سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:14 

چئنل جي اُٿل

(چيل حاميد خاصخيلي)

1956ع ۾ گهڻين برساتن سبب سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه ٿيو جنهنڪري گهلين واري هنڌ تي ٻه ميل موڪرو گهارو پئجي ويو ۽ پاڻي حيدرآباد جي اڀرندي حصي ڏانهن وڌڻ لڳو ساند، سيال ۽ هٽڙيءَ جي ماڻهن ۾ سخت هراس پيدا ٿيو، عورتون ويچاريون پردي وغيره جو خيال نه ڪري پنهنجا سر بچائي ڀڄن لڳيون. پاڻي جي راهه ۾ مياڻي ٻيلو ۽ حيدرآباد ريلوي لائين وارو بند وڏي رڪاوٽ هو ۽ اهو پڻ خطرو هو ته متان ريلوي لائين کي يا مورڳو غلام محمد براج جي پل کي، جنهن تي 66 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيو هو، ٽوڙي ڇڏي، تنهنڪري پاڻي کي پڃاري واهه ۽ ان وقت جي زير تعمير لائينڊ چئنل ۾ داخل ڪيو ويو. چئنل ماتلي ۾ وڃي ٿي ختم ٿيو، جنهنڪري ٻي ڪنهن واٽ نه ملڻ سبب پاڻيءَ اتي اٿل کاڌي. اٿل سبب انهيءَ علائقي ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو. هزارها روپين جون پوکون ٻڏي ويون. ماڻهو ويچارا پنهنجا گهرگهاٽ ڇڏي وٺي ڀڳا. چئنل جي اٿل جو اثر اٽڪل پنج ڇهه سو ميلن جي ايراضيءَ تي ٿيو. نورائي، ٽنڊي محمد خان ۽ خاناهه کي به ٻوڏ جو خطرو هو. انهن حالتن کان متاثر ٿي سگهڙ حاميد خاصخيلي، خواجه خضر (درياءَ شاهه) کي عرض ٿو ڪري ته: ٻوڏ ماڻهن کي ڏاڍو نقصان رسايو آهي، جنهنڪري تون ملڪ کي معافي ڏي. تنهن تي خواجه خضر جواب ٿو ڏئيس ته: آءٌ هن ملڪ کي ڪيئن معافي ڏيان جو هتي تمام گهڻيون برايون آهن، مائٽ مائٽ جو دشمن آهي. ماڻهو سوٽ، ماسات ۽ پڦاٽ کي ڇڏي ڌارين کي پيا سڱ ڏين ۽ پراوا حق غضب پيا ڪن. زالون سينڌ سرما ڪيو ٽانگن ۽ جيپن ۾ چڙهي سئنيما ڏسنديون وتن. تنهنڪري هاڻ آءٌ چئنل کي ٿو چوريان ته هو ملڪ کي غرق ڪري ڇڏي.

خواجه خضر جي هن سخت جواب کان پوءِ سگهڙ حاميد خاصخيلي ’چئنل‘ سان سوال جواب ٿو ڪري ۽ کيس چئي ٿو ته: تون ڪو ملڪ جو مختيار ڪونه آهين جو ماڻهن کي ٻوڙيندو وتين. تو ٺهڻ شرط اهي ظلم ڪيا آهن جو راڄن جا راڄ رنجائي ڇڏيا اٿئي، تنهنڪري هاڻي موٽي وڃي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪر.

چئنل حاضر جوابيءَ کان ڪم وٺندي، سگهڙ کي جواب ٿو ڏئي ته: تو اهي دڙڪا ٻارن کي ڏنا هوندا. آءٌ پاڻ نامڪٺو آهيان جنهنڪري مون تي تنهنجي دڙڪن جو ڪو اثر ڪونه ٿيندو. ماتلي وارا ڀلي منهنجي وڃڻ تي خوشيون ڪن، پر آءٌ سهتن کي وڃي سُتي ٻوڙيندس.

سگهڙ حاميد انهن سوالن جوابن ۾ حاجي جان محمد، رئيس ڪڪي خان ٻروچ ۽ سندس ڀائرن جي همت کي ساراهيو آهي ته هنن ڏاڍي همت سان چئنل کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. مير بنده علي جي پڻ تعريف ڪئي اٿس جنهن پنهنجون ڪيتريون لوڊنگ لاريون ۽ سوين ماڻهو رئيس ڪڪي خان جي مدد لاءِ موڪليا. انهن ماڻهن لاءِ ٻوڙ پلاءُ، پڪوان، ايستائين جو ٻيڙي ماچيس جو به انتظام هو. انهن ماڻهن پاڻ ۾ صلاح ڪري ”ٻاهولي واهه“ جو بند ڀڃائي ڇڏيو، جنهنڪري چئنل جي پاڻيءَ لير ڍنڍ ۾ وڃي ڇوڙ ڪيو. ليري ڍنڍ کان پوءِ پاڻي سيري ڍنڍ ۽ ڍانگر ڍنڍ ۾ وڃي اٿل آندي ۽ اتي پوکن کي تمام گهڻو نقصان رسايو.

چئنل جي پاڻي خاناهه ڍنڍ ۾ پڻ اٿل آندي جتي ڳوٺ جي سردار احمد خان نظاماڻي ڳوٺ کي ٻوڏ کان بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڪنڀارن سُستي ڪئي جنهنڪري سندن کُورا پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا. البت واڍا عقلمند هئا جي پنهنجا ٻار ٻچا ڪڍي ويا. منگهاڻن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪيائون ته ڪنهن ڀٽ تي چڙهي جان بچائجي. سپر وٽ ڍنڍ واري علائقي ۾ ماڻهن خالقڏني شاهه اولياء جي درگاهه تي پئي شادمانا ڪيا ته اوچتو ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جا اٿل آئي، جنهنڪري ماڇي قوم جا ماڻهو خوف وچان اٿي ڀڳا ۽ وڃي سومرن کي هوشيار ڪيائون. ان کان پوءِ پاڻي مليراهه ڍنڍ ۾ وڃي ڇوڙ ڪيو. هن واقعي کي سگهڙ حاميد خاصخيلي هن طرح بيان ڪيو آهي.[

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو ساراهيو سڀن،

قصو خواجه خضر جو، آهي جوڙيو ملوڪن،

سو سڻو سالڪ! ساهه سين، ڪامل ڏيئي! ڪن،

هوءِ نيديون آهن نڪٺيون، جي هيبتناڪ هجن،

سي دادليون ڪِريون اچي درياهه ۾، ڪي قهري منجهه ڪُنن،

سائو پنهنجي سير ڇڏي، وڃي لڙيو ساڻ لڪن،

ويهي مصلحت پاڻ ۾، ڪئي ڪامورن ڪڙن،

پُل جهليندي ڪينڪي، جنهن تي لڳي ڇاهٺ ڪروڙن،

’گهلين‘ کان گهارو وڌئون، جيئن اُڀ ڇنو مَلڪن،

ٻه ميل موڪرائي، اونهائي النگهن،

 

’انجنير‘ اچي اوڙاهه تي، وڃي ڪريو ڀر ڪُلهن،

’سروير‘ پنهنجي ڪانچ ڀري، ڪا هنگي ساڻ هٿن،

’داروڳي‘ کي دل ۾، ڪي وڏا وهم پون،

سڀني تي اچي سيئو چڙهيو، هو هڙئي پيا هڙڪن،

کڻي ڪٽهڙي قَهر جي، هاڻ پلٽيو منجهه پٽن،

ڇينو ڇيڪ ڇر ڪري، وڃي ڪڙڪيو منجهه ڪُنبن،

ساند، سيال سڃ ڪري، هو هليو ڏانهن هوتن،

ڪيو حشر هٽڙيءَ ۾، ماين توڙي مردن،

سي دانهه ويٺا دڙين تي، جي ماڻهن منهن نه لڳن،

پيو روڄ راڻين ۾، جي ڪنديون هيون ٻاجهه ٻچن،

ڪَلها الائجي ڪيڏانهن ويا، اسان جي سُڪي ٿڃ ٿڻن،

”ڪل نفسٍ ذائقة الموت“ اهو لکيو هو منجهه ڪرمن،

”حاميد“ تنهن حبيب کان، هت قاضي پيا ڪنبن،

پوءِ هاڻ ڪر ڪا مهر مٿن، کڻي معافي ڏي ملڪ کي.

 

پاڻي

ڪيئن معافي ڏيان مُلڪ کي، سڻ تون خلق جي خبر،

چوڏهين سنه ۾ چوڏسين، ٿي ويا ڪيڏا ڏس قهر،

مٽن مائٽن وڏا وير پيا، جي جانب هئا جگر،

سوٽ، ماسات، پڦاٽ پاڙي ۾، وڃو سڱ ڏين کي سٻر،

ڌارين کي ڌيءَ نه ڏجي، توڙي هجن تونگر،

پر ناڻا وٺيو نياڻين تان، پيا ڪن گولاڙا گذر،

ماءُ ڌوتي ڌيءَ جي، وٺيو کاڻي اچي کَر،

سو کليو ويهي کٽ تي، جنهن ظالم ڏنو زر،

خوب خوشامند تنهن جي، ٻيا ترجن پيا تتر،

اک ڏسي مک ڳيهي، تنهن کي پوندو ڪونه ڪٽر،

مڙس مرادي زال کان، بيٺو ساريو وٺي سوئر،

ڀيڻ ڀاءُ لاءِ ماني مڇي، هو ويٺو ڪمينو کائي ڪڃر،

جن حق پراوا غصب ڪيا، سي ويندا تحت ثريٰ جي تر،

حلال کان حرام مٺو، اهو لکيو ڪهڙي دفتر؟

گڏ هيون ڦرن ٿيون گونهه تي، هو هينگان ڪيو حشر،

اڪيليون هلن پيون هُر تِڙيون، جن وساريا پنهنجا ور،

گهَريون پايو گهاگهريون، هلن ڪريو سيني کي سپر،

بيک جا برقعا پايو، وڃيو مُٺيون ڪن مڪر،

ڪريو ويس وڏاندرا، هلن ناز منجهؤن نادر،

تيل سوئِرا، ڪجل قهري، ٻي ڪن پانن سندي پر،

سِيل سوپاريون صابڻ سرها، ٻيا مکين عطر مشڪ عنبر،

واهه واهه گل گلاب جا، ٿيا مُکرين ساڻ مڃر،

هاڻ ٽڪاءُ ناهي ٽانگن کي، جن هر هنڌ ٻڌي هلر،

جام چڙهيو جيپن ۾، وڃيو کيل ڏسن ٿيون کر،

سوين ڪوهن تي سـٖينڌ انهن جي، وڃيو ٿين سوٽن ساڻ سڳر،

دانگي ملائي منهن تي، اجهي گهمي آيون گهر،

پرائي پنهنجي ماڻهوءَ جي، هو نانگيون ڪن نه نظر،

هر مُلڪ هڪ نه آهي، جن جو ڏاتار کنيو ڏگر،

”خاصخيلي“ ڇڏ تون خيال انهيءَ کي، اهو اڃا واڌو آهي وکر،

نصيحت تن نادانن کي، ڪري ڪانه اثر،

تڏهن ويا آهن مان مردن جا، ويا ڪُٽڻ کڻي ڪسر،

ماءُ ڀيڻ ڀاڄائي وٺيو، اچيو ڪن آيلن جي آڌر،

وئي غيرت ملڪ مان، انهيءَ پار پڌر،

سا روئي نڪتي راڄن مان، ڪا جامَ وَهائي جَر،

حياءُ ادب شرم لڏي ويو، دانهه پوري در،

 

محبت صحبت ساهه مٽي ويون، ديس ڇڏي دلبر،

بحري باز اڏامي ويا، ڪي پارس ڪري پر،

هاڻ ڪٻر ڪانءُ ڪوڙين ڪانيرا، ٻيون چٻون ڪن چڪر،

هنجهه ۽ مور مري ويا، هو سائُو ڇڏي سر،

پڙهو تسبيح توبهه جي، ٻيلي! ڏمريو آهي ڏاتر،

هٿڙا تنهن ”حاميد“ تي، رک تون پاڻ ڌڻي پرور!

اهڙي   ساڻ   اکر،   هاڻ   اسين   ڏيون   ٿا   چانۡچ   چئنل کي(1).

 

حاجي حاميد

ڏي تون چانۡچ چئنل کي، پوءِ توتي ناهي ميار،

اسين هڻنداسون ميخون منهن تان، ڪو ڪري سڏ ستار،

سو ڪڏهن وهندو ڪينڪي، ڪن حيلا لک هزار،

انهيءَ ۾ ڪُل ئي پچنديون ڪڻڪون، ڦرندا ڪاراوا ڪمدار،

انهيءَ ڀڏي مان ڀاڻ کڻندا، ڪي ڪاريگر ڪنڀار،

پوءِ ڇڏي لب پچار، هاڻ دُرڙا وڃ درياهه تون.

چئنل

ويندس ورندس ڪينڪي، مونکي چڱي ملي آهي چانچ،

منهنجا ڪم ڪلاڪن تي، جيئن واٽر ڦري وانچ،

آءٌ نئون چڙهيو آهيان نوڪريءَ، ڪا تهتان پائي تاج،

کٽياڻن جي خوشيءَ ۾، مون تي ماڳهون چڙهي آهي ماچ،

جمعي ڏينهن جَهيجن ۾، وڃي جنبي ڪندس جانچ،

پوءِ نخرا ڪري ناچ، آءٌ وري ٽڪندس وڃي ٽنڊي ۾.

