سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 10

 

 

مَکـٖـي ڇارَ ڇَتَن

جِيجان تن جتن

ساريان پئي سِڪَّ کي

او شل! اچن اوچتو

وارٖي واڳَ وطن،

جِيجان تن جَتن

ساريان پئي سِڪَّ کي

ڏوُنگر مَنجهه ڏکوئيو

ڏاڍو ڏينهَن تَتن،

جِيجان تن جَتن

ساريان پئي سِڪَّ کي

ڀِٽُن ۾ ڀٽڪائيو

تَن جي پارَ پَتن،

جِيجان تن جَتن

ساريان پئي سِڪَّ کي

تانگهَه اُنهن جي تانگهيان

تاتِ اُنهن جي تَن،

جِيجان تن جَتن

ساريان پئي سِڪَّ کي

*

 

 

*

جيڏيون شال جِيَن

پرديسي پانڌيئڙا!

سونارن جئن سَنڌيو، روحَن ريـٖـهُه ڏِينَ،

پرديسي پانڌيئڙا!

اکيون جن لئه آليون ڪَيو جُهڙَّ جِهمنَ،

پرديسي پانڌيئڙا!

اکيون اُتِّ اُڪنڍيون جن جي سوُنهن سِڪن،

پرديسي پانڌيئڙا!

منئوُن مُور نه وسريا، سهسين سالَ ٿِينَ،

پرديسي پانڌيئڙا!

ڪُهه ڄاڻان ايندا ڪڏهن وارٖي واڳَ وَطن،

پرديسي پانڌيئڙا!

ڪهه ڄاڻان ڪَنهن رُتِّ ۾ مون سان ميڙو ڪَن

پرديسي پانڌيئڙا!

 

*

 

 

*

تُون ته وسين ٻي پارَ، موُن

ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

ڀِڪّوُن سامهون سيِر جي

ڀَڄن ڪونه ڀتارَ، موُن

ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

پرکين ٿو مون کي ميان

ويهي پاڻ پَرارَ! مُون

ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

روز جُکائن جيءَ کي

واڳيتيل وِيچارَ، مُون

ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

اُڀُّ ڪَپي اوڙاهه جا

ٻُرَن ڪُنَّ ڪَپارَ، مُون

ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

ڌار به هوندي، آنهه تون

مون کان موُر نه ڌارَ، موُن

ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان

 

*

 

 

*

آءٌ سدا ٻي پارِ!

سُهڻيءَ سوچيو سيِرَ ۾

ڄُلِي ڄاڃي آئيا- ها، پَر ڪيرَ ڪُنوارِ!

سُهڻيءَ سوچيو سيِرَ ۾

لِکِي مُنهنجي ليکَ ۾ آهي لوڪَ ميار،

سُهڻيءَ سوچيو سيِرَ ۾

ڪُنَّ ڪَپينديِ ڪيرَ ٻِي، اونو ڪنهن اورارِ؟

سُهڻيءَ سوچيو سيِرَ ۾

وَرَ وريتيون ڪيتريون ڪاڪا تَرٖي تارِ،

سُهڻيءَ سوچيو سيِرَ ۾

تُون ئي مُنهنجو آجپو، مان ئي تو آڌار،

سُهڻيءَ سوچيو سيِرَ ۾

 

*

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org