سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:2 

مخدوم عبدالرحمان جي شهادت

(چيل مخدوم غلام محمد بگائي)

[ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور حڪومت (1719ع- 1753ع) ۾ کُهڙن (تعلقو گنبٽ، ضلعو خيرپور) جي مخدومن جي خاندان مان هڪ برگزيدو شخص، مخدوم عبدالرحمٰن پنهنجي والد مخدوم محمد کان پوءِ مسند تي ويٺو. مخدوم صاحب شرع جو سخت پابند هوندو هو، تنهن ڪري سندس علائقي ۾ ڪير به ڪو غير شرعي ڪم ڪندو هو ته ان کي شرعي سزا ضرور ڏياريندو هو. انهيءَ ڪري کائونس ڪيترائي دولتمند ۽ اثر وارا ماڻهو خائف رهندا هئا ۽ هميشه انهيءَ ڳولا ۾ هوندا هئا ته ڪو اهڙو موقعو ملي جو مخدوم صاحب کي ختم ڪجي. ان وقت ميان نورمحمد ڪلهوڙي روهڙيءَ جي سيدن جون جاگيرون ختم ڪري ڇڏيون. انهي تي سادات، مخدوم صاحب وٽ دانهن کڻي آيا. مخدوم صاحب، ميان صاحب جي درٻار ۾ ويو ۽ اتي تمام کُليل لفظن ۾ ميان نورمحمد کي چيائين ته: جيڪو ماڻهو خيرات يا صدقو ڏيئي واپس وٺي ٿو، اُهو ڪُتي مثل آهي، جو قيء ڪري وري کائيندو آهي. مخدوم صاحب جي اِها سچي ڳالهه ميان کي نه وڻي. وري جو اها خبر پيس ته مخدوم صاحب جو اثر رسوخ نه فقط  سنڌ ۾ آهي، پر بلوچستان، پنجاب ۽ ٻين ملڪن ۾ به سندس مريدن جو وڏو حلقو آهي، سو هيڪاري سندس مخالف بنجي ويو. آخر پنهنجي روهڙي واري ڪاردار ”معين ڏيٿڙ“ کي حڪم ڏنائين ته مخدوم صاحب تي چوڪسي رکي وڃي. انهن ئي ڏينهن ۾، اتي جي سيّدن جي وچ ۾ هڪ نينگريءَ تان تڪرار ٿي پيو.

ڳالهه هن ريت هئي ته ٻن سيد ڀائرن مان هڪڙي سيد وٽ هڪ مڱڻهارڻ سريت ويٺل هئي جنهن مان هن کي هڪ پٽ ڄائو هو. ٻئي ڀاءُ کي پنهنجي نڪاح ٻڌي زال مان هڪ نياڻي هئي. قضا الٰهي ٻئي سيد ڀائر گذاري ويا. لنگهياڻيءَ جي پٽ دعويٰ ڪئي ته اها نينگري منهنجي سؤٽ آهي، مان انهي جو شرعي وارث اهيان ۽ انهي سان نڪاح ڪندس. مخدوم صاحب وٽ اهو ڪيس پيش ٿيو جو مخدوم صاحب حقيقتن جي بنياد تي رد ڪري ڇڏيو ۽ مڱڻهارڻ جي پٽ کي وارث نه ٺهرايائين. تنهن تي انهيءَ ’غير شرعي شاهه‘ ٻين سيدن کي به پاڻ سان شامل ڪري اها نينگري زبردستي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ گهُري. نينگريءَ جي ماءُ نينگري وٺي وڃي مخدوم صاحب وٽ پناهه ورتي. مخدوم صاحب سيدن کي سمجهايو پر هو پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا. نيٺ لاچار ٿي، مخدوم صاحب ڇوڪريءَ ۽ مائي کي، پنهنجي شاگرد جي سنڀال هيٺ، روهڙي واري ڪاردار معين ڏيٿڙ ڏانهن اُماڻيو ته هو پاڻ اُن جو فيصلو ڪري. پر انهيءَ کان اڳ سيّد ’راڄو ليکي‘ وٽ پهتا، جو ميان نورمحمد جو وزير هو ۽ جنهن وٽ اڳ ئي ماڻهو مخدوم صاحب تي چغليون هڻندا رهندا هئا. وري مٿان جو اهو موقعو آيو سو سيّدن کي حڪم ڏنائين ته چڙهائي ڪري زوريءَ پنهنجو حق حاصل ڪريو. اهو حڪم ٻڌي سيّد پنهنجا ماڻهو وٺي چڱو موچارو لشڪر ٺاهي، مخدوم صاحب جي جاگير تي ڪاهي آيا، ۽ اُتي جي ماڻهن جو مال متاع ڦري پوئتي موٽيا. اهو ناحق ڏسي، اُتي جا سڀ ماڻهو مخدوم صاحب وٽ دانهين ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته: سائين! هيءُ ته نسورو ناحق آهي. هاڻي موڪل ڏيو ته مقابلو ڪريون. مخدوم صاحب چَيُن ته: ڀلي توهان وڃي پنهنجو مال موٽايو.