حاجي حاميد

ٽڪندين وڃي ٽنڊي ۾، پر ڪج سائُو سچائي،

هو مرد ايندءِ ملاقات تي، تن کي ڏج مانُ به مولائي،

راضي ڪجانءِ تون رئيسن کي، ڪري نوڙت نهٺائي،

پوءِ ڪڍي من جي مَٺائي، تون صلح ڪج سکرن سان.

 

چئنل

آءٌ صلح ڪندس ڪينڪي، جيسين اٿم ساهه جي ساهي،

مون ڏانهن مدد مالڪ جي، اجها آئي ڪي آئي،

وسندا مينهن وڏ ڦڙا، ڪري وڄڙن جي وائي،

ٿيندي موج مهراڻ جي، ايندي اٿل اجائي،

پوءِ اهو رند وٺي راهي، آءٌ وڃي ٻوڙيندس ٻروچن کي.

 

حاجي حاميد

ٻوڙيندين ٻروچن کي، جو تنهنجي آهي بُرا بادشاهي،

حڪومت تي هَٺ ڪري، ڪيئي چئنل چريائي،

هو ڪڪو  خان(1) آهي   ڪرارو،    جنهن  جي    عزت    الاهي،

سوين هن وٽ صوبا آهن، وٺي لشڪر ڪندءِ لڙائي،

ڪڙمي هن وت ڪيترا، ڪندءِ وٺ وٺ جي وائي،

وجهندءِ ڪوڏارون ڪپار ۾، ٻي ڇتن ۾ ڇائي،

ٻارهين گزين ۾ ٻَنڌو ٻڌي، ڪندءِ دانهه دلجائي،

سڻ هدايت ”حاميد“ جي، ڀڄ مُٺيون ڀيڙي ڀائي!

هاڻ ڪندءِ صاحب سڻائي، ٻيلي دادلا! وڃ درياهه تون.

 

چئنل

ويندس ورندس ڪينڪي، جو منهنجا خاناهه(2) مٿي خيال،

ڳليون ڦاڙي ڳنڍي جون، ڇڏيندس پڻي ڪري پائمال،

پهرين منزل ماتليءَ ۾، وڃي جر وهائيندس جال،

پر اٿم خيال کٽين جو، جن جي چوکي آهي چال،

پت رکجانءِ پاٽولين جي، ٻيا ڀلا ڪجئين ڀال،

پيا ڪڙٻاٽ ڪنڀارن ۾، جن هنيا ڇهن نرين جا ڇال،

لڳو چڪر چاڪين ۾، جن جو وڃي موري اکتو مال،

ٿيو     هُل     حفيظن(1)   ۾،     جتي    قهري    رهن    ڪلال،

آءٌ آيو هوس ملاقاتي مرد جو، سو ويو ڪوچ ڪري ڪال،

هاڻ ڪڪڙ، ڪتا، ٻوٻاٽ ٻلن جا، ويچارن حيوانن وڃايا حال،

مهمان مسافر ڪيترا، پيا فائق وجهائين فال،

چانهه پاڻيءَ جو ٽيم ٽري ويو، هاڻ پيا دايا وڄائين ڌمال،

جهجها نياز چئجو رئيس نور محمّد(2) خان کي، جنهن سان ٻئي

 جي ناهي مجال،

هاڻ آءٌ ٻوڙيندس ٻين کي، ڪو تُوتر ٻڌي تال،

ڪندوسان قوت ڪُمين جو، هو بڇڙيون آهن پتال،

لڳي ماٺ مهتن کي، اها پئي ماڻهن منجهه مقال،

پيا وڇوڙا ورهين کي، ڪنهن سائُوءَ لڌي نه سنڀال،

اها خبر پئي خان محمد کي، جنهن کي صاحب ڪيو آهي سال،

سو مرد بيٺو آهي ميدان ۾، جو آهي لائق ڀريو لال،

هڪڙو هوس رعب راڄ تي، ٻيا نوڪر سندس نال،

تيسين اچي پيو ڪِڙواءُ ڪَنن تي، ڪو ارغيبي احوال،

ته هي ماتليءَ کان مَٽي ويو، اهو خوني خرد جال،

ڏنائين مبارڪون ماڻهن کي، ته هيءُ ڪو گهڙيءَ جو گهڙيال،

پوءِ سنجهي ڪري سنڀال، آءٌ وڃي سُتي ٻوڙيندس سهتن کي.

حاجي حاميد

سُتي ٻوڙيندين سهتن کي، جو تون آهين ملڪ جو مختيار،

اچڻ ساڻ حرامي، تو کاڻا رکيو خار،

ظالم چڙهيو آهين ظلم تي، ڪو نانگا ٿي نروار،

تو ته رنجايو آهي راڄن کي، جن جا روليئي ٻچا ٻار،

هاڻي نوڪري تان توکي به لاهي ڇڏيندا، هت آهن زبر زميندار،

هاڻ سڻ حقيقت ”حاميد“ جي، تون پويان پير سنڀار،

نقشا کڻي نِڪار، وري به تون دانهِه وڃ درياهه ڏي.

چئنل

ويندس ورندس ڪينڪي، آءٌ به چريو آهيان چئنل،

تو به دڙڪا ڏنا آهن ٻارن کي، آءٌ آهيئين نام ڪٺيو ئي نل،

ڍڪيءَ ٻوڙيندس ڍڪ کي، ڪندس منشيءَ سين محفل،

کاڻو کاما خوب ڪري، ڀريندس مان ڀري منزل،

پڪو پٽيندو پلڪ ۾، اها آهي ٽريڪٽر کي ٽل،

ٻئي طرف تار وهندس، هاڻ مونکي موڪ ملي موڪل،

مڱڻهارن ماٺ ڪري، رکيا تازين مٿي تل،

لڏا کڻي لس ڀڳا، هو اکين ڏسي اُٿل،

مون   کوڙيا   آهن   ڪلا ڪاٺوڙ(1) ۾،   ڪا   هوڏ  هڻي هڪل،

ڍٻون ڍوريون هڪ ڪري، وڃي پُرس چڙهيو پينتل،

اسلام عليڪم رئيس وڏا، ڪڪو خان ڪنول!

وعليڪم سلام دادلا پير! هي توکي آيا ڪيئن عقل؟

هاڻ خبرون سڻاءِ مونکي خير جون، منهنجي آهي ملهڻ وارن

سان ملهه،

تڏهن پنهنجا پير پوئتي جهل، اڳتي ڪانهي واٽ وڃڻ تي.

حاجي حاميد

اڳتي ڪانهي واٽ وڃڻ جي، جو مهندان ٻروچن ٻڌائي آهي ٻنڌ،

ڀائر سڀئي ڀيڙا هئا، جن کي واليءَ ڪيو آهي وڌ،

عزت انهيءَ جي اعليٰ آهي، جا لکي منجهه لاحد،

’حاجي جان محمد‘ جا جنّت ۾، ڪي حورن وڇايا هنڌ،

’ڪڪو خان‘ ڪويسر، جو مڙيو ڪين مرد،

تنهن سين آئي مدد ’مير بنده علي‘ جي، جو بادشاهه آهي بلند،

لوڊون لاريون ڪيتريون، ٻيا ڪي پهلوان هئا پنڌ،

اچڻ سان ”حاميد“ چئي، اتي جوان ٿيا جلد،

جنگ لڳي جانگاهه ٿيو ۽ تار وڄايئون تند،

ماري ڪُٽي مستان جا، کڻي سوگها ڪيائون سَنڌ،

ٻوڙ پلاءَ پڪوان جي، اتي روڪ نه هئي رند،

ٻيڙي، باڪس، چانهه پاڻي، ٻيا ته الاهي هئا آنند،

ڪري مصلحت پاڻ ۾، ڀڃايائون ’باهولي واهه‘ جا بند،

ڪيائين فون فتح جي، ڪا ڪامل موڙي ڪنڌ،

ڦٽا!    ڇڏ    ڦند،    هاڻي    لڙهي     وڃ   تون   ’لــٖــير(1)‘    ڏي.

 

چئنل

ڪيئن لڙهي وڃان آءٌ’لــٖــير‘ڏي جو اڃان ڪندس سيريءَ(2) جي سنڀار،

تڪڙا ٿي ترڪ ڀڳا، جن وڃي لاٿا ڀانڊن مٿي بار،

تيسين پيو ٽاهه ’ٽوهن‘ ۾، سي نڪري ٿيا نروار،

تيسين ڍُري پيو ’ڍانگر(3)‘ ۾، جنهن ۾ سلو نه ڇڏيائين سار،

کلندي پهتو ’خاناهه(4)‘ ۾، جتي طبل وڄايئين تار،

احمد خان(5) اڳڀرو هو، سرهي ويو سنگهار،

پر ڪهل نه پيئي ڪنڀارن جي، جن جا ڪيئين اڱڻ چُلهيون چڪار،

واڍا وڏا وڻجار هئا، جي ويا پنهنجا ٻچا وٺي ٻار،

’منگهاڻن(1)‘    پنهنجي    مام    ۾، ڪو    ويهي   ڪيو ويچار،

ڀڃي چڙهو هلي ڪنهن ڀٽ تي، نه ته ويٺي نه ملندي وار،

’خالقڏني شاهه(2)‘ سان خوشيون ڪري، اتهين وناهه کنيو وڻجار،

سهرا ڳايئين ’سٻڙوٽ(3)‘ ۾، ڪو سهج ڪري سينگار،

تيسين پاڻي وڃي چڙهيو پيهن تي، اتي ڇولين ڪئي ڇڇڪار،

ماٺ ڪري اتان ماڇي ڀڳا، لڏا کڻي لاچار،

وڃي سجاڳ ڪيائون سومرن کي، جن سان ٿي عليءَ جي آڌار،

ميندي     رات    ’مليراهه(4)‘  ۾،  ٿي    ڇيرن  ڪيا    ڇمڪار،

’شيخ محمود(5)‘ اٿي موڙ ٻڌس، جو سيّد آهي سردار،

هادي تنهن ”حاميد“ کي، ڪراءِ دلبر جا ديدار،

روضو پسان رسول جو، وڃي ڏسان ڪي جانب جا جنسار،

پوءِ ڪلمي ساڻ قرار، وڃي لائون کاڌئين تنهن لير سان.

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

  

1958ع واري مارشل لا ۽ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي صدارت

 

]قائداعظم ۽ قائدملت جي وفات بعد ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي. سياستدان پنهنجا فرض ۽ ملڪ جون ضرورتون وساري اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي خلاف گهاٽ گهڙڻ لڳا. حڪمران طبقو پنهنجي اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي عهدن جو ناجائز فائدو وٺڻ شروع ڪري ڏنو. هنن پنهنجي مفاد ۽ مقصدن جي پورائي خاطر هڪ طرف عزيزن ۽ قريبن کي نوازيو، ته ٻئي طرف مخالفن لاءِ قيد ۽ بند جا دروازا کوليا. حڪومت جا انتظامي محڪما پڻ سياستدانن جي بچاءُ ۽ تحفظ جا ادارا بنجي ويا. انهيءَ بدامني سبب ملڪ ۾ ناجائز منافع خورن ۽ اسمگلرن جو هڪ گروهه پيدا ٿيو، جنهن کي پڻ حڪمرانن جي پٺڀرائي حاصل هئي. سياسي حڪمرانن ۽ ناجائز منافع خور تاجرن ملڪ جي اقتصادي حالتن کي تمام خراب ڪري ڇڏيو. عوام جو وڏو طبقو بک ۽ مفلسيءَ ۾ مبتلا رهڻ لڳو.

امن امان جون حالتون به نهايت خراب ٿي ويون. چورن، ڌاڙيلن ۽ اسمگلرن جو راڄ هو. غريبن جي نه جان محفوظ هئي نه عزت. رشوت جي گرم بازاري سبب غريب جي ڪهڙي مجال جو ڪنهن اثر رسوخ واري ماڻهوءَ جي خلاف چپ به چوري سگهن. شين ۾ ملاوت جو مرض عام ٿي ويو، جنهنڪري عوام جي صحت تباهه ٿيڻ لڳي. انهن حالتن جتي ملڪ جي مستقبل لاءِ سخت خطرو پيدا ڪري ڇڏيو، اتي ڪن محب وطن ماڻهن کي موقعو ڏنو ته اُهي حڪومت جون واڳون سنڀالي، ملڪ کي هن بدانتظامي ۽ بدحالي جي اوڙاهه مان پار ڪن. آخر 7- آڪٽوبر 1958ع تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان مارشل- لا جو چيف ائڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو ۽ 27- آڪٽوبر تي ”صدر پاڪستان“ جو عهدو سنڀالي ملڪ کي هڪ نئين دور جو نياپو ڏنائين.

’مارشل- لا‘ لاڳو ٿيڻ شرط ملڪ جون حالتون بدلجي ويون. چورن، ڌاڙيلن ۽ اسمگلرن کي گرفتار ڪري ڳريون سزائون ڏنيون ويون. حڪومت کي هزارين روپين جو سون ناجائز هٿ آيو. سياستدانن کان سندن ڪيل ڪارگذارين جي باز پرس ڪئي ويئي. ملاوت ۽ چور بازاري جي خلاف زبردست مهم هلائي ويئي. شهرن ۾ صفائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو. غنڊه گردي ۽ اخلاقي خرابين لاءِ ڳريون سزائون مقرر ڪيون ويون. رشوت ۽ اقربانوازي جي پاڙن پٽڻ لاءِ سرڪاري ملازمن جي ’اسڪريننگ‘ ڪرائي نااهل آفيسرن کي زوريءَ رٽائر ڪرايو ويو. عوام کي انصاف پلئي وجهڻ لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون. جاگيرداري ۽ زمينداري جو پراڻو قانون منسوخ ڪري، ملڪ ۾ نئون زرعي نظام رائج ڪيو ويو.

