سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: واقعاتي بيت

باب:

صفحو:7 

1929ع واري برسات

 

1929ع جي برسات سنڌ ۾ جيڪي راڱا ۽ هاڃا ڪيا سي سنڌ جي ماڻهن کي اڃا نٿا وسرن. اها برسات اٽڪل چوڏهن پنڌرهن ڏينهن لاڳيتي وسندي رهي. غريب ماڻهن کي هن برسات سبب سخت مالي ۽ جاني نقصان پهتو. پوکون ٻڏي ويون ۽ جايون جڳهيون ڪري پٽ پيون. هر طرف تباهي ۽ بربادي جو عالم هو. برسات ڪري اناج جا گدام ناس ٿي ويا هئا، جنهنڪري برسات کان بچيل ماڻهو بکن وگهي مرڻ لڳا. مائرون پنهنجا ٻار ڇڏي ڀڄڻ لڳيون. ڀاءُ ڀاءُ کان بيگانو هو. ڪو ڪنهن جو يار مددگار نه هو. برسات جي هن عذاب رڳو ماڻهن کي ئي برباد نه ڪيو بلڪه جانور به هن تباهيءَ جو شڪار ٿيا. ڍڳيون، مينهون، ٻڪريون، ڪتا ۽ ڪڪڙ سڀ مري ويا. دولتمند ماڻهن جو لکن روپين جو نقصان ٿيو. ڪيترن پنهنجو مال مڏيون ڇڏي ٻين هنڌن پناهه ورتي ۽ ڪيترن جا ڳهه ڳٺا، ڪپڙا لٽا پاڻي ۾ ٻڏي ويا. سگهڙ جاڙي خان مري، ڪانهي مينگهواڙ ۽ غلام فقير انهيءَ برسات جي تباهي ۽ خلق جي خراب حالت جو اکين ڏٺو احوال پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي.

سگهڙ جاڙو خان مري برسات واري وقت ۾ هندستان طرف گهمڻ جي خيال کان ويل هو، جتي پڻ تمام گهڻي برسات پئي هئي. هندستان کان موٽڻ بعد وري سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جو چڪر هڻي برسات جي ستايل ماڻهن جو حال ڏٺائين. اها ڊگهي مسافري پوري ڪري جڏهن پنهنجي ڳوٺ موٽيو ته کيس سندس ٻين سگهڙ دوستن برسات جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائڻ لاءِ چيو. جاڙي خان مري اُتي جو اُتي برسات جو احوال هڪ يڪي بيت جي صورت ۾ ٻڌايو؛ جنهن ۾ تمهيد طور چين، سمرقند، ڪَڇ ڀُڄ، امر تسر، گجرات، ڪاٺياواڙ، احمدآباد ۽ بڙودي جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ تلهار، پارڪر، ڏيپلي، ڇاڇري، مُهراڻي، عمرڪوٽ، گرهوڙ، پٿوري، نبي سر، رتي ڪوٽ، ڀٽ ڀائتي، پٻڻ، کپري، شاهه پور چاڪر، کڏڙي، سنجهوري، جهول، سانگهڙ، مَکي ۽ ميرپور جو تفصيل سان بيان ڪيو اٿس. ان کان سواءِ برسات جي مصيبت سبب اتي رهندڙ جوڻيجا، هڱورا، ڀنڀرا، جانۡوري، جلباڻي، چاڪراڻي، نظاماڻي، ناريجا ۽ جمالي ذاتين جي ماڻهن جو گهر گهاٽ ڇڏي ڀڄڻ جو ذڪر پڻ ڪيو اٿس.

سگهڙ ڪانهي مينگهواڙ رڳو ٿر جي علائقي جو ذڪر ڪيو آهي ته اُتي برسات سبب ماڻهن ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو. ڪيترن غريبن جون ڪکائيون جهوپڙيون لڙهي ويون ۽ اُهي بي آسرا ٿي اجهي لاءِ ڀٽڪڻ لڳا. نصير واهه جي ٻوڏ سبب ويتر تباهي وڌي ويئي ۽ ماڻهو اناج جي داڻي داڻي لاءِ سڪڻ لڳا.

سگهڙ غلام فقير به پنهنجي ڪلام ۾ برسات سبب ماڻهن جي پريشاني جو احوال بيان ڪيو آهي ته لاڳيتي برسات ڪري ڳوٺن ۾ بيماري اچي پيئي ۽ ماڻهو دوا دارون لاءِ عاجز هئا. ٽنهي سگهڙن جو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

 

(1)

جاڙي خان مري جو چيل بيت

 

ساراهيان سچو ڌڻي، خالق خلقڻهار،

رازق روزي رزق ڏي، سڀن کي ستار،

ڪامل ڪنڌي ڪناري، مَيا گهمن ميهار،

نهرون نديون ڪيتريون، ٻيا واهڙ وهن تار،

پاڻي پوڄ پٽن تي، هاري آهن هوشيار،

هڪڙا مرڪن موڪن تي، ٻيا ناميا چاڙهين نار،

کيڙين کيٽ خوشيءَ مان ۽ کڻن پيا خرار،

پر ڪي ته رهن ٿا رڃ ۾، سي به آهن الله جي آڌار،

گذر تني جو گوڙ تي، آهي مٿي مِينهَنۡ مدار،

سارنگ    سانبيتا    ڪيا،   سرس    ڪري    سينگار(1)،

پورب ڏانهن پيدا ٿيا، ڪري ڪڪر ڪارونڀار،

ڪي اُٿي هليا ’استنبول‘ ڏي، ڪي ’ڪابول‘ ۽ ’قنڌار(2)‘،

ڪِنين ’ڀُڄ‘ ڀِڄائيو، ڪي گجن مٿي ’گرنار‘،

ڪِنين چمڪو ’چين‘ تي، ڪي لهن ’سمرقند‘ سار،

اچي انهن ’آگري‘ تي، آگم ڪيا اظهار،

بيحد    ’بيڪانير‘    تي،      ڪَنڍرن    ڪئي    قطار(3)،

عاقل ’امراسر‘ ۾، ڪيو ميگهه ملار(4)،

گوڙيون ٿيون ’گجرات‘ ۾، ’ڪاٺياواڙ‘ ڪيئين ڪار،

’گُڙهــٖــي‘ ۾ گجگاهه ٿيا، تَل مڙيئي تار،

’احمدآباد‘ ’بڙودي‘ تي، ڪئي وسڻ جي وار،

خاشا ’خواجه اجمير‘ تي، بجلين ڪيا ڀڙڪار(5)،

ڪاهي ’ڪشنا ڳڙهه‘ تي، اچي سانوڻ ڪيا سينگار(6)،

پُسائي ’پالهڻپور‘ کي، ٿيو ’جمنا‘ تي جهونجهار(7)،

’گنگا نديءَ‘ تي گس ڪري، اُٺا ’پو ڪرڻ‘ سندا پار،

 

