڪرائي ’مهراڻ‘ کي، جبلن سندي جَر،

ٻوڙيائين بيهي ٻيلا، ڏنائين ڪچي کي ڪثر،

جلد ڀريائين جاگيرون، لهريون ڏئي للهڪر،

ٻنهي پاسي ٻوڏ گهڻي، بيهي ڪئي ٿي بحر،

زيان ڪري زوريءَ ڇڏيا، چرئي ڏئي چڪر،

وڻ ٽڻ ويران ڪري ٻوڙي ڇڏيئين ٻَٻُرَ،

لڙهي سي لهوارا ٿيا، پڇڙ ڏنائون پاندر،

پائي ڇڏيا پائيندڙ، واهڙ ڏيئي ور،

ڀاڻ ڇڏي ڀاڳيا ويا، سکڻا کڻي سِر،

لوڙهي ڇڏيائين ٻوڙي، غريبن جا گهر،

ڪانه رهي ڪَچــٖــي ۾، پهرئين ڏينهن پهرَ،

’ڪُنداهه‘ ڇڏي ڪُل ئي، نڪري ويا نِڌر،

بيوسيءَ کان بند ٿي، ڇڏي ويا ڇَپر،

روز وسن پيا رحم جا، قدرتي ڪڪر،

مينهن وسايا ٿي مولـيٰ، رازق تنهن رهبر،

چونڊارو ٿيو چوڌاري، کنيو مال کي مڇر،

نعرا هڻي نڪري ويا، پڪي تي ’پنهور‘،

لڏي ويا لاچار کان، ڪري ويچار ولر،

دانهون ڪري ”دائود“ چئي، رڙندا ويا ريڍر،

بچاءِ هن بحر کان، ڪر ڪنڌيءَ تي ’قلندر‘،

دعا گهري دلبر! سوال ڪريو سائينءَ کي.

 

سوال ڪريو سائينءَ کي، هي واهڙ ڀلي وهن،

بحر ڀلي بادل مٿان مينهن وسن،

پاڻي آڻي پهاڙ جو، هي نيون سڀ نونِ،

جَر ڀلي جام ٿئي، ڦوٽهڙا ڦُٽن،

هن سال جا ههڙا، من سک ڪي سمجهن،

ههڙا لڙها هن کي، وري الائي ڪڏهن چڙهن!

مستي موج هن جي، ڏيهه ڀلي ڏسن،

پچاري ڳالهيون پاڻ ۾، ڪَچــٖــي جا ٿا ڪن،

دهشت ڏسي درياءَ جي، هاري ڪين هٽن:

خدا ڪري، سال نه کري! اسان جون ٻنيون سڀ ٻڏن،

اهي جوڙي ڳالهيون، ڪيون صلاحون سڀن،

ڇوليون ڪري ڇوهو ٿيو، ڪيا ڪڙڪا ڪُنن،

زور نه هليو جانورن جو، ڇڏيو ڦِڙڻ ڦاڙهن،

دير نه ڪئي درياءَ، جنهن جو ڀر نه جهليو بحرن،

هلي ڀڳائونس ’هالن‘ کان، بيٺي ڏٺو بيلدارن،

ٻيو کنڊ وڌائونس ’خانوٺ‘ کان، کنيا ٽپڙ کيبرن،

ٻڌي ڳالهيون ٻوڏ جون، روڄ ڪيو راڄن:

سِر بچايو هن سير کان، متان مڙئي هت مَرن!

دانهون ڪُوڪريا ”دائود“ چئي، مڙي ڪيا ماڻهن،

ڪري ڳالهه هيءَ ڪن، لڏي وڃو ’لطيف‘ تي.