نئين حڪومت جي انهن انقلابي ڪارنامن کيس عوام ۾ ڏاڍو مقبول ڪيو ۽ هر طرف پاڪستان جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي تعريف ٿيڻ لڳي. ڳوٺاڻن شاعرن مان رستم فقير رند، حاصل فقير وسائي پوٽي ۽ علي محمد ٻٻر پنهنجي ڪلام ۾ ”مارشل- لا“ حڪومت کي ساراهيو آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو.[

 

(1)

رستم رند جا چيل بيت

 

راجائون رعيت سان، حاڪم هينئن نه ڪن،

ڪوڙيون ڳالهيون ڪيتريون، ڪامل ڪن نه ڪن،

چغل ٻٽاڪي ڪيترا، پر دانَهه دريافت ڪن،

’محمد ايوب‘ مسڪينن، جا، ڪيا غور غريبن،

ويل مال ورهين جا، مليا مسڪينن،

عالم سڀ آسودو ٿيو، دانهه دعائون ڪن،

محمد ايوب مسڪينن جي، ڪئي عدالت اَڙين،

”رستم“ چئي راڄ تي، ائين حاڪم هٿ رکن،

ڪجي غور غريب جو، اهي ڳڻ سيئي ڳڻجن.

پيڙهيون هن پڊن تي، ويون گذري غريبن،

ڪانه ٻڌيسون ڪنن سان، اهڙي عدالت انهن،

محمد ايوب مسڪينن جي ڪئي آزادي اشرافن،

لچ هنيائين لوڙهي ۾، ڪئين قابو منجهه ڪرفن،

کائي غريب خوش ٿيا، دليئون دعائون ڪن:

عدلي بادشاهه اسان جو، ٿيو محمد ايوب منجهه مڙن،

واريئين حق ورهين جا، جي رنڊيا رشوائن،

ٿيون عيدون اشرافن لاءِ، چور چڪاسون ڪن،

آيو محمد ايوب ملڪ تي، ڇڏي لچائي لوفرن،

سختي ڏئي ٿو سزا جي، چوڏنهن سال چون،

ڀڳئين زور زميندارن جو، ٻيا پڪڙيا پوليسن،

ڪيو هلائون هيڻن جون، ٿي ويهاريون زالون زميندارن،

سي موٽائي مسڪينن کي، ڏنيون واري ويچارن،

پيا ٿاڻا ٿرٿلي ۾، ڊنا عملدار آهن،

شيشن جج ششدر ۽ ڪورٽون سڀ ڪنبن،

رشوت جي ”رستم“ چئي، عادت مَٽي ان،

قيد ويهاريئين قابو ڪري، واڙي وزيرن،

ڦُري ملڪ ”فقير“ چئي، هئا تباهه ڪيا تن،

هڪڙي پِٽ پرديسين جي، ٻي آهَه به يتيمن،

ٽيو ناحق نياڻين سان، چوٿون آهون اٿن اڙين،

پنجين مصيبت مال جي، ڇهون رنون ريهون ڪن،

ستان منڊا ملڪ ۾، اٺان ڪاڻا پيا ڪرڪن،

ربّ سائين! تون رحيم ڪجئين، پاڙون پٽين تن،

مٿان حڪم ٿيو ملڪ جو، اچي قادر ڪاوڙين،

پوءِ محمدايوب مٿن، آيو تالابين تخت تي.

 

آيو تالابين تخت تي، جنهن تي ٿيو رب ڌڻيءَ جو راءُ،

ڪري ٿو فيصلا حق جا، ٿو نر نبيري نياءُ،

آهي باب بادشاهيءَ جو، مالڪ ڪيس مباح،

تاري حق تنين جا، جنين جو وسيلو نه واهه،

لٿيون فوجون ”فقير“ چئي، ٿيو رعيت تي رحما،

اهي عدالتون محمدايوب جون، جن تي آڻي ڪونه اُٿلاء،

ڪري ٿو فيصلا حق جا، انصافي عدلا،

ڪئين ته بادشاهيون گذري ويون،، هرڪو ويو

پنهنجا سک ڪري سولا،

پر محمدايوب ملڪ تي، وير ڪئي وهواهه،

رعيت جي ”رستم“ چئي، کٽيئين دُرس دعا،

مالڪ ڏنس بادشاهي، سائينءَ سک ڪيا،

ڀلي آيو محمدايوب ملڪ تي، ۽ ٿيو رعيت جو راجا،

لٿو خوف کرن جو، جي ٿي هليا اجايا اوَلا،

تَنۡجيو ڇڏي تن کي، ڏيو چوڏهن سال سزا،

واري حق ورهين جا، جي هئا پيريءَ منجهه مليا،

مليا ڌُر ڌڻين کي، جي هُئن ناحق منجهه نِيا،

ٻڏا حق ”ٻروچ“ چئي، وڃي ترت تريا،

آيو بادشاهه عدلي، جو رتي ڪري نه ريا،

موجون ڪري ٿو ملڪ تي، جيئن ڪري درياء،

اٿس رب ڌڻيءَ جو راءُ، تڏهن ٿو ڪري غور غريبن جا.

 

ڪري ٿو غور غريبن جا، توڻي نر هجن نوڙي ناريون،

ڪئين بادشاهيون بنگلا ويا، سرس ڪري سوايون،

ڪن واهڙ وهايا وير اتي، ۽ ويا ڌار ڪري ڌاريون.

ڪن حڪم هلايا پنهنجا، ويا مرد هلائي مُهرون،

ڪن جو هو ڏيل سڄي ڏيهه تي ۽ ڪن هيون عام به اختياريون،

ڪن جا اُڙد چڙهندا ها انگلنڊ مان، ڪري صوبا سواريون،

تن جي ٻولي ٻيو نه سمجهي، ڪندا ها گورا گينوارون،

اهي بادشاهيون انگريزن جون، ويا ڪري ڪُڏڪارون،

شينهن ٻڪريون ”ٻروچ“ چئي، گڏ چرن ٽاريون،

پر مرد ڏنيون هيون مائن کي، عام به اختياريون،

پهري ويون پٽن تي، نه وير ڪهين واريون،

ٻڏا حق ”ٻروچ“ چئي، ٻيو مسڪينن تي مارون،

جوان وڌائون جيل ۾، ٻين جون ڪن پرپٺ پچارون،

جنهن جي ڏسن زال خاشي، تن لاءِ کُلي بدمعاشي،

اهڙا ظلم گهڻا زاريون،

رنون ته گهڻيون ”رستم“ چئي، پر ڪئين ته کڻي

ويا ڪنواريون،

نڪاح ٻڌيون ناحق ۾، ڪيون ظالمن زاريون،

عدل ۽ انصاف جون، ويون بيهي بازاريون،

آيو محمدايوب ملڪ تي، جنهن ڪيون حق جون هوشياريون،

لٿيون فوجون ”فقير“ چئي، تهتا ڦريون تارون،

هڪڙا زميندار ضبطيءَ ۾، ٻيا کڻي واپاري واڙيئون،

هڪڙا رُشوا ۾”رستم“چئي،ٻيون ڀريئون لچن جون لاريون،

هڪڙا ڪيا جوان حوالي جيل جي، ٻين تي سخت

مُڪئين سواريون،

پوءِ مرد ڪڍيون ملڪ تي، عام به اخبارون،

پيو ڏهڪار ڏيهه تي، ويون چوريون چڪاريون،

ٿيون عيدون اشرافن لاءِ، جن جون ويون هيون

ناحق منجهه ناريون،

ڀڳئين زور ظالمن جو، لٿيون مسڪينن تان مارون،

حق وارن کي حق مليا، ڪيون سائين سرداريون،

جن    هلايون    ٿي    جهان   ۾،    ڪُڏايو  ’ڪاريون‘(1)،

ماريو مسڪينن کي، ڏنئون ٿي غريبن کي گاريون،

سي ته ويٺا سَنۡتَر(2) تي، اڄ ڪن پرين پسارون،

مٿان حڪم ٿيو مالڪ جو، اهي ربّ جون رضائون،

بانورا ٿي ڀڀڪيون ڪيون، ٻيا ٿي حڪم هلايائون،

انهي تڪبر تڙايو هو، عزازيل اتاهون،

ڪجئين خوف خالق جو، جيڪو آهي مڙن مٿانهون،

ڪنهن مالڪ اٿوَ موڪليو، اهو حاڪم هتانهون،

ٻڏن جون ٻانهون، پيو ڏئي موٽايو مسڪينن کي.

موٽايو مسڪينن کي ڏئي، سو ٿيو محمد ايوب مور،

ڪري ٿو فيصلا حق جا، ظالم مٿي زور،

ڪاوڙ اٿس ڪوڙ تي، ٻيو شاهه رکي ٿو شور،

سچن سان سهولتون ڪري ٿو، محمد ايوب مور،

ڀاڙيا هڻي ٿو ڀن ۾، جيئن نهارن ويٺا نور،

ظالم هڻي ٿو زيل ۾، چغل ٻٽاڪي چور،

ڪورٽ هلائي ٿو قانون جي، ڪيو غريبن جو غور،

حرامي ۽ حلاليءَ مان، چُنڊيو ڪڍي چور،

رعيت جو ”رسم“ چئي، غازي ڪري ٿو غور،

آئي ڳالهه انصاف جي، تنهن مان پري نه ٿئي پور،

داتا دين ايمان جو، هن کي ظاهر ڏنو آ زور،

محمد ايوب مور، ڏئي ٿو هت اشرافن تي.

 

ڏئي ٿو هٿ اشرافن تي، جنهن کان ڪورٽون سڀ ڪنبن،

رشوا جي ”رستم“ چئي، شل ڪُڻڪ نه پوي ڪن،

ٻڌڻ ساڻ ”ٻروچ“ چئي، ٿا هائيءَ منجهه وڃن،

کڻي هٿ حرام کان، چوري ڇڏي چورن،

خلل ۽ خرابيءَ جي، مَٽائي حرڪت حرامين،

پٿارين تان پوئتي، موٽيو مال وڃن،

رول گهمن ٿا ”رستم“ چئي، ڪي ڌڻ به ڌراڙن،

لوفرن لوفرائين کان، کڻي چال ڇڏي چورن،

آيو محمد ايوب ملڪ تي، ٿي مدد مسڪينن،

ٿي ’مارشل لا‘ ملڪ تي، ٿا فوجي ڌار ڦرن،

حڪم ٿيو حاڪم جو، ٿا قاعديخور ڪنبن،

ست سال سزا، ٻي ٿا چوڏنهن سال چون،

ڦٽائي ڇڏيون ”فقير“ چئي، ڪوٺيون ڪنڌارن،

اڃا به منافقي ملڪ ۾، روازي رکن،

رشوا جو ”رستم“ چئي، چوريءَ جهٽ هڻن،

متان خبر پوي خان کي، ٿا چوڏهن سال سجهن.

جيپون هلايو جهان ۾، تي جلسا ڪيا جن،

پير نه ڏين پٽ تي، هو ريشم تي به رکن،

ٻوڙ پلاءُ ۽ ٻڪرا، هئو کاڄ سندو خاصن،

سي به ٿيا حقدار دال جا، اهو رازق روز ڏنن،

اهي به قدرتون ربّ ڪريم جون، ڦريو ڦيرا اچن،

ماري مال مسڪينن کان، ورتا هئا وڏيرن،

پارٽيون ڪيو پاڻ ۾، کليو کير پيئن،

’مارشل-لا‘ ملڪ تي، اچي آڌي رات اُٿين،

نه ڪا هئي خبر خانن کي، نه ڪا وير به وزيرن،

جيئن اچي ازل اوچتو، ائين پڪڙيا پوليسن،

مٿان حڪم ٿيو مالڪ جو، اچي ڏيهه ڌڻي ڏمرين،

ڪونه ٻڌوسون ڪن، ٻيو اهڙو تالابين تخت تي.