ڏنئين ڦيرا ’ڦڙوديءَ‘ کي،  ٿيو ’ماڙ‘    وسي    موچار(1)،

جوڪس ’جوڌپور‘ تي، ٿي وڏ ڦڙن جي وار،

’ٻاهڙ ميڙ‘ ”ٻروچ“ چئي، ڇاٽ وُٺي ڇمڪار،

وُٺا مينهن ’مالهاڻي‘ ۾، ٿا ڳالهيون ڪن ڳنوار(2)،

جُنبي ’جيسلمير‘ تي، کِوڻِين ڪيا کِڏ ڪار،

’رڻ ڌن‘ ’موڍن‘ مٿي مينهن، وسي ڪيو وسڪار،

ٿيون جهڪورون ’جهڻڪليءَ‘ تي، ’هرساڻي‘ هيڪار،

ٿيون برساتون ’بيجهورائي‘ ۾، توڳا ۽ تلهار،

ڇُوهۡيُون وسي پُر ٿيو، وُٺي ’ڪارونجهر‘ ڪنار،

ڏاتر تنهن ’ڏيپلي‘ تي، ڪئي ’ڇاڇري‘ ڇٽڪار،

ڀِري پاس ڀِٽن جي، ٿيو ٿر مڙيوئي ٿڌڪار،

کاهڙ کيٽ پچي پيا، منهنجا سرها ٿيا سنگهار،

هاڻي ”مري“ چئي ’مهراڻي‘ تي، وري ڪيائين وار،

اچي ’عمرڪوٽ‘ ۾ جُهڙ ڪيا جهِمڪار،

ٽُٻائي ’ٽوڀِريءَ‘ کي لڌائين ’صوفين‘ جي به سنڀار(3)،

غازي هن ’گرهوڙي‘ تي بوند ڪيا بهار،

’پٿوري‘ کي پُر ڪيائين، ٿيو ’نبي سر‘ نروار،

ڪيائين ’ڪونجيلين‘ تي، موگهن جي ملار(4)،

رمي ’رتي ڪوٽ‘ تي ڪئي وڄڙين وارو وار،

ڏنئين ڀيرا ’ڀائتيءَ‘ تي، ٿيو راضي مٿي ’راڙ(5)‘،

خاوند وسايو ’کاروهڙ‘ کي ۽ ڍول وُٺو ’ڍليار(6)‘،

پاڻي ’پلين‘ کي کنيو اَچي ’هاليپوٽن‘ کي هيڪار(7)،

’ڪرڙياري‘   ۾   ڪينجهر   ٿيا   کِجا   ’کاهيءَ‘   پار(1)،

سبزيون ٿيون ’سانتل‘ تي، ٻيون ’هٿونگي‘ هيڪار(2)،

ٿيا گهارا ’گهنڊيلن‘ مان، ٿي ’ڍڍري‘ مٿي ڍار(3)،

’کيرهڏي‘ ۾ خوشيون ٿيون ۽ ’ڪڻڇاريءَ‘ تي    ڪار(4)،

’پَٻڻ‘ ۾ پالوٽون ٿيون، ’چونري‘ جي چوڌار(5)،

سک وسائي ’سَرهل‘ کي، ٿي ’نَهر کاڻي‘ نروار(6)،

لڳي ’لوڻ کاڻ‘ کان، ٿي ’وڏهل‘ سندي وار(7)،

پر خيال گهڻو هوس’کپري‘سين ٿي، مٿي’مئو‘ملهار(8)،

وٺا مينهن ’مور هڏي‘ ۾ ۽ ’مَلهي‘ ٿي موچار(9)،

رنگ لاتائين ’رينڀڻ‘ تي، ڪيا ’سري واريءَ‘ سينگار(10)،

لڳي ’لاڻياريءَ‘ کان، ڪيائين ’لُٽڪي‘ تي للڪار(11)،

مهر وٺي آ ’ميهڙ ڀٽ‘ تي، ’لاکاٽي‘ تي لار(12)،

مِينهَن ’مِٺا خان‘ تي ڪئي ’ڍوري‘ مٿي ڍار(13)،

جُوهن اِنۡ جُوارڙي‘ تي ڪئي وسڻ جي وار(14)،

 

 

ٿيون  برساتون    ’بوڇڻاهه‘ تي،    ’چوٽارئين‘   چوڌار(1)،

کريون خبرون  ’کَنڀري‘   جون جا هُئي    هيءَ    پچار(2)،

مڙيو مُلان پاڻ ۾ ڪن گويا هيءَ گفتار:

هي اٿو نيشانيون ’نوح‘ جون، اِهو ڪيو آخوندن آچار،

بچائين بحرن کان، او ڏيهه ڌڻي ڏاتار!

خاوند انهيءَ ’کنڀري‘ جا وَسايا وَلهار،

بيحد اِن ’بڪار‘ تي، اچي اوهيرن ڪيا آر(3)،

جمعي ڏينهن ’جکراهو‘ تي، ڍول ڍري ويا ڍار،

گونگا مينهن گسن تي بيحد بيشمار،

ٿيو راضي ’راهواريءَ‘ تي، ڪيئين ڇنڇر ڏينهن ڇٽڪار،

پِير ته انهيءَ پَٽ ۾ آهي ’ڏهرياڻي ڏاتار‘،

وُٺا هئا وڏڦڙا، ڪري ڇوليون ۽ ڇلڪار،

اَچي آچر ڏينهن ٿا آدمي ڪن مَنَتَائون موچار،

ڪيئي پيناگر پُر ٿيا، وٺي دان ڪري ديدار،

سدائين سومار تي آهن جوڙا وڏا جنسار،

’پريتم‘ کي پُر ڪيائين، اچي اڱاري وار،

اربعا ڏينهن ’احمداواهه‘ ۽ ڪيائين ’شاهپورچاڪر‘ کي

چڪار(4)،

هليو خميس وار ’کڏڙي‘ تي، جتي بستاني بلغار(5)،

آهي هاڪ حمير جي، اچن ملنگهه وڏا موچار،

صبح جو سويرو ڪن، درويشن جو ديدار،

’سنجهوري‘ تي سرواهيون، ٿي ’جهول‘ مٿي جهلڪار(6)،

ڀيڄ ڀنيءَ آ ’ڀڙيءَ‘ ۾ ٿيا ’سانگهڙ‘ تي سينگار،

جوان اِنهيءَ جُوءِ جا، آهن بيحد بي اختيار،

ويهو درس دڪان تي، ڪن وهنوارن ويچار،

ٻيا ٻهون ٻهراڙيءَ مان، اچيو وڻجن ٿا واپار،

’پَڪ سِريءَ‘ تي پاڻي، اُٿلي ڪيڙا آر،

مير انهيءَ ’مياڻ‘ ۾، ملاح اَٿئي موچار،

هَلن مڙد ماريءَ تي، ڄاريون کڻيو ڄار،

مِينهَن ’مکيءَ‘ تي ڪئي، ڇوهه منجهؤن ڇڇڪار،

ڇٽڪيا بحر ”بلوچ“ چئي، او رکين رکڻهار!