 

لڏي وڃو ’لطف‘ تي، ڪريو ’ڀٽائي‘ ڏي ڀر،

سانگو ڪيو ساهه جو، وڃي وٺو ڪنهن جو ور،

عاشق ويٺو آهي اُتي، ڀِٽَ وسايو بَر،

سيّد آهي صحيح، جنهن جو نالو نشانبر،

هت ماريندو مڙني کي، جهنگل ۾ هي جَر،

ڪير نه ملندو ڪنهن کي، دوست هجي دلبر،

لوڙهي ڇڏيندو لهرين ۾، وڃائي وڳر،

اهڙي اَٽل آهي انهيءَ جي، شل پئي نه ڪنهن کي پَهر،

وٺي ويهو وليءَ جو، ”دائود“ چئي در،

پوءِ آن تي ڪرم ڪندو قادر، موٽي ايندو ماڳ تي.

 

(   2   )

حاجي احمد ملاح جو نظم

 

سنڌ سلامت رک تون سائين! مهر ڪر مهراڻ جهل.

هن مهل ئي موهر تائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

تون اَجهو اُجهندن سندو، تورٖي اُجهاڻل سڀ اَجهور،

تون ڇپر پڻ تنهنجي ڇانئين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

هول جهڙيون حالتون، حيلا نه هليا حاڪمن،

توکي سگهه سڀڪا سدائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

مِلڪ تنهنجي جنّ مَلَڪ سڀ، مُلڪ مالڪ معاف ڪر،

ٻيو نه تُرهو توڙ تائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

ڀرت مينهن مهراڻ ڀرتو، ماپ مهندين کان وڌيڪ،

ڏهه ڏهين، نو فوٽ نائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

ڀِت ڀڳي ڪنهن ڀَت وڻي ڀَت، سر ڀٽن ڀَٽ يا ڀَٽي،

جهوپڙي جوڙيون ڪکائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

کنڊ کنڊوءَ کي کنيو، سونڪو ’سکر‘ ’سڪرنڊ‘ ۾،

هول ۾ ’هالا‘ هنيائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

سر ڪيا سيلاب ’سنجر‘، پڻ ’سجاول‘ ’ساڪرو‘،

ملڪ مڙيا سر مٿاهين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

ساهه جو سونڪو سپاهه و شاهه کي، ساهوءَ ڪنان،

ٿي پيا منهن ٿڪ مهائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

ٽڪرين سان ٽڪريو، ٽمٽار ڪيائين ٽيهه ڳوٺ،

جهنگ جبل ۾ جهور جهائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

گوڙ ’گهلين‘ تي گهڻا، ’گهارو‘ گهڻي ۾ ويو کڻي،

ميل ٽي ميلن وچانئين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

هيٺ هولن ۾ هزارين، هُو هوائيءَ ۾ سوار،

ڊوڙ ۾ ڊائين ڊگائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

ڪڙ مٿان قابو ڏسڻ ۾، هيٺ ڪارونڀار ڪُن،

آب اُڌمي ٿو اتائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

ٻنڌ ڏاڍي ٻاهران، پائڻ لڳو پاتار کان،

روڪ يا ربّ رُوڻ رائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

تو چيو ’لا تقنطوا‘ پڻ، تو چيو ڪندس قبول.

جي ڪندا ڪو عرض آئين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

عرض ”احمد“ جو ته آگا! لاهه لاهو لاهه کي،

ڪج نه منهنجي لات لائين، مهر ڪر مهراڻ جهل.

  

هالن وٽان درياءَ جي اُٿل 1955ع

 

]1955ع ۾ سڄي سنڌ ۾ سڄي سنڌ ۾ برسات تمام گهڻي پئي. سکر، دادو، خيرپور، هالا، مٽيارين ۽ ٺٽي وٽان درياءَ ۾ گهارا پيا، جن پوکن ۽ ڳوٺن کي سخت نقصان پهچايو. انهيءَ وقت ۾ درياءَ جي سڀ کان خطرناڪ حالت هالن وٽان هئي، جتان ڪنارن جي کاڌ تمام تيزيءَ ٿي رهي هئي. هالن کان وٺي حيدرآباد تائين درياءَ جو پيٽ ٻن ميلن ۾ هو. بندن اندر ڪَچــٖــــي واري سموري ايراضي ٻوڏ هيٺ آيل هئي. جڏهن پاڻيءَ جو چاڙهه خطري واري نشان کان به مٿي چڙهي ويو، تڏهن بند جا محافظ ۽ عملدار مايوس ٿي پيا.