مخدوم صاحب جو حڪم ٻڌي، ڳوٺ جا سڀ ماڻهو، انهن ڦورن پٺيان پيا. نيٺ جتي سيّدن جي ماڻهن ساهي پئي پٽي ۽ ڦنڊرون ڪُهي ديڳيون چاڙهيون هئائون، اُتي سندن مٿان وڃي پيا. چڱي موچاري ويڙهه کان پوءِ، سيّدن جو هڪ همراهه مئو ۽ ٻيا وٺي ڀڳا. مخدوم صاحب جا ماڻهو پنهنجو مال موٽائي واپس آيا. انهي واقعي کان پوءِ سيّد وري وڃي ڪاردار وٽ دانهين ٿيا. اهو ته اڳ ئي مخدوم صاحب تي، ميان جي حڪم موجب چؤڪسي رکندو پئي آيو، سو هڪ شاهي خط ۾ ميان نورمحمد کي لکيائين ته: مخدوم عبدالرحمٰن کهڙائي وٽ تمام وڏو لشڪر آهي. انهي کان سواءِ اهو به ڊپ آهي ته متان ”چغدي“ (پٺاڻ) سان صلاح مصلحت ڪري، لشڪر وٺي توهان جي خلاف بغاوت نه ڪري. انهيءَ جو ترت علاج ٿيڻ گهرجي.

ميان اهو خط پڙهندي ئي پنهنجي صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري، شورا قوم جو هڪ وڏو لشڪر، هڪ ”ڪاسائي“ سپہ سالار جي اڳواڻي هيٺ، مخدوم صاحب تي چاڙهي موڪليو. انهي لشڪر جو سونهون يا مددگار هڪ ”پڃارو“ شخص هو. انهي لشڪر اچڻ سان کهڙن کي گهيرو ڪيو. جڏهن مخدوم صاحب کي اها خبر پئي تڏهن پنهنجن مريدن ۽ شاگردن کي چيائين ته: مهل اچي ويئي آهي، هيڻا نه ٿجو، جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي سو اوس ڀڄندو. ربّ جي رضا کان منهن ڪونه موڙيو. ويل اِها اٿوَ، جن کنيو، تن کٽيو.

مخدوم صاحب جي هدايت گڏ ٿيل ٻه سؤ ٻاويهن ماڻهن جي دلين تي وڏو اثر ڪيو. مخدوم صاحب کين ذڪر جاري رکڻ جو چئي، پاڻ حويليءَ تي موڪلائڻ لاءِ ويا. سڀني کان موڪلائي واپس مسجد ۾ آيا ۽ اچي پنهنجي ذڪر فڪر ۾ مشغول ٿيا. ايتري ۾، ميان جو لشڪر مسجد تي چڙهي آيو. جنهن جا اڳواڻ، ’دائود‘، ’سومرو‘ ۽ ’دُورو‘ هئا. انهن ٽنهي مخدوم صاحب تي حملو ڪيو. تلوار جي ٽن ڌڪن کان پوءِ مخدوم صاحب شهيد ٿيو. مخدوم صاحب کان سواءِ، سندس ڀاءُ مخدوم محمد عاقل ۽ ٻه سؤ ٻاويهه عالم، حافظ ۽ شاگرد به شهيد ٿيا. انهي ڪوس ڪرڻ کان پوءِ اهو لشڪر ڦر لاءِ گهرن ۾ ڪاهي پيو ۽ اُتان سمورو مال متاع کڻي واپس موٽي ويا.

انهي افسوسناڪ حادثي کان سڄي سنڌ ۾ واويلا مچي ويئي، پر ڪنهن کي جرات ڪانه ٿي جو ميان نورمحمد کي انهيءَ ظلم بابت ڪجھه چئي. هڪڙو مخدوم غلام محمد بگائي هو جنهن سڄي واقعي کي منظوم ڪيو، ۽ وجهه وٺي جمعي نماز تي، ميان نورمحمد جي آڏو ڀري مسجد ۾ اهو نظم پڙهي ٻڌايائين ته هيءُ جيڪو ڪِيس ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي عالم ۽ فاضل شهيد ٿيا آهن تن جو ڪو داد ٿيندو يا نه؟ مخدوم غلام محمد جو اهو نظم انهيءَ تاريخي واقعي جو يادگار آهي.]