 

 

حاصل فقير وسائي پوٽي جا بيت

 

ساراهه الله جي ڪريان، جنهن ڇڏيا عالم اُپائي،

اُڀ، ڀويون، لوح، قلم، ڇڏيا باريءَ بنائي،

سج، چنڊ تارا تنهن ۾، ڇڏيائين چوڌر چمڪائي،

”خلقت الجن والانس والشياطين والملائڪ“ ڇڏيا عالم اپائي،

جيت، جانور، پکي پرند، سڀڪو ٿو ساراهي،

وڏائي واحد کي، ئي جوڙئون جڳائي،

حيرت ”حاصل فقير“ کي، عجب اهو آهي:

ته ويو نصاري نڪري، چارج چُڪائي،

نجومين انگريز جو، ڇڏيو فوٽو ڦٽائي،

ڳالهه سڄي ڳڙ ڪري، ويو گورو گڏائي،

انهيءَ ”رس ڪٽ“    رعيت    کي،    ڇڏيو     ماڳهين     مُسائي(1)،

سخت بندش اُن تي، اڃائي تائين آهي،

خلافت ’خواجي‘ جي هئي، ويٺو واري وڄائي(2)،

عزت ايوب خان جي، آگي ڪئي آهي،

تڏهن ويٺو تخت تي، ڪمانڊر ڪاهي،

’مرزا‘ جي مٿي تي، آيو کَنو کِنۡوائي(3)،

اچڻ سان اميرن وزيرن جا ڇڏيائين ليکائي لهرائي،

عملدارن ۽ زميندارن جا ڇڏيائين ڇيڙائي ڇڏائي،

جاگيرن ۽ اسٽيشن تان ڇڏيائين ڦَريو ڦــٖــيرائي(4)،

سون جي سوداگرن جون ڇڏيائين تِريون تپائي،

گوليون گهڻن کي چُٽــٖــي ڇڏيائين لکين لنگهائي،

چورن ۽ چڪارن جون ڇڏيائين متيون منجهائي،

لوفرن ۽ لليجن جون ڇڏيائين ٻيڙيون ٻوڙائي،

ميڙن ۽ ملاکڙن جون ڇڏيائين پاڙون پٽائي،

واڻين   ۽   واپارين   جون   ڇڏيائين   ڪَيۡشَميمُونۡ   ڪڍائي(5)،

اهو سور سيٺن کي، اندر ۾ اهي،

اگهن ۽ ڳڀن ۾، ڇڏيائين ماڳهن مُسائي،

 

پُـــــــٽ     وڌائين     جــــيــــــل    ۾،    ”ڪيول“     جــــو     ڪاهي(1)،

جو بيدريافتو ”بلوچ“ چئي، اڃا تائين آهي،

سو ’شيواڌاري‘ جي سُور ۾، انڌو ٿيو آهي،

ڪهڙن ڪهڙن مڙسن کي، ڇڏيائين لاڪپ لنگهائي(2)،

ختمو تنهن کنڌي جو، ڇڏيو پٺاڻ پڙهائي،

ڪئين ڇڏيائين ڪيترا نانگا نچائي،

ڪئين ڇڏيائين ڪيترا خوني کڙڪائي،

ڪئين ڇڏيائين ڪيترا قيدي ڪڍائي،

پٺاڻ پاڪستان جا، ڇڏيا کُونۡٽا کوڙائي،

ڇڏيائين ساريءَ سنڌ تؤن پاڻي پلٽائي،

واهه، واٽر، ڍنڍون، ڍورا، ڇڏيائين ڀَڏا ڀرائي،

شڪل جنهن جي شهرن ۾، عجب جهڙي آهي،

ناموس نوکنڊن ۾، ٿو سائِر(3) سڻائي،

هاڻي بيان بيت جو، مون ڇڏيو پورو پڄائي،

ڪلمي سان ڪرائي، لاڏاڻو هن لوڪ مان.

 

سومار ٻٻر جو بيت

 

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سردار،

آخر نبي اُمت جو، محمّد ٿيو مهندار،

سنڌ پاران جنهن سر ڏنو، سو ڏٺو سون ’ايوب‘ جو اختيار.

راضي توتي ربّ ٿيو، آهين حڪومت ۾ حقدار،

حڪومت هٿ ۾، ڏني توکي آهي ڏاتار،

راضي توتي ربّ ٿيو، مولــيٰ مددگار،

عدالت انصاف جا قاعدا ڪرين ڪار،

گفتا سڻي غريب جا، ڪرين دلبر تون ديدار.

ڪٿي مير، ڪٿي ماڙيون، ڪٿي اُن جا اختيار!

حرام کائي جن هيٺ ڪيا هئا، سي ڪن ٿا جيلن ۾ جنسار،

اڃا به وڃ وڏيرن وٽ کڻي، ته لڳي پئي آهي

انڌي انڌوڪار،

دانهن نه سڻن، داد نه ڪن، کِلي نه کن کينڪار.

چور سڀ چٽ ڪر، جن وڌي آهي مسڪينن تي مار،

دٻاءِ دڪاندارن کي، جن وڌايو آهي واپار،

لکين لليجا هئا، جن ڪيو مزوريءَ تي مار،

دعائون توکي درويش هتي ڪن ٿا هزار،

هلندا جيڪي حق تي، الله تن جي آڌار،

قهر جي ڪندا، سي سُوريا نه ٿيندا سوار.

مارشل-لا جو ملڪ ۾، اڄ ڏاڍو آهه ڏهڪار،

سُکيا آهيون سنڌ ۾، الله جي آڌار،

رُنۡب    اچن    ٿا    ريڊين     تي     جوان     جاگيردار(1)،

’وحدہ لاشريڪ لہ‘ ڏاڍو آهه ڏاتار،

موليٰ! هن مسڪين جا، تون باري کڻين بار،

من سڻي سوال ”سومار“ جا، ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

اهو صاحب ربّ ستار، جنهن ڏني سوڀ صدر کي.

 

سردار علي گوهر مهر جي وفات

 

]سردار علي گوهر پٽ حاجي خان مهر، مهرن جي سردار گهر مان هڪ اثر رسوخ وارو سردار ٿي گذريو آهي. سندن پاڙو ”سخِيجو“ هو، ۽ سندس پنهنجو ڳوٺ ’دڙو‘ تعلقي سکر ۾ هو. سردار علي گوهر سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو. سندس قوم جي کيس پوري پٺڀرائي هئي ۽ آفيسرن توڙي ٻين زميندارن ۽ چڱن سان سندس وڏي رهائي هئي. پاڪستان جو صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، صدارت کان اڳ سندس ذاتي دوست هو. جڏهين سردار علي گوهر 11- شوال 1378هه/ 1959ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ته صدر محمد ايوب خان سندس جنازو هوائي جهاز ذريعي سکر پهچايو، جتان ضلعي جي آفيسرن جي نگرانيءَ ۾ سندس لاش ڳوٺ آندو ويو.

سردار علي گوهر جي حياتي ۾ سندس اثر رسوخ سببان روهڙي ڊويزن جي عوام تي وڏو رعب ويٺل هو. هتي شاعر فريد گڏاڻي ۽ ماڻڪ خان ڪولاچي جا بيت ڏجن ٿا، جي هنن سندس وفات تي چيا.

 

(1)

فريد خان گڏاڻي جو چيل بيت

]هن بيت ۾ فريد خان گڏاڻي سندس ساراهه ڪئي آهي.[

 

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ سڌر،

وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، ٻي ڀِٽائيءَ جي ڀَر،

منهنجي لڄ لطيف تي، شل پاريندو پرور!

سُنۡوالِي ڪندو سخيجي جي، ڪانه پوندس ڪَر،

آدي بنيادي سخي، عليءَ جي آڌر،

ٻــٖــيٽو حاجي خان جو، نالو علي گوهر،

لقب خطاب سرداري، مُلڪن منجهه مشر،

ننگر تنهن نيڪ جو، ائين هلي جيئن جال وَهــٖــي پيو جر،

’لانڍيون‘    لک     لَهن،     ڪو     ’دڙو‘     آ    دلبر(1)،

احمد يار اتي، پاڪ ڪيو آ پڌر(2)،

مسجد ڏسو مور جي، هلي نيلانۡ نشانبر،

موڙهن ٿي واٽون لڌيون، راهه ڏسي رهبر،

ڪونهي غير ”گڏاڻي“ چئي، آهن محب مٺا مهر،

’دعا درويشان رحم اِلاهي‘، ڪندو ڏيهه ڌڻي ڏاتر،

پوءِ هن ڪلمي جي آڌر، سولي ٿيندي ’سخِيجيــــٖـــــــي جِي.

 

(2 )

ماڻڪ خان ڪولاچي جو بيت

]جو هن سندس وفات تي مرثيي طور چيو.]

 

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ سڌر،

ٻيهر هن ”ٻروچ“ جي، ڪا پرين ٻڌو پچر،

مشهور هو ملڪن ۾، سردار علي گوهر،

صوبو هو سنڌ ۾، مشهوري ساڻ مهر،

بخت تنهن بهادر کي، هُيو چوقبلو چوڌار،

مهر جي مال جي، آءٌ ڪهڙي ڪيان پچر،

ڪيئي ڪاريون هيون ڪامل کي، ٻيون جِيپانۡ

هيون جيڪر،

گهوڙا تنهن گهوٽ جا، جن تي سنج سونا سراسر،

اُٺ تنهن عجيب جا، جيڪي سڄو لهن ٿر،

جنهن مهل ”سخيجو“ سواري ڪري، ڄڻ نعرو

هڻي نر(1)،

هڪ سُهڻو ٻيو سخي، ٿيو دعوتي دلبر،

ڪاهي پيو ڪامورن ۾، رکي الله جي آڌر،

سوين سلامي ”سخيجي“ جا، ٿيا گام ڀري گورنر،

دلبر سنبري ’دڙي‘ تي، ويا ڪاهيون ڪليڪٽر،

ٻيا ته سوين ڏٺاسون ”سخيجي“ وٽ، پر صحيح

آيو صدر،

رٿا ڪيائين پئي روح ۾، پرڻايان علي انور،

”سخيجي“ سونارا گهرايا، چئــٖـــــي گهَڙيو وڃي زيور،

دلبر درزي سڏايا، چيائين وڳا ٺاهيو ويتر،

کوهه ٺاهيان گهِه جو، جنهن تي لوٽيون وهايان جيڪر،

وڏيون رٿانۡ هُيس روح ۾، پر پوريون نه

ڪيون پرور،

لڳيس بيماري بت ۾، صحيح ڪيائين صبر،

اُتهون لاڏلو لاهور ويو، اتهون پِرين پشاور،

اتي حڪيمن وڏا حيلا ڪيس، پر پيس ڪانه ڪَر،

صدر سخيجي کي گهرايو، ڪراچيءَ ڪُونۡڌر،

چيائين ڪَل نه آهي قسمت جي، تون ڌار نه ٿي دلبر،

اتي صدر، سخيجي کي، اهي چيا هئا اکر،

متان ضعيف ٿيو آنۡ زمينن ڪاڻ، ته رد ڪيون جيڪر،

محابي تي مهر جي، ڏيون ملڪ کي معافي منور،

وينگس اتي ورندي ڏني، سردار علي گوهر،

ادا! مون کي ناهي لالچ لوڀ جي، پر مهنجا پورا ٿيا پهر،

پارت اٿئي منهنجي پوين جي، مون ننڍا ڇڏيا نينگر،

دلبر منهنجا دادلا، جن کي ايڏي ڪانه خبر،

ائين چوندي مهر موڪلائي ويو، ٿيس الله جو امر،

صدر سخيجي ڪاڻ، جهجها وَهايا جر،

چيائين خزانو سڄو خيرات ڪيان ها، جي معافي

ملي ها مهر،

صدر سيخجي کي، کنيو جهاز ۾ جيڪر،

صدر سخيجي کي، سڌو پهچايو سکر،

ڪامل چيو ڪامورن کي، ته بڻيا وڃو نوڪر،

مان وٽ موٽي ايندو ڪينڪي، اهو سردار علي گوهر،

دلبر پهتو ’دڙي‘ تي، ٿي ويا هُل حشر،

راڄ رنا پئي راڻل ڪاڻ، ڪئي مونجهاري مهر،

پرور هن کي پُٽ ڏئي ها، جيڪو در لاهيس دلبر،

ڪونه وسرندو ”ڪولاچي“ کؤن، سردار علي گوهر،

پوءِ مديني جا منور! شل جايون ڏيندينس جنّت ۾.

 

 

محمد اسماعيل خان نون جا انصاف

(چيل سومار ٻٻر)

]عام شاعرن، انصاف پسند آفيسرن ۽ حاڪمن کي هميشه ڳايو آهي. ”تروٽ (Capt. Tarwid) انگريز هو، پر انهيءَ هوندي به راڄن سان سندس چڱي سلوڪ کي ڳايائون. هن پوئين دؤر ۾، خاص اُهي ضلعن جا حاڪم، جن چورن جي پاڙ پٽي يا جن انصاف جهڙا ڪم ڪيا، تن کي شاعرن ڳايو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ ’آغا شاهي‘ ٺٽي جو ڪليڪٽر ٿي آيو، جنهن چورن ۽ پاٿاريدارن خلاف ڪارروايون ڪري ضلعي ۾ چوري بند ڪئي. ڌراڙ چوڻ لڳا ته ”مان سان آغا شاهي آهي“ يعني ته جهنگ ۾ جيڪو اسان جو مال پيو چري ان جو محافظ آغا شاهي آهي. سال 1961-1960ع ۾ محمد اسماعيل خان نون ٺٽي ضلعي جو ڊيپوٽي ڪمشنر ٿيو، جنهن پنهنجي سر چڙهي جانچ ڪري چورن خلاف ڪارروايون ڪري چوريءَ کي ٻنجو ڏنو؛ اهي ماڻهو جن رشوتون ڏيئي جاگيرن جون زمينون پنهنجي نالي ڪرائڻ ٿي چاهيون تن جي ڪاغذن کي رد ڪيائين ۽ زمينون حقدار هارين کي ڏنائين؛ ۽ ٻيا به اهڙا انصاف ڪيائين جنهن کان متاثر ٿي شاعر سومار کيس ڳايو.[

 

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي صاحب ربّ ستّار،

مرسل رهي ٿو مڪي ۾، جو آهي اڙين جو آڌار،

الله محمد اسماعيل کي ڪرين، حوض ڪوثر جو حقدار،

جايون ملنس جنّت ۾، حورون پائينس هار.