بچائج باري! ڀڳا لس ’لغاري‘، سنگت ساري، ڪن

’ڀاڻونۡجا‘ ڀڻڪار،

جُوءِ ڇڏي ويا ’جُوڻيجا‘، رڙهيا ’راڄپار‘،

ڪيون هايون ’هڱورن‘ هلڻ سان، ٿيا ’بَسُوجا‘ بيزار،

ڪُڏي نڪتا ’ڪِيريا‘ ڪري ڪُنڍين کي ڪُوڪار،

ڀڳا ’ڀنڀرا‘ ڀُونءِ ڇڏي، لنگهيا ڪپر ڪارونڀار،

جوڪس ڀڳا ’جانۡوري‘، بيحد ’بوزدار‘،

’مڱريا‘ ٿيا ’موهر‘ ۾، تکي ڪن تنوار،

’راڄڙ‘ ڀڳا رات جو، ڏسي آگم انڌوڪار،

’سيّد‘ ’حيسباڻي‘ ڀڳا هاڻي، پهتن پاڻي، ٿجان ساڻي

صاحب ربّ ستّار!

ڀڳا ’چانگ‘، لنگهيا سانگ، ٿين تانگهه، پنهنجي

وطن جا ويچار،

’جلباڻي‘ ويا جوش وڏي مان، ’بڙدي‘ بيشمار،

’بُگٽي‘ بودن تي ۽ ترت ٿيا هئا تيار،

سَمند، سُرخا، ٻيا جي بگلا، دينارين ديدار،

مُشڪي ۽ مڪڙا، نَقُرا ٿيا نروار،

پنج ڪلياڻ، ڪبوترا، سونَهرين سينگار،

ڪار نَريا جي ڪُميت هئا، ٻيا چينا چهريدار،

اباق جي اَرڏا هئا، ٻيا ٿيا سنجافن تي سوار،

هڻي زيلون زور مان، سي اُڏاڻا الغار،

وڃي نڪتا نِوائيءَ تي، ڇڏي وڻ ’وَلهار‘،

ڊُگِي نڪتا ’ڊومبڪي‘ ڪري سوچ سنڀار،

ساعت نه ترسيا ’سندراڻي‘،   ٻيا    ’ڪوپاڻي‘   ڪنڌار(1)،

ڪيون ’بِهڻن‘ ڀيڻيون ڀڄڻ جون، ٿيا ’اُنڙ‘ انتظار،

جُود منجهان ويا ’جاگراڻي‘، اهو جَر پَسي جيڪار،

ڀرِي جي ڀاڻن تؤن، ڀڳا جي ’ڀُڻپار‘،

’ابڙا‘ ڀڳا اوچتا، ٻيا ’ڳاها‘ جي ڳنوار،

لڳو چڪر ’چاڪراڻين‘ کي، ٿين دل مٿي دهڪار،

نه رهيو ڪو ’نظاماڻي‘ سڏايائون پي مکيءَ جا مختيار،

’منگواڻا‘ ڇڏيئون ڀاڻا، وين وهاڻا، ٻيا جي داڻا لڙهي

ٿين لهوار،

’مهاڻا‘ ڇڏيئون ٻانڌن ٻاڻا، وڃن اُڏانا، تريو منجهؤن تار،

ٿيو واويلو’وَساڻن‘سان، ٻيا جيڪي ’رونجها‘ هئا ريڍار،

’اِبوءَ پوٽن‘ تي اوچتي ٿي ڀُل وڏي ڀُلڪار،

ڀڳا ’عمراڻي‘، لنگهيا لَڪ لانگهاڻي، ڇڏي گهارائي

سي گهار،

وڃن لُر ڀڳا ’لاشاري‘، جن پي ڪيا ’دُٻيءَ‘ ۾ ديدار،

’باکوڙي‘ برساتون ڪيون ڪوٽ مٿي ڪلتار،

ڀڳا ’جويا‘ ’جهانجهڻ‘ ’جُوڻا‘، ٿا ’پهنور‘ ڪن پڪار،

ڀڳا ’چنڻ‘ ’اُڄڻ‘ ’آرادي‘، ڪن    ’جهَلوجا‘   جهونگار(2)،

ٽلي آيو ’ٽُوريءَ‘ تي وري نه ڏنئين وار،

مٿان ڇُٽڪي ڇر پيئي، ڪري ڌوڌَٽ ڌنڌوڪار،

پاڻيءَ اچي پلٽ ڪئي، آهي دم تنهين دلدار،

ٽُٻي  نڪتا    ’ٽالهاڻي‘،   ڇڏي    جوڙن    جا    جنسار(1)،

وڏيرا وڃڻ لاءِ، تهدل ٿيا هئا تيار،

ڇوهئون ڇڪڙا آيا هئا، هئي ڇيرين جي ڇمڪار،

نڪري آيا ’ناريجا‘ پر ’لانڊر‘ هئا لاچار،

’شَرّ‘ ’ڏيپر‘ ڇڏي گهر، آيا ’جمالي‘ جهونجهار،

هاڻ ته ڪن ٿا ڪونسل پاڻ ۾، ويهو هيءُ ويچار:

وٺون ڀر ڀِٽُن جي، هت ٻڏي ويندا ٻار.