 

ساراهيان سو ڌڻي، جو وڏن وڏو آهه،

بلند باري بزرگ، ربّ، رازق، رحيما،

نه ڪنهن جيهو جَلّ جلالہُ، مانند مثالا،

”ليس ڪمثلہٖ شيءٌ وهو السميع العليم“ طرح تصويرا،

جيئن جا رهيــٖــس تيئن ڪري، قادر قدرتا،

”يفعل الله مايشاءُ ويحڪم مايريد“ پاڻ وڻندا بادشاهه

هلائي حڪما،

ڄاڻي ڄاڻ قديم ٿو، اَزلي ارادا،

”اِنّيۡ اَعلَم مالا تَعۡلمون“ ٻجهن ڪين ٻيا،

ڳُجهي پڌري ڳالهڙي، مولــٖــي معلوما،

”يعلم ما تُسرون وما تعلنون“ سائين سُڌ سڀڪا،

صاحب سندي ڳالهڙي، مُدرڪ مَحالا،

جنهن ڪم ڪاريون پهه پنهنجا، سين حڪمت هلايا،

”فعل الحڪيم لايخلو عن الحڪمة“ انت اندازا،

ڇا ڪيائين، ڇا ڪندو، پڇ ماهيتا،

”لا يسئل عما يفعل وهم يسئلون“ جنبڻ جاءِ نه ڪا،

وڏائي واحد جي، عظمت عظيما،

پرو پاند نه لَڀي، ڪامل ڪنهن اُتان،

انگ اڳيئي لکيا، پاڙڻ پوءِ پيا،

”جَفّ الۡقَلَمُ بِما هُو ڪائِنُ“ ٻيهر نه لکبا،

دوست هٿانرا دشمنن ڪهائي قهرا،

”اَشد البلاء علي الانبياءِ ثم عليٰ الاولياءِ“، سڻو صحيحا،

اَوّل آدم سِر تي سهسين سور کنيا،

ٿيا نازل ’نوح‘ نَبِي تي اَپر اندوها،

مڃي ڪاتي ڪنڌ تي ’اسمٰعيل‘ اڳيا،

’يوسف‘ وڌو ويو کوهه ۾، ’يعقوب‘ ڏک ڏٺا،

ادا! قصو ’ايوب‘ جو، ڪر ذِڪر ’زڪريا‘،

ڪِينئن کاڌو، قوت ڪيو، مٿان لِڱن ماه،

هن پَوندي ڪَرٽ ڪپار ۾، ڪڇيو ڪين مُنها،

ياد نه ’يحيٰ‘ جو ڪرين موٽي مذڪورا،

’جابر‘ ۽ ’جرجيس‘ کي، ڪافرن ڪِيرَ هنيا،

’موسيٰ‘ ۽ ’عيسيٰ‘ ڪڍيا ڏس ڪيڏا ڪشالا،

ڪيڏا ’حضرت رسول ڪريمؐ‘ سين ڪيا عزيزن ايذا،

جيڪي سور جهان ۾، اندوهه اولاڪا،

سي موليٰ مهمانيون ڪري، محبت لاءِ مُڪا،

هو ڪربلا جو قصو، حيرت حسايا،

پر وري واقعو نه ٿيو، ههڙو حادثا،

قاضين قريشين ســٖــين، ڪيو قهر قضا،

هُئي ”عبدالرحمٰن“ تي ديني دستارا،

پٽ ”محمّد“ پڌرا، حامي دين هئا،

پوٽا ”عاقل“ اڳرا، قادر رب ڪيا،

پڙ پوٽا ”عبدالخالق“ جا عارف علّاما،

شاڪر شامل شرع تي، محڪم متارا،

قانع قناعت اڳرا، مانجهي مردانا،

قوي ڪرامت ڪرم سين، ولي واصل وصالا،

عالم، عاقل علم جا، فائق فقيها،

دائم هئا دين تي، غني غور ڪندا،

هم غم هورو شرء جو، ٻي پڇن ڪار نه ڪا،

جانب جنبيا جنگ تي، ٿي راتــٖــين روز مرا،

ڏيــٖــهن ۾ ڏهڪار هو، هڪل هيبت هميشا،

ڪافر قبضي تن جي، ڏوکي ڏکايا،

ماري مُبدِع ملڪ مان، مانجهين محۡو ڪيا،

تن ڪافر سڀ ڪنبائيا، همّت دين هٿا،

هاڪارا حملا ڪيون، ٿي چڙهيا چؤطرفا،

خاصا خليفا خلق کي، هئا چڱايون چوندا،

منڪر موٽائي دين تي، واري واٽ ڪيا،

”من اَمر معروفا و نهيٰ منڪر افهوَ خليفة الله و خليفة،

رسولہ والملائڪہ والنّاس اَجمعين“ هئا حِمايت دين

جي، خائِف خليفا،

آبرو اسلام جِي، طامع تَقَويتا،

جي ٿي ڏٺائون دين جا مخالف مهندا،

ته شاهد موافق شرع تي، تن ثابت صحيح ڪيا،

محڪم نِهارين مسئلو ڪڍيون ڪتابا،

موجب موافق مسئلي وهائن وعدا،

ذرو زياده نه ٿئي، هاتڪن هٿان،

توڙي سيّد سو هئي، ڪي مُلّو مخدوما،

ڪي پوٽو ڪنهن پير جو، صاحب سجادا،

ڪي قوي ڪامدار هئي، نادر نَوّابا،

ڪي ظاهر زميندار سو، ڪي هڏهين حاڪما،

ڪي مائٽ سو مخدوم جو، اوڏو عزيزا،

ته پڻ تفاوت تعذير ۾، هئا ڪمي ڪانه ڪندا.