درياءَ جي اُٿل جي ڊپ کان هالا ۽ حيدرآباد تعلقن جي گهڻن ئي ڳوٺن جا ماڻهو لڏي، حيدرآباد، هالن ۽ ٻين شهرن  ۾ وڃي رهيا. کاڌ سببان جن هنڌان بند ڪمزور ٿي ويو هو، اتان بند ۾ گهارا پوڻ شروع ٿيا. فقط هالن کان ڄام شوري تائين بند ۾ نَوَن هنڌن تي گهارا پيا، جن مان وڏي ۾ وڏو گهارو ’ڪلياڻ‘ وارو هو. گهارن بند ڪرائڻ لاءِ هزارين مزور سرڪار طرفان گهرايا ويا. عام ماڻهن پڻ انهيءَ ڪم ۾ مدد ڪئي. انهيءَ گهاري کان سواءِ، ٻين گهارن جي بند ڪرڻ يا کاڌ وارن هنڌن تي بند مضبوط ڪرڻ ۾ درگاهه مخدوم نوحؒ جي سجاده نشين مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ تمام گهڻي سرجوشيءَ کان ڪم ورتو. اهو مخدوم صاحب ئي هو جنهن بي انداز خرچ ۽ وڏي ڪوشش سان درياءَ جا گهارا بند ڪرايا، نه ته ان وقت ڪافي ملڪ ٻڏي وڃي ها. انهيءَ واقعي تي مخدوم ”طالب الموليٰ“، حسين بخش ”خادم“ ۽ محمد سومار ميمڻ جا چيل بيت ڏجن ٿا.[

 

(1)

مخدوم محمد زمان”طالب الموليٰ“+ جو چيل بيت

 

درياءَ پنهنجي دور ۾، ڪيو ’کنڊو‘ وٽان کوٽ(1)،

پاڻيءَ پنهنجي پَرِ ۾، چڙهي ورتو چوٽ،

سَرِوَرِنِ سيگهه مان، ڏنس ڪلمي سندو ڪوٽ(2)،

”طالب الموليٰ“ مرد هئا، هڪڙو هڪڙو گهوٽ،

ننڍو وڏو نوح جو، عاشق هو اڻموٽ،

وهواهه سندو ووٽ، فقراء کنيو فيض سان.

 

(2)

حسين بخش ”خادم“+ جا بيت 

اول نام الله جو، عاليشان عظيم،

قادر، ڪريم، قيوم، رازق، ربّ، رحيم،

آگو عالم آسرو، اتم آهي عليم،

’ڪل شيءِ قدير‘ آهي، حاڪم پاڻ حڪيم،

قادر آهي ڪريم، ”خادم“ ساري خلق جو.

سدائين ساراهيان، صاحب ربّ ستّار،

مير محمّد ڪارڻي، اڙين جو آڌار،

چارئي يار رسول جا، سرسا منجهه سينگار،

علي شير امير آهي، محب مٺو مهندار،

حسن مير حسين آ محشر جو مختيار،

سائڻ سچي پاڪ آ، اُمت جو آڌار،

پنجتن کي پيارو آهي، نوح سخي نروار،

فائق ڌڻي فيض جو، ڪامل قلب قرار،

”خادم“ پنهنجي تي ڪندو، مهر سدا منٺار،

پُر ڪندو پيار، دولهه دران پنهنجي.