ماٽيون مانڌاڻيون مالن جون، ڪيئون سنگهرن جي سنڀار،

اُسهيا الاهر هئا، اِهي مينهون ۽ ميهار،

سانڀر    تن  سنگهارن    جا،   وڄن    تنهين    ولهار(2)،

چرن ٿيون چوڙيليون، اُتي ويءَ وڏا وينجهار(3)،

ٻوڙيائين ’ٻاڙي‘ کي، ٿي ’دريڙي‘ ڌڌڪار(4)،

’جھُن‘ مٿي ڪُن ڪيائين، لڌائين ’ساڌڻي‘ سنڀار(5)،

وير وُٺي آهي ’واگهين‘ تي، پئي ’پنيريءَ‘ پچار(6)،

خاوند وسايو ’کوڙيءَ‘ تي، ٿي ’گرهڙ‘ گونجار(7)،

رازق انهيءَ ’روهڙي‘ جا، کڻي پٽ وسايا پار(8)،

پر سک ٿيا ’سامور‘ تي، باغ چڱا بُلغار(9)،

ڪا هيئين ڪڍ ٻوڙيجيءَ تي، ٿي’وارهن‘تي وسڪار(10)،

پر رهيا ’راهونڊڙي‘ تي، اچي ڪاهي ڌڻ ڌنار(11)،

پوڃاڙيءَ جو پٽن تي ٻهڪن ٿا ٻڪرار،

اچيو مهل اجور جي ڪن رهاڻيون ريڍار،

’جيئائــٖــي‘ ۾ ”جاڙو“  چئي،   ٿيا    گاهن    جا    گلزار(1)،

’ڪنگهل    ۽    ڪانڊير‘   تي    ڀيڄ    ڀِني    ڀڻڪار(2)،

’ڍير‘ مٿي جي ڀير ڪيائين، مهريون ٿيون موچار(3)،

پلر پاڻي ’پلنگهي‘ ۾ ٿيون ’ڦلهڏون‘ ڦُلڪار(4)،

ڪُن ڀريئين وڃي ’ڪُنريءَ‘ جا تانگها مڙئي تار،

جُلوا ٿيا هئا ’جيمس‘ تي، اُٺا ابر ڪري هي آر(5)،

ٿيون روهيون ’رام جاڳي‘ تي، اُڀ ڳڙي اَزغار(6)،

ڀاڻ ڀِنا ’ڊينگاڻ‘ تي، ٿي ’لانڍين‘ تي للهڪار،

’جهلوريءَ‘ جي جهرمر، مينهن ڪيا ملهار،

جوڪس ’جمن شاهه‘ تي ٿيون ٿاڌليون ٿڌڪار،

وري ’ويسري‘ جي سگهي لڌائين سار،

مندائتن مينهن ’ميرپور‘ تي آهن وسي ڪيا وسڪار،

ڪاهيئين ’ڪاٺڙيءَ‘ تي، اچي ٻوڏون ڪيائين ٻيهار،

هُلچُل هارين جي پئي ڪوهه مٿي ڪوڪار،

’ابوبڪر‘ ۽ ’ناريجي‘ جو ڪو تهدل هو تڪرار،

کِجيا ڪڪر ’کاڻ‘ تي، ڪري ڪڪر ڪارونڀار،

’پاٽوين‘ ۾ پينگهون ٿيون، بادل ڪيا بهار،

هاڻ ترسي ’تلا شاهه‘ جا، وسايئين ولهار،

 

لکين لشڪر شاهه وٽ، چرن پٽ پهنوار،

هاڻي رڙهي آيا ’روڏي‘ تي سالم جي سنگهار،

دوسي تي ڌڌڪار    ٿيا،    ٿي    ’چٽوڙيءَ‘   چمڪار(1)،

ڏهر ڀري ’ڏهروڙيءَ‘ جا، لڌائين ’سنڌڙي‘ جي به سنڀار (2)،

لڳي ’لائق   پير‘   کان    ’منگلان‘   ڪيئين    موچار(3)،

قادر تنهن ’ڪهروڙي‘ تي کڻي نهرون ڪيون    نروار(4)،

وسايئين    ’ولواريءَ‘   کي،    ’تڳوسر‘   ڪيائين تار(5)،

موليٰ اسان جي ملڪ تي، ڪيا آهن سهنج ستار،

هاڻي ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا، شاعر منجهه شمار!

ڪرين سدائين سنڌ سڪار، هيءُ عالم تنهنجي آسري.

 

(2)

ڪانهي مينگهواڙ جا بيت

 

الله    ربّ    راضي    ٿيو،      ڇَمر      پيا       ڇُهي(6)،

لاتئين    واءُ    واهوندو،      مٿان    ڪيئين    رُوهي(7)،

کولهڙ ماڻهن جا  ڪري    پيا،      خلق    ٿي       مئي(8)،

ڀڄي چڙهيا ڀٽن تي، سچي ڳالهه سئي،

قدرتي ڳالهه هئي، جو ڪڪ ڪيائين ڪلاڪ ۾.

 

وَسڻ پيو ٿي  وائيئي ۾،    ڀِٽون    ڪيائين    ڀيڙيون(1)،

پوک ٻڏي ويئي پاڻيءَ ۾، بحال ٿر جون کيڙيون،

’نصير واهه‘ لڳو ’لُهٽــٖــي‘ سان، ٻڏڻ لڳيون ٻيڙيون،

گَم ته ڪانه رهي ’گدام‘ جي، ڀرجي ويون سيريون(2)،

وِٺ منجهي پيئي واڻين جي، کيڻ لڳا ڦيريون(3)،

ڪريان ڳالهيون ڪهڙيون، جو سڄي سنڌ ساڙي لنگهيو.

 

گاڏي بند ٿي ’گدام‘ جي، عمر ڪانه اڙي،

چوڏهين ڏينهن ’چوراسي‘ ۾، ملڪ مينهن ڀري،

مٿيان شهر سنڌ جا، ويا ’گدام‘ جيئن ڳري،

مال دنگ درياءُ اُڪريا، ويا مرگهه سڀ مري(4)،

مُهاڻا آيا ميرپور جا، ڪونه پوي ڍوري ۾ ڍري،

مينهن ڪم ڪري، وڃي ٻڌائين سُڃ سنڌ ۾.

 

مَئو    ’مٺڙيو‘   ڪيائين،     هيڪائو       ’هر    پار(5) ‘،

واهرون ’وڄوٽاهه‘ لاتائين، ڪوهڙ سين ڪڪريار(6).

ڏيئي لاهه ’لالي‘ تي، گڏيائين ’کاريو‘ ٻي ’کهار(7)‘،

جوڙي هن ’جهنجهئر‘ کي، چوٿين ڏينهن ’چيلهار(8)‘،

يڪو آيو ’جوڙوئي‘، حڪم ٿيو ’هريار(9)‘،

ڪوهڙ هن ڪاٺي جي، ويئي ٻنيءَ کان ٻاهار(10)،

کولهڙ ڪيرايائين ’کارئي‘ جا، وڏي ڏينهن ’لوڻهيار(11)‘،

جهلي سڙڪ ’سانياسر‘ جي، پُڳو ’مٺي‘ شهار(1)،

ڪچا ٿانءَ ڪنڀارن جا، گڏي ڪيائين گار(2)،

ماٽا وڃايائين مينگهواڙن جا، موڪل ٿي ’موکار(3)‘،

پڌرو ويو ’پوسرڪي‘، ڪري ’ڪاڪ‘ مٿي هوڪار(4)،

پالوٽون ڪيائين ’پاٻوهر‘ تي، ٽوڀا ترايون تار(5)،

ڏٺي چنڊ ويو ’ڏيپلي‘، ڪانه ڪيائين نهار،

ڀريا ’ونگو‘، ’وٽ‘، ’سامروٽي‘، اُڀو، ’ڪَسُ‘، لاڙ(6)،

’گامڙيا گانءِ‘   غرق   ٿيا،   ٿي    هٽ   تاڙ   ’تلهار(7) ‘،

ٽپڙ جني جا ٽُلي ويا، پوٿيون تنهن کان ڌار،

’لُهاڻا‘ پنهنجي لڄ ۾، ڪيئن ڪن ’ڪِراڙ‘،

ڀِيل ’ڀڳا‘ ويا ’ڀُورن‘ وٽ، چي تختين متي تار(8)،

ٻُڏي ساري سنڌ ويئي، ملڪ ’ڪاٺياواڙ‘،

ڀاڄڙ پيئي ’ڀنگين‘ ۾، ڇڏي ڀڳا ٻار(9)،

’ڪولهي‘ پيا ڪانجهيٽجي، مرن ٿا لاکيڻا ’لوهار(10)‘،

آڌيءَ خبر پيئي انگريز کي، وڌائين منشين ۾ مار،

تارُو لِڪي ويا لَين ۾، ڪُٽجن پيا ڪوٽار،

نڪتا وڃي’نئين ڪوٽ‘مان، ٿي’راهمور‘۾ راڙهو راڙ(11)،

ڳاٽ اچي ڪيائون ’ڳنڍي‘ تي، ’ڍورو‘ تارو تار،

ڪير اُڪاري ٿرپار، ڪڍي سر سنڌ منجهان.