قادر توتي ڪرم ڪندو، پرور پاڪ دگار،

حق جو قلم هٿ ۾، آهي ڏنو توکي ڏاتار،

ضمانت ضلعي جي، آهي بوجو توتي بار،

ڪئين مسڪين مارجو اچن، دانَهه! تنهنجي درٻار،

الله ڪارڻ ان جو، ڪرين ٿو عدل ۽ آچار،

موليٰ تنهنجو ملڪ ۾، آهه نالو ڪيو نروار،

ڪونه موٽائيندو ڪو ’آڊر‘ تنهنجو اختيار،

دعائون درويشن جون، ٿيندءِ چونڪي نگهدار،

اعليٰ عزت تنهنجي ڪندو، سونهن ڀريو سردار،

هادي! هُن حاڪم جو ڪرائين دلبر مون ديدار،

نوازيو آهي نِت ’نُون صاحب‘ کي، غني ربّ غفار،

دانَهه! تنهنجي در تي، آيو آهي هي سوالي ”سومار“،

ته ڪو مدد مون مسڪين سان، آهيان لنگڙو لاچار،

صاحب ربّ ستّار، ٻيڙو اُڪاريندو ٻاجهه سين.

 

ضميمو

 

شاهه عنايت صوفي جي شهادت

(چيل صوفي آسورام)

 

]ڪلهوڙن جي حڪومت واري دور ۾ ميان يارمحمد جي آخري زماني ۾ صوفي عنايت اللهؒ جهوڪ واري جي شهادت جو دلدوز واقعو ٿيو. هن شهادت جو سبب اهو هو ته ان وقت شاهه عنايت جي درس تدريس سبب عوام ۾ سندس مقبوليت وڌي رهي هئي، جنهنڪري بلڙي جي ساداتن ۽ مقامي زميندارن ۾، جن جا هاري شاهه عنايت جي مريدن ۾ شامل ٿي رهيا هئا، شاهه عنايت خلاف بغض ۽ ناراضگي پيدا ٿي. ان زماني ۾ مير لطف علي خان ٺٽي جو صوبيدار هو. جڏهن بلڙي جي ساداتن، نورمحمد پليجي ۽ حمل بن لاکي جت زميندارن شاهه عنايت جي برخلاف سندس ڪن ڀريا ته هن سندن چوڻ ۾ اچي حڪم ڏنو ته صوفي شاهه عنايت ۽ سندس درويشن سان جيئن وڻيو تيئن وڃي فيصلو ڪريو. صوبيدار جي هن حڪم مخالفن جا حوصلا وڌائي ڇڏيا ۽ انهن شاهه عنايت جي خانقاهه تي حملو ڪري ڏنو. هن حملي ۾ شاهه عنايت جا ڪيترائي پوئلڳ فقير شهيد ٿيا. جڏهن فوتي فقيرن جي وارثن دهليءَ جي حاڪم وٽ دعويٰ ڪئي ته اعليٰ اختياري وارن کان حڪم پهتو ته انهن بيگناهن جي خون جو معاوضو ڏياريو وڃي، جنهنڪري قاتلن جون زمينون مقتول فقيرن جي وارثن جي حوالي ڪيون ويون. حڪومت جي هن فيصلي سبب شاهه عنايت جو وقار اڃا به وڌي ويو. تحفة الڪرام جي مصنف مير علي شير قانع جي لکڻ موجب ”اڪثر غريب ۽ عام ماڻهو هندوستاني عملدارن جي سختين کان ڏاڍو بيزار ٿي چڪا هئا، جنهنڪري اهي فقيرن جي پناهه ۾ پهتا ۽ انهن وٽ ئي رهڻ لڳا.“ ان مان ظاهر آهي ته صوفي شاهه عنايت جي خانقاهه غريب هارين ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ هڪ پناهه گاهه بنجي چڪي هئي.

سنه 1128هه/1716ع ۾ جڏهن نواب اعظم خان ٺٽي جو صوبيدار بنجي آيو، ته صوفي شاهه عنايت جي مخالفن کي وجهه مليو ۽ هنن نواب اعظم خان جا وڃي ڪن ڀريا ته صوفي صاحب حڪومت جي خلاف فقيرن جي هڪ فوج تيار ڪري رهيو آهي. اعظم خان سندن ڳالهين ۾ اچي خانقاهه جي ڀر واري زمين تان معاف ٿيل ڍل جي ٻيهر وصولي جو حڪم ڏنو. صوفي صاحب جواب ڏنو ته اهو ظلم آهي: جڏهن ته بادشاهه پاڻ اهي ڍلون معاف ڪيون آهن ته توهان کي ان جي وصولي جو ڪو حق ڪونهي. اعظم خان کي سندس هن جواب تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ هن مرڪزي حڪومت کي لکي موڪليو ته صوفي شاهه عنايت ۽ سندس فقير حڪومت جون دعوائون ڪري رهيا آهن ۽ خليفي جو ڪوبه حڪم نٿا مڃين. مرڪزي حڪومت کيس اختيار ڏنو ته فتني کي ختم ڪيو وڃي، جنهنڪري اعظم خان سنڌ جي سرڪاري عملدارن، جاگيردارن، زميندارن، نوابن ۽ فقيرن جي مخالفن جي امداد حاصل ڪري هڪ زبردست لشڪر سان هاٿين ۽ توبن سميت جهوڪ تي حملو ڪري ڏنو. مقالات الشعراء جو مصنف لکي ٿو ته: ”اعظم خان هڪ اهڙي فوج تيار ڪري فقيرن تي حملو ڪيو جا ڳڻپ کان ٻاهر هئي ۽ ماڪوڙين ۽ ماڪڙ کان به وڏي تعداد ۾ هئي. ’سبي‘ ۽ ’ڌاڌر‘ کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تائين سڀيئي سرڪاري عملدار ان ۾ شامل هئا.“ هن زبردست فوج جي باوجود به اعظم خان فقيرن کي زير ڪري نه سگهيو. آخر هن صلح جو ڪوڙو عهدنامو ڪري صوفي شاهه عنايت کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتاري کان پوءِ به شاهه عنايت جي عزم ۽ استقلال ۾ ڪو فرق ڪونه آيو. آخر 15- صفر سنه 1130هه مطابق 7- جنوري 1718ع تي کين شهيد ڪيو ويو. سندن گردن مبارڪ تي جڏهن تلوار جو وار ڪيو ويو ته پاڻ تڪبيرون بلند ڪري پنهنجي جان جانِ آفرين جي سپرد ڪيائون.

صوفي آسورام پنهنجي ڪلام ۾ انهي واقعي جو ذڪر ڪندي چئي ٿو ته جڏهن اعظم خان جهوڪ کي اچي گهيرو ڪيو ته صوفي شاهه عنايت پنهنجي فقيرن کي روڪيو ته اُهي جنگ نه ڪن، پر جڏهن شهيدن جي لاشن سان ست کوهه ڀرجي ويا ته پاڻ کين لاچار ڪاٺ جي تلوار سان وڙهڻ جو حڪم ڏنائون. جنهن مان جنگ ڪرڻ جو نه پر فقط بچاءُ مقصد هو. فقيرن ڪاٺ جي تلوارن سان به ڪيترائي دشمن ماري وڌا. پر آخر خدا جي رضا ائين هئي جو مرشد شاهه عنايت دشمنن جي هٿان شهيد ٿيو. شاعر لکي ٿو ته صوفي شاهه عنايت جي هن خون ناحق آخر رنگ لاتو ۽ يارمحمد ڪلهوڙي جي حڪومت جون پاڙون پٽجي ويون. صوفي آسورام جا چيل بيت هيٺ ڏجن ٿا:[

 

ڪلهوڙي ڪاغذ لکيو، وجهي وچ الله،

ان تي ڀائٽي ڀاءُ سان، آيو صوفي عنايت الله،

سجدي تان ڪونڌر ڪُٺا، ٿيو وڏو جنگاهه،

هوبهو شهادت ٿي، جهڙي حضرت حسين شاهه،

”آسو“ ان قضيي جو، الله آهي آگاهه،

تنهن واحد کي واهه، پاڻ وڻنديون جو ڪري.

 

پاڻ وڻنديون جو ڪري، جيڪا سنديس گهر،

مڃيون    ســــڀ    مٿي    تـــي،    صوفي    شاهه صدر(1)،

نه ته هڪل سان هيڪر، هوند ڪلهوڙو ڪٽجي وڃي.

 

ست کوهه شهيدن جا، ڀرجي ٿيا ٽمٽار،

ڪاٺ جي تلوار جي، موڪل ملي لاچار،

جنهن لشڪر ملعون جو، ماري ڪيو مُردار،

صوفين سر نثار، صدقي مرشد تان ڪيا.

 

سر مرشد جو ڌار ڪيو، منڪر جي تلوار،

دهليءَ تائين سِر مبارڪ جي، پيئي پئي ڌڌڪار،

هيءَ ٿي قيامت، ٿي تکون تارون تار،

ڪلهوڙي جي ڪار، لعنت لاڳ پِرائيو.

 

منهن مبارڪ مرشد جو، پسي وزير وريا،

عبدالله شاهه، حسن علي شاهه، مريد ماڻ ڀريا،

قتل کان نه ڏريا، ماري وڌائون بادشاهه.

 

بصر جي ڳنڍ جو، پتو لاٿائون،

گدام ڳنڍين جو پتو لٿو، ائين آکيائون،

مريدن کي ماٺ ڪرڻ جو، ڏَسُ ڏنائون،

رضا مڃيائون، سِر تي ربّ پاڪ جي.

 

سختيون صغيرن تي، ڪيون هچاري حاڪم،

ڪي ڏينهن گيڙو گم ڪيو، ملعونيءَ ماتم،

موليٰ لاٿا غم، وَسيا وَٿاڻ ونهين جا.

 

وسيا وٿاڻ ونهين جا، جيئن هو تيئن ٿيو،

’يارمحمد‘ ڪلهوڙي جو، ڇوڙو لهي ويو،

ڏاتر جو ڏيو، ٻريو ڏينهن قيام سين.

 

وسيا وٿاڻ ونهين جا، جيءُ جيءُ جئيڪار،

هر هنڌ ٿيا هُٻڪار، کٿوريءَ خوشبوءِ جا.

 

پنهنجا ڪُهائي، دشمن پالي، الله بيپرواهه،

ڪُڇڻ ڪانهي جاءِ، حق ۽ ناحق جي.

 

سعيو تنهنجي وس ۾، سو ڪج نيڪوڪار،

حڪم سڀ هاديءَ جو، پچر اِها پچار،

وس تَنهن جو ناهه ڪو ”آسو“ الله جي اختيار،

صاحب جي سرڪار، توبهه زاري تون ڪجانءِ.

 

شربت شهادت جو، مٺو منجهه ميٺاج،

پيتو جن پريم سان، حاصل ٿين هاج.

”آسو“ اُنَ احتياج، لٿا سڀئي لوڪ جا.

 

شربت شهادت سان، مٽ نه جام جَم،

پيتو جن پريم سان، اُلهي ويو الم،

سو سدا خوش خورم، ”آسو“ ٻنهي جهانن ۾.

 

ڀُڄ ۾ ڌرتيءَ جو ڌٻڻ

(چيل ميان الهڏنو)

 

]سنه 1817ع/ 1232هه شعبان مهيني جي 22 تاريخ خميس جي رات سج لٿي مهل اوچتو ڌرتيءَ ڌٻڻ شروع ڪيو. زلزلي جي اوچتي ڌوڏن ماڻهن جا اوسان خطا ڪري ڇڏيا. زالون ۽ مرد خوف وچان پنهنجا ٻار ڇڏي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ توبهائون ڪرڻ لڳا. ڌوٻي، سونارا، لنگها، لوهار، ڌنار، موچي، مينگهواڙ، کتري، خوجا، جکرا ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ خدا کي ٻاڏائڻ لڳا. اهڙي وقت ۾ شاعر کين سندن ڪرتوت ٿو ياد ڏياري ته اهو سڀڪجھ توهان جي پنهنجي عملن جو نتيجو آهي. خدا توهان کي هڪٻئي جي مدد ۽ غمخواريءَ لاءِ پيدا ڪيو پر توهان براين ۽ بدڪارين ۾ ايڏو ته ڪاهي پيا آهيو جو ڌرتي به توهان جي وجود کي برداشت ڪري نٿي سگهي. ان کان پوءِ سگهڙ ملي شاهه، جڙئي پير، عمر مئين، محمد مڪائي، يقين شاهه کي مدد لاءِ پڪاري ٿو ۽ انهن جي ڪرامتن جو تذڪرو ٿو ڪري ته انهن ڪهڙيءَ طرح اسلام جون خدمتون انجام ڏنيو آهن. سگهڙ ميان الهڏنو آخر ۾ ماڻهن کي هدايت ٿو ڪري ته اهي ربّ جي درگاهه ۾ توبهه ڪن ته آئنده نه حرام کائيندا ۽ نه ئي ڀنگ ۽ آفيم استعمال ڪندا. هن واقعي بابت سگهڙ ميان الهڏني جو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.]

 

ساراهيان سو ڌڻي جو اِلاهه عالمن،

جنهين جا جهان ۾ حڪم ٿا هلن،

خالق خلق خَلقئِي ڪارڻ ٻانهپن،

”وَمَا خَلَقۡتُ الجِنَّ والاِنۡسَ اِلّا لِيَعۡبُدُوۡنَ“،

مانَ سائين سُڃاڻ،

ته خالق هن خلق جو، شال پرور رکي پَن،

جيئن ڏِسيو ڏوهه ڏيهاڻي، ٿا ڪوڙانۡ ڪَرم ڪن،

کايو ناز نعمتون، ٿا مديون رکن مَن،

پسيو پاپ تن جا، ٿيون ڌَرائون ڌُٻن،

سي ٿورا ڏسا ڏٖيهه ۾، جيڪي حق هَلن.

