*
ڪُٺا رات ڪَلالَ،
ميڙو ناهي مَڌُّ تي
رات نه پاکَر پيار جيِ
چَنڊُ نه ڪنهن جِي ڍالَ!
ميڙو ناهي مَڌُّ تي
پيِئَڻ کي پَوَّڻو ڪَيو
جيِئَڻ جي جنجالَ،
ميڙو ناهي مَڌُّ تي
مَٿان مَٽّن هَٿّڙا
سيڪيٖ
ٿيا سالَ،
ميڙو ناهي مَڌُّ تي
وَرنهَه وِلَّهه وهاٽيا
موڙُها مائيءَ لالَ،
ميڙو ناهي مَڌُّ تي
ٻَهه ٻَهه ڪَن ٿا ٻاٽَ ۾
هاڻي چورَ چَنڊالَ،
ميڙو ناهي مَڌُّ تي
*
*
ڀينَرُ! ڪهڙو ڀَتُّ؟
چَنڊَ رڪيبيءَ رَتُّ
مون کي گيتُ نه آئُڙي
راوَڻ جهڙيءَ رات ۾
ڪنهن کي سِيتا سَتُّ؟
مون کي گيتُ نه آئُڙي
ڪهڙو ڪِينَر کي ڏيان
آڌيءَ جو آٿَتُّ؟
مون کي گيتُ نه آئُڙي
ڀڙڪايان ڪنهن باهه سان
پنهنجو تاروُنءَ تَتُّ!
مون کي گيتُ نه آئُڙي
*
*
ناهي موتُ مَياَر
ووءِ ميان، وو، وو ميان!
صليبن جي سامُهوُن
ڪيڏيِ آهه قطارَ!
ووءِ ميان، وو، وو ميان!
لُريءَ ۾ لڙڪن پيا
ڪَنڌَ نِوايل يار
ووءِ ميان، وو، وو ميان!
آهن اَڌَّ ڦُلارَ ۾
ڪيڏا ڪپيل ڏارَ!
ووءِ ميان، وو، وو ميان!
لالُ لهوءَ ۾ لَوندڙيون
ڪيڏا ڪيِرَ ڪَپارَ!
ووءِ ميان، وو، وو ميان!
اُگهو ميان اکيون
پوي جئن نه پچارَ!
ووءِ ميان، وو، وو ميان!
سانڀي رکو ساهَه ۾
پنهنجا قولَ قَرارَ!
ووءِ ميان، وو، وو ميان!
*
*
ڪارونجهر تي ڪارِي راتِ-
اونداهو آڪاسُ مٿان، ڪنهن تاري ناهي تات!
ڪائِي پَکَّ پُڪار نه آئيِ، لُنءَ لُنءَ ڳولي لات!
ڪالهه ڏٺاسين ڏِيئا ڏِيئا، مورَ ٿيا جي ماتِ.
شالَ ورِي ڪا ڪوُڪَ ڪٽاريِ، چيريٖ
چُپِّ چُپات!
*
(وڌيڪ پڙهو) |