حدّ حڪم جنهن تي، جهڙو آيو اندازا،

جاري ڪيون جبر سين، هئائين حڪما،

ته ”من رئيٰ منڪم منڪرا فليغيره بيده“ عامل انهي جا،

نه ڪو ثاني سندن سنڌ ۾، مثل ملتانا،

هئو هندستان ۾ مس ڪو مثالا،

عَرب، عجم اهڙو، سجهي ڪونه سوا،

جَبر جرات دين جي، ههڙي همّتا،

ڪنهن ۾ ٻجهي ڪانه ڪا، منجهه ظاهر زمانا،

آءٌ ڇا ڪندس وات سين تن جي تعريفا،

شوق شهادت شرع تي، ٿي قاضين ڪلا ڪيا،

هئن شادي شهادت جي، خواهش ڏانهن خدا،

عاقل ”عبدالرحمٰن“ جا سڀئي ڪاڄ سريا،

جيڪا جماعت ٻي هئي، تابع تنن جا،

”ولا تقولوا لمن يقتل في سبيل الله اموات بل اَحياءٌ

ولٰڪن لا تشعرون“ اهي اهڃاڻا،

۽ ”ومن يقتل في سبيل الله حرم الله جسده علي النار“

ايڏا انعاما،

عاقل ”عبدالرحمٰن“ ٿي، ڏسيون منزل مرتبا،

شــٖــيره شهادت لئي وڏا وَس ڪيا،

موجب نِيّت مرتبــٖــي، مليا مقصودا،

جايون جوهر جنتون، تنن لاڳ لڌا،

هليا تَصّ حديث تي، راوي روايتا،

بيحد بي دينن کي هئو تن ڏانهن تعصب، تپت، تاءُ،

بدعتي بي دين ٿي منزل ڏسِي مُٺا،

پر هئو حاڪم حرڪتي ”راڄو“ رهزنا،

يارو! منجهس يزيد جا اثر افعالا،

ڪي پوٽو شوم شداد جو، ڪي نسل نمرودا،

ڪي جاهل ’ابوجهل‘ جيئن عدُو اسلاما،

ڪي ڪوڙهيو قاروني چوان، عادي عدُوّا،

ڪي فاسق هو فرعون جو احمق اولادا،

ڪي حجّاج پٽ يوسف جو، پاپي ٿيو پيدا.

تنهن کي بدعتي بهتان ڪيون، هئا چغل چوريندا،

فتنن ۽ فساد جا، تن ڪيا حيلا هميشا،

تان شورش سيّدن ڪئي اچي ناحق نا وجَها،

نا مشروع نڪاح جي، کڻي داءُ دعويٰ،

جو هئو پٽ ’لنگهيءَ‘ جو غير شرعي شاهه،

حرڪتي حاڪم کي ڪيو بي دينن برپا،

هن ڪوڙهيـٖـي اڳهين ڪرهه جا، ٿي پيوند پهه پچايا،

هٿيو آيس هٿ ۾، ٿيس عيوض ڳالهه اها،

خوني خارج خوار ٿي، شورانئان شرفا،

ته موچاري مخدوم سين، ڪريو ڪاهي قِتالا،

وڃي تعلق تنهن جا ماريو مومنا،

ڦُرَ اوهان کي ڦٻندي خون به خير ٿيندا،

لکي خط خبيث ڪئي موڳي مهر مٿا،

سو ناسو حق جو ڏسي خاطي خوش ٿيا،

سچ سيّدن ڇڏيو، حقّاني حرفا،

شابس ڪارڻ شرع کان پٺيرا پيا،

ڇڏي راهه رسول جي وِنگي واٽ ويا،

دين ڇڏي، دنيوي لالچ لڙهه لڳا،

ميڙو ڪري مخدوم تي اچانڪ آيا،

جابر جي جاگير تي ڪاهي ڪل پيا،

ماري مومنن جا، ڦري مال متاعا،

ضرر، ظلم، زيادتيون تن ڪهڙا چوان ڪيا؟

ڪهڙي تپ تپائيا، ناحق نا وجَها،

قاضين ڪتابن جا، نا ته مڃيا ٿي مسئلا،

پر هو حاڪم سندي هٺ تي هچارا هئا،

ماري مومنن جا، هڻي ڌڻ هليا،

آهه غريبان نه ڊنا، نه ڪنهن قهر خداء،

ماريندي مسڪين ٿي، ترس نه پين تاء،

تڏهن مومن مڙي مخدوم ڏي، دانهين سڀ ڊوڙيا،

ته اي عادل! هٿڻ تنهنجي ٿا مرون مخدوما!