 

مَتيون مِينهن منجهائيون، بند ٿيا اوتارا،

پوکون هن ’پُراڻ‘ جون، وارث ’ماڻڪ واهه‘،

ڪاڳر آيا ’عمرڪوٽ‘ مان، ڇُٽا در درياءَ جا،

کاري مٺي جي خبر نه پيئي، پلر پاڻي ٿيا،

آنڊا رت عزيز پُٽ، ڇڏي ڀڳي ماءُ،

اُٻيڙون پاڻي   پوٺن   ۾،   ڪونه   سُڃاتو   سڳي   ڀاءُ(1)،

هَٽ جِني جا پَٽ ٿيا، ۽ ڪانه رهي اجها،

پيتيون پَيسا پاڻيءَ ۾، سُڪي وين ساهه،

تڏهن هر ڪو ڪري ”الله الله“، جو خلق ياد خدا ڪيو.

 

وسي مِينهَن ملڪ ڀريو، ڍنڍون ڪيائين ڍورا،

ڇُهي اُت ڇرڪ لائيو، منجهي پيا ٽورا،

حال مال ويو هٿن مان    جئن    گهُٻڻ    مان    ڳوڙها(2)،

مَٽي مال ’مارواڙ‘ لنگهيو، گهران نڪتا گهوڙا،

گڏ وڃي ٿيا ’گڍڙي‘ ۾، ٻيا ’سانگهڙ‘ ۾ سوڙها(3)،

پوءِ جنين لکيل هئا ڦوڙا، سي ڀاڳي ڀوڳي ويا(4).

 

لُريءَ ۾ لوڪ جون، ڀڳيون ٿي ڳئون(5)،

ڀيڙيون رهيون ڀاڻن ۾، ڪيون رائِن ٿي رنڀون(6)،

رهيو ڪُتو ڪُڪڙ ڪونه، وييون مري پَهُون(7)،

هيڪو سيءُ، ٻي بُک، جنهن کي ڏينهن لنگهي ويو ڏهون،

پوءِ نٿا صاحب! سَهون، هاڻي وچان ڪا ويل وجهه.

 

رکي دٻ درياءَ ٿي، ڇَر به ڪئي ٿي ڇيل(8)،

هن زماني جَر ريليائين، ريڙهي ڀريائين ريل،

الله    ورتو    آزمتو،    بنايائين       خلق    ۾    کيل(1)،

هڪا ڏرڙ ڪيائين ڏونگرن ۾، رنگ به ڏٺاسون هيل(2)،

ڏج الله اُٻيل، ته سَرهو ڪو ساهه کڻون(3).

 

تليون ٿيون ترايون، کيڙيون ٿيندا کيٽ(4)،

ٿوهر هن ٿر جا، ڍاريائين ناري کي نيٺ،

ڏيئي ٽاٽ ’ٽالهيءَ‘ تان، ويئي هيڪاندي هيٺ(5)،

وسهڻ کان ڳالهه وڏي ٿي، جنهن جو پندرهن پُرهه پيٽ،

ريڙهي وڃي ريٽ، سو ڍوري کي ڍاريو(6).

 

عمر ڄمار اوهان جي ۾، اهڙا وُٺا مينهن ڪڏهين؟

پهون، اُٺ، ڍڳا، مينهون، ويون مري گڏهين(7)،

سڄا بند سُونهي جا، جت لاکوترين لڏين(8)،

ڀڄن ڪيڏانهن؟ ڀيڻي ڪانهي، ات کاٻا ۽ کڏين،

ٻڌائون ڳالهه تڏهين، پر هُئن اميد اجهائن ۾.

 

بنگلا، ماڙيون، محلاتون ۽ پڻ ڪائي جا ڪوٽ،

رعيت وٽ هئا رَلڪا، پيئي ٽَڪن وارن کي ٽوٽ،

گينيون ٽڪا ٽول ويا، لک لک جا تان نوٽ،

ڪُنيون باسيائون ڪارهين جون، ڪيائون ري خرچا روٽ،

ڳاري منجهه ڳوٺ، کڻي تِريءَ مٿي تارئين.

 

ندي آئي ناري جي، پوکون ٿيون پوٺا،

هاري ڇا تي هُرلا ڪن، جن جا تَري ويا لوٽا؟

هَلاکيءَ ڇُٽي پيا هرلن جي کان، جوڙا ڪاهي ڏين جوٽا،

ڀِتيئر    چونرا   ڀُڪا   ٿيا،   باقي   وڃي   رهيا    اوٽا(1)،

وقت، مهل موٽاءِ، نه ته ٿيندو حال هرگز بڇرو.

 

لڳي دانهن ’دڙيلي‘ ۾، اَٺ مٿوڙا ’آهري(2)‘،

هڪڙو پاڻي پوٺن جو، ٻيو شاخ به ٿي سوڙهي،

ڀانيائون ڀؤ ڪونهي، ملڪ وڌائين ٻوڙي،

’ٽنگڙي‘ مڙس هئا ٽيهه ڄڻا، جن کنيا ٽول ٽجوڙي(3)،

انّ جَل الاهي هو، خرارين ليکين کوڙي،

مٿان ٻيا ٿوري، ويا ٻاجهر ٻُهاري کڻي(4).

 

ڏيئي گهُوڪو ڪيائين گهارا، اوٽا ٿيا اڱڻ(5)،

ست ئي ڏينهن ساريکو، هيڪ ٻئي مٿان مَ هَڻ(6)،

چوٽ   ۾   چِيلهي   تان     ڍَريون،      راتوتوين   رڻ(7)،

والي! وار تون وطن تي، ڌارايل ڌڻ،

چنڊ       جي    چوڏهينءَ    تي،      ٿيندا       نا  ڪڻ(8)،

گاهه گلزار ٿيا، ويڳر ٿيا وڻ،

چوي ”ڪانهو“ ڪچهريءَ ۾، تون پورا پير ڳڻ،

ڏي نه ڪو مِهڻو مڇڻ، ته نه وٺا مينهن ملڪ ۾(9).