چوڏهِين چٽو معجزو، ڪيو سخي سرورشاهه(1)،

 

بادل بَرهڙا ڪيا، دهشت ڪئي درياهه،

پاڻيءَ ماڻهن جو ڪيو هوش عقل گمراهه،

مٿس   منهنجي   پير  ڪئي،   قربئون   ڪاهو   ڪاهه(1)،

ٻنهي طرفن جو اچي، سامهون ٿيو سپاهه،

اچي لڳا پاڻ ۾، شان ڀريا ٻئي شاهه،

بند ڀڳا نو کنڊ پيا، وهيا پراڻا واهه،

اول ٻوڙي ٻَنۡڌ کي، جتن تي ڪيائين ڪاهه(2)،

ماڙيءَ کي مڃ ڪري، ڳاهوٺ ڪيائين ڳاهه(3)،

ڀڳائين ڀاڻوٺ کي، ۽ مياڻي ٿي تباهه(4)،

تنهن واحد کي واهه، جو حڪم ههڙائي ڪري…

 

بادل برهڙا ڪيا، درياءَ لاتي دڙ،

هو ڀڃي پيو بندن کي، هي ڪامل جهلي ڪڙ،

هو هتان ڀڃڻ جي ڪري، هي جاني هڻيس جڙ،

هو چڙهي پيو چاڙها ڪري، هي بند کي ڪري ڀڙ،

جڏهن والي ڪياوڙ، تڏهن هن حذر هالن کان ڪيو…

 

اوچتو ’ڪلياڻ‘ کان، پاڻي پيو ڪاهي،

کيبر، مٽياري، کنڊو، ٺوڙها پيو ڊاهي،

نوح ٿياڻي ڳوٺ جا، ڇڏيائين لاڳاپا لاهي،

ڀر ڀٽائي جي ڏيئي، واڙو پيو ڊاهي،

حڪومت کان هاڻ هي، ٻڌڻ جو ناهي،

هلي آيا ڪلياڻ تي، ڪامورا ڪاهي،

دل ۾ دهلجي ويا، ته جاءِ اسان جي ناهي،

هلي آيا هيرآباد ۾، ڏس ڏنن ڏاهي،

مدد ڪر مخدوم! تون، جاءِ اسان جي ناهي،

دلبر دلاسو ڏيئي چيو، ڳالهه اها ڇاهي!

وڏي اميد اسان جي، الله ۾ آهي،

ڏک ڏولاوا ڏاکڙا، سو لحظي ۾ لاهي،

کنئي سون چائي، ٿي ”خادم“ خذمت خلق جي.

 

هادي حيدرآباد کان هلي، هالن ۾ آيو،

اتي دوست علي کي، هو سرور سڏايو،

انهي دم عجيب هو، آچر آڻايو،

تن کي کنڊ ٻڌڻ جو، هن طرح سمجهايو،

ٻڌو سندرو همت جو ۽ ماڻهو گهرايو،

ٻن ڏينهن ۾ ڪلياڻ جو گهارو ٻڌايو،

حڪم هي حاڪم جو، تن هنئين هنڊايو،

آئي فوج فقيرن جي، جن قربئون ڪمايو،

محنت ساڻ ڪلياڻ کي، تن ماري مڃايو،

نعرو هڻي نوح فقير جو، تن بند ته ٻڌايو،

لالڻ لانچ مٿي چڙهي، آيو ڪي آيو،

جوڌا جنگ جوان ٿيو، پير نه پوءِ پايو،

”طالب الموليٰ“ لانچ ۾، انهي دم آيو،

مٿان انهيءَ بند جي، هو پير پرين پايو،

فيض ڌڻي فقراءَ کي، هاديء همٿايو،

”خادم“ ٿي هي خيال جو، تو گلشن بنايو،

سرور سوايو، مشهور آهي، ملڪ ۾…

مڙي مٽيارين بند تي، زميندارن ڪيا ميڙ،

هلو هلو همت ڪريو، وٺي اچو سڀ ڇيڙ،

ڏسي گهٽ ۾ گهيڙ، مرد سڀ موٽي ويا.