تڏهن قاضيءَ قريشي ڪوٺيا، مومن مقبولا،

مال موٽايو وڃي، ورائي وٺو سِگها.

ڊوڙي دانهنءَ سان، اٿي اسلامي چڙهيا،

خائف لڳ خدا جي، هئا حامي همت ڪندا،

هاڻن تي حملو ڪري، پانوَ وڃي پيا.

تن ڦنڊرون ڪهي ڦر جون، ٿي مهندا ماهه پڪا،

غارت پراوا غصب ڪيون، تن کِليون ٿي کاڌا،

ڪين ڇليائون سيخون، ڇڏيائون ڪور نه ڪا،

پٺيرا پيا ڪي شرع سين، ٿي سامهان اَڏا،

دين اُڀا سي ئي ڦرن، هئن هاڻون هٿيارا،

حق هيڏنهن ڪي هن ڏنهن، تو تي تميزا،

هاڻن مان هڪڙو ٿيو، ڪلي ۾ قتلا،

حق پرائو جو هڻي، پوءِ پوي تنهن پاءِ،

’هو‘ نه ڇڏي هي اڳهين، ماري موذي ماءِ،

ثابت شرع نه ڪيو، اهڙو خون خداءِ،

”اَقۡتلُ الۡموذيۡ قبل الايذاءِ“ موافق مسئلا،

نڪي مخفي مسئلو، نڪي اوکي ڳالهه اها.

پر جيڪي راهئن رد ڪري، مولي منجهايا،

سي نه سمجهن سُفلا، ڪو حقاني حرفا،

اچي مومنن مخدوم کي، اتو عرض اڳيا،

شابس ڪارڻ شرع جي، ڪئي مدد مخدوما،

شال تِر تجاوَز نه ٿئي، فقہ فرمانا،

مَرۡ مَرجي حق تي، ثابت صوابا،

دُرست اُڀجي دين تي، لاهي شڪ شبها.

سوڀ سيّدن کٽي، حاڪم ڏانهن هليا،

کٽي آيا هئا جنهن وٽان، دعويٰ درس داءُ،

موٽي ڪهڙا منهن وٺي، ڳهلا ڳالهه ڪندا،

ته ڪلي مان ڪهين ڪڍي، اسين جيئن آيا.

حاڪم حرڪتيءَ وٽ، تن مٿان منهن پِٽيا،

پئي مار ”معين“ تي، جنهن خونيءَ خط لکيا،

”ڏيٿڙ“ چور ڏڦير جا، ڏاتر ڏار ڀڳا،

گهاء ٿيس، واهه ويس، پٽ مئس، ٿا جو ٿيس، خانو خرابا،

توڙئون تڙيو، اوکيءَ اڙيو، جاهل جڙيو،

پاپيءَ پڙيو، ظالم زنجيرا،

سگهو سوريءَ چڙهيو مفسد ملعونا،

خائِن خط کريب جا لکيا حرفت حروفا:

ته ماڻهو سڀ مخدوم جا، ٿيا تابع تماما،

ٻيا لشڪر لاکيڻا رکيا، سورهيه سپاها،

نوان ٿيا نواب ڏنهن، تنهن کي منصب مرتبا،

چُري ’چغدي‘ سان ڪري، متان مصلحتا،

اڳهين ڪو علاج ڪريو، فڪر في الحالا.

تڏهن کڻي خط کڙو ڪيو، طعني تيارا،

سڏائي سپاهه کي، تنهن پڇي ڪئي پرکا،

’ڪاسائي‘ ڪوٺايائين، هن ڏي حڪما،

’شورا‘ نيئي شيطان ڪيا، ٻيا تابع تنهين جا،

عساڪر اِبليس جا، حڪم ساڻ هليا.

جهالن جاڙ ڪئي، جيڏي جراتا،

شرم نه پين شرع تي، ڪيئون جاڙ جفا،

’پڃاري‘ پاڄيءَ سين، چڙهي چور هليا.

قاضي قريشيءَ وٽ هئا، جي مؤمن متارا،

سالڪ سڀني کي ڏني، عاقل اِجازتا،

متان پوين تي پليت ڪن زيادتيون ضررا،

اسين قانع قضا تي، آهيون محڪم مضبوطا.