 

غلام فقير ماڇي جا بيت

 

ساراهيان سچو ڌني، صاحب ربّ سبحان،

جنهن ڪيو پيدا محمّد مصطفيٰ، امّت جو ضمان،

ٻيو علي المرتضيٰ، جنهن ڪنبايو ڪفران،

حسن مير حسين هئا، نرگس ٻئي نيشان،

پاڪ دامن پيدا ڪيائين، فرشتا ۽ فرقان.

 

سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، عرش، زمين، آسمان،

قادر پنهنجيءَ قدرت سان، جوڙيو جڳ جهان،

بشر سارو بحال ڪري، بنايائين بستان،

مالڪ سو مهربان، حمايت ٿئي هر ڪنهن سان.

 

حمايت ٿئي هرڪنهن سان، صاحب رب ستار،

موليٰ ملڪ وسائيو، خالق خلقڻهار،

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،

اُڀــٖــي کان ٿي آئيو، وسائي ولهار،

روضي مٿان رسول جي، وڄن ڪيا وسڪار،

’شاهه نجف‘ ’شام‘ تي، قرب ڪيو ڪلتار،

ڪاهي آيو ڪربلا تي، ڇُوهي ڪيائين ڇٽڪار،

’بغداد‘ ۽ ’بصري‘ ۾، ’ايران‘ تي اظهار،

مهر ڪيائين ’مصر‘ تي، ’چين‘ ۾ چمڪار،

پورب ۾ پلٽائيو ’ڀُڄ‘ تي ڀؤتار،

’بمبئيءَ‘ ۾ برساتون، ڪيائين دهليءَ تي دلدار،

’بيڪانير‘ وسايائين، ”غلام“ چئي ’گرنار‘،

اُٿل ڪيائين ’اجمير‘ تي، بيحد بيشمار،

’جوڌپور‘ مٿي جوڙيائين، ’جيسلمير‘ جنسار،

مٿان ’ملتان‘ جي ڪيائين ڪڪر ڪارونڀار،

راضي ٿيو ’روضي ڌڻيءَ‘ تي، ڪرم سندو ڪلتار،

ڀيڄ ڀڄايائين ’ڀِٽ‘ تي، ’هالن‘ تي هر وار،

وسي وس ڪيائين، چوڏسين چوڌار،

لڌائين ’سيوهڻ‘ جي سنڀار، تڏهن عالم سڀ آباد ٿيو.

 

عالم سڀ آباد ڪري، رکيائين ’آدم‘ تي آرو،

ٽياسي ۾ ٽوڙيائين، کٽل کاسارو،

چوراسي چڱي ٿي، وڌائين پنجاسي پارو،

ڇهاسي ڇوٽڪارو، اُتر کان ٿي آئيو.

 

اُتر کان ٿي آئيو، هو ڏَهينءَ جو ڏينهن،

بي انداز بحر ٿي، مچي بيٺو مينهن،

گُڙيو  مٿان   ”غلام“   چئي،     سردي   ئي      سينءُ(1)،

گُڙڪي سو غنيءَ، ڪَتِي ڪُل ڪيرائي ويو.

 

ڪٿي ڪل ڪيرائي وئِي، اُتر واري آفت،

جنهن مال ڪئين ماريا، ڪيائين نسوري نافت،

جي رٺل ڪئين راڄ هئا، ماڻهن ڪئي محبت،

گڏ گذاريون ”غلام“ چئي، اَٿَوَ ڪاري مثل قيامت،

تنهن شڪاري شامت، هلاڪ ڪيو هڙني کي.

 

هلاڪ ڪري هڙني کي، وڌا ’رپ‘ ’راڱوڙا،

گُنديون ڪئين گرڪي ٿيون، ٻيا ڀتين ڀاڃوڙا،

هارين هلاکيون ڪيون، جام وُڙها جوڙا،

ڏاتر ڪري ڏوڙا، سڀئي کڻي سڻائي ڪئي.

 

سڀئي سڻائي ڪري، آئي وچينءَ مينهن جي وار،

مٿان وريو موڪن جي، نپٽ ٻوڙيائين نار،

سڌي صلاح سکر مان، تڪڙي آئي تار:

ڇِتي ڇَر اچي ويئي، نڪري ٿيو نروار،

کڻو مال خزانا، ڪاهيو ڌڻ ڌنار!

ٻچا وٺي ٻار، ڪاهي هلو ’ڪراچي‘ ۾.

 

ڪاهي هلو ڪراچيءَ ۾، ڪڏهن هلنداسون ڪين،

اسان جهلي اسلام جي، دامن سندي دين،

الله احسان ڪندو، ’انشاءالله‘ آمين!

اجهو اميرالمؤمنين، ڍوليو عيب ڍڪيندو.

 

ڍوليو عيب ڍڪيندو، جيسين اهي ڏينهن اچن،

کيتيون سڀ ختم ٿيون، ٻڏيون ٻاجهريون قوت ٻچن،

نازڪ پوکون ننڍڙيون، بحر کان ڪيئن بچن!

جي سير سچن، سولا طالع تن جا.

 

سولا طالع تن جا، ڪندو عالمين الله،

جيڪي وس واسيا وائڙا، تن کي ڳڻتين ٻڌو ڳاهه،

هڪڙي موج مينهن کي، ٻيو ڪري آرو درياهه،

سرنگهه پئي ’شاهو‘ کي، جنهن گهڻو ڪيو گهاءُ،

بنهن ٻيلهاڙي ٻوڙيا هئاسون، جنهن سڪايو ساهه،

ٽيو اُڀرندي کان ٿي آيو، چريو رکي چتاءُ،

پوٺا سڀ پاڻي ڪيئين، لهرين ڪيو لقاءُ،

ٻيو ’ڪوسو مرض‘ ڪاهي پيو، تپن وارو تاءُ،

ڏڪر ۽ ڏئاءُ، وڃي شل وطن مان.

 

ويندو ڪڏهن وطن  مان،  ٿيندو     ڇتيءَ  سان     آڇند(1)،

وڃي جيڪو واڻين ۾، تنهن کي ڪراڙ ڏين نه ڪنڌ،

وڃي ڪڙيا پنهنجا قابو ڪريو، بابا! هڻي بند،

سلا ساوا ٿين، تڙ نه ڪري ائين تند،

سڀڪو هاري سيٺين سان، ڏيو اچي ڏند،

صاحب رب صمد، پاري سڄي پرٿڻي.

 

پاري سڄي پرٿڻي، پر ڇِتِي نه ٿي ڇڏي(2)،

جا ويٺي هن وطن ۾، لونڊي هٿ لڏي،

ماڻهو سڄي ملڪ جا، ڇڏيائين گوندر منجهه گڏي،

تنهنکي ڪو سکر مرد سڏي، علاج ڪري اڻ هوند جو.