 

ڏسو هاڻ ڏيهه ۾، هي ٿا جهڙا ڪن ڪرتوت،

اُو لڪِي ويا لوڪ ۾، جي اڳوڻا آڀدوت،

هاڻي هن .... .... .... ....

ساماڻ سالڪ چئي، ڏيهه ۾ گهڻا ڏُوت،

حرام .... .... .... ....

سي ٿورا ڏيهه ۾، حق جِني جا قُوت،

ڏسو هي .... .... .... ....

حيا ڇڏيو حاڪمين، جيئن ڪنهين جي نه رکن ڪان،

هليو پَسن .... .... .... ....

پَسو پويــٖـــــين وقت جا اهڙا ٿيا انسان،

سي ٿورا .... .... .... ....

سڻو سڀ ساٿيا، هي قصو منجهان ڪوڏ،

سانجهيءَ وقت سَــ .... .... .... ....

تان آگي ڏني اوچتي، ڪا ڌرتيءَ کي ڌوڏ،

ٿي سڀ ڇڻي پَٽ پيا .... .... ....

ڌُٻڻ پَسِي ڌاراء جو، لوڪن ڇڏئي لوڏ،

ساعت ۾ .... .... .... ....

توبهه ڀريو تڏهن، ٿي ڦيڻيــٖـــــين ڇڏيا ڦيڻ،

وسري ويا .... .... .... ....

سا ڏاڍي هئي ڏيهه مٿي، جڏهن ڌُٻئي هئي ڌَر،

ڪِريا .... .... .... ....

آيو زور زمين کي، جيئن ڇِلي ويا ڀر،

کيڙ ڇڏيو .... .... .... ....

ناري ڀَڄي نڪتي، ۽ ٿيا نماڻا نَر،

سڀني کي .... .... .... ....

ويساري ڇڏيا والدين، پنهنجا ٻچا ٻار،

سا سُئي .... .... .... ....

غريب غني گهر منجهان، ڀڳا تڀّ تُجار،

ڪِني پڙهيا ڪلمان .... .... ....

ڪِني ڪڍي ٿي منهن منجهان، توبهه جي تَوار،

چڱا مَندا مڙئي .... .... ....

سِبڻ ڇڏيو سُرئِي، ۽ سُڪي ويا ’سُوٽار‘،

لڳو پوءِ .... .... .... ....

ڊنا گهڻا ڌوٻــي، ٻيا ’سونارا‘ سنگهار،

ڏَريا ’بوري‘ .... .... ....

’حجام‘ سڀ هَروڙيا، ’لنگها‘ ۽ ’ولهار‘،

اُڀا روئن ريهون .... .... ....

’پهنوار‘ ڀڄي پاسي ٿيا، ڇڏي ڌڻ ڌڻار،

’سما‘ ’سهتا‘ .... .... ....

’ويسا‘، ’ڏَسا‘، ’واڻيا‘ هئا، منجهه ويچار،

ڪن دانهون .... .... ....

’ڪَمي‘ ’ڪوڏي‘ ڪنبي ويا، ’موچي‘، ’مينگهواڙ‘،

’شورا‘، ’سوڍا‘.... .... ....

’کتري‘، ’خوجا‘، ’کهنباٽڙي‘، ڌُٻي ڀڳا ڌار،

پسي دؤر .... .... ....

’ميمڻ‘، مُلان مڙيئي هَيَلَ ٿيا هيڪار،

سامي، .... .... ....

.... .... .... .... نار،

’جکرا‘، ’جت‘، ’جوڻيجا‘، لُڇيا ’لاکيار‘،

.... .... .... .... ـــزار،

’اُڍا‘، ’ڪَيۡوَرَ‘، ’ڪوريجا‘، ڪَنبيا ’ڪنڀار‘،

.... .... .... .... ٻيار،

’مَنڌرا‘، ’نوڙيجا‘، ’مڱريا‘، کِسي ويا ’کينگار‘،

.... .... .... .... چنوار،

گوليين، ٻانهيين گولن تي، اچي وئي انڌار،

.... .... .... .... ’پَرهيار‘،

رکو تنهين ربّ جي، آئين يادگيري يار،

.... .... .... ڏيکاريا ڏاتار،

اِت اڇلي وڌا، سڀني هٿ منجهان هٿيار،

.... .... .... ويا ڪفار،

بُت ڀڄي ڀورا ٿيا، ڦاٽي منجهان ڦار،

.... .... .... اسان مٿي مار،

ڪڍندو جو ڪافرن جا هڻي کني ســٖـــــين کار،

.... .... .... ڌارو ڌار،

سي ملي ’شاهه مراد‘ سين، ٿيا ولي پِير وَهَار،

.... .... .... .... هزار،

پنڌرهن کنيائين پاڻ سين، سندائي پير سوار،

.... .... .... .... سماچار،

سو ڀلو چڙهيو ’ڀُڄ‘ منجهان، ڪري نرت نهار،

.... .... .... .... اسرار.

’جڙئي پير‘ جهورٖي وڌي، سندي ڪفر ڏار،

.... .... .... .... آڌار.

’عمر‘ ميون اُٿيو، اِيءُ سُڻي پير پُڪار،

.... .... .... .... سردار:

سي چڙهيا پير ’رڪن‘ سين، مڙئي پير منجهار،

.... .... .... ٽَڪر واري ٽار،

چيو ’محمد مڪائي‘ کي ’يقين شاهه‘ يار،

.... .... .... هلي ڪرِينَم وهار،

بُتن کي اِن باتين جي، جڏهن پئي ڪن تَوار،

.... .... .... سيتلا کي سار،

چئي ڀَڃ ’گڻيس گاوڙيا‘، اِت ٿيندي ڪانه ٿار،

.... .... .... منجهه پاتار،

ماتا ڀَڳي مڙهه منجهان، ڪيائين پِنڻ جي پچار،

.... .... .... رسيا ڪُنڊار،

پِٽي ان پليت جي، سوڙهي ڪڍيائين سار،

.... .... .... ڪرڻ جي اُچار،

’ٽيڪم‘ ڀڳو ٽوڻــٖـــــي منجهان، ڀڙوئو ڀارو ڀار،

.... .... .... پريــٖـــين پار،

ڀڳي ’ڀَوانِي‘ ٻيچرا، ايءُ سڻي سماچار،

.... .... .... آسار،

وڃائي ويو ’وانۡڪَل‘ کي، کِهڙِيو کيتر پار،

.... .... .... هالار،

نا ته اچن ٿا ’امام مهدي‘ جا، ڪٽڪ بيشمار،

’مهاڏٖيو‘ ڇڏي ملڪ کي، ڀڄي ٿيو بيزار،

هاڻ ’رڻڇوڙ‘ جي راڄ ۾، ڪريان ڪيئن قرار،

......... رڙيون ڪري، سا پڻ ڀڳي ٻهار،

’ابليس‘، جو اِنهين جو تنهن پڻ نه ڪئي وهار،

.... سڀ ڀڄي ڪري، اُڪري ويا ’انجار‘،

هاڻ ڳاڻيٽڙي اِن ڳالهه جي، وهلِي اِتان وار،

ته ڏاڍو هئو ڏمر جو، ڪو ڀڄاڻي تي بار،

جيئن لَٽجي وئي لوڏسين، سندي ڀُڄ بازار،

جنهين ۾ مري پيو، ماڻهن جو هڪڙو هزار،

هيڪڙو سَو ۽ سٺ ماڻهن اُٿڙيا منجهه ’انجار‘،

ٻه مئا سي ’مُنري‘ ۾، واڻيو ۽ ڪنڀار،

آيو سڻي سڏڙا، سو گودڙيو گلزار،

مولي رکيو ’مُنري‘ کي، اولياءَ جي آڌار،

برڪت نبي ڪريم جي، سڀ تري پيا پار.

 

ڪوهه ڄاڻان ڪوهه ٿيو، ڪو ٿيندو اڃا عجبا،

ته مڃي ربّ توبهه ڪريو ڪنان حراما،

۽ توبهه ڪريو ترت، ڪنان لاڀَ جي کيڻا،

۽ توبهه ڪريو ڀنگ ۽ افيون کيــٖـــڻ ڪنا،

چئجا ته جيڪو شخص نماز پڙهندو منجهه دنيا،

تنهين تي نماز جنازي جي، پڙهڻ درست ناهه،

۽ منجهه مقام مسلمانن جي، دفن ان کي مَ ڪِجا،

ڌَر ڌُٻئي سخت، جو منجهه ’ڪڇ‘ جي ملڪا،

ورهيه هو ٻٽيهون سو، تيرهين صديءَ منجها،

سندي تاريخ ٻاوهين، ماهه شعبانا،

رات هئي خميس جي، ۽ وقت مغربا،

ڌٻڻ ٿيو ڌراء جو، منجهه تنهين وقتا،

الٰهي ”الله ڏني“ کي، مرهيــٖـــين تون موليٰ،

جو ساڪن شهر ’منري‘ جو، ۽ ڪري گذرانا،

ساڻ لڏايــٖـــين ڪلمي، دنيا دار منجها.

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

 

 

ونجهيري وارن پيرن ۽ ڀاڻوٺ جي سيدن جو جهيڙو

(چيل ماجهي ملاح)

 

]انگريزن جي اوائلي دور ۾ پير عباس علي شاهه قريشي ’ونجهيرين‘ (تعلقو هالا) وارو هڪ زور وارو زميندار ۽ مريدن خادمن وارو هو. سندس خانداني رشتو ملتان جي قريشي پيرن سان هو. ٻئي طرف سيّد جمال شاهه جو پٽ سيّد نورشاهه ۽ سندس ڀائر، ڀاڻوٺ (تعلقو هالا) جا ٻه زميندار، مريدن خادمن وارا ۽ همت وارا سيّد هئا، سندن رشتو سن جي سيدن سان هو. ڀاڻوٺ ۽ ونۡجهيــٖـــيرين جي وچ ۾ ٽي ميل مفاصلو آهي. شاهه صاحب ۽ پير صاحب ٻئي ڄڻا دنگئي زميندار هئڻ ڪري هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا.

هڪ ڀيري سيّد نورشاهه، پير عباس علي شاه کان اُٺيون خريد ڪيون. پئسن جو انجام رکيو ويو ۽ پوري انجام تي پير عباس علي شاهه، سيّد نورشاهه وٽ پئسن وٺڻ لاءِ ويو، پر شاهه صاحب پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي پير عباس علي شاهه چيس ته: شاهه صاحب! جيڪڏهن پئسا نه ٿا ٿي سگهن ته آءٌ پنهنجون اُٺيون واپس ڪاهي ٿو وڃان. اتي سيّد نورشاهه اُٺين ڏيڻ کان به جواب ڏنو. تڏهن پير عباس علي شاهه چيس ته: شاهه صاحب! هاڻي اُٺيون مڙس ماڻهو ٿي جهلجانءِ. پير عباس علي شاهه پنهنجي ڳوٺ ونجهيرين ۾ پهچي پنهنجي مريدن ۽ خادمن، ماڻهن ۽ ڪامين کي گهرائي چيو ته: ٻيلي! شاهه پئسا به نه ٿو ڏئي ۽ نه وري اٺيون ٿو موٽائي، ان لاءِ آءٌ شاهه کي هوڪاري آيو آهيان ته اُٺيون توکان وٺنداسين. ان تي پير همت علي شاهه همت وارا مڙس گڏ ڪيا. جن ۾ صادق نوحاڻي وڏو سورهيه هو.

صادق نوحاڻي الله توهار ڪري پنهنجي ساٿين سان روانو ٿيو. ان وقت اُٺيون ڪَچــٖـــي ۾ پئي چَريون. ڌنار موجود هو، جنهن کي هڪل ڪيائين ته: يار! پير عباس علي شاهه واريون نَوَ اُٺيون نوحاڻي ڪاهين ٿا، نورشاهه نر کي وڃي ٻڌائين ته ڀلي وڃي ٻڌاءِ. ڌنار ڀڳو، تنهن وڃي نورشاهه کي ڀاڻوٺ ۾ خبر ڏني ته نوحاڻي اُٺيون هنيو پيا وڃن. نورشاهه اها خبر ٻڌڻ سان وڌيو، ڀاڻوٺ شهر توڙي آسپاس جي راڄن مان پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري صادق ۽ سندس ساٿين تي حملي لاءِ موڪليا. صادق ان وقت اُٺيون آڻي ڪَچــٖـــي پڪي جي سَنڌي تي ڪيون هيون. سيّد نورشاهه جا ماڻهو به لٺين ۽ گهوٻاٽن سان اچي پهتا. جهيڙو شروع ٿيو. صادق نوحاڻي گهوٻاٽن جو ڀاڪر ڀري بيهي رهيو، ۽ جنهن کي ٿي گهوٻاٽو هنيائين، سو وري ويجهو ڪونه ٿي آيو. اهڙيءَ طرح مڙسن کي پليندو اُٺيون تڙيندو آيو. سيّد نورشاهه جي لشڪر مان شهبازي وٽ شيشم جو سونٽو هو، جنهن اچي صادق تي ورايو. صادق هن کان اهو ساڳيو سونٽو کسي کيس ٺڪاءُ ڪرايو ته شهبازيءَ کي سڄي عمر جو سبق اچي ويو. صادق اُٺين کي تڙي پير بلاولي جي اتر طرف پهتو. ان ڏينهن پير بلاولي جو ميلو هو. نورشاهه پنهنجي ماڻهن کي صادق ڏانهن موڪلي، پاڻ ميلي ۾ وڃي ٻيا ماڻهو جهيڙي لاءِ موڪليائين، جيڪي اچي صادق سان مقابل ٿيا. صادق جا سونٽا ۽ گهوٻاتا کپي ويا هئا، سو ڇا ڪيائين جو اجرڪ جو ٻڌل سندرو کولي ان مان نوڙ وٽيائين، ۽ پوءِ اهو جنهن کي ٿي وهايائين، تنهن کي ٻنهي پاسن کان ڦِري ٿي ويو. جيڪي نالي وارا پهلوان هئا تن به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. صادق سينو سپر ڪري، بيهي رهيو ۽ اُٺيون سندس ساٿي ڪڍي ويا ۽ وڃي ونجهيرين پهچايائون. پر جهيڙي ۾ جو صادق سرسي ٿي ڪئي سا سيّد نورشاهه کي ڪانه وڻي. سيّد پنهنجا ٻيا ماڻهو آندا ۽ پاڻ به پنهنجي سر اچي پهتو. هيڏانهن مڙس گهڻا ٿي پيا ۽ هوڏانهن صادق واهر پليندي اڪيلي سر وڃي بچيو هو، تنهن کي مڙسن نيٺ وڃي ٻڌو. اتي پير عباس علي شاهه صادق کي ڇڏائڻ لاءِ پاڻ هلي آيو، اچي سيّد نورشاهه کي منٿ ڪيائين، ان کان پوءِ جهيڙو ٽريو.