عالم کي الهام هو، جيڪي ڪيو پوءِ قضا،

ته خارجي ’کهڙن‘ ۾، اچي لُنڊ لٿا،

معلوم ٿي مخدوم کي، اچي ڳالهه اها،

ته مُفسد مُحاصرو ڪري، ويــٖــري وري ويا،

دانهه دلاسا ڏئي ٿو، ڪڍيون ڪتابا،

ته شيرو! شهادت جي آئي ويل اِجها،

’جن کنيو، تن کٽيو‘ مثل مشهورا،

جالي وٺبي جهڙي، هوندي ربّ رضا،

’جو ڄائو، سو مرندو‘ پُني دام پُئاء،

پر سرهو جو شهيد ٿئي، مَرڪي دين مٿا،

آهي سوڀ صبر ۾، حاصل حڪمتا،

ويندا گوندر گذري، ساندهه سک ٿيندا،

ساعت جي سختيءَ پٺيءَ جشن جال ڪبا،

مولــيٰ سين مشغول ٿيو، يارو! يقينا.

ٿيا مؤمن موت جا مانجهي منتظرا،

جن سِسيون ڏنيون سَٽ ۾، تن جا سودا ثاب پيا،

امر ۾ اُڀي رهيا، ٿيا قانع قضا جا،

آيو وقت اڳينءَ جو، ٿيو سعيو فاصلواتا،

نِرمل نمازون پڙهي، ٿيا فائق فارغا،

توڪل ٻَڌي تُرهو، گهاتو منجهه گهڙيا،

سَوکائي سِير لنگهي، پَرينۡءَ ڀر پهتا.

هليو هاتڪ حرم ڏي، ڪري نرمل نصيحتا،

ٿو اچان اهل کان، ڪري موڪل معذرتا،

آيو پيهي اهل ۾، موٽي مخدوما،

ساريون سڀڪنهن کان، ڪري آڌار اِجازتا،

هول حادثو حرم ۾، ٿيو ماڳهه ماتاما،

ته ڪيئن ويندين شير! سُڃ ڪيون، ماري مسڪينا،

ڪرا، ڪيهر پانهنجا، سورهيه سڏايا،

احمد ۽ محمّد اڳيان، واصل ويهاريا،

پِيرَ ڪوٺي پٽ پانهنجا، کي سائين سُپاريا،

ابا! آهيو الله جي، پُٽ! پاکر پناها،

اُبهيو اسلام تي، محڪم مضبوطا،

ڪريو دعوت دين تي، اِذن ساڻ الله،

سالڪ ڏئي پٽن کي، ٿو دانهه دلاسا،

ته حرم پاڻ حسين جي، ڪيا هئا ڏک وڏا،

ويهي وَسايو سِر تي، جهڙي سندي ربّ رضا،

صبر ڪري سختيءَ اتي، جاليو اچي جا،

اسان اڄ اُميدون پُنيون، مڙئي مقصودا،

قادر رب قبول ڪيا، سائينءَ سوالا.

قضا ڪنن سان جا سُئي، اکين ڏٺي اُها،

تا يزيدي يڪجاءِ ٿي، پاپي اچي پيا،

مؤمن مولــيٰ سين هئا، منجهه مِهت مشغولا،

بانَ، بندوقون تن تي، تڙين تير هنيا،

۽ هُن راز اُتو هو ربّ کي، عرض احوالا،

قاضيءَ کي ڪن تي، اچي پهتو اهو آوازا،

هليو سالڪ سامهون، ولي ويرين ڏانهن،

سسي ڪيائين صدقو، مَرڪي دين مٿا،

شرع تان شفيع جي، ٿيو قاضي قربانا،

جان دانهه آيو در تي، شاڪر شير شجاعا،

عساڪر ابليس جا آڏا ٿي آيا،

هڪ ’دائود‘ نالي دوزخي، هئو شمر شيطانا،

ٻيو سوريءَ چاڙهيو ’سومرو‘، ’دورو‘ دربانا،

اچي موچاري مخدوم کي تن هنۡيَن گهاوَ هنيا.

مون کي هِنيون نه ڏي، ته ڳالهه ڪريان اها!

تان ڪيئن منهن ڏِسي، مفسدن، ڪوڙهين گهاوَ هنيا،

سالڪ پهرينءَ سيف سين، چئي طالب تڪبيرا،

صاحب ثاني سيف سين، ڪيو شاڪر شڪرانا،

تان ڀي ٽينءَ ترار سين سورهيه ڏنو ساه،

شيس شهادت رسيو، مَرڪي دين مٿا.

پاڙي پرينۡءَ رسول ڪريمؐ جي، جنت ٿيس جاءِ،

هئو جهڙي لائق لاڏڪو، صاحب سروپاء،

پانَوَ پاتي تهڙي، سا خائف خلعتا،

پير پڄائي پانهنجي، آندي ڳالهه اڳيا،

اڻ ڏٺن آڏو وري، ڏيٺين ڏانهن ڪيا،

سامهون سمي جهليون، پيٽين پاڻ پڻاءِ،

صبر لاڳو سو رهيو، مٿي ڏکن ڏاتارا،

سسي ڪيائين صدقو، خاطر لڳ خداءِ،

مٿي دين الله جي، فائق ٿيو فداءِ.