 

علاج اَڻ هوند جو، ڪندو اچي ڪير؟

صاحب ’نجف شاهه‘ جو، ايندو علي شير،

عام موافق ماسي جي، سيّد مثل سير،

گنج ورهائيندو ”غلام“ چئي، داتا دل دلير،

موليٰ علي مٿير، ڇڏائيندو هن ڇتيءَ کان.

 

ڇڏائيندو هن ڇتيءَ کان، پر ڪڙمي ڪريو ڪار،

راضي ٿيندو ربّ رحيم، سائينءَ جي سرڪار،

چلي ڪاهيو چيٽ کي، کيڙي خبردار،

ڪڻڪون، مٽر ڪيترا، ٻيا چڻا ڀي چوڌار،

سَرهون، ڄانڀا سوين، ڌاڻن ٻارو ٻار،

سَتاسِي سينگار، گنج ڪندي ”غلام“ چئي.

 

گنج ڪندي ”غلام“ چئي، ورندو اچي وارو،

وسندو انهي ورهيه تي، نُور هڻي نعرو،

لهي ويندو لطف سان، کپت کاپارو،

ايندو مهدي ملڪ تي، پهريائين پاڳارو،

سو سڀئي سهنج ڪندو، سيّد سوڀارو،

يار پڙهي يارو! چئجو ڪلمون راس رسول تي.


جاڙو خان پٽ جلب خان پٽ جهنڊو خان مري بلوچ، ڳوٺ نندو خان مري، لڳ ٻوٻي، تعلقي سانگهڙ جو ويٺل آهي. اندازاً 1880ع ڌاري ڄائو. سندس عمر هن وقت اٽڪل 80 سال آهي. تعليم ڪانه پرايائين. شاعري ڄڻ کيس مائٽاڻي ورثي طور ملي؛ ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي سگهڙ ۽ ڪيترن شاعرن جا راوي هئا. جاڙي خان ننڍي عمر ۾ ئي سندن ڳوٺ جي شاعر ڪرم خان جي صحبت ۾ رهي، شاعريءَ جي واٽ ورتي. زمينداري ۽ فارغ البالي سبب، جاڙي خان سير سفر گهڻو ڪيو آهي. سندس ڪلام بيتن، ڏورن، هنر ۽ ڳجهارتن تي مشتمل آهي.

* خود شاعر جي زباني ٻڌي قلمبند ڪيل.

(1) سانبيتا = سانباهو، تياري.        (2) ڪابول = ڪابل، افغانستان جي گاديءَ جو هنڌ.

(3) ڪَنڍرن = ڪڪرن.   (4) امبراسر = امرتسر.  (5) خاشا = خاصا، چڱا يا چڱي انداز ۾.   (6) ڪشناڳڙهه = هندوستان جو هڪ شهر.   (7) پالهڻپور = هندوستان جو هڪ شهر.

(1) ماڙ = مارواڙ.  (2) مالهاڻو = جيسلمير.

(3) ٽوڀري = تعلقي عمرڪوٽ ۾ هڪ ديهه. صوفين = ڳوٺ صوفي قلندر بخش، عمرڪوٽ کان الهندي طرف. (4) ڪونجيلين = عمرڪوٽ جي اُتر طرف هڪ ڳوٺ.

(5) ڀائتي = عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي وچ ۾ هڪ ڀِٽَ. راڙ = ڀائتيءَ جي ويجهو هڪ پَڊ.    (6) کاروهڙ = ناري ڍوري کان پريان هڪ ديهه. ڍليار = کاروهڙ جي ڀرسان هڪ ديهه.  

(7) پَلِي ۽ هاليپوٽا = ناري جي اُلهندي طرف ٻه هڪٻئي کي ويجها ڳوٺ.

(1)  ڪِرڙيارو  هڪ ديهه. کاهي = ٿرپارڪر ۾ هڪ ڳوٺ.   (2) سانتل = هڪ واهه. هَٿُونگو = کپري کان ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ.   (3) گهنڊيلا ۽ ڍَڍرو = کپري کان اڀرندي طرف ٻه ڳوٺ.

(4) کير هڏي = کپري کان ڏکڻ ۽ ڍڍري کان اورتي هڪ ديهه. ڪڻڇاري = کير هڏيءَ ويجهو هڪ ديهه.   (5) پَٻڻ ۽ چونرو = کپري جي الهندي طرف ٻه ڳوٺ.   (6) سرهل = پٻڻ ويجهو هڪ واهه. نهر کاڻي = سرهل واهه جي ڪپ تي هڪ ڳوٺ.   (7) لُوڻ کاڻ ۽ وڏهل = کپري جي الهندي ۾ ٻه ڳوٺ.   (8) مَئُــو = ڍوري جي اڀرندي هڪ ڳوٺ.

(9) مَور هڏي ۽ مَلهِـي = کپري کان اُتر طرف ٻه ڳوٺ.   (10) رينڀڻ = پَتڻ. سِري واري = هڪ ڳوٺ جو مُلن جو ڳوٺ به سڏجي.   (11) لاڻياري ۽ لٽڪو = تعلقي سانگهڙ ۾ ٻه ديهون.   (12) ميهڙ ڀٽ = سري واري (سرهنواري) جي اُتر ۾ هڪ ڀِٽ. لاکاٽي = سري واريءَ ويجهو هڪ ديهه. (13) مِٺا خان = ٽنڊو مِٺا خان، سانگهڙ جي اُتر ۾، ڍوري جي ڪپ تي هڪ ڳوٺ. (14) جُوارڙو = ڍوري جي الهندي هڪ ديهه.

(1) بوڇڻاهه = چوٽارين جي الهندي هڪ ديهه. چوٽاريون = بوڇڻاهه جي اڀرندي هڪ ڳوٺ.

(2) کنڀرو = تعلقي سانگهڙ جو هڪ ڳوٺ. (3) بڪار = ڍوري جي ويجهو هڪ ڳوٺ، بڪار وڏو ڳوٺ. (4) شاهپورچاڪر = سنجهوري تعلقي جو هڪ ڳوٺ. (5) کڏڙو = تعلقي ميرپورخاص جو هڪ ڳوٺ. (6) سنجهورو = ضلعي سانگهڙ جو هڪ شهر ۽ تعلقو. جهول = تعلقي سنجهوري جو هڪ ڳوٺ ۽ ريلوي اسٽيشن.

(1) سندراڻي ۽ ڪوپاڻي = سنڌ جون ٻه ذاتيون. (2) جهَـلُوجا = هڪ ذات.