شاعر مانجهي ملاح خود انهيءَ جهيڙي ۾ موجود هو ۽ سيّدن جي پاسي جو ماڻهو هو، پر جيڪي ڪجھ ڏٺائين سو بنا رياءَ جي بيان ڪيو اٿس ۽ صادق نوحاڻيءَ کي ساراهيو اٿس.]

 

ساراهيان سچو ڌڻي، ڏس آگي جي عبرت،

پير ۽ سيّد سودو ڪيو پاڻ ۾، روح ڏنن رخصت،

اُٺين ڀاڻ ڪيو ڀاڻوٺ ۾، جِت جُوءِ ۾ گهمن جَت،

اُٺيون  نَوَ  ڏي    نه    ته،    آڻ    يڪدم    پيسا   پاند   ۾(1).

 

پيسا ڏيندس آجام تي، اهي بازيون ڇڏ بڙهه،

آب کي لوچين پير ’عباس علي‘، کڙڪي لنگهه کڙهه،

وڃي ڪر فرياد آفيس ۾، ڪاهي ڏينهن ڪڙهه،

اهي   بيداد   دڙهه،   ٿو   ناحق   هڻين   نَستُونَ جا(2).

 

ناحق هئا نستون جا، جو ڪيم ڪانه ڪَلا،

ايندس ڪين اوطاق ۾، وري تنهنجي ڀاڻ ڀلا،

اُهي ٻَڌا اٿئي ٻين سين، ڏاهپ جا ڏلها،

آهر آءٌ الله، ويندس ڪنواٽن سوڌيون ڪاهيو.

ويندٖين ڪنواٽن سوڌيون ڪاهي، تنهنجي ڪهڙي

ڀانيان ڪاڻ،

وِهندُونۡ ڪين ونجهــٖــــيرين ۾، هن کان پوءِ هاڻ،

چَرن چئين طرفــٖــــين، منهنجيون ڏاگهيون ريءَ ڏاڻ،

ناهي مجال ماڻهوءَ جي، اچي ڪو ڀُلِي منهنجي ڀاڻ،

سج اُڀرئــٖــــي سڀاڻ، پِيندي خبر پانهنجي.

پيندي خبر پانهنجي، تنهنجو عهد به آهي هيءُ،

آءٌ ايندوسئين آڌيءَ جو، وٺي مڙس به ويهه،

مري تنهنجي مال تي، ٿيندا گَلا ۽ گيهه،

تنهنجا ويڻ وَلهِي، وڃان ٿو داغ رکيو دل تي.

وڃين ٿو داغ رکيو دل تي، هاڻي ڪاهڻي اٿئي سا ڪاهه،

’نورشاهه‘ هن نهرٖي سان، تون وٖير وِهاءِ،

جــٖــــي لڳئي تان لاءِ، اٿئي ليکو هاڻ لکن جو.

 

نه ڪو ليکو توسان لکڻ جو، توڙي هجن خزانن جا کوهه،

سودو تو سيّد سان، ڪين ڪنداسون نُوح،

هاڻي هِيئن جانۡ هُونئن، اٿئي صفا راند سونٽــٖــــي جي.

صفا راند سونٽــٖــــي جي، مون وٽ آهي ڏهس ڪهاڙي ڏانگَ،

رکي پــٖــــير رڪيب ۾، وِير ورائي لانگ،

وٖيهجان ويڙهين وچ ۾، تون نورشاهه ڪارا نانگ،

تيسين لاهه مَ تانگهه، جيسن آءٌ وڃي ونجهــٖــــيرين وري اچان.

وڃ ونجهـــٖــــيرئين، آءُ وري، ڪر ميرن وارو ميڙ،

ميڙي مريد پانهنجا، تون ڪوٺ تنين جو ڪيڙ،

ڪري ڪڙا وٖيڙ، آڻي کوڙ قناتون ڪوٽ سان.

کوڙيندس قناتون ڪوٽ سان، سيّد مَ سينو ساهه،

ڪا جا هن قريشن جي، تون سڻندُون سيّد سماءُ،

تو ڏيون پَهرٖي تاءُ، وينديون وري ونجهيرين ۾.

ويندون وري ونجهيرين ۾، پر هتي به چؤ رنگ اٿئي چوڙا،

جنگ پٽ ’جمال شاهه‘ جا، اٿئي سڀ اهڙا،

هڻي تاڙي تاڙيءَ تي، ڏيهه ڇڏائيندئي ڏوڙا،

ڳاڙيندين ڳوڙها، ڏيو ڀاڄ ڀَلڪئــٖــــين.

چاچا! ٿيءُ نه چهرو، نڪي اُڊو لاهه امير،

اڻ مَيو منهنجي اُٺين جو، تو آ کاڌو کير،

جيئري سهائيندس ڪينڪي، جيسين ساهه سرير،

نايون مٿي نير، تون صبح ٻڌندين ســٖــــيڪيو.

نالو وٺ مَ نائيءَ جو، اٿئي ’نورشاهه‘ نُوري،

ڪَنبُ قريشي! ڀر ڪلمون، اٿئي سيّد وڏو سوري،

دِڳــٖــــي دستگير  جي، اٿئي حڪم حضوري،

آءُ ته چکايئين چُوري، تون اچ چڙهي چوغام تي.

چيز چکائج چُور مان، هليو ڪست ڪري سا ڪاهه،

وڃي پهه ڪيئين پهلوانن سان، سنجهــٖــــي مؤن به صلاح،

پرهه ڦٽي ۽ ڏينهن ٿيو، پئي ڏهرين ڌاري ڏاهه،

جيڪي هئا صدقي ڀائي ساهه، سي اچي ٿيا ’همت علي‘

جي هٿ ۾.

هوڪاري همت عليءَ سان، هليا ناميا نوحاڻي،

بانڪا چڙهيا بڇ تي، ڄاڻ اهو ڄاڻي،

پٿر پيئنداسون پانهنجي، هٿ پوءِ اچي پاڻي،

سيّد اها ٿو ڳالهه ڪري، ۽ نَوَ اُٺيون ناڻي،

حڪم سان هاڻي، هلي توڏيون تڙيون پانهنجون.

تڙيون توڏيون پانهنجيون، ڪريو وات اها وائي،

مڙيئي مريد منهنجا، ٿجو ڀالــٖــــي سان ڀائي،

ڪنهن کي ساعت مَ ڏجو ساهِي، متان راند ڦٻي وڃي

راءَ کي(1).

راند ڦٻي ويندي راءَ کي، هو مِينۡهُنۡ ٿو ڳولي مير،

هيڻي ٻول نه حيدري! آهي ڪل زمين جو پير،

سو ڪيئن کسائيندو کير، جنهن کي خاوند ڏيئي آخوش ڪيو.

 

خاوند ڏيئي خوش ڪيو، پر هٿ وڍيئين جي هاڻ،

چڙهي تنهن چيلهــٖــــي تان، ڪشي ٻڌ ڪماڻ،

سهي سڻي ٿو سڏڙا، مرشد ڀريو ماڻ،

ڪريو هٿيار هٿن ۾، آڏو ٿيندي رڪ رهاڻ،

ڀڃي گهوٻاٽا پانهنجا، اوهين هٿ ڪريو سي هاڻ،

ڪا مَ رکجؤ ڪاڻ، اوهين ٻــٖــــيرا ٿجو ٻيلؤ(2)!

 

ٻــٖــــيرا ٿجو ٻيلؤ! ڀؤ متان ڀانيو،

اٿو ڪلمون پاڪ رسول جو، چوٿون پير پايو،

هاڻي ونجهــٖــــيريءَ ورايو، وڃي اُٺيون انهيءَ امراءَ کان(3).

 

اُٺيون تنهن اُمراءَ کان، ورايئون سي به وڃي،

ڏيئي گهمرا گهوٻاٽن جا، آيا ڀاڪر ڪي به ڀڃي،

جن منٿ نه ميڙ مڃي، سي هڻندا سڌيون سيّدن سامهيون.

سڌيون سيّدن سامهيون، سُوسٽ ڪيو سٽجن،

جابر جُنگ جنگام ۾، سورهيه ڪين سَنگن،

ڏيو تلهڙيون توڏن کي، اُڀا ويري ونگارون ڪن،

ري سَرواهيين سِپرن، ڇِنن هينئان ڇاڙيون.

 

ڇِنن هينئان ڇاڙيون، ويري بيٺا واگهه،

نَوَ اُٺيون، هو پنج ڄڻا، ڏين نه هڪڙي ڏاگهه،

ماريو وجهن ”مانجهي“ چئي، ڏيو پاسياري ڏانگ،

هوڏانهن ’نورل شاهه‘ نُوري نهرو، جنهن ڪا ڪُنڍا ڪارا

نانگ،

ري سرواهــٖــــين سانگ، پهلوانن تي پلٿا ڪيا.

 

سامهون بيهي سيّد کي، صادق ڪيو سلام،

گولو آهيان غوث جو، گاهِيۡ مريد غلام،

ڪالهه تنهنجي ڪچهريءَ ۾، هڪ قريشي ڪيو هو ڪلام،

اڄ ماهو  سڀ  مقام،   ٿينداسون   مري   پنهنجي  مال تي(1).

 

مرو، مارجو ڪيم ڪي، اوهان کي چاڪر ڪين چوان،

هي ڪهڙي ازل ڪاڻ، اوهان وڌو آ ملهالو

”مانجهي“ چئي(2).

ملهالو وس الله جي، ’همت علي‘ ٻاري همت،

اسين کائون پچايون پاڻهي، آهيون ڀالي ڀائي ڀت،

تڏهن پڄندي پت، جڏهن اُٺيون نِيون اڄوڪي ڏينهن ۾(3)،

 

اُٺِ ته ڏيندس ڪانه ڪا، نه ڪا واڙٖي مان وڇ،

اهي آڏا آمَهَنۡ اٿئي اکين تي، ماها انهن جا مچ،

بيٺي ڪرايو بڇ، اتي ٻَڌائين ٿو ٻين کؤن(4).

ٻَڌائين ڇو ٿو ٻين کان، ڪر ’قائم جَت‘ کي ڪوڪار،

جو ٻڌو پيو اٿئي هڙ ٿيو، ڏيو مٿي هيٺ مهار،

آڏو اچ مَ اسان کي، اٿئي ازل جو اوٽار،

ڇڏي پر ڀاڻوٺ جي، اچي ياري ڪئي اٿئي يار،

ملان، موچي، ميمڻ پنهنجي ملڪ جا، ٿو ڪوهه ڪُٽائين

ڪوٽار،

جي سودو سَيُّ نه آئيو،  ته    توتي   ملهه    جي   ناهي مار(1)،

ڪريو ڪانه پچار، نه ته اگهه مڙني سان اهڙو ٿئي(2).

 

آهي ڪو امرائن مان، هي ٻول اڀو ٻولي،

اٿس آنگٽ پير عباس علي جو، آهي چڙهيو تنهين چولي،

نوحاڻي سر نمايو، آهي لَڄ لِيمڪ جي لولي،

هن غوث جي گولي، وڃي گونريون گلـٖــي سان گڏيون.

 

جنهن گونريون گلي سان گڏيون، ساڏيندو گس تان ڪين گري،

ڀڃي گهوٽ گهوٻاٽن جي، ڪئي آ ڀاڪر منجهه ڀري،

ڪڍيو ڇاڙپ ڪڇ مؤن، ٿو ڪامَ هڻي قهري،

رِند، رونجها، راڄ رؤنشائي ڪيترا،ڀڳا ڏاهه سڻي ڏهري،

سورهين جي سڀاءُ جا، ڪيا آگي ڪم اڪبري،

جن ٿي کاڌا طعام تهري، سي اڄ ڀڳا وڃن ڀَوَ کان.

 

وڳو بِگل پير بلائيءَ تي، بڇ ٿي، ويا وري ويڙهين

مٿئون وَت،

گهڻا ماڻهو هئا ڀاڻوٺ جا، گهاٽا کؤن به ڀت،

پوءِ جهڙپ ڏيئي جهٽ، وڃي ٻڌي چار ٻِلهائيا.