ٻيا جي مومن مهت ۾، واصل هئا ويٺا،

منجهن معذور محتاج مڙئي، ۽ حافظ هئا گهڻا،

عالِم، عامل تن ۾، سيّد ست هئا،

پيون ترارون تن ۾، اچي تير اُٺا،

لوهه مڱر لِڱ تن جا، ڳاري ڳچ ڪيا،

نه ڪنهن سورهيه سٻڪارو ڀريو، نه ڪنهن اُتي آه ڪياءَ،

اڳهين روح الله هئا، جيڪس قادر ڪڍايا،

بندوقون بهتان ٿيون، تراريون تني لاءِ،

دَسي گهوٽ گهٽن جيئن، ٿي ڪاساين ڪُٺا،

پئي مِهر نه پاپئـٖـين، هڻندي هٿيارا،

موڳن ڪيو نه مهت جو، اعرابين ادبا،

ته آهي گهر الله جو، خانو خاص خداءِ،

جيڪو پيهي تنهن ۾، لٿس موت مٿا،

”وَمَنۡ دَخَلَہُ ڪانَ آمَنَا“ پيٺا سڀ ڇُٽا.

ڪئين ماريئون مؤمن مهت مان، ڪامل ڪريما،

۽ ويٺي تِت وضو ڪيو ”عاقل“ علّاما،

مانجهي مسح ۾ ٿيو، شير سو شهيدا،

گوهر گنج حڪمت جو، هئو کاڻ حيا،

ٻه سا (سئو) ۽ ٻاويهه ٻيا، شير شهيد ٿيا،

حامي ههڙي وقت ۾، سورهيه ڪين سُئا،

جن سر سنباهي دين تان، ڏسو! ساهه ڏنا،

هئا اڳين اصحابن مان، پر پيدا پوءِ ٿيا،

جن مٿئون سرور صدقو ڪرڻ، ڪنڌ قبول ڪيا.

سر ڏيئي سٽ ۾، پانَوَ پيش پيا،

حضرت جي حضور ۾، لڌا مانجهين منصبا،

حورن حُلّا حڪمتي پيراهن پاتا،

زيور زينت اڳري، تَن ورن ڪاڻ وڌا،

آيون راڻيون رانئين راڄيا، ڀلا ڀتارا،

سوين ساز سرود ٿيا، عجب الحانا،

ٿـٖي سدا سڪيون جن کي، ســـٖــيئي سيڻ گڏيا،

گهوريون گهوٽن جون هيون، ٿيون واڳيون ورن سان،

وٺي ويٺيون وَلها، سورهيه گهوٽ شجاعا،

ڪکين ڪانڌ پنهان رهيا، ونا هي وَلها،

وَرَ ونا وَٺي پانهنجا، حورن هنج ڪيا،

ڪانڌ ڪنواريــٖــين گڏيا، گهريــٖــن گهوٽ ويا.

ماري مؤمن مهت مان، بدُو بي ادبا،

ڪوڙهيا ڪاهي ڪڙم ۾، پاپي پوءِ پيا،

جا هئي حويلي خلق کي، پاکر پناها،

اَڙيا عاجز ٿي آچيون، لوڌيا منجهه لقا،

ڪوڙيــٖــين تن گهرن کي، موڳن مڱر ڏنا،

مال، مصحف مڙئي، ڪامل ڪتابا،

ڦُري فاسق هليا، عجائب اشيا،

ايڏا ڪم الله جا، وڏا ويراڱا،

جو وهندو وهائي وٺي، گپن تان گهوڙا،

وليَّ ويرين هٿان، قادر ڪُهايا.

يارو! يتيمن تي وڏاندر وهيا،

ڪرا ڪيهر جا ٿيا وڃي ويچارا،

جن جي پيءُ جهان تي، ٿي هاتڪ هٿ ڏنا،

تن جي پٽن تي پويان، ههڙا هر وهيا،

شينهن نه سُجهي جُوءِ ۾، تيلانهن ٻَٺا ٻاجهارا،

نه ته ڪيهر جي ڪرن کي، اچي ڪير اڳيا؟

سائينءَ ستر جن جا، رازق ربّ رکيا،

ڪنهن جي قدرت، جو کڻي اکيون انهن ڏانهن،

ڪهڙو ڪوپ ڪلور ٿيو، ههڙو حادثا،

مون کي هِينيون نه ڏئي، ته ڪريان ڳالهه ڪا،

ڪاساين ڪماڻيـٖـين، ڪهڙا ڪم ڪيا!

