*
او شل هوت اچن
اکيون جن جي آسري!
هو جي ڳاڙهيون لونگيون ڪلهن مٿي ڪن،
اکيون جن جي آسري!
جن لئه منهنجا ٻول جئن گربيون ساڻ گلن،
اکيون جن جي آسري!
جن وٽ منهنجون ڳالهڙيون جئن ڦُل ڦاڳ ڦُلن،
اکيون جن جي آسري!
جن سان منهنجو نينهن جئن سانوڻَ مينهنَ وسن،
اکيون جن جي آسري!
ڊاهي سارا ڊوهَه شل مون وٽ ڊاٻو ڪن،
اکيون جن جي آسري!
*
*
تنهنجيءَ جوڙ جهلڪ
موهن، مون من موهيو.
مون ۾ ور ور وسوسا، پيارَ نه ڪائي پَڪَّ-
موهن، مون من موهيو.
مون مَنُ ڪامهه ويڙهيو، ٻاهر جهولا جهَڪَّ-
موهن، مون من موهيو.
پٽ پٽيهر ٿي ويا مون لئه ترڇا لَڪَّ-
موهن، مون من موهيو.
ڏک به ڏاڙهونءَ گُلڙا، ڌڪَّ به ڪهڙا ڌَڪَّ!
موهن، مون من موهيو.
مون ۾ سڀ کان اڳّ ۾، تنهنجي مينهن مَهڪ-
موهن، مون من موهيو.
او شل، اچين اوچتو، واريءَ ڦُلن اَڪَّ!
موهن، مون من موهيو.
صدين سان سَرچي وڃي مَنهنجو پَلُّ پلَڪَ-
موهن، مون من موهيو.
*
*
اُڏر، اڙي او ڪانگ
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين؟
تون ڇا ڄاڻين بانورا، اڄڪلهه سڄڻ سانگ!
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!
سُرمو سُڪو اکڙئين، مُگرا سُڪا مانگَ،
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!
رڻ ۾ روجهه ڇُپي ويا، ڏيئي ڇوهه ڇلانگ،
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!
آءٌ به پوان آهلي، سُڻِي سانجهيءَ بانگ،
نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين!
*
*
ڀُنءِ ڀاري، گهَرُ ڏوُر،
ڪَرها اَرها پنڌ ۾
مون کي منهنجي جيئري ملڻو ناهين مُور-
پوءِ به ڦُلن ڇانو آ پرين تنهنجو پُور-
لُنءَ ۾ مون نه لکائيو تَتـٖـي
ڏينهَن تنورُ-
شال نه لِڱي لَنوَ ٿئي، لِڱ ته ٿيا چورُ-
ڀُنءِ ڀاري گهَرُ ڏُور!
*
*
کلَّ کٿوري جيئن
سُرهيون ساجن ڳالهڙيون.
ڪنول ڪارونڀار ۾ اکيون اکين سِيئَن،
سُرهيون ساجن ڳالهڙيون.
وڳا سُرَّ سرير ۾ اڳ نه ڪڏهن ايئَن،
سُرهيون ساجن ڳالهڙيون.
جئن ڪي ڪَرڪن ڪونجڙيون تَنَّ تنوارون تيئَن،
سُرهيون ساجن ڳالهڙيون.
جنهن مون جيءُ سُواسيو تنهن بن ڪندسَ ڪيئَن!
سُرهيون ساجن ڳالهڙيون.
*
*
ڪَڪَر جهڙُ ڪارو
ليـٖـڙا
ماندا لُڪ ۾.
اکين کان اوجهل ٿيو پنهونءَ پنارو.
ڪَهندي اڄ مون سوچيو ڪَهڙو ڪاهيارو!
’لَڪن لڙڪان ڪيترو، اوڙهي انڌارو‘!
’نه مون لاٽ للاٽ ۾، نه تون ڪو تارو.‘
*
|