 

ٻڌي چار ٻلهائيا، اڃا صادق پيو ساري،

هڪڙو هٿ هڻي ٿو ڪينڪي، پيو اڳهين اُلاري،

جيئن جهار جهرڪي جهنگ ۾، تيئن ٿو ڊِيها ڊيڪاري،

جهرمر جهيڙا جهٽڪيون، ٿو جهانوَر جهونڪاري،

توڏيون تنواري، آيو پڪي ڪَچــٖــــي تي پڪڙي.

 

توڏيون تڙ نه تڪڙيون، ڪا صادق ڪر ساڃاهه،

مــٖــــيس من جي ”مانجهي“ چئي، ماري ڇڏ مهماءِ،

سينا ڪش نه شاهين سان، نڪي سينو ساهه،

ڀانڊو ڪيم ڀڃاءِ، تون هڻي جان جبل سان.

 

جبل پنهنجيءَ جاءِ ٿيو، هي اهل نبيءَ جو اولاد،

سودو سَيَّ نه آئيو، نڪي پوري پيڙو پاند،

اسان    به    کاڌو  ڏاند،   هاڻي  ڏاچي  ڏينداسين ڪانه ڪا(1).

 

رڙا رڙا ڪري راند جي، وير ڪڍي آ ونجهه ورت،

هڪ جيڏا ۽ هڪ جهڙا، اڀو صادق ساري ست،

ڪؤنر قلعي جو ڪوڏيو، ٿو هڻي ساڻ همت،

راڄن سوڌا رت، تون دهلا ڇڏيندي ديوَ کان.

 

دهلا ڇڏيندي ديوَ کان، جنهن جو پئي ڌرتيءَ تي دهڪاءُ،

سيّد مثل اٿئي شمس جي، تپي ڪندئي تاءُ،

پر صادق سُوڙهه ڌڪاءُ، وڌو سٽڪو سپاهين ۾.

 

ڦهه ڦهه ڦوڙائين جي، ٺهه ٺهه پئي ٺڪاءُ،

ڳاڙها لال لوهوءَ مان، ٿِيۡنِ ڌوپيو ڌاءُ منجهاء،

پر صادق سُوڙهه ڌڪاءُ، وڌو سٽڪو سپاهين ۾.

 

نورشاهه، نورو ڪؤنريجي کي، ڪري ڇڏيو ته ڪاٽ،

بچل ڳالهه بتلايو، ٿو وڃي ڪهڙي واٽ،

حاجي خانڻ نه هيمايو، ڀڳس اُڀي نوحاڻيءَ ناٽ،

ڇپر   وسي   جيئن   ڇاٽ،   ٿو    هڻي   ساڻ    همت  جي(1).

 

هڻي ساڻ همت جي، ’نور شاهه‘ هنيو نارو،

ڪم پئي ٿي ڪل پوي، اڄ يارن جي يارو،

آڻي ڏنو آ ڏؤنڻ تي، اڄ ڏاچين ڏيٺارو(2)،

ٺرو ته اٿو ٺارو، نه ته اهو مدعي ماريو.

 

اتي شهبازي لڪڻ شيشم جو، هنيو هو هيڪر(3)،

سو گُسي گاري ڀر ۾، وڃي ڀرڙاٽ ڪري پيو ڀر،

سو ساڳوئي سونٽو صادق هنيو، سنڀالي حيدر،

شپڪو ٿيو شهبازيءَ کي، ڦهڪو مٿي ڦَر،

شهبازي ٿو شڪرانا ڪري، هتئون توبهه ڌڻيءَ در،

ڪي ڳالهيون ڪندو گهر، اڃا ٻيا به پوڄ پُٽن سان.

 

خيرو ڏسي کوڙ، چڙهي آئيو چاڙهيڪي تي،

بانشي ڏياريائين بانوليون، ٿي پير واهه پهوڙ(4)،

 آڻي کوڙيس اوچتو، نوحاڻيءَ سو نوڙ،

ادا! ڊوهي اٿئي خدا جي، مون کي ڪج لوٽيءَ لوڙهه،

ٻهون ٻانگي ٻوڙ، ڏيندس سيخون شاهه صدر جي نيت پون.

 

نظر پئي ’نور شاهه‘ جي، پنجو ڏٺئين پهلوان،

دهشت سان آيو آهين دهلجي، تون آءُ جهلي ايمان،

موڪ پياريئين مصريون، ۽ مست لهندُون مان،

وڙهڻ جو ويريءَ سان، هينئر ناهي سامان،

اچي ورايئين هٿ واگهه تي، جهڙو هو به جوان،

اچي گڏيا پاڻ ۾، جيئن ماهيا گڏجن سانَ،

ڪڏي آيو ڪَونريجو، اتي ٿيس ايمان،

بچل   آيو   بانۡورجي،   وٺي   آيو   ’حاميد‘    ’حاجي خان‘(1)،

جيئن ماڪوڙا مٺاڻ تي مستان، تيئن ٻيا به ويڙهين

جيئن وري ويا.

شابس شابس نور شاهه ڪري، هاڻي اٿو هاڙهي زور هٽيو،

پَئِي پير پٽيو، دسجي ته ڪا دلجاءِ ٿئي.

 

دسيو ته ڪا دلجاءِ ٿئي، ٿي هوڙهه هنيائين هنڌ،

جنهن ٿــٖــــي سوڙهيون سيني سان ڪيون، نه ڪي صادق

ڪمايو سنڌ،

سو ڪيهر شينهن قابو ڪيئون، ڪونڌ ورائي ڪنڌ،

پير به پيئڙو پنڌ، ڪري سلام سيّد جو.

 

سلام تنهنجا سکڻا، تڪڙ ڪئي هيئي تيز،

هنيون جنين جو هيج، آهن اُٺيون اوڏانهين آئيون.

 

اُٺيون اوڏانهين آئيون، هاڃي منجهه هڄي،

اوهين سيّد سَنائي سکيا، کسيو کائو سڄي،

تنهنجي ڀوَ کان نيٺ ڀڄي، ٿو جان بچايان پانهنجي.

 

ڀؤ ته ڀانئج ڪو مَ ڪو، بيهه ونجهيرين جا وير،

پاڻ گڏجون ٿا پٽ تي، ڪا لاهيون سڪ اُڪير،

مارڻ لاءِ ”ملاح“ چئي، هن وس ڪيا هئا وير،

پر ’سمند‘ ڀَڳِي سينگار کان، جيئن هٿئون ڇٽڪي هير(2)،

هٽي بيٺو حيدري، پٺيان ڀڳو نه پِير،

هو  سڌو  ويو ’سارنگ‘   مان    جيئن   تکو   وڃي   تير(1)،

ڪري منهن مخدوم ڏي، موٽيو جو مهمير،

لٿا دوکا دل تان ”مانجهي“ چئي، پڙدو رکيئين پِير،

سڀ لنگهندا سير، آهي ڪلمون جن قلوب ۾.


* خود شاعر جي زباني ٻڌي قلمبند ڪيو ويو.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 251.

(1) چانچ = چارج Charge.

(1) ڪڪو خان نظاماڻي، حاجي دودي نظاماڻي جو ڀاءُ، ڳوٺ ٺري تعلقي ماتلي جو ويٺل.

(2) خاناهه ڍنڍ.

(1) آفيسن. (2) نور محمد خان نظاماڻي، ماتليءَ جو ويٺل آهي.

(1) ڪاٺوڙ ڍنڍ.

(1) لير ڍنڍ. (2) سيري ڍنڍ. (3) ڍانگر ڍنڍ. سار = ساريون. (4) خاناهه ڍنڍ. (5) احمد خان نظاماڻي.

(1) منگهاڻي ذات جا سومرا. (2) خالقڏني شاهه اولياءَ جو مقام آهي. (3) سٻڙوٽ ڍنڍ.

(4) مليراهه ڍنڍ. (5) شيخ محمود اولياءَ جو مقام آهي.

* هيءَ روايت وچولي (تعلي سنجهوري) مان جمال رند کان ملي.

رستم فقير رند، ويٺل ڳوٺ محمد خان رند، تعلقو سنجهورو ضلعو سانگهڙ، مشهور شاعر بچائي فقير رند جو شاگرد آهي. سندس عمر هينئر اسي ورهيه کن آهي. ڪلام تمام گهڻو چيو اٿس.

(1) موٽر ڪارون. (2) سينٽرل جيل.

* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 308.

(1) رس ڪٽ = ڦوڳ، گندو ڳڙ. (2) خواجه = قائداعظم محمد علي جناح. (3) مرزا = سڪندر مرزا. (4) اسٽيشن = Estates

(5) ڪيش ميمون = Cash Memo

(1) شهر اسلام ڪوٽ جو مکي ”ڪيول“ جنهن جو پٽ جيل ۾ پيو.

(2) لاڪپ = Lock-up، جيل. (3) سائر = شاعر

* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

سومار پٽ علي محمد ٻٻر، پاڙو بڙدا، ويٺل ڳوٺ فقير حاجي محمد هاشم مڱڻهار تعلقو ٺٽو. هن وقت سندس عمر اٽڪل پنجويهه سال ٿيندي. ڪافيون ۽ بيت پڻ چيا اٿس.

(1) رنب اچن ٿا = ڊوڙندا اچن ٿا.

* فريد خان گڏاڻي ٻروچ، ويٺل لڳ گهوٽڪي، عمر 85- 90 سال، نڙ وڄائڻ جو قابل ۽ سگهڙ ۽ شاعر آهي. 

(1) سردار علي گوهر جو ڳوٺ ”دڙو“، پر ان کان اڳتي سندن ”لانڍيون“ جن ڏانهن اشارو. (2) يعني مولوي احمد يار صاحب، جو هڪ درويش هو. سندس مسجد مشهور آهي.

ماڻڪ خان ڪولاچي، ويٺل بهشتي ارباب شاهه، تعلقو گهوٽڪي، هڪ گن وارو شاعر ۽ سگهڙ آهي. ڏور ۽ ڳجهارتون به چيون اٿس. هن وقت سندس عمر اٽڪل چاليهه ورهيه آهي.

(1) يعني مهرن جو پاڙو ”سخيجو“، جنهن مان سردار گهر ٿيو.

* هيءَ روايت خود شاعر جي زباني ٻڌي قلمبند ڪئي ويئي.

سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 425.

* هيءَ روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپيي کان ملي.

آسورام پٽ ڏاندومل ويٺل هالا پراڻا، ضلعي حيدرآباد سنه 1271هه/1854ع ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي جي به ڪجهه ڄاڻ هئس. سڄي عمر ماستري ۾ گذاريائين. ننڍي هوندي کان وٺي فقيرن جي صحبت ۾ رهندو هو ۽ آخرڪار صوفي طريقو اختيار ڪيائين. سندس ڪلام ۾ نبي ﷺ جي بارگاهه ۾ مناجات ۽ انهيءَ قسم جو ٻيو صوفيانه رنگ جو مواد شامل آهي. فقير صاحب ڪيترا سلوڪ ۽ بيت چيا آهن. رسالو آسو، پريم غنچه ۽ ديوان آسو سندس مشهور ڪتاب آهن. سنه 1361هه/15- فيبروري 1941ع ۾ هالن پراڻن ۾ گذاري ويو.

(1) يعني ته صوفي شاهه عنايت جي والد صوفي صدرالدين اهي رب جون رضائون مڃيون، نه ته هو ولي الله هو ۽ ڌڻي کان دعا پني ها ته دشمن دفعي ٿي وڃي ها.

* ڪتاب ”روضہ الحسنات“ مطبع مصطفائي پريس بمبئي 1332هه تان ورتل. جيئن ته هيءُ نسخو ڦاٽل ۽ ناقص صورت ۾ دستياب ٿيو انهيءَ ڪري هي نظم به ناقص صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

ميانجي الهڏنو ”منري“ (ڪڇ) جو ويٺل هو. هن نظم جو سنڌي قلمي نسخو ميانجي بن فقير محمد ”سيج واري ماتام“ وٽ محفوظ هو. جنهن تان پوءِ ڀڄ جي مدرس مولوي محمد اسماعيل صاحب رنگريز پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”روضہ الحسنات مع سوانح مصطفيٰ بابرڪات“ ۾ شامل ڪري ڇاپارايو.

* هيءَ روايت جاڙي خان مريءَ جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

(1) پير عباس علي شاهه جا الفاظ. (2) سيد نورشاهه جو جواب. نستون جا = اجايا.

(1) پير همت علي شاهه، جو صادق نوحاڻي ۽ ٻيا مڙس ساڻ ڪري نڪتو، سو ٿو پنهنجن همراهن کي همتائي. (1) ۽ (2) همت علي شاهه جي زباني.

(1) صادق جي زباني. (2) سيد جي زباني. (3) صادق جي زباني. (4) سيد جي زباني.

(1) سي نه آيو = پسند نه آيو. (2) صادق جي زباني.

(1) صادق جي زباني.

(1) نورو ڪونريجو، بچل ميربحر، حاجي خانڻ رند، ٽيئي سيد نورشاهه جي طرف جا پهلوان مڙس هئا، پر سوڀ ڪانه ڪيائون. نورو کي نور شاهه انهيءَ تي منهن تان لاهي ڇڏيو. (2) ڏؤنڻ = پوٺو. (3) شهبازي، ڀاڻوٺ جو مهاڻو ۽ سيدن جو ماڻهو. (4) خيرو پهوڙ سيدن جو بازدار هو، جو پيرواهه تي بانشن کي بانوليون ڏيئي اڏاريندو هو.

(1) حاميد ڳنڀير ويٺل ڀاڻوٺ. (2) پير عباس علي شاهه جي گهوڙي.

(1) سارنگ، ڀاڻوٺ جي ڀر مان وهندڙ واهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org