 

مرد سڀ موٽي ويا، ٿيا واپس ويچارا،

بند نه ٻڌبو يار! هت ڪونه چليا چارا،

هلو ته هالن ڌڻيءَ وٽ، ڪريون عرض اپارا،

سرور سونهارا! هاڻي ڪا همت ڪريو.

 

فقير پنهنجي فقراء کي، سڏي سمجهايو،

ٻڌو مٽياري بند کي، اوهين دير نه دم لايو،

وڃو مرد مانجهي! اوهين پير پڙ پايو،

حڪم مڃي حضرت جو، فقيرن سر نايو،

منهنجي مرشد مير کي، آهي موليٰ مرڪايو،

سڀني پرئين سرور، آهه سڀني سوايو،

بند کي بندايو، لٿو ڏولائو ڏيهه تان.

 

اوچتو ئي اوچتو، پيو گهلياڻ کي گهارو،

آفيسر عملدار هئا، چيائون وارو ڪيو وارو،

ملڪ آهي تباهه ٿيو سڄو ئي سارو،

مدد وٺو مخدوم نوح کان، آهي مرد مڻيا وارو،

مخدوم محمد زمان آهي، سنڌ جو سونهارو،

”خادم“ منهنجو پير آهي، ڪامل ڪرارو،

پارس پاڳارو، ملڪن ۾ مشهور ٿيو.

 

ڪئين آيا بند تي، ڪمشنر ڪوٽار،

ايس. ڊي. آءِ هئا لکين آبدار،

ايس. پي، ڪليڪٽر ڪيترا، ٻيا سوين صوبيدار،

ڳڻڻ کان گهڻي هئي، قيدين جي ته قطار،

مار ڪُٽ پئي ملڪ ۾، ڏسو ڇيڙون زميندار،

گهلياڻ جي گهاري سان، چلي نه ڪنهن جي يار،

فقير پنهنجي فوج کي چيو، ٿيو ترت تيار،

سرور شاهه سردار، سهرا ٻڌا سوڀ جا.

 

گهُٽي گهلياڻ بند کي، مرد ڪيو مارو،

هرجاءِ کان هليو، رهيو وهواهه جو وارو،

محمد زمان محبوب آهي، مرد مڻيا وارو،

سرور سونهارو، سوڀارو ٿيو سنڌ ۾…

 

کائي کنڊو بند کي، ڪيو درياءَ ڌڌڪارو،

ڪلمي سندو ڪوٽ ڏئي، ٿيو سرور سوڀارو،

بچائي ڇڏيائين بحر کان، ملڪ مڙئي سارو،

سروري فقراء سان، ڪونه چليس چارو،

هٽيو درياءُ پوئتي، ٿيو واپس ويچارو،

”خادم“ منهنجو پير آهي، بيحد ڀلارو،

مٿس راز رسول جو، آهي پنجتن کي پيارو،

ڪامل آهي ڪل کان، قريشي ڪرارو،

نر هڻي نارو، ملڪن ۾ مشهور ٿيو.

 

(3)

محمد سومار ميمڻ+ جا بيت

 