مت موچاري ماٺ جي، صبرئون ثوّابا،

ڇا راڄو، ڇا رعيتي، ڇا سورهيه سپاها،

جن تڙيَن ميل ڪيو مَٺيءَ جو، نيّت نقصانا،

ههڙو ڪوپ ڪلور ڪيئون، اَڃا سَرها سَفيها،

هَي هَي! ههڙين حاڪمـٖـين، ووءِ ووءِ وزيرا!

بناحق بي ديني ڪئي، توڙئون نا وجَها،

خطا جو خون سڻي، تان ڪر تحقيقا،

جي هوند مارايئي حق تي، ۽ گذريا گواها،

ائين شرع خون ثبوتِ ڪيو، موجب مسئلا،

ته پڻ ماريندڙ ماراءِ تون، ڪڍي ڪتابا،

”اِنّ النّفۡس بالنّفۡس“ ڪاريو قصاصا،

ٻه سا ۽ ٻاويهه ڪيئن مؤمن ماراياءِ!

خائن هڪڙي خون ۾، اچي مَتِ مُوڙهياءِ،

جيئن هاڃو ڪن هڪڙا، ڏجهن پاڻ ٻيا،

سي ساوا ئي سَڙي وڃن، ٿِين ڀينگ ڀونگا،

جي قاضيءَ قريشيءَ سين هوءِ، تعصب تپت تاءُ،

ته ڇو ڪيائين دين جي، رونق رواجا؟

ته مارائي مخدوم کي، پنهنجي ڳالهه پڄاءِ،

ڇاکي غازي غربا، مؤمن ماراياءِ؟

ثابت شرع جنهن تي، ڪاريو قصاصا،

اُنهيءَ عيوض ۾ اُهو، ڪوٺي هوند ڪُهاءِ،

”ولا تذرو وازرة وزر اُخريٰ“ هوند پير پُرجهي پاءِ،

ڇَٽ ڇِني تُرهي، ٻيڙي ٻوڙياءِ،

شال نه هوندين سُرخرو، ڪوڙهيا! ڪانَ پياءِ،

پارئون پيغمبر پاڪ جي، اوڀالا اينداءِ،

شافع جي شرع ۾، جيڏي جاڙ ڪياءِ،

ويئي حڪومت هٿ مان، پاپي! پٽ مرنداءِ،

ڊِنين ڊاءَ نه ربّ جي، سُوريا سُڃ ڪياءِ،

آبرو اسلام جي ڪوڙهيا! ڪوهه ڪڍياءِ؟

هُل حويليءَ ڇڏيُئي، سُڃي ٿيئي سراءِ،

توڙئون هٿئون نڪري، ڳهلا ڳالهه وياءِ،

جي ٿــٖــي شمع شرع جا ٻريا، سي ڪيئن اُجهاياءِ،

مشعل مؤمنن جا، قاضي ڪوهه ڪُٺاءِ؟

ڪاتي پوندءِ قهر جي، ٻُنڀان ڪا ٻرنداءِ!

جهڙي ڪيئي جهان ۾، آذي سا اينداءِ،

اچي ڪڙڪي قهر جا، گهوڙا گهر پونداءِ،

هيڏي ڦُر نه ڦٻنديئي، جـٖـي تو ڀيلاڙا ڀانياءِ،

ماڻهو مڱر ظلم جي، ٻارڻ ٻاراياءِ،

ظالم! زور زيان سين، سنڌ ساري سُڪاياءِ،

اصفهان ۽ ايران ۾، ٻانهن ٻچا وڪباءِ،

عرب ۽ ايران جا، گهوڙا گهر اينداءِ،

سِگها زنجير ظلم جا، ڳٽ ڳانا ڳل پونداءِ،

اڄ يا سُڀان مرندين، پاپي! ڏينهن پُناءِ،

شاديون شڪرانا ڪريو، ڪيو خير خداءِ،

ماريو مسفد، مؤمنو! ويهو جُڙي جاءِ بجاءِ!

چوي ”غلام محمّدي“ نالي غلاما،

ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چون مُنها.

 

*  جناب مخدوم امير احمد کان دستياب ٿيل قلمي نسخي ”شهداء مخدوم صاحبان کهڙو“ تان ورتل.

 مخدوم غلام محمد بگائي، تعلقي موري جي ڳوٺ ”بُگا“ جو رهاڪو هو، جو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشق رسول ﷺ ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب جي ڄمڻ توڙي وفات جو سال توڙي احوال ملي نه سگهيو آهي. ميان نورمحمد ڪلهوڙي (1133هه/1719ع - 1167هه/1753ع) جي زماني ۾ هن واقعي وقت زندهه هو. نهايت ئي پرهيزگار ۽ راست گو هو. سنڌيءَ ۾ مولود، معجزا ۽ مناقبا منظوم ڪيائين. سندس ڪلام ۾ نالي واري مصرع اڪثر هن طرح هوندي آهي ته:

چوي ”غلام محمّدي“ نالي غلاما،

ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چوَن مها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org