نيٺ ته بادل برسيا ٻُورَ- جهليا ٻُوهَن،
وٺا مينهن ملير تي
ڪيڏو ڪاريءَ اُسَّ ۾ لهسايو لُوهَن!
وٺا مينهن ملير تي
ڪيڏا وَرٿ ڇِڪائيا کانيَن کان کُوهَن!
وٺا مينهن ملير تي
شال سدائين سرتيون ساوڪ ۾ سُونهَن!
وٺا مينهن ملير تي
*
*
ڇَن ڇَن ڪَن ٿا ڇَنَّ
پايل پايل پَنَّ،
اُٺو مينهن اگُوندرو
پلر جي پالوٽ مان
ڌوتا مارن مَنَّ،
اُٺو مينهن اگُوندرو
مُڇّن مُرڪ ملير جي
ڪَڇّن ڳاڙها ڳَنَّ
اُٺو مينهن اگُوندرو
لڄّن لويون لاک سان
ڇَڄّن اڇّا اَنَّ
اُٺو مينهن اگُوندرو
گهَڙا چائي چيلهه تي
تاڻيا تن جا تَنَّ،
اُٺو مينهن اگُوندرو
ڪيڏو مَن کي ڀانئيا
ساجُهر سانجهيءَ وَنَّ!
اُٺو مينهن اگُوندرو
*
*
وڄون وجهي ورّ
ڪُڻسن منجهه ڪڪرَّ،
بوند نه وسـٖـي
بُٺَّ تي
گولاڙن ۾ گلڙا
ايندا، ڪنهن کي ڪَرَّ!
بوند نه وسـٖـي
بُٺَّ تي
واجهه وجهي ٿي اُڀ ڏي
وَر وَر تتي ڌَرَّ،
بوند نه وسـٖـي
بُٺَّ تي
سُنَّ سنيها ڪيترا
پارِ نه اُڏرن پَرَّ،
بوند نه وسـٖـي
بُٺَّ تي
سڄڻ! سانوڻ ساءِ اچ
پَسُ هِي پَٽ پڌَرَّ!
بوند نه وسـٖـي
بُٺَّ تي
*
*
اکيون اکين ساڻُ
ڳالهائن ٿيون ڳجهه ۾.
ساجن سونهن ورونهن
جو ناهي ڳڻن ڳاڻُ.
ساجنُ روپَ سروپَ ۾ ڀلايُن جو ڀاڻُ.
ڇڪي ويو ڇوهه سان مننَ کي مهراڻُ.
ڀُرندڙ ڀڪون سيِر ۾ ڇوليون اُڀَّ اُماڻُ
پائي ڳَلِّ ڳراٽڙيون پاڻَ سڃاتو پاڻُ.
*
*
آرَ اُڪاري ڪيرُ!
نه ڪنهن ناوَ نه ترهو.
گهور گهٽائون گهاٽ تي پو به نه
پُٺ تي پيرُ.
ڪــيــڏو ڪـــارونــڀـــار آ ڪيڏو
واڳن ويرُ.
گهوريان جيئڻ ڏينـهـڙا ساجن سنگُ متيرُ.
*
*
رتا مولهه مَٿَن،
پانڌي مَٿّ پَٿَن-
ڏسندي لهندم ڏکڙا!
رڳو جيءُ جَلائيو
ور ور جوٺِ- جَٿَن-
ڏاگها ڏور، ڏهاڳڻيون
ساڳيو مَرمُ نَٿَن-
سرتيون سج اُڀار سان
اچڻو نيٺ اَٿَن-
ڏسندي لهندم ڏکڙا!
*
*
ٻڌيءَ تِٿِ نه اچ، لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
ڪاريون راتيون ڪسوٽيون،پل پل ڪوڙو ڪچ،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
جهانجهر آڇي مون چَوَن، نيچ نگر ۾ نچ،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
جيئڻُ جهيڻي باهڙي، مَچُ نه ساڳيو مچ،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
ڪوڙَ پسارو جندڙي، ساجن تون ئي سچ،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
*
(وڌيڪ پڙهو) |