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،

نبي     خلقيائين     نُــــــور     مان،     سونهارو      سلطان*،

ملائڪن ڀي ﷴ تي آندو ٿي ايمان،

سهي پڙهيا صلواتون، جيڪو ڏاتر ڏنو هون ڏان،

ڪنهن کي ڇڏيندو ڪينڪي، هُو ضعيفن آهي ضمان،

پنجئي تَن پرينءَ جا، جن جي لاءِ جڙيو جڳ جهان،

سي عاشق هئا الله جا، ٿين راضي ربّ رحمان،

چارئي يار رسول جا، جن لاءِ هينئڙو آهي حيران،

سي چؤياريون ڪن پاڻ ۾، جن جو مدينو آهي مڪان،

اول ابابڪر صديق ڪيائين، جنهن کي ﷴ ڏنو هو مان،

انهي جي پيڙهي مان پاڳارو، ٿيو نظاري نشان،

سو ته سونهارو سرور آهي، جنهن جو اوتارو آسمان،

نظر تنهن نوحؒ فقير جو، جيئن چنڊ ڦري چوغان،

انهيءَ جي پٺ مان پيدا ڪيائين، پاڳارو پهلوان،

سو ”طالب“ آهي ”موليٰ“ جو، جنهن ڪنبايو ٿي ڪفران،

اهو پنو پڙهي ٿو پرت مان، قلب سان قرآن،

”لا اِلٰہ اِلا الله ﷴ رسول الله“ جيئن فرمائي ٿو فرقان،

جيڪو ڦِريو سو ڦُريو، ناهي هندو ناهي مسلمان،

مون ته معجزو ڏٺو آهي محمد زمان پير جو، جتي

ڪوڙين ٿيا قربان،

سرور شاهه تي ”سومار“ چئي، آهي آگي جو احسان،

بر وٺو بيبان، ويو ڏڪار اسان جي ڏيهه مان.

 

ويو ڏڪار اسان جي ڏيهه مان، ٿيو ميلو محبوبن،

راتو ڏينهان روح ۾، اٿم پچارون پرين،

قدرت ساڻ ڪريم جي، هي بادل ٿيا برسن،

ڪارا ڪڪر اُڀ ۾، کنوڻيون ٿيون کڙن،

انڊلٺيون آسمان ۾، گجگاهه ٻڌا گوڙين،

ڇانٽون وڏي ڇوهه سان، ٿيا اَڙنگ منجهه اُڀن،

ڪوڪون هيون ڪوئل جون، پئي تنواريو تاڙن،

اُٿيا اوهيرا اُتر کان، منڊل ڪيا مينهن،

اهي عجب رنگ الله جا، لکي ڇا لکجن،

ڍنڍون ڍورا ڀريا، ڪيون دهشتون دريائن،

ٿي موج مهراڻ ۾، ٿيا ڪڙڪا منجهه ڪُنن،

اوڌيون اُٿيون ۽ ڇڇڪا ڪيا ڇولين،

مڇ مانگر مهراڻ ۾، وَهه ڇڏيو واڳن،

سور سِسر ڪيترا، پئي لڙهيا ۾ لهرن،

بگهڙ بلائون ڪيتريون، گوڙ ڇڏيو گدڙن،

فڪر لڳو هو ڦاڙهن کي، جن ننڊ ڦٽي نيڻن،

ڪپر ڪريا ڪڙڪو ٿيو، لڳو درد داروغن،

سي ڀڙا ٿيو بند تي، ٿا هاتڪ هٿ هڻن،

پوري نه پيا پاڻيءَ سان، جن کي منجهايو مِرن،

سي ڀڄي آيا ڀُوري پير وٽ، ته ماڻهو ٿا مرن،

پوءِ ’طالب الموليٰ‘ تيار ٿيو، سر هو سان صوبن،

”نصر مّن الله و فتحٌ قريب“ چيو ٿا به چڙهن،

ٻيلي ٻانها وٺي بند تي، ڪيو جهيڙو جهونجهارن،

دوست عليءَ کي دل سان، ڪيائين نروار منجهه نوڪرن،

مدد انهيءَ سان موليٰ علي، ڏنو آهي فيض فقيرن،

مريد محمّد زمان پير جا، آهن مانجهي منجهه مُلڪن،

عاشق اماڻيو هو آچر کي، ٿا چارئي ڏسيون چون،

 