(1) ٽالهاڻي = هڪ ذات. (2) سانڀر = چڙو. (3) ويء = چراگاهه، وَس. (4) ٻاڙو ۽ دريڙي = سانگهڙ کان ڏکڻ طرف ۽ ڍوري کان اولهه طرف ٻه ديهون. (5) جُهن = هڪ ديهه جو نالو ۽ هڪ ڳوٺ. ساڌڻو = هڪ ديهه. واگهيون = ٽنڊي مريءَ کان اڀرندي، ست اٺ ميل پنڌ تي هڪ ڳوٺ ۽ ديهه. پنيري = واگهين جي ڀر ۾ هڪ ديهه. (6) کوڙي = پنيريءَ ويجهو هڪ ڳوٺ. گَرهڙ = واگهين جي ڀر ۾ هڪ ديهه. (7) روهڙو = پيرون مل جي ڏکڻ ۾ هڪ ديهه. (8) سامور = پيرون مل جي ڏکڻ اڀرندي هڪ ديهه. (9) ڪَڍ ۽ ٻوڙيجي = ٻه ديهون. وارهن = کپري جي الهندي هڪ ڀٽ. (10) راهونڊڙو = وارهن کان ڏکڻ تي هڪ ديهه.

(1) جيئائو = راهونڊڙي جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي هڪ ديهه.

(2) ڪَنگهل ۽ ڪانڊير = جِيائي کان سَر ڏکڻ ۽ الهندي ڪنڊ تي ٻه ديهون. (3) ڍير = ميرپور ويجهو ”مٺي فقير جو ڍير“ مشهور آهي. (4) پلنگهو ۽ ڦلهڏيون = دوسي واهه جي ڪپ تي، سنڌڙي موريءَ جي اڀرندي، ميرپور کي ويجهو هڪٻئي کي آمهون سامهون ٻه ڳوٺ. (5) جيمس = جيمس آباد. (6) رام جاڳو = رحيم جاڳو ميرپور کان ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ. ازغار = بي انداز آزغيبي.

(1) دوسو = هڪ واهه جو نالو. چِٽوڙي = ميرپور کان اتر اڀرندي تي هڪ ڳوٺ، شهر ۽ مقام: چِٽوڙيءَ جا قبا مشهور آهن.

(2) ڏهروڙي = مٺڙائو واهه جي هڪ موريءَ جو نالو. سنڌڙي نالي به ساڳئي واهه تي هڪ موري آهي. (3) لائق پِير جو مقام ۽ قبو سنڌڙي موريءَ جي اڀرندي، رستي جي ڪپ تي آهي، جتي ميلو به لڳندو آهي. منگلان = منگلان نالي موري، لائق پِير جي اتر ۾ ساماري واهه تي آهي. (4) ڪِهروڙو = منگلان کان سَر اڀرندي هڪ ديهه جو نالو.

(5) وَلواري = ڪِهروڙي کان اڀرندي طرف هڪ ديهه جو نالو. تَڳُوسر = ساماري جي اڀرندي هڪ مشهور ڳوٺ.

سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 124.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ساماري) مان رائچند کان ملي.

(6) ڇَمر = ڪڪر. ڇُهي پيا = وسِي پيا.

(7) واهوندو = اولهه جي هوا.

(8) کولهڙ = ڪکايون جهوپڙيون.

(1) وائيئو = ٽپڻي موجب نکشتر. (2) گَم = خبر، سُڌ. سيريون = گهٽيون. (3) کِيَڻ = کائڻ. (4) مرگهه = هَرڻ. (5) مَئو = جُلهه. مٺڙيو، هرپار = ٿر جا ٻه ڳوٺ. (6) وڄوٽهه = ٿر جو هڪ ڳوٺ. ڪوهڙ = کوهه تي کوڙيل ڪاٺيون. (7) کاريو، کهار = ٿر جا ٻه ڳوٺ. (8) جهنجهئر، چيلهار = ٿر جا ٻه ڳوٺ. (9) جوڙوئو، هريار = ٿر جا ٻه ڳوٺ. (10) ڪائو = ٻنيءَ جو نالو. (11) کاريو، لوڻهيار = ٿر جا ڳوٺ.

(1)  سانياسر، مٺِي = ٿر جا ڳوٺ. شَهار = شهر. (2) گار = گارو. (3) موکار = ٿر جو هڪ ڳوٺ. (4) پوسرڪو، ڪاڪ = ٿر جا ٻه ڳوٺ. (5) پالوٽ = پلٽڻ: گهڻو وسڻ. پاٻوهر = ٿر جي هڪ ڳوٺ جو نالو. (6) ونگو، وٽ، سامروٽي = ٿر جا مختلف ٽي حصا. ڪس، لاڙ = سنڌ جا حصا. (7) گامڙيا گانءَ = ننڍا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ. (8) ڀُورا = انگريز. (9) ڀاڄُڙ = ڀاڄ. (10) ڪانجهيٽجڻ = تمام ڪڪ ۽ ششدر ٿي پون، سخت پريشان ٿيڻ. (11) راهمور = هڪ ڳوٺ جو نالو. راڙهو راڙ = رڙو رڙ، روڄ راڙو.

(1) اُٻيڙون = انساني قد کان وڌيڪ، اونهون. (2) گهُٻڻ = کانڀاڻي. (3) گڍڙو = هڪ ڳوٺ جو نالو. (4) ڦوڙا = زخم، ڦٽ، تڪليف.

(5) لُري = سانده جُهڙ ۽ هوا لڳڻ جي حالت. (6) رائن = ڍڳين جو هڪ قسم. (7) پَهون = ٻڪريون. (8) ڇَر = گهڻو پاڻي.

(1) آزمتو = آزمودو. (2) ڏَرڙ = گهارو. هيل = هن سال. (3) اُٻيل = ساهي، وِڇوٽي.

(4) تليون = ڀٽن جي وچ وارو ڀاڱو. (5) ٽالهي = ٿر جو هڪ ڳوٺ (اتي هڪ ڀٽ ڦاٽي هئي). (6) ريٽ = رؤ. (7) گڏهين = گڏهه. (8) لاکوترين = لکين.

(1) ڀِتيئر = ڀٽين سان ٺاهيل (چونرا). ڀڪا ٿيا = ڀڄي ڀور ٿيا. (2) آهري = هڪ ڳوٺ جو نالو. (3) ٽنگڙي = هڪ ذات: (آهري ۾ ٽنگڙين هڪ واڻئي جي ٽجوڙي کنئي هئي).

(4) ٿورِي = هڪ ذات، ڀِيلَ. (5) گهوڪو = آواز. (6) ساريکو = لاڳيتو، مسلسل.

(7) چوٽ = ڊوڙ. چيلهو = ريلوي رستو. راتوتيون = رات وچ ۾.

(8) ڪڻ = داڻا، اَن. (9) مڇڻ = متان.

هيءَ روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي کان ملي.

* غلام فقير ذات ميربحر، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر ساٺيڪو سال کن آهي، انهي حساب سان سندس جنم 1318هه/ 1900ع ۾ ٿيو هوندو. طبيعت جو سادو ۽ کلمک انسان آهي. سندس ڪلام ٿورو آهي پر چڱو آهي ۽ اڪثر بيت ڏٺ تي چيل اٿس.

(1) سينءُ = سيءُ.

(1) آڇند = واسطو. (2) ڇتي = اڻ هوند.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org