هڪل ٻڌي حضرت پير جي، رکي محبت مريدن،

سي سلام ڪيو سرور شاهه جو، ڍول ڍرن،

ٻُڌيو ڌڌڪا درياءَ جا، ٿا نعرا نَر هڻن،

کٽياڻ تن کي کيڪاريو، پيو ڪڙي منجهه قربن،

سي ذڪر ڪن ٿا ظاهري، چوريو چپ چون،

”لا اِلٰہ اِلا الله ﷴ رسول الله“ اهو سبق پڙهيو سهڻن،

اتي سنڀري بيٺو ”سومار“ چئي، محمّد زمان انهي ماڳن،

پوءِ ته ڪڙڪا هئا ڪوڏرين جا، جيئن ڀالا ڀوڀنٽ ڪن،

ڏلڙهيا وڏي ڏانۡوَ سان، مورئون ڪين مڙن،

ملڪن منجهه ”ميمڻ“ چئي، هيون تنوارون منجهه تڙن،

ٻَه تن مان ٻڏي ويا، ڪئي موڪلاڻي مردن،

”ڪل نفسٍ ذائقة الموت“ پيو وڇوڙو وريامن،

انهن سر گهوريو هو سرور تان، تن کي ڏني موڪلاڻي مائٽن،

مهندان ڏينهن محشر جي، ڀلي ان کي حورون هار ٻڌن،

ڪلمون پاڪ پڙهن، ساري عمر سردار تي.

 

ساري ڄمار سردار جي، ڪيو پرور جي پچار،

هيءَ ته نَوئِي کنڊ نمي پيا، لکيو لکڻهار،

منڍ ڀڳو هو ماڙي کان، ڪري ڪڪر ڪارونڀار،

ٻيو ڀڳو ٻلالن کان، ڪري ڇولين جي ڇڇڪار،

ڀڳو اچي ڀاڻوٺ کان، ۽ ٽيون ڪري ٽهڪار،

چوٿون ڀڳو چاهه مان، ڪري گهوٽاڻن کي گهار،

پنجون ڀڳو پيرن کان، لڏائين سالاري جي سار،

ڇهون کانٽو پيو کنڊوءَ کان، ڪري کملاڻن کي کيڪار،

ستون ڀڳو ساڱري مان، ڪري پاهڙ مان پلتار،

اٺون به اتاهين ڀڳو، هيس خاصخيلين تي خار،

نائون کنڊ نروار ٿيو، ڪري ڪلياڻ مان ڪُن پار،

جنهن ريلون رستا بند ڪيا، ٿيا لارين کي لاچار،

قدرت سان ڪريم جي، پئجي ويئي ڪوهن ۾ ڪوڪار،

اهي عجب رنگ الله جا، قلم لکيو قهار،

مال مڏيون مهراڻ ۾، هرهڪ ٻچا وٺيو ويو ٻار،

پاڻيءَ اتي پلتارون ڪيون، ملي نه ڪا وهڻ کي وار،

ٻنيون ٻارا سڀ ٻڏي ويا، ٿيا ظاهر زميندار،

تن تارون ڪيون تڪڙيون، حڪومت کي هيڪار،

اي.سي؛ انجينئر؛ ايس.ڊي. آ، ٿيا وزيرن کي ويچار،

سروير، داروغا سنڌ جا، ٻي هئي قيدين جي قطار،

هرڪو اچيو موٽيو وڃي، ٻڌيو درياءَ جي ڌڌڪار،

ڇڇڪا آهن ڇولين جا، ٻي لهرين جي للڪار،

ڪڙڪا آهن ڪُن ۾، جيئن ديو ڪري ڌڌڪار،

موٽيو اچن ”ميمڻ“ چئي، هو تَؤ ڇڏيو تڪرار،

اچي پيش پيا آهن پاڳاري کي، هيڪاندا حبدار،

منٿون مڃ ’محمّد زمان‘ تون، قريشي قربدار!

واري تن کي ورندي ڏني، منهنجي محب مٺي منٺار،

اسان جو جهيڙو آهي انهن اٺن ئي سان، اوهين بندا! ٿيو نه بيزار،

مال ڪٺو ڪري موٽي اچو، ٻيا وڻج وٺي واپار،

سرور سهنج ڪندو، اڙين جي آڌار،

صدائون ٻڌجان ”سومار“ جون، محمّد زمان مختيار،

سڀن پَرئين سردار، ڪئي آهي فتح فقير جي.


هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

* ”گلزار احمد“ مطبوع اسلاميه پريس سنه 1957ع تان ورتل.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 207.

(1) روزاني اخبار ”ڪاروان“ حيدرآباد سنڌ مان نڪرندي هئي، جنهن جو مالڪ رئيس نجم الدين سريوال ۽ سندس عزيز هئا.

* هيءَ روايت (محال ڪوهستان) مان ڌڻي بخش جوکيي کان ملي.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 333.

(1) سنه ڇاهتر = 1376هه.

* ”گلزار احمد“ مطبوع اسلاميه پريس حيدرآباد سنڌ 1957ع تان ورتل.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 231.

* هيءَ راويت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني کان ملي.

+ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ولد مخدوم غلام محمد، هالن جي مشهور درويش مخدوم نوحؒ جي خاندان مان آهي. سندس ڄمڻ جي تاريخ محرم 1338هه/ 26- سيپٽمبر 1919ع آهي. ديني خواهه دنيوي تعليم حاصل ڪيائين. اردو ۽ فارسيءَ تي ڪافي دسترس اٿس. سندس ڪلام سنڌي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ چيل آهي، جو بهار طالب، رباعيات طالب ۽ ڪچڪول وغيره مجموعن جي صورت ۾ ڇپيل آهي، علم ادب جي ترقيءَ ۾ سندس ڪوششون قابلِ تعريف آهن. ”بزمِ طالب الموليٰ“ کان سواءِ ڪيتريون ئي ادبي انجمنون سندس همت افزائي جون مرهون منت آهن.

(1) تعلقي هالا ۾ هڪ ڳوٺ، جتان بند ڀڄڻ جو سخت خطرو هو. ٽي پتيون بند کاڄي چڪو هو. آفيسرن آسرو لاهي ڇڏيو هو، پر سروري فقيرن همت سان رات وچ ۾ بند ٻڌي ڇڏيو.

(2) سرورن = مخدوم نوحؒ جو خطاب ”سرور شاهه“ به آهي، ۽ ”سرور نوح“ به چون. هتي سروري جماعت ڏي اشارو آهي.

* هيءَ روايت خود شاعر کان ملي.

+ حسين بخش ”خادم“ ولد پير بخش ڀنگر، ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ 14- شعبان 1346هه/1927ع ۾ ڄائو. فقط چئن درجن تائين تعليم حاصل ڪيائين. مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي هٿ تي بيعت ڪيائين، سندس ڪلام نظمن، غزلن، ڪافين، بيتن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي.

(1) چوڏهين صدي.

(1) طالب الموليٰ. (2) ٻنڌ = هالا کان اولهه طرف هڪ ديهه ۽ ڳوٺ، هن وقت درياءُ پائي ويو. جتن جو ڳوٺ هالن کان ٽي ميل اولهه طرف. (3) ماڙي = تعلقي هالا ۾ ”ماڙي محمد خان“ ڳوٺ. ڳاهوٽ = تعلقي هالا ۾ ديهه ۽ ڳوٺ. (4) ڀاڻوٺ = تعلقي هالا ۾ سيدن جو ڳوٺ. مياڻي = تعلقي هالا ۾ اولهه طرف چار ميل پري، درياءُ پائي ويو.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي هالا) مان حسين بخش ”خادم“ کان ملي.

+ محمد سومار ولد راول، اصل ويٺل سن جي آسپاس جو، ڳچ عرصي کان هالن نون ۾

* رهي ٿو. اڻ پڙهيل آهي. سندس گذر سفر ٻنيءَ ٻاري تي آهي. مخدوم طالب الموليٰ سان سندس عقيدتمندانه تعلقات آهن. هن وقت اٽڪل 45 سالن جي عمر جو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org